; سنڌي شخصيتون: پروانو سيوهاڻي

01 May, 2022

پروانو سيوهاڻي

پروانو سيوهاڻي

(۲۱جولاءِ ۱۹۵۸ - سيوهڻ جون ادبي شخصيتون)

مير حاجن مير



سنڌي ٻاراڻي ادب جي نامور ليکڪ، شاعر، پبلشر، ڪهاڻيڪار مترجم ايڊيٽر، پرواني سيوهاڻي جو جنم سنڌ جي تاريخي شهر کڏ محلا سيوهڻ شريف ۾ ٿيو. سندس اصل نالو منظور سومرو ولد گل محمد سومرو آهي سندس ادبي تخلص پروانو سيوهاڻي آهي. هن بنيادي تعليم سيوهڻ مان حاصل ڪئي. والدين پرواني سيوهڻ کي ديني تعليم ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي هن کي مدرسي ۾ پڙهڻ لاءِ ڇڏيو ويو پر هن نابري واري ڇڏي پرانو سيوهڻ پنهنجي تعليم جي باري ۾ لکي ٿو ته “آئون هر روز ڦرهي کڻي مدرسي ۾ ويندو هوس، پر منهنجي پڙهڻ سان دل ڪانه لڳندي هئي. پر مائٽن جي مار جي خوف کان مدرسي ۾ ويندو هئس، ڪڏهن ڪڏهن سبق ڪچو ٿيندو هو ته سزا ۾ مولوي صاحب سج لٿي تائين مدرسي ۾ ويهاري ڇڏيندو هو ۽ آءٌ مولوي صاحب کي ڏسي، پيو پنهنجون اکيون ٽمڪائيندو هئس ته ڪيڏي مهل ٿو گهر وڃڻ جي اجازت ڏئي. جڏهن بابا سائين مغرب جي نماز پرهڻ لاءِ مسجد ۾ ايندو هو. ته آئون ان کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندو هئس. ۽ دل ئي دل ۾ چوندو هئس ته هاڻي بابا نماز پڙهي وٺي ته منهنجي هن قيد خاني مان جان آزاد ٿئي (سيوهاڻي، ۲۰۱۶: ۲۹) هن وڌيڪ تعليم M.A سنڌي ادب ۾ سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪيائين.


پرواني سيوهاڻي جو ننڍو هوندي کان ادب سان لڳاءٌ هو شرعات ۾ ريڊيي جي پروگرامن کي پسند ڪندو هو ۽ انهن ۾ خط لکندو هو. ۱۹۷۵ع ۾ پرواني سيوهاڻي نامياري عوامي شاعر استاد بخاريءَ جي صلاح تي سلسليوار ’سرهاڻ‘ جي نالي سان سيوهڻ مان هڪ رسالو شايع ڪرڻ شروع ڪيو. شروعات ۾ هن سلسلي کي ڪتابي سلسلو ڪري هلايو ويو. جنهن جا اٺ (۸) کن پرچا شايع ٿيا. جڏهن ته بعد ۾ مقصود گل، ٻين اديبن جي صلاح مشوري سان پرواني سيوهاڻي ’سرهاڻ‘ کي باقائدي رسالي طور متعارف ڪرايو ۽ فتاح هاليپوٽو کان رسالي جو لوگو پڻ ٺهرايو هن رسالي جا ۱۰۰ کان مٿي پرچا شايع ڪيا (آزاد، ۲۰۱۶: ۳۶)

پروانو سيوهاڻي، سنڌ جي مختلف اسڪول ۾ وڃي سرهاڻ جا پرچا کپائيندو هو. کيس نوڪري ان وقت ڪانه هئي سندس زندگي جو گذر سفر به سرهاڻ تي هيو. هڪ پاسي پرواني جو گذر سفر به سٺو پئي ٿيو. ته ٻئي طرف پرواني، سنڌ جي شاگردن کي ادبي شعور پئي ڏنو. رسالي جي قيمت تمام گهٽ هوندي هئي ٻار پنهنجي خرچي مان رسالو خريد ڪندا هئا. ايتري قدر جو پروانو ڪڏهن ڪڏهن اوڌر تي رسالا ٻارن کي ڏئي ايندو هو. ٻئي دفعي اوهان کان پئسا وٺندس. ٻئي دفعي پروانو ٻيو پرچو ڏئي ايندو هو. ۽ اڳيان پئسا وٺي ايندو هو. پرواني کي اسڪول جا ٻار به سڃاڻڻ لڳا. پروانو لکي ٿو ته: مون پنهنجي عمر جو اڌ تمام گهڻو حصو ٻارن جو ادب لکندي گذاريو آهي. مون کي سموريءَ سنڌ جا ٻار ۽ نوجوان چڱي نموني سڃاڻن ٿا، هو جتي به مون کي ڏسندا آهن ته آڱر جو اشارو ڪري چوندا آهن اهو بيٺو آهي پروانو سيوهاڻي، ڪي وري ٻار جن کي منهنجو نالو نه ايندو آهي. سي وري مون ڏانهن نهاري چوندا آهن اهو هو بيٺو آهي، ڪتابن وارو جيڪو اسان جي اسڪول ۾ ڪتاب کڻي ايندو آهي. جڏهن ٻارن جا اهي لفظ ٻڌندو آهيان ته تمام گهڻو خوش ٿيندو آهيان (سيوهاڻي، ۲۰۱۶: ۹۳)

