; سنڌي شخصيتون: بشير خان قريشي - ۲

04 May, 2022

بشير خان قريشي - ۲

بشير خان قريشي

ڌرتي تنھنجي ڍل به ڏاڍي ڳري آھي

ساجد چانڊيو



سنڌوءَ جي پوتر پاڻيءَ جهڙي رنگت رکندڙ اکين واري اڳواڻ بشير قريشيءَ جو اچتو وڇوڙو سنڌ جي ساھ کي سٽ جهڙو آهي، سنڌ سڏڪي پئي آهي، پنهنجي انهيءَ سٻاجهڙي ۽ سهڻي پٽ جي لاڏاڻي تي جنهن جي سُتي ۾ ئي سنڌ جو آجپو هو، هن وٽ نه صرف سنڌ جي سرهي سينڌ جو سپنو هيو پر پهاڙن جيڏو حوصلو ۽ سمنڊ جيڏو صبر به هو، هو جيڪو ديوتائن جي ديس وڃڻ واري آخري سفر جي گهڙيءَ ۾ به سنڌ جي آجپي لاءِ نڪتل هو، تنهن کي سنڌ صدين تائين ساريندي رهندي.


وڌاءُ نه ٿيندو ته هو تيستائين رهندو جيستائين ڪيلاش پربت تان سنڌو ديوتا سنڌ ايندو رهندو، جيستائين سنڌ رهندي، تاريخ رهندي هو به رهندو. سنڌ اها ڌرتي آهي، جنهن پنهنجي جوهر ۾ دشمنن کي به ناهي وساريو، هي ته سڄڻ هو ساٿي هو، ڀرجهلو هو، ميڙيندڙ ڳنڍيندڙ، هڻندڙ، هڪليندڙ، ٻيلي ساريندڙ هو، سنڌ کيس ڪيئن وساريندي!؟ سنڌ سان سندس عشق فقط جنون ۽ جذبو نه هو، ايمان به هو. جذبا اجهل ٿيندا آهن، جيڪي وقت پڄاڻا ماٺا به ٿي وڃن ٿا، جيئن درياھ اجهل هلي ڪڏهن ماٺا به ٿيندي ويندا آهن پر هن جو عشق ايمان جهڙو هو، جيڪو پنهنجي جو هر ۾ هر گذرندڙ گهڙيءَ سان پختو ٿيندو ويندو آهي، هو شاعر جي هن سٽن جو اکين نظر ايندڙ روپ هو:

سنڌ سان عشق پنهنجي ايمان ۾ وڌم،

قرآن جو ورق هو، قرآن ۾ وڌم.

سنڌ سان پنهنجي عشق کي ايمان سمجهندڙ هن سٻاجهڙي اڳواڻ جي موت جي خبر سنڌ واسين لاءِ ڪنهن قيامت کان گهٽ نه آهي، بشير قريشي پنهون جهڙي سنڌ سان سسئي بڻجي عشق ڪيو، هن جا پير به پٿون ٿيا پر پوءِ به پنهنجي اکين ۾ سنڌ جي آجپي واري خواب کي ڌنڌلو ٿيڻ نه ڏنائين، هن نه صرف دليري ۽ سرهائي سان سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ پاڻ پتوڙيو پر سن جي سيد واري صبر جي واٽ تي به ثابت قدم رهيو، ڪيترا ئي ڀيرا سندس راهون روڪي کيس انهيءَ پنڌ تان هٽائڻ جون به ڀرپور ڪوششون ڪيون ويون، پر لطيف جي لفظن جيان:

“ڪاڪ نه جهليا ڪاپڙي، موهيا ڪنهن نه مال،

جي ڇورين ڏنا ڇال، ته به لاهوتي لنگهي ويا.

 بشير خان سن جي سيد واري فڪر کي ٻيجل بڻجي ور ور ورجايو، سندس سين سنڌ مٿان سر گهورڻ واري هئي جنهن کيس ڪڏهن چين نه ڏنو، هو انهيءَ بيچين پنڌ تي پيرين اگهاڙي هلندو رهيو، اهڙي پنڌ تي جنهن تي ڪيترا ئي راھ هليا ڀليا، پر هن آخري ساھ تائين پاڻ کي ثابت قدم ثابت ڪيو، هن اوکي سفر ۾ سُکن جي سڌ نه ڪئي، عشق واري ايمان کيس قدم قدم تي جيئندان بخشيو، جيڪو حيات جاودان آهي ۽ امرتا ۾ تبديل ٿي ويو آهي، هن لاءِ اول به سنڌ ۽ آخر به سنڌ هئي، هن جو جيئڻ به سنڌ لاءِ هو ته مرڻ به سنڌ لاءِ آهي. هيءُ سٻاجهڙو اڳواڻ انهيءَ کان باخبر هو ته سنڌ جو آجپو ڪنهن ڳاڙهي ڳٽول الهڙ ڇوڪري جو نانءُ ناهي جيڪا لفظن جو شيريني تي موهجي هلي ايندي، آزادي ته ڏک، درد ۽ پيڙاھ جي ان سفر جو نالو آهي، جنهن ۾ جاني جدا ٿيندا آهن، جيئن ساڻس گڏ سفر شروع ڪندڙ ڪيترا ئي ساٿي ان راھ ۾ کيس دائمي درد ڏئي جدا ٿيا، شهيد قيوم منگي، يوسف جکراڻي، شهيد سميع الله، سرائي قربان کهاوڙ، روپلو چولياڻي ۽ ٻيا سنڌ جا ڪيترا ئي جوڌا پنهنجون جانيون سنڌ مٿان گهوري سرخرو ٿياهئا، سنڌ جي آجپي واري پيچري تي هلندي پنهنجا پير پٿون ڪندڙ سنڌ جو هي سچو سپاهي اڄ ساڳيو ئي سور، درد سنڌي قوم کي ڏئي ويو آهي، سچ پچ ته روح جي گهر ۾ قضيو ٿي پيو آهي، هر گهر ۾ تڏو وڇايل آهي، سندس اوچتي وڇوڙي جي ڪري سڄي سنڌ ۾ سوڳ ۽ سڪتو طاري آهي. سنڌ جي مٽيءَ جو به عجيب تاثير آهي، هن مان جنهن جو به جنم ٿيو، ان پاڻ ملهايو ضرور آهي، پوءِ اهو ملهائڻ ڪهڙي به روپ ۾ ڇو نه هجي، سنڌ جي مٽيءَ کي سنڌ ۶۵ سال اڳ ڇڏي ويل اهي اصلي هندو سنڌي به ناهن وساري سگهيا، جن کي ورهاڱي جي وڍ جدا ڪيو هو، مٽيءَ جي خوشبوءِ اڄ به انهن وٽ آهي، اهوئي اهو خوشبوءَ جو رشتو آهي جو اڄ سنڌي سپوت بشير قريشيءَ جي اوچتي لاڏاڻي تي نه صرف سنڌ جا سنڌي پر هنڌ ۽ سڄي دنيا جي سنڌين جي درد کي محسوس ڪري سگهجي ٿو، الڪيٽرانڪ ميڊيا جيڪا گهڙي گهڙي جي آگاهي هڪ گهڙي ۾ ڏئي ٿي، اها ساکي آهي ته سنڌي پوءِ ڪٿان جو به هجي ان جي اک اڄ آلي ضرور آهي، اها ڪرامت خون جي تاثير کان وڌيڪ مٽيءَ جي تقدس ۽ ان سان وفا جي آهي، سچائي جي آهي، عشق جي آهي، مان نٿو ڄاڻا ته هن مٽيءَ مان سندس جنم دودي يا هوشو جو ٻيو روپ هو، پر هو سنڌ جي شمع مٿان پنهنجي جان جلائيندڙ انهن هزارن پروانن مان هڪ هو، جيڪي تاريخ جي ورقن ملڻ کان به اڳ ۽ ان وقت کان اڄ تائين پنهنجو سر سنڌ لاءِ فدا ڪندا آيا آهن، هي لفظ جيڪي آئون لکي رهيو آهيان اهي ڪنهن شخص جي شخصي محبت ۾ مبالغا آرائي يا وڌاءُ نه پر سچ جو عڪس آهن، جيڪو اسان جي اڳواڻ بشير قريشي جي حياتي ۾ جهاتي پائڻ سان چٽو نظر ايندو، آئون ڏسان ٿو ته جڏهن ڪراچي جي ڪن ۾ شهيد قيوم منگي سان گڏ مٿس سول اسپتال ۾ ڇرن ۽ چاڪن جا وار ڪيا ويا، جڏهن سندس ئي ٻانهن ۾ سندس جاني جدا ٿيو، تڏهن به هن پنهنجي حوصلي کي هارائڻ نه ڏنو، کيس راھ تان هٽائڻ لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو هو، تازو ويجهڙ ۾ ئي ڪراچي ۾ کيس ڪرائي جي قاتلن کان مارائڻ لاءِ قاتلاڻو حملو ڪيو ويو، ان کان علاوه ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي کيس جيل ڏنو ويو، پر پوءِ به هو ثابت قدم رهيو، ڪالا باغ ڊيم جي بند ٻڌڻ جو معاملو هجي يا سنڌ جي پاڻي، ناڻي، وسيلن مٿان ڌاڙي وارو معاملو هجي، هو نٽهڻ اُس ۾ سنڌ سان سن مک بيٺو رهيو، بشير قريشي جيڪو جدوجهد جي علامت هو، سو اڄ اسان کي دائمي داغ ڏئي ڌرتي ماتا جي ڪک ۾ رهي پيو آهي.

”ڌرتي تنهنجي ڍل به ڏاڍي ڳري آهي

 تون جوانن کي، پاڻ وٽ رهائي سندن خالي کٽون واپس ڪري پئي ڇڏين.”

 


 

شخص هو به ڇا هيو؟

خالد ڪنڀار

اهو سوال صرف مون وٽ ناهي، اهو سوال سنڌ جي هڪڙي وڏي حلقي وٽ هن جي وڇوڙي کانپوءِ موجود رهيو آهي ته آخر هن جي شخصيت ۾ اهڙو ڇا هو اهڙي ڪهڙي مڻيان هئي جو وڏي ۾ وڏي اڪابر ۽ عام ڪارڪن کان وٺي هن جي وڏن سياسي ۽ نظرياتي مخالفن تائين سڀ هن سان هڪ جيترو پيار ڪن ٿا ۽سڀ هن جي درد کي هڪ جيتري شدت سان محسوس ڪن ٿا؟ هن لئه ساري سنڌ جون اکيون آگم ڪري اوهيرا ٿي وٺيون ۽ ها هن جي درد جي ڇيت هرڪنهن پنهنجي دل ۾ چڀندي محسوس ڪئي. جيڪڏهن اوهين اهو ٿا سمجهو ته ڪو سنڌ هن سان انهيءَ جي ڪري محبت ۾ مست آهي جو انهي جو سبب هن جي بي وقتائتي موت سنڌ جا هڏ ۽ سنڌ ساڻا ڪري دل چور چور ڪري ڇڏي ته بي وقتائتو موت ته لمحي لئه اثر ڇڏيندو آهي هي درد ته هر ڪوئي سمجهي ٿو ته جيستائين سنڌ رهندي اوستائين محسوس ٿيندو رهندو يا جيڪڏهن اوهين اهين ٿا سمجهو ته سنڌ هن سان غيرمشروط محبت ڪئي آهي ته ائين ناهي سنڌ سدائين مشروط محبت ڪئي آهي هن ڪڏهن به غير مشروط محبت ناهي ڪئي ها باقي اوهين اهو چئي سگهو ٿا ته هو سيد وانگي سنڌ سان غير مشروط محبت ڪرڻ وارو سنڌ جو سچو عاشق هو ۽ اها غير مشروط محبت ڪرڻ واري ونڊ هن کي سن واري سيد وٽان ئي ملي هئي. بس اهو ئي سبب هو جنهن جي ڪري سنڌ هن سان ۽ هو سنڌ سان محبت واري سڳي ۾ سوگها هئا بس سنڌ جو اهو ئي مزاج آهي. جيڪڏهن اوهان هن سان غير مشروط محبت ڪندا تڏهن ئي هو اوهان سان محبت ڪندي نه ته سنڌ وٽان محبت جي توقع ڪرڻ اجائي آهي سنڌ وٽ مشروط محبت جي ڪا به اهميت ناهي ها جڏهن ڪو ماڻهو غير مشروط محبت ڪندو آهي ته پوءِ انهي محبت ۾ ماڻهو پنهنجي محبوب ۾ ڪميون ڪوتاهيون ڏسي ئي ناهي سگهندو بس پوءِ هو محبت ڪندو ويندو آهي ڪندو ويندو آهي بس غير مشروط محبت واري جذبي ۾ جيڪا به ڪوتاهي هوندي آهي اها ماڻهو کي محبوب بدران پاڻ ۾ ڏسڻ ۾ ايندي آهي. پوءِ هن کي هر آرو انگل ۽ محبوب جو خواهشون پوريون ڪرڻيون پونديون آهن انهي ڪري محبوب کي انهي محبت جو احساس هن جي هوندي به هوندو آهي پر هن جي وڃڻ کانپوءِ هن جي عدم موجودگي هن کي اڪيلو ڪري ڇڏيندي آهي ۽ پوءِ هو هن جي محبت کان محرومي کي شدت سان محسوس ڪندو آهي. انهي ڪري ئي موجوده سنڌ بشير خان جي وڇوڙي تي اڻڀن وارن ۽ پٿرايل اکين سان اڪيلي اڪيلي بيٺي آهي. اوهان بشير خان جي ڪردار کي کڻي ڏسو اوهان هن جي عمل کي کڻو اوهان هن جي مزاج کي کڻو اوهان ڪميٽمينٽ کي کڻو ڪٿي به سواءِ گهڙي لئي اوهان کي ائين نه لڳندو ته ڪٿي هن ڪنهن وک کي مشروط ڪيو هجي سنڌي قوم سان هو سن جي سائين وانگي اوهان کي غير مشروط بيٺل نظر ايندو غير مشروط محبت جي ڪهڙي تشريح ڪجي بس اها محبت جنهن ۾ محبت ڪندڙ جنهن سان محبت ڪري ٿو انهيءَ کان هو موٽ ۾ ڪجھ گهرڻ بدران رڳو محبت ڪرڻ هوندو آهي ۽ محبوب جي هر بي واجبي به هن کي محسوس نه ٿيندي هجي اها هئي اها محبت جنهن ۾ سن وارو سائين سنڌي قوم کي قوم بدران محبوب سڏيندو هو. جڏهن ڪير غير مشروط محبت واري جذبي ۽ احساس ۾ هوندو آهي ته هن جي شخصيت ۾ اهو نکار اچي ويندو آهي جيڪو بشير خان جي شخصيت ۾ اچي ويو هو جيڪي چون ٿا ته بشير خان ڪارڪن ورڪر يا عام سنڌي ماڻهو سان وڏي پيار ۽ پاٻوھ سان ملندو هو هن ۾ رويتي ليڊر واري انا وڏائي ۽ هٺ ڪو نه هو اهي ماڻهو انهن ڪارڪنن سان به ملن جن سائين جي ايم سيد سان گڏ گذاريو اهي ڪارڪن به سائين جون اهي خوبيون ڳڻائيندا سيد اسان لئه پاڻ ماني کڻي ايندو هو، هو اسان تي پاڻ اچي رات جو سوڙون اوڍائيندو هو هو اسان کي ڀاڙا خرچيون ڏيندو هو، هو هر ڪارڪن ۽ ليڊر سان هڪ جيترو پيار ڪندو هو. اهي خوبيون سائين جي ايم سيد ۾ به هيون بس هي سيد ۽ سنڌ جو سچو عاشق هو انهي ڪري اهي هن کي ونڊ ۾ مليون هيون. هڪڙو ته بشير خان ۾ اهو سنڌ ۽ سيد جو عاشق هجڻ ڪري سيد جي نظرئي ۽ سنڌي قوم ۽ سنڌ ڌرتي سان غير مشروط محبت وارو جذبو هو ٻيو ته بشير خان سنڌ جي قومپرست سياست جيڪا نظرياتي بحث مباحثن تائين محدود هئي انهي جا حقيقي وارث اهي دانشور دوست بڻيل هئا جيڪي پنهنجي دماغن ۾ سدائين ڪتابن جون هڙون کڻي هلندا هئا جيڪي هر حڪمت عملي عقلي ۽ ڪتابي دليلن جي بنياد تي رڳو ڳالهين جا ڳوٺ اڏڻ ۾ پورا هئا هن انهي قومپرست سياست کي ڪتابي دليلن ۽ سياسي بحث مباحثن مان ٻاهر ڪڍي حقيقي معنيٰ ۾ عملي ۽ عوامي سطح تائين آندو. هن جا ڪارڪن ڪو ايترا گهڻ پڙهيا ڪو نه هئا يا آهن پر هو عملي ماڻهو هو انهي ڪري هن جي ڪارڪنن ۾ عملي وک وارو سفر ڪرڻ جي ست آهي هنن وٽ عقل ۽ دليل پوءِ آهن پهريون سبق عمل جو آهي هن جي ايم سيد واري نظريئي کي عوامي ۽ عملي جيئدان ڏنو ٻي ڳالھ ته اسان جا اڪابر جيڪي سائين جي ايم سيد واري نظرياتي قومي فڪر جا پيروڪار هوندي به ذهني طرح طبقاتي سوچ ۾ ورتل هئا انهي ڪري هنن قومي جدوجهد کي ڪنهن حد تائين قومي جدوجهد کي قومي طبقاتي جدوجهد بڻائي ڇڏيو هو ۽ هنن قومي تحريڪ کي هيٺين ڪلاس ۽ مڊل ڪلاس تائين محدود ڪري ڇڏيو هو هنن ايستائين جو مٿئين ڪلاس ۾ قومي تحريڪ سان همدردي رکڻ وارو رشتو به ڪو نه رکيو هو بشير خان قومي تحريڪ کي طبقاتي قومي جدوجهد تائين محدود نه ڪيو بلڪ هن انهي کي طبقات واري خاني مان ڪڍي عوامي بڻايو هن جي انهي حڪمت عملي کي هن جا ئي ڪارڪن چون ٿا ته اهو هن جا سماجي واسطا هئا حقيقت ۾اهو سماجي واسطا نه پر سياسي حڪمت عملي هئي جو ڪيترا ئي سنڌ جا وڏيرا جاگيردار مير ۽ پير ٻين سياسي پارٽين ۾ هوندي به قومي تحريڪ جي هر حوالي سان مدد ڪندا هئا هو اڻ سڌي طرح قومي تحريڪ جو حصو هئا اها بشير خان جي سياسي دانش هئي جو هن قوم کي قوم ٿي سمجهيو هن قوم کي مذهبن ۽ طبقن ۾ ڪو نه ورهايو. بشير خان انهن قومي ڪارڪنن جي سڀني کان گهڻي عزت ڪندو هو جيڪي سائين جي ايم سيد کي ويجها هئا توڙي جو انهي مان گهڻا تڻان قومي تحريڪ ڇڏي چڪا آهن يا ته خاموشي جي زندگي پيا گذارين يا ٻين قومي ڌڙن ۾ آهن پر انهي هوندي به بشير خان انهن کي گهڻي عزت سان ملندو هو ۽ هنن کي چوندو هو اوهين اسان جا وڏا آهيو اچو اسانجي رهنمائي ڪريو هو انهن جي دل سان عزت ڪندو هو. بشير خان نج سنڌي روايتن وارو ماڻهو هو ملڻ جلڻ ۽ منهن مهانڊي مان نج سنڌي لڳندو ۽ محسوس ٿيندو هو ڪلين شيو سوٽ بوٽ ٺٺ ٺانگر هن کي جچندا ئي ڪونه هئا هو سنڌ جي مٽي مان ڳوهيل ماڻهو هو هو توڙي جو مڊل ڪلاس جو ماڻهو پر هن ۾ روئتي مڊل ڪلاس واري ماڻهو واريون محروميون ڪو نه هيون نه وري سنڌ جي روايتي ليڊرن وارو مزاج هو هو انهن سڀني کان گهڻو مختلف ۽ الڳ الڳ هو. هو ليڊر بدران ڪارڪن نه رڳو سڏرائيندو هو پر هو ڪارڪن وانگر سوچيندو به هو انهي ڪري هن کي ڪارڪن جي مزاج جي خبر هئي ۽ ڪامياب ليڊر آهي ئي اهو جيڪو ڪارڪن وانگر سوچڻ وارو آرٽ ڄاڻيندو هجي اهو ئي ڪارڪن کي سٺي نموني هلائي سگهي ٿو اهو ئي ڪامياب ليڊر ٿي سگهي ٿو انهي ڪري ئي هن ۽ ڪارڪنن جي وچ ۾ ليڊر ۽ ڪارڪن بدران عاشق ۽ محبوب وارو رشتو هو. هن تي تنقيد ڪرڻ وارا هن جي حياتي ۾ هن تي وڏي ۾ وڏو الزام اهو هڻندا هئا ته هو گهڻو پڙهيل ناهي پر اسان وارا اڪابر نظريي کان اڳتي وک کڻڻ لئه تيار ناهن قومن جون حالتون ۽ قسمتون ته وري به عملن ئي تبديل ڪيو آهن ۽ هو سراپا عمل هو هن جي وڇوڙي کانپوءِ گهڻن اڪابرن جو عقل اوجاڳي واري ننڊ مان جاڳي پيو ۽ اچي مرثيا لکيائون بس وٺ وٺان ٿي وئي اسانجي سنڌ جي سرت کي الاهي ته ڇا ٿي ويو آهي اهي اڪابر جن ڪڏهن سائين جي ايم سيد جي ورسي ۽ سالگرھ تي ٻه اکر ڪو نه لکيا پر پر پوءِ اخبارن جا ايڊيٽوريل پيج بشير خان جي ڏک ۾ سڏڪا ڀري رهيا هئا انهن اڪابرن جو اهو ڏک ته ٺيڪ هو پر انهن جي قلم جي مس ۲۳ مارچ واري ڏينهن تي ڪيل آزادي مارچ مهل ڇو سڪي وئي هئي؟ انهي ڏينهن انهن جي عقل ڪهڙيون ننڊ جون گوريون ريڙهيون هيون جو سجاڳ نه ٿي سگهيا؟ اسان جدوجهد بدران موت تي ڇو ٿا اوساريون اسان جو عقل جدوجهد ۾ رهنمائي ۽ همت افزائي ڇو نٿو ڪري هي اسان جي اڪابرن جو ڪهڙو رويو آهي؟ هجڻ ته ائين گهرجي جو اسان جدوجهد ۾ پنهنجو عقل ۽ سرت استعمال ڪريو پر اسان هميشه مرڻ کانپوءِ مرثيا لکيا آهن انهن اڪابرن جو جدوجهد تي هڪ اکر ته ڏيکاريو. ”مون سين هلي سا جا جي مٺو نه ڪري“ بشير خان سنڌ جو حلالي پٽ ۽ سچو عاشق ۽ سن واري سائين جو سچو پيروڪار هو انهي سرٽيفڪيٽ اسان کي هنن کان وٺڻ جي ضرورت ناهي اهي پنهنجو سرٽيفڪيٽ پاڻ وٽ رکن ته بهتر ٿيندو؟ ٻي ڳالھ ته بشير خان جي وڇوڙي کانپوءِ سنڌ جي قومي ڪارڪنن ۾ وڏي مايوسي ۽ بي چئيني آهي ته هاڻ قومي تحريڪ جو ڇا ٿيندو؟ بشير خان جو بي وقتائتو موت يقينن قومي تحريڪ لئه ڪنهن وڏي نقصان کان گهٽ ناهي قومي تحريڪ ۽ سنڏي قوم لئه وڏو سانحو آهي پر دنيا جي سڀني قومي تحريڪن تي اهي ڏينهن ايندا آهن قومي تحريڪو انهن مرحلن مان گذرنديون آهن پر موجوده سنڌ کي انهي ڏک کي طاقت ۾ تبديل ڪري نئين سگھ سان اٿي بيهڻ گهرجي هي وقت مايوس ٿيڻ بدران مڙي مٺ ٿيڻ جو آهي جيستائين سنڌي قوم۽ سنڌ ڌرتي جي وجود جي بقا جو سوال هوندو اوستائين قومي جدوجهد رهڻي آهي.


 

بشير خان قريشي ڪيس ۾ انصاف ٿيندو؟

واحد پارس هيسباڻي

سنڌ حڪومت جي جوڙيل ميڊيڪل بورڊ طرفان بشير خان قريشي جي جزن جي جيڪا رپورٽ سامهون آندي وئي آهي اها مرحوم اسحاق راهي جي شاعري جي سٽ ’گل اهڙي طرح ٿا هوا ۾ لڏن ڪو ها ٿو ڪري ڪو نه ٿو ڪري‘ جيان آهي. تڙ تڪڙ ۾ جاري ڪيل ان رپورٽ ۾ هڪ پاسي فاسفورس جي موجودگي جا اشارا به ڏنا ويا آهن ته ٻئي پاسي دل جي دوري جي ڳالھ به ڪئي وئي آهي پر هنن ٻنهي سببن مان ڪوبه هڪ واضح سبب نه ٻڌايو ويو آهي، جنهن صورتحال پهريان کان ئي موجود خدشن ۾ اضافو آڻي ڇڏيو آهي. بشير خان جي وارثن ۽ سندس پارٽي ان رپورٽ تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي ان کي رد ڪيو آهي. صحيح رپورٽ نه اچڻ خلاف جسقم جي ٽيون ڏينهن واري هڙتال کي سڄي سنڌ مان جيڪا ڀرپور نموني موٽ ملي آهي، ان مان به اهو ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌ جا ماڻهو هن رپورٽ مان مطمئن ناهن ۽ اهي صحيح رپورٽ چاهين ٿا.

جيتوڻيڪ صوبائي گهرو وزير منظور وساڻ هن معاملي ۾ بظاهر سٺي سهڪار جو مظاهرو ڪري رهيو آهي ۽ هُن بشير خان قريشي جي جزن جي لنڊن جي ڪنهن ساک واري ليبارٽري مان ٽيسٽ ڪرائڻ جو به اعلان ڪيو آهي، پر باوجود ان جي غير يقيني واري صورتحال جيئن جو تيئن برقرار آهي، ان پٺيان سبب اعتماد جي کوٽ آهي. پاڻ وٽ اڪثر ڪري سرڪاري اعلان ۽ عمل ٻه الڳ شيون رهيا آهن، جن جو هڪٻئي سان پري پري جو واسطو به نه رهيو آهي. اها روايت قديم آهي ته اسان وٽ سرڪاري اعلان ته شاندار هوندا آهن، پر جڏهن انهن تي عمل وارو معاملو ايندو آهي ته ڪاريءَ وارا ڪک نظر ايندا آهن، ان ڪري جيستائين بشير خان قريشي جي جزن جي واقعي به پرڏيھ مان ڪنهن ساک واري ليبارٽريءَ مان ٽيسٽ نٿي ٿئي ۽ سڀني لاءِ قابل قبول رپورٽ سامهون نٿي اچي ايستائين هن قسم جي غير يقيني ۽ بي اعتمادي واري صورتحال برقرار رهندي.

ميڊيڪل بورڊ جي رپورٽ سامهون اچڻ کانپوءِ هڪڙي ڳالھ ته واضح ٿي وئي آهي ته هي موت فطري نه هيو، پر ان پٺيان زهر جو اثر شامل آهي. اهو زهر ڪڏهن ڏنو ويو، ڪيئن ڏنو ويو ۽ ڪنهن ڏنو اِهي سوال حل ٿيڻ باقي آهن، جيستائين اِهي سوال حل نٿا ٿين، ايستائين هِن ڪيس جون صحيح حقيقتون به سامهون نه اچي سگهنديون ۽ اعتماد وارو ماحول به پيدا نه ٿي سگهندو. اهڙي قسم جو مطالبو صرف جسقم جو ناهي پر سنڌ جو عام ماڻهو به اهڙي قسم جي گهر ڪري رهيو آهي. ڇو ته بشير خان قريشي پنهنجي سنجيدگي، سچائي ۽ نيڪ نيتي جا جيڪي مثال ڇڏي ويو آهي اُهي ماڻهن جي دلين تي پنهنجو ڀرپور اثر رکن ٿا. بشير خان قريشي قومپرست سياست جو نرالو ڪردار هو، جنهن تتي توڙي ٿڌي، ڏينهن توڙي رات پنهنجي جدوجهد کي جاري رکيو ۽ سنڌ جي حقن لاءِ جاکوڙيو. سندس موت جن حالتن ۾ ٿيو آهي انهن کي ڪنهن به صورت ۾ عام معمول جون حالتون نٿو چئي سگهجي. ۲۳ مارچ واري فريڊم مارچ کانپوءِ هي شخص سنڌ دشمن قوتن جي اک جو ڪنڊو بڻجي چڪو هو ۽ اُهي هن کي رستي تان هٽائڻ لاءِ مسلسل ڪوششن ۾ مصروف هيون. جيڪڏهن بشير خان قريشي جو موت واقعي به زهر جي نتيجي ۾ ٿيو آهي ته ان پٺيان انهن عنصرن جي ملوث هجڻ کي ڪنهن به صورت ۾ نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.

اسان وٽ سدائين ائين ئي ٿيو آهي ته هاءِ پروفائيل ڪيسن ۾ اصل حقيقتن جي خبر نه پئجي سگهي آهي ۽ انهن معاملن کي ڄاڻي واڻي رفع دفع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي آهي. قائداعظم محمد علي جناح جو موت ڪهڙين حالتن ۾ ٿيو، لياقت علي خان کي لياقت باغ ۾ گولي ڪنهن هئي، جنرل آصف نواز جو موت ڪهڙي نموني ٿيو، مير مرتضيٰ ڀٽو کي سندس ئي گهر جي اڳيان وردي پاتلن ڪنهن جي اشاري تي رت سان وهنجاريو، سرائي قربان کهاوڙ، روپلي چولياڻي ۽ نورالله تنيو کي ڪنهن بيدردي سان قتل ڪيو؟ اهي سمورا معاملا اڃا تائين راز بڻيل آهن. حڪومتون اچن ٿيون، وڃن ٿيون، پر ڪير به انهن رازن کي ظاهر ڪرڻ وارو ناهي، هرڪو پنهنجو وقت پورو ڪري هليو وڃي ٿو. ٻيو ته ٺهيو پر هاڻوڪي حڪومت پنهنجي پارٽيءَ جي سربراھ محترمه بينظير ڀٽو جي قتل جون صحيح حقيقتون به اڃان تائين منظرعام تي نه آڻي سگهي آهي. اسڪاٽ لينڊ يارڊ جي ٽيم جي رپورٽ هجي يا گڏيل قومن جي ٽيم جي رپورٽ هجي يا ايف آءِ اي جي رپورٽ هجي، انهن ۾ ابهام بهرحال پنهنجي جڳھ تي موجود آهي ۽ اُها رپورٽ ڪليئر ناهي. اهڙي صورتحال ۾ جڏهن ڪا حڪومت پنهنجي پارٽيءَ جي قائد جي قتل جون صحيح حقيقتون سامهون آڻڻ ۽ قاتلن کي ڪٽهڙي ۾ بيهارڻ ۾ ئي ناڪام بڻيل هجي ته اُتي ٻيا ماڻهو ڪهڙي اميد ڪري سگهن ٿا؟

سنڌ حڪومت جو چوڻ آهي ته اسان بشير خان قريشي واري ڪيس ۾ مڪمل نموني سهڪار ڪري رهيا آهيون، وارث ۽ پارٽي جيئن چئي رهيا آهن، تيئن ڪري رهيا آهيون، انکانپوءِ هڙتال ۽ احتجاج ڪرڻ جو ڪو به جواز نٿو جڙي. جيڪڏهن هن معاملي تي غور ڪيو وڃي ته ڪيتريون ئي اهڙيون شيون آهن جيڪي خدشن کي اڀارين ٿيون. مثال طور شروع ۾ جڏهن بشير خان قريشي جي وارثن جزن جا ڪجھ حصا پنهنجي حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ته جيئن اُهي پنهنجي مرضيءَ سان انهن جزن جي ٽيسٽ ڪرائي سگهن ته کين اُهي جزا نه ڏنا ويا. سندن خواهش مطابق اُهي جزا آغا خان ليبارٽريءَ مان ٽيسٽ ڪرائڻ بجاءِ سول اسپتال ڪراچيءَ جي هڪ اهڙي ليبارٽري جي حوالي ڪيا ويا جتي ڪو سند يافته ٽيڪنيشن ئي موجود ڪو نه هو، ان کانپوءِ جهڙي نموني ٻن شڪي ماڻهن جي رات جو ليبارٽريءَ ۾ وڃڻ جون خبرون رپورٽ ٿيون، اهڙي صورتحال ۾ خدشن جو اڀرڻ ۽ غير يقيني جو پيدا ٿيڻ فطري ڳالھ آهي، ٻيو ته ماضيءَ ۾ هن قسم جي هاءِ پروفائيل ڪيسن جون اصل حقيقتون سامهون اچڻ جو ڪو مثال به ناهي، جنهن جي بنياد تي يقين ڪري وٺجي. ان حوالي سان هڪڙي قسم جو تاثر جڙيل آهي، جيستائين اُهو تاثر تبديل نٿو ٿئي، ايستائين ماحول ائين ئي مونجهاري وارو رهندو ۽ اِهو تاثر تڏهن ئي تبديل ٿي سگهي ٿو جڏهن حڪومت هنن ڪيسن جي اصل حقيقتن کي ظاهر ڪري ۽ اُن پٺيان ملوث سازشن توڙي سازشين کي بي نقاب ڪري.

اِها سٺي ڳالھ آهي ته حڪومت هن معاملي ۾ اهڙو رويو اختيار نه ڪري رهي آهي جيڪو حالتن کي وڌيڪ ڇڪتاڻ وارو بڻائي ۽ ان مان ڪيس کي لوڙهڻ جو تاثر پيدا ٿئي، پر اِهو به لازمي آهي ته عملي طور تي به اڳڀرائي ڪئي وڃي. جيستائين ڪيل اعلانن تي عمل نه ڪيو ويندو ايستائين اعتماد واري فضا قائم نه ٿي سگهندي. لنڊن جي ڪنهن ساک واري ليبارٽريءَ مان جزن جي ٽيسٽ ڪرائڻ وارو حڪومتي فيصلو سٺو آهي پر جيترو جلد ٿي سگهي هن فيصلي تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. بشير خان قريشي جي وڇوڙي کي جيتوڻيڪ ٻه هفتا ٿي ويا آهن، پر ماڻهن جي دلين ۾ سوڳ اڃا تائين برقرار آهي. ڪي ڪي سانحا وقت گذرڻ سان گڏوگڏ وڌيڪ اثر ڇڏيندا ويندا آهن، هي سانحو به انهن مان هڪ آهي. بشير خان قريشي جي وڏي خوبي اِها هئي ته هي ٺلهن بيانن جي سياست نه ڪندو هو، پر عملي ماڻهو هو، جڏهن به سنڌ جي مفادن تي ڏکيو وقت آيو ۽ سنڌ خلاف ڪا سازش ٿي ته هن کي سڀني کان اڳيان بيٺل ڏٺو ويو، هي پنهنجي رويي توڙي ڪردار جي حوالي سان غير تڪراري ماڻهو هو ۽ پنهنجي حصي جو ڪم انتهائي خاموشي، سچائي ۽ سنجيدگيءَ سان ڪندو هو، هن جي وڇوڙي کانپوءِ سياست جي دنيا ۾ جيڪو خال پيدا ٿيو آهي، اُهو ڪڏهن به ڀرجڻ جو ناهي. هن شخص جي اوچتي وڇوڙي سبب هر جيءُ جهري پيو آهي، ماڻهو سندس وفات جي سببن کي ڄاڻڻ چاهين ٿا، سندس موت جي حوالي سان جنهن قسم جا خدشا ظاهر ڪيا پئي ويا، سنڌ حڪومت جي ميڊيڪل بورڊ جي رپورٽ سامهون اچڻ کانپوءِ انهن خدشن ۾ اڃا وڌيڪ اضافو ٿيو آهي، ماڻهن جي ردعمل ۾ وڌيڪ شدت آئي آهي، ان جو مثال ٽيون ڏينهن واري هڙتال آهي، جنهن ۾ ماڻهن پاڻمرادو ڪاروبار بند رکيا ۽ پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو. سنڌ جي هن ارڏي ڪردار سان انصاف ڪرڻ جي ضرورت آهي.


 

بشير خان قريشي جو منجهائيندڙ وڇوڙو

جاني خاصخيلي

سنڌ ۽ سنڌي قوم سان انتهائي عقيدت، محبت ۽ سچائي جو ثبوت ارڏي انسان بشير خان قريشي جي پوسٽ مارٽم وارن جزن جي چڪاس ڪرڻ کانپوءِ قريشي جي موت جا ڪارڻ جاڻڻ جي لاءِ جوڙيل ميڊيڪل بورڊ جي جاچ رپورٽ پڌري ڪندي ڄاڻايو آهي ته بشير خان قريشي جي جسم مان زهريلا جزا مليا آهن. جن کي فاسفورس ڪيميڪل جزا سڏيو وڃي ٿو. جنهن کي عام طور تي زهر چيو ويندو آهي، ميڊيڪل بورڊ جي سربراھ ڊاڪٽر عمر ميمڻ ميڊيا آڏو اچي ٻڌايو ته بشير خان قريشي جي جزن جي مائيڪرو اسڪوپ ۽ ڪيميائي چڪاس ۾ اهو ظاهر ٿيو آهي ته جزن ۾ فاسفورس موجود آهي. جيڪو مختلف دوائن توڙي پاڻي ۾ به استعمال ڪيو ويندو آهي. هن رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ته بشير خان قريشي کي دل جي پراڻي تڪليف هئي ۽ کيس اڳ ۾ به دل جو دورو پئچي چڪو آهي. ان سان گڏ ڊاڪٽر عمر ميمڻ اها اهم ڳالھ به ڪئي ته بشير خان قريشي جي موت جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ جاچ ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان لاءِ عالمي معيار جي جاچ ٿيڻ گهرجي. جاچ ۾ صحت کاتي کي اڃان اها به پوري خبر نه پئجي سگهي آهي ته زهر جا جزا ڪيتري مقدار ۾ موجود هئا. جڏهن ته ميڊيڪل بورڊ جي ۱۵ ميمبرن مان رپورٽ جاري ڪرڻ وقت هڪ به ميمبر پاران شرڪت نه ڪرڻ به ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏئي ٿو. اهڙي سڄي صورتحال ۾ لڳي ٿو ته بشير خان قريشي جي موت جا اصل ڪارڻ عوام آڏو پڌرا ڪرڻ ۾ ڪجھ قوتون رڪاوٽ بڻيل آهن. جيڪي نٿيون چاهين ته اصل جاچ رپورٽ عوام آڏو ظاهر نه ٿئي. سنڌ جي ايڏي وڏي قومپرست عوامي اڳواڻ بشير خان قريشي جي جاري ڪيل ميڊيڪل جاچ رپورٽ مجهائيندڙ آهي. جنهن تي ڪو به ماڻهو متفق ٿيڻ لاءِ تيار ناهي. ان جي باوجود سنڌ سرڪار جو ان حوالي سان خاموش رهڻ تي جسقم سميت سنڌ جي عوام جون آڱريون حڪومت مٿان کڄي رهيون آهن، ٻئي طرف جسقم جي قيادت اهڙي جاچ رپورٽ رد ڪري ڇڏي آهي. جنهن بعد صوبائي گهرو وزير منظور وساڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي سان فون تي رابطو ڪري رپورٽ جي جاچ لنڊن مان ڪرائڻ جي خاطري پڻ ڪرائي آهي. پر حڪومت جي اهڙين خاطرين مان ڪو به مطمئن ناهي. جيڪڏهن بشير خان قريشي جي موت جا اصل ڪارڻ عوام آڏو حڪومت پاران پڌرا نه ڪيا ويا ته سنڌ ۾ حڪومت جي اهڙي عمل جا انتهائي خراب نتيجا نڪري سگهن ٿا. سنڌ ڌرتي جي ارڏي پٽ ۽ بهادر قومپرست اڳواڻ جسقم جي چيئرمين بشير خان قريشي جي بي وقتائتي موت سڄي سنڌ کي سوڳوار بڻائي ڇڏيو آهي، هر اک آلي ۽ هر ماڻهو سڪتي ۾ ورتو پيو آهي. سنڌ جي هر شهر، ڳوٺ، واهڻ ۽ وستي ۾ بشير خان قريشي جي اچانڪ لاڏاڻي تي ماتم برپا آهي. هر طرف سنڌ واسين جون آهون ۽ سڏڪا سڏڪي رهيا آهن. شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي وڇوڙي کانپوءِ بشير خان قريشي جي وڇوڙي سنڌي عوام جو ٻيهر جيءَ جهوري ڇڏيو آهي، سندس اچانڪ موت تي اڃان به ڪنهن کي ڪو اعتبار ئي نٿو ٿئي ته هي سنڌ جو سپوت ڪو اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ڏور هليو ويو آهي. ان ڳالھ حقيقي تي اعتبار نه اچڻ جو سڀ کان وڏو اهي ڪارڻ آهي جو بشير خان قريشي هر سنڌ واسي جي دل ڌڙڪن بڻجي چڪو هو. سندس سنڌي قوم جي حقن ۽ سنڌ ڌرتي جي لاءِ ڪيل اڻٿڪ جدوجهد جي نتيجي جو اهو رد عمل آهي، سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ ڏسيل واٽ تي ثابت قدم هلي ڏيکاريندڙ سيد جي سچي عاشق ۽ قومي سپاهي سائين جي ايم سيد جي فڪر ۽ پيغام کي سڄي سنڌ اندر جهر جهنگ ۾ وڃي عام ماڻهن تائين پهچائڻ وارو هن اهو تاريخي ڪم سرانجام ڏنو. جيڪو جي ايم سيد کي وفات کانپوءِ قومپرست سياست ۾ ڪو به نه ڪري سگهيو آهي، بشير خان قريشي قومي تحريڪ جي پيغام کي سنڌي قوم اندر اهڙي ته اثرائتي نموني پهچايو آهي، جو اڄ سنڌ جي هر گهر ۾ سائين جي ايم سيد جو فڪر ڦهلجي چڪو آهي. جنهن سبب سنڌ جي هر ماءُ پنهنجي لخت جگر کي هر پيءُ پنهنجي ڪونڌر پٽ کي ۽ هر ڀيڻ پنهنجي بهادر ڀاءُ کي سنڌ ڌرتي تان قربان ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. هماليه جي جيل جيڏا مضبوط اٽل ارادا رکندڙ ۽ آڌي ۾ جوت جلائي جذبن کي جاڳائيندڙ بشير خان قريشي جنهن پنهنجي سڄي زندگي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي لاءِ رات ڏينهن جدوجهد ڪندي وقف ڪري ڇڏي. هن قومي تحريڪ جي سياست کي صرف ليڪچرن توڙي تعليمي ادارن تائين محدود ڪرڻ بجاءِ هيٺئين عوامي سطح تي آڻي عام ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪئي. جنهن سبب عوام ۾ سندس مقبوليت چنڊ جي چانڊاڻ جيان چمڪي پئي ۽ لکين سنڌ واسي سندس قيادت ۾ سنڌ ڌرتي جي حفاظت ۽ حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ قومي جدوجهد جي ميدان تي مرڪندي نڪري نروار ٿي ويا. قومپرست سياست جنهن هميشه حيدرآباد کي پنهنجو مرڪز بڻايو هو، پر سنڌ جي هن عظيم قومي اڳواڻ بشير خان قريشي قومي تحريڪ جو اهو پهريون قومي هيرو هو. جنهن سنڌ جي دل راڄڌاني واري هنڌ ڪراچي کي قومپرست سياست جو مضبوط قلعو بڻايو. اهڙي عمل سنڌي قوم کي اهو ڀرپور احساس ڏياريو ته ڪراچي ڪالھ به سنڌي قوم جي هئي ۽ اڄ به سنڌي ماڻهن جي آهي، بشير خان قريشي ڪراچي کي قومپرست سياست جو مک ميدان بڻائي سنڌي ماڻهن سان ٿيندڙ ظلم، زيادتين ۽ سنڌ جي وجود وحدت سان هٿ چراند ڪندڙ سنڌ دشمن پرست قوم تن کي للڪاريندو رهيو ته هزارين سالن جي تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت جا چٽا اهڃاڻ رکندڙ سنڌ ڌرتي سنڌي قوم جو پنهنجو تاريخي وطن آهي. سنڌ جي هن ارڏي پٽ ڪراچي ۾ لکين ماڻهو گڏ ڪري ثابت ڪري ڏيکاريو ته هو هڪ سنڌ جو سڀ کان وڏو قومي عوامي اڳواڻ هو. ڇاڪاڻ ته هن سنڌ ڌرتي ماءُ جي وجود ۽ وحدت تي وار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ قوتن سان ڀرپور مهاڏو اٽڪائيندي سنڌ ڌرتي جي حفاظت ۽ وسيلن تي سنڌي ماڻهن کي حقن جي مالڪي ڪئي. هن بهادر اڳواڻ عوام ۾ ايڏي وڏي مقبوليت حاصل ڪرڻ کانپوءِ به پاڻ کي ڪڏهن به وڏو عوامي ليڊر سڏائڻ بجاءِ هميشه هر وقت هر هنڌ اچي چوندو رهيو ته هو هڪ سائين جي ايم سيد جو پيروڪار ۽ قومي تحريڪ جو هڪ ادنا ڪارڪن ۽ سپاهي آهي. سندس اهڙي سوچ، سچائي ۽ ايمانداري سنڌي ماڻهن جون دليون کٽي ورتيون هيون. جنهن سبب اڄ بشير خان قريشي جي دردناڪ بي وقتائتي وڇوڙي تي هر اک ڳوڙها ڳارهي رهي آهي. بشير خان قريشي جنهن قومي تحريڪ ۾ پنهنجي سياسي زندگي جو سفر اهڙي ڏکئي دور ۾ شروع ڪيو. جڏهن هن ملڪ جي ظالم آمر جنرل ضياءُ الحق جي قهري مارشل لا نافذ هئي، پر هي سنڌ جو جوڌو جوان دولھ دريا خان ڪنهن به آمر، جابر ۽ ظالم کان ڊڄي پوئتي هٽڻ وارن مان نه هو. هن ان دور ۾ به پنهنجو نمايان ڪردار ادا ڪيو. جنهن دوران کيس ڪيتريون ئي تڪليفون، روپوشيون ۽ جيلن جون سختيون، اذيتون برداشت ڪرڻيون پيون. پر هن ڪڏهن به سنڌ ڌرتي جي مالڪي ۽ سنڌي ماڻهن جي حقن تان هٿ نه کنيو. هن هميشه شينهن جيان گجگوڙ ڪندي سنڌ دشمن قوتن آڏو پنهنجو سينو تاڻي بيٺل رهيو. سنڌ جي ڪنهن به ڪنڊ ڪڙچ ۾ سنڌي ماڻهن سان ڪو به واقعو پيش ايندو هو ته هي ارڏو انسان فوري طور تي ان علائقي ۾ پهچي ويندو هو. هو ڪشمور کان ويندي ڪيٽي بندر تائين ۽ ڪراچي کان ڪارونجهر تائين سنڌي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ واري سياست کي پنهنجي زندگي جو اصل مقصد، منزل ۽ عبادت سمجهندو هو. سنڌ ۾ ڌاري آباد ڪاري جو مسئلو هجي يا ذوالفقار آباد جي آڙ ۾ سنڌي ماڻهن جي زمين تي زبردستي قبضا ڪرڻ وارو مسئلو هجي. سنڌي هندن سان ٿيندڙ ظلم، زيادتين ۽ ناانصافين واري معاملي تي توڙي ٿر جي ماروئڙي کي ٿرڪول منصوبي ۾ حق ۽ مالڪي ڏيارڻ لاءِ بشير خان قريشي هميشه هر وقت ڀرپور آواز اٿاريندي عملي طور جدوجهد جي ميدان تي سدائين اڳڀرو رهيو ته ٻئي طرف هن نوشهروفيروز مان گم ڪيل نوجوان عمران جوکيو جي بازيابي لاءِ ان جي امڙ سان گڏجي ڪيترا ئي ڌرڻا هنيا ۽ سڄي سنڌ ۾احتجاجي تحريڪ هلائي، جڏهن ته بشير خان قريشي سنڌ مان قبيلائي تڪرارن جو خاتمو آڻڻ لاءِ جهڙيندڙ ڌرين وٽ ميڙ منٿ قافلا وٺي وڃي ڪيترا ئي تڪرار ختم ڪرائڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. جسقم جي چيئرمين بشير خان قريشي جو موت هڪ منجهائيندڙ مسئلو بڻجي ويو آهي، سنڌ جي اڪثر طبقي ۽ جسقم جو اهو موقف سامهون اچي رهيو آهي ته بشير خان قريشي جو موت طبي نه پر هڪ وڏي سازش تحت ان کي قومي تحريڪ جي راھ تان هٽايو ويو آهي. جڏهن ته بشير خان قريشي جي موت جا سبب ڄاڻڻ جي لاءِ ورتل جزن ۾ به ردو بدل ڪرڻ ۽ حڪومت جي غير سنجيده رويي خلاف سڄي سنڌ ۾/ ڏسو صفحو. . . . ۹ احتجاج جاري آهن. تازو ڪجھ ڏينهن اڳ صوبائي گهرو وزير منظور وساڻ جسقم جي وقتي چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي سان فون تي رابطو ڪري کيس واقعي جي جاچ ڪرڻ ۾ مڪمل سهڪار ڪرڻ جي آڇ ڪئي. جيڪا جسقم طرفان قبول ڪئي وئي آهي ۽ ان لاءِ جسقم جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري آصف بالادي جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي پڻ جوڙي وئي آهي. جيڪا بشير خان قريشي جي موت بابت هلندڙ جاچ ۾ سنڌ حڪومت سان هر ممڪن تعاون ڪندي پر عام ماڻهن ۾ اها ڳالھ زور ۽ شور سان گردش ڪري رهي ته جنهن حڪومت ۾ ان جي پنهنجي پارٽي جي شهيد چيئرپرسن شهيد بينظير ڀٽو جي ڪيس سان انصاف نه ٿي سگهيو، ان حڪومت مان هن آزادي پسند انقلابي اڳواڻ جي موت بابت هلندڙ جاچ مان انصاف جي اميد نظر نٿي اچي. بشير خان قريشي جو موت طبي ٿيو آهي يا کيس زهر ڏئي شهيد ڪيو ويو آهي. ان معاملي جي تحه تائين پهچڻ لاءِ قومپرست ڌريون هن ڪيس کي هاءِ پروفائيل ڪيس قرار ڏيندي عالمي ادارن کان جاچ ڪرائڻ جو جو مطالبو ڪيو آهي. جنهن کانپوءِ صوبائي گهرو وزير منظور وساڻ سان جسقم پاران جوڙيل ڪميٽي جي اڳواڻ آصف بالادي جي اڳواڻي ۾ ملاقات ڪري کيس بشير خان قريشي جي موت بابت پيدا ٿيل خدشن ۽ هلندڙ جاچ جي حوالي سان آگاھ ڪندي گهر ڪئي ته ڪيس جي جاچ عالمي ادارن کان ڪرائي وڃي. جسقم جي اهڙي مطالبي کي سنڌ حڪومت مان ڏيندي يقين ڏياريو ته بشير قريشي واقعي جي هر رخ کان جاچ ڪرائڻ لاءِ عالمي ادارن سان رابطو ڪيو ويندو. هن وقت جسقم سميت سموريون قومپرست ڌريون ۽ لکين سنڌ واسي بشير قريشي جي ڪيس سان فوري ۽ مڪمل انصاف چاهين ٿيون. سنڌ جي قومي تحريڪ کي سگهارو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ بشير خان قريشي جو وڇوڙو شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو کانپوءِ سنڌ ڌرتي ۽ سنڌ واسين جي لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي. سندس وڇوڙي سان قومپرست سياست ۾ پيدا ٿيل خال وڏي عرصي کانپوءِ ئي ڪو شايد ڀرجي سگهي، حيدرآباد ۾ صحافتي ذميواريون نڀائيندي منهنجي بشير خان قريشي سان مختلف هنڌن تي ڪافي ملاقاتون ۽ ڪچهريون ٿيون. هو هميشه دل و جان سان پيار ڏيندڙ ۽ ڀڙڪو ڏئي اٿي ڀاڪرن ۾ ڀريندڙ شخص هو. منهنجي ساڻس آخري ملاقات ٿرپارڪر جي شهر مٺي ۾ ٿي هئي. ۲۹ فيبروري ۲۰۱۲ع تي اسلام ڪوٽ کان مٺي تائين ۵۰ ڪلوميٽرن کان وڌيڪ پيادل لانگ مارچ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ پهتا هئاسين. جتي مٺي شهر جي ڪشميري چوڪ تي عوامي ميڙاڪو منعقد ڪيو ويو هو. جنهن ۾ ٿر جي ماروئڙن پاران ٿرڪول منصوبي جي مالڪي ۽ حق نه ملڻ خلاف جدوجهد جو آغاز ڪيو هو. ان جلسي کي بشير خان قريشي خطاب ڪندي ٿر جي عوام کي يقين ڏياريو ته هو ساڻن هر قدم تي گڏ آهي ۽ ضرورت پوڻ تي ٿر جي ماڻهن جي جدوجهد کي اعليٰ ايوانن تائين پهچائڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏينداسين. مٺي ۾ بشير خان قريشي سان ٿيل آخري ملاقات کانپوءِ اوچتو وڇڙي وڃڻ تي سچ پڇو ته اعتبار ئي نٿو اچي.


 

بشير قريشي جي مبهم پوسٽ مارٽم رپورٽ

عوام اعتبار ڪئين ڪري!

محمد بخش ڏاهري

نه ماڻهن جي اداس اکين ۾ ڳوڙهن جا اوتجي آيل سمنڊ سڪا ۽ نه وري سندن غمزده دل کي ڪو آٿت مليو آهي. بشير قريشي جي شخصيت اسان اندر جو سوجهرو هوندي به هاڻي ڪو ديو مالائي ڪردار لڳي ٿو. جنهن سنڌ جي مٽي جنميو هو ۽ هو ”موهين جي دڙي جو ماڻهو“ ٿي پيو هو. جي سمورن دورن جا ستل نسل ڇرڪ ڀري سجاڳ ٿي پيا. تهذيبون جرڪي پيون هيون. اجرڪ جي ڦلڙين جي جرڪاڻ ماضي جي تاريخ تان دز لاهي نئين سفر جي شروعات ڪئي هئي. هڪ اهڙو سفر جا هم سفر ڌارين جي حملن ۾ هڪ ٻئي کان ڌار ٿي ويا هئا. اهڙا جڏهن رڻ گجيو راڙو ٿيو هو ريٽي رت ۾ رنگجي وطن جي مٽي ماءُ ۾ دفن ٿي ويا هئا. سندن روح سنڌ جي هڪ اڇي اجرڪ اوڍي صبح جي راھ منزل جا راهي ٿيا هئا. جنهنجو سرواڻ بشير قريشي هو. ڊگهي اماس راتين کان پوءِ جڏهن اميد جو اجرو ڪرڻو اسان جي غفا ۾ داخل ٿيو هو تڏهن بليڪ هول جهڙي اونداهي ختم ٿي ويئي هئي. سنڌ جو سلامي هي ساٿي ان ڌرتي جو عاشق هو جنهن هر دور ۾ ڌارين حملا آورن جا گهاءُ سٺا، پنهنجن جي غدارين جا تير سٺا، ڌرتي ۽ دنگ جي رکوالن جا ساھ ختم ڪرڻ جا ڪرڀ سٺا. پر هي جيڪو پنهنجي سپنن کي الوادع چئي ڌرتي ماتا جي مٽي جي مهڪ کي پنهنجي زندگي جو نصب العين بڻايو سو دڙي مگسي ۾ چنڊ جي چوڏهين رات پراسرار نموني الوداع ڪيو ويو. ڀٽائي جي تنبوري جي تند ٽٽي پئي. ڪروڙين دلين جي رڳن ۾ سوڳ جا سج اڀري پيا. اسان جي اندر ۾ تڏو وڇائجي ويو. مخدوم جا وارث، دودي جا ڌڻي، پريم نگر جا پانڌيئڙا سوڳ جي اهڙي هم سفر بڻجي ويا جڏهن نيڻن کان ننڊ رسي ويندي آهي. اکين جا لڙڪ سڪي ويندا آهن. اسان ماڻهن جي صدين کان ڳوڙهن، ڏکن جا سمنڊ جهاڳيا آهن ان رات يتيم ٿي وياسين. ان رات جي مالڪ کان پڇو، ان رات جي ستارن کان پڇو، ان رات جي سپنن کان پڇو، ڪيئن ڪڻو ڪڻو ٿي وکري ويا. واري جي ذرڙن وانگر ٻڪ مان ڇڻي. ان رات ڪارونجهر به رنو هو ته مور جي هوڪن به سوڳ ڪيو هو. ڪينجهر ۽ ڪارونجهر تائين ڪراچي کان ڪشمور تائين سڀ فضائون سڀ هوائون سوڳ ۾ وڪوڙجي ويون هيون. دل چاهيو تو کان پڇان دنيا جي عظيم هستين جو موت پراسرار ڇو ٿيندو آهي. آمريڪي صدر جان ايف ڪينڊي کان مائيڪل جيڪسن تائين، علامه آءِ آءِ قاضي کان عرفان مهدي تائين، ماٺيڻي اوٺي کان ساحل پريمي تائين، ساره شگفته کان اڪبر درس سڀ ساڃاھ وند، ڏاها اسان کان پراسرار نموني ڇو جدا ٿي ويا. هو اسان جي دلين ۾ رهن ٿا پر پراسرار قوتن تان پردو نه ٿو کڄي. ڪير اسان کي نٿو ٻڌائي شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو، شهيد شاهنواز ڀٽو ۽ محترمه شهيد جا قاتل ڪير آهن. اسان جي ساھ پساھ جي سلسلن جا ساٿي هڪ هڪ ڪري جدا ٿي پراسرار قوتن انهن جي موت تي پردو وجهي ڇڏيو. جڏهن سنڌ جو آواز بشير قريشي جدا ٿيو هو ته تڏهن ابتدائي رپورٽ ۾ ڊاڪٽرن زهر جي نشاندهي ڪئي هئي. ان کان پوءِ ميڊيا ۾ پوسٽ مارٽم جي حوالي سان متضاد بيان ايندا رهيا. ڊاڪٽرن طرفان اهو اقرار ته جزن واريون برنيون ٽٽي پيون آهن ڇا ڪراچي ۾ پوسٽ ماٽم جا جزا ڏئي ۹ تاريخ ۾ وصول ڪرائڻ يقينن هڪ گهري سازش جو حصو آهي. جسقم جي مڪمل شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال کانپوءِ سنڌ حڪومت پوسٽ مارٽم لاءِ هڪ ۱۵ رڪني ميڊيڪل بورڊ تشڪيل ڏنو جنهن جو سربراھ ڊاڪٽر عمر ميمڻ کي مقرر ڪيو ويو. جنهن جي سربراهي ۾ ميڊيڪل بورڊ اپريل ۲۰۱۲ع تي رپورٽ ڏيڻ واري تاريخ کان اڳ ئي هڪ مبهم پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري ڪئي. جنهن ۾ تفصيل اهو ڏنو ويو ته بشير قريشي دل جي عارضي ۾ مبتلا هو ۽ جسم ۾ فاسفورس جي جزن جي موجودگي جو پتو پيو آهي. فاسفورس کي زهر نه ٿو چئي سگهجي. اهو دوائن ۾ استعمال ٿيندو آهي. سندس جسم ۾ فاسفورس جو مقدار ڪيترو آهي. ان جي چڪاس ٿيندي پر فاسفورس جي جزن جي موجودگي تازي آهي. ميڊيڪل ڪاميٽي جو هڪ ميمبر قيوم راڄپر چئي ٿو ته بشير قريشي کي زهر ڏيئي ماريو ويو آهي. جنهن تي ڪاميٽي جو چيئرمين چئي ته ميڊيڪل ڪاميٽي جي اها ذاتي راءِ آهي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي صحت واري سيڪريٽري ڊاڪٽر سريش ڪمار چيو ته صحت کاتي طرفان جيڪا ميڊيڪل ڪميٽي جوڙي ويئي هئي ان بشير قريشي جي جزن جي ٻن طريقن سان جاچ ڪئي هڪ مائڪرو اسڪوپي ۽ ٻي ڪيميڪل ايگزيمينري ٽيسٽ جنهن ۾ بشير قريشي جي مختلف جزن مان فاسفورس هجڻ جي نشاندهي ٿي آهي. جيڪو زهر جي زمري ۾ نه ٿو اچي. ان موقعي تي ميڊيڪل ڪاميٽي جي چيئرمين چيو ته ڇت اڳ ئي ڪمزور هئي جيڪا ٿوري برسات تي ڪري پئي. هن جي چوڻ مان صاف ظاهر آهي ته بشير قريشي خطرناڪ موضي مرض جو شڪار هو. هلڻ ڦرڻ کان ئي لاچار هو. جڏهن ته سنڌي قوم ڄاڻي ٿي ته بشير قريشي صحتمند هو ۽ کيس ڪابه بيماري ڪانه هئي. ميڊيڪل ڪاميٽي جي پهرين ڏينهن کان ڪيترا ئي متضاد بيان ميڊيا جي زينت بڻي چڪا آهن. ڪاميٽي جو چيئرمين بڻجڻ وقت به هن اهو ئي بيان ڏنو هو ته ڪوشش ڪندو ته ڪنهن جي دٻاءُ ۾ اچڻ بجاءِ ايمانداري سان ڪم ڪري. پوسٽ مارٽم پورٽ جي حوالي سان کيس تفصيل پڌرا ڪرڻ جي اجازت نه آهي. ان جي باوجود جسقم جاري ڪيل مبهم پوسٽ مارٽم رپورٽ کي رد ڪندي سنڌ ۾ مڪمل شٽربند هڙتال جو سڏ ڏيئي ڇڏيو آهي. مرڪزي وائيس چيئرمين نياز ڪالاڻي، جنرل سيڪريٽري آصف بالادي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته هو پوسٽ مارٽم رپورٽ مان مطمئن نه آهن ۽ سندن اڳواڻ کي سازش تحت شهيد ڪيو ويو آهي ۽ ان ۾ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ٿي آهي. هنن عالمي ادارن کان جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هنن پريس ڪانفرنس ۾ اهو به چيو ته بشير قريشي جو قتل ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ قانوني ڪم لاءِ هڪ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آهي. جيڪا سڀني رخن جو جائزو وٺندي. هنن اهو به چيو آهي ته هُو بشير قريشي قتل ۾ ڪنهن پارٽي يا موت واري رات ميزبانن کي ملوث نه ٿا سمجهن بهرحال ڇا به هجي پر سنڌ حڪومت بشير قريشي جي پراسرار موت جي جاچ ڪرائڻ ۾ مڪمل طور لاچاري رهندي. جنهن ڌر هي ڪم ڪيو آهي اسان سڀني کان سگهاري طاقتور ۽ هٿياربند آهي. جڏهن ته جسقم عدم تشدد جي راھ تي هلندڙ آهي. بشير قريشي کي راھ تان هٽائڻ وارو ڪم اهڙي ته ٽيڪنيڪل نموني ڪيو ويو آهي جو ان جو ثبوت پٺيان نه ڇڏيو آهي. بشير قريشي ۲۳ مارچ تي فريدم مارچ ۾ جيڪا تقرير ڪئي ۽ جهڙي ريت پرامن طريقي سان فريڊم مارچ لاءِ ڪراچي پهتو اهو برداشت ڪرڻ يقينن ان ڌر لاءِ ناممڪن هو. جيتوڻيڪ ۲۳ مارچ جي موقعي تي متحده سربراھ ملڪ جي صدر کي فون ڪري فريڊم مارچ ۾ شرڪت ڪندڙن طرفان ڪراچي ۾ ڦرلٽ ۽ عورتن سان بي واجبي جي دانهن ڏني هئي پر ميڊيا ۾ ڦرلٽ توڙي ڪو به اڻ وڻندڙ واقعو رپورٽ نه ٿيو. سنڌي توڙي اردو پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪس ميڊيا ۾ دانهن ڏنل واقعي جو ڪوبه تفصيل سامهون نه آيو. هن مارچ خود متحده قومي موومينٽ کي به ڇرڪائي وڌو هو. ته مار جنهن جا اسين دهٽتگرد سان مالڪ بڻيا ويٺا آهيون ان شهر جا ڌڻي ته جاڳي پيا آهن. هي اسان جي اڇي ڪاري يا لچائين کي ڪيئن برداشت ڪندا. متحده سربراھ بشير قريشي جي جزن جي جانچ عالمي ادارن کان ڪرائڻ واري مطالبي تي مون کي ڪوبه اچرج نه ٿيو آهي. ڇاڪاڻ ته ان کان اڳ به اهڙي قسم جا ڪرتب ڏيکاري چڪو آهي. هي معاملو ان سنڌي قوم جو آهي. جنهن سان انگريزن ته بيواجبيون ڪيون پر ملڪ جي حڪمرانن به نڪ ۾ دم ڪيو. حڪمران اها ڳالھ به وساري ويٺا آهن ته ملڪ جي خالق سنڌ آهي. جيڪا انگريزن جي قبضي کان اڳ دنيا جي نقشي تي آزاد خودمختيار ملڪ جي حيثيت سان موجود هئي. آزادي هن ملڪ جو بنيادي حق آهي پر جيڪي ماڻهو آزادي جي ڳالھ ڪن ٿا تڏهن ان جو سبب ڪا محرومي هوندي. اسين سنڌي ماڻهو صدن کان پنهنجي ڌرتي تي آزاد ۽ پنهنجي سڃاڻپ تان ڪڏهن به هٿ نه کڻنداسين. جيڪي رهبري ڪن ٿا اسان جي آزادي وقار شان خوشحالي ۽ امن کي موٽائڻ لاءِ سرواڻي ڪن ٿا جن دلير اڳواڻن جي بهادري اسان جي اندر ۾ حوصلو پيدا ڪري ٿي. تن کي ڳڻي ڳڻي ماريو وڃي ٿو. ڳجهي نموني راھ تان هٽايو وڃي ٿو. بشير قريشي جي هٿ ٺوڪيل پوسٽ مارٽم رپورٽ کي سنڌي عوام نه ٿو مڃي اهو ڪهڙو منطق هي جو ڪوڙ کي مڃائڻ لاءِ دليل گهڙيا وڃن ٿا ۽ اجري سچ کان ئي انڪار ڪيو وڃي. بشير قريشي سنڌي عوام جي دل جي ڌڙڪن هو. اهڙي عظيم شخصيت جي پراسرار موت جي پورٽ کي اسان ڪوڙ جي سمجهون ٿا ۽ حقيقت کي ڦيرائي سندس موت کي طبي قرار ڏيڻ تي قوم ڪيئن اعتبار ڪري. جنهن کي ماڻهو کي ڪڏهن مٿي ۾ سور به نه پيو ان جي پراسرار موت پٺيان لڪل رازن کي ڳجهو رکڻ جي ڪوشش ڇو ڪئي پئي وڃي. ڇا ان سان سچ جي پرده پوشي ٿي ويندي؟ سچ کي ڪڏهن به لڪائي نه سگهبو آهي. اهو فطرت جو اٽل اصول آهي ته ڪڏهن نه ڪڏهن سچ ضرور پڌو ٿي پوندو آهي. پر سچ لڪائڻ ۾ پنهنجن جو ڪردار جيڪو ڏک پهچائيندو اهو گهاءُ ڪڏهن به ڀرجي نه سگهندو. سنڌ جا ماڻهو جيڪي بشير قريشي جي پراسرار موت کان پوءِ گهري صدمي جو شڪار آهن. انهن کي ڏکائڻ لاءِ جانچ رپورٽن جا هٿرادو ناٽڪ بند ٿيڻ گهرجن. سنڌي عوام حقيقت آهي جيڪا حڪمرانن کي اڄ نه سڀاڻي ضرور تسليم ڪرڻي پوندي. باقي اسان جهڙا عام مسڪين ماڻهو جن جي جهول ۾ لڙڪن جا سمنڊ گڏ ٿي ويا آهن انهي توهان مان انصاف جو آسرو پلي ويٺا آهن. جڏهن ميڙي مٺ ٿيندا تڏهن تاريخ جي ابتي ڦرندڙ ڦيٿي کي جهلي بلائتو ڪندا. منهنجي ڪيفيت غمزده آهي. مون پنهنجي جهول ۾ ڏک ميڙيا آهن. پر ۷ اپريل کان پوءِ آئون پنهنجو پاڻ کي ڇورو ڇنو سمجهان ٿو ۽ محسوس ڪريان ٿو ته زندگي ۾ رڳو ماڻهو يتيم نه ٿيندا آهن پر سرواڻن جي جدائي کانپوءِ قوم به يتيم ٿي ويندي آهي. اسان جي دل جي اڱڻ تي هميشه تعزيتن جا تڏا ئي وڇايل رهيا آهن. اسان جي زندگي مان ڏک محروميون ميڙيون آهن. پر بشير قريشي جو واقعو سنڌ لاءِ اهڙو سانحو آهي جنهن سبب سڪتي ۾ ورتل قوم کي پاڻ سنڀالڻ جو وقت لڳندو. ڪاش اسان کي سمجهي سنڌي عوام جي احتجاج جو احسان ڪن.

