; سنڌي شخصيتون: مير علي بخش ٽالپر - روچي رام

24 December, 2014

مير علي بخش ٽالپر - روچي رام

مير علي بخش ٽالپر
جنھن جهڙو اڄ ڳوٺن ۾ به ڪونهي!
روچي رام
اڄ اسانجي اوسر ۽ اڳتي وڌڻ جا رستا بند ٿي ويا آهن. پاڪستان بند گلي ۾ اچي جامد ٿي ويو آهي. ان وقت مونکي پنهنجو پيارو دوست ۽ ساٿي مير علي بخش ٽالپر گهڻو ياد ٿو اچي. جيتوڻيڪ هو سنڌ جي اڳوڻي ميرپورخاص جي خطي جي حڪمران ۽ بهادر شخص مير شير محمد خان ٽالپر جي خاندان جو فرد هو پوءِ به هن دور  ۾ مير علي بخش وڏو انقلابي هو. هن جو ايوب دور ۾ بلوچستان جي تحريڪ ۾ وڏو هٿ هو. هو سنڌ جي عوامي تحريڪ جي بانين محترم رسول بخش پليجو ۽ محترم فاضل راهو سان گڏ بنياد رکڻ ۾ شامل هو.


تاريخ ۾ مير شير محمد خان ٽالپر ”شير سنڌ“ طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو، هن انگريزن خلاف حيدرآباد جي ٽالپر حڪمران جي فيبروري 1843ع ۾ مياڻي جي جنگ جي شڪست کانپوءِ پنهنجو لشڪر وٺي 15 مارچ 1843ع تي حيدرآباد تي حملو ڪري انگريزن جي جنرل چارلس نيپئر ۽  سندس لشڪر سان، جن وٽ توب خانو به هو، حيدرآباد لڳ ناريجن جي ڳوٺ دٻي وٽ جنگ لڙي جنهن ۾ انگريز جنرلن به مير شير محمد ۽ سندس جنرل هوش محمد شيدي جي بهادري ۽ شجاعت جي تعريف ڪئي آهي. خود انگريزن جنرل هوش محمد جي شهادت بعد کيس فوجي اعزاز سان حيدرآباد جي قلعي ۾ دفن ڪيو هو. انهيءَ جنگ هارائڻ کانپوءِ هو ميدانِ جنگ مان روانو ٿي بلوچستان طرف هليو ويو، جتان هن قلات جي خان، افغانستان جي اميرن ۽ ايران کان مدد جي گهر ڪئي ۽ باوجود انگريز جي ڪوشش جي گرفتار ٿي ڪين سگهيو. اهو ته تاريخي طور رڪارڊ ٿيل مواد آهي. انهيءَ ”شير سنڌ“ مير شير محمد خان جنگ ۾ حملي جون تياريون ڪندڙ هئو، سندس فرزند مير امام بخش خان ٽالپر هو، جنهنجو فرزند نواب مير حاجي الله داد خان ٽالپر هو جنهن جو فرزند اسانجو ساٿي مير علي بخش خان ٽالپر هو.
دٻي جي جنگ بعد ڪجهه معرقا مير شير محمد ۽ سندس پٽن مير فتح خان ۽ ٻين شهدادپور لڳ ڪيا پر آخر ۾ هن لاهور ۾ سِکَ درٻار وٽ ڊاٻو ڪيو. جتان ستن سالن بعد انگريزن مير شير محمد سان صلح ڪيو ۽ هو واپس ميرپور خاص آيو. مير امام بخش کانسواءِ شير سنڌ کي ٻيا ٻه پٽ مير فتح خان ٽالپر ۽ مير نبي بخش خان به هئا. جن جو اولاد اڃا ميرپور خاص ۾ رهندڙ آهي.
انهيءَ شاهي گهراڻي جو فرد اسانجو مير علي بخش خان وڏو انقلابي ۽ جديد سياسي علم جو ماهر هو. پيپلزپارٽي جي 1970ع واري اليڪشن ۾ سنڌ جي معروف سياستدان ۽ خانبهادر کُهڙي جي ساٿي خانبهادر غلام محمد وساڻ کي شڪست، هڪ تمام وڏو تاريخي واقعو ٿي گذريو آهي. آئون جڏهن 1940ع جي ڏهاڪي ۾ مٺيءَ جي هاءِ اسڪول جو شاگرد هوس. مير علي بخش ميرپور خاص جي مدرسي هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هو. جتي جو هيڊ ماستر مسٽر عثمان علي انصاري ايم اي(لنڊن) هو، ڪجهه وقت کانپوءِ علي بخش جي هاءِ اسڪول جي دور ۾ ئي سنڌ جي تعليم جو عالم ۽ تعليمي ماهر ۽ تاريخي شخصيت محترم علامه علي خان ابڙو ( جمال ابڙو جو والد) به هيڊ ماستر هو. جنهن جي شرافت، علم دوستي ۽ غريب پروري جو مير علي بخش تي وڏو اثر پيو. انهيءَ دور ۾ ئي علي بخش نوابزادي ۽ اميرزادي مان مٽجي عوامي علي بخش غريبن ۽ هارين جو دوست علي بخش ٿي نڪتو.