پرواني سيوهاڻي جا ڪتاب ڪيترائي ڇپيل آهن. جن ۾ شاعري، ڪهاڻيون، ناٽڪ، سفر ناما شامل آهن ۽ ڪي ترجما ٿيل به آهن.سندس ڪتابن جو وچور هن ريت آهي.

ٽياسي جا ٽي ناٽڪ (ٻارن لاءِ ناٽڪ) ۱۹۸۳ع

تماشو (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون) ۱۹۸۵ع

پکين جي ديس ۾ (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون) ۱۹۸۶ع

چنڊ ۽ چڪور (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون) ۱۹۸۹ع

هل ته هلون چنڊ تي (ٻارن لاءِ سفرنامون ۱۹۹۲ع

ٻارن لاءِ چونڊ ڪهاڻيون (ترتيب ۱۹۹۴ع

ٻارن جا گيت (ٻارن لاءِ شاعري ۱۹۹۴)

خيرو خيالي (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون) ۱۹۹۵ع

منهنجون يادون منهنجون ننڍپڻ) (يادگيريون ۱۹۹۷ع جڏهن ته هن ڪتاب سنڌي ٻاراڻي ادب جي تاريخ ۾ شايع ٿيڻ جو سال ۱۹۹۳ع ڄاڻايل آهي سو درست ناهي.

اڏام (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون) ۲۰۰۱ع

ڌرتيءَ جو تارو (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون) ۲۰۰۴ع

انڌي فقيرياڻي (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون ) ۲۰۰۴ع

سهڻي صلاح (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون) ۲۰۰۵ع

پروانو سيوهاڻي ڄائي ڄم کان معذور آهي. پر هن معذوري کي محسوس ڪرڻ به نه ڏنو آهي. هن ايترو ته ٻاراڻي ادب ۾ ڪم ڪيو آهي جو سندس سڄي سنڌ قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي. ڪيترن ڏکن باوجود هي هميشه ٽهڪ ڏيندو رهندو آهي. طارق عالم ابڙو لکي ٿو ته “جيڪڏهن ڪوئي مون کان پڇڻ چاهي زندگي ڪيئن هوندي آهي ته جيڪر مان کيس چوان، زندگي پرواني سيوهاڻيءَ جي ٽهڪن جهڙي هوندي آهي. هر ڏک کان آزاد، حسين، ڀرپور حواسن تي ڇانئجي وڃڻ واري،” (ابڙو، ۲۰۱۶: ۱۴)

پرواني جي زندگي جا ڪيترائي سال مسلسل پنڌ ۾ رهيا هن اوجاڳن جو سفر ڪري پنهنجي ادبي سفر جي تڪميل تي پهتو. هن جي سرهاڻ رسالي سنڌ ۾ ڪيترائي ناليوارا اديب پڻ پيدا ڪيا “هلڻ مسلسل هلڻ” جڏهن ته ايڏو هلڻ ته عام ماڻهو برداشت نه ٿو ڪري سگهي. پر پرواني (منظور) کي شابس هجي پنهنجي پيرن جي ڪمزوريءَ جي باوجود دل جي طاقت تي ايڏو مسلسل ۽ تيز هلي ٿو جيڏو ڇڪ ڇڪ ڪندي ريل گاڏي هلندي آهي. ريل گاڏي مسافر جا بوجهه ڍوئي پنهنجي هر مسافر کي پنهنجي منزل تي لاهي... پرواني به زندگيءَ جا بوجهه ڍوئي، پنهنجي هر شوق کي جائز مقام تائين رسائي آهي. (جعفري، ۲۰۱۶: ۱۸)

