حافظ محمد بخش خاصخيلي
سنڌ جو انقلابي استاد
غلام نبي بهراڻي
انسان جڏهن ارتقا جا
مرحلا طئه ڪري، شعور جي آخري سطح تي پهچندو آهي ته شاهه عنايت شهيد، لينن، ڪارل مارڪس
ٿي پوندو آهي.
هن شعوري سطح تي انسان
ٻين لاءِ جيئڻ جي سگهه رکندڙ هجي ٿو. ”حافظ محمد بخش خاصخيلي وڏو صاحب“ جي سڃاڻپ رکندڙ
تعليم کاتي ۾ Beat Officers جي حيثيت سان ڪم ڪندڙ، شاهه جي رسالي جو حافظ ۽ پارکو
هو. منهنجي ٻاروتڻ واري دور ۾، جڏهن شعور ۽ عقل جي سطح تي مون کي نه ڇهيو هو. پهرئين
کان پنجين ڪلاس تائين ”حافظ محمد بخش خاصخيلي“ کي مان ”وڏو صاحب“ جي حيثيت سان سڃاڻندو
هوس. قد آور شخصيت، وار ڪلهن تائين، هڪ جادوئي Personality رکندڙ هو. ڳوٺ جي بزرگن کي تعليم جي واڌ ويجهه جون ترغيبون ڏيندڙ، هي رعبدار
شخصيت، سڀني جي وچ ۾ الڳ ٿلڳ حيثيت رکندڙ هو. منهنجي هاءِ اسڪول نوان جتوئي ۾، مڊل
تعليم دوران مان کيس شاعر جي حيثيت سان سڃاڻڻ لڳو هوس.