مير علي بخش جي والد نواب حاجي مير الهه داد خان ٽالپر گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميرپور خاص جي هيڊ ماستر محترم علي خان ابڙي جي وڏي تاريخي دعوت ڪئي. ان جو عام ذڪر آهي ته ان دعوت ۾ ڊنر جي ٽيبل تي جتي علي خان ابڙو، نواب مير الهداد خود،  مير علي بخش ۽ ٻيا وڏا ڪامورا ۽ معزز ويٺل هئا. اتي زير زمين تيار ڪيل پچايل ۽ رڌيل سڄي جو سڄو ٻڪرُ،کل ڍڪيل، سسي لٽڪيل به بيهاريل رکيل هو. علي خان ابڙو نيڪ رحمدل ۽ عدم تشدد جو قائل هو. مير علي بخش ڳالهه ڪندو هو ته انهيءَ ساري لڪايل ڍڪيل جانور کي ڏسي محترم استاد علي خان ابڙي ناپسنديدگي جو اظهار ڪيو، نه ئي هو اهڙي اهتمام کي پسند ڪندو هو. اهو ٺاٺ وڏ گهراڻي نواب الله داد طرفان استاد علي خان ابڙو جي احترام ۾ ڪيل هو. انهيءَ خانداني ۽ شاهي ماحول ۾ به استاد جي عزت علي بخش جي والد جي طرفان علي بخش جي تربيت جو حصو هئي. ان زماني ۾ سنڌ جو امير به علم، تعظيم، تربيت ۽ اخلاق جو قائل هو.
نوابزادي مير علي بخش جا ٻه وڏا ڀائر هئا. علي بخش ننڍو هو ته سندس ماءُ وفات ڪري ويئي ۽ نواب الله داد ننڍڙ ي پٽ سان خاص اُنس رکندڙ هو. جيستائين مير علي بخش ڪاليج جي تعليم پوري ڪري بالغ نه ٿيو، نواب صاحب ٻي شادي ڪانه ڪئي. جيئن سندس پٽ جي تعليم ۽ نفسياتي تعليم نه بگڙي. ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچي مان علي بخش بي اي پاس ڪئي ۽ پوءِ هن جو خيال انگلينڊ وڌيڪ تعليم لاءِ وڃڻ هو، پر نواب صاحب کي پٽ جي جدائي پسند ڪين ڪئي پر علي بخش يورپ جو تفصيلي دورو ڪيو. هن اڪثر سئٽزرلينڊ جي جڳ مشهور ڍنڍ جنيوا ۾ ترڻ جو مشاهدو ڪيو پر ان کان وڌيڪ ته هو ان ريسٽورانٽ ۾ به ڪافي پي آيو، جتي جلاوطني واري دور ۾ مشهور انقلابي روس وارو لينن اڪثر رهندو هو ۽ انقلابين سان پروگرام رٿيندو هو. اهي ڳالهيون اڃا سنڌ جي اميرن جي ذهن ۾ نه آيون هيون. مون سان شير محمد مري (المعروف جنرل شيروف) ڳالهه ڪئي ته جڏهن ايوب خان جي دور ۾ هو پهاڙن ۾ آزادي جي جنگ لاءِ روپوش هو ۽ گوريلا جنگ جي قيادت ڪندو هو ته انکي سندس ذاتي پهريدار ڀائي خان هٿان ميرپورخاص مان علي بخش خان اسڪاچ وسڪي جو ڪارٽن موڪليو هو. باقي علي بخش جو بلوچستان جي بغاوت ۾ مدد جو رڪارڊ موجود آهي. محترم ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جي 1970 واري اليڪشن ۾ مير علي بخش ٿرپارڪر جي ميرپور خاص ۽ ڏيپلي جي تڪ مان نيشنل اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي آيل هو ۽ هو پ پ پ جي پارليماني پارٽي جنهن جو ليڊر محترم ڀٽو صاحب هو انجو پارلياماني پارٽي جو سيڪريٽري مير علي بخش هو. ان کان اڳ مير علي بخش لاهور واري ون يونٽ واري اسيمبلي ۾ به ميمبر هو، جنهن جو ليڊر ڊاڪٽر خان صاحب هو ان پارليماني پارٽيءَ جو به مير علي بخش خان سيڪريٽري هو.
هي ته هيون مير علي بخش جي شاهي خاندان جون ڳالهيون پر جنهن ڪري مير علي بخش اڃا به ياد ڪيو وڃي ٿو سا سندس غريب پروري ۽ مسڪين نوازي ۽ انقلابي مشغولي آهي.
مير علي بخش جي حوالي سندس والد امام واھ واري زمين ڪئي، جتي وڏيرڪي اوطاق ۽ بنگلو ٺهرائڻ بدران هن هڪ ڪکن جي لانڍي ٺاهي، جنهن لڳ غريب هارين ۽ ڪولهين جا گهر هئا. مير صاحب انهيءَ ڪکن جي لانڍي ۾ پنهنجي ڊرائيور کوسي سميت رهندو هو ۽ زمين تي اجرڪ وڇائي انهن سان ڪچهريون ۽ حال احوال ڪندو هو، تر جا سمورا سياسي ورڪر علي بخش سان ساٿ ۾ هئا. ايئن ملڪ جي ڀلي جون، هارين ۽ غريبن جي ڀلي جون ڪچهريون ۽ ڀوڳ چالو هوندا هئا.
