مظهر
الدين ميمڻ
محمد اياز ميمڻ
روز مرن پيا اهڙا ماڻهو، سچن هيرن جهڙا ماڻهو،
ملهه ناهي جن جو ڪو ئي، اڻ لڀ آهن اهڙا ماڻهو،
مظهرالدين ميمڻ موري شهر جي واپاري خاندان سيٺ محمد رمضان ميمڻ جي گهر
۾ ۲۴ آڪٽوبر
۱۹۴۶ع ۾ ڄائو. مظهرالدين پرائمريءَ جي تعليم احمد شاهه
اسڪول مان حاصل ڪئي. ۱۹۶۶ع ۾ مئٽرڪ سائنس سيڪنڊ ڊويزن
۾ هاءِ اسڪول موري مان پاس ڪئي. ۱۹۷۰ع
۾ سنڌ يونيورٽيءَ مان ايم ايس سي فزڪس جي سند ورتي ۽ ۱۹۸۰ع ۾ ٽيڪنيڪل ايڊوڪيشن ۾ ڊپلوما گورنمينٽ ٽيڪنيڪل ڪاليج سائيٽ ڪراچيءَ
مان حاصل ڪئي ۽ انهيءَ ئي ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ هن ۲۶ (ڇويهه) سال استاد جي حيثيت ۾ گذاريا. شيخ اياز جڏهن ون يونٽ جي قهري
ڪوٽ، ايوبي آمريت ۽ سنڌيت سان ٿيندڙ ويساهه گهاتين خلاف قومي شاعريءَ ذريعي شعور ڏنو
۽ سنڌ جي نئين نسل ڏانهن نهاريندي صدا هنئي ته تون ئي جواب صدين جي سوال جو ”ڳاڙها
ڳڀرو سنڌ جا، تون ئي منهنجو خواب،“ مورو سنڌ جي شاگرد تحريڪ جو مرڪز هو. ون يونٽ خلاف
وڏا مظاهرا جلسا جلوس هڙتالون به موري ۾ ٿيندا هئا. جنهن ۾ سڄي سنڌ کان ڪارڪن شرڪت
ڪندا هئا. مظهرالدين ميمڻ به هڪ ڪارڪن جي حيثيت ۾ پنهنجي سياسي زندگيءَ جي شروعات ڪئي.
مظهرالدين ميمڻ سنڌ جي انهن حالتن جي پيداوار هو. جنهن سنڌ جي پڙهيل لکيل اديبن، شاعرن،
دانشورن سان گڏوگڏ هارين ۽ مزدورن به ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. آخرڪار
ون يونٽ به ٽٽو ۽ سنڌ هڪ دفعو وري آهستي آهستي ظاهر ٿيڻ لڳي.