واڪا ڪندي ووءِ، صديون تو لئه سنڌڙي

سرواڻ خان جوکيو

محترم بشير خان قريشي عظيم، شفيق ۽ ٻاجھارو انسان هيو. هو ارادن ۾ هماليه جيڏو اوچو ۽ هٿ جوڙ، نياز نوڙت وارو عظيم انسان سدائين پنهنجي عظيم رهبر وانگي صوفي مزاج رکندڙ هو. اهو نياز نوڙت وارو بشير خان قريشي اڄ اسان ۾ ناهي رهيو، اهو سچ آهي ته هو اسان سان جسماني طور تي ته گڏ ناهي پر روحاني طور اسان سان هر وقت گڏ آهي. بشير خان قريشي رڳو هڪ فرد نه هيو، پر هو سڄي سنڌ هيو ۽ اهو ئي سبب آهي جو سندس اوچتي وڇوڙي تي سڄي سنڌ پنهنجي عزيزن جيان روئي پئي. هو سچو ديشي هيو، هن کي اهو اعزاز حاصل هيو ته هو جڏهن به سن ايندو هو ته کيس ايندي ڏسي رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد به کيس مرڪي چوندو هو ته ”اجھو، اچي ويو آهي سچو ديشي، پڪو ديشي- بشير قريشي، بشير قريشي“ هن کي سچي ديشي پڪي ديشي جي بشارت جي مايا به مرشد کان ئي مليل هئي. تنهن ڪري کيس پيار منجھان قومي ڪارڪن ۽ پارٽيءَ جا اڳواڻ ابوجهاد به چوندا هئا، ابوجهاد کان وٺي وڏي تائين سڀ لقب کيس سونهندا هئا.

۷ اپريل جي اها شام غريبان جهڙي شام جا ڏکوئيندڙ اهي منظر جنهن جو درد هڪ ڪالم ۾ محفوظ نٿو ڪري سگھجي، هر طرف آھ بقا، هر اک آلي، هر چهرو وساڻل، هر دل درد ۾ ٻڏل ڏسي ان ڏهاڙي اهو ثابت ٿي ويو هيو ته بشير خان قومي اڳواڻ کان علاوه عام سنڌي ماڻهوءَ جو به ڪيڏو نه مقبول ۽ محبوب اڳواڻ هيو، سندس سياسي ڪردار سان گڏوگڏ سندس ذاتي شخصيت به ڪيڏي نه ڀاري هئي، جنهن اڄ هر اک کي آلو ڪري وڌو آهي.

اها عجيب ڳالھ آهي ته هن ماڻهوءَ جي آفيس ئي پنهنجي گاڏي هئي. هن وٽ عام اڳواڻن جيان ڪو به ٺٺ ٺانگر ۽ وڏائي ڪانه هئي، سفر دوران هو هر جلسي، جلوس، ريليءَ ۾ پنهنجي ڪارڪنن کي هر هر ياد رکندو هو، هن جو پارٽي ڪارڪنن سان انتهائي پيار وارو رشتو هيو ۽ وڏڙن سان اولاد جيان پيش ايندو هيو، هر ڪنهن سان نوڙي ملندو هو، هن کي ديس وارن جو جڏهن به ڪوئي سڏ ٿيو ته هن ان سڏ کي هانو سان هنڊايو ۽ انهن کي سڏ ۾ سڏ ڏنو. ۽ پنهنجن ڪارڪنن کي اهو پيغام پڻ ڏنو ته. ڌرتيءَ وارن جو جڏهن به ڪوئي سڏ ٿئي ته ان کان نٽائڻ بجاءِ ان کي هانوَ سان هنڊائجو. توڙي جو توهان جا پير پٿون ڇو نه ٿيل هجن.

ڪنڊا مون پيرن ۾، توڙي لک لڳن،

آڱر آڱوٺي نه مڙي، ڇپون پير ڇنن،

ويندين ڏانهن پرين، جُتي جات نه پائيان،

سندس اوچتي جدائيءَ جي صدمي ۾ ماڻهو پنهنجا حال وڃائي ويٺا هئا ۽ جيڪي هو سوچي رهيا هئا ته هاڻ سنڌ ۽ سنڌي قوم جو ڇا ٿيندو؟ قومپرست سياست ۾ هڪ ئي محترم بشير خان قريشيءَ جو ئي وزنائتو نالو هو، جيڪو ڏينهن رات هڪ ڪري به سنڌ جي مسئلن تي ڪڏنهن هن روڊ تي ته ڪڏهن هن روڊ تي سخت گرميءَ ۾ ڌرڻا هڻندي نظر ايندو هو، هن ڌرتيءَ جي ارڏي پٽ کي نه زندگيءَ جي ڪا پرواھ هئي ۽ نه صحت جي ڪا ڪاڻ رهي. هن جدوجهد جي عمل ۾ ڪڏهن به ڪنهن آسائش جي تمنا نه ڪئي، هن جو دين، ايمان، دنيا هر شيءِ سنڌ هئي هن جي رڳ رڳ ۾ سنڌ هئي، جيڪا دل سنڌ سنڌ ڪري ڌڙڪندي هئي اها اڄ ڪيئن خاموش ٿي وئي؟ دل کي اعتبار ئي نه ٿو اچي!

هو قومپرست شاگرد سياست کي عملي جدوجهد جو روپ ڏيڻ وارو واحد اڳواڻ هيو. هن سنڌ جي آزاديءَ واري ڪيس کي سنڌ جي هر واهڻ وستي، هر ڳوٺ، هر گليءَ ۾ پاڻ وڃي پهچايو، اهو سنڌ جو ڳوٺ ناهي جٿي بشير خان سنڌ جي حقن لاءِ مظاهرو ۽ ڌرڻو نه هنيو هجي. سياست جي دنيا ۾ هي کاهوڙي ماڻهو هر وقت اسان کي شاه جي هن شعر وانگي نظر ايندو هيو ته:

کرکڻا لاهي، سک مَ ستا ڪڏهين،

اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو.

محترم بشير خان قرشيءَ کي سنڌ جي حقن جي لاءِ جدوجهد جي بي پناھ صلاحيت ۽ توانائي هئي. محترم بشير خان قريشي هڪ متحرڪ قسم جي شخصيت هيو. ڪي شخص تمام وڏا عالم هوندا آهن پر گڏوگڏ متحرڪ نه هوندا آهن، ويٺي سوچڻ ۽ غور و فڪر ڪرڻ وارا ته هوندا آهن پر اهي عوام کي متحرڪ ڪرڻ جي صلاحيت ناهن رکندا. اها صلاحيت سڀني قومپرستن مان صرف محترم بشير خان قريشيءَ ۾ ئي وڌيڪ هئي، جو اهو ئي سبب آهي جو ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ ٻه ڀيرا شاندار آزادي مارچ ڪري انهن سگھارين قوتن ڏانهن اهو پيغام اماڻيو ته جن سنڌين کي توهان ڪمزور سمجھو ٿا اهي جيڪڏهن پنهنجيءَ تي اچن ته توهان جي گذران جا سڀ رستا بند ڪري سگھن ٿا. . . .!

 تنظيم جي حساب سان هو هڪ پارٽيءَ جو چيئرمين ته هيو پر هن ڪڏهن به ڪنهن تي هڪ قومي ڪمانڊر جي حيثيت ۾ ڪو به حڪم نه هلايو ۽ نه ئي سدائين پنهنجي ڳالھ کي ئي وزنائتو ڪوٺيو پر هن سدائين گڏيل فيصلن جي پوئيواري ڪئي، هن ۾ هر وقت لچڪ ۽ نوڙت هئي، اڄ اهو ئي سبب آ جو هر سنڌي ماڻهون کيس پنهنجو عزيز سمجھندي سندس وڇوڙي تي روئي پيو ۽ پاڻ کي يتيم سمجھي پيو، بشير خان هڪ عوامي ليڊر هيو.

قومي تحريڪ جو سنڌ ۾ ڪردار تمام اهم آهي ۽ ان ۾ بشير خان قريشيءَ جو ڪردار قاعدانه هو. هن ۾ جوش، ماڻهن کي متحرڪ ڪرڻ، گڏيل تز ۽ جلدي صحيح فيصلي ڪرڻ جي صلاحيت هئي جيڪي ٽي شيون قاعدانه ڪردار لاءِ هجڻ لازمي هيون. محترم بشير خان قريشيءَ جو پڙهڻ طرف گھٽ ڌيان رهيو، هر سياستدان کي هر قسم جو مطالعو ڪرڻ لازمي به هوندو آهي پر هن مطالعي جي بدران عوامي ميڙ کي وڌيڪ ترجيح ڏني. سنڌ جي ننڍي وڏي مسئلي تي هماليه جيان اوچو رهندڙ هو، ڪالاباغ ڊيم هجي، ڌارين جي آبادڪاري، قومي ڪارڪنن جي گمشدگي هجي، قبائلي تڪرار هجن مطلب ته سنڌ جي هر ننڍي توڙي وڏي مسئلي تي احتجاج ڪرڻ ۽ بنا ڪنهن ڊڄ جي سهڻي ميهار جو گھڙو کڻي گھڙي پوندو هيو. سنڌ ۾ وڌيڪ قبائلي جھيڙا ختم ڪرائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. قومپرست سياست ۾ محترم بشير خان جو ڪردار سڀني کان مٿانهون آهي، هر سنڌيءَ جي زبان مان بشير خان لاءِ عزت وارا لفظ ٻڌي سنڌي ماڻهن جو ساڻس محبت جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو. منهنجي پهرين ملاقات محترم بشير خان سان ڪنڊياري ۾ جشن جي ايم سيد ۾ سال ۲۰۰۸ ۾ ٿي، هن جي ملڻ جو انداز نرالو هو، هن ۾ اهڙو ته سڀاءُ هيو جو مان ان کان پوءِ ان جو ئي پرستار ٿي پيس، منهنجي عمر به ننڍي هئي پر تنهن هوندي به مان جيئن ئي اسٽيج تي ساڻس ملڻ لاءِ چڙهيس ته هن اٿي بيهي مون سان ڀاڪر پائي ۽ خوش خيرعافيت ڪئي. هڪ ايڏو وڏو ليڊر۽ هڪ ٻار سان ائين ملي اها ڪيڏي نه وڏي ڳالھ آهي. . .!! هن جي اهڙي انداز سان ملڻ کان پوءِ منهنجي ڪيفيت ڪنهن شاعر جي هنن سٽن جهڙي ٿي پئي هئي ته:

تنهنجي آهي زندگي محسوس ٿي،

ٻاٽ ۾ ڄڻ روشني محسوس ٿي،

سڀ جڏهن مون آزمائي هن ڏٺا،

مون کي تنهنجي دوستي محسوس ٿي.

اهو سچ آهي ته سائين جي ايم سيد جو خال بشير خان ڀريو پر بشير خان جو خال ڪير نه ٿو ڀري سگھي. . . . .!! سائين جي ايم سيد سنڌ ٻڌائي پر اسان کي سنڌ ڏيکاري محترم بشير خان قريشيءَ! هاڻ سوال اهو آهي ته سنڌ ۽ سنڌي قوم جو ڇا ٿيندو؟ هن وقت جيڪڏهن قومپرست ڌريون گڏ نه ٿيون ته بشير خان جو خواب ساڀيان ڪيئن ٿيندو؟

بشير خان جي اها آخري پريس ڪانفرنس جنهن ۾ هن چيو هو ته ”منهنجي دلي خواهش آهي ته قومپرست پارٽيون هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي سنڌ جي حقن جي حفاظت ڪن.”هاڻ ڏسون ته سندس خواهش کي عملي روپ ڪير ٿو ڏئي! محترم بشير خان قريشيءَ ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ پاڪستان جي قرارداد واري ڪاري ڏينهن، ۲۳ مارچ ۲۰۱۲ع تي لکين ماڻهو گڏ ڪري سائين جي ايم سيد جي نظرئي مطابق هن غير فطري رياست کان بيزاريءَ جو اعلان ڪيو ۽ ٻڌايو ته ”سنڌ، سنڌين جي آهي ۽ سنڌ جي ذري ذري جا وارث اسان آهيون.”

ان ۲۳ مارچ ۲۰۱۲ع جي فريڊم مارچ تي سنڌ جي شينهن دل اڳواڻ سچي سالڪ، پنهنجي رهبر جيان، پنهنجي سرفروش ساٿين سان گڏ سنڌي قوم ۽ اقوام عالم/ عالم انسانيت کي هي پيغام ڏنو هو ته:

ڪو آ رحمان جي پاسي، ڪو آ ڀڳوان جي پاسي،

اسان جو سجدو ان کي آ، جيڪو آ انسان جي پاسي.

ان اهڙي عالمي انسانيت جي فڪر رکندڙ سنڌ جي سپاهيءَ ۽ ارڏي پٽ کي هڪ گهري سازش تحت زهر وسيلي کيس سنڌ ۽ سنڌين کان جسماني طور تي ڌار ڪيو ويو. ليڪن حقيقت ۾ هو اسان جي دلين تي مسموم بڻجي، سدا بهار ٿي ويو؛ جيڪا ڳالھ هن رياست ۽ ان جي ڪارندن جي ڀيڄي ۾ ويهڻ واري ڪانهي.


 

سوڀون سِرَ گهرن

بشير خان قريشي جي چاليهي جي مناسبت سان

محمد ابراهيم جويو

کرڙي کائي رتُ، ڀت نه وجهي وات ۾،
پِڙ ۾ پهلوانن جي، ويٺي پرکي پت،
جنين نيڻ نست، نينهن نه لائي تن
 سين.

(خليفو نبي بخش)

هن دنيا ۾ ماڻهو ايندا آهن ۽ ماڻهو ويندا رهندا آهن. اهڙو سلسلو تڏهن کان هلندو اچي، جڏهن کان بني نوع آدم هن ڌرتيءَ تي وجود ورتو. اتهاس جي مختلف دورن ۾ ايئن ئي ماڻهو ايندا ۽ ويندا رهيا آهن، جهڙيءَ ريت اسين اڄڪلھ ڏسون پيا. انهن بنھ گهڻن ماڻهن منجهان رڳو ڪي ڪي ماڻهو اهڙا هوندا آهن، جيڪي پنهنجن پنهنجن سماجن، قومن ۽ ملڪن لاءِ پنهنجي ڪم ۽ ڪردار جي حوالي سان اعليٰ نشان ڇڏي ويندا آهن ۽ پوءِ اهڙا نشان اڳيان ايندڙ پيڙهين جي رهنمائي ڪندا رهندا آهن. شهيد بشير خان قريشي به پنهنجي ڪردار ۽ ڪم جي حوالي کان اسان لاءِ اهڙا نشان ڇڏي ويو آهي.

سنڌ ۾ به مختلف وقتن تي اهڙا ماڻهو پيدا ٿيندا رهيا آهن، جن پنهنجي وطن ۽ وطن واسين لاءِ پنهنجي پوري ڄمار ارپي ڇڏي ۽ جن محنت ۽ محبت سان زمانن جي ضميرن تان زنگ لاٿا ۽ جن تاريخ کي نوان رُخ ۽ سرچشما ميسر ڪري ڏنا. شهيدِ سنڌ بشير خان قريشي، سنڌ جو صالح ۽ سٻاجهو پُٽ، پڻ اهڙن ماڻهن منجهان آهي، جن پنهنجي پوري ڄمار پنهنجن ننگن ۽ دنگن جي حفاظت واسطي ارپي ڇڏي هئي. هن لاءِ جيڪڏهن زندگيءَ ۾ ڪا شيءِ اهم هئي ته اهو سائين جي ايم سيد جو فڪر ئي هو، جنهن کي مشعل راھ بڻائي هو اڳتي وڌندو رهيو. سندس اوچتي وڇوڙي کان پوءِ هر پاسي سوڳواريءَ جي ڪيفيت آهي ۽ اهڙيءَ ڪيفيت جو اڀرڻ فطري پڻ آهي، ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي لڳاتار سياسي پورهيي ۽ ڪردار وسيلي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن ۾ اها جاءِ ٺاهي ورتي هئي، جيڪا ڪنهن ڪنهن سياسي اڳواڻ يا ڪارڪن جي حصي ۾ ايندي آهي. شهيدِ سنڌ بشير خان قريشي اهڙن ماڻهن منجهان هو، جيڪي ”ٻري ٻاريندا آهن“. جيڪي راتو ڏينهن رڙهندا رهندا آهن، جيڪي ”رائي منجھ رهندا آهن“، جيڪي ”جز وڃائي ڪل سان ڪم رکندا آهن“. اهوئي سبب آهي جو اڄ کيس مهڪندڙ، مٺي، نج پڄ، والهاڻي عقيدت ۽ محبت سان ياد ڪيو پيو وڃي. هتي هيءَ ڳالھ پڻ ڪرڻ چاهبي، جا گهڻي ڏکوئيندڙ به آهي ته شهيدِ سنڌ بشير خان قريشيءَ جي اوچتي وڇوڙي واري خبر ۽ ان کان پوءِ سندس لاڏاڻي جيسببن ڄاڻڻ واسطي ٿيندڙ چڪاس بابت لڳاتار ايندڙ خبرن، سچ پچ، انهيءَ سانحي ۽ صدمي کي اڃا به وڌائي ڇڏيو آهي. جڏهن لاپرواهي ۽ بي گندرائي انهيءَ حد تائين وڃي رسي ته پوءِ شڪ پڻ پڪ ۽ ويساھ ۾ تبديل ٿي ويندا آهن. لاڏاڻي جي سببن کي چڪاسڻ ۾ ايتري گهل ۽ اينگھ گهڻي ڏکوئيندڙ ته آهي، پر رياستي انتظامڪاريءَ جي سموري نا اهل تاڃي پيٽي کي پڻ وائکو ڪري ٿي. جيتوڻيڪ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن وٽ بشير خان قريشيءَ جي لاڏاڻي جي حوالي کان راءِ بنھ چٽي ٿي بيٺي آهي، ته سندس لاڏاڻو ڪنهن به طرح فطري نه هو. تنهن هوندي به، اها ڳالھ پنهنجي جاءِ تي وزن ضرور رکي ٿي ته هن سڄي معاملي ۾ رياستي لاپرواهيءَ کي شديد نموني ان ڪري به ورتو پيو وڃي، جو هيءُ پهريون ڀيرو نه آهي، جو اهڙو سانحو پيش آيو هجي، پر سنڌ ۽ سنڌ وارن کي مختلف وقتن تي اهڙن سانحن کي منهن ڏيڻو پيو آهي ۽ اها به حقيقت آهي ته انهن مڙني سانحن جي اڄ ڏينهن تائين ڪابه اڻ ڌري جاچ نه ٿي سگهي آهي ۽ نه ئي وري حقيقتون پڌريون ڪيون ويون آهن.

بهرحال، ڏکي يا سولي، اسان کي اها ڳالھ قبول ڪرڻي آهي ته شهيد بشير خان قريشي هاڻي اسان جي وچ ۾ نه رهيو آهي. قومون ۽ وطن تاريخ جي مختلف مرحلن تي ڏکين وقتن مان گذرندا آهن ۽ اڄ به هڪ بيحد ڏکي گهڙي اسان جي مٿان آيل آهي، پر ان جو مطلب اهو نه آهي ته سڀ ڪجھ هڪ هنڌ بيهجي ويو آهي. اسان کي اها ڳالھ سمجهڻ کپي ته هن سلسلي کي اڳتي وڌائڻو آهي ۽ انهيءَ اڳتي کان اڳتي واري سفر ۾ جيڪڏهن اسان کي ٻيون به قربانيون ڏيڻيون پيون ته اهي به ڏينداسين. خليفي نبي بخش جي هڪ بيت جي سٽ آهي:

سوڀون سِرَ گهرن، سِر ريءَ سوڀ نه سپجي.”

اسين محڪوم بڻايل آهيون ۽ اڄڪلھ جا نه، پر وڏي عرصي کان. محڪومن جي زندگين ۾ اهڙا حادثا ۽ سانحا ٿيندا رهندا آهن. اها ڪا نئين ڳالھ نه آهي. جڏهن سائين جي ايم سيد جو جسم روح کان آزاد ٿيو هو، تڏهن به سڄي سنڌ سوڳوار هئي. انهيءَ ڀيري پڻ ائين لڳو پئي ته هر شيءِ هڪ هنڌ بيهجي ويئي آهي ۽ لاوارثيءَ جو احساس سموري سنڌ کي وڪوڙي ويو هو، پر سائين جي ايم سيد جو فڪر اسان لاءِ هڪ نئين تحرڪ ۽ نئين ۽ اڳي کان به اڳري سرگرميءَ جو سبب بڻيو. سيد صاحب جي فڪر اسان جي رهنمائي ڪئي ۽ اهڙيءَ ريت اسان جو هيءُ قومي قافلو اڳتي وڌيو. ان ۾ وطن جا سپاهي، جانثار ۽ سرفروش اڳي کان به گهڻا شامل ٿيندا ويا ۽ ان ريت سيد صاحب جو فڪر لکن دلين ۾ روشني بڻجي جرڪيو. ڪالھ جيڪو قافلو بنھ ننڍڙو هو ۽ جنهن ۾ بنھ ٿورڙي انگ ۾ وطن واسي گڏ هئا، اهو قافلو اڄ هڪ ڇوليون هڻندڙ سمنڊ ۾ تبديل ٿي پيو. ان جو مطلب اهو ٿيو ته سيد صاحب جي وڇوڙي کان پوءِ ڳالھ هڪ هنڌ بيهي نه رهي پر اها هڪ نئين ۽ پرعزم انداز سان اڳتي وڌي. انڪري هيءَ مايوس ٿيڻ جي گهڙي نه آهي. دل لاهڻ نه کپي. صدمو آهي- سهي ئي وڃبو، سفر اتي دنگ نه ٿيو آهي. اڃا ماڳ نه ماڻيو اٿئون، جنهن سان قول اقرار آهي ۽ سڀ کان وڏي ڳالھ اها آهي ته هن سموري ڪيل پورهيي کي سجائي ڪرڻ لاءِ ۽ هن سموري پنڌ کي سوچيل ۽ تصور ڪيل هنڌ تي رسائڻ لاءِ پاڻ اڃا سرگرم عمل آهيون، اڃا پاڻ موجود آهيون، انهيءَ ڪري هيءُ وقت شهيد بشير خان قريشيءَ جي صدمي کي سگھ ۾ تبديل ڪرڻ جو آهي. سنڌ ۾ ويساھ رکجي، اها اڳي به جوڌا ۽ جوان پيدا ڪندي رهي آهي ۽ اڳتي به ڪندي رهندي:

منهنجي سنڌڙي، منهنجي سنڌڙي، سنڌڙي منهنجي ماءُ
ڪيئن مڃان مان تنهنجي ڪُک مان، سڪ ڇڏي وئي ساءُ
(اياز)

هيءُ صدمو هڪ پڙاءُ آهي ۽ وري سفر جو سامان ٻَڌڻ لاءِ گهگهو وڄڻو آهي ۽ قافلو اڳتي وڌڻو آهي. اسين اڳتي وڌنداسين، اسين نه هونداسين ته ٻيا هوندا ۽ اهي نه هوندا ته اڃا بهٻيا هوندا، جيڪي هن عظيم قومي قافلي کي اڳتي وڌائيندا ۽ توڙ ڏانهن وکون وڌائيندا رهندا:

مرنداسين ته مٽيءَ مان پنهنجي جڙندا ڪيئي جام
نوان نوان متوارا
 ايندا، هڻندا تن جي هام

يا:

مرنداسين ته مٽيءَ مان پنهنجي ڦٽندا سرخ گلاب،

کڙندا ٽڙندا جن ۾ پنهنجا بسنت رت جا خواب (اياز)

 جيڪڏهن ٿورڙي پوئتي نهار ڪبي، تڏهن به، ڪا مايوس ڪندڙ تصوير نه ملندي. اسان هڪ قوم جي حيثيت ۾ هيلتائين جيڪو سفر ڪيو آهي، اهو اجايو نه آهي، ڪيترا ئي سنگ ميل آهن جيڪي اسين طئه ڪري آيا آهيون. اڃا اها ڪالھ ڪالهوڻي ڳالھ لڳي ٿي جڏهن بنگال جي ورهاڱي کان پوءِ سائين جي ايم سيد سنڌ جي اصلي تاريخي حيثيت جي بحاليءَ جي گُهر ڪئي هئي ۽ انهيءَ گُهر کي مڃائڻ خاطر هڪ سياسي تحريڪ جو بنياد وڌو هو. سائين جي ايم سيد جو اهڙو مطالبو ۽ اعلان هر لحاظ کان اصولي ۽ واجبي هو. بنگال جي الڳ ٿي وڃڻ کان پوءِ اولھ پاڪستان ۾ شامل سمورين آئيني اڪاين کي هڪ ڀيرو ٻيهر اعتماد ۾ ورتو وڃڻو هو ۽ انهيءَ سان گڏ باقي بچيل وفاق کي هلائڻ لاءِ نئين طريقيڪار تي ڳالهيون پڻ ڪيون وڃڻيون هيون، پر انهيءَ وقت جي حڪمران طبقي، اهڙي بنيادي ۽ اهم ڪم ڪار کي ڇڏي، قبضيگير سوچ تي هلندي، هڪ غيرقانوني حڪومت اولھ پاڪستان جي مڙني آئيني اڪاين مٿان مڙهي. انهيءَ جماعت جنهن مانڊاڻ ۾ چونڊون وڙهيون هيون، اهو ٻيو هو ۽ بنگال جي الڳ ٿيڻ کان پوءِ صورتحال بنھ ٻي هئي.

۱۹۷۰ع وارين چونڊن ۾ جن سياسي جماعتن حصو ورتو هو، اهي ڪي ٻيون هيون، انهن جا اڳواڻ ۽ اميداوار ۽ پڻ ووٽ ڏيندڙ ٻيا هئا. انهيءَ ڪري وقت ۽ حالتن جي تقاضا اها هئي ته باقي بچيل پاڪستان ۾ شامل آئيني اڪاين سان هڪ ڀيرو ٻيهر صلاح مشورو ڪيو وڃي ها ۽ انهيءَ جي بنياد تي نئين وفاق کي نون بنيادن تي بيهاريو وڃي ها. جڏهن انهيءَ ڏس ۾ ڪنهن به قسم جي اڳڀرائي نه ٿي ۽ اصولي سياست ۽ حڪمرانيءَ جي سمورن مڃيل اصولن جي ڀڃڪڙي ڪئي ويئي ته اهڙي لمحي، سائين جي ايم سيد وٽ پنهنجو اصولي ۽ تاريخي موقف رکڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه رستو نه هو. ان لحاظ کان سيد صاحب جي اها گُهر وقتائتي هئي ۽ اصولي پڻ. انهيءَ گُهر کي ناڪام بنائڻ لاءِ ۽ جيئي سنڌ تحريڪ کي سوڙهي ڪرڻ لاءِ رياستي سطح تي مختلف هربا ۽ هٿڪنڊا هلايا ويا. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو رياستي مشينري ۽ جيئي سنڌ تحريڪ جي باني ۽ انهيءَ جي ڪارڪنن وچ ۾ ڇڪتاڻ جو هڪ ڊگهو سلسلو هلي نڪتو، جيڪو سيد صاحب جي لاڏاڻي تائين برقرار رهيو.

جيئن ته جيئي سنڌ تحريڪ کي عوامي رنگ ۾ پيش ڪرڻ لاءِ سيد صاحب توڙي سندس جماعت جي ڪارڪنن کي چئني پاسن کان سوگهو ڪيو ويو هو، انهيءَ ڪري تنظيمي ڪم ڪار جي حوالي کان ڪا گهڻي اڳڀرائي نه ٿي سگهي. ڪي دوست انهيءَ تنظيمي اڳڀرائي نه ٿيڻ کي بنياد بڻائي اهو چوندا آيا آهن، ته سيد صاحب وقت کان اڳ اهڙي گُهر ڪئي هئي، پر اهي انهيءَ ڳالھ کي نظر انداز ڪري ٿا وڃن ته سنڌ جي اصلي ۽ تاريخي حيثيت جي بحاليءَ جي گُهر ۽ اُن گُهر جي مڃتا لاءِ جوڙيل جماعت کي هر پاسي کان محدود ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي، تنهن ڪري اُها خاطرخواھ نموني اسري ۽ وڌي نه سگهي ۽ نه ئي پکڙجي مڪمل طرح عوام ۾ جاءِ ٺاهي سگهي. ياد رکڻ کپي ته سيد صاحب جو اهڙو مطالبو درست هو پر ان کي ناڪام بڻائڻ جي هر سطح تي ڪوشش ڪئي ويئي هئي.

سيد صاحب جي لاڏاڻي کان پوءِ جيئي سنڌ هلچل سان لاڳاپيل مختلف ڌڙن جو پاڻ ۾ انضمام ٿيو ۽ جيئي سنڌ قومي محاذ جو قيام عمل ۾ آيو. اسان جي قومي تحريڪ ۾ اهڙو لمحو بلڪل به اهم هو، ڇاڪاڻ ته سيد صاحب جي لاڏاڻي کان پوءِ انهيءَ ڳالھ جي گُهرج هئي ته مڙني ڌرين کي گڏ ڪري هڪ پليٽ فارم تي آڻجي. جيئي سنڌ قومي محاذ (جسقم) جي قيادت جڏهن شهيد بشير خان قريشيءَ جي هٿن ۾ آئي ته هن ڏينهن رات هڪ ڪري سيد صاحب جي فڪر کي عوامي رنگ ۾ پيش ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون. هن راءِ سان، امڪاني طرح، مڙئي دل ۽ دماغ سان سوچيندڙ سهمت ٿيندا ته سائين جي ايم سيد جي فڪر جي رهنمائيءَ ۾ هن وقت تائين جيڪو به سياسي عمل ۽ ڪم ڪار ٿيو آهي، انهيءَ ۾ شهيد بشير خان قريشيءَ جو بنيادي ڪردار رهيو. سندس سياسي ڪم ڪار جوانداز بنھ عوامي ۽ سنڌي ماڻهن کي ڀانءِ پوندڙ هو. هو پنهنجي مزاج ۾ هڪ حليم، نوڙتوارو ۽ باڪردار ماڻهو هو، شرافت سندس مزاج جو اڻٽٽ حصو هئي. هن اڻٿڪ پورهيي ۽لڳاتار سياسي عمل وسيلي قومي تحريڪ کي ننڍي دائري مان ڪڍيو ۽ انهيءَ کي سنڌ جيواهڻن وسندين، جهنگن جرن، پٽن پهاڙن، ٿرن برن ۽ شهرن توڙي ننڍين وڏين آبادين تائين پهچائڻ لاءِ وسان نه گهٽايو. هن سنڌي قوم کي سيد صاحب جي انهيءَ پيغام تي گڏ ٿيڻ جي نينڍ ڏني ته سنڌي ماڻهو هڪ قوم آهن ۽ تاريخ جي هر ڪنهن دور ۾ اهي آزاد حيثيت ۾ موجود رهيا آهن، انهيءَ ڪري آزادي انهن جو حق آهي. بشير خان قريشي اهڙو پيغام سنڌ جي هر هڪ ماڻهو وٽ کڻي ويو، جنهن ۾ شاگرد ۽ شاگردياڻيون، پورهيت ۽ هاري، هيٺيون وچولو طبقو، مٿيون طبقو مطلب ته زميندار، جاگيردار، نواب، گادي نشين، واپاري، صنعتڪار ۽ سرمائيدار- سڀ اچي وڃن ٿا. عام طرح اسان جي رواجي سياست ۾ شموليت جي حوالي کان عام ماڻهن جو هڪ مخصوص رويو رهيو آهي. اهي پنهنجي سياسي وابستگيءَ کي بنھ ننڍڙن معاشي ۽ مادي فائدن سان ڳنڍيندا رهيا آهن، پر بشير خان قريشي پنهنجي اڻٿڪ جاکوڙ ۽ جيءَ ولوڙ وسيلي اها ڳالھ ثابت ڪري ڏيکاري ته ڪنهن قوم جي فردن کي رڳو ننڍڙن ننڍڙن معاشي ۽ مادي فائدن وسيلي ئي گڏ ڪري نٿو سگهجي پر وطن جي غيرت ۽ وڏائيءَ جي حوالي کان به انهن کي گڏ ڪري سگهجي ٿو.

هڪ قومي اڳواڻ جي حيثيت ۾ هو عام ماڻهن جي مرڻن پرڻن ۽ خوشي غميءَ ۾ شريڪ ٿيندو هو. کيس رائج اخلاقي قدرن جو ڀرم رکڻ ايندو هو. هُن عام ماڻهن سان پنهنجي ميل ميلاپ کي پڻ سنڌي روايتن پٽاندر ئي رکيو. هُن ڪڏهن به وڏائي نه ڪئي، هُن سدائين نمرتا ۽ نوڙت کان ڪم ورتو، سڀ کي ڀاڪرن ۾ ڀريائين، انڪري ئي هو سڀني لاءِ قبولڻ جوڳو اڳواڻ بڻجي اُڀريو. هن سنڌي ماڻهن تائين وطن جي حب جو پيغام پهچايو ۽ عوامي ٻڌيءَ لاءِ بنيادي ڪردار ادا ڪيو. رڳو ايترو ئي نه، پر ان سان گڏ هن پنهنجي ڪردار ۽ گفتار وسيلي پڻ سنڌي ماڻهن جون دليون کٽي ورتيون. هن ڪي گهڻا فڪر ۽ فلسفا نه به پڙهيا هجن پرکيس اها خبر هئي، ته سائين جي ايم سيد ڇا چاهيو پئي ۽ سنڌي قوم کي ڇا کپي، ان جو اصل ۽ حقيقي مسئلو ڪهڙو آهي. جيئن ته هن جي هٿن ۾ مقصد بنھ وڏو هو، انڪري گُهرج ان ڳالھ جي هئي، ته جيستائين انهيءَ مقصد کي ماڻڻ لاءِ سنڌي قوم کي گڏ نه ڪبو، تيستائين ڪا گهڻي اڳڀرائي نه ٿي سگهندي. هن ڪڏهن به علم جي اڪابر هئڻ جي دعويٰ نه ڪئي، پر هن پاڻ کي سيد جو سچو سپاهي سمجهيو ۽ پنهنجو تعارف پڻ ان ريت ئي ڪرايو.

شهيد بشير خان قريشيءَ جي لاڏاڻي کان پوءِ هڪ خال ضرور پيدا ٿيو آهي، ڇاڪاڻ ته هُن لڳاتار سياسي عمل ۽ پنهنجي ذاتي ڪردار وسيلي سنڌي ماڻهو کي پنهنجو ڪيو هو ۽ هُن جي سڏ کي وڏي سطح تي ورنايو ويندو هو، اُن جو ثبوت لکن ماڻهن جي شموليت وارا جلسا آهن. تازو ئي ۲۳ مارچ ۲۰۱۲ع تي ڪراچيءَ ۾ جيڪو جلسو ٿيو، انهيءَ ۾ پڻ سنڌي ماڻهو لکن جي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ وطن دوستيءَ جو ثبوت ڏنو. انهيءَ موقعي تي شهيد بشير خان قريشيءَ جيڪا تقرير ڪئي، اُها هر لحاظ کان اهم هئي، جنهن نه رڳو سنڌي ماڻهن جون دليون گرمايون ۽ هن ملڪ جي حڪمران طبقي کي هوشيار ڪيو، پر عالمي سطح تي پڻ انهيءَ جو نوٽيس ورتو ويو. شهيد بشير خان قريشيءَ جي سياسي عمل ۽ پورهيي جو اهو عروج هو، جتي هُن اهو ثابت ڪيو، ته سنڌي ماڻهو پنهنجي تاريخي ۽ اصلي حيثيت جي بحاليءَ لاءِ هاڻ پوريءَ طرح تيار آهن. انهيءَ موقعي تي هن جيڪا تقرير ڪئي، اُها ڪا معمولي تقرير نه هئي. اُن ۾ سيد صاحب جو فڪر جتان ڪٿان جهاتيون پائي رهيو هو. ان کان سواءِ جنهن اعتماد، خلوص ۽ دل جي سچائيءَ سان هُن تقرير پڙهي، اُها پڻ هر لحاظ کان يادگار رهندي. انهيءَ تقرير مان اهو تاثر جڙيو ته وقت هلندي، اسان جي قومي تحريڪ بنھ گهڻي منظم ٿي آهي ۽ اُها پنهنجي مقصد ماڻڻ ڏانهن ڪنهن به وقت ڪامياب ۽ آخري وکون کڻي سگهي ٿي. انهيءَ تقرير کان پوءِ شهيدِ سنڌ بشير خان قريشيءَ جو اوچتو لاڏاڻو ڪيترا ئي سوال ڇڏي ويو آهي. بهرحال سبب ڪهڙا به هُجن، پر هن ڳالھ کي اڃا به اڳتي وڌائڻو آهي ۽ صدمي کي سگھ ۾ تبديل ڪرڻو آهي. همٿ ۽ حوصلي کان ڪم وٺندي هڪ ڀيرو ٻيهر قطارجي هڪ ٻئي کي سنڀالي، انهيءَ سلسلي کي اُتان ئي اڳتي وٺي وڃڻو آهي، جتي اُن کي بشير خان قريشيءَ ڇڏيو:

پَــل پَــل ۾ پَــلــيـانــس، پَـــلُ نـه رَهــي پــريـــن ري،
جِئن جهوريءَ کان جهَليانس، جِهڄيو تيئن جهوريءَ
 پوي.
(لطيف)

 


 

هڪ دؤر جي وجود جي پڄاڻي

اورنگزيب جمالي

سُرخ جهنڊي ۾ ويڙهيل سرد لاش هزارين عقيدتمندن جي سڏڪن سان ڌرتيءَ ماءُ جي هنج ۾ لاٿو ويو هو، هر طرف آهون ۽ دانهون هنيون ۽ ڏسندي ڏسندي سنڌ سڄي سوڳ جي ورچڙهي وئي هئي، رکي رکي سندس قبر جي ڀر ۾ ويٺل اهي ارڏا نوجوان عجيب و غريب پار ڪڍي هنجون هاري رهيا هئا ته وڏا هاڻي اسان”سچو ديشي پڪو ديشي”ڪنهن کي چونداسين، وڏا صنعان کي اسان جي پارت به نه ڪري سگهين ته هنن منهنجن ارڏن ڪارڪنن جي صنعان توکي پارت آهي ۽ ڪجھ جگري يار اهي پار ڪڍي قبر جو طواف ڪندي چوندي ٻڌا ويا ته هاڻي اسان جي ڪير لهندو سار او يار، مطلب ته هن جي مرتئي تي عمران جوکئي جي امڙ به لڙڪ روڪي نه سگهي ۽ اُهو چيائين ته هڪ پٽ رياست جي حراست ۾ آهي، ٻيو پٽ ابو بشير خان اسان کي ڇڏي ويو آهي ۽ مون کي به عجيب لڳي رهيو هو ته يار بشير خان جيترو قدآور هو قبر اوڏي قدآور هئي ۽ سندس ڪارڪن جيڪي ڀيٽا پيش ڪري رهيا هئا، سا به ڏسڻ وٽان هئي، واقعي هن يار جون ڪيل خدمتون اڄ اسان سڀ پنهنجن پنهنجن لفظن ۾ بيان ڪري رهيا آهيون.

ڀائو بشير خان جي وفات جي خبر مون کي صبح جو فون تي آيل ميسيجن ذريعي پئي، خبر ڇا هئي هانءَ ڏاريندڙ خبر هئي، پر پنهنجو پاڻ تي ڪنٽرول ڪندي اُهو ضرور محسوس ڪيو هيم ته عوامي سياسي ۽ انقلابي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جا موت ائين ٿيندا آهن، اُنهن تي مايوس ٿيڻ نه کپي پر افسوس جو اظهار لازم آهي، جيڪو اسان سڀني پنهنجن لڙڪن جي اظهار سان ڪيو آهي، هن يار سان پهرين ملاقات ۱۹۸۷ع ۾ سندس دوست مير مشتاق ٽالپر جي گهر ۾ ٿي هئي ۽ ساڻس ٻيا به ڪافي دوست هئا، پر سندس جگري دوست فيض جکرو به ساڻس گڏ هو، هي اُن دور جي ڳالھ آهي، جنهن دور ۾ ڀائو بشير خان روپوش هو، روپوشي ۽ جيل ۾ سندس جا ويجها ساٿي رهيا آهن، اُن پهرين ملاقات ۾ مون محسوس ڪيو هو ته هن قدآور شخصيت وٽ ايڏي صلاحيت موجود آهي جو سنڌ جي عوام ۽ ڪاز کي هي پنهنجي ڀاڪرن ۾ گڏ کڻي هلي سگهي ٿو، پر افسوس آهي ته هن ملڪ جي اندر رياستي ادارن وٽ ٻه ماڻهو نا پسنديده شخصيتون رهيون آهن، هڪ اُهي جيڪي عوامي نظرياتي عملي سياسي ڪندا هجن، ٻيو جيڪي رياست جي خلاف بندوق کڻي انقلاب جي ڳالھ ڪندا هجن، اُنهن ٻنهي شخصيتن منجھ، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، فاضل راهو، شاهنواز ڀٽو، نظير عباسي، مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ عدم تشدد جو قائل عاشقين سنڌ بشير خان قريشي جنهن کي رستي تان راھ ويندي هٽايو ويو آهي.

بشير خان جهڙا عاشقين سنڌ ورلي ماءُ پٽ ڄڻيندي، جنهن جي ٽهڪن تي اهي ارڏا ڪارڪنن جهمريون هڻي استقبال ڪندا هئا، هن يار جي تهذيب ۽ تميز جي ڪري جي ايم سيد کانپوءِ قومي تحريڪ جو اڳواڻ ٿيو ۽ هن اُهي سڀ فرض پورا ڪيا، جيڪي هڪ ليڊر کي پنهنجي عوام ۽ ڪارڪنن سان ڪرڻ کپندا هئا، اهي سڀ فرض پورا ڪري هليو ويو آهي، هي کلڻو انسان ملڪي ۽ خصوصن سنڌ جي تنظيمن اندر غير تڪراري رهيو ۽ جي ساڻس جا ڪنهن سان نظرياتي اختلاف به هئا ته هن اختلافن کي ذاتيات جي سياست ۾ نه آندو، هڪ اڻ ڌري شخصيت رهي آهي، هي سنڌ جو اهو صوفي قومپرست اڳواڻ هو جنهن جهر جهنگ جي ايم سيد جي پيروڪار جي حيثيت ۾ سندس پيغام کي ايمانداريءَ سان پهچائڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي هئي، انهيءَ جي ڪري شهادت به سفر ۾ نصيب ٿيس ۽ هميشه سنڌ جي عشق ۾ هي لاهوتي ريل ۽ جيل ۾ رهيو،

 هن لاهوتيءَ سان ته مان به ڪافي چڪر ريل ۽ جيل ۾ گڏ رهيس ۽ مون کي رنگل چئي سڏيندو هو، ها واقعي هاڻي مون کي به ڪير رنگل سڏيندو، هڪڙي ويجهي دوست ٻڌايو ته اسان لاهوت وڃي رهيا هئاسين ته يار به گيڙو ويس ۾ اُنهن لاهوتين سان گڏ لاهوت جي سفر تي روان دوان هو، واقعي هي اُهو اروڙ جو مست فقير هو، جنهن کي مسجدن، مندرن ۾ ڪيئن پوڄا پاٽ ۽ نمازون پڙهيون، هيءَ چڱي ريت واقف هو. هن جي مسجد سنڌ هئي ۽ مندر سنڌ جا اُهي درويش هئا، جن تي هي خود وڃي باسون باسيندو هو ته اي سنڌ جا صوفي درويشو، دعا ڪيو ته سنڌ آزاد ٿئي ته آئون اوهان تي اچي خير خيراتون ڪندس، واقعي بشير خان قريشي وڏو رحمدل، نياز نوڙت وارو ڪردار هو، هو جڏهن قومي ڪارڪنن ۽ پنهنجن ذاتي يارن جي محفلن ۾ اچي ويهندو هو ۽ ويهي پنهنجن ٽهڪن سان ڪائنات جي خوبصورت روحن کي اُها موسيقي بخشيندو هو، ساڻس سان گڏ ويٺل اُهي ساٿي گهري سڪون ۾ هليا ويندا هئا ۽ سندس وڏا ٽهڪ سنڌ دشمن قوتن جي ڪنن کي چاڪ ڪري ڇڏيندا هئا ۽ وڏن ٽهڪن پٺيان لڪل ڏک ڪڏهن به ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪيائين ۽ ائين ٽهڪن سان محفلن جي پڄاڻي ڪري وري هڪ نئين سفر تي روانو ٿي ويندو هو ۽ محفلن ۾ ويٺل اُهي قومي ڪارڪن ۽ دوست بشير خان جي ڪيل ڪچهري ۽ ٽهڪن کي اُملھ ميراث سمجهي سيني ۾ سانڍي ۽ پوءِ سمهي پوندا هئا. مطلب ته بشير خان قريشي هاڻي اسان جي وچ ته ناهي رهيو، پر سندس اُهي ڪچهريون ۽ وڏا وڏا ٽهڪ ۽ موڪلائڻ سندس جا وڏا ڀاڪر هميشه ياد رهندا، پر هڪ دؤر جي وجود جي پڄاڻي ضرور ٿي آهي، سا اسان کي تسليم ڪرڻ گهرجي، انبن جو سڪون انبڙيون ناهن لاهي سگهنديون.

پرڀان نه ٿئي ۽ ستارا هليا وڃن

طوفان تيز ٿئي ته ڪنارا هليا وڃن.

اهڙو ڪلور ڪنهن نه هوندو ڪٿي ڏٺو

جو ساٿ پيو هلي ۽ سهارا هليا وڃن.

 


 

ڪو ڪيئن نه ڊوڙي مقتل ڏي

اعجاز مري

ڌرتي ۽ انسانذات سان محبت ڪرڻ وارن جي اصل زندگي موت کانپوءِ شروع ٿيندي آهي. دنيا ۾ اهڙا ماڻهو آڱرين تي ڳڻڻ تي جيترا هوندا آهن، جيڪي جيئرو پنهنجي پاڻ کي ڌرتي ۾ سمائي ڇڏيندا آهن. بشير قريشي قومي تحريڪ جو اهو اڳواڻ آهي، جنهن پنهنجي سڄي زندگي وطن واسين جي نانءُ ڪري ڇڏي ۽ آخري هڏڪي به ڌرتي خاطر هنئي. اهو ئي سبب آهي، جو جيئري کانئس پري ڀڄندڙ پر سندس وڇوڙي کانپوءِ ساڻس ويجهڙائي جون دعوائون ڪندڙ تنظيمن جا کوڙ ماڻهو به پارٽي پاليسين کي هڪ پاسي رکي کيس ”اسان جو اڳواڻ“ چوڻ لڳا آهن.

اهي ماڻهو به ان حقيقت کي سمجهي ويا آهن توڻي جو اهي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي سيٽن تي ويٺل آهن ۽ سندن پارٽيون به وڏيون آهن پر جيڪڏهن سنڌ جي لاءِ ڪنهن سچائي سان جدوجهد ڪئي ته اهو بشير قريشي آهي. مون سائين جي ايم سيد کي زندگي ۾ ته ڪڏهن به نه ڏٺو پر سن جو سيد مون کي بشير قريشيءَ جي اکين ۾ هر وقت فاتحانه انداز ۾ مسڪرائيندي نظر ايندو هو.

بشير قريشي پنهنجي آخري گهڙين ۾ ته سنڌ جي تهذيب جي هوبهو تصوير ۽ ۵ هزار سالن جي ثقافت جو جيئرو جاڳندو ڪردار بڻجي ويو هو. هوشو، هيمون ۽ دودي جهڙي دليري، ڀٽ ڌڻي جي سورمين جهڙي سچائي، ٻارڙن، ٻڍڙن، مائرن، ڀينرن توڙي نوجوانن سان بي انتها پيار، نياز نوڙت، سهپ ۽ رواداري، سموريون رنجشون وساري ڏکن سکن ۾ هڪ ٻئي ڏانهن لڙي وڃڻ وارن جذبن کيس ڌرتي جو هردل عزيز ڪردار بڻائي ڇڏيو. هو جتي به ويندو هو ته ڀائرن جون چميون ۽ مائرن ڀينرن جون دعائون سندس انتظار ۾ هونديون هيون.

جسماني اذيتون ۽ دل جا گهاو بشير قريشي جي چهري تي مايوسي بدران مردانگي ۽ مرڪ جي روپ ۾ نظر ايندا هئا، جنهن وقت سنسار سڪون ۾ هوندو هو، ان وقت به سنڌ جو هي سرفروش سورمون پنهنجي وطن واسين جي حفاظت خاطر آرام ۽ عياشي واري زندگي کي ترڪ ڪري پنڌ ۾ هوندو هو.

هو اها ڳالھ سمجهي چڪو هو ته، ”ستل قوم کي جاڳائڻ لاءِ رت جي ضرورت هوندي آهي“. ان ڪري هن ”ووءِ ووءِ ڪندي وت، متان ووءِ وسارئين، رندن مٿي رت هار ته پسين هوت کي“ واري واٽ ورتي. جڏهن رات جي پوئين پهر ۾ هن آخري ڀيري اکيون بند ڪيون ته ان ويل به سندس پٿون بڻجي ويل پير پنڌ ۾ هئا.

بشير قريشيءَ وقتي خوشين ۽ عارضي آسرن ۾ رهڻ بدران سنڌ جي دائمي خوشحالي جا خواب پنهنجي اکين ۾ سمايا هئا. هن ديس واسين کي ڪڏهن به ڪوڙا دلاسا نه ڏنا ۽ ان آسري ۾ نه رکيو ته ”منهنجو ساٿ ڏيو ته اوهان جي تقدير بدلائي ڇڏيندس.”هن سنڌي قوم سان هر وقت مخاطب ٿي اها ڳالھ ورجائي ته پنهنجي وطن ۽ وجود کان لاتعلقي وارو رويو ڇڏي ڏيو، ٻي صورت ۾ استحصالي قوتون ڌرتي کسي وينديون. هن جوڳي ڪردار سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جا ڪشالا ڪڍي، جهرجهنڳ جهاڳي رڳو سنڌ جي صدا هنئي ۽ هر خطاب ۾ اهو چيو ته ”مون کي ووٽ نه گهرجن پر ڌرتي جي حفاظت لاءِ اوهان جو ساٿ گهرجي.”

بشير قريشيءَ جي ثابت قدم رهڻ جو سبب سيد جي ان فڪر کي حقيقي روپ ۾ هنئين سان هنڊائڻ هو ته ”جيڪڏهن قيامت جي ڏينهن به ڪير سنڌ جي آزادي جي خوشخبري ڏيندو ته اها به اسان کي قبول آهي.”سيد جي ان فڪر بشير قريشي کي بهادر ۽ اڻموٽ بڻائي ڇڏيو. سيد جو نظريو هن ارڏي انسان ۾ ايئن سمائجي ويو، جو جسماني گهاون توڙي دوستن يارن جي بيوفاين ڪڏهن به کيس دل شڪستو نه بڻايو پر هر زخم کيس اڳ کان وڌيڪ مضبوط ۽ محبتي بڻائي اڳتي وڌڻ لاءِ بيچين ڪري ڇڏيو.

جيئن جيئن تپي ڏينهن، تيئن تيئن تاڻي پنڌ ۾،

ڪو اڳانجهو نينهن ٻانڀڻ ٻاروچن سين! (شاھ)

جدوجهد جي راھ ۾ سندس ڪيترا ئي همسفر کيس اڌ ۾ ڇڏي ويا پر هن ڪڏهن به ڌار ٿيندڙ دوستن سان ليکو نه ڪيو ۽ نه ئي انهن جي راھ جي رڪاوٽ بڻيو پر جيڪي گروپ ڌار ٿيا ۽ انهن ڪنهن به معاملي تي احتجاجي ڌرڻو هنيو ته بشير قريشي بنا دعوت جي ساڻن گڏ وڃي ويهي رهيو، ايئن هن هڪ ٻئي خلاف ڇوھ ڇنڊڻ ۽ قومپرست جدوجهد ۾ موجود انا پرستي واري روايت کي به ختم ڪرڻ جي شروعات ڪئي.

هڪ پاسي پنهنجي دوستن جي ڌار ٿيڻ جا زخم هن پنهنجي دل تي سٺا ۽ سندن دل آزاريندڙ رويو برداشت ڪيو ته ٻئي پاسي سندس ظاهري وجود به هر وقت ڌرتي دشمن قوتن جي عتاب ۽ ايذاءُ جو شڪار رهيو. ڪڏهن گوليون، ڪڏهن ٽارچر سيل ۽ ڪڏهن تشدد پر هن درويش دل ڪردار ڪڏهن به ڪنهن کان گلا نه ڪئي. وقت جو جبر ۽ حالتن جون ستم ظريفيون سندس رستي جو رڪاوٽ بڻجي نه سگهيون.

کيس خبر هئي ته هو جنهن رستي تي هلي رهيو آهي، اهو انتهائي خطرناڪ ۽ تڪليفن سان ڀريل آهي پر جنهن منزل ڏانهن وڌي پيو، اها حد کان وڌيڪ حسين ۽ تصور کان به وڌيڪ خوبصورت آهي. اها منزل جيڪا محبوب جي مرڪ کان وڌيڪ موهيندڙ آهي، جيڪا انفرادي نه پر اجتماعي ۽ قومي آهي، جنهن کي ”آجپو“ چوندا آهن. آجپو جيڪو انسانذات جو بنيادي ۽ ڪائناتي حق آهي، حضرت علي جو قول آهي ته ”جيڪڏهن رستو خوبصورت هجي ته سوچيو ته اها ڪهڙي منزل ڏانهن وڃي ٿي پر جي منزل حسين آهي ته رستي جي پرواھ نه ڪريو“ سو سنڌ جي هن ارڏي پٽ کي به دشمن قوتن جو ڀئو، يارن دوستن جو بيوفايون توڙي رستي جون مشڪلاتون محبوب منزل ڏانهن وڌڻ کان روڪي نه سگهيون. ڪو الڪو سندس پريشاني جو سبب بڻجي نه سگهيو، جيڪڏهن کيس فڪر هو ته رڳو منزل ڏانهن وڌڻ جو هو، جنهن ڪڏهن به کيس سک سان سمهڻ نه ڏنو.

اياز چواڻي،

ڪو ڪيئن نه ڊوڙي مقتل ڏي،

آ رت ۾ خوشبو مينديءَ جي،

ڪو ڪيئن نه ڊوڙي زندان ڏي،

ٿا زلف ڇڪن زنجيرن جا. . .

بشير قريشيءَ پنهنجي جدوجهد کي گهڻ رخي بڻايو، ڪنهن هڪ مسئلي تي خاص وقت تي احتجاج ڪرڻ بدران هو پورهيتن، برطرف ملازمن، مختلف سياسي پارٽين توڙي مظلوم ماڻهن سان زيادتين خلاف ٿيندڙ هر احتجاج ۾ شامل ٿي ويندو هو ۽ جڏهن بشير قريشي ڪنهن به احتجاج ۾ پاڻ پهچندو هو ته ان کي معنيٰ ملي ويندي هئي.

سنڌ ۾ عام طور تي وڏيرن بابت ڪا چڱي راءِ نه آهي پر بشير قريشيءَ روايتي سوچ ۽ ذاتي انائن کي هڪ پاسي رکي انهن سان به هٿ ملائڻ ۾ ڪو حرج محسوس نه ڪيو. هن محسوس ڪري ورتو هو ته سنڌ ۾ هلندڙ برادري تڪرار سنڌين جي هڪ ”قوم“ بڻجڻ جي راھ ۾ وڏي رڪاوٽ آهن، ان ڪري انهن جو خاتمو ضروري آهي. اهوئي سبب هو جو بشير قريشيءَ ميڙ منٿ قافلن جو بنياد وجهندي قومي مقصد خاطر وڏيرن توڙي جهيڙيندڙ ڌرين جي چڱن مڙسن وٽ لڙي وڃڻ کي وقت جي ضرورت سمجهيو ۽ اهڙي عمل ذريعي هن ڪيترا ئي خوني جهيڙا ختم پڻ ڪرايا.

بشير قريشي پنهنجي ڪارڪنن سان بي انتها پيار ڪندو هو ۽ چوندو هو ته ”منهنجو هڪ ڪارڪن لک جي برابر آهي.”ٽنڊي ڄام جي هڪ دوست ٻڌايو ته هڪ ڏينهن هن پنهنجي دوستن سان شرط رکي ته بشير قريشي کي اڄ هو بيهاري هٿ ڏيندا، جنهن تي کيس دوستن چيو ته اهو ممڪن نه آهي. هن ٻڌايو ته جڏهن بشير قريشي رستي تان گذري رهيو ته هو پارٽي جو جهنڊو کڻي سائيڊ ۾ بيهي رهيو، ان ويل بشير قريشي سندس ڀر ۾ اچي گاڏي کي بريڪ هنئي. جنهن بعد هو گاڏي مان لٿو ۽ سڀني کي نه رڳو گلي لائي مليو پر وٽن لڙي وڃي چانهن به پيتي. ان دوست موجب بشير قريشي کين چيو ته ”اهو ممڪن ئي نه آهي ته مان پنهنجي ٻارن سان ملڻ کانسواءِ هليو وڃان.”

سنڌ جي هن البيلي اڳواڻ سنڌي قوم کي ڪڏهن به گهٽ وڌ نه ڳالهايو، جيئن اڪثر ماڻهو ڪجھ سالن جي جدوجهد بعد مايوس ٿي چوندا آهن ته ”سنڌي اسان جو ساٿ ئي نه ٿا ڏين“ پر بشير قريشيءَ پنهنجي ڪردار ذريعي سنڌي ماڻهن کي پنهنجي چوڌاري گڏ ڪيو، هو جتي به ويندو هو ته ڌرتي ڌڻي سندس هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ بيتاب هوندا هئا.