هڪ ڀيري پ پ پ جي جلسي تان موٽياسون، گهر آياسون، رات جو دير سان مير امام واھ ڳوٺ وڃڻ لاءِ موڪل  گهري روانو ٿيو. 15 منٽن ۾ مير واپس موٽي آيو، چيائين هي منهنجي جيپن ۾ ويٺل ساٿي ۽ ڊرائيور چون ٿا ته اسان سان شامل هڪ ورڪر سي آءِ ڊي جو ايجنٽ آهي. هاڻي ڪيئن ان کي کڻي وڃئون. آئون ان جو نالو ڪونه ٿو کڻان، هن مضمون لاءِ انجو نالو ”مولابخش“ لکان ٿو. مون مير صاحب کي چيو ته ڀلا اتي امام واھ تي تو وٽ ڪو انقلابي ورڪرن جو هاسٽل آهي. ٽريننگ سينٽر آهي ڇا؟ چيائين اهڙي ڪا ڳالهه ڪانهي، مون چيومانس سي آءِ ڊي وارا سمجهن ٿا ته تو وٽ امام واھ تي هٿياربند رهن ٿا انهن جي سکيا جو بندوبست آهي، بلوچستان جي انقلابين لاءِ جاسوسن جي اچ وڃ آهي، سو اها جاچ مولا بخش ڪندو، هو خوشي سان اوهانجو ورڪر بڻجي هلي ٿو، انکي وٺي وڃو، جيئن هو پاڻ اتي رڳي سُڃ ۽ مير علي بخش جي مڪاني غريبن سان ڪچهريون ڪري ۽ ڀلي سي آءِ ڊي جو ماڻهو اهو ڏسي اچي. مولا بخش توهانجو ماڻهو ٿي همدرد ٿي پاڻ ساڻ شامل ٿئي. غريب پئسا وٺي سي آءِ ڊي جو ايجنٽ ٿيو آهي، ڀلي هاڻ پاڻ سي آءِ ڊي وارن کي تسلي ٿيندي ته اتي خالي لانڍي آهي، غريبن جا گهر آهن پاڻ ٺيڪ ٿيندو رڪارڊ درست ٿيندو.
جيئن ته علي بخش وڏ گهراڻو امير هو، سندس سڃاڻپ پري پري تائين هئي، سندس غريب پروري مشهور هئي، خانداني غرور ۽ وڏائي ڪانه هئس. سادو سودو عوامي ليڊر هو. ان وقت ڪو رسول بخش پليجي وارن جي گلا ڪندو هو ته مير انکي  رد قد ڏيندو هو، سچو انقلابي،عوامي ليڊر طور هو ٿر جي ماڻهن سان، غريبن، اڇوتن سان، مينگهواڙن، ڀيلن ڪولهين، واڳڙين ۽ اوڏن سان برابر جي ليول تي هلندو ۽ رهندو هو.
ان وقت سنڌ جي لاڙ ۾ آمريڪا جو پي ايڇ ڊي ڊاڪٽر فيروز احمد انقلاب، عوامي تحريڪن ۾ حصو وٺندو هو. پروگرام رٿيندو هو، سائوٿ آفريڪا جي ڪميونسٽ پارٽي وارو احمد ۽ ٻيا سمورا علي بخش وٽ ايندا ۽ رهندا هئا. صاف سچو ۽ نيڪ شخص هو. ان وقت انقلابي لڏي سان اردو جي مشهور انقلابي شاعره فهميدا رياض جو به تعلق هوندو سمورا  ۽ ٻيا مير علي بخش جي عوام دوستي کي ساراهيندا هئا. فيض احمد فيض صاحب ۽ ٻيا جيڪي راولپنڊي بغاوت ڪيس ۾ جوابدار هئا. سمورا مير علي بخش جا گهرا دوست هئا. مشهور ٺهراءُ جيڪو ون يونٽ صوبائي اسيمبلي لاهور ۾ محترم جي ايم سيد پيش ڪيو هو ان تي مير علي بخش به ون يونٽ ختم ٿيڻ لاءِ ووٽ ڪيو هو. تڏهن سنڌ اسيمبلي جو مير علي بخش ميمبر ڪين هو. انهيءَ لعنت کان بچي ويو يا ته ووٽ ڏئي ها يا وري  ٻي صورت ۾ جيل ۾ وڃي ها.
جڏهن ايوب خان جي آخري ڏينهن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو صاحب ميرپور خاص آيو هو، ان وقت آئون ضلعي ميرپور خاص پيپلز پارٽي جو صدر هوس. ڀٽو صاحب مير علي بخش سان مليو ۽ ان جي اسرار تي مير صاحب پيپلز پارٽي ۾ شريڪ ٿيو ۽ ان وقت آيل اخبارن وارن کي ڀٽي صاحب پريس بيان ڏنو، ان ۾ مير صاحب جي حيثيت بيان ڪندي اهو به اعلان ڪيو ته هاڻي کيس ٿرپارڪر ضلعي پيپلز پارٽي جو صدر مقرر ڪيو ويو آهي.
هڪ ڀيري ايئن به ٿيو هو ته پيپلز پارٽي جي هڪ ورڪر کي گرفتار ڪري ڪورٽ ۾چالان ڪيائون. مير صاحب ان ۾ پنهنجي وڏي ڀاءُ کي ويهن هزار رپين جو ضامن وڌو هو ،جوابدار ڪورٽ ۾ ضامن ملڻ کانپوءِ حاضر ڪين ٿيندو هو، ڪورٽ مير صاحب جي ڀاءُ کي نوٽيس موڪليو. مير صاحب پنهنجي ڀاءُ جو ايترو ته احترام ڪندو هو جو ڏاڍو پشيمان ٿيو. فورن ميرپورخاص جي عهديدارن کي پنهنجي هڙان ويهه هزار رپيا ڏنا ته ڪورٽ ۾ جمع ڪرائين. هن ورڪر ڇا ڪيو جو ڪورٽ ۾ جوابدارن کي پيش ڪري ڪورٽ کان معافي وٺي ضمانت جا پئسا خود ڦٻائي ڇڏيا، ڀٽو صاحب ميرپور خاص آيو ته ان ورڪر جي انهن بي ايمانين ۽ ٻين غلطين خلاف شڪايت ٿي. مير صاحب ان ورڪر جي فائدي ۾ بيان ڏنو ته هن پئسا مونکي ڏيئي ڇڏيا آهن. ورڪرن تي مير صاحب ساھ ڏيندو هو. هو سخت ناراض ٿيو ته کڻي ڪنهن بي ايماني ڪئي هجي ته به ان ورڪر کي بي عزتو نه ڪجي. ڀٽي صاحب ان جو فيصلو مون تي رکيو. پوءِ مير صاحب مونکي چيو، ايئن اسان اميرن جا نوڪر ۽ ورڪر پئسا کائي ويندا آهن. اسان خانداني راويت موجب ان ڳالهه کي ڪيئن ڇيڙيندا آهيون ورڪرن ۽  نوڪرن جي به عزت ڪرڻ کپي.

