; سنڌي شخصيتون: ڪرشن، کٽواڻي، ناميارو، ڪهاڻيڪار، رومانس، پڄاڻي، رکيل، مورائي،
Showing posts with label ڪرشن، کٽواڻي، ناميارو، ڪهاڻيڪار، رومانس، پڄاڻي، رکيل، مورائي،. Show all posts
Showing posts with label ڪرشن، کٽواڻي، ناميارو، ڪهاڻيڪار، رومانس، پڄاڻي، رکيل، مورائي،. Show all posts

21 October, 2014

ڪرشن کٽواڻي - رکيل مورائي

ڪرشن کٽواڻي
ناميارو ڪهاڻيڪار - هڪ رومانس جي پڄاڻي
رکيل مورائي
اها منهنجي زندگيءَ جي ڪيترين اجاين گذاريل شامن ۾ هڪ نهايت سجائي گذاريل شام هئي. جيڪا مون انڊور ۾ اجهو اڏي ويٺل، ساهتي پرڳڻي جي هڪ ننڍڙي شهر ٺارو شاھ ۾ ستين جولاءِ اوڻيهه سؤ ستاويهه عيسويءَ تي جنم ورتل، سنڌي ڪهاڻيءَ کي رومانوي/ اشتراڪي رخ ڏيندڙ ڪهاڻيڪار ڪرشن کٽواڻي سان ڪچهري ڪري رهيو هوس.