; سنڌي شخصيتون: نظير، سمون، سر، ساکي، رنگ، رانديگر، شاعري، شائق، ناصر، قاضي،
Showing posts with label نظير، سمون، سر، ساکي، رنگ، رانديگر، شاعري، شائق، ناصر، قاضي،. Show all posts
Showing posts with label نظير، سمون، سر، ساکي، رنگ، رانديگر، شاعري، شائق، ناصر، قاضي،. Show all posts

24 December, 2014

نظير سمون - ناصر قاضي

نظير سمون
سرن جو ساکي، رنگن جو رانديگر ۽ شاعريءَ جو شائق
ناصر قاضي
ڪنهن شاعر پنهنجي هيءَ خوبصورت سٽ سرجي ڏات کي ڪيڏي نه ڊگھي حيات بخشي ڇڏي آهي ته ’ڏات جي ڏيهه ۾ رات ٿيڻي نه آ... ..‘ بيشڪ اها ڏات ئي آهي، جيڪا ڏيهن جي ڏاتر طرفان عطا ٿيندي آهي. ڏات هڪ اهڙي شڪتي آهي، جيڪا ڪنهن به رنگ توڙي ڍنگ ۾ پنهنجو پيام عام تائين پهچائيندي آئي آهي ۽ اها ئي ڏات يقيناً نصيبن واري جي ئي حصي ۾ ايندي آهي.