ڀٽي صاحب  جي حڪومت جي آخري ڏينهن ۾ نيشنل عوامي پارٽي جي ورڪرن  ۽ اڳواڻن خان عبدالولي خان، عطا الله مينگل ۽ بزنجو وغيره تي بغاوت جو ڪيس ڪيو ويو ۽ سپريم ڪورٽ ۾ هنن ۽ سندن پارٽي تي پاڪستان ٽوڙڻ جو ريفرنس داخل ڪيو. مير علي بخش انهيءَ تي سخت ناراض ٿيو. هن پيپلز پارٽي تان استعيفا ڏيئي نعپ ۾ پختون خواھ جي ايم اين اي عبدالخالق خان سان گڏجي شامل ٿيو. اهڙو بيان پريس ۾ ڇپيو. ڀٽو صاحب ناراض ٿيو ۽ سپليمينٽري چالان ٺاهي کيس گرفتار ڪري مٿس تشدد ڪيو ويو. ان ۾ مير صاحب ۽ سندس مٿي ذڪر ڪيل ڀائي خان تي ڪوئيٽا عتاب خاني ۾ تشدد ڪيو ويو ۽ پوءِ نعپ ليڊرن سان گڏ جوابدار ٺاهي حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ چالان ڪيو. ان تشدد ۾ مير صاحب جسماني طرح ايترو ته جهلجي پيو لنڊن علاج لاءِ ويو، کيس دماغ ۾ Tumor ٿي پيو ۽ ترت وفات ڪري ويو.

No comments:

راءِ ڏيندا