سرهاڻ اشاعتي سلسلو سنڌ جي ٻارن ۾ گهڻو مقبول رهيو. هن اداري جو روح روان پروانو سيوهاڻي آهي. ان وقت سيوهڻ ۾ ڪا پرنٽنگ پريس يا پبلشر نه هو. پروانو، وڏا ڪشالا ڪٽي سيوهڻ کان ۱۵۰ ڪلوميٽر پري حيدرآباد مان ڪمپوزنگ، پرنٽنگ ۽ پبلشنگ جو ڪم ڪرائيندو هو. “سنڌ ۾ ٻاراڻي ادب جو جڏهن به ذڪر نڪرندو ته اهڙو ڪوبه ٻيو نالو ناهي جو ياد اچي پر هڪ اهڙو نالو جنهن پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري پيرين پنڌ ٻاراڻي ادب جي خدمت ڪئي آهي. جنهن کي ٻاراڻي ادب جو مسڪين جهان خان کوسو چئبي ته غلط نه آهي. هن کي ٻاراڻي ادب جو ساڌو هيرنند به چئجي ته واڌاءٌ نه ٿيندو.، (ڏيرو، ۲۰۱۶: ۹)

پرواني کي شاعري توڙي نثر لکڻ جو نرالو ڏانءَ آهي. سندس لکڻي پڙهڻ سان ڪو بور نه ٿو ٿئي. تحرير جي سحر ۾ گم ٿي وڃي ٿو. سادي نفاست واري ٻولي استعمال ڪري ٿو، ننڍن ننڍن جملن ۾ وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪري وڃي ٿو. سندس ايڊيٽر “سرهاڻ” جا ۱۰۰ پرچا جاري ٿيا. ۲۰۲۰ع جي ٻئي ڏهي ۾، سرهاڻ رسالي کي ڇڏي “گل تارا جي نالي سان ٻارڙن لاءِ سلسلو شروع ڪيائين گل تارا جو هڪ پرچو اچي سگهيو. پرواني سيوهاڻي سنڌي ادب سنگت شاخ سيوهڻ شريف جي باني ميمبرن مان آهي. هو سگا جو ميمبر پڻ رهيو آهي. کيس شهباز ايوارڊ، شاهه ايوارڊ سنڌي ادبي سنگت ايوارڊ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري پاران ايوارڊ ملي چڪا آهن. سندس شعر جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.

 ڪيڏا پيارا چهرا آهن

چهرن تي ڇو پهرا آهن

مٺڙا ماڻهو پيارا پيارا

ماڻهو من جا ميرا آهن

مون کان منهنجو حال نه پڇ

گهاؤ اندر جا گهرا آهن

هن جي آڳنڌ تي اوسائين

خوشبو خوشبو پيرا آهن

تنهنجي ڪوچي مان اوسائين

هر هر منهنجا ڀيرا آهن

سنڌي ٻاراڻي ادب جي تاريخ ۾ خالد آزاد پرواني سيوهاڻي جو جنم ۱۲ جولاءِ ۱۹۶۳ع ڄاڻايو آهي. سو درست ناهي. پرواني پاڻ پنهنجي هٿن سان ۲۱ جولاءِ ۱۹۵۸ع جنم جي تاريخ لکي ڏني آهي. پرواني سيوهاڻيءَ جي لکڻ جو فن الڳ ۽ منفرد آهي ،هو ٻولي اهڙي استعمال ڪري ٿو جا عوام رواجي ۽ دلپذير آهي. هن جي شاعري توجه طلب آهي.جا فڪر جي گوناگونيت سان ٽمٽار آهي، جنهن ۾ داخلي ۽ خارجي اظهار آهي.هي ٻارن جو وڏو ليکڪ آهي هي ٻارن جي معصوميت سمجهي ٿو. ۽جڏهن ڪا هو ڪهاڻي لکي ٿو ته گهڙي کن لاءِ ٻار ٿي وڃي ٿو.ڪهاڻين ۾ اهي ٻاراڻا ٻول لکي ٿو.

مددي ڪتاب ۽ حوالا:

سيوهاڻي، پروانو، ۲۰۱۶: منهنجون يادون، منهنجو ننڍپڻ، سرهاڻ پبليڪيشن مڇي مارڪيٽ سيوهڻ شريف.

آزاد، خالد، وگهيو ۲۰۱۶، سنڌي ٻاراڻي ادب جي تاريخ، سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد سنڌ.

سيوهاڻي، پروانو، ۲۰۱۶: منهنجون يادون، منهنجون ننڍپڻ، سرهاڻ پبليڪيشن مڇي مارڪيٽ سيوهڻ شريف.

ابڙو، طارق عالم، ۲۰۱۶: پروانو سيوهاڻي منهنجون يادون، منهنجون ننڍپڻ، سرهاڻ پبلڪشن سيوهڻ شريف.

جعفري، خيرالنساءِ، ۲۰۱۶: منهنجون يادون منهنجون، ننڍپڻ، مڇي مارڪيٽ، سرهاڻ پبليشڪين سيوهڻ.

ڏيرو ،حفيظ ۲۰۱۶: پروانو سيوهاڻي، منهنجون يادون، منهنجو ننڍپڻ،سرهاڻ پبليڪيشن سيوهڻ.

 

(مير حاجن مير جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۸ اپريل ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا