مير علي بخش ٽالپر
جنھن جهڙو اڄ ڳوٺن ۾ به ڪونهي!
روچي رام
اڄ اسانجي اوسر ۽ اڳتي وڌڻ جا رستا بند ٿي ويا آهن. پاڪستان بند گلي
۾ اچي جامد ٿي ويو آهي. ان وقت مونکي پنهنجو پيارو دوست ۽ ساٿي مير علي بخش ٽالپر گهڻو
ياد ٿو اچي. جيتوڻيڪ هو سنڌ جي اڳوڻي ميرپورخاص جي خطي جي حڪمران ۽ بهادر شخص مير شير
محمد خان ٽالپر جي خاندان جو فرد هو پوءِ به هن دور ۾ مير علي بخش وڏو انقلابي هو. هن جو ايوب دور
۾ بلوچستان جي تحريڪ ۾ وڏو هٿ هو. هو سنڌ جي عوامي تحريڪ جي بانين محترم رسول بخش پليجو
۽ محترم فاضل راهو سان گڏ بنياد رکڻ ۾ شامل هو.