بشير قريشي سيد جي فڪر جو عملي ڪردار هو ۽ سندس سمورو علم عمل ۾ سمايل هو. جنهن کي اسان جا دانشور دوست سمجهي نه سگهيا. بشير قريشيءَ پرڏيهي مفڪرن ۽ مختلف نطرين جا مثال ڏئي سنڌي ماڻهن کي منجهائڻ بدران عوامي بڻجي ۽ عوامي ٻولي ۾ ئي کين سمجهايو ته ”سنڌ هڪ فطري وطن آهي، پرامن جدوجهد ذريعي اوهان پنهنجا حق وٺي سگهو ٿا ۽ اوهان جو اصل دشمن ڪير آهي؟“

ها هڪ ڳالھ ضرور هئي ته هن وڏا وڏا ڪتاب پڙهڻ جو ڪم دانشورن تي ڇڏي ڏنو هو، ڇاڪاڻ ته قومن جي بقا ۽ ڌرتي جي حفاظت جي جنگ رڳو قومي اڳواڻن نه پر هر طبقي تي فرض بڻجي ٿي، خاص طور دانشور ۽ ادبي طبقي جي ذميواري ان موقعي تي سڀني کان وڌيڪ بڻجي وڃي ٿي، جڏهن ڌرتي جو وجود خطري ۾ هجي! رڳو اهو چئي ڪير به ڪنڌ نه ٿو ڪڍائي سگهي ته ”جدوجهد سياستدانن جو ڪم آهي، اسان ته اديب ۽ دانشور آهيون، ان ڪري سياست سان اسان جو ڪجھ نه وڃي.”کيس خبر هئي ته جيستائين عام ماڻهن کي وڏا وڏا نظريا پڙهايا ويندا ۽ وري اهي جڏهن کين سمجھ ۾ اچن تيستائين ڌرتي پيرن هيٺان کسڪي ويندي، ان ڪري هن اهو ڪم مفڪر طبقي تي ڇڏي پاڻ روڊن رستن کي جدوجهد جو مرڪز بڻايو.

ڪو مڃي يا نه مڃي پر اهو به سچ آهي ته برادرين ۾ ورهايل سنڌ جي ماڻهن ۾ جيڪڏهن سنڌيت ۽ هڪ قوم جو احساس پيدا ڪيو ته اهو ڪردار بشير قريشي آهي. ڪراچي کان لاتعلق بڻجي ويل ماڻهن کي ڪراچي ۾ گڏجڻ ۽ اتي رهڻ جو رستو به بشير قريشي پنهنجو گهر اڏي ڏيکاريو ۽ کين اهو ٻڌايو ته ڪراچي به اوهان جو ئي شهر آهي.

بشير قريشي پنهنجي عملي ڪردار ذريعي قومپرست سياست کي تعليمي ادارن مان ٻاهر ڪڍي عوامي سطح تائين پهچائي ڇڏيو ۽ هر وقت ماڻهن جي وچ ۾ رهي هو سنڌين جو اڪيلائي وارو احساس ختم ڪرڻ ۾ به ڪافي حد تائين ڪامياب ويو، سندس ان جدوجهد جو ئي ثمر آهي، جو قومي تحريڪن کان بيزار ٿي ويل ۽ قومپرستن جي نالي کان ٽهندڙ سنڌ واسي اڄ لکن جي تعداد ۾ ڪراچي ۾ گڏجي مارچ ڪن ٿا.

بشير قريشي پنهنجي رات ڏينهن جي پنڌ ۽ رت ذريعي سنڌ جي سياسي توڙي جاگرافيائي سرحدن کي به وڌيڪ چٽو ڪري ويو آهي ۽ ظاهري روپ مٽائڻ کانپوءِ هو هڪ اهڙو الستي آواز بڻجي چڪو آهي، جيڪو نه رڳو سنڌ پر سڄي دنيا جي آزادي پسندن جي جدوجهد ۾ شامل ٿي گوجندو رهندو. هاڻي دنيا جي ڪا به قوت کيس نه قيد ڪري سگهي ٿي ۽ نه ئي سفر کان روڪي ٿي سگهي.

سڏ کي ڪي هڏ ناهن،

جو اهي ٽوڙي سگهين!

آئون جو آواز آهيان،

زندگي جو راز آهيان،

ٿو وڃان مان دور تائين،

روڪ جي روڪي سگهين!

موڙ جي موڙي سگهين!

 


 

بشير خان قريشي

سنڌ جو قومي شھيد

طارق عزيز شيخ

تمام ٿورا ماڻهو هوندا آهن جيڪي سادا ۽ کرا هوندا آهن، انهن جي سادگيءَ ۾ سچائي ۽ بهادري نمايان هوندي آهي. هو ڪنهن به سوديبازيءَ کان پري هوندا آهن، نج هوندا آهن ڪنهن به ملاوٽ کان پاڪ ۽ صاف نظر ايندا آهن. اهي ئي گڻ سنڌ جي جوڌي بشير قريشيءَ ۾ هئا. هو سادو ۽ نماڻو انسان هو جنهن جو ڪردار سائين جي ايم سيد جي اصولن جو عملي نمونو بڻيو. قومي تحريڪ ۾ ڪيترا به ڌڙا هجن پر بشير قريشيءَ جو اهو ڪردار رهيو ته هن ڪڏهن به ڪنهن جي مخالفت ۾ نه ڳالهايو نه وري ڪنهن جي شڪايت ڪئي. نهٺائي ۽ نوڙت ۾ ڀرپور رهيو. اڳلي کي عزت ڀري موٽ ڏيڻ وارو هي شخص سنڌ جي اعليٰ آدرش جو وڏو مثال بڻيل رهيو. اهو ئي سبب آهي جو بشير قريشيءَ بابت ڪنهن جي واتان گهٽتائي ڪو نه ٻڌڻ ۾ آئي.

نظرياتي ڪارڪن کان وٺي قومي اڳواڻ تائين بشير قريشيءَ سدائين سنڌ ڌرتي لاءَ جدوجهد ۾ مصروف رهيو. هو ۱۰ آگسٽ ۱۹۵۹ع تي سنڌ جي تاريخي ضلعي لاڙڪاڻي جي شهر رتيديري ۾ پيدا ٿيو. موهن جي دڙي جي مٽيءَ جو بڻيل هو جنهن ڪري سندس روح ۾ سنڌ ڀريل هئي. هن ميٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول رتيديري مان ۱۹۷۴ع ۾ پاس ڪئي. ان کان پوءِ ڪاليجي زماني ۾ قومي تحريڪ سان وابسته ٿيو، ٽنڊي ڄام يونيورسٽيءَ ۾ جساف جو سرگرم ڪارڪن هو. ۱۹۸۶ع ۾ جساف جو مرڪزي صدر بڻيو. ضيائي آمريت ۾هن کي قيد به ڪيو ويو ۽ مٿس تشدد به ٿيو. هن جي اڳواڻيءَ ۾ جدوجهد جاري رهي. سنڌ ۾ فوجي آپريشن ۽ ڇانوڻين جي قيام خلاف هن تنظيمي ليڪچر ۽ ڪارنر گڏجاڻين وارو سلسلو شروع ڪيو هو جيڪو نه فقط خطرناڪ هو پر موتمار به هو. ڪيترن ئي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ چاڪنگ سبب هن ضياالحق جي خلاف هڪ موئثر تاثر پيدا ڪيو. قومي ڪارڪنن خلاف آپريشن سان سنڌ ۾ وڌيڪ رد عمل پيدا ٿيو. ضياءَ ۽ ان جي حڪومت خلاف نفرت ۾ اضافو ٿيو. تعليمي ادارن ۾ سائين جي ايم سيد جي فڪر ۽ فلسفي کي فروغ ڏنائين.

بشير قريشي سنڌ ۽ سيد جو وچن نڀائي پنهنجو ڳاٽ اوچو ڪيو. هن سنڌ جي قبيلائي جهيڙن کي ختم ڪرڻ ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ وڙهيل ڌرين وٽ منٿ ميڙ وٺي معاملا در گذر ڪرايائين. هو هميشه سنڌي قوم کي باعزت ۽ با وقار ڏسڻ جو خواهشمند رهيو ۽ سنڌين ۾ ٻڌي ڪرائڻ جو خواب ڏسندو رهيو. هن وڙهيل برادرين وٽ وڃي هڪڙو اعلان ڪيو ته پاڻ ۾ جهيڙا ۽ اختلاف ختم ڪري قومي تحريڪ ۾ گڏ ٿيو. بشير قريشي سنڌ جي سردارن، وڏيرن ۽ زميندارن کي به وڃي اپيلون ڪيون ته اهي اهڙن اختلافن کي ختم ڪن ۽ هر برادريءَ ۾ قومي ڪارڪنن کي اختلافي معاملن جي نظرداريءَ لاءِ ذميواريون سونپي آيو. بشير قريشي لاڙڪاڻي، دادو، شڪارپور، جيڪب آباد، خيرپور ۽ ڪشمور ۾ برادرين جي پراڻن جهيڙن ۽ دشمنين کي ختم ڪرڻ لاءِ جرڳا ڪيا، گڏجاڻيون ڪيون ۽ پاڻ ۾ ٺاھ ڪرايو. بشير جي اچڻ تي ماڻهن پاڻ ۾ جهيڙا ختم ڪري ڇڏيا هئا. هن جو پنهنجائپ وارو رويو هو جنهن ڪري تڪراري ماڻهو پاڻ ۾ ملڻ لڳي ويا هئا. بشير قريشي لاڙڪاڻي ۾ هڪ جهيڙو نبيريندي چيو هو ته، ”خدارا پاڻ ۾ نه وڙهو، پنهنجي سگھ کي سنڌ جي خلاف ٿيندڙ سازشن جي خلاف استعمال ڪيو.”

سائين جي ايم سيد جي اسڪول آف ٿاٽ جو عڪاس بشير قريشي عدم تشدد جي نظرئي تي عمل پيرا رهيو. هن کي سنڌ جي برادرين وارن جهيڙن تي ڏک ٿيندو هو. اهڙو اظهار پنهنجين تقريرن ۾ به ڪيائين. هن سولنگي-جاگيراڻي، چانڊيا-مري، شاهاڻي-سرڪي، شر-ڦل، ناريجا-جاگيراڻي، اڄڻ-ناريجا، ناريجا-جتوئي ۽ جاگيراڻي-پنهور برادرين جا تڪرار ختم ڪرڻ لاءِ منٿ ميڙ قافلا وٺي ٺاھ ڪرايا ۽ معاملن کي در گذر ڪري خوني تڪرار بند ڪرايا.

بشير قريشي سياستدان ڪو نه هو، هو سنڌ جو قومي هيرو هو، جنهن کي دولھ درياھ خان، دودو سومرو، هوشو شيدي ۽ هيمون ڪالاڻيءَ جي قطار ڳڻي سگهجي ٿو. هن کي سياست ڪو نه آئي. هو سڌو سنئون قومي اڳواڻ هو. سنڌي قوم جي ڏک سک ۾ شامل هو. هن کي نه ئي پاڻ پڏائڻ آيو نه مشهوري حاصل ڪرڻ نه ته ماڻهو ٿوري نالي ڪڍڻ بعد شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ پيا پاڻ پڏائيندا آهن، صحافين جون خوشامدون ڪندا آهن ۽ ڪاغذي شينهن بڻجي اڀرندا آهن. بشير قريشي سچو پچو سنڌي هو. نه وڏائي نه ئي ڪو ٺٺ ٺانگر. عزت ۽ پيار ڏيڻ وارو انسان پر سنجيده مزاج رکندڙ هو. هن سنڌ خلاف هر سازش کي وائکو ڪيو. سنڌ دشمن منصوبن خلاف تحريڪون هلايون. ڪمون شهيد وٽ محترمه بينظير ڀٽو سان گڏ يادگار ڌرڻو ڏنو هيائين جنهن جي ڪاميابي تي هن کي محترمه به جس ڏنو هو. ڪيترا ئي ڀيرا سنڌ- پنجاب شاهراھ کي بند ڪيو هئائين. هن ڪالا باغ ڊئم خلاف زبردست تحريڪ هلائي هئي ۽ حڪومت کي سنڌ دشمن رٿا تان هٿ کڻڻو پيو هو، خاص طور تي جڏهن خيرپور ۾ هزارين ڪارڪن ساڻس ريلوي ڦاٽڪ تي ويهي رهيا هئا ۽ سنڌ کان ايندڙ ويندڙ سموريون ريلون بيهي ويون هيون. هي خيرپور جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏو احتجاجي ڌرڻو هو. ڪراچيءَ ۾ ۲۳ مارچ تي ڪيل فريڊم مارچ ته عالمي سطح تي شهرت ماڻي جنهن ۾ لکين سنڌين جي مارچ کي خطاب ڪندي چيو هئائين ته ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪندڙ ڌرتي ڌڻين کي ڏسي وٺن متان سنڌ کي لاوارث سمجهيو اٿن. هن ڪراچيءَ جي وارثيءَ واري سگھ جو مظاهرو ڪري ڏيکاريو هو. هن کي ڪيترا ئي ڀيرا ڌمڪيون مليون، حملا ٿيا پر هن قومي تحريڪ سان توڙ تائين نڀايو. ڪراچيءَ ۾ ئي مٿس خطرناڪ حملو ٿيو هو جنهن ۾ جسقم اڳواڻ مشتاق خاصخيلي به شهيد ٿي ويو هو. اِئين هن کي ڪراچيءَ ۾ هر وقت جاني خطرو رهندو پئي آيو پر هن دلير اڳواڻ ڪا به پرواھ ڪو نه ڪئي، بلڪ ڪراچيءَ ۾ رهندڙ سنڌين جو ساٿ نڀايائين. هن کي ڪنهن به سنڌي آباديءَ يا سنڌي خاندان جي خبر ملندي هئي ته انهن سان رابطو ڪري پنهنجي پاران همت ٻڌرائيندو هو ۽ ضرورت پيش اچڻ تي سندن خطري کي پاڻ منهن ڏئي مسئلو حل ڪرائيندو هو. اهڙا ڪيترا ئي مثال موجود آهن جن کي دهشتگردن پاران ڌمڪيون مليون هيون يا گهرن مٿان قبِضن جي شڪايت ملي ته انهن سنڌين سان رابطو ڪري سندن ڏڍ بڻيو ۽ هر سطح تي ساٿ ڏنائين. بشير قريشي ۱۹۹۸ع کان وٺي ڪراچيءَ ۾ مستقل رهائش اختيار ڪئي جنهن سان سنڌي آبادين ۾ ٻڌي پيدا ٿي ۽ سندن سگھ ۾ واڌارو آيو. بشير هر قدم تي ڪراچيءَ جي سنڌين سان گڏ رهيو. هن سائين جي ايم سيد جي سالگره جون هر سال شاندار، نموني تقريبون ڪرايون ۽ جلسا ڪيا، اهڙي ريت سائين جي ايم سيد جي ورسي جي موقعي تي به پروگرام ڪرايا. ڪراچيءَ ۾ قومي تحريڪ کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ بشير قريشي جي سرگرمين جو وڏو هٿ آهي. گلشن حديد ۾ ملڻ لاءِ آيل هر ڪارڪن سان ڏاڍي عزت سان ملندو هو، جيڪڏهن ڪو وڏي ڄمار وارو ملندو هئس ته ان جو تمام گهڻو احترام ڪندو هو. بشير ۾ سنڌين واري مهمان نوازي تڏهن ئي نظر ايندي هئي جڏهن ڪير ساڻس ملڻ ويندو هو. چانھ يا مانيءَ جو وقت هوندو هو ته پاڻ سان گڏ ويهاري ماني کارائيندو هو. هو ايترو مهمان نواز هوندو هو جو پنهنجي آڏو ويٺل ڪارڪن کي پاڻي به پاڻ ڀري ڏيندو هو.

بشير قريشي سنڌين جيان بلوچن کي مظلوم قوم قرار ڏنو هو. هن مشرف دور ۾ بلوچن سان ٿيندڙ ظلم تي سنڌ ۾ بلوچن سان همدرديءَ طور مظاهرا به ڪيا هئا ۽ بلوچستان مٿان آپريشن جي شديد مذمت ڪئي هئي. بشير قريشيءَ بلوچن سان گڏ قومي تحريڪ جو ساٿ نڀايو ۽ جنرل مشرف خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪرايا هئا. هن اڪبر بگٽيءَ جي قتل تي به شديد رد عمل ڏنو هو.

بشير قريشي هميشه سنڌ جا قومي ڪيس کنيا ۽ انهن تي ڀرپور آواز اٿاريو. سنڌوءَ جي پاڻيءَ جو مسئلو هجي، جڏهن پنجاب طرفان سنڌ جي حصي جي پاڻيءَ کي ڪاٽيو ويندو هو ۽ سنڌ ۾ هٿرادو کوٽ ڪئي ويئي هئي تڏهن به هن آواز اٿاريو هو. پاڻي جي ورڇ جو مسئلو به هن اٿارو هو. ڪالاباغ ڊئم ته پهرين ترجيح هوندو هئس. اهڙي ريت هن سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان به پنهنجو در عمل ڏنو. سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ واري سازش پئي ڪئي وئي ته بشير قريشي سڀ کان وڌيڪ زور ڏنو ته آدمشماري ۾ گهوٻيون ڪري اهڙو عمل ڪيو پيو وڃي، جيڪو سنڌ جي خلاف آهي.

سنڌ جي قوم پرست سياست جو بنياد وجهندڙ سائين جي ايم سيد جي اسڪول آف ٿاٽ مان ڪيئي سياسي ڪارڪن، ليکڪ، صحافي، سماجي ڪارڪن نظرياتي سبق حاصل ڪرڻ بعد وڏا نالا ڪڍيا. جهڙيءَ ريت ٻوٽي جي آبپاري ڪري وڏو وڻ بڻائبو آهي ائين ئي نظرياتي ڪارڪنن جو وڏو انگ سائين جي ايم سيد جي فڪر ۽ فلسفي تي نالو ڪڍي اڀريو. هتي لا تعداد نالا ڳڻائي سگهجن ٿا پر ذڪر سنڌ جي هيري بشير قريشيءَ جي ياد جوآهي تنهن ڪري سندس بابت موضوع تي واپس اچو ٿا. بشير قريشي ٽنڊي ڄام ۾ پڙهڻ دوران جساف کان شروع ڪيل سفر جسقم تائين پورو ڪيو ۽ سڄو عرصو جيئمسٽ بڻيل رهيو. ساڻس همعصر يا همعمر ساٿين ۽ دوستن مان گهڻا ئي اهڙا هئا، جيڪي پنهنجو ٽريڪ بدلائي ويا. هو سيد جو عاشق هو ۽ سيد سان ڪيل وچن کي آخري دم تائين نڀايائين سائين جي ايم سيد جي وڃڻ کان پوءِ هن ڌار ٿيل ڌڙن کي هڪ بڻيل ڏسڻ چاهيو هو جنهن ڪري بار بار پنهنجي رهبر جي زندگيءَ ۾ ائين ٿيڻ جي ڳالھ ڪندو رهيو. بشير قريشيءَ جسقم جي پاليسي سائين جي ايم سيد جي فڪر ۽ نظرئي موجب رکي ۽ آخر تائين ان تي عمل پيرا رهيو. شايد ٻيو ڪو به اهڙو قومي اڳواڻ ڪو نه هو جنهن قومي تحريڪ کي اهڙي نموني اڳتي وڌايو هجي. . سائين جي ايم سيد جي وڃڻ کان پوءِ بشير قريشي قومي تحريڪ کي تحرڪ ۾ آندو. سنڌ جي اشوز تي سڀ کان وڌيڪ احتجاج، ڌرڻا، جلسا، جلوس ۽ ريليون بشير جي زماني ۾ نظر آيون. هو پنهنجي ۵۴ ورهين جي ڄمار ۾ ۱۰ ورهيه قيد ۾ رهيو هئو سائين جي ايم کان پوءِ بشير قريشي قوم جو ڏڍ بڻيل هو.

بشير قريشيءَ جي وڇوڙي کان پوءِ سندس خال ڀرڻ لاءِ سندس فرزند پيءُ جي نقش قدم تي پير ڄمايا آهن. سنڌي قوم کي مٿس يقين آهي ۽ هن کي پاڻ به اندازو هوندو ته سندس سورهيه والد جي سچائي هن جو رتبو ۽ ماَنُ وڌايو.

گهوڙن ۽ گهوٽن، جيئڻ ٿورا ڏينهنڙا،

ڪڏهن منجھ ڪوٽن، ڪڏهن راهي رڻ جا.

 


 

سنڌ جي آجپي جي سفر مان وڇڙي ويل سرواڻ جون ساروڻيون

نصير ميمڻ

شايد ئي ڪو ڏينهن هجي، جنهن ڏينهن سنڌ واسين پنهنجي اتساهيندڙ اڳواڻ شهيد بشير خان قريشيءَ جي کوٽ کي محسوس نه ڪيو هجي. گذريل سال ڪراچيءَ ۾ لکين سنڌين کي ڪَٺو ڪري، هن سنڌين کي ڪراچيءَ جي مالڪيءَ جو جيڪو احساس ڏياريو هو، ان جي خال کي وک وک تي سنڌ واسين محسوس ڪيو آهي. مون کي ياد آهي ته، جنهن ڏينهن سنڌ اسيمبليءَ ۾ سنڌ جو ورهاڱو ڪندڙ ٻٽي مڪاني نظام چونڊيل هوڪرن ۾ منظور ٿي رهيو هو، ان ڏينهن اڪثر ماڻهو اهو ئي چئي رهيا هئا ته، جيڪڏهن اڄ بشير قريشي زندھ هجي ها ته، هو ڪٿان به ڪري پنج ڏھ هزار ماڻهو گڏ ڪري سنڌ اسيمبليءَ جو گهيرو ضرور ڪرائي ها، ان ڏينهن جيتوڻيڪ سنڌ احتجاج ۾ بند هئي، پر سنڌ اسيمبليءَ اڳيان ان مهل جنهن احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ جي ضرورت هئي، اهو نه ٿي سگهيو، ساڳيءَ طرح جڏهن ڪراچي شهر ۾ سڄو سارو مهينو الڳ صوبي ٺاهڻ واري مهم هلائي ٿي وئي ۽ ڀاڙي تي آندل ماڻهن کان جلسا ڪرائي شهر ۾ وڏا بل بورڊ لڳايا ويا، تڏهن به سنڌ سرڪار اکين ۽ وات تي پٽي ٻڌي ويٺل هئي ۽ اڪثر ماڻهن جو خيال هو ته، جيڪڏهن بشير قريشي زندھ هجي ها ته هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچيءَ ۾ لکين سنڌين کي گڏ ڪري سنڌين جي مالڪيءَ جي احساس کي پختو ڪري سگهي ها، هينئر جڏهن ڪراچيءَ ۾ سنڌ جا ٻه ٻيٽ نيلام ڪيا ويا آهن ۽ سنڌ جون ٻيون سموريون پارٽيون اليڪشن جي سياست ۾ رڌل آهن ته، شهيد بشير قريشيءَ جي کوٽ کي شدت سان محسوس ڪيو پيو وڃي، جيڪڏهن بشير خان قريشي اسان سان هينئر گڏ هجي ها ته، هو هن وقت لکين سنڌين کي انهن ٻيٽن تي ڪَٺو ڪري انهن جي ڪوڙن دعويدارن ۽ مالڪن کي چِٽو نياپو ڏئي ها، پر افسوس جو سنڌ جي آجپي جي سفر جو سرواڻ اسان کان وڇڙي ويو. درحقيقت آزمائش جي هر گهڙيءَ ۾ عوام کي متحرڪ ڪرڻ ۽ مهل تي واهر ڪرڻ، بشير قريشيءَ جون لازوال خوبيون هيون، هڪ سياسي ورڪر ۽ اڳواڻ جي حيثيت ۾ هن جي ڪيترن فيصلن ۽ عملن سان اختلاف به رکي سگهجي ٿو، پر مجموعي طور تي سنڌ سان سندس عشق ۽ ان لاءِ سندس جاکوڙ جو اعتراف سندس سياسي مخالف به ڪن ٿا.

پاڪستان اندر سياسي قتلن ۾ هڪ ڳالھ هڪجهڙي آهي ته، انهن جا قتل دائمي ڳجهارت رهندا آهن، انيڪ سياسي قتلن جيان بشير قريشيءَ جو قتل به ائين ئي هڪ ڳجهارت بڻجي چڪو آهي. بشير قريشيءَ جي شهادت کانپوءِ سنڌ جي قومپرست سياست ۾ هڪ تمام وڏو خال آيل آهي، جنهن جو فوري طور ڀرجڻ مشڪل ٿو لڳي، سندس تنظيم جسقم به سندس شهادت کانپوءِ اڳ جهڙو اثرائتو سياسي ڪردار ادا ڪندي نظر نه ٿي اچي، سنڌ جي زندگي ۽ موت جي مسئلن تي جيئن بشير قريشيءَ جي حياتيءَ ۾ هڪ اڳڀرائيءَ وارو ڪردار نظر ايندو هو، ان کي ساڳي سگھ سان بحال ٿيڻ ۾ شايد تمام طويل عرصو لڳندو، هونئن ته سنڌ جي مٿان سياسي آزمائشن جو سج لهندو ئي ناهي، پر گذريل پنجن سالن دوران سنڌ جي جاگرافيائي وحدت ۽ ڊيموگرافي تي جيڪي موتمار حملا ٿيا آهن، انهن، سوچيندڙ سنڌين جي ڳڻتيءَ کي ويتر وڌائي ڇڏيو آهي، سنڌي پنهنجي ڌرتيءَ تي ڪيترو حق حاڪميت رکن ٿا، ان جو هڪ مثال نگران سنڌ ڪابينا آهي، جنهن جي ۲۱ ڄڻن ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ رڳو پنج شامل آهن، ساڳيءَ طرح پندرنهن ڄڻن جي وفاقي ڪابينا ۾ رڳو هڪ سنڌي ڳالهائيندڙ شامل آهي، سنڌ جو وڏو وزير، گورنر، چيف سيڪريٽري ۽ ڪيترن ئي اهم کاتن جا سيڪريٽري غير سنڌي آهن، اهو سڀ ڪجھ سنڌين سان سندن محبوب ترين پارٽيءَ ڪيو آهي، ويندي ويندي سنڌ جا ٻه ٻيٽ ڦُرلٽ جي مال جيان وڪرو ڪري، کُڙين تي بيهي ڪوڙيون ترديدون ڪري ان پارٽيءَ جا سربراھ اڄڪلھ ايندڙ اليڪشن جي مهم تي لٿل آهن، ان سڄي وايو منڊل ۾ سنڌ کي هڪ اهڙي اُتساهيندڙ قيادت جي ضرورت آهي، جيڪا سنڌ واسين جي اندر ۾ اُڀامندڙ جذبن کي ڪو سياسي دَڳ ڏئي سگهي، سنڌ کي هر طرف کان بَڇيل بَگهڙ ڏسي بشير قريشيءَ جي کوٽ جو احساس وڌيڪ شديد ٿي وڃي ٿو.

بشير قريشي، پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪراچيءَ کي پنهنجو سياسي مرڪز بڻائي، انتهائي سياسي ڏاهپ جو مظاهرو ڪيو هو، سندس شهادت کانپوءِ ڪراچيءَ ۾ رهندڙ سنڌين ۾ هڪ ويڳاڻپ جو احساس آهي، سنڌين جي وڏي ۾ وڏي نمائنده پارٽي، ڪراچيءَ ۾ سنڌين جي مالڪيءَ بجاءِ سندن ملڪيتن جا سودا ڪرڻ ۾ مصروف آهي، مُکيه ڌارا واريون قومپرست ڌريون، پنهنجي مرڪز کي قاسم آباد تائين محدود رکيو ويٺيون آهن، ان صورتحال ۾ ڪراچيءَ ۾ رهندڙ سنڌي، پاڻ کي سياسي طور لاوارث محسوس ڪن ٿا، ڪراچي، رَتَ ۽ بارود جو شهر بڻيل آهي، جتي درجن کن لاش ڪرڻ ڏهاڙي جو رواج آهي، هر پاسي هٿيارن جو راڄ آهي، ڏيھ ۽ پرڏيھ مان آيلن جا هٿياربند ٽولا سڄي شهر کي يرغمال بڻائي ويٺا آهن، ان حالت ۾ جتي ڪراچيءَ اندر باقي قومن جي نمائندگي ۽ سندن جائز حقن ۽ ناجائز ڪرتوتن جي مالڪيءَ لاءِ سندن سياسي تنظيمون موجود آهن، اتي سنڌين جي سڀ کان وڏي واهر بشير قريشي هو، جنهن جي وڇوڙي کانپوءِ ڪراچيءَ ۾ سنڌين جي اثرائتي نمائندگيءَ جو چِٽو خال موجود آهي.

ملڪي سياست ۾ ڏينهون ڏينهن ايندڙ خطرناڪ تبديلين، هٿياربند ٽولن جي مذهبي جنونيت جي وڌندڙ والار، خطي جي سياست ۾ شامل اهم مُهرن جون ڪراچيءَ تي والار جون خواهشون ۽ وڌندڙ ڪوششون، اڳي کان اڳريون ٿي رهيون آهن، سنڌ جي قومپرست سياست اندروني ڪمزورين، ادارتي سگھ جي اڻاٺ، وسيلن جي اڻهوند، هڪٻئي ۾ وڇوٽين ۽ چئلينجز جي انبار ۾ هجڻ سبب وڏي دٻاءُ ۾ آهي. ايندڙ چونڊن ۾ هينئر تائين ٺهندڙ ماحول مان اهو انديشو ٿي رهيو آهي ته، سنڌ تي هڪ ڀيرو ٻيهر ويڪائو وڏيرن ۽ موقعي پرست وچولي طبقي جي نون وڏيرن جو قبضو ٿي سگهي ٿو، سنڌ جو وطن دوست وچولو طبقو، هر گهڙيءَ پَڄري ٿو، پر ان کي گهربل قيادت نه ملڻ ۽ حڪومتي ڌر جي ويساھ گهاتين سبب اهو ڏينهون ڏينهن سياسي طور نِسَتو ٿي رهيو آهي، انهن سمورين حالتن ۾ قومپرست سياسي ڪارڪنن کي متحرڪ ڪري پر امن مزاحمتي تحريڪ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ جنهن قسم جي سياسي قيادت گهربل آهي، ان جي اڻاٺ کي هر ڪو محسوس ڪري ۽ مڃي ٿو، سنڌ جي قومپرست هلچل کي جنهن اتساهيندڙ ڪردار جي ڳولا آهي، ان مان ڪيترا ڳُڻ بشير قريشيءَ جي شخصيت ۾ هئا، بشير قريشيءَ جي پارٽي قيادت، سندس سياسي خال کي ته تڪڙو نه ڀري سگهندي ۽ ڪن سببن جي ڪري سندس تدفين به ڪراچيءَ ۾ نه ٿي سگهي، پر گهٽ ۾ گهٽ سال ۾ هڪ دفعو سندس ورسيءَ جو ميڙاڪو ڪراچيءَ ۾ ضرور ٿيڻ گهرجي، اهو نه رڳو بشير قريشيءَ جي ڪراچيءَ جي مالڪيءَ واري جدوجهد کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ضروري آهي، پر خود ڪراچيءَ ۾ رهندڙ سنڌين کي سياسي اُتساھ ۽ مالڪيءَ جو احساس ڏيارڻ لاءِ به ضروري آهي.

شهيد بشير قريشي، سنڌ جو اهو سچار پٽ هو، جنهن جي لازوال سياسي جدوجهد، سنڌ سان سچي عشق ۽ ڪمهلي موت کي سنڌ واسي زندگي ڀر وساري نه سگهندا، قومپرست جدوجهد جي جنهن عَلم کي ڪُلهي تي کڻي، بشير قريشي سياسي سفر ڪيو، ان جون يادون اُتساهيندڙ سِجَ جي ڪِرڻن جيان سنڌين جي دلين کي هميشه گرمائينديون رهنديون.


 

سنڌ جو ارڏو اڳواڻ

محسن علي جويو

 هن ڌرتيءَ جي گولي تي وسندڙ قومون، پنهنجي ڀاڱي جا ڏُک ۽ سُک کڻنديون رهن ٿيون. ڏک مان ٻاهر اچڻ جا گس گهڙين ٿيون ۽ سُک کي برقرار رکڻ لاءِ پاڻ پتوڙينديون ۽ جاکوڙينديون رهن ٿيو. اها به حقيقت آهي ته، اسان جي ڳڻپ دنيا جي اهڙين قومن ۾ ٿئي ٿي، جن جي ڀاڱي ۾ ڏک آيل آهي، پر سک ماڻڻ جي خواهش ۽ اُمنگ اڃا اسان ۾ ساھ کڻن ٿا. سک ماڻڻ لاءِ اسان وٽ جاڳ به آهي، تمنا به آهي، تڙپ به آهي، اُلڪو به آهي، ارمان به آهي، سِڪَ به آهي ته سُڌ به آهي. ڏک کي سک ۾ مَٽائڻ لاءِ قومي ارادي ۽ پوءِ عمل کي بنيادي اهميت حاصل آهي. اسان به پنهنجي حال سارو حالتن کي پنهنجي حق ۾ ڪرڻ لاءِ پئي جاکوڙيو ۽ جيءُ ولوڙيو آهي. خاص طرح ڇهن ڏهاڪن کان وڌيڪ گذريل عرصي ۾ قومي ارادي ۽ عمل جا چڱا چوکا مثال قائم ڪيا آهن. اذيتون ۽ الزام سَٺا آهن، ظلم ۽ زيادتيون ڀوڳيون آهن، جيل ٿاڻا ڏٺا آهن، ڪڏهن ڦاهيءَ جي ڦندي جي نذر ٿيا آهيون، ڪڏهن بيرحم گولين جي نشاني تي آيا آهيون، قربانيون ڏنيون آهن، ڇا لاءِ؟ رڳو ئي رڳو ڏک کي سُک ۾ مَٽائڻ لاءِ. وري به سوال اهو هوندو ته، ڏک جي پُڄاڻي ڪڏهن ٿيندي؟ ان جو ڏکيو يا سهنجو، پر جامع جواب اهو ئي آهي ته، جڏهن ڪنهن گڏيل تنظيم ۽ ان بنياد تي گڏيل صلاح مصلحت ٿيندي، اهڙي گڏيل محنت ۽ ثابت قدميءَ سان گڏيل نموني عمل ڪبو ته، ڏک، سک ۾ مَٽجي ويندو. محڪوميءَ جي سَرءُ هلي ويندي ۽ آجپي جو بسنت اچي مهڪندو، دير يا سوير ٿيڻو ته اهو ئي آهي.

شهيد بشير قريشيءَ جي روپ ۾ اسان سنڌ جي سُکَ واسطي ۽ ان جي سِينڌ کي ميري ٿيڻ کان بچائڻ خاطر، هڪ وڌيڪ قرباني ڏني. اڄ سندس وڇوڙي کي پورو سال ٿي چڪو آهي، پر سندس ياد اڃا تائين تازي آهي، سال اڳي به سنڌ جا سور ساڳيا هئا، هينئر به ساڳيا آهن. ڏُک اڳي به هو، ڏک هاڻي به آهي، بشير خان جي وڇوڙي، انهيءَ ڏک ۾ واڌارو آندو آهي. ڪنهن وڏي طوفان کانپوءِ وڻ اکڙجي هڪٻئي جي جهول ۾ جيئن سمهي پوندا آهن، اهڙي ئي ڪيفيت آهي. ڪا آنڌي آئي هئي، جنهن اکيون سُڄائي ڳاڙهيون ڪري ڇڏيون ۽ سرير سُڪي ٺوٽ ٿي ويل ٿُڙ جيئن بڻجي پيو. بشير خان سنڌ جي قومي سياست کي عوامي سياست ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڪم ڪيو. هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ گذريل عرصو سندس جدوجهد جي حوالي کان اهم آهي. هُو سنڌ جي هر ننڍي وڏي علائقي ۾ ويندو رهيو، ماڻهن جي ڏک ۽ سک ۾ شامل ٿيندو رهيو. اهڙيءَ ريت عام ماڻهو رضاڪاراڻي بنياد تي قومي تحريڪ ۾ شامل ٿيندا ويا. ائين به آهي ته، هن پنهنجي قومي مقصد جو اظهار سنڌي عوام سان ڪيو، پر ان کان مٿي سندس ڪردار هو ۽ سنڌي عوام کي سندس روپ ۾ پنهنجو اڳواڻ ڏسڻ ۾ آيو. تاريخ ۾ جڏهن به ملڪ، قوم يا سماج ۾ ڪو اڳواڻ پيدا ٿيندو آهي ته، عوام جي اڪثريت مٿس ويساھ ڪندي آهي ته، اهو کين ڪڏهن به دوکو نه ڏيندو، اڪيلو نه ڇڏيندو، ذاتي مفاد بدران سڀني جي چڱائيءَ ۾ مسئلن جي حل لاءِ جاکوڙيندو. بشير خان به اهڙو ئي اڳواڻ هو. هن سنڌي عوام سان بي پناھ محبت ڪئي ۽ محبت ڪمائي. سنڌي عوام اهو نه ڏٺو ته، هو ڪا ننڍي ڳالھ ٿو ڪري يا وڏي. پر کين پَڪَ ۽ ويساھ هو ته هو جيڪا به ڳالھ ڪري ٿو، اها صحيح ۽ سچي آهي.

بشير خان جي انيڪ خصوصيتن مان اها به هڪ خصوصيت هئي ته، هُو پنهنجي مقصد ۾ بنھ چٽو هو. هن سولي ۽ سڌي سنئين انداز سان پنهنجو نياپو پنهنجي وطن واسين تائين پهچايو: ”اسين هڪ قوم آهيون“، ”اسين پنجن هزار ورهين کان هڪ قوم رهيا آهيون“، ”آجپو اسان جو حق آهي، جيئن دنيا جي هر ڪنهن زندھ کي قوم کي اهڙو حق ماڻيل آهي، ائين سنڌ به هر لحاظ کان آزاد ٿيڻ جو حق رکي ٿي“، ”سنڌ جي نَنگن ۽ دَنگن جي هر صورت ۾ حفاظت ڪبي“، ”پنهنجي تاريخي قومي تشخص سان ڪنهن کي به هٿ چراند ڪرڻ نه ڏينداسين.”اهو هو اسان جو هر دل عزيز اڳواڻ، جنهن سائين جي ايم سيد جو پيغام بنھ عام فهم انداز ۾ سنڌي قوم تائين پهچايو ۽ سنڌي قوم سندس ڪردار کي ڏسندي، ان کي قبول ڪيو. سنڌ جي ويجهي ماضيءَ ۾، بشير خان پهريون اڳواڻ هو، جنهن جي سڏ تي لبيڪ چوندي لکين ماڻهو گڏ ٿي ويندا هئا ۽ رضاڪاراڻي بنياد تي هن پنهنجي بي لوث اڳواڻ وسيلي پنهنجي وطن سان وچن جو ورد ۽ ورجاءُ ڪندا هئا. سندس وڇوڙو هڪ قومي سانحو آهي، اڄ جڏهن کيس اسان کان وڇڙي پورو سال ٿيو ته، هڪ قوم طور هرپل، هر ڏينهن هُو اسان سان گڏ ئي رهيو آهي. سچ پچ ته سنڌ جي هن ارڏي، بهادر ۽ سچي پٽ جي وڇوڙي واري ڏينهن تي سنڌي قوم جون دليون ڪنهن ڦِٽل ۽ ويران بندر يا پتڻ وانگي ٿي پيون آهن. سموري سنڌ واسين جي اکين ۾ آلاڻ محسوس ٿي رهي آهي. پر پنهنجي هن شهيدِ سنڌ کي اسين حقيقي خراج تحسين سندس ڪم ۽ ڪردار جي پوئواريءَ وسيلي ڏيئي سگهون ٿا. کيس مثال بڻائي اسين اهو مقصد ماڻي سگهون ٿا، جنهن لاءِ هن پنهنجي سموري شعوري ڄمار ارپي هئي ۽ اهو مقصد سنڌ جي اُفق تان، سنڌ جي آجپي جي سج کي اُڀارڻ ئي آهي. اهو پُورب پار جتان کان اسان جي ساڻيھ کي حقيقي سُهائي نصيب ٿي ملڻي آهي:

 

 

 

 

 


 

بشير قريشي

سنڌ جو ارڏو پٽ

جميل گاد

۱۰ آگسٽ ۱۹۵۹ع تي رتيديرو شهر ۾ غلام مرتضيٰ قريشي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ٻار جنهن جو ڇٺي تي نالو بشير قريشي رکيو ويو. ڪنهن کي ڪهڙي خبر هئي ته اهو ٻار اڳتي هلي سنڌ ۾ اهڙو مقام ماڻيندو جو سنڌ جي ”ابوجهاد“ جو لقب ماڻيندو. شهيد بشير خان قريشي جي جڏهن سياسي زندگي جو جائزو وٺو ٿا ته اسان کي خبر پوي ٿي ته هن ملڪ جي هر حڪمران پنهنجي پنهنجي دور حڪومت ۾ سائين جي ايم سيد کي اڪثر ڪري نظر بندين ۽ جيلن ۾ رکي سنڌي قوم کان پري ڪيو، پر جيئي سنڌ اندر سائين جي ايم سيد جي پيروڪارن ۾ بشير خان پهريون نوجوان ليڊر هيو جيڪو سيد جي فڪر جو اهڙو شارح ثابت ٿيو. جنهن سيد جي سوچ کي مادر علمي مان ڪڍي گهٽي گهٽي، وستي واهڻ پهچايو، هي جيئي سنڌ جو پهريون اڳواڻ هيو جنهن سائين جي ايم سيد جي رهيل ڪم کي پورو ڪرڻ لاءِ يونيورسٽين جي هاسٽلن ۾ ويهي تاڙا ملائڻ بجاءِ پنهنجو رخ سنڌي عوام ڏانهن ڪيو. هن صرف شاگردن تي ڀاڙڻ بجاءِ سنڌ جي هاري، پورهيت، مزدور ۽ ٻين طبقن سان واسطو رکندڙ ماڻهن کي پنهنجو بڻايو ۽ انهن ڏيجهرجهنگ ويو.

شاھ لطيف، سچل سرمست، صوفي شاھ عنايت ۽ بيدل بيڪس جي ٿيندڙ ميلن ۾ وڃي ماروئڙن سان گڏ شريڪ ٿيو موٽ ۾ سنڌ جي ماڻهن کيس ايتري ته عزت ڏني جو سنڌ جي چپي چپي ۾ سنڌ جي حقن جي ڳالھ ٿيڻ لڳي نه صرف اهو پر هن سنڌ جي انهن سادن سودن ماڻهن کي ڪالاباغ ڊيم، ٿل ڪئنال توڙي سنڌ جي ٻرندڙ ٻين مسئلن تي جدوجهد ڪرڻ لاءِ روڊن تي آندو ۽ حڪمرانن جي رنڊڪن باوجود قومي تحريڪ جو هي پهريون ماڻهو هو جنهن سنڌ جي آجپي لاءِ مئي ۽ جون جي نٽهڻ اُسن ۾ ڌرڻا هڻي پنجاب جا روڊ ۽ ريلوي ٽريڪ بند ڪري ڏيکاريا. هن سنڌ ۾ قبيلن ۾ جهڳڙن جي خاتمي لاءِ به تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو ۽ ڪيترا ئي راڄ ريجهائي پرچائي ڇڏيا. بشير خان سنڌ جو هڪ ارڏو، شهزور ۽ عظيم فرزند هو. جنهن تاريخي لانگ مارچ ڪري قومي تحريڪ کي هڪ نئين جئالا بخشي هو پنهنجي ارادي جو هڪ پڪو ماڻهو هو، دعويٰ ڪيائين ته سنڌ جي حق خوداراديت ۽ ڪراچي جي وارثي لاءِ ۲۳ مارچ ۲۰۱۲ تي ڪراچي ۾ لکين سنڌي ماڻهو گڏ ڪري دنيا کي ٻڌائيندس ته وسيلن سان ملا مال ڌرتي سنڌ جا ماڻهو ان ڪري هڪ ويلو ماني لاءِ پريـشان آهن، ڇو ته انهن جا وسيلا وفاق جي آڙ ۾ لٽيا ۽ ڦريا پيا وڃن، ڳجهن اداران پاران خطرناڪ نتيجا ڀوڳڻ واريون ڌمڪيون ملڻ باوجود هن ارڏي پٽ ۲۳ مارچ ۲۰۱۲ع تي ڪراچي ۾ لکين سنڌي ماڻهو گڏ ڪري ڏيکاريا ۽ دنيا جو ڌيان سنڌ جي ڪيس ڏانهن ڇڪايو. ان مارچ جو نتيجو ئي هو جو آمريڪي سينيٽرن بيان جاري ڪيو ته اسين جقسم جي فريڊم مارچ جو جائزو وٺي رهيا آهيون. اهو عمل ئي هو جنهن ڪري بشير قريشي کي پنهنجي جان جو نذرانو ڏيڻو پيو ۽ اسٽِبلشمينٽ ڳجهن هٿن ذريعي کيس زهر ڏياري ابدي ننڊي سمهاري ڇڏيو ۽ اهو سمجهيو ته هاڻي سنڌ جي قومي تحريڪ هميشه لاءِ ختم ٿي وئي پر هنن جو خيال غلط ثابت ٿيو ڇو ته سائين جي ايم سيد جي سوچ هاڻي صرف هڪ بشير خان قريشي جي ذات تائين محدود نه رهي هئي. اها سوچ ته پنهنجي جاکوڙ سان شهيد بشير قريشي سنڌ جي وستي واهڻ پهچائي چڪو هو.

اها ته هاڻي واسو ڪري وئي هئي ۽ سائين جي ايم سيد جي پيروڪارن بشير خان قريشي جي وڇوڙي کي قوت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري سنڌي ماڻهن کي سجاڳ ڪرڻ وارو ڪم جاري رکيو، بشير قريشي جي خوبصورت روايت کي پاڻي ڏيڻ لاءِ جسقم وري ۲۳ مارچ ۲۰۱۴ تي ڪراچي ۾ ساڳي طرح لکين سنڌ جا وارث گڏ ڪرڻ جو اعلان ڪيو. بشير قريشي وانگر جسقم جي موجوده قيادت کي به اهڙو پروگرام ڪرڻ کان مختلف طريقي سان روڪيو ويو، جڏهن رياستي ادارن جو ٻيو ڪو حيلو نه هليو ته هنن شهيد بشير خان قريشي جي اڪيلي ڀاءُ مقصود خان قريشي ۽ جيئي سنڌ لطيف سنگت جي صدر سلمان وڌو کي ۲۳ مارچ کان ۲ ڏينهن اڳ مخدوم بلاول جي نگري مان اغوا ڪري درياءَ جي پرين پار ڀريا سٽي کڻي وڃي پهريان کين گولين سان پروڻ ڪيو ويو ۽ پوءِ ٻنهي سپوتن مٿان ڪيميڪل هاري سندن جسمن کي جلايو ويو.

اڄ ڏهين آگسٽ تي شهيد بشير خان قريشي جي ۵۵ هين سالگرھ آهي، سوچيان ٿو ته بشير خان قريشي جي آخري آرمگاھ تي پڄي کيس سالگرھ جي مبارڪ ڏيان يا ڪجھ ئي مهينا اڳ سندس پيراندي کان ٻن جوڌن جي بيدردي سان ٿيل شهادت جي عذر خواهي ڪيان!؟


 

بشير خان قريشي کان پوءِ. .

نواز شاھ ڀاڏائي

بشير قريشي مٽيءَ جي زبان ڄاڻيندو هو، ان ڪري هو مٽيءَ هاڻن ماڻهن سان ملي مڪمل ٿي ويندو هو هو چهرا شُناس هو، هن غلام ديس جي ماڻهن جا نيڻ پڙهي ورتا هئا، هو ذلت جو راز پروڙي ويو هو، ان ڪري جيئن چانهن پکي پارس جي پيڇي ۾ هڪ وڻ کان ٻئي وڻ تائين ڀٽڪندو رهندو آهي، ايئن هو سنڌ جي هر ڳوٺ ۽ ڳلي ۾ آزاديءَ جي پيرن جا نشان تلاشيندو رهندو هو، هو حقيقي معنيٰ ۾ سنڌ جي ثقافت ۽ روايتن جو سفير هو، ان ڪري سندس ڪشادي دامن ۾ سموري سنڌ سموئجي ويندي هئي، سياستدان، پيرگادي ڌڻي، شاعر، عاشق، زميندار، شاگرد، پورهيت ڪمي ڪاسبي قيدي رند توڙي ساقي هڪ ئي وقت کيس پنهنجو حال محرم ۽ رازدار سمجهندا هئا ماڻهو هن جي پيرن ڏانهن جهڪڻ جي اڃان ڪوشش مس ڪندا هئا، ان کان اڳي پهاڙ جهڙو هي ماڻهو جُهڪي انهن ماڻهن کي ڀاڪرن جي گرمجوشي ۾ ڀري وٺندو هو.

ان ڪري روايتي سنڌي ماڻهو واري خوشبوءِ شهيد بشيرخان قريشي جي ڪبريائي ۽ رُتبي جو سبب بڻي، جنهن قد ۽ ڪاٺ جو ماڻهو ٿي اڀريو ان جي هڪ حصي جيتري عزت لاءِ به سندس جوڙ جا سياسي ساٿي عمريون وڃائي آيا پر کين اها عظمت نه ملي جيڪا سيد جي هن البيلي عاشق جي حصي ۾ آئي. هو راڄن جي فيصلن جو اَمين به هوندو ته سمورن سياسي اڳواڻن کي هڪ جاءِ تي ويهارڻ جو ڏانءُ به کيس ڀرپور ايندو هو هو جيترو عرصو به ڪائنات جي روح ۾ روشني ٿي رهيو، سنڌ جا سياسي اتحاد، مستقل مزاجي سان مهڪندا رهيا، هوسياسي بي وفائين جي زماني ۾ اهل دل انسانن لاءِ وفا ۽ وعدي جي ان ڇلي وانگر هو، جنهن جي گهرگهلي ٿيڻ جو ڪنهن کي به خوف ڪونه هو، سڀ يڪمشت ٿي چوندا هئا بشيرقريشي دوکو نٿو ڪري سگهي، سندس وڃڻ کان پوءِ سياست ان ساز وانگر ٿي وئي آهي، جنهن جا سمورا سر ساڻا ٿي چڪا آهن، آدرشن جو عشق ان ميري ڍنڍ وانگر ٿي پيو آهي، جنهن تي هاڻ اصولن جون آڙيون اچڻ ڇڏي چڪيون آهن، هو هوندو هو ته پن ڇڻ ۾ بهار جا بادل اوڙڪون ٿي وطن جي واٽن تي وسندا هئا ۽ مارو لوڪ جون مرجهايل دليون ڌوپجي بلور جي بدن جيان شفاف ٿي وينديون هيون، هو هوندو هو ته سنڌ ۾ سياست اڃا فرنچائز ۾ تبديل نه ٿي هئي. هن جي هوندي ڪونڌر پٽن جا لاش خاموشي جي رڻ ۾ دفن ڪونه ڪيا ويندا هئا هن جي هوندي شهر بي قابو ٿي ويندا ۽ ڳوٺ ڳالهائڻ لڳندا هئا.

هن جي هوندي ڪراچي جي ڪشادن گسن تي سنڌي ڪاون واري ٽوپي پائي فاتحائين وکن سان وڙڪندا هئا، هن جي هوندي شيخ اياز جي شاعري واري سنڌ نيٺ ته ڊهندي ڪيسي رهندي، سخين جا سينا چيري چنڊ وانگر ٻاهر نڪري ايندي هئي هن جي هوندي ايڏي نڌڻڪائپ ڪٿي هئي، هو هليو ويو آهي ته ڄڻ وڻن ۽ ڌڻن جو ڌڻي هليو ويو آهي هن کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي جا يوڪلپٽس ۽ سفيدا يرقان جي مريض وانگر پيلا ٿي ويا آهن ۽ وردين وارا اتي ائين گهمن ٿا ڄڻ فتح ڪيل ديبل تي حجاج بن يوسف جو لشڪر پسار ڪري رهيو آهي، هاڻ ته نوجوانن کان ته گيت ڳائڻ ۽ هولي جو رنگ هارڻ جو حق به کسيو پيو وڃي، سنڌ ايڏي سڃي ٿي ويندي اهو پتو هاڻ پيو آهي، جڏهن صنوبر جي قد جيڏو هو ماڻهو اسان جي محفل مان ٿي هليو ويو آهي، اسين ايڏي پيڙا مان ان پرينءَ جي پيشاني کي ياد ڪري رهيا آهيون، جو اسان جا احساس رتورت ٿي وڃن ٿا، روح ۾ جهڙو ڪر مرزا عيسيٰ ترخان جي تلوار ٽنبيل آهي ۽ ان گهاءُ جو درد اسان خبر ناهي تاريخ جي ڪهڙي موڙ تي ميڙي ڪنهن روشن آئندي جي روپ ۾ تبديل ڪري سگهنداسين، شهيد بشيرخان قريشي جي وئي کان پوءِ اسان کي هن جي غير موجودگي جو احساس شدت سان ستائي رهيو آهي، اسين انهن لمحن جي جڏهن تور تڪ ڪريون ٿا ته هر لمحو ٻئي لمحي تي ڀاري محسوس ٿئي، جن لمحن ۾ آسماني پرين جي خواب جهڙو اهو شخص زندگي جي سمورين رعنائين، تلخين، تازگين ۽ تڙپن سان موجود هو ۽ هن جي موجودگي ۾ اسان کيس گهربل وقت نه ڏنو شايد هو دلبرداشته ٿي موٽي ويو هو.


اسان سنڌ تو کي حياتي ڏني آ

شهربانو آصف

بشير خان قريشي جنهن پنهنجي سياست جي باقاعدي شروعات جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن ٽنڊي ڄام زرعي يونيورسٽي کان ڪئي. ان کان اڳ ضيائي آمريت خلاف هلندڙ تحريڪ ايم آر ڊي جي دور ۾ هن حصو ورتو، سنڌ جي قومي آجپي لاءِ ڪيل سياست تي جيڪڏهن نظر وجهبي ته اها قيادت اصل ۾ شاگرد سياست جو نتيجو آهي. شاگرد سياست جنهن سنڌ جي سياست ۾ کوڙ ساريون تبديلون آنديون آهن، اڄ کڻي اها شاگرد سياست ناهي رهي پر ان جو ماضي تمام گهڻو شاندار رهيو آهي. بشير خان قريشي پنهنجي مختصر زندگي ۾ ڪيترا ئي ڀيرا جيل به ويو. شاگرد سياست جي دور ۾ جيل وڃڻ جو به پنهنجو هڪ رومانس هوندو آهي.

ستر ۾ بنگال جي الڳ ٿيڻ کان پوءِ قومپرست اڳواڻ سائين جي ايم سيد آزاد سنڌ جو نظريو ڏنو. جنهن نظريي کان متاثر ٿي سنڌ جي تعليمي ادارن جا سوين نوجوان يونيورسٽين کي پنهنجي سياست جو مرڪز بڻايو، بشير خان قريشي ان وقت به سياسي هلچل ۾ تمام گهڻو متحرڪ هو. جنهن جي ڪري هو سائين جي ايم سيد جي تمام گهڻو ويجهو رهيو، هن شاگرد سياست کي سنڌ جي تعلمي ادارن مان ٻاهر ڪڍي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچايو. ۱۹۹۵ ۾ سائين جي ايم سيد جي وڇوڙي کان پوءِ بشير خان قريشي کي ۱۹۹۸ ۾ جسقم جو چيئرمين چونڊيو ويو.

هي اهو دور هو جڏهن ڪالاباغ ڊيم، ڌاري آبادڪاري، وسيلن جي مالڪي ۽ سنڌ جي آزاد حيثت لاءِ بشير خان قريشي سنڌ جي ماٺاريل سياست کي هڪ نئون دڳ ڏنو. نوجوان کيس پيار مان ابو جهاد به سڏيندا هئا. جيڪو جهاد هن سنڌ جي مسئلن، سنڌو درياھ، قدرتي وسيلن جي مالڪي، ۽ سنڌ جي آزاد سڃاڻپ، آزاد سنڌ لاءِ ڪيو. کيس اها خبر هئي ته هو جنهن رستي تي هلي رهيو آهي اهو رستو تمام گهڻو ڏکيو آهي، جنهن رستي سان رڳو اذيتون، تڪليفون ۽ جيل مقدر ۾ هوندا آهن، پر هن ان رستي تي هلندي اهو محسوس ڪيوته سندس چونڊيل دڳ قومن ۽ نسلن جي بقا جو رستو آهي. پر تنهن هوندي به هن ڪڏهن به پوئتي وک نه وڌائي، هو هميشه اڳيان هلندو رهيو. کيس اها ڄاڻ به هئي ته ڀلي پير پٿون ٿي پون پر ان رستي تان واپسي ميهڻو ٿي پوندي آهي. هن انقلابن جي تاريخ نه پڙهي هئي. نه ئي هو عالمي تاريخ جو شاگرد هو. پر هو سنڌو ماٿري جي تاريخ ۽ تهذيب کان ڀلي ريت واقف هو. هن کي سنڌ جي تاريخ ۾ سنڌ تي ٿيل خوني حملن جي پروڙ هئي. هو ڌارين جي يلغار کان به واقف هو.

بشير خان قريشي ۲۳ مارچ جي جلسي کان پوءِ اسٽيبلشمينٽ جي اکين ۾ ڪنڊو ثابت ٿيو. سنڌ جي ڪجھ ساڃاھ وندن جو اهو چوڻ آهي ته بشير خان قريشي جو موت طبعي هو. پر منهنجو انهن ڌرين کان سوال آهي ته ته ٺيڪ ۲۳ مارچ گذرڻ جي ٿورن ڏينهن کان پوءِ بشير خان قريشي جو موت ڇو ٿيو؟ جدلياتي ماديت جي فلسفي سان جيڪڏهن واقعن ۽ حادثن کي ڏسبو ته معلوم ٿيندو ته شين ۽ واقعن جو وقت سان گهرو تعلق هوندو آهي. سنڌ جي سياست ۾ رڳو علم ۽ ادب جو ڪردار ناهي رهيو پر ڪجھ اهڙن ماڻهن جو به ڪردار رهيو آهي جيڪي ڏاهپ جي معيارن کان به اڳتي نڪري ويا، انهن ڪردارن ۾ بشير خان جو ڪردار نمايان رهيو آهي. هوعوام جو نمائندو هو ۽ عوام کي ڏاهپ جي نه پر عملي جدوجهد جي ضرورت هوندي آهي. هن سنڌ جي قومي سياست کي عالمي طور معتارف ڪرايو ۽ سائين جي ايم سيد جي پيغام کي عالمي ادارن تائين پهچايو.


شهيد بشير خان قريشي

سنڌ جو جاکوڙي ڪردار

گل مورو

شهيد بشير خان قريشي جي زندگي ڏٺي وڃي ته ان مسلسل پنهنجي وطن ۽ پنهنجي ڌرتيءَ جي آجپي واري جدوجهد ۾ وقت ڪندي گذاري، هن کان اڳي ڏٺو وڃي ته سنڌ اندر سورهيه بادشاھ امام انقلاب عبيدالله سنڌيءَ کان وٺي، سائين جي يم سيد، ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ۽ سنڌ جا ٻيا ڏاها ڏات ڌڻي اڄ به تاريخ جي ورقن ۾ سونهري لفظن ۾ ان ڪري ياد ڪيو وڃن ٿا، جو انهن ڪڏهن به پنهنجي ذاتي زندگي جي خواهشن ۽ تمنائن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي وطن سان نه ڌوکو ڪيو نه وري انهن ڪڏهن ديس دروهين اڳيان ڪنڌ جهڪايو نه وري آمرن اڳيان ڪا تمنا پيش ڪئي پر انهن سنڌ جي سپوتن وطن جي حاصلات لاءِ سُقراط جيان زهر جو پيالو پيئڻ لاءِ دير ئي نه ڪئي، مخدوم بلاول جيان انهن وطن جي سپوتن سوليءَ کي سينگار ته بڻايو پر انهن ڪڏهن به ”آڻ نه مڃي“ ڇو ته کين خبر هئي ته وطن کان سواءِ نه ٻولي هوندي آهي نه وري ڌرتي ۽ ماڻهن جو جياپو هوندو آهي.

سائين جي ايم سيد جي وڇوڙي کان پوءِ کوڙ سارن اهو پَئي سمجهيو ته هاڻ شايد ڳاڙهو جهنڊو جهومي نه سگهندو پر ڏٺو وڃي ته بشير خان قريشي جيڪو رتي ديري جي رچيل مٽيءَ مان جنم ورتو ۽ جڏهن کيس ”سن“ جي سيد جي سرڪي نصيب ٿي ته ان ڏينهن کان آزاديءَ جي آس ۾ در در نڪري پيو. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ هجي يا وسي واهڻ هجن ڪو به اهو هنڌ نه هو جتي هن وڃي ڪري پنهنجي ماروئڙن ۽ سانگيئڙن سان رهاڻيون نه رچايون هجن، ۽ اها ڪا اهڙي گهڙي نه هئي جنهن گهڙيءَ هن سچيءَ دل کولي ۽ چاهت سان پنهنجي وطن جي ماروئڙن جي مايوس چهرن تي چميون ڏئي ڪري اتساھ ڏنو هجي، ته اوهين ڌرتي ڌڻي اڪيلا نه آهيو اسين وطن جا وارث آهيون. وطن جا وارث ڪڏهن به ٿڪبا ناهن، اسين ته شيخ اياز جي شاعري جو تسلسل آهيون، ڪٿي به ٿڪ ڀڃنداسين پوءِ ائين هن ديس جو دادلو مهان ماڻهو بشير خان قريشي آزاديءَ جي تڙپ ۾ سنڌ جي خوشحاليءَ جي خواب جي ساڀيان لاءِ در در نڪري پيو ۽ دنيا ڏٺو ته سڄي سنڌ ڀل پوءِ اهو ڳوٺ ڇو نه هجي ڀل پوءِ ڪو مٽيءَ هاڻو ماڻهو ڇو نه هجي ان سان وڃي ڪري پنهنجو روح رهاڻيون ڪندو رهيو ۽ سندس اهيو ئي ڪرشمو هيو جو وڏا وڏا بت به هن جي آڏو ڊهي پوندا هئا. ۽ جڏهن مورڙئي جي ماڳ ڪراچيءَ ۾ آزادي مارچ ڪيائين ته ان ڏينهن ڳاڙهن جهنڊن سان سڄي ڪراچي سمنڊ جيان ڇوليون هڻي رهي هئي ۽ هر ڪنهن جي زبان تي اها ٻولي هئي ته ”مرسون مرسون، سنڌ نه ڏيسون“ جڏهن اهو سمنڊ ڀريو ڇولين وارو پڙاڏو رياست جي ڪنن تي پيو ته انهن کي ڄڻ ته اها ڳالھ ڀانءِ نه پئي ۽ ان کان پوءِ ڄڻ ته سندس وجود جا ويري بڻجي ويا، اهو ان ڪري جو ڪراچيءَ ۾ ان لکين ماڻهن جي سمنڊ دنيا آڏو اهو ثابت ڪري ڏيکاريو هو ته سنڌ جو گاديءَ وارو هنڌ جتي ڌاريون قوتون وڏي سازش ذريعي آباد ڪري دنيا کي اهو ٻڌايو ويندو هو ته ڪراچي سنڌي ماڻهن جي ناهي ۽ جيڪي ماڻهو وطن جي خوشحاليءَ جو نعرو هڻن ٿا انهن جو ڪوبه همدردر ناهي. سو هن ميڙ اهو ثابت ڪري ڇڏيو هو ته سنڌ جو هر ننڍو وڏو شهر توڙي وستي واهڻ انهن ماڻهن سان آهي، جيڪي وطن جي خوشحاليءَ جا خواب ڏسن ٿا ۽ پوءِ دنيا جي دوربينين به پنهنجي عڪس ذريعي تبصرا ڪرڻ شروع ڪيا، اهو ئي سبب هو جو بشير خان قريشي هي اڙٻنگ انسان، ديش دروهين ۽ سامراجي قوتن کان برداشت نه ٿيو ۽ کيس سُقراط جيان زهر جو پيالو پياري کيس شهيد ڪيو ويو. کيس شهيد ته ڪيو ويو پر ڏٺو وڃي ته جڏهن به مُهين جي دڙي جي ناچڻي مورَ جي صورت ۾ ناچ رقص ڪندي آهي ته ان وقت به کيس شهيد بشِير خان قريشي کي ياد ڪندي لڙڪ لڙي پوندا آهن. اڄ واقعي به هن قومي تحريڪ کي جيڪو جياپو جيڪو تحرڪ جيڪو جذبو بشير خان ڏنو اڄ وري سموري ڌرتي ۽ سموري سنڌ جا وارث اها تمنا ڪن ٿا ته شل ڪو بشير خان اچي جو وري جوءِ کي جياري وجهي. ڇو ته هن وقت سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ سنڌين کي آدمشماري وسيلي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ ۽ سنڌوءَ جو پاڻي کسڻ جهڙيون سازشون اڳي کان خطرناڪ بڻجي چڪيون آهن. هاڻي قومي تحريڪون تڏهن ئي ياد ڪيون وينديون، جڏهن سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشن کي منهن توڙ جواب ڏينديون. تڏهن ئي شهيد بشير خان قريشيءَ جي روح کي تسڪين ملندي.


