ڄام خان سندراڻي
سنڌ ۾ تعليم جو رابن هڊ
شازيه حسن
جڏهن ڪچي جي علائقي جي ڪنهن گهر يا ٻوڏ واري پاڻيءَ جي سرحدن تي گهوٽڪيءَ
جو ڪو ٻار اسڪول وڃڻ کان انڪار ڪندو هجي يا بيماريءَ جو بهانو ڪندو هُجي ته اُن کي
پيءُ ماءُ اهوئي چوندا آهن ته ”اسڪول وڃ پُٽڙا نه ته ڌاڙيل ڄام خان سندراڻي ايندو
۽ توکي پاڻ وٺي ويندو.“
جيڪڏهن ٻارن کي اسڪول ۾ ڪو مسئلو آهي ته ڄام خان اُن جي حل کي يقيني بڻائيندو
آهي. جيڪڏهن ٽرانسپورٽ جو مسئلو هوندو ته ڄام خان ٻارن جي گهرن ٻاهران پنهنجي موٽر
سائيڪل بيهاري اُنهن جو انتظار ڪندو آهي ته جيئن اُنهن کي اسڪول پهچائي سگهي ۽ هو پاڻ
ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندو آهي ته جيئن ڪو به ٻار اسڪول کان محروم نه ٿي سگهي.