رسول ميمڻ
هڪ عظيم دانشور جو وڇوڙو!
ليکراج ميگھواڙ
هوُ جيڪو سوچ فِڪر علم ادب ۽
تنقيدي نِگاھه جو پيروڪار هو. هو جيڪو ننڊ ۽ آرام ۾ سائنسي فلسفي جي ذرڙن کي ميڙيندي
جاچيندي پروڙيندي انهن نتيجن کي جڏھن ڪاغذ جي سيني تي ڪارن نيرن ۽ ساين اکرن سان
لکي ڏسندو هو ته هُو وشال ڪائنات جي انهن پيچيده پيچرن تي هلڻ شروع ڪندو هو! هو اهڙي
ئي تفڪر کي روحُ جي غذا ۽ حياتي جي بقاءَ جو گيان پيو سمجهندو هو ۽ ڳوليندو به هو.
هو هميشه اهو چوندو هو ته “زندگيءَ جي حسن جو جوهرَ جستجو تڙپ ۽ جدوجهد ۾ ڦٽو ڪيل
آھي!” اُھو شخص اُھو دانشور اُھو ماڻھو اڄ اسان کان جسماني طور جدا ٿيو آھي. جنهن
لکيو هو ته؛
موت انڌو آهي، جيڪر اهو تنهنجو
چهرو ڏسي ته زندگيءَ تي عاشق ٿي پئي. موت بي رحم بادشاھه آهي جنهن جي درٻار ۾ مھلت
ڪنهن به ڪرسيءَ تي ويٺل نه آھي موت ٻوڙو سردار آهي جنھن تي آهُنِ جو ڪو اثر نه
آهي، موت انڌو فقير آهي! جيڪو بنا تفريق سڀني جي در تي سَينَ هڻي ٿو.