تو کي سارَي سنڌُ رُني!

سجاد ٻرڙو

وڏا! تون ڀلي ٻين لاءِ بشير خان قريشي هجين پر جيئن سائين جي ايم سيد ٻين لاءِ جي ايم سيد ۽ پنهنجي ”ڏنگن ٻارن“ لاءِ ”سائين“ هوندو هو، ايئن ئي تون به پنهنجي ”ڏنگن يارن ۽‌ ڏنگن ٻارن”لاء اڄ به ”وڏو”آهين!

”وڏا“ اڄ تنهنجي جسماني وڇوڙي کي پنج ورهيه گذري ويا آهن، ان وچ ۾ ڇا ڇا نه وهيو واپريو آهي سنڌ ۽ سنڌين تي ۽ اڳتي ڇا ٿيڻ وڃي رهيو آهي، اهو سڀ ڪنهن ٻئي طريقي سان اورڻ پئي چاهيم ۽ توکي اهو به ٻڌائڻ ضروري آهي ته گذريل ٽن ڏينهن کان منهنجي ننڊ ۽‌ آرام ڦٽل آهي، ڇو ته پهرين اپريل کان وٺي ذهن ۾ اها سوچ هئي ته نه صرف توکي تنهنجي ڪيل جدوجهد تي تنهنجي شان لائق ڀيٽا پيش ڪجي پر ان سان گڏ اڄوڪي قومي سياست تي پڻ هڪ ڀرپور تجزيو پيش ڪجي ته تنهنجي پڄاڻان اڄ سنڌ ڪٿي بيٺل آهي ۽ اهو سڀ سوچي ڪري ئي گذريل پورو هفتو تنهنجي ”ڏنگن ٻارن ۽ ڏنگن يارن”سان گذاريم، ”وڏا“ انهن پنهنجون جيڪي پيڙائون بيان ڪيون، انهن وٽان جيڪو ڪجھ ٻڌڻ لاءِ مليو انهن روح تي اهڙيون رهنڊون ڇڏيون آهن جو مان هتي توسان انهن جو درد به ونڊي نه ٿو سگهان.

”وڏا“ اهو سڀ ڪجھ سوچي ڪري ئي مسلسل ٽن ڏينهن تائين ذهن کي ولوڙيندو رهيس ته آخر اهڙو ڪهڙو طريقو اختيار ڪجي جو پنهنجي ڳالھ به توتائين ۽ تنهنجي عاشقن ۽ محبوبن تائين پهچي وڃي ۽ ڪا ”اعتراض لائق”ڳالھ به نه هجي!، آخرڪار پنهنجي ”استادن“ وٽان مليل سبق ياد آيا ۽ سوچيم ته توکي سڌو سنئون مخاطب ٿي ڪري دانهن به ڏجي ته ميارَ به ڏجي!، اهي سورَ جيڪي تنهنجي پيارن مون ساڻ ونڊيا!، اهي ميارون جيڪي تنهنجي ڪجھ ويجهن يارن بابت تنهنجي ڏنگن ٻارن ڏنيون!، اڄوڪي ڏينهن اهي تنهنجي مزار تي به ضرور پهچي ڪري توکي دانهن ۽‌ ميار ضرور ڏيندا پر هنن خاص فرمائش ڪئي ته اهو سڀ ڪجھ عوامي آواز ۾ ضرور اچڻ گهرجي! ان ڪري “وڏا”اچ ته توسان سورَ سليان!

”وڏا“ سڀني کان اڳ ۾ ته مان توسان پنهنجو هڪ درد ونڊڻ ٿو چاهيان، جيڪا هڪ دانهن به آهي ته ٻه ڏينهن اڳ جڏهن مان تنهنجي ”ڏنگن يارن“ سان ڪچهري ڪرڻ لاءِ نڪري رهيو هئس ته ساڳئي وقت منهنجي ڀرواري وار گهر مان هڪ نوجوان ڇوڪر ٻاهر نڪتو ۽ ان جي پويان وري ٻيو به نڪري آيو ۽ پهرئين کان پڇيائين ته ”ڪيڏانهن پيو وڃين!“ ان تي پهرين ڇوڪري وراڻيو ته “هوٽل تي فلم ڏسڻ پيو وڃان، ڇا ڪجي ٽائيم ته پاس ڪرڻو آهي نه!!!“ اهو ٻڌي ٻيو به ساڻس گڏ وڃڻ لاءِ نڪري پيو!

”وڏا“ اهو سڀ ڪجھ ڏسي ۽ ٻڌي مون کي انتهائي حيرت ۽ افسوس ٿيو ته هي اهو اپريل مهينو آهي، جنهن ۾ سنڌ کي تمام وڏا صدما مليا!، جيڪي تاريخ ۾ سدائين ڪارن اکرن سان لکيل هوندا پر اسان جي نوجوانن کي ان بابت ڪا به خبر ناهي ته هن مهيني اسان کي ڪهڙا تاريخي ”وڍ“ ڏنا آهن ۽‌ هو ”ٽائيم پاس“ ڪرڻ لاءِ فلم ڏسڻ پيا وڃن!

”وڏا“ توکي ته خبر آهي ته هن ئي مهيني ۾ توکان تنهنجو ”محبوب رهبر“ وڇڙي ويو هو! ۽ هي ساڳيو ئي مهينو آهي، جنهن ۾ اسان کان تون به ”کسيو“ وئين! نه صرف ايترو پر شفيع ڪرناڻي، اعجاز سولنگي، عامر کهاوڙ، سجاد مرکنڊ سان گڏ سرائي قربان کهاوڙ، روپلي چولياڻي ۽‌ نورالله تنيي جا لاش پڻ هن ئي مهيني ۾ سنڌ کي ”ڏنا“ ويا! ان سان گڏوگڏ ذوالفقار علي ڀٽو کي پڻ هن ئي ڪهري مهيني ۾ شهيد ڪري ”لاش“ بڻايو ويو هيو پر ”وڏا“ جڏهن مون مٿئين ڇوڪرن کي سڏ ڪري ساڻن ڪچهري ڪئي ته هو انهن سمورين شين کان اڻ ڄاڻ هئا ته ”اپريل“ اسان سان ڇا ڇا نه ڪيو آهي ۽‌ هو هر معاملي کان بلڪل لاتعلق نظر آيا!

”وڏا“! مان انهن نوجوانن کي صرف ايترو ئي چئي سگهيس ته “فلم ڏسڻ خراب ڳالھ ناهي، پر اها ”ٽائيم پاس“ ڪرڻ لاءِ نه پر ان مان ڪجھ حاصل ڪرڻ لاءِ ڏسو!، ڇو ته پاڻ کي به هڪ ”استاد“ ( جيڪو نائين ڪلاس ۾ اسان جو ڪلاس ٽيچر هو‌) اها ئي صلاح ڏني هئي“۔

”وڏا“ منهنجا ٻيا به کوڙ سارا درد آهن ۽ ان کان به وڏا آهن پر هاڻي مان ڪجھ تنهنجي ”ڏنگن ٻارن ۽‌ ڏنگن يارن“ بابت توکي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته هن وقت هو ڪهڙين پيڙائن مان گذري رهيا آهن!

”وڏا“ آمهون سامهون ۽‌ فون تي مختلف ضلعن جي عام ڪارڪنن توڙي عهديدارن سان ڪيل ڪچهرين ۾ هڪ ڳالھ واصح نظر آئي ته تو پڄاڻان تنهنجا ”ڏنگا ٻار ۽‌ ڏنگا يار“ ساڳيا ناهن رهيا، انهن جي اڪثريت مايوسين ۾ وڪوڙجي ويل اٿئي ”وڏا“!!!

ڪي سائين جي نظرئي تان هٿ کڻي ٻين پارٽين ڏانهن وڃي رهيا آهن ته ڪي وري ڪنڊائتا ٿي ويا آهن!، ڪي عملي ميدان ۾ نظر ته اچن ٿا پر ڪهڙي دل سان؟!، اها انهن کي ئي خبر آهي!!!

”وڏا“ توسان گڏ مختلف وقتن تي گولين جو بي خوف ٿي ڪري مقابلو ڪندڙ ڪارڪن تو بابت ڪچهري ڪندي روئڻهارڪا ٿي ويا، ان موقعي تي ڪراچي جي هڪ ضلعي سان تعلق رکندڙ عهديدارن صفوران چورنگي تي تو مٿان ٿيل حملي، سلطان آباد ۽ ملير جي هڪ علائقي ۾ ڌارين سان ٿيل مختلف جهيڙن دوران تنهنجي عملي قدمن بابت جيڪا ڄاڻ ڏني، ”وڏا“ ان مان هڪ ڳالھ ته مان توسان گڏ سڄي سنڌ سان ونڊڻ ٿو چاهيان ته جڏهن ڪجھ دوستن مخالفن جو وڏو انگ ڏسي پنهنجا ماڻهو آڻائڻ لاءِ فون ڪرڻ چاهي ته تو کين چيو ته ”بابا پريشان ڇو ٿا ٿيو؟ هي اسان کي ڪجھ به نه ڪري سگهندا، هنن کي خبر آهي ته هتي ”بشير خان“ موجود آهي، هڪ آواز تي پوري سنڌ گڏ ٿي ويندي!“ ۽ واقعي ٿيو به ايئن ئي، سلطان آباد واري جهيڙي ۾ ۳ ڄڻا زخمي به مخالفن جا ٿيا ۽ معافي تلافي به انهن کي ڪرڻي پئجي وئي!

”وڏا“ سنڌي قوم تي ايڏو ڀروسو، ايڏو مانُ اڄ ڪنهن ليڊر کي آهي؟ اڄ ته جنهن کي ڏسون ٿا اهو قوم کي ميارون ڏيڻ ۾ پورو آهي ته سنڌي ”مردي پرست“ قوم آهن پر ”وڏا“ تنهنجا لفظ بنا ڪنهن شڪ جي ان ڳالھ جو چٽو ثبوت آهن ته جنهن به سنڌ سان نڀايو آهي، سنڌ ان سان گڏ بيهندي آهي ۽ تنهنجي وقت ۾ ٿيل سمورين جدوجهدن جو مثال ڪافي آهي ته اهي جدوجهدون ڪاميابي سان پڄاڻيءَ تي پهتيون!

”وڏا“ ڳالهيون تمام گهڻيو آهن، ايتريون جو انهن تي پورو هڪ ڪتاب لکي سگهجي ٿو پر ڇا ڪجي هڪ اخباري ڪالم جي ڪا حد ٿيندي آهي، جنهن ڪري ٻين ڳالهين کي ڇڏي ڪري هڪ اهم ترين دانهن توکي ڏيڻ ٿو چاهيان!

هڪ اهڙي دانهن جيڪا مون توکي نه پئي ڏيڻ چاهي، پر ڇا ڪريان، اها دانهن ڏيڻ کان سواءِ دل کي چين به نه ملندو، اها هي آهي ته تو سنڌ کي پنهنجو ڪيو، تو ماروئڙن سان پنهنجي وس ۽ وت آهر ڀرپور نڀايو پر اڄ تنهنجا ”ڏنگا ٻار ۽ ڏنگا يار“ انتهائي بيوس بڻيل اٿئي، ايتري قدر جو تنهنجو موڀي پٽ جنهن جو نالو ”سائين“ پاڻ رکيو هو، اڄ تنهنجي پارٽي جو چيئرمين هئڻ باوجود هڪ دوست ٻڌايو ته اهو به پنهنجا درد ڪنهن سان ونڊي نه ٿو سگهي، ڀلي پوءِ تنهنجي ننڍي پٽ جي گڙدي واري بيماري دوران پيش آيل ڏکيائيون هجن يا تنهنجي ڏوهٽَيءَ جو ڪمهلائپ وارو وڇوڙو!، ايتري قدر جو هڪ مرڪزي عهديدار لاءِ ته ان دوست اهو به ٻڌايو ته اهو گلشن حديد ڪراس ڪري ڪراچي جي مختلف هنڌن جا ”دورا“ ڪندو رهندو آهي پر ڪڏهن کيس اهو خيال نه آيو ته جتان هو ڪراس ڪري پيو اتي ئي پارٽي جو چيئرمين پڻ رهندو آهي ۽‌ ان سان ملي ڪري ساڻس حال احوال ڪجن، ڪي ڏک، درد ونڊجن، ڪا آٿت ڏجي!!! پر ايئن ناهي ٿيندو!۔

”وڏا“ افسوس جي ڳالھ ته اها به آهي ته تنهنجي ڪيس ۾ جهڙي نموني شروعات ۾ سنڌ سرڪار رنڊڪون وڌيون ته ان وقت تنهنجو نماڻو ڀاءُ مقصود ”ارڏو“ بڻجي سامهون آيو ۽ ان کي ”رستي تان هٽائڻ“ بعد اڄ تنهنجي پنجين ورسي ملهائي پئي وڃي پر اها خبر ڪنهن کي ناهي ته تنهنجي ”ڪيس“ جو ڇا ٿيو ۽ ان ”ڪيس“ جي ”ارڏو“ بڻجي پوئيواري ڪندڙ مقصود کي ڪنهن ”رستي تان هٽايو“!!!

”وڏا“ آخر ۾ هڪ ڳالھ ڪرڻ ٿو چاهيان ته جهڙي ريت اسان کي ٻڌايو ويندو آهي ته فلاڻي ماڻهو کي فلاڻي بزرگ خواب ۾ اچي ڪا خوشخبري ڏني، ڪا ساڃاھ ڏني، يا ڪجھ ٻيو ڏنو!ٰ ته اهڙي ئي نموني سان ”وڏا“ توکي عرض آهي ته پنهنجن “ڏنگن ٻارن ۽‌ ڏنگن يارن”جي خواب ۾ اچي کين آٿت به ڏي ته ساڃاھ به ڏئي ته هو تنهنجي مِشن کي تنهنجي ئي طريقي ۽‌ مانَ سان کڻي سگهن ۽‌ سنڌ سان اهڙو نڀائين ۽ اهڙا ليڊر ٿي ڏيکارين جو اهي قوم کي ميارون ڏيڻ بدران ڪهڙو به وڏو توڙي ننڍو مسئلو هجي ته هو پنهنجن ساٿين کي تو واري ڀروسي ۽ مانَ واري لهجي ۾ چئي سگهن ته ”بابا! پريشان ڇو ٿا ٿيو! اهي اسان کي ڪجھ به نه ٿا ڪري سگهن، ڇو ته انهن کي خبر آهي ته هتي بشير خان موجود آهي، هڪ آواز تي پوري سنڌ گڏ ٿي ويندي!“


بشير خان قريشي

سنڌ جو عاشق

فقير رمضان ڪلوڙ

سنڌ جا نادان عاشق لکين ڪروڙين آهن ۽ رهند. هي عاشقن جو قافلو آهي پر شهيد بشير خان کان پوءِ ائين پئي لڳو ڄڻ سنڌ مان سڀ ڪجھ ختم ٿي چُڪو آهي. اها ۷ اپريل ۲۰۱۲ع جي رات هئي، چنڊ اڀري رهيو هو ته بشير خان جي اوچتي وڇوڙي جا ميسيج موبائيل ۾ ڌڙا ڌڙ سڄي سنڌ مان اچي رهيا هئا، جنهن جو يقين ئي نه پئي آيو، پر ان خبرن جو ڪلائمڪس سموري ٽي وي چينلز تي ڪنهن اِشو وانگر هلي رهيو هو. اصل ۾ ڪراچي جي فريڊم مارچ کان پوءِ ڪنهن پلاند طور زهر ڏئي بشير خان کي شهيد ڪيو ويو هو، اهو سنڌ جي تاريخ ۾ سڀ کان ڏکوئيندڙ ڏينهن هو. جنهن ڏينهن بشير قريشي سنڌ کان جسماني طور جدا ڪيو ويو.

 

اڄ سنڌ پنهنجي بهادر پٽ شهيد بشير خان قريشي کان پوءِ ويران آهي، سنڌ ننڌڪڻي ٿي وئي آهي، ڪير به مالڪي ڪرڻ وارو ناهي، اڄ رتي ديري جون ماڙيون به اداس آهن اڄ قومي تحريڪ جا ڪارڪن آزادي پسند شهيد بشير خان جي قبر تي حاضري ڀري وچن ورجائيندا ته ماحول ماتمي بڻجي ويندو، اهو سڀ ڪجھ ڪيئن ٿيو ۽ شهيد بشير خان جهڙي قدآور شخصيت جو ڪيس ڪيئن جلد ڍڪجي ويو؟ خير اهو مسئلو شهيدن جي تاريخ ۽ سنڌي قوم تي ڇڏيل آهي، هاڻ وڏو مسئلو اهو آهي ته سنڌ پنهنجي ليڊر کي تلاش ڪري ٿي يا نه ؟ اهڙو ليڊر جيڪو شهيد بشير خان جو خال ڀرڻ ۾ مدد ڪري، ڇو ته قومي تحريڪ جي اُڀار کان پوءِ زوال آهي، سيد جي آشياني ۾ پليل ڪيترا ئي دوست اڌ ۾ ڇڏي هليا ويا آهن، قومي تحريڪ به وکريل آهي (جسقم بشير خان) ۾ صنعان خان قريشي ۽ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ٻه قداور شخصيتون آهن.

سنڌيو!! ننڍي کنڊ جي تاريخ لکو نه ته پنجاب جا وڏيرا، وڏيرا، مير، پير، لٽيرا شهيد بشير خان جي شهادت کان پوءِ سنڌ جي فتح کي هڪ وڌيڪ ڌاڙي هڻڻ لاٰءِ گڏ پيا ٿين، ۲۰۱۸ع اليڪشن وسيلي قوم پرستي کي دٻائي، سڄي سنڌ کي پ پ پ جي شاخ بڻايو ويو آهي، شهيد بشير خان، مقصود خان قريشي، سلمان وڌي سميت ٻين قومي ڪارڪن جي قتل جو حساب ڪير ڏيندو؟ قومي تحريڪ، سيد ۽ لطيف جي عدم تشدد جا پيروڪار محبت امن رواداري جا امين آهن، اهي سيني به سيني پيغام سنڌ پهچائين، سنڌ صوفين جي سرزمين آهي، انسان ذات کي وحدت وجود طرف واپس اچڻ گهرجي، تشدد غلط آهي پر هتي ڪجھ ماڻهن سنڌ جي نالي ۾ سياست ۽ حڪمت عملي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي پاڻ سان جوڙڻ بجاءِ مورڳو پري ڌڪيو آهي، بشير خان قريشي واري سياست سنڌ جي ماڻهن جو نصب العين آهي، جنهن سان سنڌ کي آجپاڻي ملندي اڄ هن جي عاشقن کي اهڙي سياست کي اڳتي وٺي وڃڻ گهرجي جنهن سان سنڌ جو ڀاڳ سڻائو ٿي سگهي.

 


 

بشير خان قريشي

وٺي هر هر جنم وربو. .

ماھم سنڌي

سائين جي ايم سيد پنھنجي اڳواڻي ھيٺ پنھنجي سياسي ٻارن جي پرورش به اھڙي خوب انداز ۾ ڪئي جو انھن ۾ پنھنجا گڻ پڻ منتقل ڪري ويو. پنھنجي ليڊرشپ، پنھنجي سياسي ڏاھپ، دور انديشي، دشمن ۽ دوست جي پرک، آئيندي جو اونو وغيره سڀ پنھنجي شاگردن ۾ منتقل ڪري ويو. انھن شاگردن ۽ سيد جي وفادار ٻچن مان بشير خان قريشي به ھڪ يادگار ۽ وعدو وفائي ڪري، سنڌ لاءِ سر پيش ڪندڙ سچو سپوت ڪردار ھو.

اڄ بھادر بشير خان قريشي جي ۵۷ ھين سالگرھ آھي. اھا اسانجي بدنصيبي چئبي جو اڄ ھو اسان سان گڏ موجود ناھي، جو پنھنجي سالگرھ جو ڪيڪ ڪٽي پنھنجو منھن به مٺو ڪري ۽ اسان به کيس سامھون واڌايون ڏيون. پر ھن جھڙي سحر انگيز شخصيت کي ياد ڪري اڄ کيس ڀيٽا پيش ڪريون ٿا.

لاڙڪاڻي جي گرم ۽ خشڪ زمين، جتي ھاڙھ جي مند جو گرمي پد وڌي ڪري ماڻھن جو ساھ منجھائي ٿو ڇڏي، اتي رتي ديري جي محلي موٽڻ پور ۾ ۱۰ آگسٽ ۱۹۵۹ع تي جنم وٺندڙ بشير خان قريشي ھڪ لڪل ستاري جيان ھيو، جنھن جا چمڪندڙ ارادا ۽ شخصيت وقت جي وکن کڻڻ بعد منظرعام تي آئي. غلام مرتضي قريشي جي گھر ۾ گلشن قريشي جي ڪک مان جنم وٺندڙ بشير خان جي ڪنھن کي ڪل ھئي ته ھي به ڪو ليڊرشپ جون خوبيون رکي ٿو. سادگي سان زندگي جا شروعاتي ڏينھن گذاري عام ٻار وارا مشغلا اپنائيندڙ بشير خان پاڻ به شايد اڻڄاڻ ھو ته ھو اڳتي ھلي سنڌي قوم جي حقن لاءِ ويڙھاند شروع ڪندو ۽ آخري دم تائين جاري رکندو.

بشير خان ايندي ئي پڙھائي کان علاوه ٻين سرگرمين جو به حصو بڻيو، ھن شاگرد تنظيم جئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن (جساف) ۾ شموليت اختيار ڪئي. اھو دور ھن جي عملي سياست ۾ سکيا جي شروعات جو وقت ھو. بشير خان سائين جي ايم سيد جي نقش قدم تي پنھنجا پير رکي ان جي نظريي جو پرچار ڪرڻ لڳو. ۱۹۸۰ع ۾ ٽنڊي ڄام يونيورسٽي ۾ ان کي جساف جو صدر مقرر ڪيو ويو، اھا نه صرف ان جي ڪاميابي ھئي بلڪه ان جي لاءِ ھڪ نئون امتحان پڻ ھئي. ھي ھاڻي جساف ۾ موجود شاگردن جي صدارت ڪرڻ لڳو ھو، اندروني توڙي ٻاھرين مسئلن کي صحيح انداز ۾ پيش ڪري فيصلا ڪرڻ ان جي ذميواري ۾ ھو. ھڪ شاگرد جي حيثيت سان ھن ضياءُالحق جي لڳايل ڪاري مارشلا دوران ايم آر ڊي تحريڪ ۾ پڻ شامل ھيو. ان جي زندگي ۾ يو ٽرن ۱۷ آگسٽ ۱۹۸۴ع تي ٺوڙھي ڦاٽڪ تي شھيد ٿيل سنڌين بعد آيو جنھن ۾ جساف جا گھڻا ئي ڪارڪن گرفتار ڪري تشدد ڪيو ويو ھيو. ۱۹۸۴ع ۾ ئي ھو سعيده قريشي سان شادي بي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويو. ھن پھرين دفعي جيل جو منھن ۱۹۸۵ع ۾ ڏٺو ۽ جسماني اذيت پڻ سٺي، ان وقت گرفتاري دوران ملٽري ڪورٽ ان کي ھڪ سال ۽ ڏهن ڪوڙن جي سزا ٻڌائي جنهن تي عمل ٿيو ۽ ۱۹۸۶ع تي هن آزادي ماڻي.

۱۹۸۶ع ۾ جساف سنڌ جو صدر ان جي شخصيت تي ڀروسي سبب ان کي ڪيو ويو. ھن جي بھادر شخصيت جو اثر ان جي ھيٺيان ڪم ڪندڙن تي خوب ھيو. اھي ان جي فيصلن ۽ راءِ کي بي حد ڪارائتو سمجھي ھر فيصلي تي ھائوڪار ڪندا ھئا. جيتوڻڪ تنقيد ڪندڙ عنصر به ھئا جيڪي ھر وقت الرٽ رھندا ھئا.

۱۹۸۸ع ۾ ھن کي نسلي فسادن جي بنياد تي گرفتار ڪيو ويو ۽ ۱۸ مھينا جيل ۾ رھيو. ۱۹۹۰ع ۾ جيئي سنڌ تحريڪ جو مرڪزي صدر مقرر ٿيو. ھاڻي اھو دور ھيو جو بشير خان جو نالو ھڪ معتبر ماڻھو جي حيثيت سان ورتو پئي ويو. حالانڪه ھو بي انتھا سادو ۽ يارن جو يار ھيو، سادگي سان ھلڻ ۽ ھر ننڍي توڙي وڏي سان کلي ملي رھڻ ان جي ظاھري شخصيت جا مثبت پھلو ھئا.

سائين جي ايم سيد جي سرپرستي ۾ سکيا وٺندڙ بشير خان تي سائين جي ايم سيد کي ڀروسو ھوندو ھيو، تنھنڪري ان سان ويجھڙائي پڻ رھيس. ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ع تي جڏھن سائين جي ايم سيد لاڏاڻو ڪري سنڌ جي مٽي منجهھ مليو، ته نه ڀرجندڙ خال پيدا ٿي پيو پر پوءِ به ان جا ڏسيل الفاظ سنڌ ڌڻين لاءِ مشعل راھ ٿي پيا. اُن وقت جيئي سنڌ قومي محاذ (جسقم) وجود ۾ آئي ۽ بشير خان جيل ۾ ھوندي به ان کي ڊپٽي ڪنوينر چونڊيو ويو. سال ۱۹۹۸ع کان ان جي سربراھي بشير خان جي حصي ۾ آئي. ھاڻي بشير خان قومپرست سياست ۾ ھڪ سربراھ ليڊر طور متعارف ٿيو. حالانڪه ھن جي اڳواڻي پھرين به ھئي، پر ھاڻي ھو چيئرمين مقرر ٿيل ھيو. جيلن جون اذيتون ۽ ڪوڙن جا ڦٽڪا سڀ سھي چڪو ھو. ڄڻ ته ڪنهن بٺي مان پچي راس ٿي نڪتو هو، ھو ھاڻي مخالفن جي باھ ۽ دشمنن جي تپش پنھنجي جسم تي سھي ڪري پچي نڪتو ھو. ھاڻي بشير خان جي شخصيت زندگي جي تلخ تجربن سان ڀرپور ھئي، جنھن ۾ ھن ڪئي ڏکيا سبق پرايا ۽ دوست يار به آزمايا ۽ ماڻھن جي پرک به پئجي ويس. سائين جي ايم سيد جي شخصيت ۽ ان جي اڳواڻي مان فيض حاصل ڪندڙ بشير خان ۾ ان جي سحر انگيز صحبت جا ڪجهھ گڻ شامل پڻ ٿي چُڪا ھئا. بشير خان جي تقريرن ۾ ولولو ۽ شينھن واري گجگوڙ ۽ للڪار ڏسڻ وٽان ھئي. بشير خان جي دوستن جو دائرو ته وسيع ھو پر ان جا ويري به آڱرين تي ڳڻڻ کان مٿي ھئا. ھو ۱۷ جنوري ۱۹۹۹ع تي جڏھن سنڌ جي سيد جي سالگرھ ملھائڻ لاءِ سن پئي ويو ته گرفتار ڪيو ويو. ۽ ۱۱ مھينو لاڳيتو ان جي آزادي جي تحريڪ ھلائڻ بعد نومبر ۱۹۹۹ع ۾ آزاد ٿيو.

هن مجموعي طور ۶ سال ۱۰ مھينا مختلف جيلن ۾ گھاريا. ۱۹۸۹ع ۾ ھن جو ڪتاب”جاڳيا جنگ جوان“ شايع ٿيو جن ۾ ھن جون تقريرون شامل آھن. ان ڪتاب ۱۹۹۷ع ۾ جي ايم سيد نيشنل ايوارڊ ماڻيو. بشير خان کي”ابوجھاد“ جو لقب ڏنل ھيو. مسلسل جدوجھد ڪرڻ ۽ سنڌين جي حقن جي لاءِ آواز اٿارڻ سبب اھو لقب مليس. پر ماڻھو ھن کي وڏا يا وڏو چوندا ھئا، جيڪو عام طور ھن جا ويجھڙا ڪارڪن، ڄاڻ سڃاڻ، ياري دوستي، وارا چوندا ھئا.

ھو آخري ڀيرو ۲۰۱۱ع ۾ غيرقانوني ھٿيار رکڻ جي الزام تي گرفتار ٿيو، پر ٽن ڏينھن اندر ضمانت تي آزاد ٿي ويو. ھن جو سڀ کان وڏو سياسي ڪارنامو ۽ سنڌ جي قومپرست سياست ۾ تاريخي فتح اھا ھئي ته ھن ۲۳ مارچ ۲۰۱۲ع تي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ فريڊم مارچ ڪرايو، جنھن ۾ ٻين قومپرست ليڊرن ۽ سنڌي توڙي اردو ڳالھائيندڙن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

ستين اپريل ۲۰۱۲ع تي سڪرنڊ ۾ دوستن سان گڏ رات جو کاڌو کائڻ بعد واپسي لاءِ جئين اتان روانو ٿيو ته طبيعت بدلجڻ لڳس، ھو ھوش وڃائڻ لڳو ۽ ڇاتي جي سور جو چيو، جنھن دوران کنگھندو به رھيو ۽ پوڻين ۳ وڳي تائين پاڻ ۾ ساھ جي سانت نه جھلي سگھيو ۽ سنڌ جو بشير مرحوم بشير خان ٿي ويو. ھڪ ڳجھارت بڻيل ۽ اڻ مندائتي موت بھار جي مند جي پوين ڏھاڙن ۾ گلشن اندر خزان جو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو.


 

بشير خان قريشي

تِن سَامين سڌ مَران، جِن جي گودڙين ۾ گُل!

جمن دربدر

هيءُ تقريبن ۸۰ واري ڏهاڪي جي ڳالھ آهي. جڏهن جيئي سنڌ محاذ جي تنظيم سازي هر ڳوٺ ۽ سنڌ جي واهڻ ۾ پئي ڪئي سون. ان وقت محاذ جون ذيلي تنظيمون، جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن، لطيف ٻارڙا سنگت ۽ ناري تنظيم جون پڻ شاخون هونديون هيون. ان وقت مونسان ٽنڊي ڄام يونيورسٽيءَ ۾ هڪ مينگهواڙ نوجوان سرويچ ساجناڻي شام ملهائڻ جو پروگرام رٿيو. آئون ان وقت پنهنجي ڪچي ڦڪي قومي شاعريءَ سان ان پروگرام ۾ شامل ٿيس. ڏينهن جو مقالا ۽ شاعري به پيش ڪئي وئي ۽ جڏهن رات جو يونيورسٽيءَ جي آڊيٽوريم ۾ راڳ جي محفل رکي وئي هئي، جنهن ۾ فقير عبدالغفور کي گهرايو ويو هو ۽ پروگرام ۾ اڃا ڪجھ دير هئي ته اٺن ڏهن نوجوانن سان گڏ هڪ ڊگهي قد ۽ ڳري آواز واري نوجوان اچي منهنجي ٻانهن مان ورتو ۽ مونکي هال مان ٻاهر ڪڍي چيائين ته هي ڇا ٿو ڪرين؟ تون هتي ڪنهن جي سڏ تي آيو آهين؟ توکي خبر ناهي جيڪي دوست توسان شام پيا ملهائين اُهي ٻي گروپ جا ماڻهو آهن ۽ تون سيد جو پوئلڳ ٿي هن پروگرام ۾ شريڪ ٿيو آهين ۽ اسان کي اطلاع به نه ڏنو؟ بس پوءِ ته سائين همراھ ڏاڍو جذباتي ٿي چيائين ته هاڻي توکي محفل ۾ ڳائڻو ناهي. نيٺ مون کيس سمجهائيندي چيو، يار هڪ ته مون کي خبر ڪو نه هئي ۽ ٻيو ته هڪ پروگرام ملهائڻ سان آئون سيد جي فڪر کي ڪيئن ٿو ڇڏي سگهان. تون رڳو مونکي ڪجھ دير ڇڏ ته ٻه ٽي ڪلام ڳائي پوءِ توسان گڏ هلان ٿو. ائين راڳ جي محفل ۾ مون ٻه چار ڪلام ڳايا پوءِ سڌو مون کي وٺي پنهنجي هاسٽل جي ڪمري تي ويو. اُهو نوجوان بشير قريشي هو.

ساڻس اها پهرين ملاقات ان ڪري به ياد آهي ته طبقاتي ۽ قومي جدوجهد تي ڀرپور ڪچهري ٿي، مون ڪافي قومي گيت ٻڌايا جيڪي نوجوانن ٻڌا. رات جو ۵ بجي تائين ڪچهري هلندي رهي ۽ صبح جو مونکي سوير بس تي ڇڏي پاڻ واپس ويو. سائين جي ايم سيد کيس ڏاڍو ڀائيندو هو انجو وڏو ڪارڻ سندس سچائي هئي ۽ هن ڪڏهن به سيد جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪا نه ڪئي ۽ ڪڏهن به سائين سان ڪنهن به ڳالھ تي بحث نه ڪيائين. بشير خان جي ڪم ڪرڻ جو ڏانءُ پڻ سگهارو ۽ گهڻ رخو ٿيندو ويو. هن جي مقبوليت کي ڏسي سندس ئي دوست سازشون ڪري هن جي مقبوليت کان گهٻرائجي، ڌڙابندين جو شڪار ٿيا ۽ هن جي ڪردار تي تهمتون هڻي عام ڪچهرين ۾ ڪرائم جا من گهڙت قصا ٻڌائي هن کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ اندروني توڙي ٻاهرين نموني دٻاءُ وڌو ويو، پر هن سادي ۽ فقير منش ماڻهوءَ انهن سڀني دوستن جي وارن کي بردباري، رواداري ۽ نوڙت سان منهن ڏنو. ڪڏهن به وڃي ڪنهن اسٽيج يا ميڊيا جي اڳيان اهڙي ڪا به ڳالھ نه ڪيائين، جيڪا انهن دوستن جي خلاف هجي.

آئون سمجهان ٿو اهي سڀئي دوست پنهنجي مضمونن ۽ بيانن ۾ اعتراف ڪري چڪا آهن ته انهيءَ روايتي انا پرستيءَ جي ڪري اهڙو عمل ڪيائون جنهن سان نه رڳو هن فقير تن ماڻهوءَ کي ايذاءَ ڏنائون، پر قومي تحريڪ کي به وڏا گهاءَ ڏنائون. بشير خان کي گهڻو ڪري عام ماڻهو ۽ سڀئي دوست”وڏو”چوندا هئا. آئون اڄ پوري سچائيءَ سان چوان ٿو ته”وڏي”هئڻ وارا گُڻ، حوصلو، سهپ، نوڙت ۽ ٻيون انيڪ خاصيتون هن ارڏي انقلابيءَ ۾ موجود هيون. بشير قريشي ڪو حادثاتي ليڊر ڪونه هو، نه ئي ڪو امپورٽيڊ قسم جو ماڻهو هو، پر هن نوجوان رتيديري جي قريشي خاندان ۾ اک کولي ۽ سيد جي فڪر سان واڳجي، رچي راس ٿي، جيل، ٽارچرسيل ۽ انيڪ ايذاءَ سهي، هڪ مڪمل سچي قومپرست عوامي اڳواڻ طور سامهون آيو. جنهن جو سنڌ جي هر طبقي جي ماڻهوءَ، سردار کان وٺي امير توڙي نواب ڪاموري توڙي ايم پي اي، شاگرد توڙي هاريءَ ۽ هڪ گڏھ گاڏي واري کان ويندي سنڌ جا سڀ ماڻهو هن جي سحر ۾ متحد ٿيڻ لڳا. جا شيءِ اقتدار ڌڻين توڙي، سامراجي دلالن ۽ ايجنسين کي اکين ۾ هرڻ لڳي. ڪئي دڙڪا دهمان ۽ لالچون پڻ ڏنيون ويون، پر لطيف چواڻي،

سرمو سفيديءَ جو، جڏهن پاتو جن،

تڏهن ڏٺي تن، اڇائي عالم جي.

منهنجا سائين مٽيءَ کي به ڪنڀر منوهي، ڳوهي، سٽي ڪٽي چَڪ تي چاڙهي ڪچو دلو ٺاهيندو آهي، پوءِ ان کي رنگ ڏئي آويءَ ۾ هلڪي سيڪ تي پچائي راس ڪري پوءِ ٿڌي پاڻيءَ لائق بڻائيندو آهي يا پڙهڻ، پوءِ وري ڪڙهڻ، ڪڙهڻ کانپوءِ وري ٺرڻ، اها هڪ مڪمل انسان ٿيڻ جي نشاني آهي. سو اسانجو شهيد بشير قريشي به جڏهن پچي راس ٿيو ته ڪڙهي ٺريو. هن کي ۽ سنڌي ماڻهن جي محبت کي جنهن به زهر ڏئي ۽ ماڻهن جي اميدن جو خواب کسيو آهي ان شايد تاريخ ناهي پڙهي ته جڏهن انقلابي ۽ باڪردار ماڻهو کسيا ويندا آهن ته ڳوٺن ۽ وسندين مان هزارين انقلابي پيدا ٿيندا آهن، جيڪي وقت جي راڪاس کي منهن ۾ ڌوڙ اڇلائي انساني آزاديءَ جا جهنڊا بلند ڪندا آهن.

شهيد بشيرقريشي ننڍن کي پيار ڏيندو هو، جڏهن هو منهنجي ڳوٺ روحل واءِ ايندو هو ته منهنجن پوٽن بشير ۽ نظير کي ڀاڪر پائي چميون ڏيندو هو، مون پنهنجي پوٽي جو نالو به بشير خان سندس ڪردار کان متاثر ٿي رکيو هو. اهڙيءَ طرح هُو پنهنجي ڪارڪن ساٿين کي به ڀاڪر پائي چميون ڏيندو هو ۽ ڪارڪن ڪو گرفتار يا لاڪپ ۾ هوندو هو ته شهيد بشير قريشي فوري طور ان سرزمين تي پهچي انتظاميه سان ڳالهائي ڪارڪن سان ملي حوصلو ڏياريندو هو ۽ ان کي خاطري ڏياريندو هو ته ڪيئن به ڪري توکي آزاد ڪرائيندس، ويندي ڪورٽ ۽ وڪيلن تائين ڪارڪنن جي مالڪي ڪندو هو ۽ وڏي عمر وارن مخالف اڳواڻن کي به جهڪي پيرين پئي ملندو هو ۽ اسان جهڙا جهونا قومي ڪارڪن! انهن سان وڏن وڏن مجموعن ۾ به پيرين پئي ملندو هو. پاڻ سان گڏ ويهاري عزت ڏيندو هو. ڪڏهن ڪنهن جي ڪا به شڪايت يا ميار ڪانه ڏنائين. ۲۰۱۰ ۾ اسان سائين جي ايم سيد جي ورسيءَ تان موٽياسين ته حليم باغي ۽ مون حيدرآباد کان اڳتي هڪ هوٽل تي چانھ پئي پيتي، فقير رفيق به اسان سان گڏ هو ته اوچتو شهيد بشير ۽ سندس دوست به ساڳئي هوٽل تي آيا، اسان اُٿي ملڻ لاءِ وڌياسين ته نوڙت سان جهُڪي مليو ۽ چانھ جو آرڊر ڏنائين. مون عرض ڪيو ته يار سيد جي مزار جي چوڌاري هيترا جلسا ڏسي ڏاڍي دل ڏکي ٿي، اسين سيد جا سڀئي پوئلڳ ڇڙوڇڙ ڇو آهيون؟ هڪ هنڌ گڏ ڇو نٿا ٿيون؟ هن کي گڏ ڪرڻ جي پهل ڪير ڪندو، هر ڪو سير ۽ سوا سير لڳو پيو آهي. مون کيس عرض ڪندي چيو ته اهو ڪم تون ڪري سگهين ٿو، تو ۾ اها خوبي موجود آهي. پاڻ مُرڪي چيائين ته ماما تون سيد جو عاشق آهين، تون حڪم ڪر مان سنڌ خاطر هر دوست توڙي دشمن جي تڏي تي هلڻ لاءِ تيار آهيان، منهنجو ڪو به شرط ڪونهي.

جڏهن سائين امير حيدر شاھ جيئي سنڌ جي سڀني ڌڙن کي گڏ ٿيڻ جو سڏ ڏنو هو ته شهيد بشير قريشي واحد اڳواڻ هو، جنهن سائين امير حيدر کي چيو ته بابا اوهين حڪم ڪريو، مان بنا شرط جي هر ڳالھ مڃڻ لاءِ تيار آهيان. حالانڪه ٻين ڌڙن جي اڳواڻن گڏجاڻيون ڪري ايجنڊائون پيش ڪيون هيون، پر شهيد بشير قريشي ڪا به شرط نه رکي. اهو هن جي سچائيءَ جو ثبوت آهي. وڏي ٻوڏ ۾ جڏهن هڪ ٽرڪِ ۾ سامان کڻي منهنجي ڳوٺ پئي آيو ته مون کي فون تي چيائين ته آريسر کي گهرائي وٺ جيئن ڪچهري به ڪريون ۽ امداد جو سامان ان جي هٿان ورهايون. فريڊم مارچ کان اڳ جڏهن مٺيءَ ۾ ارباب احسان جي ڪوئلي واري مارچ ۾ گڏهئاسين ته رات جو مون وري به سڀني رُٺل دوستن وٽ هلڻ لاءِ چيو ته رفيق فقير ۽ حليم باغيءَ جي روبرو مونکي چيائين ته ۲۳ مارچ کان واندو ٿيان پوءِ انهيءَ مهم لاءِ تون جيئن حڪم ڪندين تيئن ڪندس. اها هن جي اعليٰ ظرفي ۽ قومي تحريڪ سان سچائي جو اعليٰ ثبوت آهي.

صوفي غلام حسين ستاريءَ کان روايت آهي ته شهيد بشير خان قريشي ۳۰ سالن کان مسلسل شهيد شاھ عنايت جي ميلي تي جهوڪ شريف ايندو رهندو هو. هن ڪڏهن به جهوڪ جي روايتن جي ڀڃڪڙي ڪا نه ڪئي، مٿي تي ٽوپي يا ڪپڙو ۽ پير اگهاڙا، اها جهوڪ جي درگاھ جي روايت آهي ته ڪيڏو به وڏو ماڻهو هجي، پر ميلي جي احاطي جي اندر اصولن جي ڪڏهن به ڀڃڪڙي ڪا نه ڪئي ويندي آهي. هي سنڌ جي واحد درگاھ آهي جتي ڪا به چندي جي پيتي رکيل ناهي ۽ ڪو به پينو فقير درگاھ جي احاطي ۾ اچڻ ڪونه ڏيندا آهن. نشي يا هٿيار واري ماڻهوءَ کي درگاھ جي احاطي ۾ وڃڻ جي اجازت نه هوندي آهي ۽ درگاھ تي تصوف تي ٻڌل شاعري هوندي آهي. مجازي يا هلڪي قسم جي شاعري ڳائڻ نه ڏني ويندي آهي. سماءَ ۽ زيارت وقت عورتن جي زيارت ۽ ويهڻ جا الڳ انتظام هوندا آهن. اتي مردن کي وڃڻ منع هوندي آهي، پر شهيد بشير قريشي اتي ميلي جي وقت ايندو رهندو هو ۽ روپوشيءَ جي حالت ۾ به اتان ڀيرو ڪونه ڀڳائين. صوفي غلام حسين چيو ته جڏهن ڪمون شهيد کان ڪراچيءَ تائين لانگ مارچ هو ته هڪڙي ساهي جهوڪ شريف ۾ به هئي سو جڏهن قافلو جهوڪ ۾ پهتو ته مون سندس خدمت ڪئي ۽ اهڙي ننڊ آيس جو ۱۲ وڳي تائين سُتا رهيا نيٺ مون وڃي سجاڳ ڪيو ۽ چيم بابا ۱۲ ٿي ويا آهن اڃا سُتا پيا آهيو ته پاڻ ننڊ مان اٿي ۽ کلي چيائين ته صوفي صاحب سچ پچ ته شهيد جي آغوش ۾ اچي اهڙو سڪون آيو جو وقت جي خبر ئي ڪا نه پئي. اها هن شهيد جي عنايت آهي جو سارا ٿڪ لهي ويا نه ته هفتي کان معمول موجب ۱۰ بجي کان مارچ شروع ڪندا هئاسين سو اڄ دير ٿي وئي ته مڙئي خير آهي.

صوفي غلام حسين ٻي روايت ڪئي ته سج لٿي کانپوءِ زيارت بند هوندي آهي ۽ درگاھ جو دروازو بند هوندو آهي ۽ تهجد مهل کوليو ويندو آهي ڪيڏي به وڏي حڪمران يا اعليٰ نسل جي ماڻهو لاءِ به دروازو ڪو نه کلندو آهي پر اهو اعزاز شهيد بشير خان کي حاصل آهي جو هڪ ڀيري بشير خان رات جو ۱۲ وڳي آيو ته: پاڻ صاحبان ڪريم آقا حڪم فرمايو ته شهيد بشير خان کي ۱۲ وڳي به دروازو کولي زيارت ڪرائي وڃي ۽ منٺار جي سجاده نشين فقير ضامن به ان سان گڏ زيارت ڪئي سو شهيد وڏو ڀاڳن وارو هو، جو ماڻهو کيس پيار به ڪندا هئا ۽ عزت به ڏيندا هئا.

آئون سمجهان ٿو ته سائين جي ايم سيد کان پوءِ جيڪڏهن ڪو وڏو هو ته بشير قريشي هو. جنهن پنهنجي عمل، ڪردار، سهپ ۽ رواداريءَ سان سنڌ جو سپھ سالار ٿي سنڌ جي مورچي تي اڳيان بيٺل رهيو. سندس تڏي تي ڪارڪنن کانسواءِ سردار، ايم پي اي ۽ وڏا سياستدان موجود هئا. هي سادو سودو باعمل ۽ سچو ماڻهو هو جو هميشه سنڌ جي دل ۾ ڌڙڪندو رهندو.


 

بشير خان قريشي جي جدوجهد

عبدالرحمٰن چانگ

هر قوم کي اڳواڻن جي ضرورت هوندي آهي جنهن قوم جا اڳواڻ ڀلا، ساڃاھ وند، بهادر ۽نيڪ هوندا ته اها قوم به ڀلي، بهادر ۽ نيڪ بڻجي پوندي، نيپولين بوناپارٽ جو چوڻ آهي”جيڪڏهن اوهان سئو شينهن جي آرمي ٺاهيو ۽ ان جو اڳواڻ هڪ ڪتو مقرر ڪيو ته هو سئو شينهن ڪتي واري موت مرندا، پر جيڪڏهن توهان سئو ڪتن جي آرمي ٺاهي ان جي مٿان هڪ شينهن کي اڳواڻ مقرر ڪيو ته سئو ڪتا شينهن وانگر وڙهندا”قومن کي ليڊرن جي ان ڪري به ضرورت پوندي آهي ته جيئن سندن ڏکئي وقت سندن ملڪ ۽ سندن قوم جي واڳ سنڀالن، ۽ مصيبتن جي ڪارن جھڙن مان باآساني منزل تي پهچائن، ڪنهن به قوم جواڳواڻ هجي ان مٿان ذميداري هوندي آهي ته هر وقت پنهجي قوم مٿان سر ڏيڻ لاءِ تيار هجي قوم جي هر فرد جي پريشاني کي پنهنجي پريشاني سمجهڻ گهرجي، ۽ سندن مسئلا حل ڪري، قومن جي ليڊرن مٿان پنهنجي وطن پنهنجي قوم ۽ پنهنجي نسل ۽ ايندڙ نسلن جي ذميواري هوندي آهي، اڳواڻ قومن جو ڀرجهلو هوندا آهن، سندن ڏ ک سک جا ساٿي هوندا آهن، قومن جو آسرو ۽ اميدون هوندا آهن، ائين ئي هر قوم جو ڪونه ڪو اڳواڻ هجي ٿو ۽ هر وطن پنهنجي حفاظت ۽ پنهنجي قوم جي حفاظت لاءِ هميشه ڪونڌر پٽن کي جنم ڏيندو رهي ٿو، پرڌرتي جا ڪي جوان تاريخ بڻجي پون ٿان ۽ سندن نالو سونهري اکرن ۾ لکيو ويندو آهي. ۽ ان قوم جا ايندڙ نسل اهڙن سورمن جا نالا سونهري لفظن ۾ ياد ڪندا آهن، ۽ سندن يادون هر سال ملهائيندا رهندا آهن، دنيا جي هر فرد جو ڪنهن نه ڪنهن وطن ۽ ڪنهن نه ڪنهن قوم سان تعلق هجي ٿو، منهنجو تعلق به سنڌ وطن ۽سنڌي قوم سان آهي، دنيا جي ٻين قومن جيان اسان جي سنڌ وطن به هميشه اڏول ۽ بهادر اڳواڻ پيدا ڪيا آهن، جن ڌرتي جي عشق ۾ سر ڏنو پر جهڪايو ڪڏهن به نه، ۽ هميشه پنهنجي قوم جي حقن لاءِ هر محاذ تي وڙهندا رهيا، پوءِ اهو ڪهڙو به دور هجي شهيد راجا ڏاهر کان ويندي شهيد بشير خان قريشي تائين هميشه هي بهادر اڳواڻ سنڌ لاءِ وڙهندا رهيا ۽ دشمنن جي اڳيان ديوار بڻجي بيهي رهيا، اڄ شهيد بشير خان قريشي جي ڇهين ورسي وڏي مان ۽ مرتبي سان ملهائي پئي وڃي، سندس سنڌ لاءِ ڏنل قربانيون ڪو به سنڌي هڪ پل لاءِ به ڀلائي نٿو سگهي.

بشير خان قريشي جي سياست ڪنهن کان ڍڪيل ڇپيل نه هئي، هو سنڌ ۽ سنڌ جي آزادي جو ديوانو هو، هو سيد جي فڪر جو وڏي ۾ وڏو پرچارڪ هو، هن جو مقصد سنڌ جي آزادي، ۽ سنڌ جي خوشحالي هو، شهيد بشير خان قريشي سنڌ جي جهر جهنگ وڃي هر سنڌي کي سيد جو پيغام ڏنو، هن هر سنڌي سان گڏ دنيا کي ٻڌايو ته سنڌ هڪ وطن آهي ۽ سنڌ هڪ ملڪ آهي، ۽سنڌي هڪ قوم آهي آزادي اسان جو حق آهي ۽ آزادي اڻ ٽر آهي، بشير خان قريشي سڄي قوم کي اهو احساس ڏياريو ته اسان هڪ قوم آهيون ۽ آزادي هر ان قوم جو حق آهي جنهن وٽ پنهنجي ڌرتي، پنهنجو وطن، پنهجي ٻولي ۽ پنهنجي ثقافت آهي، سندن جڏهن به يزيدي ٽولا سنڌ مٿان حملا آور ٿيندا هيا ته شهيد بشير خان قريشي حضرت امام حسين جيان مقابلو ڪندو هو، چاهي اهو سنڌ جي جاگرافيائي حدن جو مسئلو هجي يا سنڌ جي اندر ٻاهران آيل ڌارين جو، بشيرخان قريشي هر محاذ تي وڙهندو رهيو، بشير خان قريشي اهنسا وادي هو، هن جي جدوجهد هميشه پر امن رهي، هن ڪڏهن به هٿيار کڻي وڙهڻ جي ڳالھ نه ڪئي عدم تشدد جو هي پيروڪار سنڌ دشمنن اڳيان ديوار چين کان به وڏي ديوار بڻجي ۽ مضبوط ٿي سنڌ جي حفاظت ڪندو رهندو هو، هن جا حوصلا مائونٽ ايوريسٽ جي چوٽي کان به بلند هيا، هي هميشه ثابت قدم رهيو، يزيديت جا پيروڪار جڏهن سنڌ ڌرتي کي سڪائڻ جي سازش ڪئي ۽ سنڌ جي درياھ سنڌو جيڪو سنڌ جي لاءِ ساھ جي رڳ کان به وڌيڪ اهم آهي، ان تي جڏهن بند ٻڌڻ جي ڪيائون ته هن جوڌي جوان سڄي قوم کي حضرت امام حسين

جيان سڏ ڏيندي چيو ته اڄ سنڌ ڌرتي کي سڪائڻ جي سازش ٿي رهي آهي، هي رواڻ جا پيروڪار سنڌو درياھ تي ڊيم بڻائي رهيا آهن ۽ سنڌ جو پاڻي روڪي رهيا آهن، اچو ته گڏجي سنڌ دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي شڪست ڏيون، جنهن کان پوءِ هن جي سڏ تي عوام لبيڪ جو نعروهڻي روڊن رستن تي نڪري آيو، پنهنجا پنهنجا مورچا سنڀالي بيهي رهيو عوام جو سمنڊ اٿلي پيو، هن جوان سنڌ جي هرننڍي وڏي شهر ۾ جلسا جلوس ۽ ريليون ڪڍيون، نيٺ دشمنن کي شڪست نصيب ٿي، ڪالاباغ ڊيم خلاف سنڌ جي هن ارڏي پٽ جي جدوجهد تاريخ ڪڏهن به وساري نٿي سگهي،

هن بنا ڪنهن لالچ ۽ لوڀ جي سنڌ جي خدمت ڪئي، هن هميشه انهن ماڻهن وٽ لطيف جا بيت جيڪي قران جون آيتون آهن ۽ سنڌ جون نياڻيون وٺي انهن جي در تي ويندو هو جيڪي قبيلائي تڪرارن جي ڪري هڪ ٻئي جي خون جا پياسا هوندا هئا هي انهن کي شاھ جو پيغام ۽ سيد جو فڪر ٻڌائيندو هو، سندس شخصيت ۾ اهڙو ته جادو هوندو هو جو خون جا پياسا ماڻهو به کيس مان ڏيندا هئا ۽ هٿيار ڦٽا ڪري کير کنڊ ٿي ويندا هئا، جتي بارود جي بدبو جو راڪاس گهمندو هو، اتي امن ۽ ڀائيچاري جا گل پوکي ايندو هو جيڪي امن ٻڌي ۽ ڀائيچاري جي خوشبو پيا ڏيندا هئا،

بشيرخان قريشي جي زندگي جو مقصد سنڌ جي خوشحالي هو جيڪو خودمختياري کان سواءِ ممڪن نه هو، ڄ بشير خان قريشي سنڌ جي ڌرتي جي ڪک ۾ دفن ٿيل آهي پرسندس يادون سندس جدوجهدون، سندس قربانيون ۽ محبتون اسان جي دلين ۾ امر آهن جنهن کي ڪوئي به ماري نٿوسگهي. ۽ رهي ڳالھ تحريڪ جي ته بشير خان قريشي جا لفظ سچا هئا ته هو شهيد انهن لاءِ وڌيڪ خطرناڪ آهي، ۽ جڏهن هڪ دفعو وري جسقم فريڊم مارچ جو اعلان ڪيو ته ۲۳ مارچ ۲۰۱۴ع تي فريڊم مارچ ڪبو ۽ دنيا کي سنڌ سان ٿيندڙ ظلم جو داستان ٻڌائبو، ته دشمن قوتون فريڊم مارچ کي ناڪام بڻائڻ لاءِ تحرڪ ۾ اچي ويا ۽ سنڌ کي ٻن ٻين ڳڀرو نوجوانن جا لاش ڏنا ويا جيڪي ۲۱ مارچ تي خاڪ ٿيل حالت ۾ ڀريا روڊ پڪاچانگ ويران لنڪ روڊ تي مليا جنهن کان پوءِ سڄي سنڌ سوڳ ۾ وٺجي وئي، انهن ڳڀرو نوجوانن مان هڪ بشير خان قريشي جو موڀي ڀاءَ شهيد مقصود خان قريشي هو، ۽ ٻيو شهيد سلمان وڌو هو جيڪو پڻ آزادي جو متوالو هو. . سنڌ دشمنن هنن سنڌ جي قومي ڪارڪنن کي پهريان اغوا ڪيو پوءِ سندن جسمن کي گولين سان پروڻ ڪري ڪار ۾ سيٽن تي ويهاري خطرناڪ ڪيميڪل هاري کين باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو جيڪي لاش ڪار۾ هڏن جي صورت ۾ موجود هيا. ڪار جي سڃاڻپ ڪار جي نمبر پليٽ مان ڪئي وئي ڪار جو نمبر هي هيو AVL ۷۹۵ جنهن ڪار جي شهيد مقصود خان قريشي جي ذاتي ملڪيت طور سڃاڻپ ٿي ۽سندس وارثن چيو شهيد مقصود خان قريشي جو روٽ اهو نه هيو. کين زبردستي ويران رستي تي آڻي شهيد ڪيو ويو. ظالم قوتن سوچيو ته هاڻي فريڊم مارچ ناڪام ٿي ويندو، پر شايد هنن جي ننڍي ذهن ۾ اها ڳالھ ڪان هئي ته جسقم جي قيادت جا حوصلا پست نه پر هماليه جي جبلن کان به اوچا رهيا آهن ۽ هميشه رهندا، جسقم جي قيادت فيصلو ڪيو ته لاش کڻي فريڊم مارچ کي ڪامياب بڻائبو ۽ فريڊم مارچ دوران شهيدن جي جنازي نماز ادا ڪئي ويندي، جسقم جي ڪارڪنن ۾ شديد غم ۽ غصي جي لهر هئي پر جسقم قيادت انتهائي صبر سان فيصلا ڪيا ۽ ڪارڪنن کي صبر جي اپيل ڪئي، جنهن کان پوءِ لکين ماڻهو قومي ڪاڄ سمجهي فريڊم مارچ ۾ شامل ٿيندا ويا. ۽ دنيا تائين سنڌ جو ڪيس پهچائڻ تائين ڪامياب ويا، فريڊم مارچ ڏسي هڪ ڳالھ ذهن ۾ آئي ته اسان هجون نه هجون سنڌ قائم ۽ دائم رهندي ۽ هڪ ڏينهن بشير خان قريشي جو خواب ضرور ساڀيان ٿيندو.


بشير خان قريشي

قومي هلچل کي عوامي رنگ ڏيندڙ

سارنگ زين چانڊيو

سنڌ جي حقن جي تحريڪ ۾ جيڪڏهن عوامي شموليت جي ڳالھ ٿيندي ته بشير خان کي نظر انداز نه ڪري سگهبو. خاص ڪري اڄ جي دور ۾ سياسي ماٺار ۾ ته سندس ڪردار کي گهڻو ياد ڪيو پيو وڃي. جنهن لاءِ سندس سياسي سفر کي نظر ۾ رکي تجزيو ڪبو ته سندس اهميت رات جي انڌيري ۾ چنڊ جيان چمڪاٽ ڪندي رهندي. رتي جي ماڙين سان مشهور شهر رتوديرو جي خاندان جو گلاب ٽنڊي ڄام يونيورسٽي ۾ پڙهندي هڪ نئين عشق سان ڳانڍاپو رکيو. غلام مرتضيٰ قريشي جي گهر ۾ اک کوليندڙ ٻالڪ جڏهن پنهنجو فڪري سفر سن جي غلام مرتضيٰ سيد جي فڪر جي حوالي ڪيو جيڪو هو ڌرتي سان نينهن جو ناتو. هن نو جوان سنڌ سان توڙ نڀائيندي سن مان اٿيل پڪار کي ڀرپور نموني مورڙي جي ماڳ وٽ پهچائي دنيا کي سنيهو ڏنو ته سنڌ به هڪ ساڻيھ آهي ۽ هن ساڻيھ جا سانگيڙا پنهنجو تاريخي ۽ ڪائناتي حق گهري رهيا آهن. هن ٻه ڀيرا ڪراچي ۾ آجپي لاءِ مارچ ڪيا ۽ آخري مارچ جي ۱۵ ڏينهن کان پوءِ کيس سقراط وانگر زهر جو پيالو پياريو ويو. سندن مڙھ ڇڏي ويل ساٿين کي ڄڻ سنيهو ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته

حيف تنين کي هوءِ وطن جن وساريو

سيد جي لاڏاڻي کان پوءِ جيئي سنڌ هلچل جي ڌڙن کي گڏائي جيئي سنڌ قومي محاذ جو بنياد وڌو ويو جنهن جو ڪنوينر عبدالواحد آريسر کي ڪيو ويو جنهن بعد چونڊن ۾ آريسر صاحب چيئرمين ۽ بشير خان کي سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو، انهن ڏينهن ۾ بشير خان جيل ۾ هو. سيد جي وڇوڙي وقت جيل ۾ هجڻ سبب کيس آخري رسمن ۾ شرڪت جي اجازت به نه ملي. ان کان پوءِ ۱۹۹۸ع ۾ کيس جسقم جو چيئرمين چونڊيو ويو. هي نه دانشور هو نه جذباتي تقريرون ڪندڙ، نه ويڙهاڪ ڪمانڊر هو نه فڪري ليڪچرار پر هن ٻانهون ٻڌڻ جي روايت اختيار ڪندي ديس ڌڻين جون دليون کٽيون. هن جيئي سنڌ جي سياست کي يونيورسٽين جي ڪمرن مان ڪڍي ڳوٺن جي ڪکائن گهرن تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن سمجهيو ته سنڌ جي ڇوٽڪاري جي هلچل عوام جي شموليت کان سواءِ ڪامياب نه ٿي ٿي سگهي تنهن ڪري هن ۾ عوامي رنگ ضروري آهي. بشير خان ان جي شروعات عوام سان ڏک درد ۾ شامل ٿيڻ سان ڪئي. جتي به ناانصافي ٿيندي هئي اتي هو پهچي ويندو هو. هن قيبلائي جهيڙن خلاف ميڙ منٿ قافلا شروع ڪيا جنهن بعد ڪيتريون ئي برادريون کير کنڊ ٿي ويون. سندس هن عمل تي تنقيد به ٿي ته وڏيرن ۽ سردارن ڏانهن وڃي ٿو پر هو ڄاڻي پيو ته ذاتي تڪرار جي باھ سنڌ کي ساڙي ڇڏيندي، هر ڪو ڄاڻي ٿو ته اتر سنڌ جي ڪچي ۾ سوين اسڪول ذاتي تڪرارن سبب بند رهندا آيا آهن جنهن سبب هزارين مستقبل جا معمار پنهنجي روشن مستقبل کان محروم آهن. تنهن ڪري هن ان باھ کي روڪڻ گهريو. مشرف دور واري ڏهاڪي ۾ سنڌ سخت سوڪهڙي ۾ رهي جنهن ۾ هوندي پاڻي مسئلي تي سڀ کان وڌيڪ متحرڪ بشير خان ئي رهيو. هن دور ۾ بشير خان سياسي طور اڀري آيو ۽ ان دوران اٽڪل ٽي ڀيرا گرفتار ٿيو. جنهن سبب سندس لاءِ عوامي همدردي وڌي. روپوشي دوران به هو ڌرڻن لاءِ عوامي رابطا مهم هلائيندو هو جنهن لاءِ کيس گوڏ قميص سان به گذرڻو پيو، کير کپائڻ واري جو روپ ڌاري به لنگهڻو پيو. هن جو مقصد هوندو هو ته اعلان ڪيل پروگرام ضرور ٿئي. نواز شريف جڏهن ڪالاباغ ڊيم جو اعلان ڪيو ته سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي. ان دوران بشير خان به جسقم چيئرمين طور ڌرڻن جو اعلان ڪيو سڀ کان پهرين هن ڪراچي ۾ سنڌ اسيمبلي آڏو ڌرڻي جو اعلان ڪيو پر اهو ڌرڻو هن گورنر هائوس آڏو هنيو ان وقت سندس ڳچي ۾ جناح اسپتال ۾ ٿيل حملي جا نشان به چٽا نظر اچي رهيا هئا هن جو ڌرڻن جو اهو سفر ڪشمور تائين پهتو. وچ ۾ شهيد بينظير جي اڳواڻي ۾ ڪمون شهيد جو تاريخي ڌرڻو لڳو جنهن ۾ به سڄي سنڌ بنا اختلاف جي شريڪ ٿي پنجاب دنگ تي هڪ هڪاڻي جو پيغام ڏنو. ان ۾ به بشير خان پارٽي سميت ڀرپور حصو ورتو. سنڌ جي آجپي جي هلچل کي عوامي رنگ ڏيڻ لاءِ هن ننڍن ننڍن شهرن ۾ مارچ ڪيا جنهن بعد ڪراچي ۾ ۷ نومبر ۲۰۰۹ ع تي هڪ وڏو مارچ ڪيو ويو. ان کان پوءِ ۲۰۱۲ع ۾ به ڀرپور نموني جو مارچ ڪيو ويو جنهن جي ۱۵ ڏينهن بعد هي دل ڌوڏيندڙ خبر آئي ته سنڌ جي آجپي جو هڪ ٻيو سرواڻ به مٽي تان قربان ٿي ويو.

اڄ سنڌ ۾ سياسي طور ماٺار لڳي پئي آهي. ڌاري آبادڪاري، ڌارين کي ڪارڊ جاري ٿيڻ، بحريا ٽائون، پاڻي کوٽ ۽ ٻيا مسئلا چئلينج بڻيل آهن. نالي ماتر مليل خودمختياري به کسڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي پر سنڌ جي ساڃاھ گم ناهي ته ايتري سرگرم به ناهي. هن ماٺار ۾ به بشير خان جي کوٽ شدت سان محسوس ٿي رهي آهي ڪجھ ڌرين کي بشير خان جي موت زهر سان هجڻ تي اعتراض هوندو آهي هو واڳ ڌڻين جي رپورٽ کي مڪمل طور ٺيڪ پيا سمجهن ڀلي هو اهو سمجهن پر هو سندس شهادت واري موقف تي سخت تنقيد ڪندا رهن ٿا. پر ٺيڪ ٻن سالن بعد ٻئي مارچ جي تيارين دوران مارچ کان صرف ٻه ڏينهن اڳ ۲۱ مارچ تي بشير خان جي ايف آءِ آر جي فريادي ۽ پٽيشنر ڀاءُ مقصود قريشي کي معصوم سلمان وڌي سميت اغوا ڪري گوليون هڻڻ بعد شهيد ڪيو ويو، باکوڙي موري بعد ڀريا ۾ دردناڪ سانحو برپا ڪيو ويو. ڪهڙو به جاچ ادارو اهڙن واقعن جي ڪڙين کي ملائي رپورٽ ڪندو ته گهڻو ڪجھ وائکو ٿي ويندو.


 

بشير خان قريشيءَ جي ياد ۾!

درياءُ خان جهتيال

سنڌ جي چيڪي مِٽي مان اهڙا ڪيترا ئي معصوم پيدا ٿيا آهن، جيڪي اڳتي هلي ”خان“ به بڻيا ته وڙ ۽ نباھ سبب کين وڏو به سڏيو ويو. انهن جي پيدائش وقت ته ڪنهن کي ڪا ڄاڻ ناهي هوندي ته جنم وٺندڙ هن معصوم گُل جي هٿن ۾ ڪهڙي خوشبوء هوندي، جيڪا سڄي سنڌ کي پنهنجي ويجهو آڻي ڇڏيندي. انهن معصومن مان بشير خان قريشي به هڪ هو. بشير خان قريشي هزارين سال تهذيب رکندڙ سنڌ ڌرتيءَ جي عظيم مِٽيءَ مان ۱۰ آگسٽ ۱۹۵۹ع تي رتوديرو ۾ غلام مرتضيٰ قريشيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. بشير خان قريشيءَ جي ذاتي زندگي سادگيءَ ۾ گذري. غريب گهراڻي سان تعلق هجڻ ڪري هُو ننڍي هوندي ئي نماڻي طبيعت ۾ شاهوڪار رهيو. ڪاليج توڙي يونيورسٽيءَ جي وقت ۾ ارڏو به هو ته يارن دوستن سان هر ڏُکي سُکيءَ ۾ نڀائڻ به ڄاڻندو هو. نه رُڳو دوستن يارن سان هُن نڀايو، پر سنڌ جي هر مسئلي تي هُن کي سڀني کان اڳتي ڏٺو ويو. پاڻيءَ جو مسئلو هُجي، وسيلن جي وارثيءَ وارو مامرو هُجي، بيروزگاري يا ڪي ٻيا مامرا، هُو سدائين اڳڀرو رهيو. اِهوئي سبب آهي جو سنڌ جا نوجوان کيس بيپناھ محبت ڪندا هُئا. هُن وٽ نه ته دانشوريءَ جي حام هُئي، نه ئي مها ڏاهن مان هُو پاڻ کي سمجهندو هو، وٽس جي ڪجھ هو ته هڪڙي سچائي ٻيو نماڻائي. هُن کي سنڌ، سن واري سيد ۽ سنڌي ماڻهن سان بيپناھ محبت هُئي. هُو سنڌ جي صوفياڻي رنگ ۾ رڱيل هو، لطيف سائينءَ کان جهوڪ تائين هُن جا پنڌ ڪڏهن نه رُڪيا. هو سنڌي ماڻهن ۾ ميٺ محبت جو پڻ خواهشمند هُو. هُن قبيلائي جهيڙن کي روڪرائڻ لاءِ به پنهنجي وت ۽ وس آهر ڪوششون ڪيون ته هندو نياڻين جو به ڀرجهلو ٿيو. سنڌ کيس ”وڏو“ به سڏيندي هئي. هُن جي جواني به سنڌ، سنڌ ڪندي هئي، رتوديرو جو اهو معصوم سنڌ جي حقن لاءِ گجگوڙ به ڪندڙ هو.

بشير خان قريشي ننڍي هوندي کان ئي سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي، سائين جي ايم سيد جي شفقت ۾ قومي تحريڪ سان سلهاڙجي ويو ۽ آخر تائين سنڌ جي حقن لاءِ هزارين قومي ڪارڪنن سان گڏ جدوجهد ڪئي. بشير خان قريشي سان منهنجي پهرين ملاقات ۲۰۰۴ع ۾ ڦلجي اسٽيشن ڀرسان شهيد مخدوم بلاول جي مزار تي ٿي، جتي منهنجي والد وڏي سان ڀاڪُر پارائي چيو ته ”مُنهنجو پُٽ درياخان“ ته بشير خان مونکي ڀاڪُر پائي مٺي ڏني. اها مٺي اڄ به ياد آهي، ان بعد سندس جدوجهد بابت اخبارن ۾ پڙهندو رهيس. وري ٻي ملاقات ۲۰۰۶ع ۾ حيدآباد ۾ ٿي. حيدرآباد ميڊيا سينٽر تي مان هڪ دوست سان گڏجي ويس جتي وڏي سان ملاقات ٿي. وڏي جي يادن مان هڪ ياد اها به وسرڻ جهڙي ناهي ته جڏهن ۲۰۰۷ع ۾ وڏو ڦلجي اسٽيشن آيل هو، مان کيس اجرڪ اوڍايو ته مونکي چيائين ”هتي به آهيو؟“ اهي لفظ اڄ به چِٽا ياد آهن، اها سندس محبت هئي، جيڪا اسانجي رشتي کي ڳنڍيو پئي آهي. ۲۰۰۸ع ۾ مورو باءِ پاس تي مان سواري جو انتظار ڪري رهيو هئس ته اتان گذرندي بشير خان قريشيءَ سان ملاقات ٿي، جنهن ۾ مون کيس ياد ڏياريو ته ڦلجي ۾ ڪجھ وقت اڳ اوهان سان مليو هئس، ڪُلهي تي هٿ رکي پنهنجي ويجهو ڪري چيائين ته ”ياد آهين“.

قوم جي دردن بشير خان قريشي کي ڪڏهن به هڪ هنڌ ويهڻ نه ڏنو. ڇو جو هُن کي سنڌي قوم جو اونو هوندو هو. هو سائين جي ايم سيد جي نقشِ قدم تي هلندي سنڌ سان بي انتها عشق ڪندڙ عاشق هو.

بشير خان قريشي ۲۰۱۰ع ۾ ڦلجي اسٽيشن ۾ هڪ دعوت جي سلسلي ۾ آيل هو، تڏهن جسقم يونٽ ڦلجي اسٽيشن، دادو ضلعي جو سرگرم يونٽ هو ۽ اها ڳالھ بشير قريشي کي پڻ معلوم هئي ته ڦلجي ۾ تنظيمي ڪم سٺو آهي، ان لاءِ جڏهن به دادو ايندو هو ته ڦلجي جو ڀيرو ضرور ڪندو هو. هُن جون يادون اڄ به ڦلجي جي هر ڪارڪن کي ياد آهن.

بشير خان قريشي ۲۳ مارچ ۲۰۱۲ع تي ڪراچي ۾ آزادي مارچ ڪري سنڌ جي حقن جي لاءِ عالمي دنيا جي ملڪن کي اپيل ڪئي هئي ۽ اها اپيل ورنائڻ کان اڳ ئي ٺيڪ ۱۴ ڏينهن بعد کيس سازش تحت ۷ اپريل تي سڪرنڊ ويجهو شهيد ڪيو ويو. بشير خان جي شهادت جي خبر رات جو ساڍي ۳ وڳي سڄي سنڌ ۾ پکڙجي وئي. قومي ڪارڪنن، سنڌ جي نياڻين، هر ٻُڍي، جيجل مائرن جي اکين جا بند ٽُٽي پيا هئا. ڇو جو بشير قريشي هڪ سچو سنڌ پرست هجڻ سان گڏ سائين جي ايم سيد جو سچو سپاهي هو. اڄ سنڌ جي وڏي شهيد بشير خان قريشي جو ۵۹هون جنم ڏينهن آهي. سڄي سنڌ، قومي ڪارڪن پنهنجن پنهنجن شهرن، شهيد بشير خان جي رتوديرو ۽ ڪراچي واري رهائشگاھ تي سالگرھ ملهائي کيس ڏکايل اکين سان ياد ڪري رهيا آهن. شهيد بشير قريشي اڄ به هر قومي ڪارڪن جي دِل ۾ ڌڙڪي ٿو. هُن جون يادون، ڪارڪنن کي ڏنل مٺيون اڄ به ڳلن تي تازيون آهن. بشير قريشي سان ملاقاتون ته ٿوريون ٿيون پر اهي ملاقاتون هڪ عام ڪارڪن لاءِ وڏي اهميت واريون هيون، ڇو جو هُو قومي ڪارڪنن جو ”وڏو“ هو.


بشير خان قريشي

قومپرست سياست کي عبادت سمجهندڙ

قادر سنڌي

۱۰ آگسٽ ۱۹۵۹ تي رتوديرو شهر جي موٽڻ پور محلي ۾ رهندڙ غلام مرتضي قريشي جي گهر ۾ اک کولي، جڏهن ته سال ۱۹۷۴ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول رتوديري مان مئٽرڪ پاس ڪرڻ بعد سي اينڊس ڪاليج شڪارپور ۾ داخلا ورتائين ۽ ۱۹۷۶ ۾ انٽر شڪارپور ڪاليج مان پاس ڪئي جنهن کان پوءِ ۱۹۷۶ ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ داخلا ورتي جتي سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لڳو ۱۹۸۰ ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جساف زرعي يونيورسٽي يونٽ جو صدر چونڊيو ويو، ۱۹۸۱ ۾ کيس زرعي يونيورسٽي يونٽ مان هڪ سال جي لاءِ ريسٽيڪيٽ پڻ ڪيو ويو ۱۹۸۲ ۾ هيءَ جساف جو مرڪزي نائب صدر چونڊيو ويو ۽ چئن سالن بعد ۱۹۸۶ ۾ کيس جساف جو مرڪزي صدر چونڊيو ويو ۱۹۹۰ تائين وري ساڳئي عهدي تي چونڊيو ويو ۱۹۷۶ کان وٺي ۱۹۹۵ تائين هن سموري سياسي ۽ نظرياتي تربيت سائين جي ايم سيد جي ويجهڙائپ ۾ رهندي ٿي.

۲۵ اپريل ۱۹۹۵ ۾ سائين جي ايم سيد جي لاڏاڻي کان پوءِ جيئي سنڌ قومي محاذ (جسقم ) قائم ڪئي وئي ان وقت هو جيل ۾ هيو پر پوءِ به کيس ان جو ڊپٽي ڪنوينر مقرر ڪيو ويو ۱۹۹۶ ۾ کيس جسقم جو سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو ۽ ۱۹۹۸ ۾ کيس جسقم جو چيئرمين چونڊيو ويو جنهن عهدي تي هي پنهنجي زندگي جي آخري گهڙي تائين قائم رهيو.

سنڌ جي هن بهادر اڳواڻ کي ڪيترا ڀيرا گرفتار به ڪيو ويو هن کي پهريون ڀيرو ٽنڊو ڄام جي پوليس ۱۹۷۸ ۾ گرفتار ڪيو ۽ هن کي ٻيو دفعو ۱۵ جنوري ۱۹۸۵ تي رتوديرو مان گرفتار ڪيو ويو هيو هي حيدرآباد جيل ۾ ڪيتري عرصي تائين بند وارڊ پڻ رهيو. هن کي ان وقت جي ملٽري ڪورٽ هڪ سال ۽ ڏهن ڪوڙن جي سزا پڻ ڏني هئي جنهن تي عمل به ڪيو ويو پر کيس آگسٽ ۱۹۸۶ ۾ آزاد ڪيو ويو، هن کي وري ۱۱ آگسٽ ۱۹۸۸ ۾ سنڌ ۾ ٿيل نسلي جهڳڙن دوران گرفتار ڪيو ويو هن ڀيري کيس ۱۸ مهينن تائين جيل ۾ رکيو ويو ۽ ۲ جنوري ۱۹۹۴ تي ٻيهرگرفتار ڪيو ويو ۽ ٻن سالن تائين جيل ۾ رهيو ۱۷ جنوري ۱۹۹۹ تي وري کيس گرفتار ڪيو ويو ۽ ساڳئي سال جي نومبر مهيني ۾ کيس آزاد ڪيو ويو، هن کي آخري ڀيرو ۱۵ سيٽمبر ۲۰۱۱ تي هٿيار رکڻ جي ڪوڙي الزام هيٺ ڪراچي مان گرفتار ڪيو ويو هيو ۽ ٽن ڌينهن کانپوءِ کيس ضمانت تي آزاد ڪيو ويو، اهڙي طرح هي مجموعي طور تي پنهنجي زندگي جا ۶ سال ۱۰ مهينا جيل ۾ رهيو هن کي هميشه سنڌ جي حقن لاءِ وڙهڻ ڪري گرفتار ڪيو ويو هن کي تڪليفون ڏنيون ويون پر پوءِ نه هوءُ سنڌ خلاف ٿيندڙ نا انصافين خلاف چپ ڪري نه ويٺو.

بشير خان قريشي قومپرست سياست جو وڏو نالو هيو جنهن کي ڪارڪن پيار منجهان "وڏو”پڻ سڏائيندا هئا، بشير خان قريشي، پاڻ کي اصل ۾ خان نه سڏرائيندو هو بس ڪارڪنن جي محبت کيس خان جو لقب بخشي ڇڏيو، عبدالواحد آريسر کيس ابو جهاد پڻ ڪوٺيندو هو جنهن قومي اڳواڻ ۾ اهي سڀ ڳالهيون ڏسي ورتيون هيون ته هي اهو اڳواڻ آهي جيڪو سنڌ سان آخر تائين نڀائيندو، جئين ڪنهن شاعر لکيو آهي ته اڳتي وڌندو، پرتي ڪِرندو، دشمن ڇهندو، ڇهندي ٻرندو،

بجلي وارا جھٽڪا آهيون، ڏاڍا اوکا ويڙها آهيون

سائين جي ايم سيد کانپوءِ ايئن لڳي رهيو ته سنڌ جي قومپرست سياست کي ڪاپاري ڌڪ لڳي ويندو، ۽ سياسي پنڊتن جو به اهو ئي چوڻ هو ته قومپرست سياست، ختم ٿي چڪي آهي، پر بشير خان قريشي انهيءَ سائين جي ايم سيد جي پروفائيل کي اڳتي کڻي هليو، جيڪو قومپرست سياست لاءِ تمام گهڻو ڪارائتو پڻ ثابت ٿيو، اهو، سنڌ جو ارڏو پٽ، جنهن لطيف جي انهيءَ بيت تي، هلي ڏسيو، تتي ٿڌي ڪاھ ڪانهي ويل ويهڻ جي متان ٿئي اونداه پير نه لهين پرينء جو، ان وقت بشير خان قريشي ڄاڻي ورتو هو ته هن وقت ماٺ ڪري نٿو ويهي سگهجي ان لاءِ بشير خان پاڻ ملهايو، سنڌ جي شهرن ۾ لکن جي تعداد ۾، ماڻهو گڏ ڪري اهو ثابت ڪيو ته اسين شعور آهيون اسين بغاوتون ڪري ڄاڻون ٿا!جئين ڪنهن شاعر لکيو آهي ته

رت ديس تنهنجي راھ ۾ جي ڦڙو ڦڙو ٿي وهي وڃي

منهنجو نصيب ٺهي وڃي تنهنجو به قرض لهي وڃي

سيد جي فڪر سان سلهاڙيل سنڌ جو ارڏي پٽ جيلن ۾ ڪيتريون ئي سختيون سَٺيون پر پوءِ به ان جا ارادا هماليه جيان اُچا رهيا، پوءِ سندس جا اردا اٽل رهيا ۽ نظرون سنڌ ڌرتيءَ تي اٽڪيل رهيون، پوءِ به قوم لاءِ تڙپندو رهيو، بشير خان قريشي، کي هر ماڻهوءَ محبت ۽ عزت ڏيندو هو، بشير خان جڏهن ڪنهن به گهٽي مان لنگهندو هو ته سندس بزرگ به پاڻ اچي ملندا هُيس، بشير خان قريشي لاءِ بي سهارا امڙين جو سهارو هو، ڪيترا ئي سنڌ جا نوجوان گم ڪيا ويا، گم ٿيل ڪارڪنن جي امڙيون هن جي ڪلهي تي ڪنڌ رکي رئنديون هيون، انهن لاءِ انهن جو اهو پث هوندو هو، بشير خان قريشي جيڪو، پاڻ ته هڪ اهڙي عظيم شخصيت هو جنهن سياسي هلچل ملڪ ۾ تهلڪو مچائي ڇڏيو هو جنهن پرکي ورتو هو ته روڊن تي نڪرڻ سان ئي سنڌ جي حقن جي ڳالھ ڪري سگهجي ٿي ان لاءِ بشير خان قريشي پاڻ اُٿي کڙو ٿيو ۽ قومي ڪارڪنن کي سڏ ڪيائين ته اچو ته سنڌ ڌرتيءَ سان ناانصافين خلاف جدوجهد ڪيون، بشير خان قومپرست سياست کي عبادت سمجهندو هو، جتي عقل کٽي اتان عشق ڦٽي وارو مثال بشير خان سان ٺهڪي ٿو. هو ان واٽ جو پانڌيئڙو آهي جنهن تي هلندڙ انقلابين وقت جا حاڪم قيد ڪريو ڇڏين.

سي ماڻهون مور نه مرڻا آهن، سي ويس مٽائي ورڻا آهن


 

شهيد بشير خان قريشي

سنڌ جو عاشق

فدا حسين چانڊيو

شهيد بشير خان قريشي سنڌ جو اهو عاشق هو جنهن پنهنجي ڪردار ۽ عمل سان سائين جي ايم سيد جي عدم تشدد واري ڏنل نظريي واري واٽ تي هلندي سچائي، ايمانداري ۽ بهادري سان جدوجهد ڪئي. اهو ئي سبب آهي ته سنڌي ماڻهو پارٽين جي فرق بنا شهيد بشير خان قريشي جي زندگي توڙي شهادت بعد سندس نالو عزت ۽ احترام سان وٺن ٿا. ۷ اپريل تي سنڌ جي هن ارڏي بهادر پٽ شهيد بشير خان قريشي جي شهادت جو ڏهاڙو آهي ان شهادت جي ڏهاڙي جي موقعي تي سنڌ جا ماڻهو سندس کي ياد ڪندي روئي ويهن ٿا. شهيد بشير خان قريشي زندگي جي آخري ڏهاڙي تائين سنڌ ۽ سنڌين لاءِ ثابت قدمي سان جدوجهد ڪري پنهنجي قوم جو ڳاٽ اوچو ڪيو. اهو ئي سبب آهي ته شهيد بشير خان قريشي جي بهادر واري ڪردار سبب سنڌي ماڻهو فخر محسوس ڪن ٿا. شهيد بشير خان قريشي سائين جي ايم سيد جي وفات بعد پنهنجي حصي ۾ آيل ڪم بهادري، ايمانداري ۽ سچائي سان ڪيو. ۲۳ مارچ ۲۰۱۲ جي ڌارين جي آبادگاري يا ڪالا باغ ڊيم خلاف جدوجهد هجي هر سڏ تي سنڌي ماڻهو شهيد بشير خان قريشي جي آواز ۾ آواز ملائي لکن جي تعداد ۾ گڏ ٿيندا رهيا لکن جي تعداد ۾ گڏ ٿيڻ ان ڳالھ جو چٽو ثبوت هو ته سنڌي ماڻهو شهيد بشير خان قريشي تي اعتبار ڪندا هئا جڏهن به سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن تي ڏکيو وقت آيو ته شهيد بشير خان قريشي سنڌ دشمنن کي هوشو وانگر للڪار ڪندي ميدان عمل ۾ سدائين ثابت قدم رهيو. شهيد بشير خان قريشي سنڌ جي ماڻهن جي آواز بنجي چڪو هو اهو ئي سبب آهي ته سنڌ دشمنن ڪڏهن کيس جناح اسپتال ۾ حملو ڪري شهيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته وري ڪڏهن صفورا چورنگي تي کيس ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ليڪن جڏهن سنڌ دشمنن اهيو محسوس ڪيو ته شهيد بشير خان قريشي کي ايئن مارڻ آسان نه آهي ته کيس زهر جو پيالو پياريو ويو دشمن اهيو سمجهيو ته شهيد بشير خان قريشي کي ايئن ختم ڪرڻ سان سنڌ جي عشق ۽ سائين جي ايم سيد جي نظريي کي ختم ڪري سگهجي ٿو ته ايئن ڪرڻ ۾ دشمن ناڪام رهيو ڇاڪاڻ ته شهيد بشير خان قريشي جو بهادر پٽ صنعان خان قريشي پنهنجي والد جي واٽ تي هلندي سرگرم بنيل آهي.

شهيد بشير خان قريشي سنڌ ۽ سنڌين ماڻهن لاءِ پنهنجو سڀ ڪجھ قربان ڪري ڇڏيو ايتري قدر جو سندس جي معصوم ڀاءُ مقصود خان قريشي کي سلمان وڌو سان گڏ بيگناھ واٽ ويندي بيدردي سان ماريو ويو ليڪن سنڌ دشمن عناصر شهيد بشير خان قريشي جي پٽ صنعان خان قريشي کي جهڪائڻ ۾ ناڪام رهيا ۽ لکين سنڌي ماڻهن شهيد مقصود خان قريشي شهيد سلمان وڌو جا لاش کڻي صنعان خان قريشي جي اڳواڻي ۾ ڪراچي ۾ پر امن احتجاج رڪارڊ ڪرائي دنيا کي اهيو پيغام ڏنو ته زيادتين ڏاڍ ۽ بربريت ۽ ڳڀرو نوجوانن لاش ملڻ باوجود سائين جي ايم سيد جي عدم تشدد واري نظريي ۽ شهيد بشير خان قريشي جي پر امن واٽ تان ڪير به کين هٽائي نه ٿو سگهي.

شهيد بشير خان قريشي سنڌ جو اهو عاشق هو جنهن سائين جي ايم سيد جي فڪر کي پنهنجو ايمان بڻائي پنهنجي پوري حياتي سنڌ ۽ سنڌين ماڻهن جي حفاظت لاءِ وقف ڪري ڇڏي. شهيد بشير خان قريشي جون بي پناھ محبتون ۽ يادون سنڌين ماڻهن کي هميشه ياد رهنديون. شهيد بشير خان قريشي سان سنڌي ماڻهن جي محبت جو اندازو انهي مان به لڳائي سگهجي ٿو ته سندس شهادت بعد رتيديري وانگر سڄي سنڌ ۾ تڏو وڇايو ويو ۽ سڄي سنڌ سوڳوار بنجي سنڌ دشمنن کي پٽون ۽ پاراتا ڏيندي رهي جيتوڻيڪ شهيد بشير خان قريشي جي جدوجهد واري انداز سان سنڌ دشمن خوف کائيندا هئا ۽ ۲۳ مارچ ۲۰۱۲ ڪراچي ۾ سندس سڏ تي گڏ ٿيندڙ سنڌين جي ميڙ کي ڏسي سنڌ دشمن قوتون وڌيڪ خوف کائڻ لڳيون ۲۳ مارچ ۲۰۱۲ واري تاريخي ميڙ اعوانن ۾ پن ڏڪڻي وجھي ڇڏي هئي اهيا انهي وقت جي شروعات هئي جڏهن سنڌي ماڻهن سائين جي ايم سيد جي فڪر کي سمجهڻ شروع ڪيو ۽ شهيد بشير خان قريشي جي پويان انهي واٽ تي گڏ ٿيندا رهيا. شهيد بشير خان قريشي بهادري ۽ ايمانداري واري جدوجهد سبب سنڌ ۽ سنڌين جي دلين ۾ دهڙڪندو رهندو سنڌ صدين کان جيڪو ڏاڍ ۽ بربريت برداشت ڪيو آهي انهي عرصي ۾ سنڌ بهادر پٽ ڄڻيا آهن جن پنهنجي وطن جي حفاظت لاءِ ڪردار ادا ڪيو اهڙن ئي ڪردارن ۾ شهيد بشير خان قريشي جو شمار ٿي ٿو سنڌي قوم تي جڏهن به ڏکيو مرحلو آيو ۽ ڏکيو وقت آيو ته شهيد بشير خان قريشي پنهنجو ڪردار ايمانداري، بهادري ۽ سچائي سان ادا ڪيو سائين جي ايم سيد جي نظريي کي عوام تائين پهچائڻ ۽ سندس پارٽي کي عوامي رنگ ۾ پيش ڪرڻ لاءِ شهيد بشير خان قريشي اڻ ٿڪ جدوجهد ۽ محنت ڪئي هو ۲۴ ڪلاڪ سنڌ جي ماڻهن سان رابطي ۾ رهندو هو ۽ سندن ڏکن سکن ۾ بنا ڪنهن فرق جي شريڪ ٿيندو هو شهيد بشير خان قريشي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جو عاشق هو شهيد بشير خان قريشي سنڌ جو اهو اڳواڻ هو جيڪو بنا ڪنهن پارٽي جي فرقن جي سڀني سنڌي ماڻهن جي ڏکن ۽ خوشين ۾ شريڪ ٿيندو هو هن کي ته امڙ ٿڃ ۾ ئي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان عشق جي سوتي پياري ڇڏي هئي هو جڏهن به ڏکين وقتن ۾ شينهن وانگر گج گوڙ ڪندي ڌارين کي للڪاريندو هو ته ڌارين جي صفن ۾ ڏڪڻي پيدا ٿي ويندي هئي شهيد بشير خان قريشي سائين جي ايم سيد جو پيغام کڻي سنڌ جي جهر جهنگ ۽ واهڻ وستي ۾ ويو سنڌي ماڻهن ۽ ڪارڪنن سان بي پناھ پيار ڪندو هو. ڏکيائين تڪليفن، سازشن ۽ پاڻ تي ٿيل حملن باوجود بنا ڪنهن پروٽوڪول جي ڪراچي کان ڪشمور ۽ ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين سدائين سفر ۾ رهندو رهيو انهي جدوجهد سبب شهيد بشير خان قريشي پنهنجي گهر کي به گهٽ وقت ڏيندو هو هالانڪي پنهنجي اولاد پٽن نياڻين ۽ گهر واري سان سندس بي انتها محبت هئي ۽ انهن سان دوستن وانگر پيش ايندو هو صنعان خان، ڪوسين، جي ايم ۽ سندن پنهنجي نياڻين سان سندس کي بي انتها محبت هئي. شهيد بشير خان قريشي پنهنجي ڪارڪنن کي پنهنجي ڪٽنب جي فرد وانگر پيار ڪندو هو زندگي جو گهڻو حصو شهيد بشير خان قريشي جيلن ۾ ۽ روپوشي ۾ گذاريو ۽ روپوشي جو سڄو حصو پنهنجن دل گهرين دوستن ۽ ڪارڪنن سان گذاريو سڄي زندگي سرگرم بنيل رهيو سندس کي جدوجهد ڪرڻ جو ڏانهن ايندو هو. سنڌ جي تعليمي ادارن کي سرڪار پاران ۴ ديوارون ڏئي ٿاڻن ۾ تبديل ڪري مقدص ادارن جو تقدس پائيمال ڪرڻ وارو رياستي هربو هجي ڪالاباغ ڊيم سميت سنڌ دشمن منصوبن ڌارين جي آبادڪاري ۽ ٻيا کوڙ سارا اشوز هجن جن خلاف شهيد بشير خان قريشي اهڙي حڪمت عملي اختيار ڪئي جو رياست جون متيون ئي منجهائي ڇڏيون. سندس هڪ سڏ تي لکين ماڻهو بنا ڪنهن فرق جي اچي گڏ ٿيندا هئا. سنڌي ماڻهن جي عام خوشين جا ڏهاڙا هجن ٽوپي اجرڪ ۽ ثقافتي ڏهاڙا هجن انهي ۾ به شهيد بشير خان قريشي بهرپور نموني شرڪت ڪندو هو. سندس اڻ ٿڪ جدوجهد سبب لڳاتار سياسي عمل ۽ پنهنجي ايمانداري واري ڪردار سان شهيد بشير خان قريشي سان سنڌي ماڻهو سندس زندگي توڙي شهادت بعد محبت ڪندا رهيا آهن. شهيد بشير خان قريشي جيڪو سنڌي ماڻهن سنڌ ۽ سنڌين سان عشق ڪيو انهي کي سنڌي ماڻهو ڪڏهن به وساري نه سگهندا ۽ سنڌ جي هن عاشق جي وڇوڙي بعد به سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو سندس کي ياد ڪندي فخر محسوس ڪن ٿا ۽ صدين تائين سندن کي ياد ڪندي فخر محسوس ڪندا رهندا. ۷ اپريل شهادت واري ڏهاڙي تي سنڌ جي هن عاشق جي شهادت جي ڏهاڙي جي موقعي تي سنڌي ماڻهو اهيو وچن ڪن ٿا ته سندس ڏيکاريل واٽ تي هلندا رهندا.


بشير خان قريشي

ھڪ فرد، ھڪ تاريخ

عامر خان مهيسر

سنڌ ڌرتي پنهنجي ھزارين ورھين جي تاريخ ۾ ڪيترن ئي جوڌن جوانن کي جنم ڏنو آهي جيڪي ڌرتي ۽ قوم جي بقا لاء سرن جو نظرانو ڏيندا رھيا آھن، انهن منهجان سورھ بادشا  ھ ”پير پاڳارو“ سائين جي ايم سيد، ھوش محمد شيدي، ھيمو ڪالاڻي، دولھ دريا خان، صوفي شاھ عنايت، دودو سومرو ۽ ٻيا ڪيترا ئي مثالي ڪردار آهن جن پنهنجي سموري زندگي پنهنجي ڌرتي ۽ قوم کي ارپي ڇڏي، انهن مان ڪي پنهنجي جانين جا نظرانہ ڏئي وڙھندي شهيد ٿي ويا تہ ڪي وري پوري ڄمار ڌاريي سامراج خلاف ھر محاذ تي منهن مقابل رھيا، سنڌ کي پنهنجي ٻچڙن جي وڇوڙي تي صدما تہ ڪيترا ئي آيا آھن پر سنڌ اوڇگارون ڏئي تڏھن رُني جڏھن ۷ اپريل ۲۰۱۲ جي ان نڀاڳي رات تي ھن کان سندس دلير، بهادر، حلالي ۽ جدوجھد جي علامت بڻيل فرزند بشير خان قريشي جدا ٿي ويو ۽ سنڌ اٍنهيء صدمي تي پنهنجا لُڙڪ روڪي نہ سگهي. بشير خان قريشي تہ سنڌ جو عاشق ھيو اھا سنڌ جي ٻچي ٻچي کي خبر آھي پر سنڌ بشير خان قريشي سان جيڪا بي انتها محبت ڪري پئي ان جو اظهار ڌرتي ماءُ ۷ اپريل ۲۰۱۲ واري رات ڪيو ۽ اڄ تائين سنڌ سوڳ ۾ ورتل آھي، شهيد بشير خان قريشي سنڌ سان گڏوگڏ سن واري سائين جو بہ عاشق ۽ سچو پيروڪار ھيو، رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد وٽ ڪو بشير خان عقيدت ۽ التجا لاء نه پر سنڌ جي ان فڪر ڪري ھيو ته سنڌ ھڪ قوم آھي ۽ آزادي قومن جو حق آھي. رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد کي سنڌ جي آزادي ۽ سنڌ جي حقن جي ڳالهہ ڪرڻ جي ڏوھ ۾ رياست مختلف وقتن تي جيلن ۽ نظربندين ۾ ۳۲ سال ۱۰ مهينا ۽ ۲۱ ڏينهن قيد ۾ رکيو، پر سن جي ھن پوڙھي شينهن سائين جي ايم سيد ڪڏھن بہ آڻ نہ مڃي، ۱۹۹۵ ۾ رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد پ پ پ جي دور حڪومت ۾ نظربندي دوران سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کان ھميشه جدا ٿي ويو، پر رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جو فڪر ۽ نظريو وڏين ڪوششن جي باوجود رياست ختم نہ ڪري سگهي ان جو ڪارڻ نظرئي جي سچائي، ڪارڪن جو اٽل بيھڻ ۽ شهيد بشير خان قريشي جھڙا فرد ھيا. ھو جنهن سيد جي فڪر کي عملي جامو پارايو، رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي فڪر کي شهرن، ٻهراڙين، ڳوٺن، جهر جهنگ تائين شهيد بشير خان قريشي پهچايو، سندس جي اڻ ٿڪ جدوجهد ڪافي حد تائين ٿورڙي ئي وقت ۾ ڪاميابي ماڻي چڪي ھئي سنڌ ڌرتي جي عشق ۾ جواني جا ۱۰ سال جيلن ۾ گذاريندڙ، ھن سنڌ ڌرتي جي حلالي پٽ جو حوصلو ھماليہ جبل جي چوٽين کان بہ وڌيڪ بلند ھيو، پهريون ڀيرو ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي مان ۽ ۱۹۸۲ ۾ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو مان گرفتار ڪيو ويو وري ۱۸ جنوري ۱۹۸۵ ۾ رتوديرو مان فوجي عدالتن حيدرآباد ۾ مٿس ڪيس ھلايو ٻن ڪيسن ۾ ھڪ سال قيد ۽ ڏھن ڦٽڪن جي سزا ٻڌائي وئي، عاشق سولي کي بہ سجڻ لاء سک سمجهندو آھي تنهن ڪري انهن سزائن نہ تہ سندس من ۾ ڪو خوف پيدا ڪيو نہ وري سنڌ ۽ سيد جي عشق کان الڳ ڪري سگھيون پر ھر سزا جهولي ۾ ٻڌل لولي سنڌ ۽ سيد جي عشق کي اڃان بہ وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم بڻائينديون رھيون. رياست سندس تي ڪيترا ئي دفعا مٿس قاتلاڻا حملا بہ ڪرايا ھڪ ڀيري جون جي مهيني ۾ سال ۱۹۹۸ ۾ جناح اسپتال ڪراچي وٽ قاتلاڻو حملو ٿيو جنهن ۾ ساٿي قيوم منگي شهيد ٿي ويو، ٻئي ڀيري جولاء جي مهيني جي ۲۴ تاريخ تي سال ۲۰۰۹ ۾ ڪراچي ۾ ڪنهن صحافي جي احتجاج ۾ وڃي رھيو ھو تہ مٿس قاتلاڻو حملو ٿيو جنهن ۾ جسقم ضلعي ٺٽي جو صدر مشتاق خاصخيلي شهيد ٿي ويو، پر شهيد بشير خان قريشي ساٿين جا لاش پنهنجي ڪلهن تي کڻي وطن جي آزادي جو نعرو بلند ڪندو اڳتي وڌنڌو رھيو ھر ننڍي وڏي کي وڏا ڀاڪر پائي چميون ڏئي ملڻ جو انداز ڏسي سندس جا سياسي مخالف بہ تعجب ۾ اچي ويندا ھئا، ڏسندي ئي شهيد بشير خان قريشي سنڌ جي سياست ۾ نئون ساھ ڀري ڇڏيو. سندس ڪارڪن پيار مان وڏو چوندا ھئا، ڪارڪنن سان توڙي ھر ماڻهو سان پيار سندس نرالو ھيو، ھن محبتي ماڻهو سان ڪارڪن بہ بي انتها پيار ڪندا ھئا، جڏھن بہ سنڌي ماڻهو ذاتي جهيڙن، جهڳڙن جي ڪري پاڻ ۾ وڙھي ھڪ ٻئي جي جان جا دشمن بڻجي پنهنجا گهر اجاڙي ويهندا ھئا ۽ اھي ماڻهو ٺاھ لاء ڪنهن بہ چڱي مڙس، پير، مرشد توڙي قرآن شريف کي بہ موٽائي ڇڏيندا ھئا، پر جڏھن شهيد بشير خان قريشي انهن وٽ ميڙ منٿ قافلا وٺي پهچندو ھيو تہ اھي ڌريون وڏو آڌر ڀاءُ ڪنديون ھيون قرآن، پير، مرشد چڱي مڙس کي موٽائي ڇڏيندڙ ڌريون شهيد بشير خان قريشي جي لنگهي اچڻ سان سالن جون دشمنيون وساري کير کنڊ ٿي وينديون ھيون، شهيد بشير خان قريشي نہ وڏيرو ھيو، نہ پير نہ مرشد پر سن واري سيد سائين جي ايم سيد جو سچو پيروڪار ھيو. شهيد بشير خان قريشي کي اللہ سائين اھڙي دل عطا ڪئي ھئي جيڪا ڌڙڪندي تہ سندس سيني ۾ ھئي پر سور سنڌ ۽ سنڌ واسين جا سوريندي ھئي شايد اھو سبب ھو تہ ۱۶ مارچ ۲۰۰۷ تي سکر کان ڪراچي تائين پيرن پنڌ آزادي مارچ جي سلسلي ۾ ھزارين آزادي جي پروانن سان گڏ ۲۷ ڏينهن تائين پنڌ ڪندو رھيو، جنهن ۾ سندس پير پٿون ۽ رت وھائيندا رھيا پر منزل جو سفر جاري رکيو. شهيد بشير خان قريشي سنڌ جو عاشق ھو جنهن جي موٽ ۾ سنڌي ماڻهو ھن عاشق جا بہ عاشق ٿي پيا، سن واري جي ايم سيد جو فڪر کڻي سنڌ جو آواز بڻجي جڏھن سڏ ڪندو ھيو تہ سون جي نہ ھزارن جي نہ پر لکن جي تعداد ۾ ماڻهو اچي گڏ ٿيندا ھئا جنهن جو مثال پهريون ڀيرو ۷ نومبر ۲۰۰۹ ۽ ٻيو ڀيرو آزادي مارچ ۲۳ مارچ ۲۰۱۲ جي صورت ۾ آھي.


بشير خان قريشي

اٺين ورسيءَ جي مناسبت سان سنڌ کي - جهڙا پُٽ گهرجن!

مظهر خاصخيلي

سنڌ پنهنجي قديم وجود ۽ تهذيب جي بقا لاءِ مسلسل جهيڙيندي پئي رهي آهي، سنڌ ڪيتريون ئي آمريتون سَٺيون آهن ۽ سندس وجود کي قائم رکڻ لاءِ ڪيترن ئي سورمن پنهنجي حياتي ۽ سر ارپيا آهن ۽ اڄ ۷ اپريل جو ڏينهن وري اهڙي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان گڏ سيد جي سچي عاشق بشير خان قريشي جي جسماني وڇوڙي جو ڏينهن آهي، اڄوڪي ڏينهن ۷ اپريل ۲۰۱۲ تي سنڌي ماڻهن جي محبوب اڳواڻ بشير خان کي شهيد ڪيو ويو جيڪو بشير خان سنڌي مسڪين ۽ مظلوم ماڻهن جو ڀرجهلو هو.

بشير خان قريشي ۱۰ آگسٽ ۱۹۵۹ تي رتيديري شهر جي موٽڻ پور محلي ۾ غلام مرتضي قريشي جي گهر ۾ اک کولي، هن ميٽرڪ ۱۹۷۴ ۾ ڪئي ۽ ۱۹۷۶ ۾ انٽر شڪارپور ڪاليج مان پاس ڪئي، جنهن کان پوءِ ۱۹۷۶ ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ داخلا ورتي، جتي سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لڳو، ۱۹۸۰ ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف) زرعي يونيورسٽي يونٽ جو صدر چونڊيو ويو، ۱۹۸۱ ۾ کيس زرعي يونيورسٽي يونٽ مان هڪ سال جي لاءِ ريسٽيڪيٽ ڪيو ويو، ۱۹۸۲ ۾ هيءَ جساف جو مرڪزي نائب صدر چونڊيو ويو ۽ چئن سالن بعد ۱۹۸۶ ۾ کيس جساف جو مرڪزي صدر چونڊيو ويو، ۱۹۹۰ تائين وري ساڳئي عهدي تي چونڊيو ويو، ۱۹۷۶ع کان وٺي ۱۹۹۵ع تائين هن جي سموري سياسي ۽ نظرياتي تربيت سنڌ جي عظيم قوم پرست اڳواڻ سائين جي ايم سيد جي ويجهڙائپ ۾ رهندي ٿي، ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ ۾ سائين جي ايم سيد جي لاڏاڻي کان پوءِ جيئي سنڌ قومي محاذ (جسقم) قائم ڪئي وئي، ان وقت هو جيل ۾ هيو پر پوءِ به کيس ان جو ڊپٽي ڪنوينر مقرر ڪيو ويو، ۱۹۹۶ ۾ کيس جسقم جو سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو ۽ ۱۹۹۸ ۾ کيس جسقم جو چيئرمين چونڊيو ويو، جنهن عهدي تي هي پنهنجي زندگي جي آخري گهڙي تائين قائم رهيو. سنڌ جي هن بهادر اڳواڻ کي ڪيترا ئي ڀيرا گرفتار به ڪيو ويو، هن کي پهريون ڀيرو ٽنڊو ڄام جي پوليس ۱۹۷۸ ۾ گرفتار ڪيو ۽ هن کي ٻيو دفعو ۱۵ جنوري ۱۹۸۵ تي رتيديري مان گرفتار ڪيو ويو هيو، هي حيدرآباد جيل ۾ ڪيتري ئي عرصي تائين بند وارڊ رهيو، هن کي ان وقت جي ملٽري ڪورٽ هڪ سال ۽ ڏهن ڪوڙن جي سزا پڻ ڏني هئي، جنهن تي عمل به ڪيو ويو پر کيس آگسٽ ۱۹۸۶ع ۾ آزاد ڪيو ويو، هن کي وري ۱۱ آگسٽ ۱۹۸۸ع ۾ سنڌ ۾ ٿيل نسلي جهڳڙن دوران گرفتار ڪيو ويو، هن ڀيري کيس ۱۸ مهينن تائين جيل ۾ رکيو ويو ۽ ۲ جنوري ۱۹۹۴ تي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو ۽ ٻن سالن تائين جيل ۾ رهيو، ۱۷ جنوري ۱۹۹۹ تي وري کيس گرفتار ڪيو ويو ۽ ساڳئي سال جي نومبر مهيني ۾ کيس آزاد ڪيو ويو، هن کي آخري ڀيرو ۱۵ سيپٽمبر ۲۰۱۱ تي هٿيار رکڻ جي الزام هيٺ ڪراچي مان گرفتار ڪيو ويو هيو ۽ ٽن ڏينهن کانپوءِ کيس ضمانت تي آزاد ڪيو ويو، اهڙي طرح هي مجموعي طور ۶ سال ۱۰ مهينا جيل ۾ رهيو.

بشير خان قريشي سائين جي ايم سيد جي نقش قدم تي هلندي سيد جي فڪر کي پنهنجو منشور ۽ شاھ جي رسالي کي امن جو پيغام سمجهي سن کي پنهنجو سياسي قبلو ۽ جي ايم سيد کي پنهنجو رهبر ڪري سنڌ امڙ جي آجپي ۽ خوشحالي لاءِ جاکوڙي ۽ کاهوڙي بڻجي سنڌ جي مظلوم عوام ڏي موٽي آيو، پوِءِ ڏسڻ وارن ڏٺو ته رتيديري جو هي جوان ڪئين تجربن جون لاهيون چاڙهيو لهندو چڙهندو ۽ پنهنجن پراون جون سازشون ۽ بد خواهيون لتاڙيندو اڳتي وڌندو رهيو، آزادي يا موت، وطن يا ڪفن جا نعرا گونجائيندو ۽ رتائون لال جهنڊو جهولائيندو اڳتي وڌندو رهيو. رتيديري جي موٽڻ پور محلي جو هي نوجوان سن مان سنڌ پرستيءَ جي ستي پي جو نڪتو ته سڄي سنڌ تي ڇانئجي ويو، پوءِ جتي به سنڌ جو هي اڻموٽ فرزند پهچندو هو ته چوڌاري لال جهنڊن جا بادل جھومندا هئا ۽ ماڻهن جون ڇوليون ڏيندڙ سمنڊ بشير خان جي اڳيان پويان ڏسڻ جي لاءِ ملندو هو، ان ڪري ڪيترا ئي ڀيرا غداري جي ڪيسن ۾ گرفتار ڪري ان مٿان مقدما درج ڪيا ويا ڦاهن ۽ ڦٽڪن جا دڙڪا دهمان سزائون سچ پترا ٽارچر سيل هن ارڏي جي سامهون نه بيهي سگهيا. هن بهادر ۽ اڏول جو جيل به رستو روڪي نه سگهيا. بشير خان سنڌ جي گهر، گهر، گهٽي، گهٽي، جهر جهنگ ۽ واهڻ وستيءَ پهچي سن جي سيد جي فرمان ۽ فڪر کي عام ۽ جام ڪندو رهيو، هن سنڌ ۽ سيد جي عاشق بشير خان قريشي جي شخصيت هونئنءَ ته گلدستو مثل آهي، جنهن ۾ ڪيترا ئي گل سجائي قدرت هڪ گلدستو تيار ڪيو هو، بشير خان قريشي پنهنجي زندگيءَ ۾ هڪ طرف سياسي جدوجهد ۾ ڀرپور ڪردار نڀايو ته ٻئي طرف وري سماجي حوالي سان پنهنجو ڪردار جيڪو نڀائي ويو آهي، اهو به مثالي آهي، سندس سياسي ڪردار جي ڪارڪردگي جي حوالي سان ڀلي ڪير هن سان اختلاف ڪري سگهي ٿو پر سندس سچائي ۾ ڪو به گمان ٿي نٿو سگهي، سندس سماجي ڪردار ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ ڪٿي به ڪنهن به قسم جي ڪا خامي نظر نه ٿي اچي. سنڌ وارن کي اها بخوبي ڄاڻ آهي ته سنڌ جي هن ارڏي پٽ کي سنڌ جي حوالي سان ڪنهن اتحاد يا ڀلائي لاءِ سڏ ٿيو ته اتي پهريون پهچڻ وارو فرد بشير خان ئي هيو، ڪٿي به ڪو سنڌي قوم ۾ جهيڙو فساد ٿيو ڪا به گڏجاڻي يا جرڳو ٿيو ته هي جوڌو جوان هميشه مظلوم ڌر جو مشير يا حمايتي ٿي اتي ضرور پهچندو هو، ميڙ منٿ قافلا، رٺل سنڌين کي پرچائڻ لاءِ هي سيد سنائي وٺي وڃڻ وارو شخص بشير خان ئي هيو، سندس همت، جرئت ۽ سنڌي ماڻهن سان سچائي ارپنا کي ڏسي وڏا وڏا سردار به سندس عزت ڪندا هئا ۽ هميشه سندس جهوليءَ ۾ ڪاميابيون وجهي وڏي پيار پاٻوھ ۽ عزت آبرو سان رخصت ڪندا هئا. بشير خان قريشي هاڻي جسماني طور اسان سان گڏ ناهي روحاني ۽ تصوراتي طور هو پنهنجي ڪردار ۽ ڳڻ جي حوالي سان هميشه هر دل ۾ زنده رهندو ڇاڪاڻ جو هو پنهنجي ڪم ڪردار ۽ شخصيت جي حوالي سان سنڌ جي سياسي ۽ سماجي تاريخ جو حصو بڻجي ويو آهي ۽ تاريخ زنده ئي رهندي آهي، باقي بشير خان قريشي جي جسماني وڇوڙي جو ڏک هڪ دائمي ڏک آهي جيڪو ونڊڻ سان ورهائجي نه سگهندو پر وڌندو رهندو ۽ ايندڙ صديون به هن ڏک ۽ درد جي ڀوڳنا محسوس ڪنديون. اي ڪاتبِ تقدير ڇا ته تنهنجي چونڊ آ، تو گل ته اهڙو ڇڳو جيڪو ويڙهو ئي ويران ڪري ويو، ڇا ٿئي ها جو مارڻ کان مڙي وڃين ها تو وٽ ڪهڙي ڪمي هئي!؟

اها ڳالھ واقعي سچ آهي ته بشير خان قريشي جي وڇوڙي کانپوءِ هڪ دفعو ٻيهر جي ايم سيد جي فڪر تي هلندڙ سمورين ڌرين کي پاڻ ۾ گڏ ٿيڻ گهرجي ۽ انهن ڌرين کي منهن ڏيڻ جو واحد طريقو اهو آهي ته بشير خان قريشي جيان سنڌ جي انهن عام ماڻهن وٽ جسقم جي اڳواڻن کي نڪري اچڻو پوندو. هي ڪيترا به پنهنجا حربا استعمال ڪن هميشه انهن کي شڪست نصيب ٿيندي ۽ سنڌ ڌرتيءَ کي هن وقت به بشير خان جهڙي ارڏي، سچار پٽ جي ضرورت آهي، جيڪو سنڌ جي رهندڙ سمورين برادرين وٽ شاھ سائين جو رسالو، نياڻيون ميڙ وٺي وڃي انهن کي ٻڌائي ۽ سندن ستل ضمير جاڳائي کين چوي ته پاڻي جي واري، ٻني جي ٻاري تي ڀاءُ ڀاءُ کي ته ماري ٿو ڇڏي پر سالن کان وٺي اوهان جي سٻاجهي سنڌ اڃا ظلم جا زنجير پايو ويٺي آهي اٿو پنهنجي جيجل سنڌ جي لاءِ لوچيو. . .!


 

شهيد بشير قريشي کي ڀيٽا

عوامي آواز

ڪراچيءَ جي ھوائن جا اھي پُرجوش ڏينھن مون کي اڄ به ياد آھن، جڏھن سنڌي قوم جو ڪو به قومي ڪاڄ، سڏ يا ميڙاڪو ھوندو ھو ته ھر طرف ھڪ ئي ريٽو جھنڊو ڦڙڪندي نظر ايندو ھو جيڪو سن جي سيد جي سار ھر دل جي ميدان تي محبتن ساڻ مھڪائي اھو ياد ڏياريندو ھو ته سن جو سيد اڄ به زنده آھي سندس مقصد، سندس سوچ، سندس فڪر ڦولارجي ھر طرف ڦھلجي سنڌي قوم کي متحد ٿيڻ جا انيڪ پيغام موڪلي رھيو آھي، اھو جھنڊو جنھن جي ڳاڙھاڻ جذبن کي نئون جوش ارپي اھو احساس ڏياريندي ھئي ته جنھن شھر ۾ ڌارين جي دعويداري آھي اتي سنڌين جي مالڪي ڪير به ۽ ڪڏھن به ختم نٿو ڪري سگھيا ھو ڳاڙھو جھنڊو اڄ پنھنجي ڳاڙھاڻ اُفق تي پکيڙي درد جون دانھون ڪري رھيو آھي.

رات جو پويون پھر ھو، خبر ناھي ڇو ننڊ اکين کان تمام پري ھئي، توڙي جو۸ اپريل منھنجي جنم جي ڏينھن جو مونکي ھر ڀيري پُر جوش انداز ۾ انتظار رھندو آھي پر ان ڀيري دل کي خوشيءَ بجاءِ عجيب اداسي ۽ بي چيني محسوس ٿي رھي ھئي ته ان وقت ادا ضراب حيدر جي مئسيج ڄڻ ته پيرن ھيٺان زمين ڪڍي ڇڏي، مون يڪدم انٽرنيٽ ھلائي ته سنڌ جي جوشيلي ۽ ارڏي پٽ محترم بشير خان قريشي جي اوچتي وڇوڙي جي دکدائڪ خبر سان ھڪ ڀيرو ٻيھر خودمختيار سنڌ جي خوابن جي ساڀيان ڏاڍو ڏور ۽ اکين کان اوجھل ٿيندي نظر آئي، بقول شاعر:

موت پوئي موت، اڻ مدائتو آئين،

سوين سڪندر ماريئي، ارڏا ۽ اڻ موٽ،

گھايئي اھڙا گھوٽ، جن مند نه ھئي مرڻ جي.

اھڙا قومي اڳواڻ جن ۾ بھادري، جرئت، ھمت، حشمت، سڀاءُ ۽ محبت جا جذبا اپٽار ھجن سچ ته اھڙا املھه ماڻڪ روز روز ناھن ڄمندا صديون سڪڻ کان پوءِ ڌرتي ماءُ کي اھڙا ارڏا ٻچا نصيب ٿيندا آھن جيڪي پنھنجي خوبين، خصلتن، ڏاھپ ۽ پيار سان جيجل جي جھولي ڀري کيس خوشين جا خزانا ارپي ڏيھان ڏيھ سندس ناماچار ڪرائيندا ۽ سندس ڳاٽ اوچو ڪري ڇڏيندا آھن.

لاڙڪاڻي جي سرزمين ڏاڍي زرخيز آھي، جنھن انمول ھيرا جڻيا آھن جيڪڏھن بشير خان قريشيءَ جي زندگيءَ تي نظر وجھنداسين ته ھن بھادر ۽ ارڏي سپوت جي سڄي ڄمار سنڌ ڌرتي ۽ سن جي سيد سان سچائي ۽ محبت جو اظھار ڪندي گذري، مون کي بشير خان قريشيءَ جي اھا ھڪ جھلڪ ياد آھي جڏھن مھراڻ ڪاليج مورو ۾ شاگردن جي فنڪشن ۾ مان خود به مھمان ھئس اتي اوچتو سندس آمد ڪاليج جي نوجوان ڇوڪرن ۾ جھڙي طرح جوش، ڦڙتي ۽ اتساھ پکيڙيو اھو قابلِ ديد ھو ان وقت مونکي احساس ٿيو ته سنڌ جي قوم پرستن ۾ واقعي به بشير خان قريشي ھڪ جداگانا ۽ اھم حيثيت رکي ٿو سندس مختصر تقرير ۾ جيڪو پيغام ۽ پيار مون سنڌ امڙ لاءِ ڏٺو ۽ محسوس ڪيو ان مان مونکي پڪ ٿي وئي ته سنڌ جو اڪثر نوجوان طبقو بشير خان کي پسند ڇو ٿو ڪري؟ سندس انداز ۾ سادگي، سچائي نمايان ھئي سندس سڀاءُ ڪنھن ليڊر بجاءِ عام مارو ماڻھوءَ جھڙو ھو، سندس اتساھ جذبن مان جھلڪي رھيو ھو ان ڏينھن ڪاليجي شاگرد ھجڻ جي حيثيت سان به مون محسوس ڪيو ته بشير خان نوجوان شاگردن ۾ ايترو مقبول ڇو آھي؟ سندس صعوبتون ۽ سٺل سختيون به سنڌ واسين اڳيان آھن کيس جيلن جون ياترائون ائين ڪرايون وينديون ھيون ڄڻ ڪنھن ٻار سان راند ڪئي ويندي ھجي. پر ھن ھماليه جھڙي ھمت رکندڙ سنڌڙيءَ جي سپوت ڪڏھن به ھمت نه ھاري سدائين سائين جي. ايم سيد جي جذبن جي ترجماني ڪندي، سنڌ جي حقن جي ڳالھه ڪئي ھر محاذ تي مھاڏو اٽڪائيندڙ بشير خان موت جي محاض تي به مھاڏو اٽڪائي موت کي مات ڏئي پاڻ کي سنڌ ڌرتي ۽ حقيقي سوچ رکندڙ سنڌين جي دلين ۾ ھميشه لاءِ جياري ويو آھي بقول استاد بخاري:

جو قوم جياري اھو جيئندو رھندو،

جو عام اُجاري اھو جيئندو رھندو،

مونکي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آھي،

جو سنڌ سنواري اھو جيئندو رھندو.

ڀلا سنڌ جيجل سوڳوار ڇو نه ھجي؟ سنڌ امڙ اھا ڌرتي آھي جيڪا ھميشه غيرن جي اک ۾ ڪنڊي جيان رھي آھي ھن جيجل ڌرتيءَ تي ھر وار ڪري سندس نانءَ کي ميسارڻ جون ڪوششون ھر دور ۾ ٿينديون رھيون آھن پر جيجل جي ڪُک تي الله جي اھڙي ته مھر ۽ ٻاجھه آھي جو سندس ڪُک مان سدائين اھڙا ناياب ڪردار جنم وٺندا رھيا آھن جن کي جھڪائڻ وارا خود جھڪي، مري، کپي، خاڪ ٿي ويا پر سنڌڙيءَ جي آزاديءَ جا گيت آلاپڻ وارن کي ڪڏھن به ماري ناھن سگھيا.

بشير خان قريشي ڄمڻ سان پنھنجي جيءَ ۽ جيون جي ڏور جيجل ڌرتيءَ سان اھڙي طرح جوڙي ڇڏي ھئي جو کيس موت جي پرواھ نه ھوندي ھئي. بشير خان پيادل شھرن جا شھر ھن مھراڻ لاءِ محبتون وکيريندو رھيو ۽ پاڻ تي آيل ڪوڙن ڪيسن ۽ الزامن کي منھن ڏيندو رھيو مونکي اھو ڏينھن به ياد آھي جڏھن کيس بنا لائيسنس وارا ھٿيار رکڻ جي ڪوڙي ڏوھ ۾ جيل موڪليو ويو تڏھن به سندس ارڏائپ ڪنھن ڪوڙ کي مڃڻ کان قاصر ھئي کيس سنڌ جي امن سان اھڙي الفت ھئي جو قبيلائي تڪرارن کي ختم ڪرائڻ لاءِ ھو واحد قومپرست ھو جيڪو ميڙ وٺي ڀٽ ڌڻيءَ جا رسالا کڻي پيار، امن ۽ الفت جا سنيھا ساڻ ڪري سنڌ جي پراڻي قبيلائي تڪرارن ۽ جھيڙن کي ختم ڪرائڻ لاءِ منٿ ميڙ قافلا وٺي وڃي تڪرارن ۽ انائن جي تيز باھ کي اجھائڻ جي ڪوشش ڪندو ھيو ۽ سنڌ واسين کي پاڻ ۾ پيار سان پرچي رھڻ جا درس ڏيندو، روڊن ۽ رستن تي احتجاج ۽ جھاد ڪندو غاصبن کان سنڌ جا حق گھرندو رھيو اھڙي ابو جھاد ۽ سدوري پٽ جي اوچتي وڇوڙي تي ھيءَ ڌرتي ماءُ اڄ به واڪا ڪري رھي آھي، ”واڪا ڪندي ووءِ، صديون تو لاءِ سنڌڙي“

ٽي ويءَ تي ھوندي مون ڪئي ڀيرا قومي معاملن تي ساڻن ٽيليفونڪ ٽاڪ ڪئي پر ھر مسئلي تي کين سنڌ جي پرچار ۽ پيار سان سرشار ڏٺم مونکي ڪڏھن به ائين محسوس نه ٿيندو ھو ته ھڪ ٽي وي اينڪر سان ڳالھائي رھيو آھي سنڌ جي صدين واري عظيم تھذيب جي ھن وارث وٽان ھميشه ”ادي لفظ“ سان مخاطب ٿيڻ مونکي بيحد پسند ھو، اھڙي بااخلاق، ريتن جي پاسدار ۽ روايتن جي امين ماڻھوءَ کي ڪير ٿو وساري سگھي سندس لاءِ منھنجون ئي چيل سٽون ياد اچي رھيون آھن ته ”ٽوڙيندو ڪير ھن زنجير کي، منھن نه ڏيندو آ ڪانئير شمشير کي، ڀلي سوڍا سنڌ جا ڪسندا وڃن، صنم وساريندو ڪير، دودي ۽ بشير کي. سنڌ جي سرواڻ سائين جي ايم سيد کيس ھميشه پٽن جيان محبت ۽ اھميت ڏني مان سمجھان ٿي ته بشير خان اھو خوش نصيب انسان ھو جنھن کي پنھنجي اڳواڻ ھميشه مانُ ڏنو شايد سائين جي. ايم سيد کي به اھا خبر ھئي ته بشير خان اھو سٻاجھڙو ماڻھو آھي جيڪو سنڌ جي مظلوم، مسڪين، غريب ۽ ڏکايل ماڻھن جو بھترين اڳواڻ ثابت ٿي قوم پرستن ۾ نمايان رھندو.

بشير خان انھيءَ مانَ جو مانُ رکندي سائين جي. ايم سيد جو پيغام ھر وستي ۽ واھڻ ۾ پھچايو نه فقط ايترو پر سنڌ جي خوشحاليءَ جا انيڪ خواب کڻي گھٽي گھٽيءَ ڌرتي جي امن، شادابي، حقن، خوشحالي، بقا ۽ آزاديءَ لاءِ ووڙيندو ھوشو، ھيمون ۽ دودي جي ريت نڀائيندو رھيو. بشير خان قريشيءَ جھڙي ارڏي انسان جو اوچتو وڇوڙو سنڌ جي سڀني قوم پرستن کي اڄ به پڪاري رھيو آھي ته خدا جي واسطي ھڪ ٿي سنڌ ۽ سيد جي محبت ۾ پاڻ ملھائڻ سکي وٺو، جيجل جي حقن، خوابن، خوشحالي ۽ آزاديءَ لاءِ پاڻ پتوڙڻ جا گُرَ سکي پئو سنڌين ۾ صدين کان پيدا ٿيل احساسِ محرومي کي ختم ڪرڻ لاءِ متحد ٿي ايڪي جو ثبوت ڏيو ڇو ته جيون ماڪ مثل آھي جنھن جي انت جو خواب خيال ئي ناھي ھوندو.

بشير خان قريشيءَ جو مڙھ ھن ڌرتيءَ واسين کان موڪلائيندي کين آخري ڀيرو به اھا ئي پارت ڪري رھيو ھو ته ٻيلي غيرن ۽ غدارن کي سڃاڻي ھن سنڌ ماءُ جي بقا ۽ سلامتيءَ لاءِ سڀ ھڪ ٿي وڃو ڇو ته ٻڌيءَ ۾ عظمت آھي, شال انھيءَ عظمت کي اسين ماڻي وٺون.


 

محترم بشير خان قريشي

سنڌ جو سوڍو پٽ

آصف رضا موريو

محترم بشيرخان قريشي سنڌ جو ڏاهو، بهادر ۽ ارڏو پٽ هيو جو سائين جي ايم سيد جي مقصد کي هينئين هنڊائي ان جي پوئواري ۾ هڙئون وڙئون پنهنجو پاڻ ملهائي ويو. هو جيئي سنڌ قومي محاذ جو چيئرمن هيو جيڪا سنڌ جي آجپي جي تحريڪ ڀانئي وڃي ٿي ۽ جنهن جي منشور ۾ ڌرتي ڌڻين جي حقن سان گڏ محنت ڪش طبقن، هاري ناري ۽ مزدور ماڻهن جي چڱ ڀلائي جون سموريون ڌارائون هجڻ سان گڏ سوشلزم ۽ سيڪيولرازم جي اهميت کي پڻ بنيادي اهميت ڏني وئي آهي. سنڌ جي هي واحد سياسي تنظيم آهي جنهن ۾ وڏيرن، سرمائي دارن ۽ پيسي وارن جي اجاره داري ڪونه رهي آهي.

