عرفان علي
چنا
سنڌ جي منظرن
کي رنگن ۾ قيد ڪندڙ
ساجد چانڊيو
هو آرٽسٽ آهي، تڏهن
ئي هن جي دل ۾ سنڌوءَ جون چلولايون ۽ شڪارپور جي چيڪي مٽيءَ جي خوشبو سمايل آهي. جيتوڻيڪ
هن جي عمر اڃا ايتري به ناهي جو هو برش کي پنهنجي پتڪڙين آڱرين ۾ جهلي ڪمالگيريءَ سان
هلائڻ جا گـُر ڄاڻندو هجي. پر هُن جي هٿن ۾ تصويرن ۾ جان وجهڻ جو عجيب جادو سمايل آهي.
هن جي عمر پنهنجي هڪ جيڏن سان راند روند ڪرڻ جي آهي پر هو پنهنجي هڪ جيڏن سان راند
رچڻ بجاءِ رنگن سان راند ڪرڻ چاهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو هن ننڍڙي عمر ۽ مختصر عرصي
۾ فطرت جي منظرن کي خوبصورت نموني چٽي سگهڻ جي مهارت رکي ٿو.