بدقسمتي سان اسان جي ملڪ ۾ ڪڏهن به ڪا اهڙي حڪومت ڪونه جڙي سگهي آهي جيڪا عوام جي خواهشن جي حقيقي ترجماني ڪندي هتي رهندڙ مڙني قومي جٿن کي هڪ ڪرا حق ڏياري سگهي. شايد اهو ئي سبب آهي جو تمام رياستي ادارا، قومي سياسي ۽ سماجي اڳواڻيون توڙي شاگرد قيادتون سدائين هڪ ٻئي سان آمهون سامهون ٿيندي ڏٺيون ويون آهن جو سندن قومي مفاد ۽ سياسي سمتون الڳ الڳ ٿين ٿيون. ان لاءِ پيڙهيل طبقن ۽ غلامي واري حالتن ۾ جيئندڙ قومن منجهان پنهنجي ڏتڙيل ۽ ڏاڙهيل ماڻهن جي جائرحقن جي حاصلات لاءِ ۽ انهن جي اجتماعي استحصال خلاف ڪجھ مانجهي مرد سر جو سانگو لاهي نروار ٿيندا آهن اهڙن ئي مڙس ماڻهن منجهان سنڌ جو سوڍو بشيرخان قريشي پڻ هڪ هيو.

بشيرخان قريشي کي سنڌ ۾ اختلافن جي ور چڙهيل قومي سياست اندر گهڻي حد تائين غيرمتنازعه قومي اڳواڻ چئجي ته وڌاءُ ڪونه ٿيندو جيڪو زندگي ڀر محترم جي ايم سيد جي عدم تشدد واري پاليسي جو خاص حامي رهيو. قومي اڳواڻي جي لڏي ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ سندس جيئڻ مرڻ ڄڻ ته سنڌ ۽ سنڌين لاءِ رهجي ويو هيو. هو سنڌ جي خودمختياري ۽ سنڌي عوام جي ڪنهن به پاسي کان چڱ ڀلائي جي پسمنظر ۾ ڪنهن به پارٽي طرفان ڏنل ڪوٺ جي سدائين آجيان ڪندو رهندو هيو ايتري تائين جو سنڌ ۽ سنڌين جي ڪٽرمخالف ايم ڪيو ايم سان به ڪيترن جائز مهاذن تي نباهي هلڻ جا جتن ڪيائين. اسان جي ملڪ جي تمام صوبن بشمول سنڌ جي صحتمند سياسي جماعتن شاگردن جي مسئلن کي ڪڏهن به سنجيدگي سان اهميت ڪونه ڏني ان لاءِ بشيرخان جي ڪوشش رهي ته نه رڳو شاگرد کي پنهنجي پاسي کڻي هلجي بلڪو انهن جي صحتمند فڪري لاڙن جي جيترو ٿي سگهي ترجماني پڻ ڪجي.

سياسي زندگي جي تجربن کيس جذبات ۽ زميني حقيقتن ۾ فرق ڪرڻ سيکاري ڇڏيو هيو. هن ڪنهن حد تائين ٽڙيل پکڙيل سنڌ جي قومي سياست کي پنهنجي رياضت، ٿڌي مزاج ۽ توجھ سان ايتري حد تائين پرسڪون ۽ بهتر بڻايو جو سنڌ جو عام طبقو جيڪو پهريون جيئي سنڌ جو نالو ٻڌي نرڙ تي گهنج وجهندو هيو تنهن پڻ دلئون اهو تسليم ڪرڻ شروع ڪيو ته هائو ٻيلي ڪي جوان آهن جيڪي ڏکئي وقت ۾ سنڌ خلاف زهر اوڳاڇيندڙ سازشي ٽولن خلاف ميدان تي نڪري اچن ٿا انهن کي مان ڏيڻ گهرجي. اهو ئي سبب هيو جو شاگرد، هاري، سياسي، سماجي ۽ پورهيت طبقن سان گڏ هر طبع ۽ فڪر جي ماڻهن ۾ مقبولِ عام هوندي بشيرخان قريشي کي نه رڳو زندگي ۾ مڃتا ملي پر مرڻ کان پوءِ به ايماندارقومپرست اڳواڻن جي صف ۾ اڳڀروڀانئيو وڃي ٿو.

جنم

ٺاهوڪي قدڪاٺ، ڀريل جسم، رعبدار شخصيت، ويڪري پيشاني، برجستي آواز واري هن ملھ جوان بشيرخان قريشي جو جنم ۱۰ آگسٽ ۱۹۵۹ع تي رتوديرو جي موٽڻ پور محلي ۾ غلام مرتضي قريشي جي گهر ۾ جنم ورتو جيڪو پنهنجي ڳوٺ ۾ اناج جي ڪاروبار سان گڏ اٽي پيسڻ جي چڪي پڻ هلائيندو هيو. سندس امڙ جو نالو مسمات گلشن قريشي هيو جيڪا گهريلو عورت هئي. بشيرخان قريشي پرائمري کان ميٽرڪ تعليم تائين رتوديرو شهر مان حاصل ڪئي، انٽر سي اينڊ ايس ڪاليج شڪارپورمان پاس ڪري ۱۹۷۶ع ۾ سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽيءَ ٽنڊو ڄام ۾ داخلا ورتي جتان سندس سياسي جدوجهد جو آغاز پڻ ٿيو. سندس جو وهانءُ ادي سعيده قريشي سان ٿيو جنهن مان کيس ٽي پٽ ۽ چار نياڻين جي اولاد آهي.

سياست

سٺ جي ڏهاڪي ۾ محترم جي ايم سيد سنڌي قوم جي اجتماعي استحصال ۽ سنڌ جي زميني توڙي جاگرافيائي وسيلن جي لٽ مار خلاف پاڪستان ۾ رهندي يا خودمختيار وطن لاءِ آزاد سنڌوديش جو تصور سامهون رکي جيئي سنڌ تحريڪ جو بنياد وڌو جنهن سان سنڌ جي قومي سياست کي هڪ نئون رخ مليو. جيئي سنڌ تحريڪ جو نعرو وقت سان گڏ گهڻو مقبول ٿيندو رهيو خاص طور تي سنڌي نوجوانن، شاگردن، لکارين ۽ دانشور طبقن ۾ جيڪي رياست طرفان ناجائزين ۽ استحصالين جو گهڻو شڪار هئڻ سان گڏ پڙهيل لکيل لڏو هئڻ ناطي ڏسي وائسي رهيا هيا ته”سنڌ ۽ سنڌ واسين سان انساني حقن پٽاندر ڪهڙا ڪلور ٿي رهيا آهن. وقت سان گڏ شاگرد طبقو هن تنظيم لاءِ ڪرنگهي جي حيثيت بڻجي ويو ۽ سنڌ جا ڪاليج ۽ يونيورسٽيون هن هلچل لاءِ ڳڙھ ثابت ٿيون.

جي ايم سيد جي وفات کانپوءِ پارٽيءَ کي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا جو ان وقت تائين پارٽي سيد جي ڏنگي ٻارن جي غير اصولين جي ور چڙهي چڪي هئي جن مان گهڻا تڻا سيد جي زندگي ۾ ئي پارٽي جي آڙ ۾ پنهنجي مفادن جي خاموشي سان نگراني ڪري رهيا هيا پر سائين جي رحلت کان پوءِ پارٽي جي سياسي اصولن کان هٽي نروار ٿي پيا جنهن ڪري نوي جي ڏهائي ۾ سيد جي پارٽي سندس ئي پوئلڳن پاران مختلف ڌڙن ۾ ورهائجي وئي جنهن سان”سنڌ ڪاز”کي ڪاپاري ڌڪ لڳو. ايتري تائين جو عبدالواحد آريسر جهڙي ڏاهي دانشور ۽ سيد جي سچي پوئلڳ مٿان به جيئي سنڌ قومي محاذ ۾ ڀڃ ڊاھ ڪندڙ جا سنگين الزام لڳا. بدقسمتي جي ڳالھ آهي ته سنڌ جي قومي پارٽين اندر ذاتي نوعيت جي اختلافن تحت هر ٻئين سال ڪونه ڪو ڌڙو جنم وٺندو رهيو جنهن جو سبب اهو ٻڌڻ ۾ آيو پئي ته”سنڌ جي حقن خلاف متحرڪ لڏا جنهن کي اسان جا ڪامريڊ سامراجي ٽولا سڏن ٿا کين مختلف لالچون ڏئي پنهنجن خلاف ميدانِ عمل ۾ آڻي وڙهائيندا ۽ منتشر ڪندا رهن ٿا”. انهن تمام رياستي، قومي ۽ علاقائي سازشن جي هيڪانڌي هلچلن جي باوجود بشيرخان قريشي پنهنجي سياسي، سماجي ۽ ذاتي محاذ تي ڪارونجهر جي چوٽ جيان اونچو، اڻ ٽر ۽ اڪابر رهيو.

سياست

بشيرخان قريشي سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ پڙهائي دوران سائين جي ايم سيد جي فڪرکان متاثر ٿيندي شاگرد سياست ۾ حصو وٺندي ۱۹۷۶ع ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊينٽس فيڊريشن ۾ شموليت اختيار ڪئي. ۱۹۸۰ع ۾ هو ٽنڊو آدم زرعي يونيورسٽي يونٽ جو صدر چونڊيو ويو. ۱۹۸۲ع ۾ کيس پارٽي جي مرڪزي نائب صدر طور منتخب ڪيو ويو جڏهن ته ۱۹۸۶ع ۾ فيڊريشن جو مرڪزي صدر چونڊيو ويو. سال ۱۹۹۵ع ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جو ڊپٽي ڪنوينر ۽ ۱۹۹۶ع ۾ سيڪريٽري جنرل مقرر ٿيو. وقت سان گڏ بشيرخان قريشي نه رڳو سنڌ جي انتهائي متحرڪ نوجوان قيادت طور سامهون آيو پر پنهنجي سچائي، بهادري، فڪري لاڙي، اڳواڻي جي صلاحيتن ۽ برجستگي سبب محترم جي ايم سيد جي ويجهو ٿيندو رهيو جنهن جي وفات کان پوءِ ۱۹۹۸ع ۾ پارٽي طرفان کيس جيئي سنڌ قومي محاذ جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو جتان زندگي ڀر سنڌ جي عوام جي اجتماعي حقن، سنڌي ٻولي جي استحصال، آدم شماري، قدرتي وسيلن، پاڻي جي مسئلن، نوڪري، روزگار، اين ايف سي ايوارڊ، سمند، گيس، پيٽرول، فصلن جي ڪمائي، سنڌ جي وڏي شهرن ۾ سنڌين جا ڳوٺ ڊاهڻ، ڊوميسائل رد ڪرڻ، نوڪريون نه ڏين، ڌاري قومن جون سنڌ ۾ روز جي حساب سان لوڌون ڪاهڻ خلاف ۽ ٻين انيڪ مسئلن لاءِ پتوڙڻ سان گڏ سنڌ ۽ سنڌين جي روزمره جي معاملن ۾ پارٽي ورڪرن سميت هڙان وڙان جدوجهد ڪندو رهيو. سائين جي ايم سيد جي هماليائي شخصيت جي وفات کان پوءِ وکرندڙ تنظيم ۽ غيرمتحد ٿيندڙ ڪارڪنن کي بشير خان ڪٺو ڪرڻ ۾ سگهارو ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏ سيد جي سياست ۾ عدم تشدد واري پاليسي تحت بين الاقوامي ادارن تائين سنڌين جي حقن جي لتاڙ متعلق حقيقتون پهچائڻ لاءِ پڻ اهم ۽ مستند ڪردار رهيو.

اليڪشن

پاڪستان ۾ سياست ۽ سنڌين جي حقن جي ڳالھ ڪندي اليڪشن ۾ حصو نه وٺڻ واري پاليسي سان سنڌين جوهڪ وڏو طبقو سهمت ڪونه رهيو جو سندن خيال آهي ته”پارلياماني سياست ۾ حصو نه وٺڻ دراصل غير سنڌي قوتن جو سنڌ جي ڌرتي تان اليڪشن ۾ بيهڻ لاءِ رستو هموار ڪرڻو آهي”پراليڪشن ۾ کٽي اسيمبلي ۾ اچڻ متعلق بشيرخان قريشي جو خيال هيو ته”اهي اسيمبليون اسان جي ڪهڙي ڪم جون آهن جن ۾ سنڌ يا سنڌين جي قومي وجود يا وطن کي تسليم ڪونه ٿو ڪيو وڃي. “سندس مڃڻ هيو ته”سنڌ هڪ اهڙي ڪالوني آهي جنهن جي ڪنهن به وسيلي تي سنڌين جي مالڪي نه هئڻ جي برابر آهي ايتري تائين جو سنڌين کي قوم ئي تسليم نه ٿو ڪيو وڃي ته ان پسمنظر ۾ اسان قومي جدوجهد نه ڪيون ته آخر ڇا ڪيون؟”. کيس ان ڳالھ جو پڻ ڏک هيو ته”سنڌ ۽ سنڌين لاءِ جدوجهد ڪندڙن کي سنڌين جو ئي وڏو حصو ڪافر، دهريو ۽ پاڪستان مخالف چئي نفرت ڪري ٿو”.

ٺوڙهي ڦاٽڪ

سائين جي ايم سيد جي مرتئي کان پوءِ سندس سرفروشن جي پوري کيپ بشيرخان جي پٺيان هئي جنهن کي فوج چئجي ته غلط ڪونه ٿيندو پر سائين جيان بشيرخان به پرامن سياسي جدوجهد جو قائل هوندو هيو جنهن جي وڏي ۾ وڏي طاقت سندس عدم تشدد پاليسي، علم دوستي ۽ جمهوري ويڙھ هوندي هئي جنهن سان هن جوان وقت جي جابراڻي ۽ ظالماڻي نظام کي سدائين چيلنج ڪيو جيڪو اهڙي عشق جو رستو هيو جتي سر جو سانگو لاهي سوري جو سينگار ٿيڻ وارا ئي پنڌ اڪلائيندا آهن. اهو ئي رستو بشير خان جهڙن مانجهي مردن ضمير جي روشني ۾پنهنجي لاءِ پسيو هيو جنهن تي غلامي ۾ پسجندڙ سندس قوم جي آجپي جو آسرو هيو جنهن جي اڪير ۾ عمر ڀر ان تي گامزن رهي سرير جا سانگ لاٿا.

بشيرخان قريشي سنڌ جي آزادي، سنڌي ماڻهن جي ڀلائي ۽ حقن جي حاصلات واري جدوجهد جي رستي تي هلندي زندگي جو هڪ بهترين حصو ۽ وڏو عرصو جيل ياترائون ڪندي گزاريو جيڪومجموعي طور تي قريبن ۶ سال ۽ ۱۰ مهينا رهيو جنهن جي شروعات ۱۷ آڪٽوبر ۱۹۸۴ع تي رياستي سيڪيورٽي فورسز طرفان ٺوڙهي ڦاٽڪ واري واقعي تحت گرفتار ٿيڻ سان ٿي جنهن ۾ سندس پنج ساٿي عبدالمالڪ خشڪ، مٺوبليدي، شهيد امان الله وسطڙو، زڪريا ميمن ۽ انورعباسي شهيد ٿيا هيا. ٺوڙهي ڦاٽڪ واري ڪيس مان کيس آگسٽ ۱۹۸۶ع ۾ آزاد ڪيو ويو پر ٻن سالن کان پوءِ ٿيندڙ سنڌي مهاجر فسادن دوران ۱۱ آگسٽ ۱۹۸۸ع تي کيس ٻيهر گرفتار ڪري ۱۸ مهينن لاءِ جيل موڪليو ويو. ۲ جنوري ۱۹۹۴ تي پڻ کيس گرفتار ڪري ٻن سالن لاءِ پابند سلاسل رکيو ويو. ۱۷ جنوري ۱۹۹۹ع تي سائين جي ايم سيد جي جنم ڏينهن جي تقريب ۾ شرڪت دوران کيس گرفتار ڪري جيل موڪليوويو جتان ۱۱ مهينن کانپوءِ نومبر ۱۹۹۹ع ۾ آزاد ٿيو. کيس ۱۵ سيپٽمبر ۲۰۱۱ع تي رينجرز پاران هٿيار کڻي وڃڻ جي الزام تحت گرفتار ڪيو ويو جنهن مان عدالت کيس آزاد ڪيو جو سندس هٿيار لائسنس يافته هئا.

بشير خان مارشل لا اختيارين خلاف پڻ زبردست جدوجهد ڪئي جنهن جي پاداش ۾ ڪئي دفعا گرفتار ڪري کيس مختلف پوليس ٿاڻن تي تشدد جو نشانو بڻايو ويو. جنرل ضياءُ الحق جي آمراڻي دور ۾ هن جمهوريت جي بحالي واري هلچل ايم آر ڊي پڻ حصو ورتو جنهن جي سزا طور سدائين سندس پير رڪابين رهيا. . آمريت سان ڪنهن به قسم جو ڳٺ جوڙ نه ڪرڻ عيوض ڪيترا ئي ڀيرا مٿس بغاوتن جا الزام مڙهي زندان جي بيدرد صعوبتن حوالي ڪيو ويو، رسوائين جا پٿر وسايا ويا، جسماني تشدد ڪيو ويو، لٺيون هنيون ويون، ملامت جا ڪنڊا رستن ۾ ٽنبيا ويا، ۱۴۴ جو دفعائون لڳايون ويون، عدالتن ۾ گهليو ويو، ڪراچي ۾ بيشمار ڀيرا مٿس قاتلاڻا حملا ڪرايا ويا جن مان معجزانه طور تي پاڻ بچي ويو، ظلم ۽ تشدد جي چڪين ۾ پيڙايو ويو پر انهن ڪروڌي قانونن سان منهن ڏيندي هر چوٽ سان هن مڙس ماڻهو جون ٻرانگهون منزل ڏانهن تيز ڏٺيون ويون ته عملن ۾ اعتماد وڌندو رهيو ۽ ڪڏهن به عوامي جدوجهد تان دستبردار ڪونه ٿيو.

سماجي ورڪر

بشيرخان قريشي سنڌ جي گهٽي گهٽي گهر گهر ۾ ديرپا امن امان جي جياپي لاءِ سموري عمر جاکوڙيندو رهيو. سنڌ اندر سالن کان هلندڙ مختلف قبائلي جهيڙن جهڳڙن کي ڳالهين وسيلي ٺاري صلح ڪرائڻ لاءِ مختلف ذاتين، قبيلن جي سردارن ۽ متاثر ڌرين ڏانهن ميڙ منٿ قافلا کڻي اهي جهيڙا نبيرڻ ۾ پڻ هن اهم ڪردار ادا ڪيو. ان سلسلي ۾ بشيرخان تڪرارن جي حل جي قديم روايت جي تجديد ڪندو رهيو جنهن جي سماجي، سياسي ۽ قومي ڌرين طرفان هميشه حوصله افزائي پڻ ٿيدي رهي. سائين جي ايم سيد جي پوئلگن مان هي واحد سياسي اڳواڻ هيو جيڪو پنهنجي پارٽي ورڪرن کي سنڌ ۾ امن امان ۽ ڀائيچاري سان رهڻ جي تلقين ڪندو رهندو هيو. هو سنڌ ۾ رهندڙ تمام آبادين جي حقن جي حاصلات لاءِ نه رڳو پاڻ ريليون ڪڍندو رهيو پر مختلف فورمن، قومي ۽ سماجي لڏن طرفان نڪرندڙ ريلين ۽ اسٽرائيڪن ۾ شموليت ڪندو رهندو هيو جيڪي وڏيرن، رياستي ادارن جي ڏاڍ ڏمر خلاف مزدور، سياسي ڌڙا، شاگرد ۽ سول سوسائٽي وارا ڪڍندا رهندا هيا جوپنهنجي بنيادي حقن ۽ جيئندان لاءِ پتوڙڻ جو حق هر فرد کي قانونن، سماجن ۽ فطرتن مليل آهي پر اسان جي ملڪ ۾ حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ۽ رياستي جبر اڳيان سر کڻڻ کي بغاوت جو نالو ڏنو وڃي ٿو”.

آخري ريلي

منزل ڏينهن ويندڙ پيچرن تي ڪيترا به انديشا، ڌمڪيون، هوڪرا يا انومان ڪر کنيون سامهين ٿين پر پنهنجي مارن، ماڳن ۽ ڌرتي تان سر گهوريندڙ مانجهي مرد حقن جي حاصلات واري جائز جدوجهد مٿان خوف ۽ پڇتاءُ جا پاڇا پوڻ ڪونه ڏيندا آهن. بشيرخان قريشي به ڪنڊن جي سيج واري قومي سياست ڪندي نه ڪڏهن اٻاڻڪوٿيو، نه پوئتي پير ڀرڪيائين ۽ نه ئي ڪڏهن وقت جي ڪنهن به ڪڙي، ڪشٽي ۽ ڪروڌي وير کيس گوڏا ٽيڪائي سگهي. بشير قريشي هر سال ۲۳ مارچ تي”سنڌ گهري ٿي آزادي”جي نعري هيٺ آزادي مارچ ڪندو رهندو هيوجنهن ۾ ھو سدائين سنڌ لاءِ خودمختيار رياست جي حيثيت وارو مطالبو رکندو هيو. سندس مارچ جو مقصد عالمي خودمختار قومن جي توجہ سنڌ ۽ سنڌ جي مسئلن سان گڏ رياست طرفان سنڌ جي ماڻھن جي استحصال ۽ مائٽيلي سلوڪ کي بين الاقوامي فورمن سامهوڻ آڻڻ هوندو هيو. سندس زندگي جي آخري سياسي تحريڪ ۲۳ مارچ ۲۰۱۲ع تي ڪراچيءَ ۾ ڪڍيل فريڊم ريلي هئي جنهن ۾ لکين ماڻهن شرڪت ڪئي هئي تنهن ۾ هن تقرير ۾ سنڌ جي حقن ۽ مستقبل جو موقف پڻ چٽائيءَ سان پيش ڪيو. سنڌين جي اهنسا ۽ پر امن هئڻ جو مثال ڪراچي ۾ جمع ٿيندڙ لکين ماڻهن جي ان ريليءَ ۾ ڏٺو ويو جتي انسانن جي ايتري وڏي ڳاڻيٽي شهر، شهر واسين کي يا انهن جي ملڪيتن کي ڪنهن به قسم جو ڇيهو نه رسايو هيو. سنڌ جي قومي سياست جي شهري ۽ ڳوٺاڻي تاڃي پيٽي جي هڪ وڏي متحرڪ، لڀائيندڙ ۽ همٿائيندڙ حصي کي سنڌ جي هن ارڏي پٽ آزادي مارچ واري ڏينهن ڪراچي جي شاهي رستن تي ڪاميابي سان ڪٺو ڪيو جنهن سان نه رڳو ڀاڙين جي سياسي ماڙين جا برج ڪڙاڪا ڪري لڏيا پر کين سنڌي جهڙي جنهن مارشل قوم جي ايڪتا مان کين صدين کان خطرو رهندو پئي آيو تنهن کي ڪنهن قابل سياسي رهنما پٺيان ڪٺو ٿي ڪنڌ کڻڻ سنڌ دشمنن ۽ وقت جي ڪانئرن کي ڪٿي منظور هيو. آزادي مارچ وارو هي اجتماع پاڪستان جي تاريخ جي چند وڏي ۾ وڏي ريلين منجهان هيو جنهن جي ڪاميابي کان پوءِ ڪجھ خابرو اخباري ۽ ادبي ذريعا بشيرخان جي مستقبل کي ڪيترن ڏينهن تائين مشڪوڪ ٻڌائيندا رهيا هيا.

موت

جيسيتائين اها انديشن واري مشڪوڪ ڳالھ ماڻهن کي سمجھ ۾ اچي تيسيتائين ڪرڻي پنهنجي ڪار ڪري وئي. آزادي مارچ جي ٻن هفتن بعد ۷ اپريل ۲۰۱۲ع تي رتوديرو مان ڪراچي ويندي نواب شاھ ضلعي جي شهر سڪرنڊ ڀرسان واقع دڙي مگسي ڳوٺ ۾ پنهنجي پارٽي ورڪرن سان ڪچهري دوران مانجهاندو ڪرڻ کان پوءِ اوچتو پيٽ ۽ ڇاتي ۾ سور سان گڏ کنگھ جي شدت سبب ٿيندڙ پيڙھ سبب بشير خان قريشي بيهوش ٿي ويو جنهن ڪري کيس ويجهڙي اسپتال مڪو ويو جتي ٿيل ان اڻ ڄاتل پر”گهاتڪ حملي”مان جانبر نه ٿيندي هن مٿير ماڻهو ۲ وڳي ۴۵ منٽن تي دم ڌڻي حوالي ڪيو. سائين جي ايم سيد جو حقيقي پوئلڳ، بردبار، نماڻو ۽ دورانديش قوم پرست سياستدان نه رڳو پنهنجي چاهيندڙن کي پٺيان سڏڪندو ڇڏي ويو پر سندس وفات سنڌ جي قومي سياست کي سيد کان پوءِ ٻيهر انتهائي نازڪ دور داخل ڪري انومانن جي ور چاڙهي وئي. ان قضئي کان پوءِ سندس پارٽي طرفان سنڌ ۾ چاليهن ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيو جيڪو منهنجي خيال ۾ سنڌ دوستن ڌرين جي دلين ۾ اڃان تائين ختم ڪونه ٿيو آهي. سندس وڏي پٽ صنعان قريشي کي پارٽي اختيارين طرفان سندس جاءِ تي قومي محاذ جو چيئرپرمين منتخب ڪيو ويو.

پوسٽ مارٽم

سنڌ حڪومت جي حڪم تحت چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي پندرهن ڊاڪٽرن تي مشتمل ٽيم طرفان ڪيل پوسٽ مارٽم جي رپورٽ قريشي جي پونئرن کي مطئمن ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي جو ان جا نتيجا نه رڳو وقتائتا ڪونه ڏنا ويا پر ڏنل معلومات کي به نه رڳو وارثن ۽ پارٽي ڪارڪنن پر ساڃاهوند طبقن طرفان مبهم ۽ مشڪوڪ ڀانئيو ويو. ۱۹ اپريل ۲۰۱۲ تي سنڌ جي سرڪاري طبي اداري جي فارينسڪ ميڊيسن ۽ پيٿالوجي ٽيم پنهنجي رپورٽ ۾ انديشو ڏيکاريو ويو ته”بشير قريشي جي موت جو ڪارڻ سندس جسم ۾ فاسفورس جي وڌڻ يا دل ج دورو پوڻ آهي”. ايم ايل او ڊاڪٽر صفيءُ الله پنهنجي ٽيم جي مدد سان بشير خان قريشي جي جسم جو پوسٽ مارٽم ڪري جيڪا شروعاتي رپورٽ مرتب ڪئي هئي تنهن کي پڻ ڪنهن جي حڪم تحت خفيه رکيوويو. زور پوڻ تي ايم ايس ۽ ڪجھ ٻين ڊاڪٽرن اهو چئي پئي جان ڇڏائي ته”کيس دل جو دورو پيو هيو”، حالانڪه بشيرخان قريشي کي دل جي ڪنهن به بيماري جي ڪڏهن به شڪايت ڪونه رهي هئي تنهنڪري سندس اوچتي موت کي قومي ڌرين طرفان”سنڌ ۽ سنڌين خلاف هڪ گهري سازش قرار ڏنو ويو”. سندس پارٽي اختيارين ۽ ڪارڪن جي دعويٰ رهي ته”بشيرخان قريشي جي اڻ مندائتي موت جو سبب”سنڌ دشمن قوتن هٿان سازش تحت کيس زهر ڏ. ئي مارڻ آهي”. ان سلسلي ۾ سندس وارثن طرفان تحقيقاتي ڪاميٽي جي مدد ڪرڻ کان انڪار سبب جانچ جو دائرو اڳتي وڌي نه سگهيو. بشيرخان قريشي کي سندس آبائي شهر رتوديرو واري باءِ پاس تي آخري آرامگاھ ڏني وئي جنهن لاءِ ٻه ايڪڙا زمين سندس ڳوٺ واسي حبيب الله جتوئي دان ڪئي هئي.

بشيرخان قريشي جي موت جو سبب ڪجھ به هجي پر ان ڳالھ کان انڪارنه آهي ته سندس مرتيو نه رڳو سنڌ ۾ ٿيل انهن بيشمار قتلن منجهان آهي جيڪي اڃان تائين حل ٿي ڪونه سگهيا آهن پر سنڌ جي قومي تحريڪ لاءِ اهو المناڪ حادثو هڪ ڪاپاري ڌڪ ۽ وڏي قومي سانحي جهڙو آهي. ڪجھ لکارين سندس موت کي سنڌ ۽ پاڪستان خلاف ان بين الاقوامي سازش جي ڪڙي قرار ڏنو جنهن جو شڪار ذوالفقارعلي ڀٽو، محترمه بينظيرڀٽو، ميرمرتضا ڀٽو ۽ شاهنوازڀٽو ٿيا هيا ۽ جنهن سازش جي ڪري هزارين بلوچ ۽ سنڌي قوم پرست هر ٻئي ڏينهن غائب ٿي رهيا آهن.

کنڀي اغوا ۽ ماريل

تاريخ گواھ آهي ته دنيا ڀر جون آمر حڪومتون قومن جي سياسي بيداري کي سدائين بندوقن جي نالين، گولين ۽ ظلم و تشدد سان چيڀاٽيندي پنهنجي سماجن اندر بي يقينيءُ جون ڪيفيتون پيدا ڪري انساني حقن کي پائمال ڪندي گهرن جا ڏيئا وسائينديون، زندگيون ويران ڪنديون رهنديون آهن. اهو، اهڙو ئي سڀ ۽ ٻيو به گهڻو ڪجھ سنڌ ۾ رهندڙ سنڌين سان ڪيترن سالن کان ٿي رهيو آهي جتي انساني حقن جي پائمالي، بي جاگرفتاريون، لاپته ٿيندڙ سياسي سماجي ڪارڪن ۽ انهن تي ٿيندڙ ڀيانڪ تشدد، عدالت کان مٿاهان قتل، بيروزگاري، بدامني، غربت، مفلسي، لاقانونيت، ناانصافي روز جو معمول آهن. انساني حقن جي بين الاقوامي تحقيقات مطابق”سنڌ ۾ ڪيئي ڏهائين کان سنڌين سان ٿيندڙ ظلم ۽ ستم ۾ اضافو ٿي رهيو آهي جنهن مان گهڻو تڻو رياستي ادارا ڪري رهيا آهن”. هڪ اهڙي رپورٽ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هتي ڪيترو ظلم آهي جو ۲۰۱۷ع جي پهرئين اٺن مهينن ۾ سنڌ مان ۱۱۰ قوم پرست ڪارڪن ۽ انساني حقن لاءِ پتوڙيندڙ سماجي ورڪر غائب ٿيا جڏهن ته ڪجھ مهينا اهڙا به گذريا آهن جن ۾ هرمهيني ۾ هر ٻئي ڏينهن هڪ يا ٻه سياسي سماجي رهنما ۽ ڪارڪن غائب ٿيندا رهيا.

بدقسمتي سان اڄ به سنڌ جي جيالي جوانن جو اغوا ٿي گم ٿيڻ کان پوءِ انهن جا چچريل لاشا ملڻ روز جو معمول آهي ايتري تائين جو پنهنجي غائب ٿيل جوانن جي پوئواري ڪرڻ کي رياست خلاف کاتن ۾ لکيو ۽ ڀائنيو وڃي ٿو. ڪنهن ڪنهن جا نالا لکجن ڪنهن ڪنهن جو ذڪر ڪجي. اهڙن تمام واقعن متعلق هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان پڻ ڪيترا ڀيرا پنهنجي رپورٽن ۾ گهر ڪئي ته”جي ايس ايم ايم جي ڪارڪنن جي قتل ۾ سرڪاري ايجنسين جي ڪردار جي تحقيق ٿيڻ گهرجي”. ايشيئن هيومن رائيٽس ڪميشن جون ڪجھ اپيلون پڻ منهنجي سامهون اينديون رهنديون آهن جن ۾ هنن واضع طور تي لکيو هيو ته”سنڌ يونيورسٽي اختيارين ڄاڻي واڻي قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن کي سنڌ ۾ شاگردن جي گمشدگين لاءِ استعمال ڪيو آهي”. انهن واضع ڪيو ته”نائين اليون کان پوءِ ۱۰۰ کان وڌيڪ قوم پرستن کي سنڌ مان اغوا ڪيو ويو جن جي هن وقت تائين خبر ڪونه پئي آهي جن مان ڪيئن جي تشددزده ۽ گولين سان پروڻ لاشن کي رستن تي ڦٽو ڪيو ويو”. .

۲۰۱۱ع ۾ ڪانگريس جي ميمبرن ڊين برٽن ۽ بريڊشرمين پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري کي لکيو ته”پاڪستان ۾ سياسي ڪارڪنن جي لاپته ٿيڻ واري عمل کي روڪڻ جا انتظامات ڪيا وڃن. “سيپٽمبر ۲۰۱۲ع ۾ اقوام متحده جي هڪ وفد پاڪستان حڪومت جي دعوت تي ملڪ جو دورو ڪيو ته جيئن”قومي ڪارڪنن ۽ سماجي ورڪرن جي اغوائن جي سلسلي کي روڪڻ لاءِ ڪنهن مظبوط اداري جو انعقاد ڪيو وڃي”. ان سلسلي ۾ ايمنسٽي انٽرنيشنل پڻ پنهنجي موقف سان متحرڪ رهي آهي ته”جيڪڏهن ڪوبه شخص رياستي ڏوھ ۾ ملوث آهي ته انهن کي اغوا ڪري، تشدد ڪري مارڻ بجاءِ”متعلقه قانوني ادارن طرفان گرفتار ڪري عدالتن ذريعي سزا ڏني وڃي جنهن سان نه رڳو سندن وارث پريشان ڪونه ٿيندا پر رياستي ادارن جو مورال به برقرار رهندو۽ گنهگارن کي سزا ملندي بي گناھ آزاد ڪيا ويندا”. ان ڳالھ کان انڪارنه آهي ته ڪوبه شخص رياست ۽ قانون کان مٿاهون ڪونه آهي ۽ ان پسمنظر ۾ هن حقيقت کان به انڪار هئڻ نه گهرجي ته”رياست جي ڪنهن به اداري کي اها اجازت نه هئڻ گهرجي ته ڪنهن انسان کي قانون ۽ عدالتن کان پٺ ڏئي تشدد ڪري سزائون ڏجن يا موت بکيو وڃي”.

ان پسمنظر ۾ جتي دنيا ڀر جا ادارا سنڌ ۾ ٿيندڙ قانون کان مٿاهين قتلن، اغوائن ۽ انسانن تي ڪيل اذيتن تي حيران و پريشان رهن ٿا ته انهن گم ٿيلن جا وارث پريشان ڪيئن نه ٿيندا ۽ اهو ڪنهن کان ڪيئن ٿيندو جو پنهنجي پنهنجي ڀائرن، پيئرن، پٽن، دوستن ۽ ساٿين جي ڪو ڏکئي ۾ واهري نه ڪندو خاص طور تي تڏهن جڏهن اهڙي پوئواري ۽ مالڪي جي ضمانت نه رڳو ملڪ جو قانون پر انساني، اخلاقي ۽ سماجي قدرون پڻ ڏينديون هجن. هن پسمنظر ۾ سنڌي قوم پرستي جي سياسي نفسيات پڻ ساڳي آهي جو سندن ٿيندڙ قومي، سياسي، نفسياتي، سماجي، زميني، معدني، انساني، ذاتي ۽ اجتماعي حقن جي لتاڙ جي پوئواري جي جمهوري اجازت کين ملڪ جا تمام آئيني ۽ قانوني مسودا ڏين ٿا ته اخلاقي طور تي به کين بحيثيت انسان جيئڻ جا تمام حق ۽ واسطا انساني حقن جي مسودن ۾ محفوظ آهن. بشيرخان قريشي جي سياسي جدوجهد جو مقصد ۽ محور به اها ئي سنڌ هئي ۽ سنڌ جون اهي ڏتڙيل، ٽڙيل، پکڙيل، ڌرتي کان ڌڪاريل، حقن کان هڪليل ۽ دال ماني ۾ الجهايل هاري ناري ۽ ڪمي ڪاسبي هيا جن جي ڀلائي، بقا ۽ ترقي جا هن همراھ سدائين خواب اڻيا هيا تن لاءِ هو چاهيندو هيو ته ڪنهن به قسم جي رياستي تشدد خلاف عوام جي پرامن جدوجهد، ضمير، فهم، شعور ۽ ادراڪ جي فتح ٿئي.

مان دلئون جيئي قومي تحريڪ جي بيشمار پاليسين جو نقاد رهيو آهيان ان لاءِ جڏهن به بشيرخان قريشي سان ملاقات ٿيندي هئي ته ساڻس سدائين اختلافي نوڪ جهونڪ هلندي رهندي هئي ۽ مان اڪثر مٿانس الزام مڙهيندو هيم ته”قوم پرستن ايتري عرصي ۾نه رڳو سنڌين لاءِ عملي طور تي ڪجھ ڪونه ڪيو آهي پر رهندو تعليمي ادارن جو ٻوڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي”. جنهن لاءِ سندس جواب هوندو هيو تـ”آصف صاحب مون کي پنهنجي ذميدارين جو پورو احساس آهي ۽ انفرادي طور تي اسان کان کوڙ غلطيون به ٿيون آهن پر اسان لاءِ اڃان وقت جا تيور سڌا ڪونه ٿيا آهن ۽ اسان کي کوڙ قومي پيچيده مسئلن جو سڌو حل تلاش ڪرڻو آهي”. هو اڪثر ٻڌائيندو هيو ته”مون سائين جي وفات کان پوءِ ڪڏهن چيلھ به سڌي ڪونه ڪئي آهي”. هڪ ڀيري ڪچهري ڪندي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي هيائين ته”توهان جهڙي دوستن جون ڪجھ شڪايتون جائز سهي پر اسان جي جدوجهد واري رستي ۾ بي پناھ مشڪلاتون آهن جن جو احساس ٻاهران ڏسڻ وارن کي ڪونه ٿيندو آهي”. کيس اها پڻ شڪايت هوندي هئي ته”اڃان تائين نه رڳو سنڌي قوم کي اسان جي جدوجهد جي اهميت جو ادراڪ ڪونه ٿيو آهي پر اسان منجهان ئي ڪجھ ڌڙا الڳ ٿيندي اسان جي ڪاز کي ڪمزور ڪري رهيا آهن”.

بشيرخان قريشي جون اهي ڳالهيون به درست ۽ شڪايتون به جائز هيون جو اها پڻ حقيقت آهي ته اسان جي قومي لڏي ۾ اڳواڻن جون سياسي تربيتون درست سطح تي ڪڏهن به ٿيل ڪونه ڏٺيون ويون آهن جو اهڙيون تربيتون سدائين صاف سٿري ۽ آزاد سياسي ماحول ۾ ٿينديون آهن جيڪو گهٽ ۾ گهٽ اسان جي ملڪ ۾ ۽ خاص طور تي سنڌ جي سياسي هلچل ۾ ڪڏهن به متحرڪ ڪونه ڏٺو ويو آهي جنهن جو شايد اهو ئي سبب هيو ته اسان جا ڪامريڊ لڏا يا قومي سياسي رهنما چاهيندي به اهي مثبت، باعمل ۽ متحرڪ نتيجا ڪڏهن به ڏئي ڪونه سگهيا جن جي اميد يا توقع انهن کان سنڌ جو عام ماڻهو ڪندو رهيو.

توڙي جو سمورا قومي لڏا سدائين عوامي حقن جي ڳالھ ڪندي شاگردن جي مسئلن جي حل ۽ سنڌ جي وحدت جو راڳ ڳائيندي سر ڌڙ جي بازي لڳائڻ جو دعوا به ڪندا رهيا آهن پر عوامي مسئلن جي حل واسطي اجتماعي طور تي ڪڏهن به کين نه ڪٺو ٿيندي ڪونه ڏٺو ويو آهي نه ئي سندن ۾ ٻڌي ڏٺي وئي آهي. مٿان وري قومي تحريڪن تي ئي اهڙي قسم جا الزام به لڳندا رهيا ته اهي”سنڌي عوام، قومي وحدت ۽ شاگردن جي مسئلن کي منجهائي دير پئي ڪرائي جنهن جو ادراڪ اسان جي قومي رهنمائن کي ڪڏهن ڪونه رهيو. مٿان وري هر لڏي جي رفتار ايتري ته سست رهي جو انهن کان بعد آيل، جوڙيل ۽ مڙهيل اهي سياسي قافلا به اڳتي وڌي ملڪ ۽ سنڌ جي سياست ۾ هڪ مقام جوڙي ويا جن جي پيرن هيٺان نه سندن زمين پنهنجي هئي نه کين ڪي تهذيبي ۽ سماجي پاڙون هيون.

سائين جي ايم سيد جي وقت ۾ يا بعد ۾ بشيرخان قريشي جي جدوجهد پٽاندر هڪ دور اهڙو به آيو جو جيڪڏهن سمورا پڙهيل لکيل قومي دماغ پنهنجي پنهنجي ذاتي انائن کا مٿڀرا ٿي هم خيال شاگردن، وڪيلن، صحافين، عالمن، اديبن وغيره کي ساڻ کڻي جيڪڏهن سنڌ جي خودمختياري متعلق سنجيدگي ۽ دردمندي سان متفق ٿي گڏجي ميلو ملهائن ها ته سنڌي لوڪن جي سياسي، سماجي، معاشي ۽ زميني حالتن ۽ قومي ڌارائن جو هن وقت ڪو ٻيو رخ هجي ها.

توڙي جو باظابطه طور تي مان سنڌ جي ڪنهن به سياسي لڏي سان ڪڏهن به وابسته ڪونه رهيو آهيان پر هڪ لکاري، محقق ۽ سنڌ واسي هئڻ ناطي بشيرخان قريشي جي پنهنجي ماڻهن ۽ ماڳن جي حقن لاءِ ڪيل مانائتي جدوجهد جو نه رڳو اکئين ڏٺو شاهد پر مداح به آهيان. مان پڻ قلمي پورهيو ڪندي ساڳي رستي جو مسافر هوندي تمام انسانن بشمول سنڌين، بلوچن ۽ دنيا ڀر جي محڪوم مظلوم قومن جي سماجي، سياسي، اقتصادي ۽ جاگرافيائي حقن جي حاصلات لاءِ هڙئون وڙئون قلمي جنگ جوٽيندو رهيو آهيان. ان سان گڏ انهن مانجهي مردن کي قلمي خراج ڏيڻ به پنهنجو فرض سمجهندو آهيان جي پنهنجي مٽي کي مان ڏيندي جيا ۽ مان ڏيندي سرخرو ٿي سندس هنجھ ۾ ستا. اڄ مان سنڌ جي سهڻي ۽ سيبتي خمير مان ڳوهي جڙيل ان موڀي ۽ ملڪوتي پٽ بشيرخان قريشي جي تربت تي حاضري ڀري هزارين دعائن جي ڀيٽا ڏئي سنڌ جي عام ماڻهن لاءِ ڪيل سندس خدمتن واري اڏول ڪردار کي خراجِ تحسين پيش ڪيان ٿو جنهن جو قول آهي ته”ﺟﻴڪڏﻫﻦ ڌﺗﻲ ۽ ڌرتي واسين ﺳﺎ پيار ڪﺮڻ ﮐﻲ ڏھ ﺳﻤﺠﻬيو وڃي ٿو ﺗﻪ ﭘﻮء ﻫﻮ ڏھ مان ڪندو رهيو آهيان، ڪيان ٿو ۽ ڪندو رهندم”

مان ذاتي طور تي تاريخِ جي ڏنل ان سبق کي پنهنجي رهنمائي لاءِ سدائين سامهين رکندو آهيان ۽ پنهنجي علمي تجربي جي انوسار ان حقيقت سان سهمت آهيان ته”انساني ارتقا جي تاريخ ۾ جدوجهد هڪ بهترين ڪردار ادا ڪيو آهي جنهن جي جٽادار ٿيڻ تائين سفر جي اهميت ڪڏهن ڪڏهن منزل ماڻڻ کان وڌيڪ مانائتي، اهم ۽ پاڪيزه ڀانئي ويندي آهي”. بشيرخان جي طويل سياسي سماجي جدوجهد واري رستي کي ڏسڻ کان پوءِ يقين سان چئي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن سنڌ جي سرزمين تي ڪڏهن شخصي آزادي، سياسي يا انساني حقن پٽاندڙ ڪڏهن به ڪٿي ڪا ڳالھ ٻولھ ٿي، ڪا تاريخ لکي وئي، ڪو اتهاس رچيو ويو يا وري وقت تندخو ويرن سنڌ ۾ ڪڏهن ڪو خودمختياروايومنڊل جوڙيو ته مون کي يقين آهي ان ۾”سنڌ جي هن لاڏلي پٽ جي قرباني، رت ست، حوصلي ۽ هڏين جي مخ جو هڪ وڏو حصوان جو سبب ڀانئيو ويندو”.

 

(آصف رضا موريو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۲ مئي ۲۰۲۱ع تي کنيل)


شھيد بشير خان قريشي

سنڌ جو وڏو

عبدالستار لغاري

تاريخي اصولن وارين منزلن ڏانهن ويندڙ رستن جو ھڪ وڏو رومانس ھجي ٿو، انھن راھن ڏي جيتوڻيڪ مقتل گاھ ھوندا آھن پر عاشقن کي رت مان مينديءَ جي سرهاڻ محسوس ٿيندي آهي. ڏکن، سورن، تڪليفن ۽ اوجاڳن واري ان سفر ۾ ايڏي ته دلڪشي ھوندي آهي، جو مسافر منزل بجاءِ رستي ۾ مرڻ کي ترجيح ڏيندا آهن. محبوب يا منزل ماڻڻ واري کي ڪير ياد ڪري يا نه ڪري پر جيڪي عاشق سفر ۾ مري پوندا آهن،

انھن جو نالو محبوب يا وري منزل سان ڳنڍجي ويندو آهي. جڏهن مظلوم قوم جا محڪوم سمجھيا ويندڙ ماڻهو آزادي ۽ غلاميءَ جي فرق کي سمجھي ويندا آهن، تڏھن انھن وٽ زندگي جو ھر پل ھڪ ماڻڻ لاءِ ھوندو آھي. وطن جي سرحدن جي سلامتي لاءِ زندگي جي ارپنا ماڻھو جي سموري حياتي کي مقصد بڻائي ڇڏيندي آهي.

شھيد بشير خان قريشي به ان راھ جو راهي ھو يا ايئن کڻي چئون ته ان راھ ۾ ساھ ڏنو. سنڌ ۾ سائين جي ايم سيد کانپوءِ مظلوم ماڻهن جو حال ڀائي ۽ ھم آواز بنجي ويو ۽ پنھنجي سموري حياتي سنڌين جي حقن لاءِ وقف ڪري ڇڏي.

بشير خان قريشي ۱۰ آگسٽ ۱۹۵۹ع تي موٽڻ پور محلي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾، غلام مرتضي قريشي جي گهر ۾ جنم ورتو. ۱۹۷۶ع ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ داخلا ورتي. ھن شاگرد سياست ۾ حصو ورتو ۽ ۱۹۸۰ع ۾ جساف ٽنڊوڄام جو صدر ٿيو، ٻن سالن کان پوءِ فيڊريشن جو جو مرڪزي نائب صدر چونڊيو ويو، کيس ۱۹۸۱ع ۾ ھڪ سال لاءِ يونيورسٽي انتظاميا ريسٽيڪيٽ ڪيو. ۱۹۹۰ع ۾ کيس ساڳئي عھدي تي ٻيهر چونڊيو ويو.

۱۹۹۵ع ۾ سائين جي ايم سيد جي چاليهي تي جڏھن جيئي سنڌ قومي محاذ ٺھيو ته عبدالواحد آريسر ڪنوينر ۽ بشير خان قريشي ڊپٽي ڪنوينر مقرر ڪيو ويو. ۱۹۹۶ع ۾ جسقم جو جنرل سيڪريٽري ۽ اڳتي هلي ان جو چيئرمين چونڊيو ويو. ۱۹۷۸ع ۾ پھريون دفعو ٽنڊوڄام پوليس کيس گرفتار ڪيو.

۱۷ آگسٽ ۱۹۸۴ع ٽوڙھي ڦاٽڪ وارو واقعو سندس زندگي جو فيصلا ڪن ثابت ٿيو جنھن ۾ ڪيترا ئي شاگرد شھيد ٿيا. بشير خان قريشي کي ان واقعي کانپوءِ رتيديري مان گرفتار ڪيو ويو ۽ مختلف ٿاڻن تي رکي کيس ٽارچر ڪيو ويو، فوجي عدالت کيس ٻن ڪيسن ۾ ھڪ سال قيد ۽ ڏھن ڦٽڪن جي سزا ڏني. هو سزا ڪاٽڻ بعد آگسٽ ۱۹۸۶ع ۾ آزاد ٿيو. ۱۱ آگسٽ ۱۹۸۸ع ۾ لساني فسادن بعد کيس ٻيهر گرفتار ڪيو ويو ۽ ۱۸ مھينن تائين جيل ۾ رھيو.

شھيد بشير خان قريشي پنھنجي سڄي حياتي سنڌين جي حقن لاءِ جدوجھد ڪندي گذاري، ھن قومي غلاميءَ جي زنجيرن کي قسمت جو لکيو سمجهي قبول نه ڪيو، ھن سن مان پھريون سياسي سبق پڙهيو، اتر سنڌ جو ارڏو ڇوڪرو جنھن جي ھاٺي ڪنھن سڌي لٺ وانگر سنھي ھئي، تنھن پنھنجي پوري حياتي سنڌين جي حقن ماڻڻ لاءِ پنڌ ڪندي گذاري ڇڏي. ھو ڪڏھن به ورچي نه ويٺو. ھو ڪنھن سياسي خاندان جو چشم و چراغ نه ھو، ۽ نه ئي ھن سياسي تعليم وقت جي ڪنهن يونيورسٽي کان ورتي. ھن جو پھريون ۽ آخري استاد سنڌ جو اھو منصور ھو، جيڪو وڏن دماغن جي عزت ضرور ڪندو هو پر ھن جو عشق وڏين دلين سان ھو. بشير خان قريشي سياست جي ھر چرپر تي نظر رکندو ھو، ھن کي معلوم ھو ته ڳاڙهو جھنڊو ڪيڏو ڳرو آهي. ان ۾ ڪو به شڪ ناھي ته بشير خان وڏو پاڙھو نه ھو پر ھن سن جي سائين وٽان سياست جا سڀ سبق پڙھي پڪا ڪري مظلوم ماڻهن جي دلين تي حڪمراني ڪئي. ھن جيڪو به سکيو عمل مان سکيو، ھن لاءِ عمل ئي اڪيلو اکر ھو، جنھن کي ھو آخر تائين پنھنجي سڀ کان وڏي سڄاڻ بڻائي چڪو هو.

ھن قومي تحريڪ کي ھاسٽلن مان ڪڍي سنڌ جي اوطاقن تائين پھچايو. بشير خان قريشي پنھنجي سياسي عمل سان سنڌ جي سياست ۾ عوامي انداز آندو، سنڌ جي سياسي تاريخ جو هي پھريون ماڻھو ھو، جنھن سڀ کان پهرين قبيلائي تڪرارن ۽ جرڳائي نظام خلاف زبردست جدوجھد ڪئي.

ھڪ مشھور واقعو آهي ته بشير خان جي پارٽي جي ڪارڪن جي مائٽن کان اتفاقن ھڪڙو قتل ٿي پيو، ڪارڪن بشير خان وٽ پھتو ۽ کيس ٻڌايائين ته مخالف ڌر طاقتور آهي، خون بخشرائي ڏيو، بشير خان سوين ماڻهن جو قافلو وٺي مخالف ڌر وٽ پھتو، ھو پھريان ئي سمجھي ويا ھئا ته وڏو خون بخش ڪرائڻ آيو آھي، ڳالھيون ٿيون،

مخالف ڌر جي ماڻھن سڱ چٽي لاءِ زور ڀريو، تڏھن بشير خان چيو ته آئون ھنن سان واعدو ڪري آيو آھيان ته خون معاف ڪرائي ڏيندس ڳالھيون ھلنديون رھيون نيٺ بشير خان اٿي بيٺو ۽ چيائين منھنجون چار نياڻيون ويٺيون آھن سڀاڻي جنھن تي وڻيو پوتي وجھي وڃو ڇو ته مان خون معاف ڪرڻ جو واعدو ڪري آيو آھيان، بشير خان جي ايئن چوڻ سان سڀ ڪارڪن جذباتي ٿي ويا، ايتري ۾ ان مري ويل شخص جو پيءُ اٿيو چيائين بشير خان منھنجا ٽي پٽ ويٺا آھن انھن کي به ڪھي ڇڏ اھي به توکي معاف ھي به توکي معاف منھنجون نياڻيون به توھان جون ٿيون.

شھيد بشير خان قريشي خانداني طور تي نه پير ھو نه ئي مير، ھن وٽ ڪا به جاگير نه ھئي، نه ئي ھي ڪارخانن جو مالڪ ھو، ھن جا ڪارڪن ئي ڪل اثاثو ھئا. بشير خان سنڌ جي سياسي افق جو چمڪندڙ ستارو ھو. ھن ۲۳ مارچ ۲۰۱۲ع تي سنڌ جي دل ڪراچي ۾ لکين سنڌين کي گڏ ڪري اقتداري ڪرسين تي ويٺلن جي پيٽ ۾ وٽ وجھي ڇڏيا ھئا، لکين ماڻھن جڏھن پنھنجي محبوب وڏي جي سڏ ۾ سڏ ڏنو ھو ته نه رڳو ملڪي ميڊيا پر عالمي ميڊيا ھن تاريخ ساز احتجاج کي ڪوريج ڏني ھئي، تڏھن بشير خان خلاف ھڪ گھري سازش ڪئي وئي ۽ ۷ اپريل ۲۰۱۲ع تي سنڌ جي حقن لاءِ ڳالھائيندڙ ھڪ ڀرپور آواز کي ھميشه لاءِ بند ڪيو ويو.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۰ آگسٽ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


بشير خان قريشي

ورسيءَ جي مناسبت سان سنڌ ڌرتيءَ جو عاشق شھيد

عامر انصاري

سِنڌ ڌرتي ھزارين اَنيڪ ڌرتي ڌڻين کي جنم ڏنو آهي، جيڪي ھميشه تاريخ بڻجي ويا آھن، جَن جي ادب، نياز ۽ نوڙت جا مثال ھميشه قائم رھن ٿا، ته ڪي وري پنھنجي وطن ۽ قوم لاءِ قربان ٿيڻ لاءِ تيار رھن ٿا. پنھنجو عشق، سَچائي، وفائي ۽ پنھنجي ديس لاءِ سِر ارپي ڇڏين ٿا. اُنھن بھادر عظيم انسانن جو مثال انوکو آهي، اُنھن کي پنھنجي زندگيءَ جي پرواھ ناھي ھوندي، ھر وقت پنھنجي ديس جي پرواھ ھوندي آھي، پنھنجي ديس جي تڙپ ھر وقت سيني ۾ سمايل ھوندي اٿن. سنڌ ڌرتي اھڙا ڪيترا ئي جوڌا پيدا ڪيا آهن، جَن پنھنجا حَسين زندگيءَ جا خواب محبوب ڌرتيءَ لاءِ قربان ڪري ھميشه لاءِ امر ٿي ويا، اُنھيءَ سنڌ ڌرتيءَ جي خمير مان پيدا ٿيل ڳاڙهو ڳڀرو قدآور نوجوان شھيد بشير خان قريشي به ھڪ آھي. شھيد بشير خان قريشي حق سچ جي صداقت ھو، جيڪو ھميشه سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن لاءِ منصور جو آواز بڻجي جھر جھنگ ۾ نڪري پوندو ھو. شھيد بشير خان قريشي سنڌ جي جدوجھد جو نالو ھو، شينھن جھڙو گجگوڙ آواز ھو، هُن جي ڌرتيءَ سان عشق ڪرڻ واري سلسلي عظيم مثال پيدا ڪيا.

سنڌ ڌرتيءَ تي ڌارين جي لوڌ اچي جڏهن قابض بڻي ته بشير خان قريشي اُنھن خلاف عملي جدوجھد ڪئي، ڪالاباغ ڊئم، ڌارين آبادڪاري، غلاميءَ واري ڪاريھر نانگ کي کير پيارڻ جون ڳالهيون ٿين ته ھِن نوجوان جوڌي مڙس پنھنجي وڏي قد جيان ڪڙڪي واري آواز ۾ سنڌ امڙ جو قسم کڻي سنڌ دشمن جي منصوبن خلاف جدوجهد ڪئي. پنهنجي ڌرتيءَ جي دڳن ۽ ننگن لاءِ هي جوان جبل ٿي دشمن اڳيان آيو. سنڌ ڌرتيءَ جي خمير مان جنم وٺندڙ شهيد بشير خان قريشي جهڙا جوڌا پيدا ڪري پنهنجي لاءِ هڪ حفاظتي ديوارِ چين ٺاهي هئي، جڏھن به سنڌ ڌرتيءَ جي سينڌ اجاڙڻ لاءِ ڪو غاصب ۽ رھزن ھِن ڌرتيءَ تي وار ڪرڻ جو سوچيندو ھو ته اُن خلاف پهريان عملي جدوجهد ڪرڻ وارو ڪو ٻيو نه، پر شهيد بشير خان قريشي ئي هوندو هو.

شهيد بشير خان قريشي ڪو اديب، شاعر، دانشور، محقق يا تاريخدان نه هو. هِن جوڌي جوان کي تعليم جي ڪا وڏي ڊگري نه هئي، پر هُو سن واري سيد رهبرِ سنڌ سائين جي ايم سيد جي يونيورسٽي جو سُلڇڻو ۽ نماڻو شاگرد هو. ھُن کي سيد يونيورسٽي مان اُھو درس مليل ھو، جنھن سان سنڌي قوم غلاميءَ واري زندگيءَ مان نجات حاصل ڪري ۽ پنھنجي ڌرتيءَ تي پنھنجي سنڌي ماروئڙن جو اختيار ھجي، پنھنجي جان سنڌ ڌرتيءَ لاءِ وقف ڪري ۽ پنهنجي حَسين جواني ڌرتيءَ لاءِ ارپي ڇڏي ۽ آخر اُھو ٿيو به اُهو ئي! نه رڳو ايترو شهيد بشير خان قريشي سائين جي ايم سيد جي نقشِ قدم تي هلندي، پيار ۽ محبت واري واٽ جي آڱر پڪڙي سنڌ جي سينڌ سنوارڻ لاءِ نڪتل نوجوان قومپرستيءَ ۾ عدم تشدد جي واٽ وٺي ڌرتيءَ جي سڀني ماڻهن کي هڪ هنڌ گڏ کڻي هلڻ لاءِ به حامي ڀري هئي. ھُن جي سچائي جي ڪري سن جي سيد جي ڇپر ڇانوَ رھندي ھئي، هُن جو ڌرتيءَ لاءِ پيار ۽ سچائي ڏسي سن جي سيد جي سندس مٿان پيار جي ھميشه نظر رهندي هئي. هُو نياز ۽ نوڙت جي ڪري حيدر شاھ سنائي جي خاندان جي تمام ويجهو پڻ رهيو، جڏهن جيئي سنڌ هلچل تحريڪ جو بنياد پيو ته ڪيترا ئي ماڻهو هئا، جن هلچل تحريڪ ۾ ساھ وڌو، پر سائين جي ايم سيد کانپوءِ جسقم کي سيد جي عدم تشدد واري واٽ تي هلائڻ وارو شهيد بشير خان قريشي ئي هو، جنهن سيد جي يونيورسٽيءَ مان ورتل درس ذريعي جسقم کي سنڌ جي ماڻهن جي حقن خاطر جدوجهد ڪرڻ واري هڪ وڏي تنظيم بڻايو، تنظيم جي هر ڪارڪن جي دِل ۾ شهيد جي ڌڙڪن شامل هئي ۽ اڃا آهي. شهيد بشير خان قريشي جون يادون هر قومي ڪارڪن جي دِل ۾ اڄ به آهن، جنھن لاءِ سنڌ ڌرتيءَ جي مزاحمتي شاعر استاد بخاري چيو:

جو قوم جيئاري، سو جيئندو رهندو،

جو عام اُجاري اُهو جيئندو رهندو،

مون کي تاريخ ۽ تقدير ڏني پَڪ آ،

جو سنڌ سنواري اُهو جيئندو رهندو!

اهڙي طرح شھيد بشير خان قريشي سائين جي ايم سيد جي ڏسيل واٽ تي ھلي ھميشه سنڌ ۽ سنڌي قوم جي ڀلائي ۽ اُن جي حاصلات جي حقن لاءِ آواز بلند ڪندو رھيو. بشير خان قريشي روايتي سياستدان نه هو، ھُن جو تعلق صفا هيٺين وچولي طبقي جي هڪ ڪٽنب سان هو، سندس والد غلام مرتضيٰ قريشي پنهنجي ڳوٺ ۾ اٽي جي چڪي هلائيندو هو ۽ اناج جو واپار ڪندو هو. هُن کي سنڌ جي مظلوم قوم جي درد جو هر وقت اونو رهندو هو، توڙي جو پاڻ روپوش به رهيو پر سيد جي حاضري ڀرڻ ۽ ڪارڪنن سان ملڻ کي جدوجهد جو حصو سمجهيائين. شهيد بشير خان قريشي ڪارڪنن سان ڏاڍو پيار ڪندو هو، ڇو جو هُن کي خبر هئي ته جدوجهد جي هِن رستي تي اُهي دليون اينديون آهن، جيڪي ٽُٽل هونديون آهن. شهيد بشير خان قريشي ڪارڪنن جي ٽُٽل دلين جا درد جهٽ پٽ پاڻ ڏانهن ڪري ڇڏيندو هو. مون کي ياد آهي ته تاريخي مارچ جي حوالي سان دعوتن جو سلسلو هلندڙ هو، جنهن ۾ ۳ فيبروري تي ڦلجي اسٽيشن ۾ شهيد بشير خان جو دورو رکيل هو. ۳ فيبروري واري ڏينهن ۲۰۱۲ع ۾ ۲۳ مارچ جي حوالي سان شهيد بشير خان قريشي ڦلجي اسٽيشن آيو هو، جنهن ۾ جسقم، جساف جا مرڪزي اڳواڻ به ساڻس گڏ هئا، اُتي ٻين اڳواڻن کانپوءِ آخر ۾ شهيد بشير خان هڪ تاريخي تقرير ڪئي هئي، جنهن ۾ هُن سڀني ڦلجي واسين کي ۲۳ مارچ تي ڪراچي ۾ گڏ ٿيڻ جو سڏ ڏنو هو. سنڌ ۾ وڌندڙ انتهاپسندي جي باھ ڀڙڪائيندڙ سازشي عنصرن ۽ سنڌ اندر قبيلائي جهيڙن کي روڪڻ لاءِ سفر جو مسافر بڻجي ھميشه سڀ کان اڳڀرو ھوندو ھو، جنهن وقت وڏي جي سڏ کي سڀني هٿ مٿي ڪري لبيڪ ڪيو. آخر ۾ جڏهن شهيد بشير خان قريشي ڪارڪنن سان ملي رهيو هو ته هر ڪارڪن کي چُمي ڏئي چيائين ته هيءَ سنڌ جي چُمي آهي، جيڪا سڀني کي هڪ هنڌ گڏ ڪندي! اُهي لفظ اڄ به منهنجي دل ۽ دماغ ۾ گونجي رهيا آهن، جيڪي شهيد بشير خان قريشي جي ياد کي تازو ڪندا رهن ٿا. وڏي جو ڪڏهن به نه وسرندڙ پيار، قوم جو عشق ۽ قوم لاءِ پاڻ کي ارپڻ ننڍي ڳالھ ناهي، پر اڄ اُن سنڌ جي قومي چُمي کي ۱۰ سال گذري ويا آهن، اڄ ۷ اپريل آهي. شهيد بشير خان جون يادون ڪڏهن ڪڏهن رُوح کي ول جيان وڪوڙي ڇڏينديون آھن، هُن جو عشق هُن جي جدوجهد آهي، باقي شهيد اَسان کان جسماني طور تي ۰۷ اپريل ۲۰۱۲ع تي رات واري اونداهي جي ڪاري چادر ۾ هڪ سازش تحت ھميشه کان جدا ڪيو ويو، سندس دل اُن رات ڌڙڪڻ ڇڏي ڏنو.

اَسان جو محبوب، سَڄي سنڌ جو محبوب ھميشه ھميشه لاءِ کسجي ويو. اَسان کي بي سھارو ڪري ھليو وئين، موت اَسان کان شهيد بشير خان قريشي جدا ڪري ڇڏيو. اُها ڌڙڪندڙ دِل جيڪا اَسان جي سيني ۾ ڌڙڪندي هئي، اڄ اُھا ڌڙڪن ھميشه هميشه لاءِ بند ٿي وئي، مٽيءَ سان ٿي مٽي رُلجي وئي، ٽُٽل دليون ڏکيون ڳنڍجن. سنڌ جو عاشق اهڙي پار هليو ويو، جتان ڪڏهن ڪو واپس ناهي وريو، اُھي اکيون ۽ راھون اڄ اُنھن ويران رستن ڏانھن نھارين ٿيون، جتان اَسان ڌڙڪن جو آواز ٻُڌي وڏو اَسان ڏانهن ھليو ايندو. اڄ تون اُن ماڳ ڏانهن ھليو وئين، جتان ڪڏهن ڪوئي به ناھي موٽندو، پر تنھنجي جدوجهد ۽ تنھنجي شھادت سنڌي قوم لاءِ ھڪ انوکو مثال بڻجي وئي ۽ آجپي جا متوالا اڄ به تنھنجي شھادت کي ياد ڪندي وطن تان قربان ٿيڻ جا وچن ورجائيندا رهن ٿا ۽ تنھنجي شھادت کي وڏا سُنھري اکرن سان ياد ڪندا رھن ٿا، جنھن لاءِ سنڌ ڌرتيءَ جي سرتاج شاھ عبداللطيف فرمايو ته:

ڪالَھ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، پَهَرَ سِجَ کان پوءِ،

پَسو سُونهَن ساميءَ جي، رَتَ وَرنو روءِ،

جو مُنهن مُومَلَ جي پوءِ، موٽَڻُ تَنهِن مَسَ ٿِئي!

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۷ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


بشير خان قريشي

لطيفي فڪر ۽ سنڌ جو”وڏو”

ديدار شام

ھن کي سنڌ ”وڏو چوندي هئي ۽ هو واقعي ئي سنڌ جو وڏو هو. اڄ هُن سنڌ جي وڏي شهيد بشير خان قريشي جي شهادت جو ڏهاڙو آهي! وقت ۽ حالتون ڪهڙيون به هجن سنڌ جا عاشق سندس سلامي لاءِ رتوديرو ضرور پهچندا، ڇاڪاڻ جو هن ۾ صلاحيت، ساڃاھ، ناز نوڙت، بهادري سان گڏ هڪ اڳواڻ لاءِ لطيف سائين جي بيان ڪيل وصف، معنيٰ مطابق ”هڻڻ، هڪلڻ، ٻيلي سارڻ؛ مانجھيان اي مرڪ” جي خاصيت سان واضح ۽ چٽي هئي، هي سمورين خاصيتن سان ڀرپور سنڌ جو متفقه ليڊر ھو.

هن وٽ جدوجهد جو ڏانءُ هو، حالتون ڪهڙيون به هجن! سنڌ جي وحدت، بقا، سلامتي لاءِ جدوجهد جو دڳ، رستو ڪڍي ويندو هو، پوءِ ڀلي مشرف جي ايمرجنسي ڇو نه هجي! جنهن ۾ هن جي سڏ تي سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، وسيلن تي قبضي خلاف سڄي سنڌ ۾ هڙتال ڪرائڻ جو مثال سياسي جدوجهد جي تاريخ ۾ موجود آهي، مطلب ته لطيف سائين هن سٽن تي به پورو هو. .

“وجھن تان نه فرق، رڪ وھنديءَ راند ۾.”

اڄ جي حالتن ۾ به سنڌي قوم هن کي پڪاريو ٿي، پر هن کي جيڪو تاريخ ۾ ڪردار ادا ڪرڻو هو اهو وڏي ذميواري سان ادا ڪري ويو آهي، هاڻي توهان ۽ اسان جي ڪردار جو وارو آهي.

هن ۲۳ مارچ ۲۰۱۲ع تي سنڌ جي تاريخي تخت گاھ ڪراچي ۾ تبت سينٽر تي لکين ماڻهن کي گڏ ڪري واضح طور تي سنڌ جي تاريخ کي نئون موڙ ڏئي ويو هو! جنهن تاريخي گُهر جو پڙاڏو گونجندو رهندو، انهي پاداش ۾ ئي سنڌ جي هن ارڏي پٽ شهيد بشير خان قريشي کي زهر ڏئي شهادت جو جام پياريو ويو!

جيتوڻيڪ شهيد بشير خان قريشي جي شهادت جي تاريخ ۷ اپريل آهي، جنهن ڏينهن تي هن جي جسم مان روح پرواز ٿي عالم ارواح ڏانهن واپسي ڪئي! جنهن کي سندس روح جي واپسي جو ڏينهن چئي سگهجي ٿو! پر سندس شهادت جو سبب ۲۳ مارچ جي تاريخ آهي، ۲۳ مارچ جي تاريخ سنڌ جي هن عاشق، سيڻ جو سُوري مٿي چڙهڻ جو ڏينهن آهي!

جنهن ڏينهن لاءِ لطيف سائين فرمايو آهي ته. .

سوري مٿي سيڻ ڪهڙي ليکي سنرا،

جيله لڳا نيڻ، تي سوريائي سيڄ ٿي.

واقعي ئي هن جا سنڌ جي تاريخي حيثيت ۽ منظر سان يا پنهنجي رهبر، سن جي سائين سان نيڻ لڳي ويا هئا، جو هي سوري مٿي (تبت سينٽر) تي سرخرو هو، خوش ۽ پُر اُميد نظر پئي آيو.

هن لطيف سائين جي ان سٽن جو فلسفو چڱي ريت پروڙي ۽ پرکي ورتو هو، جيڪو هن اهو پريڪٽيڪل طور هڪ منظر طور سنڌي قوم ۽ دنيا اڳيان رونما ڪري ڏيکاريو، نظاري نروار ٿي ڏيکاريو.

بلڪل لطيف سائين اهڙن عاشقن لاءِ ئي چيو آهي. .

سُوري آھِه سينگارُ، اڳهِين عاشقن جو،

مُڙڻ موٽڻ مهڻو، ٿيا نظاري نِروار،

ڪُسڻَ جو قرارُ، اصلُ عاشقن کي.

هن اهو به ثابت ڪري ڏيکاريو ته. .

عاشق زهر پياڪ وھ ڏسي وهسن گھڻو،

ڪڙي ۽ قاتل جا هميشه هيراڪ،

لڳين لَنوءَ لطيف چئي، فنا ڪيا فِراقَ،

توڻي چِڪَنِن چاڪ، ته به آھ نه سَلِنَ عام کي.

هن ڪوڙن عاشق کي به پڌرو ڪري ڇڏيو، جن لاءِ لطيف سائين فرمايو آهي ته. .

سڌڙيا شراب جون ڪه پچارُون ڪن؟

جي ڪات ڪَلالن ڪڍيا، ته موٽيو پوءِ وڃن،

پِڪو سي پين، سر جن جا سَٽ ۾.

هن کي ۲۳ مارچ کان پهرين ”ڪلالن” ڪات به ڏيکاريا پر هي سڌڙيو نه هو، جو ڪلالن جي ڪاتن کي ڏسي موٽي پئي، تنهن ڪري هن سر پنهنجو سَٽ ۾ ڏئي پاڻ کي سدائين لاءِ امر ڪري ڇڏيو آهي،

ڇاڪاڻ جو هن کي خبر هُئي ته عشق جي پنڌ ۾ سر جو اُلڪو ۽ سانگو ناهي ڪبو،

جيئن لطيف سائين فرمائي ٿو ته. .

اصل عاشقن جو، سِرُ نه سانڍڻ ڪمُ،

سَو سِسنئان اڳرو، سَدو دوسنان دَمُ،

هِيُ هڏو ۽ چم، پڪ پريان جي نه پڙي.

ته هي سنڌ جو اُصل عاشق هو، هن وٽ پرين جي سُرڪي کان وڌيڪ نه سر هو، نه جسم نه هڏ هو، هن وٽ سچن ساٿين، ڪارڪنن، دوستن جي هڪ دم جي صحبت ۽ محفل سَو سرن کان مٿي هئي!

هن کي جنهن سُرڪي پيئڻ جي پياس هئي اها سُرڪي ساھ ڏيڻ جي عيوض به سستي هئي!

جيئن لطيف سائين فرمائي ٿو. .

جي اٿئي سَڌَ سُرڪ جي، ته وَنءُ ڪلالن ڪاٽي،

لاهي رکُ لطيف چئي، مٿو وَٽ ماٽي،

تِڪ ڏيئي پِڪ پيُ، تون منجھان گھوٽ! گهاٽي،

جو وَرَنَه وِهاٽي، سو سِرَ وَٽِ سَرو سهانگو.

سنڌ جو هي ارڏو پٽ ساھ ڏئي قوم جو ويساھ ته بحال ڪري پاڻ ڌرتي سان نينهن نڀائي ويو، هي ته وڇوڙي جي پاسي هليو ويو تڪڙو! پر هاڻي سنڌي قوم جون به ڪي ذميواريون آهن! هن جي نقشي قدم تي هلڻ لاءِ پاڻ کي ڌرتي جو عاشق بڻائي ڌرتي جي جدوجهد لاءِ پاڻ ارپڻو پوندو،

اڄ سنڌ جي وحدت خلاف جيڪي ويل، گهڙي نظر اچي پئي اها انتهائي ڀيانڪ آهي! لطيف سائين جي چواڻي ته. . .

ميڙيا مٿي مڇ هزار،

ڀاڱا ٿيندي سھڻي.

اقتدار جي حوس جا بُکيا، لالچي سڀئي مانگرمڇ (سياستدان) اچي ميڙيا آهن! سنڌ کي ڀاڱا ڪندا سنڌ کي ٽڪر ڪندا.!

اهڙين سنگين صورتحال ۽ ڀيانڪ گهڙي ۾ سنڌ جي عاشقن کي به ميڙي مُٺ ٿيڻ گهرجي. سنڌ لاءِ ويڄ، طبيب ٿيڻ گهرجي. باقي اڄوڪن ويڄن، طبيبن جي ڳالھ نٿي وڻي!

اَٿِياري اُٿي ويا، منجهان مون آزارَ،

حبيب ئي هَڻي ويا، پيڙا جي پچارَ،

طبيبن تَنوار، هَڏِ نه وڻي هاڻِ مون.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار/ عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۷ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


شھيد بشير خان قريشي

سنڌ جو سقراط

اسلم ھزار خان چانڊيو

اڄ آئون سنڌ ڌرتي جي اُن شخص جو ذڪر ڪري رھيو آھيان جنھن کي سنڌ جي ماڻهن جي محبتن سنڌ جو وڏو بڻائي ڇڏيو اپريل جي جڏھن آمد ٿيندي آھي، سڀ حادثا، اکين آڏو ڦرندا رهندا آھن، ڪي مھينا ڪي ڏينھن اھڙا ھوندا آھن، جيڪي پاڻ سان گڏ اڻوڻدڙ احساس کڻي ايندا آھن، ته ڪي وري پنهنجن پيارن جي وڇوڙن جون يادون به کڻي ايندا آهن جنهن کي دورائڻ سان دليون اداس ٿي وينديون آھن، شھر کائڻ لڳندا آھن، اُھو ۷ اپريل نحوست وارو ڏينهن آهي جنهن ڪيترن سنڌي ماڻهن جون ڌڙڪندڙ دليون ھميشه لاءِ بند ڪري ڇڏيون ڌرتيءَ سان بي پناھ پيار انسان شھيد بشير خان قريشي ڪنھن انمول ھيري جيان سنڌ جي ماڻهن جي ھٿن مان ھميشه لاءِ وڇڙي ويو.

موت ھڪ فطري عمل آھي، جيڪو ھر ماڻھو ڏي ايندو، پر بشير خان قريشي سنڌ جو اھڙو سنڌ جو عاشق ھو، جيڪو سڏ ڏيندو ته ڳاڙھن جھنڊن سان ماڻھو روڊن تي نڪري ايندو، ھُن ھو پنھجي ڪارڪنن سان دل جي اٿاھ ۽ گھرائي سان محبت ڪندو، ڪو غريب جڏھن کيس ڳلن ۽ ھٿن تي کيس چمي ڏيندو ته ھي بدلي ۾ ساڻن ھٿن تي چميون ڏيندو ھو. تڏھن ته ھُن جا چاھيندڙ چوندا آھن؛ ”موٽي آءُ موٽي آءُ، ٻانهون آءُ ٻڌان، اکيڙين جي ڳوڙھن سان، ڌوڙيل پير ڌوئان.” ھو فڪري حوالي سان عدم تشدد جو پيروڪار ھو جنھن کي سائين جي ايم سيد سنڌ ۾ منظر عام تي آندو.

پاڻ ۱۹۷۶ع ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي. پنھنجي خوابن کي ساڀيان ڪرڻ لاءِ زرعي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ لاءِ آيو هو ته سندس خواب خيال ۾ به نه هو ته هُو اڳتي هلي سنڌ جو هڪ اھڙو انمول ڪردار بڻجي سنڌي قوم واڳ ڌڻي سڃاتو ويندو بشير خان قريشي جنھن سياست جي شرعات ڪاليج جي ئي ڏھاڙن ۾ ڪئي، ھُن جيون ۾ سنڌ سان محبت ڪئي ۽ سنڌ واسين جي دلين تي راڄ ڪيو پنھنجي ڌرتي لاءِ جدوجھد ڪندين ھو ڪڏھن به ٿڪو نه ھو، ھُن جا حذبا حوصلا آسمان کان ميٿرا ھا، ھُن کي اھو يقين ھو ته ڪاري رات کانپوءِ صبح ٿيندو آھي ان ئي صبح ٿيڻ لاءِ ھُن اڻٿڪ جدوجھد ڪري ڏيکاريون، ڌرتيءَ سان عشق ڪرڻ کيس ڪيتريون ئي شخصيتون برداشت ڪيون پر ڪڏھن به جھڪيو نه!

ھُن وٽ وڏائي جو تصور به نه ھو، ڪارڪن سان ملڻ جو انداز تعريف لائق آھي، ڀاڪر جي بدلي باڪر ھٿن ٿي چمي جي بدلي چمي آھي ڪو جيڪو ايئن ڪري ڏيکاري؟ اھڙي محبت ھو پنھنجي ڪارڪنن سان. ڪندو جيئن ھُن جا چاھيندڙ ھُن سان محبت ڪندا ائين ئي بشير خان نه پنھنجن کي جيءَ ۾ جايون ڏيندو. . .!ننڍو مسئلو ھُجي يا وڏو جيڪڏھن فون ايندي ھيس ته ان ويلي ئي اتي پھچي ويندو، ننڊون. ڦٽائي. ڌرتي سان وفا ڪندو رھيو، ھو ھڪ وفادار ھو جنھن. پنھنجو ذميواريون وفاداري سان نڀايون

سنڌ ۽ سيد جي عشق ۾ ھن ڪترائي پنڌ ڪيا، ھن جي اکين جي ماڻڪين ۾ فقط آزادي جا خواب ھيا جيڪي خواب سانڍي ھو پيرين پنڌ روڊن تي نڪري پوندو ھو، جيل ڏٺا اڻ ڳڻيون. سختيون ملڻ بعد نه پنھنجي منزل ڏانھن ھلندو رھيو،

آءُ رابيل مرجھائجن ٿا پيا،

ڪا سڳنڌ آھ جنھن جي نه توبن سري،

ھو پري آ پري آ پري آ پري.

اڄ جتي سنڌ قبيلائي جھيڙن جي باھ ۾ سڙي ٿي ته اتي بشير خان ياد اچي وڃي ٿو، جيڪو ميڙ منٿ قافلا وٺي قبيلائي جھڙن جي خاتمي لاءِ جدوجھد ڪئي جنھن کي سنڌ ڪڏھن وساري نه سگھندي،

ھاڻ جي ويندين ھليو، ڪير ڀائيندو وطن.

وطن اداس آھي، اڄ جيڪا سنڌ جي صورتحال آھي آھي ته بشير خان قريشي جي ياد شدت سان ستائڻ لڳي ٿي، ھي سنڌ واسين سان محبت ايئن ڪندو ڪيئن ڇنڊ چڪور سان ھو جيڪو سنڌ جو سقراط ھو جنھن کي به سقراط جيئن زھر جو پيالو. پياريو ويو اڄ رتيديري جي سرزمين تي گھري ننڊ ۾ آرامي آھي، جنھن کي ڌرتي پنھنجي ھنج ۾ اولاد وانگر سمھاريو آھي، سندس جي وڇوڙي کي ۱۰ سال وھامي ويا آھن پر اڄ به سنڌ واسين جي دلين ۾ زنده آھي،

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۷ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


بشير خان قريشي

سورھ سو چوائي جيڪو رڳو ئي رڻ گهري

عمران مهر

اڄ شهيد بشير خان قريشي جي ورسي آهي، وڏي جي ورسي جي حوالي سان گهڻيون ئي ڳالهيون ۽ سوچون دماغ ۾ هلي رهيون آهن، هڪ اها سوچ به هلي رهي آهي ته هر ساھ واري کي هڪ نه هڪ ڏينهن مالڪ حقيقي سان وڃي ملڻو آهي، ڪير ڪيترو به پيارو ڇو نه هجي هڪ ڏينهن جدا ٿيڻو آهي، پوءِ اهو جدا ٿيڻ فطري هجي يا غير فطري هجي. فطري طرح جدا ٿيڻ کي انسان يا قومون قبول ڪري وٺن ٿيون ۽ غير فطري طريقي سان جدا ٿيڻ کي انسان يا قومون قبول نٿيون ڪن، ايتري قدر جو غير فطري طريقي کي قانون به قبول نٿو ڪري ۽ اهو ئي سبب آهي جو شهيد وڏي جي وڇوڙي کي سنڌ جو ماڻهو ناحق سمجهي ٿو ۽ انصاف جي گهر ڪري ٿو، جيڪو هن معاشري ۾ ملڻ تمام گهڻو مشڪل آهي. ڪنهن کي خبر هئي ته زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي ٻن شاگردن کي ٽنڊو ڄام اسٽيشن تي لساني ٽولي جي هٿان شهيد ڪيو ويندو، انهن ٻن شاگردن مان هڪ جو نالو شهيد بشير احمد تنيو هو، پر انهيءَ ساڳي يونيورسٽي مان هڪ ٻيو ساڳي نالي سان بشير خان قريشي نڪرندو جيڪو سڄي سنڌ کي پنهنجو ڪري وٺندو ۽ سنڌ جي دلير ۽ محب وطن نوجوانن جي دلين ۾ هڪ صحر انگيز شخصيت ٿي اڀرندو.

شهيد وڏي سان منهنجي پهرين ملاقات صحيح نموني جيڪا ياد اچي ٿي ته ۱۹۸۵ع جي شروعات ۾ ٿي هئي، ان ملاقات جو اثر ۽ سحر ايترو ته طاري ٿي ويو جو اڄ ڏينهن تائين ان هيٺ آهيون، مون جيڪو هن دنيا مان سکيو آهي يا ڏٺو آهي ته ترقي، ڪاميابي، فتح، ميل ملاقاتن ۾ ڪٿي ڪٿي ڀاڳ جي به ٿوري گهڻي اهميت ضرور آهي، اسان جو به اهو ڀاڳ هو جو اسان ٽنڊو ڄام جا رهاڪو هياسين تنهن ڪري وڏي سان اسان جون ملاقاتون جام هيون ۽ اهڙيون به ملاقاتون هيون جو سڄو ڏينهن ۽ سڄي رات ڪچهري ۾ گذري وڃي پر ڪچهري کان دل نه ڀرجي، جيئن ئي موڪلايون ته وري ٻي ملاقات جو اهڙو احساس ۽ انتظار ڄڻ صدين کان ملاقات نه ٿي آهي، اهو اسان جو ڀاڳ ئي چئجي. وڏي سان ڪچهري ڪرڻ دوران ان جا وڏا ٽهڪ ۽ دل کي آر پار ڪرڻ واريون اکيون سنڌ سان عشق ڪرڻ وارن نوجوانن کي وڌيڪ دلير ۽ بهادر ڪري ڇڏينديون هيون. مونکي اها چوڻي گهڻو ڪري پسند آهي ته جيڪو چلھ تي اهو دل تي پر شهيد وڏو بلڪل ائين نه هيو، هن جي دل ۾ سموري سنڌ جا ڪارڪن سنڌ سان عشق ڪندڙ نوجوان هڪجهڙا هئا، سڀئي هن جي دل ۾ سمايل هئا،

هر ملاقات ڪندڙ ائين محسوس ڪندو هيو ڄڻ وڏي جو چاھ ئي مونسان آهي، هو جڏهن پنهنجي وڏين ۽ ڊگهين ٻاهن سان ڪارڪنن کي وٺي ڀاڪر جي صورت ۾ پنهنجي ويڪري ڇاتيءَ جي ويجهو آڻي مٿي يا نرڙ تي چمي ڏيندو هو ته نوجوان ائين محسوس ڪندا هئا ڄڻ ته ڪنهن پاڻي جي سڪايل وڻ کي سائو ٿيڻ جي لاءِ مينهن جي ڄڻ ڪا پهرين بوند ملي هجي. مونکي گهڻا دفعا ياد آهي ته جڏهن قومي تحريڪ جا ڪارڪن جيلن ۾ چالان ٿيندا هئا ته اتي جيل ۾ وڏي جي هجڻ ڪري نوجوانن کي جيل جو خفو کين گهٽ لڳندو هو، پر ان ڳالھ تي هو وڌيڪ خوش ٿيندا هئا ته اتي وڏو هوندو ۽ اصل واھ واھ ٿي ويندي ۽ وڏي جا ديدار ٿي پوندا. آئون سوچيندو آهيان ته اهو الائي ڪهڙي عشق جو ديدار هو جو نوجوان سڪندا هئا ۽ جڏهن آزاد ٿيندا هئا ته ٻاهر ويٺل ڪارڪن ملڻ سان پنهنجي آزاد ٿيندڙ ساٿين کي چوندا هئا ته وڏي جو حال احوال ڏيو، وڏي سان ڪهڙيون ڪچهريون ٿيون. مون پنهنجي زندگي ۾ تمام گهڻا اڳواڻ ڏٺا ۽ ٻڌا آهن، ڪن کي سامهون ٻڌڻ جو موقعو مليو آهي، ڪن کي تاريخ جي ڪتابن ۾ پڙهيو آهي پر منهنجي نظر ۾ هي پهريون سائين جي ايم سيد جو سپاهي هو جيڪو محفلن ۾ ڪچهرين ۾ گهڻي ڀاڱي ذاتي ڪچهري ڪندو هو، مطلب ڪچهري ته وڏي سان ٿيندي هئي پر عشق سنڌ سان ٿيندو هيو، ان جو مطلب اهو هو ته ڏسڻ ۾ ته وڏو هو پر ان جي اندر ۾ سنڌ سمايل هئي.

جيئن ڀٽ واري شاھ فرمايو آهي ته پنهون پنهون ڪري پنهون ٿيس پاڻ، ائين شهيد وڏو سنڌ سنڌ ڪندو پاڻ سنڌ ٿي ويو، تڏهن ته هڪ هنڌ پاڻ انٽرويو ۾ چيو اٿائين ته اسان سنڌ جا عاشق آهيون، اسان ڪنهن جا ايجنٽ ناهيون، اسان سنڌ جا ايجنٽ آهيون، اسان جو موت کٽ تي نه پر سنڌ جي ڪنهن رستي تي ٿيندو، ڇاڪاڻ ته اسان ڪڏهن سنڌ جي عشق ۾ ستا نه آهيون، اسان سنڌ جي عشق ۾ سڄي زندگي سنڌ جي رستن ۽ پيچرن تي پيرين پنڌ ڏينهن هجي يا رات، جهولا هجن يا ٿڌ هجي سنڌ جي ماروئڙن لاءِ هر تڪليف برداشت ڪئي آهي، پر اها اسان کي تڪليف نه لڳندي، پر هڪ سرور لڳندو آهي ۽ هميشه اها سوچ دماغ ۾ ايندي آهي ته

هڪ سر سڄڻ کي آڇيندي لڄ مران

هجن سر گهڻا ته واري واري وڍايان

۽ بلڪل ان قول ۽ فعل تي پابند رهندي شهيد بشير خان قريشي مسلسل حملن ۽ ڌمڪين جي زد ۾ رهيو، پر اهي حملا ۽ ڌمڪيون وڏي کي ڪمزور نه ڪري سگهيون، بلڪه ڏکيو مرحلو هن لاءِ وڌيڪ تجربيگاھ ثابت ٿيو، هو وڌيڪ سکيو، وڌيڪ مضبوط ٿيو ۽ نيٺ وڃي سقراط وانگر زهر جي پيالي حوالي ٿي ويو ۽ اسان کان وڏو جسماني طرح وڇڙي ويو.

شهيد وڏي جو وڇوڙو فطري نه هيو، پر غير فطري هو، جيڪو هڪ ڊگهي سازش تحت تڪميل تائين پهچايو ويو، پر بشير خان جي شهادت کانپوءِ جيڪو ان وقت جي حڪمرانن ۽ آفيسر شاهي جو رويو هو اهو ڪنهن کان ڳجهو نه هيو ۽ نه ئي ڳجهو آهي، ان وقت جي حڪمرانن مان توقع به اها هئي ڇو ته هي اها ئي حڪومت هئي جنهن حڪومت ۾ سائين جي ايم سيد کي ٻاهر علاج جي اجازت نه ڏني ويئي هئي نه ئي صحت جي صحيح سهولت ڏني ويئي ۽ سائين جي ايم سيد جو اسان کان وڇوڙو ٿي ويو، سائين جي ايم سيد جي وڇوڙي کانپوءِ ان وقت جي حڪومت جي هڪ وفاقي وزير چيو ته اسان مسٽر جي ايم سيد کي طبي موت مارڻ پئي چاهيو، جنهن جو اسان سالن کان انتظار ڪري رهيا هئاسين، وڏي جي شهادت به انهن ساڳين حڪمرانن جي دور ۾ ٿي، ان مان چڱي ريت ظاهر آهي ته هي حڪومتي ٽولو صرف پنهنجن مفادن سان سچو آهي، انهن جي عوامي ۽ قومي مفادن سان ڪنهن به قسم جي دلچسپي نه آهي ۽ ڪا به توجھ نه آهي. اهو ئي مک سبب آهي جو شهيد وڏي جا مائٽ، دوست، پارٽي جا ساٿي حڪومت کي ۽ آفيسر شاهي کي التجائون ڪندا رهيا ته اسان سان انصاف ڪيو.

اسان جي شهيد وڏي جي پوسٽ مارٽم رپورٽ قائدن ۽ اصولن مطابق نه ٿي سگهي آهي، پر ان وقت جي جمهوريت جي دعويدارن هڪ به نه ٻڌي. آئون سوچيندو آهيان ته جمهوريت جا دعويدار ۽ انهن جا حمايتي الائي ته ڪهڙي جمهوريت جي ڳالھ ڪري رهيا آهن جو بي پهچ ماڻهو ڪجھ نٿو ڪري سگهي. آئون سمجهان ٿو ته انهن وٽ جمهوريت جي معنيٰ اها آهي ته اسان کي حڪومت هجي اسان جا عهديدار مال لٽي سگهن ته اها جمهوريت آهي ۽ ها بلڪل اهڙي جمهوريت هجڻ جي ڪري اڄ ڏينهن تائين صحيح پوسٽ مارٽم نه ٿي سگهيو آهي، ڀلي ڪيتريون به اڀاريون لهواريون ڪن، سچ سچ ٿيندو آهي، جيڪو هڪ نه هڪ ڏينهن ظاهر ٿيڻو آهي.

اهڙي صورتحال ۾ اسان جو پورو يقين آهي ته انهن سڀني مسئلن جي هوندي جسقم جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي ڪجھ ذميواريون لاڳو ٿين ٿيون، اهڙيون ذميواريون جيڪي وڏي بشير خان سائين جي ايم سيد جي وڇوڙي کانپوءِ کنيون، سائين جي ايم سيد جي وڇوڙي کانپوءِ ذاتي حوالي سان شهيد وڏي هر ذميواري پاڻ تي کنئي هو ڪارڪنن جي لاءِ ڇپر ڇانو ٿي بيهي رهيو، سنڌ جي جهرجهنگ وڃي سنڌي قوم جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ جنبي ويو ڀلي اهي مسئلا قبائلي جهيڙا هجن يا لساني فساد هجن هميشه انهن کي ختم ڪرائڻ ۾ سرگرم رهيو، شهيد بشير خان نه بهترين شاعر هو نه ئي وري ناٽڪي ليکڪ هو، نه ئي وري ڪنهن اسٽيج جي تربيت ورتل هيس، بس دل جو صاف گو هو ۽ هڏ ڏوکي انسان هو ۽ انهيءَ ڪري سنڌي قوم جي دلين ۾ جاءِ ٺاهي ويو، بس سوچ اها آهي ته وڏي جي وڇوڙي کانپوءِ وڏي جي پراڻن تنظيمي ساٿين مان هيلي وسيلي جي بندش باوجود ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ چاچا سرفراز ميمڻ سنڌ ۽ ڪارڪنن جي پڙاڏي کي ورجائي رهيا آهن، باقي جسقم جا ٻيا پراڻا ساٿي يا ته ملڪ کان ٻاهر ويٺل آهن، پنهنجي آرامدھ زندگي گذاري رهيا آهن، بس ڇهين ٻارهين مهيني سوشل ميڊيا تي ڪو افسوس ظاهر ڪري رهيا آهن ۽ ٻيا هتي ئي ڪنارا ڪشي ڪري ويهي رهيا آهن ڄڻ ته هيا ئي نه، مون کي ته هاڻي افسوس ٿئي ٿو پيو ڄڻ اهي هئا ئي وڏي سان فوٽوگرافي جي لاءِ، انهن ۾ اهو وت ئي نه هو جو ڪنهن واضع مقصد کي هلائي سگهن ۽ اهي پراڻا ساٿي پنهنجي ڪمزوريءَ کي لڪائي تنظيم جي ڍانچي کي ڪمزور ڄاڻائي پاڻ کي هر ڳالھ کان آجو ڪرائن ٿا. ان جو مطلب اهو ٿيو جو انهن پراڻن ساٿين کي هر شي ٺهي ٺڪي ملي ته ظاهر ٿيندا، باقي محنت نه ڪندا. انهن تي اهو فرض عائد ٿئي ٿو ته هو اچي ڪري پنهنجي تجربي مان تنظيم کي وڌيڪ سگهارو ڪن، باقي گهرن ۾ ويهي تنظيم لاءِ مفت مشورا ۽ رايا نه ڏين، جيڪڏهن هن ڏکئي مرحلي تي نظر ڦيرائبي ته جسقم ئي صنعان خان جي قيادت ۾ سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن جي حل لاءِ سٺي نموني ڪردار ڪري رهي آهي،

بحريا ٽائون جو مسئلو سڀني جي سامهون آهي، جسقم جي مرڪزي قيادت ئي هئي جنهن گهڻي ڀاڱي جيلن جو منهن ڏٺو يا ٿوري يا گهڻي پئماني تي هن وقت جسقم ئي آهي جيڪا سنڌ اندر هلندڙ قبائلي جهيڙن جي روڪ لاءِ صنعان خان جي قيادت ۾ سٺو ڪم ڪري رهي آهي، پر اڃا اسان کي بهترين صلاحيتن جي ضرورت آهي. بهترين صلاحيتن کي سامهون آڻڻ لاءِ پارٽيءَ کي آئين ۽ ضابطن تي هلائڻ جي ضرورت هوندي آهي، خود شهيد وڏو جيڪو به ڪم ڪندو هو يا ڪا تحريڪ هلائيندو هو ته ان لاءِ ٻه طريقا استعمال ڪندو هو، پهريون اهو ته طريقيڪار لاءِ پارٽي جي آئين ۽ ضابطن کي اڳيان رکندو هو ۽ ٻيو اهو ته تجربيڪار ڪارڪنن ۽ اڳواڻن سان مشاهدي جي بنياد تي صلاح مشورو ڪندو هو پوءِ ڀلي اهي ڪارڪن يا اڳواڻ تنظيمي عهدي تي فائز هجن يا نه هجن. انهيءَ ڪري آئون اڄوڪي ڏينهن تي جسقم جي اڳواڻن کي اپيل ٿو ڪيان ته پارٽي کي جمهوري رستي مان گذاريو جيئن صلاحيتون رکندڙ ڪارڪنن جي حوصلا افزائي ٿي سگهي ۽ صلاحيتون رکندڙ ڪارڪنن جي شناس ٿي سگهي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۷ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


بشير خان قريشي

نوجوانن جي محبوب جي موڪلاڻي جو ڏينھن

اختر سنڌيار

سنڌ ماءُ جو بھادر پٽ جنھن جو دامن اڇي اجري ڪپڙي جيان صاف شفاف رھيو، ڌرتيءَ جي محبت سان سرشار ھي مرد قلندر ايڏو ته بھادر ھو جو جڏھن طاقتور کيس ڌريون خوفزده ڪرڻ، خريد ڪرڻ ۽ جهڪائڻ چاھينديون ھيون ته ھن جو ڪنڌ پرچم جيان اوچو ٿي انڪار ۾ ڦڙڪندو ھيو.

ھن جون لال اکيون سالن جي اوجاڳي ۽ سنڌ ماءُ جي خوشحاليءَ لاءِ ڪيل پنڌن جا سنيھا ھيا.

اھڙو مھاوير ماڻھو تڏھن مٽيءَ سان ملي مٽي ٿي جھڪي پوندو ھيو جڏھن سامھون سندس عاشق چميون ڏيڻ لاءِ ايندا ھيا، ھن جو ڪنڌ ۽ اکيون جھڪي پونديون ھيون جڏھن سامھون سنڌ جي ڪا نياڻي ايندي ھئي.

ھو مانجھي مرد قلندر شخص اھڙو ته سادو ۽ نفيس ھيو جنھن جي لفظن ۾ ايتري ته ڪشش ھئي جو فلسفي جا ھزارين ڪتاب پڙھندڙ ماڻھو به جڏھن سنڌ جي عوام کي قائل ڪري نه سگھندا ھيا ته اتي ھي ڪارونجھر جبل جيان اونچو رھندڙ شخص محبتن سان سرشار ايڏي ته مٺاس ڀري ٻولي ڳالھائيندو ھيو جو ماڻھو سندس ڪردار جا مداح بڻجي ويندا ھيا.

سنڌ جو اھو سورمو جنھن سنڌ ماءُ جي آجپي لاءِ مختلف طريقن سان جدوجھد ڪئي، ڪڏھن ڪالاباغ ڊئم خلاف لانگ مارچ ته ڪڏھن ڌارين جي لوڌ خلاف احتجاج، ڪٿي قبيلائي جھيڙن ۾ ھڪ ٻئي جو رت وھائيندڙ ڌرين ڏانھن ميڙ منٿ قافلو وٺي سرچاءَ ڪرڻ سان گڏوگڏ ھن ۾ ھزارين خوبيون ھيون جن کيس بشير احمد قريشي کان بشير خان قريشي بڻايو ھو.

ڪارڪن پيار منجھان کيس وڏو ڪري سڏيندا ھيا انجو ڪارڻ اھو ھيو ته ھو صرف قومي تحريڪ جي ڪارڪنن سان نه پر سنڌ جي مڙني شعور يافتا ۽ پيڙھيل طبقي سان حد درجي جي محبت ڪندو ھيو. سنڌ سندس ڪيل جدوجھد جي موٽ ۾ خان ۽ وڏي جھڙا عظيم لقب ڏيئي بشير خان قريشي کي سنڌ جي نوجوانن، نياڻين ۽ بزرگن جي دردن جو درمان بڻايو.

بشير خان قريشي کي خبر ھئي ته قومي تحريڪ ۾ ٽٽل دلين جا نوجوان اچي قومي تحريڪ جو حصو ٿيندا آھن تنھن ڪري وڏي ھميشا ڪارڪنن جي ڳلن تي چميون ڏيئي مجازي محبوب کان آجو ڪرائي سنڌ جي عشق ۾ نوجوانن کي گامزن ڪيو.

سکر کان ڪراچي تائين ڪيل لانگ مارچ ۾ جڏھن سندس پير پٿون ٿي پيا ته قومي ڪارڪنـن ايلاز ڪيا ته وڏا اوھين گاڏي ۾ ويھو ته اتي شھيد وڏي جواب ڏنو ته منھنجو ڪارڪن پنڌ ڪري ۽ مان گاڏي تي ويھي مارچ ڪيان ته مان عشق جي توھين ڪندس ھي عشق جو قافلو آھي ۽ ان قافلي ۾ سور تڪليف ۽ ڏک ناھن ڏسبا. بشير خان قريشي جي وڏي خوبي اھا ھئي ته ھو جنھن به ماڻھوءَ سان ھڪ دفعو ملندو ھيو ته انکي ھزارن جي ھجوم ۾ به نالي سان سڃاڻندو ھيو.

بشير خان پنھنجي قول ۽ فعل سان ايڏو ته ڪميٽيڊ ھيو جو ھڪڙي دفعي ڪنھن ميڙ منٿ قافلي ۾ ڌرين وٽ ويو جتي ڌرين سرچاءَ لاءِ شرط رکيو ته اسان کي اڳئين ڌُر سڱ چٽيءَ ۾ عورت ڏئي پوءِ ئي خير ڪنداسين. وڏي چيو ته مان ھنن سان واعدو ڪري آيس ته مان خون معاف ڪرائيندس اگر اوھان ھوڏ تي قائم آھيو ته منھنجي ڌيئرن مان سڀاڻي ڪنھن کي به ڪپڙو وجھي سڱ پنھنجي نالي ڪري وڃو مونکي ڪو اعتراز نه ھوندو. انتي ھر ڪارڪن وڏي جا لفظ ورجايا جنھن تي اڳلي ڌر وڏي جي اچڻ ڪري خون معاف ڪري ڇڏيو.

بشير خان قريشي سان نوجوان ايڏي ته محبت ڪندا ھيا جو ھڪ دفعي ڪراچي ۾ مٿس حملو ٿيو ته سندس ساٿي مشتاق خاصخيلي پنھنجي حياتي وڏي مٿان قربان ڪري ڇڏي.

۲۳ مارچ ۲۰۱۲ ۾ عوامي سمنڊ جو ڪراچي ۾ اچڻ ۽ ڌرتيءَ جي مالڪي ڪرڻ شھيد وڏي جي سياست جو اھم ڏينھن ھيو. بشير خان سياست کي بند ڪمرن ۽ ٻھراڙين ۾ محدود ڪرڻ بجاءِ ڪراچي کي قومي سياست جو محور بڻايو جنھن ڪري سنڌين جي اڪثريت ڪراچي ڏانھن لاڙو ڪيو.

شھيد بشير خان قريشي سياست کي عشق سان سلھاڙي ڇڏيو، سياست جيڪا منجھائيندڙ ۽ لڪيل رھندي آھي انکي شھيد وڏي عام ماڻھوءَ تائين جنھن ريت پھچايو اھو عشق ھيو جنھن وسيلي سنڌ جي ماڻھن ڪروڙين چميون ڏيئي لکين ماڻھو ساڻ ڪري ڪراچي مارچ ۾ شامل ٿيا جنھن جو تجزيو بشير خان ڪنھن ساٿي جي سوال تي ڪيو ھيو ته! ڇا اوھين سمجھو ٿا ته لکين ماڻھو مارچ ۾ ايندا؟ ان تي شھيد بشير خان مسڪرائيندي چيو ته مونکي ڪروڙين ماڻھن چميون ڏنيون آھن انھن مان لکين ماڻھو ته ضرور ايندا. بشير خان قريشي جي سياست تي اگر لکجي ته ڪافي لکي سگھجي ٿو پر بشير خان سياست کي عشق ۾ تبديل ڪيو جنھن ڪري نوجوان اڄ به کيس محبوب سڏيندا آھن.

شھيد بشير خان قريشي جي ورسي جي موقعي تي نظرياتي ۽ انقلابي نعرن سان سندس ڪيل جدوجھد تي سرخ سلام پيش ڪجي ٿو.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۷ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


بشير خان قريشي

مون کيس پهريون ڀيرو منشي هائوس تي ضياءَ آمريت خلاف متحرڪ ڏٺو

عبدالوهاب منشي

شايد هي ۱۹۸۶ع جو دور هو. منهنجي عمر تڏهن ۹ سال هئي. يونيورسٽي جي نوجوانن جو قافلو اسان جي گهر ايندو رهندو هو. اڪثر رات جو دير سان هڪ اڇي پوٽوهار جيپ ۾ هڪ مشڪي رنگ جو چاچو اسانجي گهر ايندو هو. ان چاچي لاءِ رات جو اسانجي گهرجي ٿلهي تي هڪ نوجوان انتظار ڪندو هو ۽ پوءِ اهوئي سندس کائڻ پيئڻ جو انتظام ڪندو هو. اُهو آهي منهنجو چاچو ناز سهتو (جنهن ڪجھ عرصو اڳ پاپا سان انجي منشي فرنيچر تي ملاقات ڪئي ۽ اسان جي نئين عمارت کي ڏسي ڪري چيو ته جيڪڏهن ابو! تون اها عمارت ڀڃي نئين تعمير نه ڪرائين ها ته اها اڄ جي هيريٽيج بلڊنگ هجي ها) صبح کان رات تائين ڪو سئو نوجوان ٻن ڪوٺين ۾ رهندا هيا ۽ صبح جو اهو مشڪي رنگ وارو ملنگ انڪل واپس هليو ويندو هو. ان سان گڏ اڪثر هڪ ڊگهو ويڪري قد وارو نوجوان اسانجي گهر ۾ ايندي چوندو هو ته”امي کان اڇا چانور هجن ته کڻي اچ مان اقبال هوٽل جي ڪبابن سان کائي ڇڏيندس”هي اسانجي غربت جو دور هو پر منهنجي پاپا شهاب الدين منشي ۽ امي جو اڄ به مهمان نوازي جو مثال ناهي.

بعد ۾پتو پيو ته اهو اڇي جيپ وارو انڪل عبدالواحد آريسر هو ۽ ساڻس جيڪو ڊگهو ۽ ويڪرو نوجوان هوندو هو سو بشير خان قريشي هو. جنهنکي زندگي ۾ پهريون ڀيرو مون پنهنجي گهر ۾ ڏٺو هو. ها، اسانجو گهر جنرل ضياءَ الحق جي آمريت جي خلاف حيدرآباد شهر ۾ هڪ منظم مورچو هو. مونکي فخر آهي ته اسان جو گهر شمشير الحيدري جهڙا بزرگ، بي مثال ڪردار، باضمير انسان، بي باڪ، سچن سنڌ دوست شخصيتن جو مورچو هو. مونکي فخر آهي ته منهنجي والد شهاب الدين منشيءَ، شمشير الحيدري جي مشڪل دور ۾ سندس هر لحاظ کان ساٿ ڏنو جيڪو اڄ تاريخ جو حصو بڻجي چڪو آهي.

منشي هائوس جتان جنرل ضياءَ جي آمريت کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ ڪڏهن ابراهيم جويو، شيخ اياز، حليم باغي، تاج جويو، دستگير ڀٽي، استاد بخاري، هدايت منگي، ناز سهتو، جي اين مغل، خاڪي جويو، ڄام ساقي، شمير چوهاڻ، ڊاڪٽر هرچند لوهاڻو، تاجل بيوس، عابده پروين جهڙا ڪيترا ئي سنڌ دوست ڪردار مون پنهنجي گهر اندر ڏٺا جن تي ڪڏهن تفصيل سان لکندس.

خير مون ننڍپڻ ۾ بشير خان قريشي جهڙن ڪيترن ئي نوجوانن جي واتان اهو نعرو ٻڌو هو ته ”سنڌ جي دشمن لاءِ ڪاريهر. . . . . . . . عبدالواحد آريسر” جڏهن منهنجي بشير قريشي کي چاچو چوندي چوندي صحافتي دنيا ندر اچڻ کانپوءِ دوستي ٿي وئي ته ساڻس سلهاڙيل ڪيتريون ئي ساروڻيون ۽ واقعا آهن جيڪي جيڪڏهن مان شيئر ڪريان ته ڪيترن ئي نادان دوست ۾ هلچل مچي ويندي.

مان وڏي فخر ۽ اوچي آواز سان چوان ٿو ته ۲۰۱۲ع وارو بشير خان قريشي تمام گهڻو بهادر، سمجهدار، نڊر ۽ باهمت هو. هو وقت ۽ حالتن جو مقابلو ڪندي ڪندي لوھ بڻجي چڪو هو. هو جڏهن مون سان ۽ حسين هارون سان ويهندو هو ته شروع کان آخر تائين سندس ڳالهين مان اندازو ٿي ويندو هو ته هو سنڌ ڌرتي ۽ غريبن لاءِ گهڻو ڪجھ ڪرڻ گهري ٿو. بشير خان قريشي جي فريڊم مارچ ۾ لکين ماڻهن جو ڪراچي شهر ۾ داخل ٿيڻ سنڌ دشمن طاقتن لاءِ موت کان گهٽ نه هو سو ان کي سنڌ دشمن طاقتن برداشت نه ڪيو. سندس موت اسان سنڌين کي هڪ اڌ صدي پوئتي ڪري ڇڏيو آهي. مونکي ذاتي طور تي جيترو ڏک پير صاحب پاڳارو مردان شاھ ۽ بشير قريشي جي اوچتي موت جو ٿيو ايترو ڪنهن جو به ناهي ٿيو.

اوهان کي ۽ منهنجن تمام گهٽ دوستن کي خبر هوندي ته بشير خان قريشي ۽ پير صاحب پاڳارو شاھ مردان شاھ کي ويجهو آڻڻ ۾ مون ناچيز جو ڪردار هو. مونکي ذاتي طور تي خبر آهي ته پير صاحب پاڳارو مردان شاھ مرحوم اڄ ڪلھ جي قومپرستن مان سڀ کان گهڻو پيار ۽ شفقت شهيد بشير خان قريشي سان ڪندو هو. مونکي اڄ به چڱي ريت ياد آهي ته مونکي آخري ڀيرو ملاقات ۾ پير صاحب پاڳارو شاھ، مردان شاھ چيو هو ته”بابا تنهنجو دوست بشير قريشي صاحب ٻه ڏينهن اڳ مون سان ملڻ آيو هو مون ان کي چيو هو ته”تون روڊ تي احتجاج ڪندو آهين ۽ مان پنهنجي بنگلي تي، پر ٿورو آهستي هل. . . . مان مختصر لفظن ۾ اوهان کي ٻڌايان ته سنڌين جي جنگ انهن ٻنهي جي جنگ هئي. . . . .!

مون عبدالله حسين هارون وٽ بشير خان قريشي کي نويڪلائي ۾ ڪچهري ڪندي ڏٺو هو. بهرحال ڪيتريون ڳالهيون لکي ڪيتريون لکان. . بشير خان قريشي منهنجو دوست نه پر ڀاءُ هو. ان جي موت، حقيقي معنيٰ ۾ اسان سنڌين جي چيلھ ڀڃي ڇڏي آهي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۷ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


بشير خان قريشي

عاشقي! ڇڏيو نه ٿي

ذلفي چاچڙ

بيمار ذھنيت رکندڙ ڪنھن شخص جون ڪجھ عجيب و غريب ڳالھيون ٻڌي آئون مرڪي پوندو ھئس ته فلاڻي بزرگ شخص لاءِ روحِ زمين جو پنڌ اڍائي وکون ھوندو ھو، مطلب ته اھو بزرگ شخص جيڪڏھن ڌرتي جي ھڪ ڇيڙي کان ٻي ڇيڙي ڏانھن وڃڻ چاھي ھا ته ان کي فقط اڍائي وکون کڻڻيون پون ھا، يا فلاڻو بزرگ ڪيڏانھن وڃڻ لاءِ آسمان ۾ پکين جيان اڏامندو ويندو ھو، فضول لڳندڙ ان قسم جي ڳالھين جو درست ھجڻ جو شڪ منھنجي ذھن ۾ تڏھن پئدا ٿيو، جڏھن اخبارن، ٽي وي ۽ ان بعد سوشل ميڊيا ذريعي جسقم اڳواڻ بشير خان قريشي جي جيڪڏھن ميرپور ۾ موجودگي جو اطلاع ملندو ھو ته ڪجھ دير بعد ئي ڪشمور ٺل جيڪب آباد ۾ ۽ صبح جو وري عمر ڪوٽ ضلعي جي ڪنھن شھر ۾ ڪنھن تنظيمي دوري تي نڪتل يا ڪنھن قومي مسئلي خلاف احتجاج ڪندي ٽي وي ۽ موبائل اسڪرين تي نظر ايندو ھو، ڪنھن لاءِ پوري ڌرتي اڍائي قدم ھجي يا نه پر بشير خان قريشي لاءِ سنڌ جي وسيع ڌرتي جھڙوڪ سوڙھي ھئي.

ھو جيڪو سنڌ جو عقيدت مند، قوم جو عاشق ۽ ڀرجھلو ھو، جنھن پنھنجي محبوب قوم لاءِ ھزارين ميل ڪٺن رستن جا پنڌ جھاڳيا، ڏک ڏٺا ۽ مصيبتون سٺيون پر ھن ڪڏھن به قوم سان ڪا شڪايت نه ڪئي، دراصل اھو ئي حقيقي قومپرست ھجڻ جو خاص اھڃاڻ آھي، فيض احمد فيض شيخ اياز سان گڏجي خشونت سنگھ سان ملڻ ويو، فيض صاحب اياز جو تعارف ڪرائيندي خشونت سنگهھ کي چيو ته شيخ اياز پاڪستان جو وڏو شاعر آھي، جنھن تي خشونت سنگهھ اياز سان مخاطب ٿيندي چيو ته تون سنڌي بدران اردو ۾ ڇو نٿو لکين؟ جو سنڌي علائقائي ٻولي آھي، شيخ اياز پنھنجي آتم ڪٿا”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر”۾ ڪٿي لکي ٿو ته، دل ۾ آيو ته پاڻي جو گلاس ڀري ان سک (خشونت سنگھ) جي ڏاڙھي ۾ اڇلايان۔ جيڪڏھن قوم مونکي يا منھنجي شاعري کي نٿي سمجھي ته ڇا ٿيو، آئون ته کين سمجھان ۽ سڃاڻان ٿو۔

اياز جي ان ڳالھ تي بشير خان قريشي به ايمانداري سان عمل ڪيو، ھو جيڪو سدائين ميدان عمل ۾ سرگرم نظر ايندو ھو ۽ ٿوري ئي وقت ۾ جھد مسلسل جي علامت بڻجي ويو، قوم مٿس ويساھ ڪري کيس مانَ ڏيڻ ۽ پنھنجو اڳواڻ تسليم ڪرڻ لڳي ۽ ھو سنڌ جو مقبول ليڊر بڻجي ويو، بشير خان نه رڳو آجپي لاءِ مثالي ۽ تاريخي جدوجھد ڪئي پر ھن سنڌ جي شعور امن آجپي ۽ ترقي جي راه ۾ وڏي رڪاوٽ بڻيل قبيلائي جھيڙن جي خاتمي لاءِ به ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، جنھن جا مثبت نتيجا سامھون آيا ۽ ڪيئي جھيڙندڙ ڌريون کير کنڊ ٿي ويون، اڄ اتي امن قائم آھي ۽ ماڻھون سک سان زندگي گذاري رھيا آھن۔ ۲۰۰۴ع ۾ اسان جو ڪٽنب پڻ قبيلائي جھيڙي جي مصيبت ۾ ڦاسي پيو، تر جا بدڪردار چڱا مڙس سواءِ دانشمندي ۽ نيڪ نيتي جي مامري کي نبيرڻ جي ان تڪرار کي وڌائڻ لاءِ منصوبا بندي ڪرڻ لڳا، پنج سالن تائين معاملي کي اينگھائيندا ۽ پيچيده بڻائيندا رھيا، بي تحاشا پئسو خرچ ڪرڻ جي باوجود به وڏيرا پنھنجي روايتي ٺال مٺول ڪندا رھيا ۽ ويتر مسئلي کي ايترو وڌائي بند گھٽي ڏانھن وٺي ويا جتان بظاھر نڪرڻ جو ڪو به چارو نظر نٿي آيو، ھر طرف کان نراس ٿي.

ھڪ ڀيري ۾ مون بشير خان قريشي ڏانھن چئن صفحن تي ٻڌل مضمون نما کليل ھڪ خط لکيو، جنھن ۾ مسئلي جي مڪمل نوعيت لکڻ سان گڏ کيس ان مامري کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ جي اپيل ڪئي ۽ اھو خط ڪنھن اخبار جي ايڊريس تي پوسٽ ڪري ڇڏيو ھيم، تنھن وقت روپوش ھجڻ سبب مونکي اِھا خبر ئي ڪا نه پئي ته ڪو منھنجو خط اخبار وارن ڇپيو به آھي يا نه، ٻئي ھفتا کن گذري ويا ھوندا، منھنجي ذھن تان اِھا خط واري ڳالھ ئي لھي وئي ھئي، تان جو بشير خان قريشي مقامي دوستن سان گڏجي منھنجي ڀاءُ سان جوڊيشنل جيل ڪشمور ۾ ملڻ آيو جيڪو قتل جي ڪيس ۾ گرفتار ٿي جيل پھتو ھو، ۽ پارٽي جي دوستن کي ڏينھن رات ھڪ ڪري مسئلو حل ڪرڻ جو ذمو ڏنو ۽ ان کان پوءِ قومي ڪارڪنن وڏي جفاڪشي ڪري مخالف ڌر وارن کي جھيڙو ختم ڪري ٺاھ ڪرڻ تي راضي ڪري ورتو ۽ ڇھين مھينن جي اندر اسان جو ٺاھ ٿي ويو۔

۱۰ھين آگسٽ ۱۹۵۹ع جو ڏينھن سنڌ جي تاريخ جو سڀاڳو ڏينھن ثابت ٿيو، جو ان ڏھاڙي رتي ديري جي رھواسي غلام مرتضي جي گھر ۾ پٽ ڄائو، جيڪو اڳتي ھلي مظلومن جو مالڪ ۽ وارث بڻيو، جنھن سدائين سنڌ جي وسيلن ۽ ماڻھن جي مالڪي ڪئي، دنيا کيس بشير خان قريشي جي نالي سان سڃاڻي ۽ ياد ڪري ٿي. قابض قوتن کيس ڊڄارڻ چاھيو ۽ ھيسائي راھ حق تان ھٽائڻ لاءِ مٿس ڪيترا ئي ڀيرا قاتلاڻا حملا پڻ ڪرايا، مٿن پھريون حملو جناح اسپتال ڪراچي ۾ ٿيو جنھن ۾ بشير خان قريشي سخت زخمي ۽ قيوم منگي شھيد ٿي ويو ھو، ٻيو حملو ٻٻرلوءِ تي ٿيو جنھن ۾ پڻ خوشقسمتي سان وڏو معجزاڻي طور تي گولين جي وسندڙ مينھن ۾ به محفوظ رھيو، ان واقعي ۾ ھڪ قومي ڪارڪن شھيد ۽ ڪجھ زخمي ٿيا ھا، مٿس ٽيون خطرناڪ حملو ڪراچي جي سچل ڳوٺ ۾ ٿيو، جنھن ۾ ساڻس گڏ ويٺل ساٿي مشتاق خاصخيلي شھيد ٿي ويو ھو، مٿس ٿيندڙ حملن کان ھن ڪڏھن به نه ته ڪو خوف کاڌو ۽ نه ئي پنھنجي اصولن، مقصد ۽ موقف کان منھن مٽيو، ڇو ته ھو مقصد سان مخلص ھو ۽ مقصد سان مخلصي ماڻھوءَ ۾ موت جي خوف جو خاتمو آڻيو ڇڏي۔

زندگي جو به عشق ھو ۽ موت ڇڏيو به نٿي،

ھو شخص ڀي ڇا ھو عاشقي ڇڏيو به نٿي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۷ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)



بشير خان قريشي

سنڌ جي ‘وڏي’ جي سالگره

حبيب ڀٽو

هن جنم ته ان شهر ۾ ورتو هو، جنهن شهر کي سنڌ رتيديري طور سڃاڻي. جنهن شهر لاءِ سنڌي عورتون اڄ به سهرن ۾ چونديون آهن: “واھ! واھ! رتي جون ماڙيون! واھ واھ رتوديرو” پر هن سياسي واٽ رتي جي ماڙين بدران سن جي اڙانگن پنڌن جي ورتي، جتي رڳو ڏک ئي ڏک هئا، رڳو جيل هئا، تشدد هو، تڪليفون هيون. ان پنڌ تي ڪابه سُکن جي سيج نه هئي، بغاوتن جون تعزيرون ۽ آزمائشون هيون. هو انهن پنڌن تي پوري زندگي هليو، ان پنڌ سان هن ساھ جي آخري گهڙي تائين وفا ڪئي، هڪ لمحي لا به هن اڙانگي ۽ انتهائي مشڪل راه تان نه ٿڙيو، نه ٿاٻڙيو ۽ نه هن ڪڏهن پوئتي نهاريو ته مون کي ڇا مليو ۽ مون ڇا وڃايو. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ اڄ کيس “وڏي” جي نالي سان ياد ٿي ڪري.

آئون هڪ سياسي ڪارڪن رهيو آهيان. مون کي فخر آهي ته مون پنهنجي زندگي جا انتهائي حسين ڏينهن بشير خان قريشي جهڙي سنڌ جي عاشق ۽ ارڏي پٽ سان گڏ گذاريا. آئون هن وقت ڀلي ڪٿي به هجان، پر منهنجي زندگي جا خوبصورت ڏينهن اهي هئا، جيڪي بشير خان قريشي سان گڏ، سندس اڳواڻي ۾ سنڌ جا شهر، ڳوٺ، روڊ، رستا، ٿر، ڪاڇا، ڪوهستان جھاڳيندي گذاريا. اڄ سندس سالگره آهي. سنڌ جي عظيم سپوت “وڏي” جو جنم ڏينهن آهي. آئون ماضي ۾ جهاتي پايان ٿو ته سچ منهنجي آڏو اهي سڀ منظر اکين آڏو تري اچن ٿا، جيڪي سنڌ جي آجپي ۽ سنڌ جي بقا لاءِ جدوجهدون ڪندي گذريا. اهي واقعا، اهي پنڌ، جيل، گرفتاريون، تشدد، اهڙا واقعا، اهڙا منظر جيڪي هونئن صرف ڪتابن ۾ پڙهي سگهجن ٿا يا فلمن ۾ ڏسي سگهجن ٿا، جيڪي اسان جي اکين آڏو گذريا.بشير خان قريشي جتي بي انتها بهادر ۽ بي ڊپو انسان هو، ته اتي هو انتهائي اورچ ماڻهو به هو. سنڌ جي هڪ ڪنڊ کان پنڌ ڪري اڃان سنڌ جي ٻئي ڪنڊ تي پهچبو مس هو ته اگر کيس خبر پئي ته فلاڻي علائقي ۾ ڪو واقعو ٿيو آهي ته ان وقت چوندو هو، “هلو اوڏانهن ٿا هلون.” ٿڪاوٽ ته هن جي زندگي ۾ هئي ئي ڪانه، نه اهو سوچيندو هو ته هن ڪم سان سندس تعريف ٿئي ٿي يا گلا، هو گلا يا تعريف کان ڪوهين ڏور رهندو هو. سنڌ جا ماڻهو ڇا ٿا چون، اخبارون ڇا ٿيون ڇاپين، شاعر، اديب، دانشور هن بابت ڪهڙي راءِ ٿا رکن، سندس تعريف ٿا ڪن يا مٿن تنقيد جا تير ٿا وسائين، وڏو انهن خفن کان صفا بي نياز انسان هو.

بشير خان قريشي سنڌ جو واحد قومپرست اڳواڻ هو، جيڪو گهڻ طرفين خوبين جو مالڪ هو. جڏهن کيس ليڊر جو ڪردار ادا ڪرڻو هوندو هو ته هزارين ماڻهن جا قافلا وٺي سنڌ جي تتل روڊن تي خود پنڌ نڪري پوندو هو، جڏهن هو سنڌ ۾ قبيلائي جهيڙن جا قهر ڏسندو هو ته خود جهولي جهلي برادرين وٽ ٺاھ لاءِ پهچي ويندو هو. جڏهن سندس ڪارڪنن تي ڏکيو وقت ايندو هو ته هڪ شفيق پيءُ، شفيق ڀاءُ ۽ شفيق دوست بڻجي اهڙي ته مالڪي ڪندو هو، جو ڪارڪنن کي پنهنجا ڏک، تڪليفون ۽ مشڪلاتون وسري وينديون هيون. مون کي ياد آهي نواب اڪبر خان بگٽي جي شهادت بعد هڙتال دوران حيدرآباد ۾ ٻين ڪارڪنن سميت آئون به گرفتار ٿي سينٽرل جيل ويس ته پاڻ نه رڳو ملاقات تي آيو پر کوڙ همٿون به ڏئي ويو. بشير خان قريشي ڪڏهن به پنهنجي ذاتي سک ۽ خوشي لاءِ نه سوچيو. اگر عيد جي ڏينهن به کيس ڪو اطلاع ملندو هو ته هو پنهنجي اولاد سان عيد ملڻ يا عيد ملهائڻ بدران سنڌ جي ماڻهن سان ٿيل ناانصافي تي نڪري پوندو هو. مون ياد آهي ته جڏهن چڪ ۾ هندو نوجوانن کي قتل ڪرڻ وارو واقعو ٿيو، عيد جو ڏينهن هو، بشير خان قريشي پنهنجي ٻچن سان عيد ملهائڻ بدران اسان سڀني کي چڪ پهچڻ جو چيو ۽ پاڻ سڀني کان پهرين اتي پهتو هو. بشير خان قريشي اهو واحد اڳواڻ هو، جيڪو پنهنجي ڪارڪنن کي قرباني جو ٻڪرو بڻائڻ بدران، جڏهن به مشڪل وقت ايندو هو، آزمائشن جي گهڙي ايندي هئي، ته سڀ کان پهرين پنهنجو سينو ڏيندو هو. هن جي سڄي زندگي جو جائزو وٺبو ته رڳو جيل هئا، رڳو پنڌ هئا، رڳو جدوجهدون هيون، سک ته ڪٿي به نظر نه ايندو. سائين جي ايم سيد جو سياسي سفر يا سياسي واٽ ڪا آسان واٽ ڪانه هئي، ان تي هلڻ جو مطلب ۲۴ ئي ڪلاڪ جان جوکي ۾ وجهڻ هئي. آئون ڪنهن تي الزام ڪونه ٿو هڻان، پر ڪيئي وڏا نالا يا ته ماٺ ڪري ويهي رهيا يا وري الڳ رستا وٺي هلڻ لڳا. سنڌ جي هن ارڏي پٽ جنهن ڏينهن ان واٽ تي پير رکيا، ساهه جي آخري گهڙيءَ تائين ان تي قائم رهيو. ڀلي هن وڏا ڪتاب نه لکيا، شاعريون نه ڪيون، پر هن جو هر عمل، هر جدوجهد، ڪنهن ڪتاب کان گهٽ نه هو. هن جيڪي ڏينهن جيلن ۾ گذاريا، جيڪي تشدد برداشت ڪيا، جيڪي آزمائشوں برداشت ڪيون، اهو هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه هئي.

هو عالمي سطح جي وطن دوست ۽ آزادي پسند اڳواڻن جي سطح جو اڳواڻ هو. سن بشير خان قريشي جو قبلو هو. هن وري ڪنهن ٻئي قبلي ڏي منهن ڪري به ڪونه ڏٺو. ڪراچي جا ڳوٺ ڊهندا هجن يا سنڌ ۾ ڪنهن هندو سان ناانصافي ٿئي، سنڌ جي ڪنهن عورت کي ڪاري ڪري قتل ڪيو وڃي يا ڪٿي آبادگارن جو احتجاج هجي، رات هجي يا ڏينھن، وسندڙ مينهن هجي يا جهولا، هو نڪري پوندو هو، خاص ڪري سنڌ جي شهرن جي مالڪي ۾ ته زندگي داءَ تي لڳائي به اڳيان ايندو هو. اڄ ڀلي ڪو ڇا به چوي، پر سنڌ جا شهر هاڻي ٻيهر سنڌين حوالي ٿيا آهن ته ان ۾ وڏو ۽ اهم ڪردار بشير خان قريشي جو هو. ڪراچي ۾ ته جيڪا بشير خان قريشي سنڌين جي مالڪي ڪئي، اهو ڪنهن تاريخي ڪم کان گهٽ ناهي. بشير خان قريشي پنهنجي سياسي مخالفن کي به ڏکئي وقت ۾ اڪيلو نه ڇڏيندو هو. سڀ اختلاف هڪڙي پاسي رکي سندن ڀرجهلو ٿي بيهندو هو. پ پ پ هميشه بشير خان قريشي متان عتاب بڻيل رهي، پر جڏهن پ پ پ ايم پي اي سسئي پليجو ۽ ٻين کي مهاجر لبريشن آرمي جي نالي ۾ ڌمڪين وارا خط مليا ته بشير خان قريشي پهريون ماڻهو هو، جنهن ان وقت جي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ کي نه رڳو فون ڪري اهو چيو ته سنڌي نڌڻڪا ناهن پر خود سسئي پليجو ۽ ٻين کي فون ڪئي ته هو اڪيليون ناهن، بشير خان قريشي انهن سان گڏ آهي. ڊاڪٽر قادر مگسي سان سياسي اختلاف هڪڙي پاسي رکي ان جي ڪارڪنن جي قتل تي احتجاجن ۾ شريڪ ٿيندو هو. نوڙت به ڪو بشير خان قريشي جي ڏسي! رسول بخش پليجو مٿس سخت تنقيد ڪندو هو پر جڏهن به پليجي صاحب کي ڏسندو هو ته نوڙت ۽ احترام ۾ چوندو هو، اوهان اسانجا وڏا آهيو. آئون سنڌ جي ٻين معتبر سياسي شخصيتن کي گهٽ نه ٿو سمجهان، سڀني جو پنهنجو پنهنجو پورهيو آهي، پر سمجهان ٿو ته ويجهي ماضي ۾ بشير خان قريشي سنڌ قوم لاءِ هڪڙو ڇپر ڇانوَ هو، رڪ جي ديوار هو. هن “جيها سي تيها” تي عمل ڪندي سنڌي قوم سان وفا ڪئي. بشير خان قريشي اڄ زنده هجي ها ته سنڌ ايڏي نڌڻڪي ۽ لاوارث نه هجي ها.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۰ آگسٽ ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)


شھيد بشير خان قريشي

سنـڌ جو سپوت

دادا ياسين نـوناري

سنڌ جي عـظيم ڌرتيءَ جنھن کي تھذيبـن جي ماءُ چيو وڃي ٿو. جنھن ننڍي کنڊ جي گھڻ رخـي، تاريـخ ساز شخـصن سان گڏ عظيم شاعر، مُـفڪر، مـقرر، سياستدان، سائنـسدان، اديـب ۽ قـوم پرست اڳـواڻ پيدا ڪيا آهن. جن سنـڌ جي تاريخي حيثيت ۽ قُـدرن جي قيمت تي پـورو لھندي پنھنجي قـوم ۽ وطن جي لاءِ ھر دؤر ۾ جھدوجھد ڪئي آھي انھن مان شھيد بشير خان قريشي بہ ھڪ ھو. سنڌ جي صـدائن ۽ وُفائن جي واٽ جو ھي مسافـر، سنڌ جي سونھن ۽ ثقافـت جو سنگتي انسان ذِلتن جي ڏينھن ۾ بہ آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ جا پيرا کڻندي حق سچ، صوفيت ۽ انسانيت جي علمبردار رھندي جھدوجھد جا قافلا ساڻ ڪندي سِـڪ ۽ سچائيون ڳوليندڙ ھي شخص ڪڏھن بہ سنڌ واسين کان نه وسرندو. بشير خان قريشي سـنڌ جي قـومپرست سياست ۽ جھدوجھد جو ھڪ وڏو نالو ھو، پاڻ وڏن ماڻھن واري سياست ڪرڻ نه ڄاڻندو ھو سنڌ ڌرتيءَ جي ڏُوکن ڏُوجھرن کان نجات ڏياري آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ لاءِ جھدوجھد ڪندڙ ھي ارڏو انسان پنھنجي پُٺيءَ تي ڦٽڪن جا نشان سجائيندي ڪال ڪوٺڙين جون اذيتُون سھندي مُنھن تي مرڪ رکندي فـڪرِ سيد جو وارث ڪندي جھدوجھد ۽ مستقل مزاجي سان سامراجيت خـلاف ويڙھ ۾ جُنبيل ھي انسان سدائين لاءِ اسان جي حصي ۾ آيو جيڪا سنـڌ جي سرزمين جي وڏي خوشنصيبي آهي. اڄ ۱۰ آگسٽ محبوب چيئرمين جو جنم ڏينھن آھي. ۱۰ آگسٽ ۱۹۵۶ع جو سُورج سـنڌ جي خوابن ۽ اميدن کي ھڪ وڏو سھارو ڏيندڙ روشنيءَ بڻيو، جنھن ڏينھن سـنڌ لاءِ ھڪ وڌيڪ ڌڙڪندڙ دل پاڻ ۾ محبت ۽ رواداري رکندي سنڌي قوم جي ڏُکويل چَھرن تان مُرجھايل مُـرڪن کي لاھي ھڪ ٽھڪندڙ ۽ مُـرڪ سان لافاني چـھرو ڏيندڙ ٻار جنم ورتو ھو.

ھن ٻار رتيديري جي گِھٽين ۾ کِـيڏندي عمر جي تقاضائن تي پورو لهندي انٽر پاس ڪرڻ کان پوءِ سنـڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام ۾ ايڊميشن وٺي پنھنجي مستقبل ۾ سنـڌ سمائي نڪتل ھي اُترادي شاگرد ھڪ ڏينھن ساري سنـڌ جو پرينءَ ٿي ويندو اھو ڪنھن ٿي ڄاتو.اڳتي هلي سنڌ جي عشق ۾ سڀ ڪجھ لُٽائيندي پاڻ رَنڱ ذات ۽ قبيلن واري سوچ کان ھٽي ڪري سنـڌي قوم جي ڀرپور نموني سان مالڪيءَ جو دعويدار ٿيو. رتيديري جو ھي اُترادي ڇُوڪرو جنھن ان وقت سياست جي شروعات ڪئي جنھن وقت سـنڌ جي ڌرتيءَ مٿان ضياءَ الحق جي مارشلا لا جا ڪارا ڪـڪر ڇانيل هئا ۽ سنـڌ جو نالو وٺڻ ڪاريھَر تي پير رکڻ برابر هو. ۱۹۹۰ع تائين جساف جو صدر رھندڙ بشير خان ۹۵ع ۾ جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمين چونڊيو ويو. سـنڌ جي قومپرست سياست دوران جيل جون سختيون برداشت ڪندي ٽوٽل ڇھـ سال ڏھ مھينا جيل ۾ رھيو. شھيد بشير خان قريشي رياستِ پاڪستان جي دلالن جي مُنھن تي ھڪ زُوردار چماٽ وانگي ھو. شھيد وڏو جيڪو ڪربلا جيان ڏِيک ڏيندڙ منھنجي سنڌڙي کي سھارو ڏيندي ساري سـنڌ کي پنھنجو سمجھندڙ فرشتي مثل انسان ھو. جيڪڏھن زندگيءَ ۾ چاھي ھا تہ پنھنجي رُوح جي چپن کي ساقي جي ساھِيي ۾ گذاري سُڪون جي زندگيءَ جا خُمار وٺي سگھي ھا پر انڊلِٺي رنگن جھڙو وڻندڙ ھي انسان ڪڏھن بہ پنھنجي ذاتي زندگيءَ کي سنڌ کان مٿي ترجِيح نہ ڏني.شھيد وڏي سَرد ۽ ڪارِين راتين ۾ پنھنجي دردن ۽ سُورن کي مات ڏئي سموري سنڌ جي آجپي لاءِ جهدوجهد جو سُرخ پرچم بلند ڪيو. سـنڌي ٽُوپي ۾ صدا وڻندڙ ھن انسان مٿان قاتلاڻا حملا به ٿيندا رھيا. سياسي جھدوجھد دوران ھن انسان ذاتي ۽ قبيلائي جھيڙن کي ختم ڪرڻ لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيو. شھيد بشير خان جڏھن سـنڌ لاءِ جھدوجھد ڪندي روڊن رستن جي سُـونھن بڻجندو هو تہ سـنڌ دشمن قوتـون حيران بڻجي وينديون هيون. انھيءَ دوران سموري سنـڌ کي ھڪ وڏي اُميد ھوندي ھئي تہ ھڪ ڏينھن ضرور سـنڌڙي مٿان فڪرِ سيد جي ڇانءَ ۾ آزاديءَ جو ڳاڙھو جھنڊو پنھنجي مستيءَ ۾ جُـھولندو ۽ سامراج قوتـون پنھنجي ناڪاميءَ تي ماتـم ڪندي ديش ڀڳتن کي لال سلام چونديون. ۽ پوءِ اُھو ٿيو جيڪو ھر وطن لاءِ ٿيندڙ جنگ ۾ ھڪ سچي ۽ کَري اڳواڻ جي لاءِ مقرر ھوندو آھي دُوکو، فرِيب، پنھنجن جي لالچ ۽ غداريءَ جي سبب سامراجي قُـوت پنھنجون اِٽڪلون ھلائيندي اُتر سنڌ جي ھن اِرڏي شخص کي ۷ اپريل جي رات وڏي سازش تحت شھيد ڪري سـنڌ جي آزادي خوشحاليءَ ۽ فڪرِ سيد جي جھدوجھد جي لال پرچم ھڪ ڀيرو وري ھيٺ ڪيو ويو.پر سنـڌ دشمن قوتن کي اھا ڄاڻ ناھي تہ جيئي سنڌ قُـومي محاذ جڏھن کان بنياد پيو ھو تڏھن کان ان جو ٻيو نالو مقتل گاھ ھو جنھن جي راھ تي ھلندي ڪيترن ئي دلير اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پنھنجي رَت سان وطن کي شاد آباد رکندا اچن ۽ ھڪ ڏينھن ضرور محبوب اڳواڻن سان گڏ جساف جي قيادت پنھنجي مقصد ۾ سُـوڀ حاصل ڪندي ۽ ھن رياست کي پنھنجا سمورا مقـصد ۽ سـنڌ دشمن فيصلا مُنھن ۾ ھڻي ھڪ آزاد ۽ خُودمختيار وطن جي دعويدار ھي سنڌي قوم ٿيندي. سـن واري سائين جي ھن شيدائي بشير نه رڳو آزاديء خوشحاليءَ ۽ فڪرِ سيد کي عام ڪرڻ لاءِ ڪراچي ۾ لکين ماڻھن کي گڏ ڪيو پر ھن وڏي اعلان اھو بہ چيو تہ سواءِ آزادي جي سنڌين کي سمورا حق ۽ وسيلا ملڻ ممڪن ئي ناھن. سنـڌ جي بـقا آزاديء ۽ خوشحاليءَ جي جنگ جو ھي ڪمانڊر انسان ڪڏھن بہ سامراجيت جي اڳيان نہ جُهڪيو. قومي آزادي جي تحريڪ کي رُوڪڻ لاء سامراجيت بيشمار ھٿيارن، چُـالن، حِـرفتن ۽ رنڊِڪن سان ناڪام بڻائڻ جي ڪوشش ڪندا رھيا پر شھيد وڏي آزادي جي تحريڪ ۾ اھڙو تہ روح ڦُـوڪيو ھو جنھن ۾ ڪيترائي ڳَڀرو جوان پنھنجي محبوبائن کي وساري وطن جي راھ ۾ اچي بيھندا ھئا.جڏھن بہ ڪنھن قـوم ۾ آزادي ۽ خودمختياري جي جنگ جُوٽڻ جو جذبو پنھنجي انتھا ۽ عُروج تي پھچي ويندو آهي تہ ان وقت قابض طاقت (سامراج) کي اھا پڪ ٿي ويندي آهي تہ بربادي ۽ ذلت جلدي حصيدار ٿيڻي آھي. شھيد بشير خان قريشي آزاديءَ جو اھڙو تہ عاشـق ھو جو چوڏھين جي رات ۾ جواني ماڻيل چنڊ جو عڪس سنڌوُ جي پاڻي تي ھڪ اُوپرو لڳندو هو محبوبن جي مُـرڪ کي بہ آزادي جي راھ ۾ قربان ڪري چڏيندو ھو. سنـڌ جي دلير ۽ بھادر ڪردار جو راھي بشير خان قريشي سڄي زندگيءَ صرف ان سورھيائي ۽ سچائي جي گس تي گذاري چڏي تہ جنھن جي آرزوءَ ھر پيغمبر انسان جي ھوندي آھي. ۷ اپريل جي رات شھيد وڏي جي وڇوڙي تي نہ رڳو سڪرنڊ کان رتيديري تائين ڪامريڊن جي گاڏين جي شيشن مان نظر ايندڙ چنڊ اُداس ھو پر انھيءَ رات ٽنڊي ڄام جي پُوڙھن ۽ جھونن وڻن کي بہ لُڙڪ لاڙيندي ڏٺو ويو.

سيد کان پوءِ سنڌ جو تون ئي ھئي آواز،

تو بن ھاڻي اياز سنڌ نڌڻڪي ٿي لڳي،

 

(ڏھاڙي سنڌيار ڪراچيءَ ۾ ۱۰ آگسٽ ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)


بشير خان قريشي

صديون ساه جنھن کي سِڪي ٿي ساريو!

نواز شاه ڀاڏائي

منھن انڌاري جو گاڏين جو قافلو سنڌ جي ھڪڙي ڪچي رستي تان منزل طرف روان دوان آھي. ماڪ ڀنل مٽي اڏندي گاڏي سان چنبڙندي ٿي وڃي. پريان ڪنھن مسجد تان ايندڙ اذان جو آواز ڪنن سان ٽڪرائجي رھيو آھي. ڪجھ موٽر سائيڪل ڪراس ڪن ٿا. ھن آرسي ۾ چھرو ڏسي پنھنجي مٿي تي پاتل سنڌي ٽوپي جو رخ درست ڪيو ۽ دل ئي دل ۾ سوچڻ لڳو ته تاريخ مون کي ڪيڏي نه وڏي ڪم لاءِ چونڊيو آھي. گاڏي ھڪڙي شاخ تي اڏيل پل تان ٽپي ته سامھون عورتن جي ھڪڙي جٿي کي پنڌ ايندي ڏٺائين. گاڏيءَ جي بتين جي ھلڪي روشني ۾ نظر ايندڙ سنڌياڻيون ڏاند گاڏيءَ ۾ ويٺل گھوٽ ڪنوار جي شادي جا سھرا ڳائي رھيون ھيون. اھو منظر ڏسي اکيون خوشي مان ڀرجي آيس. دعا ڪيائين ته شال منھنجي وطن جا ويڙھا وسن. پوءِ سوچڻ لڳو ته منھجي ديس جون خوشيون به وقت جي سامراج کسيون آھن، ان پاپ نگر جي پوڄارين خلاف آئون ۲۳ مارچ تي اھا تاريخ رقم ڪندس، جنھن سان ذلت جو ھي نظام پنھنجي سمورين بڇڙائين سميت ڀڄي ڀور ٿيندو. مشڪي گاڏي ۾ وڄندڙ عابده پروين جي ڪلام جو آواز گھٽ ڪيو ته اڳيان بيٺل ھڪ وڏو ھجوم نعرا هڻندي اڳتي وڌي آيو. ساڻس ڳل ڳراٽي پاتائين قافلو وري اڳتي وڌيو. قافلو ڌوڙ ڌڌڙ ڊگھو پيچرو لتاڙيندو ان وقت ڪنھن ڳوٺ ۾ پھتو، جنھن وقت ٻھراڙي جي سانجه ٺري چڪي ھئي. وٿاڻن ۾ بيٺل مال جي چڙن جي موسيقي ڪنھن ڪنھن پل اڀري ٿي. ڪچي اوطاق جي اڳيان لڳل شامياني ۾ ڳوٺاڻا بي صبري سان سندس انتظار ڪري رھيا ھئا. ھو ڪار مان لٿو ته ھر طرف فلڪ شگاف نعره گونجي اٿيا. پوءِ ته ڄڻ زندگي ڪر موڙي اٿي. اسٽيج سيڪريٽري آخر ۾ سڏ ڪيو ته، “ھاڻ ايندو سالار سنڌ بشير خان قريشي!” ھو ڇا آيو، ڄڻ مئل دلين ۾ ڌڙڪن موٽي آئي. ھن جا سادا پر دل ۾ پيھي ويندڙ جملا ويٺلن جي روح کي سنڌ جي آجپي طرف مائل ڪندا رھيا. ھڪ طرف ھو ٽي ڪروڙ ماڻھن سان ملي کين ڪراچي آزادي مارچ طرف سڏي رھيو ھو ته ٻي طرف سازشون سٽيندڙ سرگرم ٿي چڪا ھئا، جن طئه ڪري ورتو ھو ته بس اھا ريڊ لائين آھي، گھڻو ٿيو ھاڻ ڪھاڻي کي ختم ڪجي. ۽ پوءِ اھو ئي ٿيو. لکين انسان وٺي تبت سينٽر تي آزادي جي پرامن گھر ڪندڙ اسان جي وطن جي نگھبان کي قابض قاتلن شھادت جو کنھبو اوڍائي اسان جي عظيم آرزو جا ٽڪر فضا ۾ اڏاري ڇڏيا ۽ ان پڄاڻان اسين بحيثيت قوم وکرندا ٽٽندا ڊھندا ھيٺ ڪرندا ٿا وڃون.

بشير خان قريشي جي وڃڻ کان پوءِ سنڌ ھر ايندڙ لمحي ڪنھن نئين حادثي سان ھمڪنار ٿي آھي، ڪنھن نئين ماتم مان گذري آھي، ھر اڀرندڙ سج سنڌ تي گرم ٽانڊن جو مينھن وسائيندو رھيو آھي. ڪيئي طوفان لڳا آھن، آنڌيون الريون آھن، درد جا درياه اٿليا پلٽيا آھن، ذلت جي زھر ديس جي دلين جون رڳون سڪائي ڇڏيون آھن. ۱۲ سال گذري وڃڻ کان پوءِ به سنڌ جي ماڻھن جون اکيون بشير قريشي کي ڳولي رھيون آھن. ھو ڄڻ ھن ملڪ جي ماڻھن لاء مقدر جو معجزو ھو، جنھن جي وجود سان اسان ڏکارن ماڻھن جون اداس اميدون وابستا ھيون. ھو اھڙو ماڻھو ھو، جنھن تي سنڌ اکيون پوري اعتماد ڪيو ھو ۽ کين يقين ٿي ويو ھو ته سوديبازي ۽ دوکيبازي ھن شخص جي لاءِ مئل ڀاءَ جو گوشت کائڻ جي برابر آھي. ان ڪري ھو نڪرندو ھو ته سنڌ مٿس گھور گھور ٿي پوندي ھئي. رستا دامن کولي بيھندا ھئا. گليون گنگنائينديون ھيون. شھر آجيان جا بئنر بڻجي بيھندا ھئا. دوله دريا خان جي شھادت کان پوءِ سنڌ جديد دور ۾ پھريون دفعو ھڪڙو اھڙو اڳواڻ ڏٺو ھو، جنھن وطن جي سرحدن کي بچائڻ لاءِ پنھنجي ملڪ جي ماٿرين ۽ بلند پھاڙن جو قسم کائي جھدوجھد شروع ڪئي ھئي. ھن عھد ڪيو ھو ته يا ديس وٺبو يا جان ڏبي. پوءِ ھن ائين ڪري ڏيکاريو. جڏھن جان ڏيڻ جو وقت آيو ته ھن ساڳي دليري سان اجل جو جام نوش ڪري قدرت سان روز ميثاق جي ڪيل واعدي مطابق واپسي ڪئي.

بشير خان قريشي روايتي مھم جو يا اخباري بيان تي ڪم ٽپائيندڙ قيادت کان اخلاقي سياسي توڙي ڪمٽمنٽ جي لحاظ کان گھڻو وڏو ماڻھو ھو، ھڪڙو باادب باذوق فھم فضيلت وارو سنڌي ڪلچرل قسم جو ليڊر ھجڻ جي ڪري قوم جي دلين ۾ ھو شعلو شعلو ٿي ڀڙڪندو رھيو. اڄ سنڌ جيڪا ناموافق حالتن جي ڪوھيڙي ۾ ڌنڌلائجي وئي آھي، ان کي جيڏي مھل به ڪا سور جي سٽ اڀري ٿي ته ھوءَ ڀڳل ھڏ وانگر ڏکي چئي ٿي ته؛ ڪاش شھيد بشير خان ھجي ھا. ھو سراپا ويڙه جو استعارو ھو. ھن کي ماھر سرجن وانگر دکياري ديس جي مھلڪ مرضن جو پورو ادراڪ ھو، ان ڪري ھن ماڻھن جي زخمن جي ٽاڪور ڪئي. ڌرتي جي ابدي نجات لاءِ سينو ساھي مقتل ۾ نڪتو. ھو اقتدار پرست سياستڪارن جيان اھو نه چوندو ھو ته فلاڻي کي لت ھڻي ڪرسي تان ڪيرائينداسين. ھو ته جرتمند انقلابي ڪمانڊر جيان شاھد آڱر اڀي ڪري وڏي واڪ چوندو ھو ته ھن ڪوڙ تي بيٺل نظام کي ڊاھي پنھنجو ديس آجو ڪرائينداسين. ھن کي خبر ھئي ته ڪرسيون خسيس شيون آھن. اھي نام نھاد فردن جي سمجھوتن وچ ۾ پيون ڦرنديون آھن. ھن مٽي جي ماڻھن جي دائمي فتح رڳو آجپي سان منسلڪ آھي. ان ڏوه جي ڪري ئي ته سندس دشمن کيس ڊگھي دير برداشت نه ڪري سگھيو. ھن طريقه واردات تبديل ڪري ھن ايامن جي آواز جھڙي عاشق کي راه تان ھٽائي ڇڏيو.

بشير قريشي رتيديري جي رسائين راتين مان نڪري ٽنڊو ڄام جي صنوبرن مان ٿيندو سڄي سنڌ پھچي ويو. سنڌ پنھنجي ھن سلڇڻي پٽ کي ٻنھي ھٿن سان ڀاڪرين ڀري ورتو. ھن پنھنجي رھبر سائين جي ايم سيد جو ايترو پيار حاصل ڪيو، جو سندس سينيئر توڙي سيد کي دانشوراڻين حرفتن سان متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ “اصل تي وڊا” ڪامريڊ به کانئس جيليئس ھوندا ھئا. پوءِ تاريخ ڏٺو سيد کي گھيري ويٺل سائنسي پالٽيڪس جي مھندارن کان ھي صوفياڻي جذبات جي فراواني تي يقين رکندڙ فقيري مزاج فرد گوء کڻي ويو. ھن زندگي ڏئي قوم کي زندگي جو راز ٻڌائي ڇڏيو. ھو الھام تي يقين رکندو ھو يا نه، پر ھن انساني نفسيات کي باريڪي سان پرکي ورتو ھو، ان ڪري دماغن کي دليلن ۾ الجھائڻ جي بجاءِ ھن دلين جي درد کي دريافت ڪرڻ شروع ڪيو. ڏسندي ڏسندي منتشر انبوه ٿيل قوم پنھنجا پر سائڻ شروع ڪيا. ان جي ھڪڙي جھلڪ ھن ۲۳مارچ تي ڏيه توڙي پرڏيه کي ڏيکاري ڇڏي ته ڏسو زخمي قومون ڏاڍيون خطرناڪ ٿينديون آھن. اھي جڏھن اٿنديون آھن ته زنجيرن جا ذره ذرن سان ناھن ملندا.

سچ اھو آھي ته بشير خان قريشي کان پوءِ سنڌ رھزنن جي رڻ ۾، بگھڙن وچ ۾ جيان ڦاسي پئي آھي ۽ اسين سڀ خوف م ورتل ڌنار وانگر وڻ تي چڙھي رڙيون ڪري رھيا آھيون پر شھيد ھجي ھا ته بگھڙن تي سندائتا وار ڪري سنڌ بچائي وٺي ھا. ھن ڌارين جي قبضي ۾ آيل پنھنجي تاريخي شھر ۾ آخري للڪار ڪري وطن جي ويرين جا ھانء ڦاڙي وڌا. جنھن جي قيمت طور کيس پنھنجي جان جو نذرانو ڏيڻو پيو. سنڌ جي دائمي نجات سواءِ بشير خان قريشي جي جنم ڪھاڻي اڻپوري رھندي. ھو سنڌ جي آجپي ڪاڻ وقت جي سمورين فرعوني قوتن سامھون ڪونڌر پٽ ٿي بيٺو. ھن جيڪو جھنڊو ھٿ ۾ جھليو، مرڻ تائين ڪرڻ ڪونه ڏنائين. ان ڪمٽمنٽ کيس تاريخ جي سندر سيج تي شاه عنايت شھيد وانگر ڳاڙھو گھوٽ ڪري ويھاري ڇڏيو.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۳ اپريل ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)


 

بشير خان قريشي

هڪ ديومالائي ڪردار - ورسيءَ جي مناسبت سان

حبيب ڀٽو

سنڌ هن وقت هڪڙي قھري دور مان گذري رهي آهي. سنڌ جون زمينون اڳ ڀڳڙن مٺ ۾ نيلام ٿينديون هيون، هاڻي مفت ۾ تحفي طور ڌارين ۽ طاقتور ڌرين کي ڏنيون پيون وڃن. سنڌ جي پنجن ضلعن تي مڪمل ڌاڙيلن جو ڪنٽرول آهي. ڪرپشن اڏوهي وانگي سنڌ کي کائي کوکلو ڪري ڇڏيو آهي. عورتون ته ڇا پر معصوم نياڻيون اغوا ٿي، ڏاڍاين جو نشانو بڻجي بڻجي رهيون آهن. اهڙي قھري ڏينهن ۾ سنڌ جي وڏي، بشير خان قريشي جي وڇوڙي جو ڏينهن موٽي آيو آهي. ڏکن جي ڪڙاهيءَ ۾ ڪڙهندڙ سنڌ اڄ پنهنجي عظيم اڳواڻ جي وڇوڙي تي وڌيڪ ڏکاري ٿي وئي آهي. اڄ بشير خان قريشي جي وڇوڙي جو ڏينهن آهي. اڄ جڏهن سنڌ جي هزارين نوجوان سان گڏ مون کي به پنهنجي جوانيءَ جا حسين ترين ڏينهن بشير خان قريشي سان گڏ گذاريل ياد اچي رهيا آهن. آئون ساڻس هڪ، ٻه نه پر سوين جدوجهدن جو رفيق سفر رهيو آهيان. جساف ۾ هڪڙي ڪارڪن ٿيڻ کان وٺي مرڪزي صدر ٿيڻ تائين، مون بشير خان قريشي سان سوين سفر گڏ ڪيا، ڏک هجن، سک هجن، جيل هجن، سختيون هجن، ڏينهن هجي يا رات، سنڌ جي چپي چپي تي سندس کنيل قدمن، ڪيل جدوجهدن جو هڪڙو اکين ڏٺو گواه به رهيو آهيان، ان ڪري آئون سمجهان ٿو ته سنڌ حقيقي معنا ۾ يتيم ان وقت ٿي، جڏهن بشير خان قريشي کي شهيد ڪيو ويو. سندس موجودگي ۾ سنڌ وٽ هڪڙو همٿ ڀريو، سگهارو آواز هو، سنڌ جي دشمنن لاءِ هڪڙي للڪار هو، جيڪا للڪار هن وقت ڪٿان ٻڌڻ ۾ نه پئي اچي. جيئن ابراهيم منشيءَ چيو آهي ته، “جڏهن به سنڌ سڏ ڪيو ته پهچي پٽڪي ور ويو”. حقيقي معنا ۾ اهو پٽڪي ور بشير خان قريشي هو. هن پنهنجي پوري زندگي جدوجهد جي ميدان ۾ گذاري. جڏهن به سنڌ خلاف يا سنڌي ماڻهن خلاف ڪو قدم کڄندو هو ته هو نفعا، نقصان ڏسڻ بدران نڪري پوندو هو. اهو نه ڏسندو هو ته ان جا نتيجا ڪهڙا نڪرندا، کيسي ۾ پيسا آهين يا نه، بس حڪم ڪندو هو ته هتي پهچو. ماضي جون اخبارون گواه آهن ته هزارين ماڻهو سندس سڏ تي اتي پهچي ويندا هئا. ڪراچي جي ڳوٺن تي ڪاھ هجي يا قبيلائي جهيڙا هجن، اگر هڪڙي رات ڪراچي ۾ ڳوٺن جي بچاءَ جي احتجاج ۾ هوندو هو ته ٻئي ڏينهن ڪنڌڪوٽ پهچي ميڙ منٿ قافلا وٺي سنڌي ماڻهن کي پيو پرچائيندو هو ته پاڻ ۾ نه وڙهو.

آئون ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته بشير خان قريشي پاڻ لاءِ، پنهنجي ذات يا خاندان، ويندي پنهنجي ٻچن لا ڇا جيئو، جنهن ماڻهوءَ جي اڌ زندگي يا جدوجهد جي ميدانن تي گذري هجي، اڌ زندگي جيلن، ٿاڻن، عدالتن ۾ گذري هجي، ان سک ڪهڙا ڏٺا هوندا، پر هن پوري زندگي قوم کي ڪا ميار نه ڏني. اسان وٽ پنهنجي حقيقي ليڊرن جي قدر جو رواج گهٽ آهي. اسان روس، ويٽنام، سميت جڳ جهان جي ليڊرن تي لکنداسين، پر ڪن انهن ئي انقلابين ۽ گوريلن جهڙن پنهنجي ليڊرن کي نظر انداز ڪنداسين. قدر جي نگاہ هجي ها ته هن وقت بشير خان قريشي تي ناول لکجي چڪا هجن ها. آئون وڏي دعوا ڪونه ٿو ڪريان پر اها هڪ حقيقت آهي ته ورهاڱي بعد سنڌ مٿان حاڪمن جون جيڪي به ڪاهون ٿيون آهن، انهن حملن جو جن چند سياسي اڳواڻن مقابلو ڪيو آهي، انهن ۾ بشير خان قريشي به هڪ آهي. سائين جي ايم سيد جي واٽ ڪا سولي واٽ نه هئي، سندس سٿ ۾ سوين اڳواڻ بشير خان قريشي کان علمي ادبي قد ۾ وڏا هئا، پر اهو جهنڊو کڻي اڳتي هلڻ لا دل ٿي کپي، جيڪا بشير خان قريشي وٽ هئي، ان ڪري ئي سائين جي ايم سيد جي قافلي جي سرواڻي بشير خان قريشي جي حصي ۾ آئي. فقير صفت انسان، يارن جو يار، راڄائتو ماڻهو بشير خان قريشي جڏهن جدوجهدن جي ميدان تي هوندو هو ته هڪڙو مڪمل اڳواڻ ٿي سرواڻي ڪندو هو. پنهنجي ڪارڪنن جي سار لهڻ سندس سڀ کان وڏي سڃاڻپ هئي، ان ڪري ئي هو سنڌ جي نوجوانن ۾ حد کان وڌيڪ مقبول هو. هن جا نقاد به هن جي مسلسل جدوجهد کي مڃيندا هئا، ان جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته هن وقت سنڌ ۾ ڪوبه وڏو واقعو ٿئي ٿو ته سوشل ميڊيا تي اڌ کان وڌيڪ پوسٽون اهي هونديون آهن ته ناهي بشير خان قريشي، نه ته ائين نڌڻڪا نه هجون ها. هو توڙي جو هن وقت اسان وٽ موجود ناهي پر سنڌ جي چپي چپي تي سندس پيرن جا نشان آهن. سنڌي ماڻهن جي ٽن ڏهاڪن جي جدوجهد جو هو سرواڻ هو. سندس زندگي تي لکڻ جي سخت ضرورت آهي. سندس جدوجهدن جي، انهن جدوجهدن ذريعي سنڌي قوم کي مليل ڪاميابين تي ڪتاب آڻڻ جي ضرورت آهي. هي جيڪي سنڌ جا ڦريل شهر واپس سنڌي ماڻهن کي مليا آهن، اهي واپس ورائڻ ۾ بشير خان قريشي جو ڪردار آهي. ويندي واحد سنڌي قومپرست اڳواڻ بشير خان قريشي هو، جنهن ڪراچي ۾ اچي ديرو ڄمايو. ڪراچي جا سنڌي صحافي گواہ آهين ته هن ڪراچي ۾ سنڌين جو تحفظ ڪيئن ڪيو، ڳوٺ ڪيئن بچايا. اڄ اسان خوش آهيون ته ڪراچي ۾ سنڌي اڪثريت ۾ اچي ويا آهن ته اهو ڪريڊٽ به بشير خان قريشي ڏي ئي وڃي ٿو. اڄ جڏهن سندس وڇوڙي جو ڏينهن موٽي آيو آهي ته آلين اکين سان پنهنجي ليڊر کي ياد ڪرڻ سان گڏوگڏ اها اميد به ٿا ڪريون ته اسان جي صفن مان ڪو ماڻهو اڳتي اچي بشير خان قريشي وانگي پنهنجي قوم جي اڳواڻي ڪري، ڇاڪاڻ هر ٻيو ڏينهن سنڌ جي ماڻهن لا وڌيڪ مشڪلاتون کڻي پيو اچي، انهن مشڪلاتن جو مقابلو نه ڪيوسين ته اسان به ريڊ انڊين وانگي هميشه دربدر ٿي وينداسين.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۷ اپريل ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)


 

بشير خان قريشي

ھو امر ٿي ويو سنڌ جي عشق ۾

شمس النسآءِ ملاح

دنيا جي تاريخ ۾ عظيم ڪم ڪندڙ عظيم شخصيتن جو تعداد تمام گھٽ ھوندو آهي، جن پنهنجي خوبصورت زندگي آزاديءَ جي حاصلات لاءِ پنهنجي حسين جواني، زندگي ھميشه لاءِ ارپي ڇڏي. جڏهن قومون مڪمل طور تي غلام بڻجي وينديون آهن تڏهن ان مٽيء مان مخدوم بلاول شھيد، دولھ درياء خان، شاھ عنايت شھيد، جنرل ھوش محمد شيدي، روپلو ڪولھي، سائين جي ايم سيد ۽ بشير خان قريشيءَ جھڙا اتي دلير جوڌا ضرور جنم وٺندا آهن. دنيا جي ٻين مظلوم ملڪن جي عوام وانگر سنڌي عوام به پنهنجي وطن جي ڇوٽڪاري، آجپي ۽ ترقيءَ جي لاءِ سامراجي قوتن سان وڏي بھادري ۽ دليريءَ سان مقابلو ڪندا رهيا آهن. اھڙي طرح سنڌ جيڪا قدرتي وسيلن سان مالامال ھئڻ جي ڪري سدائين بدخواهه قوتن جي نظر ۾ رهي آهي ۽ اڃا تائين رهي ٿي، اھڙي صورتحال ۾ سنڌ جي تاريخ ۾ اڻٿڪ جدوجهد ڪندڙ مثال بشير خان ھو، جنهن سنڌ جي عشق ۾ رات ڏينھن ھڪ ڪري ڇڏيو. ھن سائين جي ايم سيد جي فڪر کي اڳيان کڻي ماڻهن ۾ ۽ جھر جھنگ ۾ پھچائي ڇڏيو ۽ واھڻ واھڻ وستي وستي ۾ ڳاڙها جھنڊا جھولائي ڇڏيا، پر اسان وٽ ھتي قومپرستيءَ جي سياست ڪرڻ وڏي ۾ وڏو گناھ سمجهيو وڃي ٿو پر ان ‘گناھ’ کي نڀائڻ ته ان کان به وڌيڪ ڏکيو ڪم آهي ۽ وڏو پاپ آهي. بشير خان نه صرف اھو قومپرستيءَ جو ايڏو وڏو ‘پاپ’ ڪيو پر ان سان سچو به رهيو ۽ ھو پنهنجو ساھ ڏئي ويساهه ڏئي ويو ۽ سدائين جي لاءِ امر ٿي ويو .

موت نه توکي ماري سگهندو،،

موت کي تو ئي ماريو آ.

تنهنجي خون جي خوشبوءَ مان،

گل ھزارين ڦٽندا رھندا.

ڪيئي ڌرتيءَ جا دل وارا،

واس انهيءَ مان وٺندا رھندا،

بشير خان قريشي سائين جي ايم سيد کان تمام تمام گهڻو متاثر هو. سائين جي ايم سيد جي فڪر ۽ سنڌ جي جي قومپرست ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو. تنهنڪري ھن کي ۱۹۹۷ع ۾ سائين جي ايم سيد ايوارڊ مليو ۽ ۱۹۷۶ع کان وٺي ان عشق جي راھ تي ھلندڙ بشير خان، جنهن کي سنڌي ماڻهن جو ڌرتيءَ تي بي اختيار ھئڻ جي ڳالھ تڪليف ڏيندي رهندي ھئي. تنهنڪري ڪراچيءَ ۾ ۲۰۱۳ع ۾ لکين سنڌين کي گڏ ڪري ھن سائين جي ايم سيد جي ان چوڻيءَ تي ته اسان ھاڻي غلاميءَ کان بيزاريءَ جو اعلان ڪريون ٿا ۽ سڄي دنيا کي ٻڌايون ٿا ته سنڌ ھڪ وطن آهي ۽ اسين سڀ سنڌي امن پسند قوم آهيون، جيڪي سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ امن چاهين ٿا ۽ واقعي به جڏهن بشير خان ڪراچيءَ ۾ آزادي مارچ ڪرائي لکين ماڻهن کي گڏ ڪري اھي نعرا ھڻايا ۽ ڪراچيءَ کي ڳاڙهن جھنڊن سان سينگاري ڌرتي ڌڻي ھئڻ جو ٽبوت ڏنو ۽ سنڌ جي مالڪي ھئڻ جو احساس پڻ ڏياريو. بشير خان ٺيڪ ان شعر جي تشريح ھو: “جان جان ھئي جيئري، ورچي نه ويٺي”. آزادي مارچ کان پوءِ ٻيھر ھڪ دفعو وري سنڌ جي دوري لاءِ نڪري پيو ھو. ھن پڪو پھ ڪري ڇڏيو ھو ته جيستائين سنڌ کي آجپو نه ملندو، ھي سڪون سان نه ويھندو. بشير خان قريشي سنڌ جي آزادي مارچ جو اھو شھيد آهي، جنهن جي للڪار جو آواز نه صرف سڄي سنڌ ۾ گھمي ٿو پر سڄي دنيا ۾ گھمي ٿو. اڻٿڪ محنت ۽ جدوجهد جي ڪري بشير خان ماضي، حال ۽ مستقبل ۾ ھميشه قومپرست سياست جي رھنمائي ڪندو رھندو .

وٺي ھر ھر جنم وربو، مٺا مھراڻ ۾ ملبو،

ختم اوندھ ٿي ويندي، چٽيءَ چانڊاڻ ۾ ملبو.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۷ اپريل ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)


 

بشير خان قريشي

’انا کان اڳتي نڪتل، سنڌ جو وڏو‘

انصاف علي عباسي

۷ اپريل ۲۰۱۲ تي سنڌ کان وڇڙي ويل سچي ليڊر بشير خان قريشي جي اڄ ٻارهين ورسي آهي ۽ سنڌ جي مختلف شهرن، واهڻن وستين ۾ سندس پرستار مختلف طريقن سان ياد ڪري خراج پيش ڪندا هوندا. افسوس اهو آهي ته سنڌ جي هن سچي عاشق جي مشڪوڪ حالتن ۾ ٿيل وفات جو معمو اڄ تائين حل ناهي ٿي سگهيو. پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ اها ڳالهه نئين به ناهي ڇو ته ملڪ جي باني محمد علي جناح جي ايمبولينس کي تيل نه ملڻ، لياقت علي خان جي قتل ۽ فاطمه جناه جي ايوبي آمريت ۾ مشڪوڪ حالتن ۾ وفات جا معما به حل نه ٿي سگهيا ته بشير خان جي موت جو معاملو ڪٿان حل ٿئي؟

بشير خان سان منهنجي گهڻي گهاٽائي ته ڪو نه هئي پر هن سان ٿيل ملاقاتن جو ذڪر هن موقعي تي سنگت سان شيئر ڪريون ٿا. مونکي صحيح ياد ته ناهي پر مان سمجھان ٿو ته اھو ڪو ۸۰ع وارو ڏھاڪو ھو، جو منھنجي ارشاد اڄڻ سان عليڪ سليڪ ٿي پوءِ ستت ئي ۸۳ع ۾ ايم.آر.ڊي واري تحريڪ دوران جيل وڃڻو پيو. جتي ارشاد اڄڻ سان رسمي واسطي مان تعلق گھاٽي ياريءَ ۾ تبديل ٿي ويو.

هڪ ڏينهن شام جو ارشاد اڄڻ جي اوطاق تي ويٺو هئس ته ڏهاڪو کن ڪاليجي ڇوڪرن جو ٽولو اچي اوطاق تي نڪتو ۽ استاد گل اڄڻ جي پڇا ڪيائون، استاد گل جي اچڻ تائين سنگت سان تعارف ٿيو، نذير منگي، ظفر منگي ۽ امداد منگي وارن سان ته سڃاڻپ هئي پر سنگت ۾ جيڪو گھڻو سهڻو هيو ان جو نالو بشير قريشي پئي ٻڌايائون. استاد گل جي اچڻ تي ارشاد ۽ مان وڃي ڪنڊ ورتي سين ۽ پنهنجي ڪچهريءَ ۾ شروع ٿي وياسين. رات جي يارهين وڳي سنگت موڪلائڻ شروع ڪيو ارشاد به اوطاق جا اوکا، پوکا لاهي گھر روانو ٿيو، اوطاق ۾ وڃي بچياسين مان، بشير خان قريشي ۽ استاد گل اڄڻ، يارهين کان پوءِ اسان ٽنھي جي وري پاڻ ۾ ڪچهري شروع ٿي، جيڪا رات ٻين وڳي تائين هلي. اوڀاريون، لنهواريون ۽ سياسي مٿي ماريءَ کان پوءِ استاد گل اڄڻ کي پنھنجو هٿ ڏيکاريوسون ۽ پنهنجي قسمت پڇي سون؟ استاد گل اڄڻ جيڪو پنهنجي علائقي جو مشهور پامسٽ آهي، تنهن منهنجو هٿ ڏسي چيو ته “تنهنجي هٿ ۾ روحانيت جي لڪير وڏي آهي، تون تعويذ لکندين ۽ تنھنجي پنھنجي درگاھ ھوندي.” بشير خان قريشيءَ جو ھٿ ڏسي چيائين ته “تنهنجي هٿ ۾ دماغ جي لڪير وڏي آهي، تون هڪ طاقتور دماغ آهين، تون جهازَ اڏائيدين.” اها ڳالھ ٻنهي کي دل سان نه لڳي، ان ڪري چپ ڪري سمهي پياسين.

۱۹۹۰ع واري ڏهاڪي ۾ اسان جو پيارو ۽ بي سرو يار ساگر حنيف بڙدي (مرحوم) “سنڌ ساگر پارٽي” کي ڇڏي، جسقم ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ ستت ئي جيل روانو ٿي ويو. جيل جي مهماني کان پوءِ هو بشير خان قريشي جو پيارو ماڻهو ٿي اڀريو. عقوبت خانن ۾ رهڻ سان روح جون اکيون کُلي پيون هئس، سيبتو ۽ نظرياتي طرح پختو ٿي چڪو هو. بشير خان قريشي جا احوال ائين پئي ٻڌايائين جيئن ڪنھن مندر جو وڏو پوڄاري پنهنجي مندر جي ڀگوان جي مقبوليت جا قصا پيو ٻڌائيندو آهي. حنيف ساگر بڙديءَ جي معرفت ھڪ دفعو ٻيھر بشير خان قريشي سان ملاقات ٿي، ان وقت ھو ڪاليج جو نوجوان شاگرد نه پر سنڌ جو ليڊر بشير خان قريشي ھو ۽ سنڌي ماڻهن جي دلين ۾ سٺي جاءِ والاري چڪو هو. چڱا ڀلا پير، مير ۽ ڀوتار، بشير خان قريشيءَ کي پنهنجي لاءِ ڇانورو سمجهندا هئا. ان ملاقات ۾ استاد گل اڄڻ کي به ياد ڪيوسون، بشير خان قريشيءَ مون کان پڇا ڪئي ته وڏا تون تعويذ ته نه پيو لکين؟ مان چيو نه وڏا، تنهن تي پاڻ کلي چيائين ته مان به جهاز نه پيو اڏاريان. تنهن تي سنڌ جي سخنور رائيٽر فقير امداد علي ملاح چيو ته بشير خان اوھان پي.آءِ.اي يا پي.اي.ايف جا جهاز ته نٿا اڏاريا پر سنڌ جي هيسيل ۽ ڪمزور قومي ڪارڪنن کي پرواز جا گر سيکاري ڇڏيا اٿئي.

سن ۲۰۰۰ع تائين قومپرست تنظيمن جا اڳواڻ سنڌ جي علاقائي ۽ قبيلائي جهيڙن مان اهو چئي جان ڇڏائيندا هئا ته اهو ٻن ذاتين يا برادرين جو مسئلو آهي ۽ اسان جي جدوجهد سنڌي قوم لاءِ آهي. ليڪن بشير خان قريشيءَ جو ان معاملي بابت موقف سڀني کان مختلف هو ۽ هو قبيلائي جهيڙن کي سنڌ جو قومي نقصان سمجهندو هو. هو صرف سمجهڻ جي حد تائين محدود نه هو پر عملي طور جهيڙيندڙ ڌرين ۾ ٺاھ جي عملي ڪوشش ڪندو رھندو ھو. ان ڪوشش ۾ منٿ ميڙ قافلا، ٻانهون ٻڌڻ ۽ هيٺ ويهڻ تائين ۾ به عار محسوس نه ڪندو هو.

۷ اپريل ۲۰۱۲ع تي بشير خان قريشي راھ رباني جو راهي ٿيو، بشير خان جون دوستن، عزيزن ۽ ڪارڪنن وٽ سندس لاءِ ڪئي حيثيتون هونديون، ليڪن منهنجي خيال ۾ بشير خان قريشي سنڌ جو هڪڙو ئي سياستدان هو، جيڪو انائن کان اڳتي هو، الله سائين شل مغفرت ڪري. قومي ليڊرن کي جيڪي انائن جي گھوڙن تان اڃان تائين ناھن لھي سگھيا ۽ سندن انائن جي چڪر ۾ سنڌ جي ڀينگ ٿي چڪي آهي.

(نوٽ، هي مضمون منهنجي اڃا تائين اڻ ڇپيل ڪتاب ’انصاف جي ڪٿا‘ جو حصو آهي پر ورسي جي نسبت سان روزاني سنڌيار وسيلي ونڊ ڪيو اٿم) (ڏھاڙي سنڌيار ڪراچيءَ ۾ ۷ اپريل ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)

بشير قريشي!

سنڌ ڌرتي جو سچو بھادر قومپرست

وفا ولي محمد ڦل

سنڌ ڌرتي ڌرتيء سداءين سورھيھ سچا دلير بھادر جوڌا کرا ارڏا انسان پيدا ڪيا آھن جن ۾ محبت پيار وچان وڏو طور سڏجندڙ شھيد بشير قريشي ۱۰ آگسٽ ۱۹۵۹ع تي موٽڻ پور محلي، رتيديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ غلام مرتضيٰ قريشيءَ جي گھر ۾ پيدا ٿيو هن ميٽرڪ تائين تعليم، پنهنجي اباڻي شهر رتيديري مان حاصل ڪئي ۽ انٽر شڪارپور ڪاليج مان ڪرڻ بعد ۱۹۷۶ع ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي. هي جڏهن زرعي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ لاءِ آيو هو ته سندس خواب خيال ۾ به نه هو ته هُو اڳتي هلي سنڌ جي حقيقي عشق ۾ مبتلا ٿي جيل جي دال روٽي کائيندو ۽ پوري سنڌ جي ماڻهن جو محبوب بڻجي ويندو، پر زرعي يونيورسٽيءَ جي ماحول کيس عشق جي اُن مينار تي آڻي بيهاريو، جتان موٽڻ مِهڻو هوندو آهي. زرعي يونيورسٽي اُن وقت آزاد سنڌو ديش جو مورچو هوندي هئي، ۽ اُن دور ۾ ’ويٽنام ويٽنام، ٽنڊوڄام ٽنڊوڄام‘ نعرو تمام گھڻو مقبول هوندو هو. اهڙي ماحول ۾ بشير قريشيءَ جي ذهني آبياري ٿي هُئي. هن زرعي يونيورسٽيءَ ۾ شاگرد سياست ۾ حصو ورتو ۽ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن کان پنهنجي عملي زندگيءَ جو آغاز ڪيو. بشير خان قريشي نهايت ئي بهادر ۽ بي ڊپو انسان هوندو هو، جنهنڪري هي جلد ئي شاگردن ۾ مقبول ٿي ويو. کيس ۱۹۸۰ع ۾ جساف زرعي يونيورسٽيءَ جو ضلعي صدر چونڊيو ويو ۽ ٻن سالن کانپوءِ فيڊريشن جو مرڪزي نائب صدر چونڊيو ويو. ۱۹۸۶ع ۾ کيس جساف جو مرڪزي صدر چونڊيو ويو. ۱۹۹۰ع ۾ ٻيو ڀيرو اڪثريت سان چونڊجي آيو. هن جساف جي سياست دوران شاگردن جي مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور جاکوڙيو ۽ انتظاميا سان مُهاڏو اٽڪايو، جنهنڪري کيس ٻه ڀيرا گرفتار ڪيو ويو، پهريون ڀيرو داخلا جي پهرئين سال ۱۹۷۶ع ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ ۱۹۸۱ع ۾ سندس گرفتاري نظربندي وري بحال ٿي، پر وري ساڳئي سال ٻيو ڀيرو نظربند ڪيو ويو. پر هي پوءِ به پنهنجي مقصد ڏانهن گامزن رهيو ۽ اڳي کان به اڳرو ٿي، جدوجهد ڪيائين ۽ جڏهن سائين جي ايم سيد سان ويجھڙائي ٿيس ته سائين جي پيار بشير قريشيءَ کي حقيقي عشق ۾ مبتلا ڪيو ۽ هي الهڙ نوجوان مان ميچوئر سياست ڪرڻ لڳو. بشير قريشيءَ کي سنڌ جي ڳالهه ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ۱۹۷۸ع ۾ پهريون ڀيرو ٽنڊي ڄام مان گرفتار ڪري، جيل موڪليو ويو ۽ ٽوڙي ڦاٽڪ سانحي تائين جيل ۾ رهيو. اُ ن بعد سندس گرفتارين جو نه کُٽندڙ سلسلو شروع ٿيو.

ٽوڙي ڦاٽڪ وارو واقعو (۱۷ آڪٽوبر ۱۹۸۴ع) سندس زندگيءَ ۾ فيصلي ڪُن ثابت ٿيو. بشير قريشي جيئن جيل مان نڪتو ته متحرڪ ٿي سياست ڪرڻ لڳو ۽ ضيائي مارشل لا خلاف متحرڪ ڪردار ادا ڪيائين. هن پنجابين طرفان قائم ڪيل تنظيم اين. اين. ايس. او جي خلاف ڀرپور جدوجهد هلائي، (پنجابين هي تنظيم جساف کي ختم ڪرڻ لاءِ قائم ڪئي وئي هئي) جنهنڪري ٻيو ڀيرو ۱۵ جنوري ۱۹۸۵ع تي شيخ ڀرڪيي مان گرفتار ڪري مختلف جيلن ۽ ٿاڻن ۾ رکي مختلف اذيتون ڏنيون ويون ۽ ڪيترو عرصو سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ بند وارڊ ڪيو ويو. اُن ئي بند وارڊ دوران فوجي ڪورٽ ۾ ڪيس هلائي، کيس هڪ سال قيد ۽ ڏهن ڪوڙن جي سزا ڏني وئي. ان دوران مٿس تمام گھڻو تشدد ڪيو ويو، آڙاٻيڙيون ۽ ڏنڊا ٻيڙيون هڻي کيس پيرن ۾ بجليءَ جا شاڪ پڻ هنيا ويا بشير خان قريشي پنهنجي زندگيءَ ۾ شاندار پيغامِ سنڌ مارچ ڪرايا، جن ۾ لکين ماڻهن جي شرڪت ٿي هئي ۽ سنڌ جي راڄڌانيءَ واري شهر ڪراچيءَ ۾ آزاديءَ جا نعرا ڇا گونجيا هئا، ايوانن ۾ ويٺل ڪارندا پنهنجون ڪُرسيون ڇڏي ڀڄي ويا هئا. بشير خان ۲۰۰۷ع ۾ شهيد هيمون ڪالاڻيءَ واري جاءِ سکر کان مورڙي جي مزار ڪراچيءَ تائين ۷۰۰ ڪلوميٽر پنڌ ڪري ’پيغام سنڌ مارچ‘ وسيلي سنڌي ماڻهن تائين آزاديءَ جو پيغام پهچايو ۽ جتان جتان سندس قافلو گُذرندو ويو، لکين ماڻهو آجيان لاءِ گُلن جا هار ۽ اکين ۾ محبت جا لُڙڪ سجائي بيٺل هُئا. اهڙن لُڙڪن، مُرڪن ۽ گُلن جي آجيان وارو قافلو، جڏهن ڪراچي پهتو هو ته ڪراچيءَ جي سرزمين نمي کين سجدو ڪيو هو. بشير خان پنهنجي زندگيءَ جو آخري مارچ ۲۳ مارچ ۲۰۱۲ع تي ”سنڌ گُهري ٿي آزادي“ ڪرايو هو، اُن ۾ ماڻهن جو تعداد ڳڻپ کان مٿي هو. بي بي سي جي رپورٽ موجب ۲۵ لک کان مٿي ماڻهو هئا. بشير خان آخري مارچ ۾ پنهنجي تقرير ۾ چيو هو ته؛

عرصو ٿيو آهي ته منصور جو آواز پراڻو ٿي ويو آهي، هڪ ڀيرو وري نئين سر دار و رسن کي سينگارڻ گُهران ٿو.

۽ هن واقعي ايئن ڪري ڏيکاريو. اهو ئي مارچ بشير خان جي شهادت جو سبب بڻيو. بشير خان هر مارچ کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ پهريان ۲ مهينا سڄيءَ سنڌ ۾ ماڻهن کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ پنهنجون ننڊون ڦٽائي ڇڏيندو هو. بشير خان سنڌ جو واحد سياسي قيدي هو، جنهن لاءِ قيدي دعائون گُهرندا هئا ته سدائين جيل ۾ هُجي، ڇو ته بشير خان جيترو عرصو جيل ۾ رهيو ته هن اُتي قيدين جي مسئلن لاءِ بُک هڙتالون ڪيون ۽ قيدين جا مسئلا حل ڪرايا، قيدين تان آڙاٻيڙيون ۽ ڏنڊاٻيڙيون، بشير خان ختم ڪرايون. بشير خان قيدين لاءِ ڇپر ڇانءُ هوندو هو. جيل انتظاميا به ڪنهن قيديءَ کي بشير خان جي موجودگيءَ ۾ تنگ نه ڪندي هئي. جنهنڪري قيدي چاهيندا هئا ته بشير خان هميشه سندن ڀرجهلو ٿي رهي.

بشير خان جو شروعاتي دور مزاحمتي رهيو آهي ۽ پاڻ قومي تحريڪ ۾ ويڙهاڪ طور مڃيو ويندو هو ۽ هن ڪيترائي قومي پلاند پڻ ڪيا. ۸۰ع واري ڏهاڪي ۾ سنڌ ۾ پنجابي آبادڪاري سنڌي ماڻهن خلاف رِڻ ٻاري ڏنو هو، ميرپورخاص ايس. ايل ڪاليج پنجابي شاگردن جو هيڊ ڪوارٽر بڻجي چڪو هو ۽ قومي ڪارڪنن کي ماريو پئي ويو، ۱۹۸۶ع ۾ جساف جي ڪارڪنن رضا محمد بنگلاڻي ۽ عبدالقدوس ابڙينگ کي جڏهن شهيد ڪيو ويو هو ته ان جي مُک جوابدار مير زمان کي پلاند ۾ بشير خان ماريو هو. ساڳي ريت ۱۹۸۸ع ۾ ايجنسين جي چُرچ تي حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ سنڌين جو قتلام ٿي رهيو هو، جنهن جي سرپرستي حيدرآباد جو ميئر آفتاب شيخ ڪري رهيو هو، ان ميئر کي به پنهنجي ڪيفر ڪردار تائين بشير خان پهچايو هو. اهڙيءَ طرح سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ جتي به پنجابين جي اڪثريت سنڌين سان مهاڏو اٽڪايو، يا سنڌي شاگردن کي تنگ ڪيو پئي ته اُنهن کي خاموش ڪرڻ ۾ بشير خان ئي سڀنيءَ کان اڳڀرو رهيو.

بشير خان قريشي پنهنجي سڄي زندگي آزاديءَ لاءِ جاکوڙ ڪندي گُذاري، هن سڄي سنڌ جي رستن کي پنهنجي پيرن جي پِڻين هيٺيان لتاڙيو، جهر جهنگ جهاڳي آزاد سنڌو ديش جو پيغام پهچايائين ۽ ستل ماڻهن کي جاڳايائين. اهڙيءَ طرح بشير خان سنڌ ۾ ٿيندڙ قبائلي جهيڙن جي خاتمي لاءِ جاکوڙيو، ۳۰۰ کان وڌيڪ ميڙ منٿ قافلا وٺي، ماڻهن کي سرچاءُ لاءِ راضي ڪيو ۽ ۱۰۰ کان مٿي وڏن جهيڙن کي ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. سندس هر عمل سنڌ جي مفاد وٽان هوندو هو ۽ سندس جدوجهد جو طريقو هر طرح سان عوامي هوندو هو. جيتوڻيڪ بشير خان قريشي ڪو گهڻن ڪتابن جو مُطالعو نه ڪيو هو، پر سنڌ جي عشق هُن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون هيون. هُو ۲۴ ڪلاڪن ۾ مشڪل سان ڪي ٻه پل ننڊ ڪندو هو، نه ته سدائين سفر ۾. هُو بلڪل سائين جي. ايم سيد جي هن قول تي عمل پيرا رهيو. سائين لکيو آهي ته: سنڌ کي درپيش مسئلن کي جيئن مون ڏٺو آهي، ايئن اوهان محسوس به ڪيو ته هوند سُک جي ننڊ سُمهي نه سگھو. بشير خان جيڪو قومي ڪارڪنن کي پنهنجي اولاد وانگر ڀائيندو هو، سو جي ڪنهن ڪارڪن جي گرفتاريءَ جو ٻُڌندو هو ته رات جا رستا لتاڙي به اُن شهر ۾ پهچندو هو. هُو هڪ ئي وقت ڪراچيءَ ۾ به هوندو هو، ته لاڙڪاڻي ۽ عمرڪوٽ مان به اخبارن ۾ ڦوٽو ڇپبا هئا. بشيرخان جي اهڙي جدوجهد تي ڪيترن ئي ادارن پاران عالمِ انسانيت ۽ امنِ سفير جا اورڊ پڻ ڏنا ويا. سندس جوشيلين تقريرن جو پهريون مجموعو ’جاڳيا جُنگ جوان‘ ۱۹۸۹ع ۾ منصور قادر جوڻيجي ڇپائي کيس ڏنا

اهڙيءَ طرح هن سرڪش ۽ اڏول انسان جي زندگيءَ جي سفر جي پُڄاڻي، ۷ اپريل ۲۰۱۲ع تي پيالي سان ڪرائي وئي. پاڻ سڪرنڊ ۾ هڪ قومي ڪارڪن وٽ ترسيل هو، جتي ڪيترائي ماڻهو ساڻس ملڻ آيا هُئا. اُتي ئي رات جو اڍائي وڳي کيس تڪليف ٿي ۽ ٿوري وقت ۾ ساهه جو پکيئڙو پرواز ڪري ويو. سنڌ جي باشعور ۽ ساڃاهوندن جو موقف آهي ته کيس (سائو زھر) ڏيئي شهيد ڪيو ويو آهي ۽ اڳتي هلي سندس ڪيس کي جهڙي ريت لئه مٽي ڪيو ويو، سندس جُزن واري رپورٽ، گهرو وزير جي بدلي ۽ جُزن واري برنيءَ جي ٽُٽڻ مان واضح ٿي ويو آهي ته رياست ڪراچيءَ واري ’سنڌ گُهري ٿي آزادي‘ واري مارچ کانپوءِ کانئس گهڻو خوفزدهه هُئي ۽ هُنن سڌي ريت راهه تان هٽائي، سنڌ ۾ بغاوت کي ڀڙڪائڻ نٿي چاهيو، جنهنڪري کيس ساءو زھر ڏئي شهيد ڪيو ويو. بشير خان جي شهادت جي خبر ڇا نشر ٿي هئي، ماڻهن جي ته ساهه جي تند ڪُجهه گهڙين لاءِ رُڪجي وئي هئي. ان رات جو ئي سڄي سنڌ مان لکين ماڻهن جا قافلا رتيديري جي سفر ڏانهن راهي ٿيا هئا ۽ پنهنجي محبوب اڳواڻ جي آخري جهلڪ ڏسڻ لاءِ بيتاب هئا. بشير خان جيڪو زندگيءَ ۾ ته لکين ماڻهو گڏ ڪرڻ جو تجربو رکندو هو، پر هن ته آخري ديدار وقت به لکين ماڻهو گڏ ڪري ڏيکاريا اھڙي طرح سندس محبي ڀاءُ مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو کي بشير خان پاران جاري ڪيل جدوجھد سنڌ گھري ٿي آزادي جي تحريڪ جي آخري مرحلي دوران ايجنسين ڀرياروڊ نزد روڊ تي رات جي ڪاري اونداهي ۾ زند ھ باھ ۾ ڪار سميت جلائي شھيد ڪيو ويو!!! مطلب ته شھيد بشير خان جيڪو سنڌ جو ارڏو ھيرو قومي اڳواڻ ۽ جي ايم سيد جو سچو سپاھي ھو ان کي راھ تان پنهنجن سوين ڪارنن سميت ھٽاءڻ جي ڪوشش اڄ تاءين جاري آھي مگر ھي سنڌ جا جوڌا جوان مڙڻ جا ناھن سندس فرزند صنعان خان قريشي جي سپھ سالاري ۾ ھي جيءي سنڌ قومي تحريڪ جو سفر روان دوان آھي اسان جي دعا آھي ته رب العزت شھيد بشير خان کي جنت الفردوس عطا ڪري آمين

 

(ڏھاڙي سنڌيار ڪراچيءَ ۾ ۷ اپريل ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا