; سنڌي شخصيتون: شھيد بشير خان قريشي - ۱

04 May, 2022

شھيد بشير خان قريشي - ۱

شھيد بشير خان قريشي - ۱

بشير خان قريشي

تو کان پوءِ ڪير اسان جي سپرين لهندو سار

ماجد سمون



هن سقراط جيان زهر کي به زم زم ڪري پي ڏٺو جنهن پنهنجي آخري خطاب ۾ چيو هو ته ”هو شهادتون به مرڪي ماڻيندا“. رات جي وچين پهر ۾ جڏهن هن جي موت جي خبر پئي، تڏهن ڪير به يقين ڪرڻ لاءِ تيار نه هو ته هڪ دلير شخص کي دل جو دورو به پوندو. پر ان اڌ رات جي وقت، پوري سنڌ جاڳي پئي ۽ ڪير به يقين ڪرڻ لاءِ تيار نه هو ته گوريلو فطري موت مري ويو آهي.

هن کي خبر هئي ته جڏهن ڪو ڌرتيءَ جي رڙ تي اٿي پوندو آهي ان کي ڏوهاري قرار ڏنو ويندو آهي ۽ هن ان ڏوھ کي اياز جي هنن سٽن جيان اعزاز سمجهيو هو ته،

جي تون وڙهندين ماريو ويندين،

هن وستيءَ تي واريو ويندين

دودا تنهنجو ساھ ته ويندو

ماڻهوءَ جو ويساھ نه ويندو.


ان رات پنهنجي استاد کي چيم ته؛ ”هاڻ سنڌ جي وارثي ڪير ڪندو! بشير قريشي به اسان سان گڏ نه رهيو.“ تڏهن هن اياز جي ان سٽ جهڙو جواب ڏنو هو ته دودي جو ساھ ته ضرور ويو آهي پر ماڻهن جو ويساھ ناهي ويو. هن چيو ته هي جيڪي لکين ڇوڪرا پنهنجي گوريلي اڳواڻ کي ڪلهو ڏيڻ لاءِ رتيديري نڪري چڪا آهن، اهي سڀ بشير قريشي ٿي موٽندا. هڪ بشير قريشي شهيد ٿي ويو آهي ته ان جي رد عمل ۾ لکين بشير قريشي پيدا ٿيندا.

اياز چيو هو ته

ڪڏهن زهر پياريو ويو آ

ڪڏهن ڦاهي چاهيو ويو آ

پوسٽ مارٽم ته هڪ فارملٽي آهي. پر اها سڀ کي ڄاڻ آهي ته هن کي زهر جو هڪ اهڙو ڍڪ پياريو ويو هو جو هو اسپتال تائين به نه پهچي سگهيو. هو هليو ويو. پر سنڌ کي ڇورو ڇنو ڪري، روئاري ويو. ڌرتيءَ لاءِ جدو جهد ڪندڙ ان شخص کي شهادت جو رتبو نصيب ٿيو جنهن فريڊم مارچ ڪري ان بندر روڊ تي لکين ماڻهن جا ميڙ گڏ ڪري ڪراچي ۾ طاقت جو مظاهرو ڪندڙن کي حيران ڪرڻ کان وڌيڪ پريشان ڪري وڌو، هن جي هڪ آواز تي لکين ماڻهن گڏ ٿي ڪراچي تي قبضي جي ڪوشش ڪندڙن کي هڪ اهڙي چيڀٽ ڏني جو ان جون چيخون لنڊن مان ٻڌڻ ۾ ٿي آيون هن جي بهادري جو ڪو هڪ نه پر ڪيترا ئي مثال ملن ٿا جڏهن رتيديري تي ڪڙو چاڙهي هن کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ٿي هئي تڏهن هن کليل ڇاتي واري وڏي قداور شخص جي هڪلن سان اهلڪار رفو چڪر ٿي ويا ۽ هو ان پوليس جي گهيري مان نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هو.

سنڌ جو سيد جڏهن سنڌ کي الوداع چئي هليو ويو هو تڏهن اهو پئي چيو ويو ته قومپرست سياست پڄاڻي تي پهتي پر بشير قريشي سيد جي ڪارڪنن کي ائين سنڀالي قومپرست سياست ٻيهر جياري سيد جو خال ڀري ڏيکاريو، هن ڪراچي ۾ فريڊم مارچ ڪري طاقت جو مظاهرو ڪندڙن کي واضح ٻڌايو ته هتي هي شهر اسان جو آهي هن گوريلي پنهنجي جدوجهد کي جهر جهنگ تائين پهچايو ۽ رات ڏينهن اهو سفر هي جاري رکندو آيو جيڪا هن جي منزل هئي، ڪراچي ۾ ڪيل ٻن فريڊم مارچن کان پوءِ هن جي اکين جي عڪس ۾ اها آجپي واري منزل انتهائي چٽي نظر ٿي اچي رهي هئي جنهن ڪري دشمن قوتون هن جي ڪڍ پئجي ويون ۽ کيس سائنٽيفڪ طريقي سان هن کي پنهنجي دڳ تائين هٽايو ويو، هو ويو پر ڪيترا ئي بشير قريشي پيدا ڪري ويو.

اسين جي مئاسين سفر ۾ او ساٿي،

ته ماڻيندا منزل پنهنجا ڍول ڍاٽي.

هو سفر ۾ هو هن اهڙيون ڪيتريون ئي راتيون جاڳي سفر ڪيو پنهنجي وطن جي آجپي لاءِ هن ڪڏهن به سک جو ساھ نه کنيو پر هن جي شهادت هڪ پيغام ڇڏيندي وئي ۽ چوندي وئي ته سفر ۾ شهيد ٿيو پر پنهنجي منزل تائين نه هٽيو آهي ۽ هن جي وڃڻ کانپوءِ ان رد عمل ۾ جيڪي هڪ نه پر سوين ۽ هزارين بشير جنم وٺندا اهي منزل ماڻيندا، اهو طئي ٿيل آهي ته قومي تحريڪون ختم ناهن ٿيڻيون تاريخ ٻڌائي ٿي ته جنهن قوم جو سربراھ شهادت ماڻيندو آهي ان جو رد عمل دشمن لاءِ انتهائي خطرناڪ حد تائين پهچي ويندو آهي تنهنڪري هڪ بشير کي رستي تان هٽائڻ لاءِ جدوجهد بند نه ٿيڻي آهي.

بشير قريشي کان پوءِ ڇا ٿيڻو آهي ان جو عڪس ان جي شهادت کان پوءِ ٽي وي چينلز لکين ماڻهن کي لائيو ڏيکاري واضح ٻڌائي ڇڏيو ته جنهن ڪم کي هن اڪيلي سر جتان ڇڏيو اتان ان جو علم ڪيترا ئي بشير کڻي اڳتي نڪرندا، هن جي شهادت ته سائينٽيفڪ طريقي سان ڪئي وئي ڇاڪاڻ ته هو گولين سان نه مرڻو هو تنهنڪري دشمن پٺيان هڪ وڏي اٽڪل سان وار ڪيو.

هن جي پوسٽ مارٽم جي شروعاتي ۽ آخري رپورٽ اها ئي هئي جيڪا لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرن ڏني آهي، ميڊيڪل ٽيم جي ان مختصر رپورٽ ۽ بيان ۾ گهڻو ڪجھ لڪيل آهي پر ان تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي، شروعاتي رپورٽ ۾ هن جو موت دل جي دوري سبب نه ڄاڻايو ويو آهي ۽ ڊاڪٽر چيو آهي ته؛ ”ڪيس هاءِ پروفائل آهي جيڪو منجهائيندڙ آهي.“ ڊاڪٽرن ٿورو چيو پر اسان کي گهڻو سمجهڻ جي ضرورت آهي ڇا ڪاڻ ته معاملو اهڙو آهي جو ڪو به ڊاڪٽر سڌو نه چوندو ته بشير قريشي کي زهر ڏئي شهيد ڪيو ويو آهي جڏهن پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ دل جو دورو نه ڄاڻايو ويو ته ان مان

بشير قريشي جي شهادت کان پوءَ هن کي ڪهڙي هنڌ دفنائڻو هو، اهو هڪ وڏو سوال آهي هن ڀلي ڪهڙي به وصيت ڪئي هجي پر حالتن جي صورتحال کان پوءَ اها ضرورت محسوس ٿي رهي هئي ته هن کي ڪراچيءَ ۾ ئي ڌرتي هنج حوالي ڪيو وڃي ها هونءَ ته ساري سنڌ پرين جو پاڇو آهي پر ان سان جيڪا هن جي خواهش هئي اها پوري ٿئي ها.

هڪ فريڊم مارچ کان پوءَ هن ٻيو ڪامياب فريڊم مارچ به ڪري ڏيکاريو پر هن جي اها خواهش هئي ته هو هر سال فريڊم مارچ ڪندو، هو جيڪڏهن شهيد نه ٿئي ها ته آجپي واري تحريڪ پنهنجي حياتي ۾ ئي مقصد تائين پهچندي ڏسي ها ان باجود به ڪراچي جي ان بندر روڊ تي هر سال فريڊم مارچ ڪندو رهي ها، تنهن ڪري هن کي ڪراچي ۾ جڳھ ڏيڻ سان اهو فريڊم مارچ هر سال ٿئي ها ڇاڪاڻ ته هن جي ورسيءَ تي لکين ماڻهو ڪراچيءَ جي ميدان تي مڙي مٺ ٿين ها.


مان تو کان مور نه مرڻو هان

ايم علي نوناري

موت هڪ اٽل حقيقت آهي جنهن کان ڪو به انڪار نٿو ڪري سگهي پر ڪي ڪي موت اهڙا ته ٿين ٿا جن جي حقيقت تسليم ڪرڻ لاءِ دل ۽ دماغ جلد راضي نه ٿيندو آهي. اهڙي طرح سنڌي قوم جي محبوب اڳواڻ شهيد بشير خان قريشي جي اڻ مندائتي موت کي اسانجي دل قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هونءَ ته موت، موت ئي هوندو آهي هڪ فطري موت ۽ ٻيو غير فطري موت. فطري موت، انسان جي مقرر زندگي جو انت فطري، مندائتي ۽ طبعي نموني ٿئي ٿو. جنهن کي تسليم ڪرڻو پوندو آهي. جڏهن ته غير فطري موت، فطرت جي مرضيءِ خلاف اڻ مُندائتو، بي وقت، غير طبعي نموني ٿئي ٿو. جنهن کي چاهيندي به تسليم نٿو ڪري سگهجي.

شهيد بشير خان قريشي سائين جي ايم سيد جو حقيقي فڪري پوئلڳ ۽ سندس عدم تشدد ۽ اهنسا واري پاليسي جو پيروڪار هيو. قومي تحريڪ جي سمورن وڏن نالن ۾ سندس نالو سڀني کان مٿانهون هيو. اهڙي طرح هن پنهنجي پارٽي پاليسي موجب سن واري سائين طرفان کيس ڏنل فڪر کي سنڌي قوم جي امانت سمجهي ايمانداري سان سنڌي قوم وٽ پهچايو. اڄ جيڪڏهن سنڌ جي قومي تحريڪ سنڌي ماڻهن ۾ متعارف آهي ته اهو سمورو ڪريڊٽ شهيد بشير خان ڏي وڃي ٿو جنهن پنهنجي اڻ ٿڪ ۽ مسلسل جدوجهد سان پنهنجو پاڻ ملهايو.

سنڌ ۾ هو هڪ پبلڪ فگر بڻجي ويو هو جنهن سبب ئي کيس اهڙي قسم جي جديد سائنسي طريقيڪار سان زهر ڏئي شهيد ڪيو ويو. جيتوڻيڪ مٿس اڳ به ڪيترا ئي ڀيرا قاتلاڻا حملا ٿيا جنهن ۾ هن جو بچاءِ ٿيندو رهيو پر سندس پُرتشدد موت جي نتيجي ۾ جيڪو سنڌ جو امڪاني پُرتشدد رد عمل هجي ها ان کان سنڌ دشمن بخوبي واقف هئا تنهنڪري ئي کيس نهايت هوشياري سان زهر ڏئي سندس موت کي هڪ حادثو، اتفاق ۽ طبعي موت جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر سنڌ ايتري سادي ناهي جو هوءِ سندس استحصالي قوتن جي اٽڪلبازين ۽ سازشن کي نه سمجهي سگهي..!!!

شهيد بشير خان قريشي نه فقط سنڌ جي آزادي جو روح روان ۽ سنڌي قوم جو محبوب اڳواڻ هيو پر هو سنڌ جي صوفي مزاج جو زنده مثال هيو. هو سنڌ جي روايتن ۽ قدرن جو امين هيو. هو هڪ پُرامن، عدم تشدد ۽ اهنسا جي دامن کي هٿن مان نه ڇڏيندڙ سورهيه انسان هيو. جيتوڻيڪ آئون بنيادي طورقومن جي آزادي واري تحريڪن ۾ مزاحمتي ۽ پُرتشدد جدوجهد جو قائل ۽ تائيد ڪندڙ آهيان ڇاڪاڻ ته قومن کي محڪوم بڻائيندڙ قوتون انتها درجي جون ظالم ۽ جابر هجن ٿيون جيڪي محڪوم بڻايل قومن جو استحصال ڪرڻ لاءِ هر قسم جو حربو هلائي پنهنجو تسلط قائم رکن ٿيون، اهڙي ريت جڏهن محڪوم قومن مان ڪي مانجهي مڙس پنهنجي قومي تشخص جي بحالي ۽ وطن جي آجپي لاءِ آواز بلند ڪن ٿا ته اهي استحصالي قوتون انهن مانجهي مڙسن خلاف هر طرح جي غير انساني، غير اخلاقي ۽ غير قانوني تشدد تي لهي اچن ٿيون. . سنڌ جي تاريخ اهڙن واقعن سان ڀريل آهي. پري ڇو وڃون گذريل سال هن ئي مهيني جي ۲۱ هين اپريل ۲۰۱۱ع تي باکوڙي موريءَ سانگهڙ جي شهيدن سان ڪهڙو ورتاءَ ڪيو ويو. . جيڪو ۲۱ هين صدي جي مهذب دور مٿان ڪارنهن ملڻ لاءِ ڪافي آهي.

بهرحال! آئون مزاحمت ۽ پُرتشدد جدوجهد سان گڏوگڏ عوامي جدوجهد ۽ پارلياماني جدوجهد (فقط سفارتي لاڳاپن ۽ رابطن واسطي)جي پڻ حق ۾ آهيان. تنهنڪري سڄي سنڌي قوم جيئان آئون به ساڻس بي انتها ۽ غير مشروط محبت ڪيان ٿو. . هو تشدد ۽ عدم تشدد جي پاليسي واري غير ضروري بحث کان ڪيترا ئي ڀيرا مٿانهون هيو.

مون جڏهن ۰۶-۲۰۰۵ع واري عرصي ۾ کيس فون تي پهريون ڀيرو پنهنجي ڳوٺ اچڻ جي دعوت ڏني هئي ته هن قبول ڪئي ۽ ماني پڻ مون وٽ کاڌي. ان پهرين ملاقات ۾ هن مون کي مخاطب ٿي چيو هو ته “تون ته صفا ننڍڙو آهين، مون سمجهيو ته ڪو وڏو هوندين“ ۽ آئون مُرڪي پيو هئس. (اهو منهنجي ڪاليج جو زمانو هو) ان کانپوءِ مون جڏهن سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي ته ڪيترن ئي موقعن تي ساڻس مختصر ملاقاتون ٿينديون رهيون. اهڙي طرح آئون فائنل ييئر ۲۰۰۹ع ۾ جساف سنڌ يونيورسٽيءَ جو چيف آرگنائزر مقرر ٿيو هئس ۽ ان دوران ئي هڪ غير سياسي تڪرار سبب حيدرآباد ۾ منهنجي گرفتاري ٿي ۽ ۱۴ ڏينهن جي رمانڊ تي سينٽرل جيل حيدرآباد ويس.. ان سموري عرصي ۾ شهيد بشير خان هر روز مون سان ۽ منهنجي خاندان سان مسلسل رابطي ۾ هيو، ۽ مونکي آٿتون ڏيندو رهيو ته، ”جيل اسان جا گهر آهن“. اهڙي ريت هن جي مڪمل پوئواري سان هڪ رپيو به خرچڻ کانسواءِ منهنجي آزادي عمل ۾ آئي ۽ منهنجو خاندان بيحد خوش هيو ته اسانکي ٻچن جي گهٽ ۾ گهٽ مالڪي ته آهي. شهيد بشير خان جي اهڙي سهڪار ۽ پوئواري سبب منهنجي مائٽن ڪڏهن به قومي تحريڪ کان پري رهڻ جي تلقين نه ڪئي، جڏهن ته منهنجي ساڻس آخري ملاقات سندس پاران فريڊم مارچ جي ڏس ۾ شروع ڪيل مهم ۾ ٿي هئي، جڏهن هو حيدرآباد ۾ هڪ هنڌ پرچار ڪرڻ آيو هو، اُتي مون کيس اجرڪ اوڍائي ۽ مياري انداز چيومانس ته ”وڏا منهنجي ڳوٺ نه آيائو. .!“ تنهن تي هن مُرڪي وقت جي لاچاريءَ جو اظهار ڪيو.

بهرحال! دل ۾ کوڙ يادون آهن جن کي لکجي ته ڪتاب به لکجي ويندا پر سندس يادون ۽ سندس شخصيت اسانجي دلين ۾ ڌڙڪن جيئان هميشه زندا رهندي. شهيدِ سنڌ محترم بشير خان غير مشروط محبتن جو محور هو ۽ محبتن جا نه ته ڪي ماپا هوندا آهن. نه حدون ۽ نه ڪي پاليسيون يا شرط. . .!

آخر ۾ آئون سنڌ جي موجوده صورتحال ۽ بشير خان جي شهادت کان پوءِ قومي تحريڪ جي سموري قيادت کي گڏجڻ جي اپيل ڪندس. ڇاڪاڻ ته ڌار ڌار هئڻ جي صورت ۾ اسان سنڌ ۽ قومي تحريڪ جوته ڇا پر پنهنجي حياتي جو بچاءُ به نه ڪري سگهنداسين. اهڙي ريت سنڌ جي وجود جي بقا، قومي تحريڪ جي اثرائتي جدوجهد توڙي اڳواڻن جي حياتي جي بقا ۽ حفاظت لاءَ ٻڌي انتهائي ضروري هوندي آهي. . . تنهنڪري سنڌ جي قومي تحريڪ جي سمورن اڳواڻن کي ٻڌي ڪرڻ ۽ وڌيڪ محتاط رهڻ جي وينتي ڪجي ٿي. ته جيئن اسان جي پلھ ۾ ٻيو ڪو اڻ مُندائتو موت نه پوي. . . .!!آخر ۾ ۾ شهيد بشير خان جي زندگي، عملي جدوجهد ۽ پوءِ شهادت تي کيس شيخ اياز جي ان شعر سان ئي ڀيٽا ڏئي سگهجي ٿي ته:

”مان توکان مور نه مرڻو هان!

گونجار ڪندي جا مون کان پوءِ،

تنهن جندڙيءَ جو مان جهرڻو هان

مان ورڻو هان، مان ورڻو هان!“ (شيخ اياز)


 

غم کي طاقت ۾ بدلائڻ جو وقت

يوسف سنڌي

چيني انقلاب جي عظيم اڳواڻ چواين لائي جي وفات تي، چين جي عظيم قائد ۽ انقلاب جي اڳواڻ ڪامريڊ مائوزي تنگ پنهنجي پيغام ۾ چيو ته، ”اسان کي کپي ته اسين ڪامريڊ چواين لائي جي وڇوڙي کي ياد رکڻ جي لاءِ، ان غم کي طاقت ۾ بدلايون ۽ چواين لائي جي خواب موجب چين جي اڏاوت ڪريون چين کي هڪ عظيم قوت ۾ بدلايون، ڇو ته مرحوم اڳواڻ جو اهو ئي خواب هو.”

بشير خان قريشي جي ڪُمهلي وفات جو ٻُڌي، مون کي مائوزي تنگ جا مٿيان لفظ ياد آيا ۽ منهنجي ذهن ۾ آيو ته بشير خان قريشي جي وفات جيتوڻيڪ قومي تحريڪ جي لاءِ وڏو نقصان آهي، پر ڇاڪاڻ ته هو هاڻ هن دنيا ۾، اسان جي وچ ۾ نه رهيو آهي ۽ هو پنهنجي محبوب ”سنڌ“ ڌرتيءَ جي هنج ۾ سدائين جي لاءِ وڃي آرامي ٿيو آهي ۽ هاڻ کيس وري موٽي اچڻو ناهي، تنهن ڪري اسين، ڳوڙهن کي ضبط ڪري، ان عظيم مقصد خاطر پنهنجي غم کي طاقت ۾ بدلايون، جنهن مقصد خاطر بشير خان پنهنجي شاگرديءَ واري دور کان وٺي وفات تائين جدوجهد ڪئي هئي.

گذريل ٽيهارو سالن ۾، جيڪي بشير خان قريشيءَ عملي جدوجهد ۾ گذاريا، نه رڳو دنيا جي حالتن ۾ وڏي پئماني تي تبديلي آئي، پر خود پاڪستان جي حالتن ۾ به نوي ڊگريءَ جيترو ڦيرو آيو ۽ عملي سياست ۾ رهندي بشير خان انهن جو چڱي طرح مشاهدو ڪيو هوندو ۽ اها مشاهدي جي جهلڪ سندس ۲۳ مارچ ۲۰۱۲ع جي فريڊم مارچ ۾ ڪيل تقرير مان ظاهر هئي. توريل تڪيل ۽ متاثر ڪندڙ مناسب ۽ غير جذباتي تقرير ۾ هن سنڌ جو ڪيس، سنڌين سان ٿيل زيادتين جو ذڪر ڪيو ۽ پنهنجي پُرامن جدوجهد کي اڳتي وڌائڻ جو جنهن نموني لکين سامعين کان وچن ورتو، تنهن مان نه رڳو سندس سياسي بالغ نظري نظر آئي پر مخالف ۽ سنڌ دشمن قوتن جون ننڊون حرام ٿي ويون هيون.

ننڊون ته سنڌ ۽ سنڌي دشمن قوتن جون هونئن به فيبروري ۽ مارچ ۾ ٿيڻ شروع ٿي ويون هيون. جڏهن، ۲۱ فيبروريءَ تي قاسم آباد ۾ رسول بخش پليجي جي سالگرھ واري تقريب ۾ گڏ ٿيا، ننڊون ته انهن جون ۱۸ مارچ تي ڪراچي ۾ جيئي سنڌ تحريڪ جي ملين مارچ کانپوءِ به ڦٽيون ۽ وڌيڪ ننڊون تڏهن ڦٽيون جڏهن ۲۱ مارچ تي سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ جي ’يوم مادر وطن‘ جي جلسي ۾ وڏي پئماني تي سنڌي ماڻهن گڏ ٿي ڌرتيءَ سان پنهنجي وچن کي ورجايو ۽ فقط ٻه ڏينهن پوءِ ڪراچيءَ ۾ بشير خان قريشي جي اڳواڻي ۾ لکين سنڌين گڏ ٿي فريڊم مارچ ڪري، دنيا کي هڪ واضح پيغام ڏنو ۽ ميڊيا (نام نهاد قومي ميڊيا نه) جنهن نموني ان فريڊم مارچ جو تذڪرو ڪيو، اُن مان اها ڳالھ چٽي ٿي ويئي ته هاڻ سنڌي قوم نه سُتل آهي ۽ نه وري مُنجهيل. ان مان اها ڳالھ به واضح ٿي ويئي ته هن سالن کان سورن جي ستايل قوم هاڻ پنهنجي ننگن، دنگن، معدني وسيلن سميت هڪ هڪ تر جيتري شيءِ جي نه رڳو حفاظت ڪرڻ، پر ڇڪي واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

سنڌين جا اهي چار ئي جلسا سنڌ جي حقن جي حاصلات ۾ وڏي اهميت رکن ٿا. ڇاڪاڻ ته جنهن جوش، جذبي ۽ دل جي حضور سان سنڌي ماڻهن انهن جلسن ۾ شرڪت ڪري سنڌ دشمنن کي واضح پيغام ڏنو، اڳ ايئن ڪڏهن به نه ٿيو هو ۽ بشير خان جي جلسي کانپوءِ پڪ سان سنڌ دشمن قوتن، سنڌي ماڻهن جي جدوجهد کي منهن ڏيڻ ۽ ختم ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي هوندي. جيتوڻيڪ اڃا تائين بشير خان قريشي جي موت بابت اها ڳالھ چٽي ڪونهي ته اهو فطري هو يا غير فطري، پر ان موت کي غير فطري سمجهڻ جي پويان به کوڙ سارا سبب آهن. سائنس اهڙي ته ترقي ڪئي آهي، جو هٿرادو مينهن به وسائي سگهجي ٿو، سو ڪنهن اهڙي زهر جو استعمال ڪرڻ، جنهن جي استعمال جا ثبوت مشڪل سان ملن، ڪا اڻ ٿيڻي ڳالھ ڪونهي. دشمن قوتون، متحرڪ ۽ عوامي شخصيتن مان جند ڇڏائڻ جي لاءِ ايئن ڪنديون رهنديون آهن، جيئن اسرائيل، فلسطيني اڳواڻ ياسر عرفات مان جند ڇڏائڻ لاءِ کيس زهر ڏياريو.

بشير خان قريشي جي فطري يا غير فطري وفات بابت، پوسٽ مارٽم جي رپورٽ اچڻ کانپوءِ، جيڪا به ڳالھ ظاهر ٿئي، پر اها حقيقت آهي ته سنڌ دشمن قوتن کيس رستي تان هٽائڻ ٿي چاهيو، جنهن لاءِ بشير خان تي ۲۵ جولاءِ ۲۰۰۹ع تي ڪراچي ۾ هٿياربندن پاران حملو به ٿي چڪو هو، جنهن ۾ جسقم جو هڪ ڪارڪن مشتاق خاصخيلي بشير خان کي بچائيندي شهيد ٿي ويو هو. بشير خان جو موت/ يا قتل ايترو ئي وڏو ۽ اهم آهي، جيترو شهيد مير مرتضيٰ ڀُٽي جو، شهيد اڪبر بگٽيءَ جو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو.

بشير خان قريشي جي وڇوڙي کانپوءِ ٻه ڳالهيون ڌيان ۾ رهڻ گهرجن ۽ سنڌي قومپرستن کي ان تي سنجيدگيءَ سان سوچڻ گهرجي. پهرين ڳالھ جيئي سنڌ جي مختلف گروپن جي حوالي سان آهي، جيڪي مختلف اڳواڻن صفدر سرڪي، عبدالخالق جوڻيجو، عبدالواحد آريسر ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. اهي سڀ دوست احترام لائق آهن. سندن سنڌ سان محبت ۽ ڪمٽمينٽ تي شڪ نٿو ڪري سگهجي. انهن دوستن کي سوچڻ گهرجي ته الڳ الڳ ٿي ڪم ڪرڻ سان فائدا آهن، يا گڏجي هڪ مضبوط پارٽي ٺاهڻ سان. ائين به ڪونهي ته ڪو دنيا ۾ ساڳئي مقصد جي لاءِ ڪم ڪندڙ پارٽيون هڪ ٻئي ۾ ضم ٿي ويون هجن. روس جو انقلاب آيو ته ان وقت به ڪيتريون ئي پارٽيون هيون جن ساڳئي مقصد لاءِ ڪم پي ڪيو. خود فلسطيني تنظيم آزادي ۽ پي ايل او به ڪيترين ئي تنظيمن جو يونائيٽيڊ فرنٽ هئي. سو جيڪڏهن سائين جي ايم سيد جا سڀ پوئلڳ گڏجي نٿا هلي سگهن ته اهو هڪ الميو ته ضرور آهي پر پاڻ ۾ ڪن نقطن تي ئي ويهڻ لاءِ اڳڀرائي ڪن.

ٻي پاسي، سنڌ جي قومپرست پارٽين کي به گذارش اها ڪبي ته هو اڳ ۾ ٺهيل اتحاد سپنا جو دائرو اڃا به وسيع ڪن ۽ ان اتحاد کي وڌيڪ سگهارو ڪري، اڃا به بهتر انداز سان عملي ميدان ۾ لاهين. ڇاڪاڻ ته بشير خان قريشي جي وفات تي جتي سنڌي ماڻهو غم، ڏک ۽ افسوس جي لهر ۾ ورتل آهن، اتي هو اهو به چاهين ٿا ته بشير خان جي وڇوڙي جي غم کي گڏجي طاقت ۾ بدلائجي ۽ بشير خان قريشي، جنهن خواب کي اکين ۾ سجائي زندگيءَ جا ٽيھ ورهيه عمل ڪندي گذاريا هئا. اهو خواب ڪهڙو هو، ”سنڌ ۽ سنڌي قوم جي خوشحالي ۽ پاڻڀرائپ جي عملي ساڀيان.”


جڏهن پونم جي رات اُماس آئي

جئه پرڪاش موراڻي

جيڪو سنڌ سان وفا جي مورت هو، جيڪو سيد سان عشق ڪندي سراپا عشق بڻجي ويو، جنهن لاءِ سمورا ٺٺ ٺانگر ڌرتي جي محبت اڳيان هيچ هئا، جنهن کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪنهن سان به ٿيندڙ ڪِيس تي ڪهڪاءُ ايندو هو ۽ هو مينهن واچ ڪندي اتي وڃي پهچندو هو. جيڪو مظلومن جو ڀرجهلو ۽ هيڻن جو همراھ هو، جنهن هر وقت سونٽيءَ وانگر سڌي ڳالھ ڪئي، پوءِ ڪنهن کي وڻي يا نه وڻي، جنهن سنڌ جي نياڻين جي لوئي ۽ لڄ جي حفاظت جو وچن ڪيو ۽ ساھ جي سڳي ٽُٽڻ تائين اُن پَرڻ کي پاڻي ڏنو. جنهن لاءِ سڀ ڪارڪن اولاد وانگر هئا ۽ هو وڏي دل وارو سڀني جو وڏو هو، جنهن جي دل گولين جي برسات کان ڪڏهن نه گهٻرايو، ترم جي زنجيرن ۽ ديوارن سندس هماليه وانگر اوچي عزم کي ڪڏهن به لوڏڻ جي نه همت ڪئي نه ئي انهن ۾ ايتري طاقت هئي. بک هڙتالون، ڌرڻا ۽ احتجاج کيس سُتيءَ سان گڏ مليا هئا. هو جيڪو سدائين سنڌ تان نڇاور ٿيڻ جي ڳالھ ڪندو هو، هُو جيڪو جڏهن شينهن وانگر ماڻهن جي ميڙ آڏو گجندي ڳالهائيندو هو ته سنڌ دشمنن جي دلين تي ڪَرٽ وهندا هئا، هُو جنهن جي دل سنڌ وانگر ڪشادي ۽ سوڀيا واري هئي ان لاءِ چون ٿا ته سندس دل بي وفا نڪتي، آئون اعتبار ڪري به ڪيئن ڪريان.

چانڊوڪي هميشه حساس دليون رکندڙن جون ننڊون کسيندي آهي، چانڊوڪين جن کي ڏهاڳ ڏنا انهن ڏهاڳڻين جي اکين جا لڙڪ چانڊوڪيءَ راتين ۾ ستارن وانگر سدا چمڪندا رهندا آهن. اُها به چوڏهين جي رات هُئي جڏهن سنڌ تان چنڊ لهي ويو هو. مطلب ته محبوب جي خُماريل اکڙين جهڙو پهرين جو چنڊ چوڏنهن ڏينهن جو سفر طئه ڪري پرين جي پهرين ديدار جهڙو چٽو ۽ مُڪمل ٿي ويو هو. اهو وقت سندس واپسي جو هوندو آهي. تڏهن کان هُو وري به ڪنهن ساڙ سڙئي جي نظر لڳڻ ڪري گهٽجڻ لڳندو آهي. اهو سفر به چوڏنهن ڏينهن جو ٿيندو آهي جنهن بعد اوڻٽيهين اونداھ ايندي آهي.

ڪنهن ٿي ڄاتو ته سنڌ تي پونم جي رات اُماس اچي ويندي. اهڙي اُماس جنهن جي اونداھ دلين کي ايترو ته اونداهو ڪندي جو مَن جي روشني هوندي به ڪجھ ڏسڻ ۾ نه ايندو ۽ اسين اکين هوندي به پنهنجي دلين جو بادشاھ هٿن مان ويندو ڏسي چُپ رهنداسين.

ڀٽ ڌڻي شايد انهيءَ لمحي لاءِ چيو هو ته ”ڌڱ لٽبي ڌوڙ ۾ اُڀي ڏٺاسون.”

بشير قريشي قومي ڪارڪن هو، اڳواڻ هو، عام ماڻهو هو، عاشق هو، ارڏو پٽ هو يا وري پيار ڪندڙ پيءُ هو، هر حال ۾ هو آئيڊيل هو. هُن ڪڏهن به پنهنجي ڪنڌ ۾ ڪلي لڳڻ نه ڏني، هو سدائين پٽ پاٿاري تي ويهڻ وارو، رکي سُکي کائڻ وارو ۽ ماڻهن ۾ محبتون ورهائڻ وارو هو، هُن ڪارڪنن کي ائين ئي پيار سان رکيو جيئن سيد پنهنجي ارڏن ڪارڪنن کي رکندو هو. بشير جي ايم سيد جو ايترو ته عاشق هو جو هو سراپا سيد بڻجي ويو هو. ”وڏو“ کيس سمورا ساٿي ۽ دوست ڪو ايئن ئي نه چوندا هئا. هو وڏي مان وارو، وڏي دل وارو، وڏي جگر وارو ۽ ڪارڪنن جي وڏي ڪٽنب وارو هو.

سندس سڏ تي سوين نه پر لکين ماڻهو اچي گڏ ٿيندا هئا. پاڻي جو معاملو هجي يا ڊيم جو، ٻولي جو اشو هجي يا ثقافت جي سڃاڻپ ۽ تحفظ وارو بشير هميشه هر اول دستي جو سرواڻ رهيو.

سنڌ جي لاءِ سر ڏيڻ جي ڳالھ ڪرڻ وارا ته سوين ملندا، ڏهيسر جو تاج سر تي سجائڻ لاءِ آتا ته انيڪ هوندا پر سر اڏي تي رکڻ وارا ۽ سر ڏيئي سَرهو ٿيڻ وارا ڪجھ ئي ڪڻا هوندا آهن. هي ماڻڪ انهن ئي املھ موتين مان هڪ هو. هُن ڪڏهن به سر جو سانگو نه ڪيو. سدائين سنڌ کي اڳيان رکيو.

سيد جي تحريڪ کي سندس وڃڻ پڄاڻا جيڪو ڇيهو رسيو ان کي ڪنهن حد تائين پورو ڪرڻ ۾ بشير قريشي جي ڪردار کي ڪو به ساڃاھ وند نظرانداز نٿو ڪري سگهي. هُو سدائين سڀني کي گڏ کڻي هلڻ وارو هو. هُن سدائين ڪرسي تي ڪم کي ترجيح ڏني. سندس سياسي مخالف به اهو چوڻ کان رهي نه سگهيا ته جتي ڪنهن سُٺي سيمينار يا تقريب ۾ سدائين ”ليڊران“ وڏي ڪرسي ڏانهن وڌندا هئا اُتي ”وڏو“ سدائين سڀني کي ويهارڻ کانپوءِ ويهندو هو. جڏهن دعوتون ٿينديون هيون ته اڪثر يار ڳاڙها ٻوڙ کائڻ جي چاھ ۾ قميص تي ٻوڙ هاريندا نظر ايندا هئا، اتي سنڌ جو هي عاشق سڀني کي کارائي سَرهو ٿيندو هو.

مون کي اهو قصو به ياد آهي ته ڪيئن سنڌ يونيورسٽي ۾ احسان ميمڻ جي ورسي جي تقريب کي پوليس اهلڪارن اچي ٿيڻ نه ڏنو هو ۽ ان وقت بشير خان جيڪو زرعي يونيورسٽي يونٽ جو صدر هو تنهن ڇاتيءَ تي هٿ هڻي چيو هو ته اوهان کان اها تقريب ڪڏهن به نه ٿيندي، ٽنڊي ڄام اچو ۽ ڏسو ته ڪهڙو نه ميلو ٿا مچايون. پوءِ سمورا ساٿي ڊنب جو ڊنب وڃي ٽنڊي ڄام پهتو هو. جڏهن جلسي تي ايندڙ دوستن لاءِ ديڳيون پي دميون ته پوليس وارا اتي به اچي پهتا هئا ۽ پوءِ يارن لاءِ سر بچائڻ ڏکيو ٿي پيو. بشير جي هڪلن ان وقت به همت وڌائي هئي ۽ پوءِ سندس ئي حڪمت عملي تحت اڳواڻ پوليس جو گهيرو ٽوڙي نڪتا هئا. اها ٻي ڳالھ آهي ته ان وقت جڏهن تمام گهڻا نظرياتي سمجهيا ويندڙ ڪارڪن به دوناليون ڪلهي تي کڻي هليا هئا ۽ اهو به ته هڪ ”هيرو“ ٽائيپ اڳواڻ ٽوال ۾ ڀت ٻڌي ڪلهي تي کنيو هو. اها ٻي ڳالھ آهي ته انهيءَ ڪوسي ڀت همراھ کي ڪيئن تپايو هو.

سنڌ ته ورهاڱي کان وٺي ون يونٽ تائين ۽ ان بعد نه رڳو مارشل لائي مارڪُٽ کي منهن ڏنو آهي پر ان سان گڏوگڏ اسٽيبلشمينٽ جو استحصال ته ڄڻ لکيو ئي اسان جي لاءِ ويو آهي.

ايم آر ڊي جي تحريڪ دوران جڏهن سنڌ جي هر واهڻ وستي ويٽنام بڻي هئي تڏهن واري سياسي ڌارا ۾ پچي راس ٿيل ڪارڪنن جي ڪيڊر ۾ هڪ نالو بشير قريشي جو به هو. سن جي سائين جو سدائين سلامي رهيل هي ارڏو جوان سيد کي ايترو ته پيارو هو جو هو مٿس ساھ ڇڏيندو هو. سيد ته سنڌ جي هر ٻچي تي پنهنجو ساھ ڇڏيندو هو پر بشير قريشي لاءِ اهو پيار ڪجھ سرس ئي هو. ان پاٻوھ جا ڪيئي اکين ڏٺا شاهد چون ٿا ته سيد سدائين چوندو هو ته هي ارڏا ڪارڪن ئي آهن جي ڪي اڳتي هلي سنڌ جا ڀرجهلا ٿيندا ۽ انهن اهو ٿي به ڏيکاريو.

جيئي سنڌ تحريڪ جا ڌڙا ٿيڻ بابت جيتوڻيڪ سوين سوال ۽ هزارين جواب ڏيئي ۽ ڪري سگهجن ٿا پر اها حقيقت آهي ته انهن سمورن ڌڙن پنهنجي پنهنجي جاءِ تي سيد جو آجپي وارو اُتساھ ڀريو سپنو سچ ڪرڻ لاءِ پنهنجي وس ۽ وت آهر گهڻو پتوڙيو. پر اها ڳالھ ڏاڍي عجيب لڳي ته ”وڏو“ جيڪو نه وڏو دانشور هو نه بهترين مقرر هو، نه هو ڪنهن سردار جي گهراڻي جو کريل پُٽ هو نه وري ڪنهن ڊنگ سرمائيدار جو سپوت پر منجهس ڪا ته ڳالھ هئي جو ماڻهو مٿس ساھ ڇڏيندا هئا.

اخباري ڪارڪن جي حيثيت ۾ آئون اها دعويٰ ڪري سگهان ٿو ته شهيد راڻي جي وڇوڙي تي سنڌ جيترو رُني هئي، ماڻهن جيترو ماتم ڪيو هو، مائرن پنهنجي هنج خالي ۽ ڪُک سُنڍ ٿيندي محسوس ڪئي هئي، ايترو ئي بشير قريشي جي وڇوڙي به سنڌ ۽ سنڌين جي وجود ۾ وڍ وڌا. سنڌ جو ڪهڙو شهر هو جتي هن ارڏي پٽ جي لاڏاڻي تي تڏا نه وڇايا ويا هئا. هڪ تڏو ته هر سنڌي جي دل ۾ وڇايل آهي. جيترا ڪُلهي ڪانڌي بشير قريشي جي مڙھ جا ٿيا اوترا ڪنهن ڀاڳن واري کي نصيب ٿيندا آهن ان ڏينهن اهو ٿي لڳو ته ثنان، قوسين ۽ سندن ڀائر ڀينرون يتيم نه ٿيون آهن. سڄي سنڌ يتيم ٿي ويئي آهي.

هندي جو هڪ دوهو آهي ته

پهلا پهر سڀ ڪوئي جاڳي، دوجا ڀوڳي هوءِ،

تيجا پهر تسڪر جاڳي، چوٿا روڳي هوءِ.

مطلب ته رات جو پهريون پهر ته هر ڪوئي جاڳندو آهي، ٻيو پهر شهواني خواهشون رکندڙ جاڳندا آهن، ٽيون پهر چور ۽ ڪاٽڪو جاڳندا آهن ۽ چوٿون پهر بيمار ٿو جاڳي.

انهيءَ رات جو اهو ٽيون پهر ئي هو، جڏهن موت ڪنهن ڪاٽڪو وانگر کاٽ هڻي سنڌ جو هي ارڏو پٽ اسان کان کسي ويو. هاڻي انهيءَ ڪاٽڪو جو پاٿاريدار ڪير آهي اها جاچ ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته جنهن صورتحال ۾ بشير خان جو لاڏاڻو ٿيو اهو گهڻا سوال اٿاري ٿو. هڪ فرد جيڪو زندگي ۾ ڪڏهن دل جو مريض نه رهيو هجي، جيڪو سدائين متحرڪ زندگي گذاريندڙ هجي، لانگ مارچ، احتجاج، ڌرڻا، سندس معمول ۾ شامل هجن، ٿڪاوٽ ڪڏهن ان کي ويجهو نه گذري هجي، اهڙي فرد جي دل ايتري جلدي بيوفائي ڪري اها ڳالھ ڪجھ سمجھ ۾ نه اچڻ جهڙي آهي.

ٻڌائين ٿا ته کيس پيٽ ۾ تڪليف هئي ۽ هِن Zantac گوري کاڌي هئي. اها گوري عام طور تي السر جي مريض کي کارائي ويندي آهي، جيڪڏهن بشير قريشي کي السر جي تڪليف هئي ته خاطري سان تريل شيون ۽ مرچ وغيره کائڻ جي به منع هوندس. ان صورت ۾ هوٽل جي ڪڙهائي کائڻ به خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو.

حقيقت ته تحقيق سان پڌري ٿيندي. ان لاءِ جيڪي به سوال اٿاريا ويا آهن انهن جا جواب اچڻ ضروري آهن. اسان کي خبر آهي ته هن ملڪ ۾ حقيقتون آڏو آڻڻ کان وڌيڪ لڪائڻ تي زور ڏنو ويندو آهي. معاملا سلجهائڻ بدران انهن کي سُٽ جي ڦوري وانگر منجهايو ويندو آهي. اهو ئي جناح صاحب، لياقت علي خان، مرتضيٰ ڀٽو، شاهنواز ڀٽو، بينظير ڀٽو سيمت سمورن هاءِ پروفائيل ڪيسن ۾ ڪيو ويو ۽ اها ئي روش هن وقت بشير خان قريشي جي ڪيس ۾ به روا رکيو پئي وڃي.

خبر ناهي ته حڪومتي ڪانءُ کي هميشه لُڙ ۾ مزو ڇو ايندو آهي. جتي هڪ قومپرست پارٽي جي سربراھ جي پراسرار حالت ۾ لاڏاڻي جو ڪيس هجي، اهو اڳواڻ جنهن ڪجھ ڏينهن اڳ ئي ڪراچي ۾ لکين ماڻهو گڏ ڪري نه صرف هن سياسي سسٽم پر ان پويان موجود نظرئي جي حوالي سان پنهنجي لاتعلقي جو اظهار ۽ طاقت جو مظاهرو ڪيو هجي، جنهن تي ٻه دفعا اڳ ۾ قاتلاڻا حملا ٿي چڪا هجن، انهن حملن ۾ سندس جانثار ڪارڪن ۽ هڪ حملو ڪندڙ به مارجي چڪا آهن، جنهن کي هر وقت مختلف اڻ ڏٺل هٿن کان خطري جون خبرون عام هجن ان جي موت تي اٿيل سوالن کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڇو ٿو ڪيو وڃي.

پوسٽ مارٽم بعد سندس جسم جا ورتل جزا به وارثن جي مطالبن ۽ منشا باوجود سول اسپتال ڪراچي ۾ ڇڏي اچڻ، ڊاڪٽرن پاران اهو چوڻ ته وارث مطمئن هجن يا نه سندن ڪجھ به نه وڃي، هڪڙا ٻيا سوال پيدا ڪن ٿا.

شهيد راڻي جي ضلعي ۽ شهر واسي هجڻ باوجود هڪ ليڊر نه پر هڪ انسان ۽ هڪ شهري هجڻ ناتي پڻ بشير قريشي جو اهو حق آهي ته سندس موت جي آزاد نموني جاچ ڪرائي وڃي. ڇاڪاڻ ته ان قسم جي ڪيس ۾ لاپرواهي سنڌ ۾ وڏي سانحي ٿيڻ جو خدشو نه پر پڪ آهي. ان ڪري حڪمرانن کي هوش کان ڪم وٺڻ گهرجي. سول اسپتال ۾ ٽيسٽون ڪرائڻ واري ٻاراڻي ضد بدران آغا خان مان ٽيسٽون ڪرائڻ ۾ ڪو هرج ناهي. ايئن ڪرڻ سان جيڪڏهن صورتحال بهتر ۽ ڳجهارت سلجي وڃي ٿي ته ڪنهن کي ڪهڙو نقصان آهي.

 


 

مرنداسين ته مٽيءَ مان پنهنجي ڦٽندا سرخ گلاب۔۔۔۔۔. . . .

اظهار سومرو

اها انسان جي اجتماعي روايت آهي ته عام ماڻهو ان انسان کي پسند ڪن ٿا جيڪو دلير هجي ٿو. انفرادي دليري کي جيڪر ڪو انسان اجتماعي دليري ۾ تبديل ڪري ٿو ته ان جي لاءِ سندس وطن جي ماڻهن جي دلين ۾ جيڪي گلاب ڦٽن ٿا انهن جو واس پوري وطن کي واسي ڇڏي ٿو. بشير احمد قريشي به اهڙن ماڻهن مان هيو، جن کي پنهنجي روايتي قدرن، ثقافتي انداز سان پيار هيو. هن پنهنجي ڳالهين جا ڳوٺ ٻڌڻ بدران عمل جي ميدان جي چونڊ ڪئي، هن جي اهڙي عمل کيس وڏن وڏن اڪابرن ۽ دانشورن کان وڌيڪ ماڻهن ۾ مقبول ڪري ڇڏيو. هو پري کان بيهي ڳالهائڻ بدران ماڻهن جي وچ ۾ پلٿي ماري ويهڻ وارو ماڻهو هيو. هن وٽ ننڍي وڏي، امير غريب جو فرق نه هيو، هو وڏيرن ۽ وڏن ماڻهن سان اٿڻ ويهڻ بدران هر وقت پنهنجن ڪارڪنن سان گڏ رهڻ کي ترجيح ڏيندو هيو.

هن جي ملنساري سان گڏ دلير طبيعت هن کي پنهنجي پارٽي ته ڇا پر پوري سنڌي معاشري ۾ هڪ الڳ ۽ قدآور حيثيت ڏياري ڇڏي. سنڌي سماج هميشه کان دلير ماڻهن سان محبت ڪئي آهي. ان ساڳي دليري جي ڪري هو قومي تحريڪ ۾ موجود سائين جي ايم سيد کان پوءِ واري قيادت ۾ سڀ کان وڌيڪ مقبول اڳواڻ هيو. ڇاڪاڻ ته هو سائين جي ايم سيد جي نظرئي جي پوئلڳي ۾ غير مشروط محبت جو قائل هيو. هو دليلن ۾ الجهڻ بدران وطن سان محبت جي عملي اظهار ۾ يقين رکندڙ ماڻهو هيو. جاگيرداري سماج جتي ماڻهو هيسيل، گهٻرايل، ڊنل ۽ قومي غلامي جي پنجوڙ ۾ ڦاٿل آهن، اتي جيڪر ڪو ماڻهو دليريءَ سان پنهنجي سياسي نظريئي کي عملي روپ ڏيڻ لاءِ ماڻهن جي وچ ۾ ويندو آهي ته ان کي عوام ائين موٽ ڏيندو آهي جيئن بشير قريشي کي ملي آهي.

بشير قريشي پنهنجي حياتي کي ڪئي ڀيرا خطرن ۾ وجهي به پاڻ کي ڪارڪنن کان پري محافظن جي حصار ۾ رکڻ بدران پنهنجي عوامي انداز ۾ سياست ڪئي. خطرن سان کيڏڻ ۽ پنهنجي ڳالھ بنا ڪنهن هٻڪ جي چوڻ هن معاشري ۾ ڪو سولو ڪم نه آهي.

سنڌ جي قومپرست سياست ۾ جيتوڻيڪ نظرياتي سرچشم ته سائين جي ايم سيد آهي پر ان سوچ جي آبياري تي اختلاف هميشه پئي رهيا آهن. اهي اختلاف سيد جي حياتي ۾ به رهيا ته ان جي وڇوڙي کان پوءِ به برقرار رهيا. بشير قريشي ان حوالي سان پنهنجي لاءِ سيد جي نظريئي کي عملي روپ ڏيڻ لاءِ ڪا به لفاظي ۽ دانشوراڻي ڊيگھ ڪرڻ بدران عمل جي ميدان ۾ لهڻ جي چونڊ ڪئي. هن سڄي سنڌ ۾ رابطن جو هڪ نه کٽندڙ سلسلو شروع ڪيو. هن پهريون ڀيرو سنڌ جي ماڻهن کي اها سمجھ ڏني ته قومي معاملن تي جدوجهد جا عملي طريقا اختيار ڪرڻ گهرجن. هن جلسن کان ٿورو اڳتي وڌي ڌرڻن جو دور آندو، جنهن جي نتيجي ۾ ماڻهن جا ڪيترا ئي مقامي نوعيت جا مسئلا حل ڪرايا ويا. هن جدوجهد کي نئين معنيٰ ڏني، هن سنڌ ۾ موجود قبائلي جهيڙن ۽ خوني تڪرارن جي نبيري لاءِ تڪراري ڌرين کي جهيڙو ڇڏي ڳالهين تي راضي ڪرڻ لاءِ منٿ ميڙ قافلن جي روايت وڌي، نياڻين ميڙ واري ان روايت کي هن قومي ٻڌي واري سوچ سان سلهاڙي سنڌي سماج کي ڪيترن خوني جهيڙن کان بچائڻ ۾ ڪاميابي ماڻي. هن سنڌي قومپرست سياست جو مرڪز حيدرآباد بدران ڪراچي کي بڻايو، ان حوالي سان هن ليڊرن واري دعويٰ نه ڪئي پر عملي طور پاڻ به پنهنجي ڪٽنب سان گڏ وڏي عرصي کان ڪراچي ۾ رهائش اختيار ڪري اتي رهندڙ سنڌين کي منظم ڪري اهو احساس ڏياريو ته ڪراچي سنڌين جي آهي. ان ڪوشش ۾ ڪاميابي کان پوءِ هن ڪراچي شهر جو رخ ڪيو، هن پوري ڪراچي ۾ نه رڳو پنهنجي تنظيم کي منظم ڪيو پر پنهنجي سياسي سگھ جو عملي مظاهرو ڪري ان تاثر جي نفي ڪئي ته ڪراچي سنڌين جي نه رهي آهي. ۲۳ مارچ تي ان سلسلي ۾ هن جي بندر روڊ تي ڪڍيل ريلي، ان ريلي ۾ لکين سنڌي ماڻهن جي موجودگي هن جي سياسي پورهئي جو ڦل هيو. ڪراچي شهر جي مالڪي واري ان جدوجهد ۾بشير قريشي کي جتي پنهنجن جا تير سهڻا پيا اتي ڌارين جي گولين جو به هن مقابلو ڪيو، ڪڏهن هن تي خوني حملو ڪيو ويو ته ڪڏهن وري هن جي گهر جو گهيراءُ ڪري کيس بنا سبب جي گرفتار ڪيو ويو پر هو پنهنجي موقف تي بيٺل رهيو. اهو ئي سبب آهي جو اڄ ڪراچي تبديل ٿي رهي آهي.

سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ بشير قريشي جي سوچ سان سهمت ماڻهن پُرامن سياسي جدوجهد وارو رستو اختيار ڪيو، جنهن جي ڪري سنڌ جي ماڻهن به انهن کي موٽ ڏيڻ شروع ڪري ڇڏي. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن به بشير قريشي ڪو هڙتال جو سڏ ڏنو ته ان کي سنڌ جي ماڻهن پاڻمرادي موٽ ڏني. اترين علائقن جي پٺاڻن جي سنڌ ۾ آبادڪاري کان وٺي سنڌ جي انتظامي ورهاڱي تائين ڪيترن معاملن تي جڏهن به بشير قريشي سڏ ڏنو ته سنڌ جي ماڻهن ان سڏ کي ورنايو. اها هن جي جدوجهد جي سياسي مڃتا هئي، جيڪا هن کي ٻن ڏهاڪن جي ڪوششن جي نتيجي ۾ ملي هئي. جنهن ڪري هاڻي هن جي جلسن ۾ موجود ماڻهن جي تعداد کي ڏسي ماڻهو رشڪ ڪرڻ لڳا هيا. ان سموري سفر ۾ هن شاگرد سياست جي جذباتيت کان وٺي قومي قيادت جي ذميواري وارو سفر ڪيو، جنهن دوران هو وقت سان گڏ سياسي طور وڌيڪ سمجهدار، ذميوار، بردبار ته ضرور ٿيو پر هن پنهنجي جدوجهد واري انداز کي جاري و ساري رکيو. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي قومپرست سياست قومي ڪارڪنن جي ڪارنر گڏجاڻين کان ٻاهر نڪري عوامي رخ اختيار ڪري ورتو. ان ڳالھ کي هن خود به محسوس ڪري ورتو هيو، جنهن ڪري هن سنڌ جي معاملن تي عوامي ريفرنڊم جو مطالبو به ڪيو هيو ڇاڪاڻ ته هاڻي هن کي ان ڳالھ جو احساس ٿيڻ لڳو هيو ته سيد جي سوچ سان سنڌ جا ماڻهو ڊگهي جدوجهد کان پوءِ سلهاڙجي ويا آهن.

بشير قريشي جو اوچتو موت به خود ڪيترا ئي سوال ساڻ کڻي آيو آهي. ڪارڪنن جو چوڻ آهي ته هو چڱو ڀلو هيو، هن کي اڳ ڪڏهن به دل جي بيماري نه رهي هئي، تنهنڪري اها سرڪار جي به ذميواري آهي ته سنڌ جي هن اهم قدآور سياسي شخصيت جي اوچتي لاڏاڻي جا سبب تلاش ڪرڻ جي حوالي سان جانچ ڪئي وڃي ته جيئن نه رڳو بشير قريشي جي خاندان، ڪارڪنن ۽ پارٽي پر پوري سنڌي سماج اندر موجود شڪ شبها ختم ٿي سگهن. ڇاڪاڻ ته ويجهڙ ۾ سنڌ ۾ قومي ڪارڪنن سان ٿيل ڪجھ واقعن جي ڪري ماڻهن جو شڪجڻ ڪنهن حد تائين درست آهي. ڇاڪاڻ ته سندس پارٽي قيادت هن جي اوچتي موت کي ڪراچي جي ڪامياب ريلي ۽ ان ۾ ڪيل اعلانن سان به ڳنڍي رهي آهي. بشير قريشي جيڪو سياسي جدوجهد جي ذريعي حقن جي حاصلات جي ڳالھ ڪري رهيو هيو ان جي وڃڻ سان جيڪو خال پيدا ٿيندو ان خال کي ڀرڻ وارو معاملو به اهم آهي.

اهي ماڻهو جيڪي هن جي فهم تي شڪ ڪندا هيا انهن سڀني کان صرف ايترو سوال آهي ته ”بشير قريشي جي کليل ميدان ۾ تدفين واري وصيعت جي منطق جو انهن وٽ ڪو جواب آهي“.

جيتوڻيڪ قومپرست تحريڪ ۾ موروثيت جو ڪو به تصور نه آهي، جڏهن ته اهي پارٽيون پنهنجي جوهر ۾ مڪمل طور تي جمهوري به آهن، تنهنڪري انهن لاءِ سوڳ واري ڪيفيت مان نڪرڻ کان پوءِ قيادت جي چونڊ وارو فيصلو ڪرڻ به اهم مرحلو هوندو پر هتي بنيادي سوال اهو آهي ته ڇا بشير قريشي جيترو قدآور ماڻهو انهن کي ملي سگهندو؟ ڇا اها تحريڪ بشير قريشي جي جدوجهد جي نتيجي ۾ حاصل ڪيل سگھ کي ڇڙوڇڙ ٿيڻ کان بچائي سگهندي؟ ان سوال جو جواب شيخ اياز کان پڇيوسين ته اياز چيو ”جي راھ اجل ڪنهن ورتي آ، هن ڀونءِ ڪئي ٻي ڀرتي آ“.

بشير قريشي جهڙي ماڻهو کي گلن جي ڀيٽا، لفظن جي ڀيٽا، آلين اکين جي ڀيٽا، سڏڪن جي ڀيٽا، آهُن ۽ دانهن جي ڀيٽا ڏيندڙ سنڌ سڏڪي رهي آهي، هن حلالي پٽ جي وڇوڙي تي وطن جا وڻ وڻ سوڳوار آهن، دور پولار ۾ سن جي سيد جو روح به سوڳوار آهي، ڀٽائي منهن مونن ۾ وجهي سوچ ۾ آهي، تنبورو نسورو درد پيٽي رهيو آهي، هوشو شيدي پنهنجي دليري جي روايت جي محافظ کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي رهيو آهي. ٽوڙهي ڦاٽڪ جا شهيد هن لاءِ ٻانهون کولي ڄڻ ته چئي رهيا آهن ”اڙي ڏسو، وڏو پيو اچي“ هو هيمون، دودي ۽ دولھ جي پاسي وڃي رهيو آهي. ها هن پاسي شيخ اياز به ته هن کي حيرت واري خوشي ۾ ڏسي رهيو آهي، ڄڻ ته چئي رهيو هجي ”مرنداسين ته مٽيءَ مان پنهنجي ڦُٽندا سرخ گلاب“، هو وطن جو دلير پٽ جنهن کي قيوم منگي به مرڪي ڏسي رهيو آهي، هن حياتي ۾ به پنهنجي ڌرتي سان نڀايو ته مرڻ کان پوءِ به مرڪي مٽي سان ملي ويندو.


 

هليا وينداسين اوچتو اوچتو

صنم سنڌي

ڪراچيءَ جي هوائن جا اهي پرجوش ڏينهن مون کي اڄ به ياد آهن، جڏهن سنڌي قوم جو ڪو به قومي ڪاڄ، سڏ يا ميڙاڪو هوندو هو ته هر طرف هڪ ئي ريٽو جهنڊو ڦڙڪندي نظر ايندو هو، جيڪو سن جي سيد جي سار هر دل جي ميدان تي محبت ساڻ مهڪائي اهو ياد ڏياريندو هو ته سن جو سيد اڄ به زنده آهي. سندس مقصد، سندس سوچ، سندس فڪر ڦولارجي هرطرف ڦهلجي سنڌي قوم کي متحد ٿيڻ جا انيڪ پيغام مُڪي رهيو آهي، اهو جهنڊو جنهن جي ڳاڙهاڻ جذبن کي نئون جوش ارپي اهو احساس ڏياريندي هئي ته جنهن شهر ۾ ڌارين جي دعويداري آهي، اتي سنڌين جي مالڪي ڪير به ۽ ڪڏهن به ختم نٿو ڪري سگهي. هو ڳاڙهو جهنڊو اڄ پنهنجي ڳاڙهاڻ افق ٿي پکيڙي درد جون دانهون ڪري رهيو آهي. رات جو پويون پهر هو، خبر ناهي ڇو ننڊ اکين کان تمام پري هئي، ان وقت ادا ضراب حيدر جي مئسيج ڄڻ ته پيرن هيٺان زمين ڪڍي ڇڏي، مون يڪدم انٽرنيٽ هلائي ته سنڌ جي جوشيلي ۽ ارڏي پٽ محترم بشير خان قريشي جي اوچتي وڇوڙي جي دکدائڪ خبر هڪڀيرو ٻيهر سنڌ جي خوابن جي ساڀيان کي ڏاڍو ڏور ۽ اکين کان اوجهل ٿيندي نظر آئي بقول شاعر:

”موت پوي موت، اڻ مندائتو آئين،

سوين سڪندر ماريئي، ارڏا ۽ اڻ موٽ،

گهايئي اهڙا گهوٽ، جن مند نه هئي مرڻ جي.“

اهڙا قومي اڳواڻ جن ۾ بهادري، جرئت، همت، حشمت، سڀاءُ ۽ محبت جا جذبا اپٽار هجن، سچ ته اهڙا املھ ماڻڪ روز روز ناهن ڄمندا. صديون سڪڻ کانپوءِ ڌرتي ماءُ کي اهڙا ارڏا ٻچا نصيب ٿيندا آهن، جيڪي پنهنجي خوبين، خصلتن، ڏاهپ ۽ پيار سان جيجل جي جهولي ڀري کيس خوشين جا خزانا ارپي ڏيهان ڏيھ سندس ناماچار ڪرائيندا ۽ سندس ڳاٽ اوچو ڪري ڇڏيندا آهن. لاڙڪاڻي جي سرزمين ڏاڍي زرخيز ۽ مقدس آهي، جنهن انمول هيرا جنميا آهن. جيڪڏهن بشير خان قريشي جي زندگي تي نظر وجهنداسين ته هن بهادر ۽ ارڏي سپوت جي سڄي ڄمار سنڌ ڌرتي ۽ سن جي سيد سان سچائي ۽ محبت جو اظهار ڪندي گذري، مون کي بشير خان قريشي جي اها هڪ جهلڪ ياد آهي، جڏهن مهراڻ ڪاليج مورو ۾ شاگردن جي فنڪشن ۾ مان خود به مهمان هئس اتي اچانڪ سندس آمد ڪاليج جي نوجوان ڇوڪرن ۾ جهڙي طرح جوش، ڦڙتي ۽ اتساھ پکيڙيو، اهو قابل ديد هو، ان وقت مون کي اهو احساس ٿيو ته سنڌ جي قومپرستن ۾ واقعي به بشير خان هڪ جداگانه ۽ اهم حيثيت رکي ٿو، سندس مختصر تقرير ۾ جيڪو پيغام ۽ پيار مون سنڌ امڙ لاءِ ڏٺو ۽ محسوس ڪيو، ان مان مون کي پڪ ٿي وئي ته سنڌ جو اڪثر نوجوان طبقو بشير خان کي پسند ڇو ٿو ڪري؟ سندس انداز ۾ سادگي، سچائي نمايان هئي، سندس سڀاءُ ڪنهن ليڊر بجاءِ عام مارو ماڻهن جهڙو هو، سندس اتساھ جذبن مان جهلڪي رهيو هو، ان ڏينهن ڪاليجي شاگرد هجڻ جي حيثيت سان مون محسوس ڪيو ته بشير خان نوجوان شاگردن ۾ ايترو مقبول ڇو آهي؟ سندس صعوبتون ۽ سَٺل سختيون به سنڌ واسين اڳيان آهن، کيس جيلن جون ياترائون ائين ڪرايون وينديون هيون ڄڻ ڪنهن ٻار سان راند ڪئي ويندي هجي، پر هن هماليه جهڙي همت رکندڙ سنڌڙي جي سپوت ڪڏهن به همت نه هاري، هميشه سائين جي ايم سيد جي جذبن جي ترجماني ڪندي سنڌ جي حقن جي ڳالھ ڪئي. هر محاذ تي مهاڏو اٽڪائيندڙ بشير خان موت جي محاذ تي به مهاڏو اٽڪائي موت کي مات ڏئي پاڻ کي سنڌ ڌرتي ۽ حقيقي سوچ رکندڙ سنڌين جي دلين ۾ هميشه لاءِ جياري ويو آهي، بقول استاد بخاري:

”جو قوم جياري اهو جيئندو رهندو،

جو عام اجاري اهو جيئندو رهندو،

مون کي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آهي،

جو سنڌ سنواري اهو جيئندو رهندو.”

ڀلا سنڌ جيجل سوڳوار ڇو نه هجي؟ سنڌ امڙ اها ڌرتي آهي، جيڪا هميشه غيرن جي اک ۾ ڪنڊي جيان رهي آهي. هن جيجل ڌرتي تي هر وار ڪري سندس ناءُ کي ميسارڻ جون ڪوششون هر دور ۾ ٿينديون رهيون آهن، پر جيجل جي ڪک تي الله جي اهڙي ته مهر ۽ ٻاجھ آهي جو سندس ڪک مان سدائين اهڙا ناياب ڪردار جنم وٺندا رهيا آهن، جن کي جهڪائڻ وارا خود جهڪي مري کپي خاڪ ٿي ويا پر سنڌڙيءَ جي آزاديءَ جا گيت آلاپڻ وارن کي ڪڏهن به ماري ناهن سگهيا، بقول خطائي ٿيٻو:

”سورج مکي سن جا،

جگ جگ جيئندين جيت،

مرندا ناهن گيت،

آزاديءَ جا موت سان.”

بلڪل اهڙي طرح بشير خان قريشي ڄمڻ ساڻ پنهنجي جيءَ ۽ جيون جي ڏور جيجل ڌرتي سان اهڙي طرح جوڙي ڇڏي هئي جو کيس موت جي پرواھ نه هوندي هئي، بقول منهنجي:

”جيءُ جيجل سان اهڙو جڙيو،

ڪڏهن ڪين مڙيو، بشير موت اڳيان.”

مارچ جو مهينو ته گذري ويو پر هيءَ ڌرتي بشير خان جا وطن لاءِ ڪيل لانگ مارچ ڪڏهن به وساري نٿي سگهي، جڏهن بشير خان پيادل شهرن جا شهر هن مهراڻ لاءِ محبتون وکيريندو رهيو ۽ پاڻ تي آيل ڪوڙن ڪيسن ۽ الزامن کي منهن ڏيندو رهيو. مون کي اهو ڏينهن به ياد آهي جڏهن کيس بنا لائيسنس وارا هٿيار رکڻ جي ڪوڙي ڏوھ ۾ جيل موڪليو ويو، تڏهن به سندس ارڏائپ ڪنهن ڪوڙ کي مڃڻ کان قاصر هئي. کيس سنڌ جي امن سان اهڙي الفت هئي جو قبيلائي تڪرارن کي ختم ڪرائڻ لاءِ اهو واحد قومپرست هو جيڪو ميڙ وٺي ڀٽ ڌڻي جا رسالا کڻي، پيار، امن ۽ الفت جا سنيها ساڻ ڪري سنڌ جي پراڻي قبيلائي تڪرارن ۽ جهيڙن کي ختم ڪرائڻ لاءِ منٿ ميڙ قافلا وٺي وڃي تڪرارن ۽ انائن جي تيز باھ کي اجهائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو ۽ سنڌ واسين کي پاڻ ۾ پيار سان پرچي رهڻ جا درس ڏيندو، روڊن ۽ رستن تي احتجاج ۽ جهاد ڪندو غاصبن کان سنڌ جا حق گهرندو رهيو، اهڙي ابو جهاد ۽ سدوري پٽ جي اوچتي وڇوڙي تي هيءَ ڌرتي ماءُ واڪا ڪري رهي آهي.

”واڪا ڪندي ووءِ، صديون تولاءِ سنڌڙي.”

توڙي جو مون ڪيئي ڀيرا قومي معاملن تي ساڻن ڳالهيون ڪيون، پر هر مسئلي تي کين سنڌ جي پرچار ۽ پيار سان سرشار ڏٺم، ڪڏهن به ائين محسوس نه ٿيندو هو ته هو هڪ ٽي وي اينڪر سان ڳالهائي رهيو آهي. سنڌ جي صدين واري عظيم تهذيب جي هن وارث وٽان هميشه ”ادي“ لفظ سان مخاطب ٿيڻ مون کي بيحد پسند هو. اهڙي بااخلاق، ريتن جي پاسدار ۽ روايت جي امين ماڻهوءَ کي ڪير ٿو وساري سگهي؟ بقول منهنجي ئي:

”ٽوڙيندو ڪير هن زنجير کي،

منهن نه ڏيندو آ ڪانئر شمشير کي،

ڀلي سوڍا سنڌ جا سمهندا وڃن،

صنم وساريندو ڪير دودي ۽ بشير کي.”

سنڌ جي سرواڻ سائين جي ايم سيد کيس هميشه پٽن جيان اهميت ۽ محبت ڏني، مان سمجهان ٿي ته بشير خان اهو خوش نصيب انسان هو جنهن کي پنهنجي اڳواڻ هميشه مان ڏنو، شايد سائين جي ايم سيد کي به اها خبر هئي ته بشير خان ئي اهو سٻاجهڙو ماڻهو آهي، جيڪو سنڌ جي مظلوم، مسڪين، غريب ۽ ڏکايل ماڻهن جو بهترين اڳواڻ ثابت ٿي قومپرستن ۾ نمايان رهندو. بشير خان انهيءَ مانَ جو مانَ رکندي سائين جي ايم سيد جو پيغام هر وستي ۽ واهڻ ۾ پهچايو، نه فقط ايترو پر سنڌ جي خوشحالي جا انيڪ خواب کڻي گهٽي گهٽي ڌرتي جي امن، شادابي، حقن، خوشحالي، بقا ۽ آزاديءَ لاءِ ووڙيندو هوشو، هيمو ۽ دودي جي ريت نڀائيندو رهيو، جنهن لاءِ منهنجون ئي سٽون سرجيل آهن ته:

”سيد جي صورت بشير هو،

سنڌ جي ضرورت بشير هو،

اڄ ويو موڪلائي مارن کان صنم،

دودن جي مورت بشير هو.”

بشير خان قريشي جهڙي مهان، عظيم ۽ ارڏي انسان جو اوچتو وڇوڙو سنڌ جي سڀني قومپرستن کي پڪاري رهيو آهي ته خدا جي واسطي هڪ ٿي سنڌ ۽ سيد جي محبت ۾ پاڻ ملهائڻ سکي وٺو، جيجل جي حقن، خوابن، خوشحالي ۽ آزاديءَ لاءِ پاڻ پتوڙڻ جا گر سکي پئو، سنڌين ۾ صدين کان پيدا ٿيل احساسِ محرومي کي ختم ڪرڻ لاءِ متحد ٿي ايڪي جو ثبوت ڏيو، ڇو ته جيون ماڪ مثل آهي، جنهن جي انت جو خواب خيال ئي ناهي هوندو. بشير خان قريشي جو مڙھ هن ڌرتي واسين کان موڪلائيندي کين آخري ڀيرو به اها ئي پارت ڪري رهيو آهي ته ٻيلي غيرن ۽ غدارن کي سڃاڻي هن سنڌ ماءُ جي بقا ۽ سلامتي لاءِ سڀ هڪ ٿي وڃو، ڇو ته ٻڌي ۾ عظمت آهي.

شال انهيءَ عظمت کي اسين ماڻي وٺون ۽ بشير خان قريشي جي اوچتو اوچتو هلي وڃڻ کانپوءِ اسين سندس انهيءَ خواب ۽ پيغام کي شل سمجهي وٺون، جيڪو استاد بخاري جي هن سٽن ۾ سمايل آهي:

”اسان سان ڪچهريون ڪريو دوستو،

هليا وينداسين اوچتو اوچتو!

اسان جي نصيحت، وصيت اها،

صحيح سوچجو، صحيح لوچجو!“


 

بشير خان قريشي

سيد سامهون سرخرو ٿيل

رزاق کٽي

انسان جي هڪ شاهڪار خوبي اها آهي ته هو پنهنجي پاڻ جو به امتحان وٺندو آهي، ڪير مڃي يا نه، پر هر ماڻهو ۾ اها خوبي هوندي آهي ته هو جڏهن به ڪو عمل ڪندو آهي يا ڪنهن سان ڳالھائيندو آهي ته انهيءَ کانپوءِ گهڻو ڪري هو پاڻ پنهنجو محاسبو به ڪندو آهي، پنهنجو پاڻ کان سوال ڪندو آهي. هن جيڪو ڪجھ ڪيو آهي يا جيڪو ڪجھ ڳالھايو آهي، ان ۾ هُن ڪٿي ڪٿي غلطيون ڪيون آهن، هُن کي ائين نه هيئن ڇو نه ڪرڻ گهرجي ها، ان بابت به هو پنهنجو پاڻ کي دليل ڏيندو آهي ۽ اهڙي ريت سمجھدار ماڻهن جي اها به نشاني آهي ته اهي اڳتي هلي پنهنجو پاڻ کي تبديل ڪندا ويندا آهن ۽ اهڙي ريت انهن جي سماجي قدر ۽ قيمت ۾ به اضافو ٿيندو ويندو آهي، اها ئي ارتقاءُ ۽ اهو ئي شعور جو سفر آهي.

انسان جي ٻي خوبي اها آهي ته هو جنهن ڌرتي تي جنم وٺي ٿو، اتي هو، هڪ گروھ مان ترقي ڪندو قوم جي صورت ۾ تبديل ٿئي ٿو، جتي پوءِ هُن جا سُک ۽ ڏُک، اجتماعي ٿي ويندا آهن، هڪ شعور رکندڙ انسان جي سڃاڻپ اها به آهي ته هو تڪليف جي گهڙي ۾ انهيءَ تڪليف کي ائين محسوس ڪري جيئن سندس ٻيو ڀاءُ محسوس ڪري ٿو، اسان تي هزار تنقيدون جائز آهن، پر اسان جي جيئري هجڻ جو ان کان وڏو ثبوت ٻيو ڪهڙو آهي ته ڪالھ جڏهن بشير خان قريشي جي موت جي خبر صبح ساڻ موبائيل مئسيجز ۽ ڪجھ اخبارن ذريعي اسان کي ملي ته اها خبر سنڌ ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ وڏي خبر هئي، جنهن ۾ تمام گهڻا صدما شامل هئا ۽ ايندڙ ڳچ ڏينهن تائين بشير قريشي جي جدائي جو لڳل هي زخم اسان جي روحن کي تڙپائيندو رهندو. سنڌ هڪ دفعو وري ڪنهن نئين بشير قريشي کي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوششن ۾ لڳي ويندي، اسان بشير کي ائين ساريندا رهنداسين، جيڪو انهي جو حق آهي.

بشير خان قريشي سنڌ جي قومپرست سياست ۾ سائين جي ايم سيد کانپوءِ سڀني کان وڌيڪ پاپولر اڳواڻ طور سامهون آيو، هو سنڌ جي قومپرست سياست ۾ يقين رکندڙ هزارين نوجوانن جو هيرو هو ۽ انهيءَ ڳالھ کان ڪير انڪار ڪندو ته ڪراچي ۾ سنڌين جا جيڪي هُن جلسا ڪيا، اهڙن جلسن جون نه ڄاڻ ڪيترا ليڊر سڌون ڪندا آهن، هو سمورين مصنوعيتن کان آجو قومپرست اڳواڻ هو، جيڪو نه تقريرون ڪرڻ وقت لفظن کي منطق جا لباس پارائيندو هو ۽ نه ڪڏهن پنهنجي ماڻهن سان ڪوڙ ڳالھائيندو هو، هُن جي تقريرن جو محور سنڌي ماڻهو هئا ۽ هو جڏهن انهن لاءِ ڳالھائيندو هو ته رياست ۽ ان جي ادارن جون ناراضگيون هُن لاءِ فخر بڻجي وينديون هيون، هو جڏهن به پنهنجي سامعين سان مخاطب ٿيندو هو ته منافقين کان آجو، جهڙو اندر تهڙو ٻاهر هو، هو سڌي راند سونٽي واري ڳالھ تي يقين رکندو هو، اهو ئي سبب هو جو سنڌ جا ماڻهو جڏهن به قومپرست سياست جي ڳالھ ڪند ا آهن ته بشير خان جو نالو انتهائي احترام سان وٺندا آهن.

سنڌ جي قومپرست سياست تي نظر رکندڙ گهڻن ماڻهن کي انهيءَ ڳالھ جو احساس آهي ته گذريل ڪيتري عرصي کان بشير خان قريشي جي سياسي روئي ۾ تمام گهڻي مثبت تبديلي ڏسڻ ۾ آئي پئي، نوجواني ۽ جواني جون حدون پار ڪرڻ کانپوءِ جڏهن ماڻهو دل بدران دماغ سان سوچڻ شروع ڪندو آهي ته پوءِ کيس انهيءَ ڳالھ جو اندازو ٿي ويندو آهي ته زميني حقيقتون ڇا آهن ۽ انهيءَ کانپوءِ انسان دماغ سان فيصلا ڪرڻ شروع ڪندو آهي، اهو ئي سبب آهي ته بشير خان قريشي سنڌ جي قومپرست سياست ۾ اڪيلو اهڙو ليڊر هو جنهن جي هڪ فون ڪال تي سڄي سنڌ بيهي رهندي هئي، پر انهيءَ جي باوجود سنڌ جي ماڻهن هُن ۾ ڪڏهن به آڪڙ نه ڏٺي، نه ڪڏهن هُن انهيءَ پاپولرٽي ۽ نوجوانن جي طاقت تي تڪبر ڪيو ۽ نه ڪڏهن انهيءَ کي ڪيش ڪرايو. هُن ڪراچي ۾ تاريخي جلسا ڪيا، پر پنهنجي ڪاميابي تي فخر ڪرڻ بدران هُن عاجزيت ۾ پناھ ورتي. سنڌ هُن جو محور هئي ۽ هُن هيڏي وڏي گلوبل وليج واري دنيا ۾ انهيءَ ڳالھ کي محسوس ڪرڻ باوجود سنڌ کي پهرين ترجيح ڏني، هُن جو ڪمال اهو هو ته دل بدران جڏهن هُن دماغ سان سوچڻ شروع ڪيو تڏهن به هو پنهنجي سياست جي بنيادي نقطي تي بيٺو رهيو، هڪ ڀيري مون هِن کان پڇيو هو ته ”اوهان جيڪي ڳالھيون ڪريو ٿا انهن جو زميني حقيقتن سان ڪيترو تعلق آهي، ته هُن چيو هو ته ضروري ناهي ته جيڪو ڪم اسان ڪريون ٿا انهيءَ جا نتيجا به اسان ڏسون، پوءِ ڀٽائي ۽ سيد جي توڪل تي ڪير ايمان آڻيندو؟“ هن مونکان پڇيو هو.

سنڌ جيڪا هن وقت انيڪ اخلاقي، سماجي ۽ سياسي بحرانن جي ورچڙهيل آهي، اهڙين حالتن ۾ وچٿري ڄمار ۾ بشير خان قريشي جو وڇوڙو سنڌ جو هڪ اهڙو نقصان آهي، جيڪي ايندڙ ڪيترن ئي سالن تائين پورو نه ٿي سگهندو، هاڻي جيئي سنڌ قومي محاذ جي بشير خان قريشي کانپوءِ واري قيادت تي اها ذميواري عائد ٿئي ٿي ته هو انتهائي عقلمندي سان فيصلا ڪري. ڇاڪاڻ ته بشير خان قريشي هڪ قومپرست اڳواڻ جي صورت ۾ رياستي مخالفتن جي باوجود جنهن انداز ۽ ڪاميابي سان پنهنجو پاڻ کي اڳتي وٺي ويو هو، انهيءَ قسم جو رويو ۽ طريقو ئي بشير خان جي لاڏاڻي کانپوءِ جسقم کي نقصان کان بچائي سگهي ٿو. جسقم جي اندر موجود سياست جي شاگردن جي اها ذميواري آهي ته هو بشير خان قريشي جي وفات جي ناقابل تلافي نقصان کي هڪ اهڙي طاقت ۾ تبديل ڪن، جنهن جي هن وقت سنڌ کي ضرورت آهي. روايتي سياست جا طريقا تبديل ڪري سنڌ جي عام ماڻهوءَ کي سگهارو بنائڻ لاءِ ڪم ڪيو وڃي ۽ هن انتهائي اهم موقعي تي جيڪڏهن عقل ۽ حڪمت کان ڪم نه ورتو ويو ته پوءِ اها ڳالھ ياد رهي ته بشير خان پنهنجي زندگي جا اهم ترين سال جيڪي جيئي سنڌ ۽ بعد ۾ سندس تنظيم کي ارپيا هئا، اهي سڀ ضايع ٿي ويندا.

بشير خان جي وفات کانپوءِ ۷ اپريل تي فيس بُڪ تي اهو بحث هلندو رهيو ته بشير خان قريشي جي تدفين ڪراچي ۾ ڪئي وڃي. ڪجھ دوستن جي اها راءِ هئي ته هاڻي هر سال ۷ اپريل تي بشير خان جي ورسي جي موقعي تي ڪراچي ۾ لکين سنڌي گڏ ٿي بشير خان قريشي کي خراج عقيدت پيش ڪن، جڏهن ته مشهور قومپرست اڳواڻ نواز خان زئنور اهو الزام هنيو هو ته ملڪ جي رياستي ادارن بشير خان قريشي کي زهر ڏئي شهيد ڪيو آهي. انهيءَ ڪري هاڻي سنڌي ماڻهو اٿي کڙا ٿين. . . . . . . . . . . . . . ڪجھ دوستن جو خيال هو ته بشير خان جي وصيت موجب کيس سن ۾ دفنائڻ بدران ڪراچي ۾ دفنايو وڃي.

بشير خان جي لاڏاڻي سبب سڄو ڏينهن فيس بُڪ ۽ موبائيل تي عذرخواهي جي ايس ايم ايس جو سلسلو جاري رهيو ۽ هِن ارڏي اڳواڻ جي پاپولرٽي جي اها ئي نشاني آهي ته هِن جي موت تي سنڌ سوڳوار آهي. آئون سوچيان ٿو هزار حادثن، صدمن، تڪليفن جي باوجود زندگي جو سفر، جيڪو ڪڏهن اونداهين ۽ ڪڏهن روشنين سان ڀرپور هوندو آهي. انهيءَ کي هلندي هلندي فل اسٽاپ ڇو اچي ويندو آهي ۽ پوءِ زندگي جي انهيءَ ڪتاب جا سمورا لفظ موت جي گرمي ۾ تحليل ٿي ويندا آهن ۽ هر پيار ڪندڙ جي دل ۾ قبر بڻجي ويندا آهن. بشير خان قريشي سنڌ سان پيار ڪندڙن جي دل ۾ سدائين زنده رهندو. هُن پنهنجي ڪرادر ۽ عمل سان سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ جيڪا جاءِ ٺاهي آهي، انهيءَ جو مثال سنڌ جي ويجھي قومپرست سياست ۾ نٿو ملي، هزار اختلافن جي باوجود انهيءَ ڳالھ کان ڪير به انڪار نه ڪندو ته هو بهادر ۽ پنهنجي ڳالھ تي بيهڻ وارو سياسي اڳواڻ هو ۽ مرندي مري ويو پر ڪوبه اهڙو مهڻو پاڻ سان گڏ نه کڻي ويو جيڪو کيس سيد آڏو شرمسار ڪري!!


 

هڪ ستمگر مهينو!

سڪندر علي هُليو

ساري زندگي سنڌ سان محبت ڪندڙ ۽ ان لاءِ جيئندڙ، مرندڙ ۽ جاکوڙيندڙ هڪ دل ڇا بيهجي وئي، ڄڻ هيءَ ڌرتي ۽ ان تي موجود زمان ۽ مڪان بيهجي ويو ۽ پويان هلڻ لاءِ فقط ڏک، ڳوڙها، پار ۽ اوسار رهجي ويا. هن ڌرتيءَ جي هزارين سالن جي مٽي ۽ خمير جهڙو هڪ پٽ بشير خان قريشي آجپي واري سفر ۾ جاکوڙيندي قبرستان ڳڙهي خدا بخش ڀرسان پنهنجي اباڻي شهر رتيديري ۾ مدفون ٿي چڪو آهي. پر پويان ڏک کي طاقت ۾ تبديل ڪندڙ پهاڙن جهڙو ٽاسڪ ڇڏي ويو آهي، ائين جيئن سنڌ جي فڪري رهبر سائين جي ايم سيد هن ئي اپريل مهيني جي ۲۵ تاريخ تي ۱۹۹۵ع ۾ ڇڏيو هو. اها ڇا ته ڪمال ۽ ڏکائيندڙ هڪ جهڙائي آهي ته سيد ۽ بشير خان قريشيءَ جي وفات هڪ ئي مهيني ۾ ٿي آهي ۽ ان جو نالو اپريل آهي. ان ئي اپريل جي چوٿين تاريخ تي سنڌ جي هڪ ٻئي ذهين، بهادر ۽ عالمي پائي جي اڳواڻ جي شهادت پڻ ٿي آهي، جنهن جو ڳڙهي خدا بخش وارو قبرسان، بشير خان جي اباڻي شهر رتيديري کان چند ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. قديم سنڌ جي تغير مان جنم وٺندڙ جديد سنڌ جي ٽنهي ڪردارن جي شهادت نما موت جو هڪ ئي مهيني اپريل ۾ هجڻ محض اتفاق نه آهي، پر زمان ۽ مڪان جي قيد کان آزاد هن ڌرتيءَ جي سپوتن جو اُهو سنگ آهي، جنهن جي جنگ سندن موت کان پوءِ به هن ڌرتيءَ جي باوقار جياپي ۽ آجپي لاءِ سندن فڪري، نظرياتي ۽ عملي رنگن سان رڱجي هر عهد ۾ نئين سر ڏک کي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ جي متلاشي آهي ۽ ان تلاش ۾ اپريل مهينو سنڌ لاءِ ائين آهي، جيئن قديم يوناني ديومالائي ڪردارن ۾ مارچ مهينو سندن لاءِ ستمگر آهي. جيئن مارچ جو ستم سندن لاءِ تمثيلي آهي، تيئن اپريل جو آرڙھ سنڌ لاءِ ڏک جي علامت آهي. هڪ اهڙو ڏک، جنهن ۾ شايد سنڌ جو سک سمايل آهي.

پنهنجي شعوري سفر ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ واري شاگرديءَ واري زماني ۾ مان اڃان تائين اُها رات وساري نه سگهيو آهيان، جڏهن بشير خان سميت سموري سنڌ جي فڪري ابي جي شهادت نما وفات کان پوءِ سندس ڪراچي کان آيل قافلي سان ڄامشوري کان پوءِ سن ۾ تدفين وقت گذاري هئي ۽ ڪالھ رات به سنڌ تي اها ڪاري رات آيل هئي، جڏهن سندس وصيعت موجب سيد جي هڪ سچي ۽ ارڏي سپاهي کي سندس پيرن ۾ مدفون پئي ڪيو ويو، پر خاندان جي خواهش موجب کيس رتيديري ۾ ئي دفن ڪيو ويو ۽ سندس ڪارڪنن پڻ تحمل جو مظاهرو ڪيو! جديد سنڌ جي اتهاس ۾ هلندڙ جيئي سنڌ هلچل جي هڪ وڏي، ارڏي ۽ لازوال ڪردار بشير خان جو ڪمهلو وڇوڙو سندس تنظيم جيئي سنڌ قومي محاذ جي ڪارڪنن جو ئي ڏک نه آهي، پر هيءُ هڪ سنڌ جو ڏک آهي. هو صرف پنهنجي ڪارڪنن جو ئي ”خان“ نه هو، پر سنڌ جي هر سياسي ڪارڪن، شاگرد، اٻوجھ، اڀري ۽ غريب ماڻهو جو خان به هو. هڪ اهڙي وفات، جنهن وٽ ڪروڙن بجاءِ ڪارڪن هيا ۽ پڳ بجاءِ ڌرتيءَ جو مان سندس سنڌي ٽوپيءَ ۾ سمايل هو. جڏهن سندس تدفين پارٽيءَ جي ڳاڙهي جهنڊي ۾ ٿي رهي هئي ته رت جهڙا ڳاڙها لڙڪ ۽ سنڌو جهڙا ڊگها اوسار پڻ سندس چاهيندڙن پاران سندس ڪفن جا ورَ بڻجي سندس ساميءَ کي سيراب ڪري رهيا هئا. بدقسمتيءَ سان سنڌ جي اهڙي ارڏي ۽ لازوال ڪردار سان منهنجي ڪڏهن روبرو ڪا ملاقات ٿي نه سگهي، پر هن جي سفر ۽ جدوجهد ۾ مون سميت هزارين ماڻهن جو پختو يقين هو. هو هن وقت جي سنڌ جو بلا شڪ سڀ کان وڌيڪ مقبول رهنما هو، جنهن جي قافلن جي سونهن ڪروزر گاڏين بجاءِ موٽر سائيڪلن وارا اسڪارٽ ڪندڙ اهڙا نوجوان هئا، جيڪي سنڌ جي سمورن ڪاليجن، يونيورسٽين جا پنهنجي پنهنجي زندگين ۾ اڻ ڳڻيا، پر کرا ڪردا پڻ رهيا آهن. بشير خان پنهنجي دنيا جو هڪ اهڙو بادشاھ به هو، جنهن جي سلطنت روايتي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين واري سحر مان نڪرڻ کانپوءِ اوٻاڙي کان ڪراچيءَ تائين روڊن، ڌرڻن ۽ آخري فريڊم مارچ تائين عوامي انداز ۾ عوامي مقبوليت پڻ ماڻي چڪي هئي ۽ هر گذرندڙ ڏينهن هن جي مقبوليت ۾ روايتي سياستدان جيان ڪميءَ بجاءِ اضافي جو باعث هو ۽ ائين هو شاگردن کانپوءِ عوامي ڌرڻا ۽ ڪارو ڪاري ۽ ڪڌي قبائلي ڪاروبار جي واپارين وٽ پڻ پنهنجي ڪارڪنن سميت غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جي داد رسيءَ لاءِ پهچڻ ۾ ويرم نه ڪندو هو. هو هڪ ئي وقت شاگردن، ڪارڪنن، مزدورن ۽ عام رواجي زندگي گذاريندڙن کان وٺي آفيسرن، سردارن ۽ وقافي سياست ۾ يقين رکندڙن ۾ پڻ مقبول هو ۽ هر ماڻهوءَ وٽ هن جو باوقار ڪردار هن جو تعارف هو.

سياست جي صحرا ۽ سحر ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪردار نظرئي کان وڌيڪ اثرائتو هوندو آهي. شروعاتي زندگيءَ ۾ بشير خان ڪو وڏو نظرياتي ماهر ۽ مقرر نه هو، پر سيد جي فڪر تي ٽِڪ ٻڌي بيهڻ ڪري هن جو نظرياتي قد ۽ خطابت ۾ هڪ عجيب اثر هو، ورنه جيئي سنڌ جي تاڃي پيٽي ۾ عبدالواحد آريسر جهڙا فڪري عالم ۽ مبلغ پڻ پيا آهن. اهڙي عالم ۾ پنهنجي فڪري ۽ خطابت واري سحر کي مڃائڻ ۽ قائم رکڻ فقط بشير خان جو ئي ڪمال آهي ۽ اهو يقينن بشير خان جو اهو پختو ۽ سڌو ڪردار ئي هو، جنهن کيس ۱۰ آگسٽ ۱۹۵۶ع تي ڄمڻ کان وٺي ڪالھ تائين پنهنجي هڪ مختصر عمر ۾ انمول بڻائي رکيو. رتيديري شهر جي موٽڻ پور محلي ۾ غلام مرتضيٰ قريشيءَ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ بشير خان موٽڻ پور بجاءِ سڄي سنڌ کي پنهنجي محلو سمجهيو، تڏهن ئي ته مئٽرڪ رتيديري واري اسڪول ۾، انٽر وري شڪارپور واري ڪاليج ۽ ماسٽرس وري زرعي يونيورسٽي ۾ ئي ٿي آهي. سنڌ جي هر اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽي جو هڪ هڪ شاگرد اڳواڻ سندس وڇڙڻ تي سراپا ڏک آهي.

هو سنڌ جي نوجوان ۽ آجپيءَ لاءِ جاکوڙيندڙن جو هڪ اتساھ، هڪ طاقت ۽ هڪ جذبو ٿي اڀريو ۽ اهو اتساھ، طاقت ۽ جذبو بعد ۾ جڏهن عوامي سطح تي ڏيکارڻ شروع ڪيو ته اوٻاڙي کان ڪيٽي بندر ۽ ڪشمور کان ڪراچيءَ تائين هو هڪ ئي وقت اوتري ئي سطح تي مقبول ۽ طاقتور هو. هونئن ته ساري سنڌ سندس پاڇو ۽ گهر هئي، پر سندس اصل هيڊ ڪوارٽر ڪراچي هو، جتي گذريل سال سندس مٿان حملي کانسواءِ هاڻوڪي فريڊم مارچ تائين هن ثابت ڪيو ته ڪراچي جا وارث سنڌي آهن. بشير خان جي تنظيمي بصيرت ان وقت نظر آئي هئي، جڏهن سيد جي رحلت کانپوءِ ۱۹۹۵ع جيئي سنڌ جي مڙني ڌڙن چاليهي جي موقعي تي انضمام جو فيصلو ڪيو هو، جنهن هيٺ عبدالواحد آريسر اول ڪنوينر ۽ هو ڊپٽي ڪنوينر ۽ بعد ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جو آريسر چيئرمين ۽ هو سيڪريٽري جنرل چونڊيا هئا. ان وقت سندن اها سوچ ته سيد جي ڏک کي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ گهرجي، اڄ هڪ دفعو وري تقويت جي متلاشي آهي. هاڻي ته بشير خان پڻ نه رهيو آهي، جيڪو اڄوڪي قومپرست قيادت جو سڀ کان مقبول ۽ عوامي رهنما هو، پر سندس پارٽيءَ اندر آصف بالاديءَ جهڙا نظرياتي ۽ نياز ڪالاڻيءَ جهڙا عملي ڪارڪن ۽ اڳواڻ موجود آهن، جن مٿان اهو فرض ٿو عائد ٿئي ته هو بشير خان جي نظرياتي ۽ عملي جدوجهد کي اڃان به وڌيڪ تيز ڪندي پنهنجي قومي محاذ کي اڳتي وڌائين. سيد کان پوءِ بشير خان پڻ سنڌ اندر جيئي سنڌ هلچل کي نه رڳو يتيم ڪيو آهي، پر سيد جي فڪر کي عمل ۾ تبديل ڪندڙ هڪ عظيم ڪردار کان سنڌ محروم ٿي وئي آهي. هن پٺيان نظرياتي ۽ عمل جي امتزاج وارو چئلينج پڻ ڇڏيو آهي. سيد جي وفات وقت جيڪو سندس خانداني ۽ فڪري اولاد ۾ اتحاد ۽ نظم نظر آيو هو، اڄ ان اتحاد ۽ نظم کي اڃان به وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ مڙي مُٺ ٿيڻ جي ضرورت آهي. سيد جي هن ئي مهيني ۾ ٿيندڙ ورسي گڏجي ملهائڻ لاءِ صرف وچن ئي نه، پر عمل به ٿيڻ گهرجي. اخبارن ۾ رپورٽ ٿيندو رهيو آهي ته هن ئي هلچل جو هڪ برجستو ڪردار مير عالم مري ۽ ٻيا دوست اهڙين ڪوششن ۾ آهن ۽ بشير خان پڻ کين همٿايو هو. بشير خان کي ان کان وڌيڪ في الوقت ٻيو اهڙو خراج نٿو پيش ڪري سگهجي ته سيد سميت سندس ورسي، سيد جي خانداني ۽ فڪري اولاد کي يڪجاءِ ۽ هڪئي پليٽ فارم تان ملهائڻ گهرجي ۽ سنڌ جي آجپي ۽ باوقار جياپيءَ لاءِ ڪنهن هڪ سياسي تنظيم لاءِ قدم وڌائڻ گهرجي. جنهن هيٺ في الوقت ڪنهن ”ڪوآرڊينيشن ڪائونسل“ جهڙي پليٽ فارم تي اتفاق ڪندي پنهنجي پنهنجي تنظيمي شناختن کي قائم رکڻ گهرجي ۽ هڪڙي وسيع البنياد ڊائلاگ کانپوءِ هڪ سنڌ ۽ هڪ سيد جهڙي هڪ تنظيم جوڙڻ گهرجي ۽ اڄ سهڻيءَ جهڙي سنڌ کي سوين، هزارين مانگر مڇن مان نجات ڏيارڻ جو ان کان وڌيڪ خراج ۽ ڀيٽا نٿي ڏئي سگهجي، جنهن ۾ سيد جي خانداني، فڪري ۽ ڏنگن ٻارن کان وٺي هر ڌرتي ڌڻيءَ جي ڏکن جي داد رسي سندن ذريعي سنڌ ڌرتيءَ ۾ ئي ٿي سگهي!


دل جي بي وفائي يا سياسي قتل؟

لطيف جمال

جڏهن گلابن جي اکين مان ڳوڙها ڳڙندا،

۽ سچ بيروت جي باھ ۾ سڙندو رهندو،

منهنجا محبوب مان،

مان توکي الوداعي چُمي ڏيڻ لاءِ

پنهنجو هٿ چپن تي رکي ڇڏيندس!

(نذار قاباني)

هُو انهن نوجوانن جو هيرو هو، جن هِن کي پنهنجي ڳچين جو هار سمجهي پائي ورتو هو ۽ کيس ”ابو جهاد“ جو لقب ڏنو هو. جنهن جو مطلب آهي (فادر آف دي اسٽرگل) اها جدوجهد ته فلسطين جي ڌرتيءَ تي فلسطين لبريشن آرگنائيزيشن جي اڳواڻ ياسر عرفات شروع ڪئي هُئي پر فلسطين اهو اعزاز فقط خليل ابراهيم جي کاتي ۾ لکيو هو. سنڌ ۾ سيد جا ڪيترا ئي عاشق رهيا، پر هڪ عرصي تائين هلڻ کان پوءِ انهن پنهنجي منزل مٽائي ڇڏي. پر مصيبتن جي طوفانن ۾ به جيڪو شخص بيٺل رهيو، اُهو فقط اڪيلو بشير خان قريشي ئي هو، جنهن کي سنڌ جي نوجوانن ”ابو جهاد“ جو لقب ڏئي ڇڏيو. جيڪو سنڌ جي قومي تحريڪ جو ”فادر آف اسٽرگل“ هو. هي سنڌ جو اهو سياسي اڳواڻ نه هو، جيڪو گاڏين ۾ ويهي لانگ مارچ ڪري پر هي پنهنجي ورڪرن جي قافلن سان گڏ زخمي پير کڻي هلندڙ اهو سياسي اڳواڻ هو، جنهن متل ميدان تي پنهنجي ساٿين کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيو. جنهن جي وارن ۾ چاندي لهي اچڻ کانپوءِ به جدوجهد جي ميدان تي هو قومي تحريڪ جي ورڪرن جي وچ ۾ رهيو. ڇا سنڌ جي ابو جهاد جي وڇوڙي جو صدمو هن سنڌ کان برداشت ٿي سگهي ٿو، جنهن جي وارثيءَ جو بار فقط قومي تحريڪ جي مٿان آهي. سنڌ جا نوجوان نذار قاباني وانگر پنهنجي محبوب اڳواڻ کي الوداعي چمي ڏيڻ جي موڊ ۾ ناهن. الوداع ته انهن کي ڪبو آهي، جيڪي جُدا ٿيندا آهن. ڇا اسان پنهنجي اُن معصوم اڳواڻ کي الوداعي چُمي ڏئي سگهڻ جي جُرئت ڪري سگهون ٿا؟ اسان جو ذهن اهو قبول ڪري ٿو ته هو جيڪو سنڌ جي عشق ۾ جدوجهد جي ميدان تي ڪنهن پهاڙ وانگر بيٺل نظر ايندو هو. سو دل جي بي وفائيءَ سبب جدا ٿيندو؟ جنهن سان سنڌ ائين محبت ڪري ٿي، جيئن ڪنهن معصوم ٻار سان ڪئي ويندي آهي. هُو اُن وقت کان ئي سيد جي سٿ ۾ شامل ٿي ويو هو، جڏهن هُن جي شعور جي اک کُلي هُئي. هن جي حصي ۾ سڄي زندگي مصيبتون ئي رهيون ۽ هو مصيبتن کي چئلينج سمجهي قبول ڪندو رهيو. هُن کانپوءِ سنڌ جي قومي تحريڪ هڪ اهڙي صدمي ۾ هلي وئي آهي، جنهن جو ازالو جلدي ممڪن ناهي. سوال اهو آهي ته هن ڏکويل گهڙيءَ ۾ سيد جا فڪري پوئلڳ ۽ سنڌ جي سهڻي اڳواڻ جا عاشق ڪارڪن هن صدمي مان نڪري سگهندا؟ جيڪڏهن اهڙي وڏي حادثي جي حالت ۾ سنڌ جي سٻاجهن ڪارڪنن پنهنجي صدمي کي صبر جي طاقت ۾ تبديل نه ڪيو ۽ مِڙي مُٺ نه ٿيا ته قومي تحريڪ جو آئيندو اونداهون بڻجي ويندو.

ٻيو اهم سوال اِهو به آهي ته ڪجھ متضاد بيان به سامهون اچي رهيا آهن. هڪ پاسي بشير خان جي موت جو سبب ”هرٽ اٽيڪ“ ٻڌايو وڃي ٿو ته ٻئي پاسي ”بلڊ پريشر“ جو گهٽجي وڃڻ ٻڌايو وڃي ٿو. پر ان معاملي جي به جاچ ٿيڻ گهرجي ته بشير خان جي موت پويان ”فريڊم مارچ“ کان پوءِ بوکلائجي ويل اهي قوتون ته ناهن، جن سنڌ جي آواز کي بين الاقوامي ميڊيا تائين پهچائڻ ۽ آمريڪي ڪانگريس جي متوجھ ٿيڻ کانپوءِ خوفزده ٿي ڪا رٿابندي ڪئي هُجي. هاڻي ان شڪ جي گنجائش ان ڪري به وڌي وڃي ٿي، ڇاڪاڻ جو ڪالھ چانڊڪا اسپتال جي ايم ايل او جي حوالي سان ڊان ٽي وي اها رپورٽ ڏني ته بشير خان قريشيءَ جو موت زهريلي شيءِ کائڻ سان ٿيو آهي. منهنجي خيال ۾ هي هڪ اهڙو سياسي قتل آهي، جنهن جي پويان ڳجها هٿ ٿي سگهن ٿا. باقي جيڪو سياسي اڳواڻ سکر کان ڪراچيءَ تائين پنهنجي پيرن تي پٽيون رکي پنڌ ڪري پهچي، جيڪو سنڌ جي سمهي پيل قومي تحريڪ کي رستن ۽ روڊن تي پنهنجي سگهاري سياسي موبلائيزيشن سان سنڌ کي اُٿاري وجهي، سو ائين اوچتو هرٽ اٽيڪ ۾ هليو وڃي ۽ بلڊ پريشر به گهٽجي وڃي، سا ڳالھ شڪ جا ڪيترا ئي دروازا کولي وجهي ٿي. مان بشير خان کي سنڌ جو سياسي شهيد سمجهان ٿو، جيڪو ڪنهن وڏي سازش تحت قومي تحريڪ جي قافلي کان جدا ڪري هڪدم قومي تحريڪ کي ڪمزوريءَ پاسي ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ڇو ته هي واحد سنڌ جواڳواڻ هو، جيڪو حقيقي معنى ۾ سنڌ جي تاريخ جو اهو پڙاڏو هو، جنهن جي سڏ تي سنڌ سمنڊ وانگر اٿلي پوندي هُئي، جنهن جو اظهار ڪراچيءَ وارو ”فريڊم مارچ“ هو. جتي رياست سان گڏ اهي قوتون به بوکلائجي ويون هُيون، جيڪي ڪراچيءَ تي فقط پنهنجو حق سمجهنديون رهيون آهن. جتي سنڌي ماڻهو هڪ ئي پارٽيءَ جي حاڪميت واري اهڙي احساس ۾ جيئن ٿا، جيڪو احساس انهن کي اندر ئي اندر ۾ اذيت ڏئي رهيو آهي. سنڌ کي اهڙي احساس مان فقط بشير خان جي بردبار تحريڪ ئي ٻاهر ڪڍي پئي سگهي ۽ هڪ اهڙي هنڌ بيهاري پئي سگهي، جتي رني ڪوٽ جي رڻ مان خوشحال سنڌ جو سج اُڀري پوي ها. پر سنڌ جي قسمت ۾ عذابن جا لکيل ڪنڊا هٽائڻ لاءِ جڏهن به ڪو جوڌو ميدان تي لٿو آهي، تڏهن اُن جي نصيب ۾ رڻ جون راتيون ئي رهيون آهن، جيڪي کُٽن ئي نٿيون. سنڌي ماڻهن جي وارثي ڪرڻ واري هن اڪيلي اڳواڻ جي حصي ۾ به اُهي عذاب جون ڪاريون راتيون رهيون، جيڪي هن هميشه ويڙهاند ۾ گذاريون. سنڌ جي ابو جهاد جي وڇوڙي جي خبر سان فقط رتوديرو تڏي ۾ تبديل ناهي ٿيو پر سڄي سنڌ ۾ تڏو وڇايو ويو آهي ۽ سنڌ پنهنجي دل کي تڏي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ پنهنجي آلين اکين سان اُن اڳواڻ جي وڇوڙي تي هڪ اهڙو ماتمي لباس پائي ورتو آهي، جنهن لباس کي لاهڻ لاءِ قومي تحريڪ کي وقت لڳندو.

هُو جنهن جي چهري تي هميشه ٽهڪن جا سوين چنڊ کڙيل نظر ايندا هُئا، جنهن کي وڏيءَ محبت سان ورڪر ”وڏو“ سڏيندا هُئا، سو وڏو سنڌ جي اڱڻ تي سوين اُداسيون ڇڏي هليو ويو آهي. هن سان محبت ڪرڻ وارن جو انگ ايترو گهڻو هو، جو هن جا مخالف به هن جي روايتن جا عاشق هوندا هئا. سيد جي لاڏاڻي کان پوءِ قومي تحريڪ جو نئين سِر پروفائيل ٺاهي، پُرامن سياسي جدوجهد جي ميدان تي هُن جنهن طريقي سان پيش رفت ڪئي ۽ ان جي نتيجن جو سج اڃان اُڀرڻو ئي هو، ته سياسي سفر ۾ هو اسان کان وڇڙي ويو.

تنهنجو آواز،

اسانجي روحن ۾ محفوظ آهي،

جيڪو لڳاتار سڏي رهيو آهي،

پر توسان اهو واعدو آهي،

اسان تنهنجي آواز جي

تڪميل بڻجي

پنهنجي وطن جي مٽي محفوظ رکنداسين

(تامل گيت)

سنڌ جي قومي تحريڪ هن وڏي صدمي مان ورهين تائين نڪري نه سگهندي، پر جي صدمي کي طاقت ۾ تبديل ڪيو ويو ته شايد ڪمزور سنڌ خوشحاليءَ جي نئين دور ۾ داخل ٿي سگهي، ڇو ته ڪڏهن ڪڏهن ناڪاميون، ڪمزوريون ۽ خوف به طاقت ۾ تبديل ٿي ويندو آهي. ڇا سنڌ جي قومي تحريڪ بشير خان جي وڇوڙي کانپوءِ پنهنجو اهڙو پروفائيل ٺاهي سگهندي؟ جيڪو پروفائيل هن پنهنجي ۲۷ سالن جي سياسي تاريخ ۾ ٺاهيو هو. هن اهڙي پروفائيل ٺاهڻ لاءِ قومي تحريڪ کي پنهنجي پوري حياتي ارپي ڇڏي هُئي. هن زندگيءَ کي سيد جي فڪر ۽ فلسفي سان سلهاڙي قومي تحريڪ کي سياسي طور دنيا جي ملڪن تائين متعارف ڪرايو. جيتوڻيڪ بشير قريشيءَ جي دل هُن جي جسم جو ساٿ ڇڏي ڏنو، پر هُن ڪڏهن به سنڌ جو ساٿ نه ڇڏيو. جڏهن به سنڌ هُن کي ساريندي ته ان جي ڳلن تي ڳوڙهن جي اهڙي لڪير ٺهندي، جنهن لڪير سان غلاميءَ جون زنجيرون ٽُٽي پونديون ۽ سنڌ جي شامن کي سوڳ جون تِيليون ساڙي نه سگهنديون. هُن لاءِ ئي ڪنهن اردوءَ جي شاعر چيو هو ته:

خالي کاغذ په حرف سجايا کرتا تھا

تنھائي مين شھر بسايا کرتا تھا


 

سن ۽ سنڌ جي يگاني سپوت کي ڀيٽا!

اشفاق لغاري

هن وٽ لفظن جي جادوگري نه هئي، نه ئي وري وڏا نالا ۽ حوالا هئا، بس هن وٽ هو ته، هڪڙو ياراڻو ڀاڪر هو، جنهن جي وسيلي هو سن جي پانڌيئڙن کي پنهنجي ويجهو رکڻ ۾ آخري دم تائين ڪامياب رهيو. هن جواني جا جوڀن ڏينهڙا ڪنهن ڳاڙهي ڪپڙي جي پويان لڳي وڃائڻ بجاءِ، ڪهاڙيءَ واري ڳاڙهي جهنڊي کي سنڌ جي يونيورسٽين، شهرن ۽ ڳوٺن تائين پهچائڻ واري قومي ڪم ۾ لڳائڻ جي چونڊ ڪئي. سنڌ ۾ قومپرست سياست ڪندڙ اڳواڻن مان مٿيويهڻ جو هنر ته تقريبن يارن کي وڏي مهارت سان اچي ٿو، پر عمران جوکيو جي امڙ ۽ عمر ڪوٽ کان وٺي اوٻاوڙي تائين سنڌ جي اصل وارثن سان ڏکين گهڙين ۾ پٽ تي ويهڻ وارو هنر صرف هن رتيديري جي يار بادشاھ کي ئي ٿي آيو. نهٺن نيڻن وارو قومي ڪارڪنن جووڏو۽ سيد جولاڏلوبشير قريشي پنهنجي ذاتي ۽ سياسي زندگيءَ ۾ سنڌ جي صوفياڻي ڪلچر جو هڪ مڪمل نمونو هو. هن وانگر هٿ ٻڌي ملڻ ۽ مندرن کان وٺي مسجدن ۾ ويهي راڄوڻي مسئلن ٻڌڻ ۽ فيصلن ڪرائڻ واري سياسي روايت قومپرست سياست ڪندڙن ۾ بشير قريشي وڌي. هُن ۾ ايتري ته نهٺائي هئي، جو ميڊيا وارن ۽ ڪارڪنن کي ڪيترا ئي ڀيرا پنهنجي تقريرن ۾ چيائين ته، منهنجي نالي ساسخاننه چنبڙايو، پر ڪارڪن کيس پيار مان گهڻو ڪري نالو وٺڻ بدرانوڏوئي چوندا هئا/ آهن. هو پنهنجو مڪمل نالو بشير احمد قريشي لکندو ۽ ٻڌائيندو هو. هڪڙي ساڙ سڙيي قومي مفڪر ڪنهن ڪتاب جي مهاڳ ۾ هن تي رڳو سندس نالي سان ڪارڪنن ۽ چاهيندڙن پارانخانڳنڍڻ ڪري پٿر وسايا ويا آهن. احتجاجي طريقن ۾ بک هڙتال جي هٿيار کان وٺي لانگ مارچن تائين ۽ جلسن جلوسن کان وٺي پنجاب جا رستا بند ڪرڻ تائين وارا هن سمورا طريقا پنهنجي اڳواڻيءَ ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جي پليٽ فارم تان هڪ جاکوڙي سياسي ڪردار جيئان آزمايا. ڪراچيءَ ۾ سنڌين جو شيئر ته ڪئين قومپرست چاهين ٿا پر، بشير قريشي سنڌين جي ڪراچي ٿي چاهي، ان ئي سلسلي ۾ هن رتيديري کي ڇڏي وڃي گلشن حديد ڪراچيءَ ۾ پنهنجو گهر ڪيو. سنڌ جي پاڻي ڪيس متعلق ڪمون شهيد واري مشهور ڌرڻي ۾ بينظير ڀٽو شهيد ان شرط تي شامل ٿي هئي ته اتي ڪير به الڳ ملڪ جو نعرو نه هڻندو. ان تحت بشير قريشيءَ کي ڌرڻي جا انتظام سنڀاليندڙن تقرير ڪرڻ نٿي ڏني، ته بشير قريشي جي چاهيندڙن ۽ ڪارڪنن جي زور کي ڏسي بينظير ڀٽو شهيد به بشير قريشي جي تقرير تي راضپو ڏيکاريو هو. سن مان اٿيل مهڪ کي نگر نگر ڦهلائڻ وارو بار هن رياست اندر بشير قريشي ٽارچر سيلن ۽ جيلن کي ڏسندي به پنهنجي ڪلهن تي کنيو ۽ بلڪل ڪاميابيءَ سان نڀائي ڏيکاريو، جنهن جو مثال هن جي آخري رسمن ۾ هزارين ماڻهن جي شرڪت آهي. هن پاڻ کي اڳواڻ، ليڊر يا پارٽي چيئرمين سڏائڻ بدران سيد جو سپاهي ۽ ڪارڪن سڏائڻ ۾ فخر ٿي محسوس ڪيو. مولوين، ڪٽر ڪميونسٽن کان وٺي ميان مٺو جهڙن پيرن، وڏيرن، ميرن ۽ سيدن کي به هي منفرد قومي ڪامريڊ قبول هو. هونئن سنڌ ۾ اهڙا مثال تمام گهٽ ملن ٿا. وڏيرو، مير، پير ۽ ڪامريڊ هڪ ٻئي جا سنڌ ۾ ضد سمجهيا وڃن ٿا، پر بشير قريشي کي سياست جي سُتي سن جي پيل هئي، تنهنڪري ان کي هر در تي هلي وڃڻ ۽ هٿ جوڙ سان پنهنجي ڳالھ ڪرڻ ۽ مڃرائڻ جو فن خوب ٿي آيو. سنڌ جي غير مادي (نان مٽيريل ڪلچر) ڪلچر جو سياسي استعمال قومپرست اڳواڻن ۾ جيڪڏهن ڪنهن ڪيو آهي ته اهو فقط بشير قريشي هو. هن بس هر گهڙي هر لمحي اهو ٿي چاهيو ۽ چيو ته،

ڪڏهن سنڌ جي سينڌ ميري نه ٿئي،

ڪڏهن موڙ تنهن جا نه مرجهائجن،

وسي ڀٽ تنهنجي ڀلارا سدا

سدا ديس پرديس سارا وسن.


مارڳ جي مرن، وڏا طالع تن جا

نازيه مصطفيٰ جروار /سنڌ يونيورسٽي

تاريخ ۷ اپريل صبح جو ۶:۴۵ وڳي موبائيل فون جي ميسيج تي اک کلي.، اک ڇا کلي، ڄڻ لمحي لاءِ وقت بيهي رهيو. مون سمجهيو ته آئون ستل آهيان، خواب آهي. بار بار مسلسل پاسا ورائيندي رهيس، پر ڪجھ سمجھ ۾ نه آيو. نيٺ نه چاهيندي به پڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم ته اکيون ڀرجي آيون، پنهنجي هاسٽل جو ڪمرو ڇڏي، ٻاهر گئلري ۾ پهتس، ڏٺم ته هر طرف اداسي نظر آئي، ويراني هئي، انڌيرو هو، سڀ ڪجھ هو، جي نه هو، منهنجي ڌرتيءَ جو فرزند، پهاڙ جيڏو ڳاٽ رکندڙ، سمنڊ جيڏو وشال سينو رکندڙ، نهٺائي، نيا مندي، شفقت واري طبيعت جو مالڪ محترم بشير قريشي. آئون کيس هميشهباباڪري ڪوٺيندي هئس. پيارا بابا! تون نه رڳو سَنان جو پيءُ هئين، پر تنهنجي اندر ۾ ڌڙڪندڙ دل ايتري ڪشادي هئي، تو کي سلطان چانڊيي (صحافي) مرحوم جي اولاد کان وٺي، چڪ جي انهن معصوم ٽن هندوئن جو اولاد به پنهنجي اولاد وانگر لڳندو هو. بابا، آئون ڪيئن وساري سگهنديس ڊسمبر ۲۰۱۰ع جا اهي ڏينهن، جڏهن مون کي منهنجي پنهنجن ۽ نام نهاد ڪامريڊن طرفان ڌمڪيون مليون ۽ آئون امتحان( سيميسٽر جي) ڏيڻ لاءِ پنهنجي ڊپارٽمينٽ به نه پئي وڃي سگهيس ته ڪيئن نه توهان مون سان مسلسل رابطي ۾ رهيا، منهنجي سار لهندا رهيا، آئون اهي توهان جا لفظ ڪيئن ٿي وساري سگهان، جڏهن توهان چيو هو ته، ڌيءَ! تون سنڌ جي نياڻي آهين، تنهنجو مون تي ايترو حق آهي، جيترو منهنجي اولاد جو.بابا! توهان واقعي سچ پچ سنڌ جي خمير جا اُهي جَکرا هئا، جو اِهو ڄاڻندي ته، هن راھ ۾، جدوجهد ۾ ڏک آهن، تڪليفون آهن، ڦاهيون، ڦٽڪا آهن. اُن جي باوجود توهان اها راھ نه ڇڏي، مون کي خبر آهي ته جڏهن کان توهان تي قاتلاڻا حملا ٿيا، ان کان پوءِ، بابا توهان هر رات آخري رات سمجهي گذاري هوندي، ڀلا ڪير آهي، جيڪو پنهنجي زندگي، پنهنجن ٻچن سان پيار نه ٿو ڪري!؟ پر بابا، توهان جو ڪو وچن هو، ڪو روپ هو يا ڪو تسلسل، جيڪو گهاڻي جي پيڙهجڻ کان وٺيمرويسون سنڌ نه ڏيسونتان ٿيندو، رتيديري جي اُن امڙ جي گهر پهتو. جس لهڻي اها ماءُ، جنهن بشير قريشي جهڙي اولاد کي جنم ڏنو، بابا! مون، توهان کي ڪڏهن به غرور ۾ نه ڏٺو، ڪنهن تڪبر ۾ نه ڏٺو، فريڊم مارچ جهڙي عظيم پرامن مظاهري کان پوءِ ته، بابا ڪيئن نه سنڌ جي ازلي ويرين ۾ خوف طاري ٿي ويو هو. بابا! توهان جي هيڏي ڏکئي تڪليف واري رستي جي باوجود، اوهين ايترا بردبار، شفيق ۽ محبتون ونڊيندڙ هئا، سنڌ جي هن نياڻي کي، اوهان جي جدوجهد تي ناز آهي.

مارڳ جي مَرن، وڏا طالع تن جا. . .

(شاھ)

 


تنهنجو وڇوڙو، هر اک ۾ ڳوڙهو آهي

راجا رشيد ڪنڀر /کپرو

گذريل ڇنڇر جي رات نارا ڪئنال جي کاٻي ڪپ تي آباد شهر هٿونگو جي ڳوٺ دريا خان چانهيون ۾، برصغير جي عظيم هيرو شهيد سورهيه بادشاھ جي يوم شهادت جي سلسلي ۾ تقريب ۾ مقررين، جڏهن سورهيه بادشاھ جي قربانين جي ساراھ ۽ لئمبرڪ جي نندا پئي ڪئي، تڏهن هي پڪ ٿي وئي ته حق، سچ ۽ وطن جي لاءِ ويڙهاند ڪندڙن کي وقت جي دز ڪڏهن لٽي نه ٿي سگهي، نه ئي وري وقت جا حڪمران قيمتون چڪائي تاريخ تبديل ڪرائي سگهن ٿا. خير پروگرام جي پڄاڻي تي رات دير سان حيدرآباد جي هڪ دوست جو ايس ايم ايس موبائيل اسڪرين تي آيو ته سنڌ امڙ جو بهادر پٽ بشير خان قريشي لاڏاڻو ويو آهي. ميسيج ڪو نه هو ڄڻ ميزائيل لڳو هجي، دل اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار نه هئي. پر ڪي ٽي اين تي بريڪنگ نيوز هلي رهي هئي، سنڌ جي دودي جو مڙھ جسقم جي ڳاڙهي جهنڊي سان ڏيکاريو پئي ويو. بشير خان سنڌ جي قومي سياست ۾ بهادر، سچو ۽ کرو اڳواڻ هو. کيس هر مڪتبه فڪر جو ماڻهو احترام جي نظر سان ڏسندو هو. بشير خان کي سنڌ جي ماڻهن توڙي سنڌ جي ذري ذري سان عقيدت جي حد تائين محبت هوندي هئي، پريس ڪلب تي انصاف لاءِ ويٺل ڪنهن ماءُ جي پيرين پئي پيشانيءَ تي مٺيون ۽ دعائون وٺندڙ توڙي ڪنهن مارچ ۾ ڪنهن پگهريل پوڙهي کي ڀاڪر ۾ ڀڪوڙي هٿڙا چمندڙ، هن ارڏي قومي اڳواڻ هميشه سنڌ جي حقن جي جاکوڙ ڪندي، پنهنجي حياتي سنڌ ۽ سنڌين لاءِ وقف ڪري ڇڏي. ڪالاباغ ڊيم خلاف ڌرڻو هجي، سنڌ جي ورهاڱي جي سازش هجي، يا سنڌي نياڻين کي ڌمڪين وارا خط هجن، سنڌ جي هن دودي جي للڪار سڀ کان اول اٿندي هئي. پاڻ سدائين چوندو هو ته سنڌ، سنڌين جي آهي ۽ منهنجو جيئڻ مرڻ سنڌ سان آهي، جي ايم سيد جي فڪر جي امين سنڌ سان محبت جي جرم ۾ ڪيترا سال جيل به ڀوڳيو، سنڌ جي هن قداور قومي سياسي اڳواڻ ۱۰ آگسٽ ۱۹۵۹ع تي رتيديري شهر ۾ غلام مصطفيٰ قريشي جي گهر ۾ اک کولي. هن سرويچ جي ايم سيد جي فڪر کان متاثر ٿي قومپرست سياست جي شروعات ڪئي. ۱۹۷۶ع ۾ جساف ۾ شامل ٿي ويو، ۱۹۸۶ع ۾ فيڊريشن جو مرڪزي صدر چونڊجي ويو، ۱۹۹۰ع جيئي سنڌ تحريڪ ۾ شامل ٿيو، جي ايم سيد جي لاڏاڻي بعد ۱۹۹۵ع ۾ جسقم جو بنياد وڌو ويو، ۱۹۹۸ع ۾ جسقم جو چيئرمين چونڊجي ويو. گوريلا اڳواڻ ابو جهاد جي لقب سان مشهوري ماڻيندڙ سنڌ جي سپوت ۲۳ مارچ تي ڪراچي ۾ فريڊم مارچ ۾ لکين ماڻهو گڏ ڪري هڪ نئين تاريخ پڻ رقم ڪئي. سڄي زندگي جدوجهد ۽ ويڙهاند واري واٽ تي هلندڙ سنڌ جي هن هڏ ڏوکي اڳواڻ وٽ ڪروڙين ماڻهن جون محبتون گڌ هجڻ باوجود ڪڏهن سندس شخصيت ۾ ڪو غرور نظر نه آيو. سيد جي فڪر ۽ سنڌ جي محبت جي علامت بڻيل بشير خان سنڌ جو سچو عاشق هو. سنڌ سندس اوچتي وڇوڙي تي ڪراچي کان ڪشمور، کير ٿر کان پارڪر تائين سموري سنڌ سوڳ ۾ آهي. سنڌي قوم موت بابت اڃان حتمي حقيقتون سامهون نه اچي سگهيون آهن. خدشو اهو به ڏيکاريو پيو وڃي ته کيس زهر ڏئي شهيد ڪيو ويو آهي. موت ته بر حق آهي ۽ هر ساھ واري شيءِ تي اچڻو آهي، هن سنڌ جي سچي عاشق جي موت بابت خدشن جي مڪمل تحقيقات ڪرائي وڃي، ته جيئن حقيقتون سامهون اچي سگهن. .


بشير قريشيءَ جون يادگيريون ۽ سيد جو قول

ڪامريڊ گل محمد خشڪ /ٺٽو

آئون روزانو جڏهن ڪورٽ کان گهر پيرين پنڌ ويندو آهيان ته رستي ۾ پرائمري اسڪول جي ديوار تي لکيل سائين جي ايم سيد جو هي قول روزانو پڙهندو آهيان ته، ”مون کي سنڌ جي آجپي تي ايترو يقين آهي، جيترو روزانو نئين سج اڀرڻ تي“. منهنجي جيئي سنڌ قومي محاذ ۾ صرف هڪ اڳواڻ آڪاش ملاح سان ڏيٺ ويٺ آهي، ڇو ته هو ڪجھ ڏينهن مون سان گڏ جيل ۾ رهيو آهي، جڏهن ته بشير قريشي جڏهن به مون سان مليو ته ان ۾ ايتري ته پنهنجائپ هئي، جو هو ”ڪامريڊ“ چئي مون سان هٿ ملائيندو ۽ خبر چار وٺندو هو، جنهن جو ڪارڻ شهيد عبدالمالڪ خشڪ هو، جنهن سان سندس انتها جي محبت هئي ۽ هن مٿير مڙس ڪڏهن به شهيد عبدالمالڪ خشڪ جي ورسي جي پروگرامن کان نه گسايو. نواز شريف جي حڪومت جي ڏينهن ۾ آئون اطلاعات واري وفاقي وزير مشاهد حسين سيد جو سنڌي ميڊيا بابت ڪوآرڊينيٽر هئس ۽ انهن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ ڪالاباغ ڊيم خلاف زبردست تحريڪ پئي هلي ۽ مشاهد حسين جي ذاتي ڪوششن سان اسلام آباد ۾ ڪالاباغ ڊيم بابت هڪ ڪانفرنس گهرائي ويئي، جنهن ۾ سنڌي قومپرستن کي گهرائڻ لاءِ دعوت ناما ڏيڻ جي ذميواري جن ماڻهن تي رکي ويئي، انهن ۾ آئون به شامل هئس ۽ مون جڏهن بشير قريشي کي فون ڪري دعوت ڏني ته هن مون کي چيو ته، ”ڪامريڊ! ٻيو ڪو فون ڪري ها ته ست سُريون ٻڌايانس ها، . . . . . آئون ان ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسي پنهنجا پير پٿون ڪرڻ نٿو چاهيان.”ان ڪانفرنس ۾ جن ٻين قومپرستن شرڪت ڪئي، انهن بابت مشاهد حسين سيد جي زباني ڪيل ڳالهيون ڪنهن ٻئي موقعي تي لکندس. بشير قريشي پنهنجي اڳواڻيءَ ۾ هيٺين ۽ اسرندڙ سنڌي مڊل ڪلاس کي پاڻ سان گڏ کڻي، سنڌ جي قومي جاڳرتا کي هڪ نئون دڳ ڏنو آهي، جو بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ سنڌين جي هر گهر ۾ بشير قريشي جي نالي جي گونج آهي. مون کي حيرت ته ان وقت ٿي، جڏهن منهنجو ننڍڙو پٽ مشاهد حسين، جيڪو ستين ڪلاس ۾ پڙهندو آهي، گهر جي اندر ليٿڙيون پائيندي ائين چوندو رهيو ته، ”سنڌ گهري ٿي آجپو، سنڌ گهري ٿي آجپو. . . . .”ته مون کي سنڌ جي سيد، مدبر ڏاهي سائين جي ايم سيد جي ان قول تي اڃا به ويساھ وڌي ويو ته، ”مون کي سنڌ جي آجپي تي ايترو يقين آهي، جيترو نئين سج اڀرڻ تي.”


 

اي موت شل ڪو موت اچئي!

سهيل ميمڻ

”عمر جي ان حصي ۾ پهتو آهيان، جتي هاڻي سنڌ تي سر ڏيڻ کان سواءِ ٻي ڪا خواهش ناهي بچي.“ سنڌ ڌرتيءَ جي بهادر پٽ بشير خان قريشيءَ ڪجھ ڏينهن اڳ ئي اهي لفظ چيا هئا ۽ هن جي اها خواهش الله سائينءَ پوري ڪئي. هن جو ساھ سنڌ تي ايمان ۽ سنڌ جي آجپي واري ڳالھ تي ئي انت تي پهتو. اڃان ڪراچيءَ ۾ بشير خان قريشيءَ جي قيادت ۾ جسقم جي فريڊم مارچ جا پڙاڏا پراڻا به نه ٿيا ته اهو ميلو مچائيندڙ، ڪراچيءَ ۾ ڌرتيءَ جي وارثيءَ واري طاقت جو مظاهرو ڪندڙ اوچتو ڌڻي سان وڃي مليو آهي. بشير خان قريشيءَ ڪراچيءَ ۾ جسقم جي پليٽ فارم تان سائين جي ايم سيد جو جيڪو پيغام سنڌ توڙي دنيا تائين پهچايو، ان بعد مون کي پڪ سان اهو انومان ٿيو هو ته، ڪجھ نه ڪجھ ضرور ٿيندو؟ مون کي اها پڪ هئي ته، اهڙي وڏي تعداد ۾ ڪراچيءَ ۾ بشير قريشي سنڌ جي آجپي واري پيغام کي نروار ڪرڻ جي سزا ضرور ڀوڳيندو. يا ته کيس گرفتار ڪيو ويندو، يا شهيد ڪيو ويندو يا، اهڙو ڪجھ ضرور ٿيندو جنهن جي توقع آهي ئي نه، ۽ ائين ئي ٿيو آهي. چڱو ڀلو، چاڪ، خوش باش، صرف ۵۴ سالن جو بشير خان قريشي ائين اوچتو ئي اوچتو هليو ويو. ڳالھ ايتري سولي هجي، دل نه ٿي مڃي. سنڌ محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت ڏٺي، ان جو تعلق به لاڙڪاڻي سان هو، بشير خان رتوديرو جو هو ۽ نئون ديرو ۽ رتوديرو ۾ ڪو وڏو فاصلو به ناهي. بشير قريشي به ۵۴ سالن جي ڄمار ۾ اسان کان وڇڙيو ۽ بينظير به ۵۴ سالن جي ڄمار ۾ سنڌ ڇڏي. بشير خان قريشيءَ جي نوڙت، ڪارڪنن سان محبت، سڌي ڳالھ سڌي نموني رکڻ، هر هنڌ پهچي پوڻ، دل وارا وڏا ڀاڪر پائڻ، غرور نه ڪرڻ، هي اُهي خاصيتون آهن، جن جي بشير خان قريشي منجھ قطعي کوٽ نه هئي. بشير خان، سائين جي ايم سيد سان جيڪو عشق ڪيو، ان عشق تي قائم رهيو، سيد جي پيغام کي هن پوري ايمانداريءَ سان اڳتي وڌايو، جنهن جو ثبوت ڪراچيءَ ۾ لکين ماڻهو گڏ ڪري آجپي جي گهر ڪرڻ آهي.

بشير خان قريشيءَ جي لاڏاڻي تي سنڌ ۾ هر ڌر ڏکويل آهي، جيئن بينظير جي شهادت تي هئي. اهو بشير خان جي سنڌ ۾ حيثيت ۽ عزت جو پيمانو آهي. هر پارٽي، هر ڌر، هر ماڻهو ننڍو توڙي وڏو، جيئن بشير خان جي ڪراچيءَ ۾ ماڻهو ڪٺا ڪرڻ واري ڪارنامي تي سرهو هو. ايئن هر طبقي جو ماڻهو، بنا ڪنهن فرق جي هن جي لاڏاڻي تي ڏک ۾ ورتل آهي. بشير خان قريشي جي ڪم جو طريقيڪار بلڪل عوامي هو. هو ليڊرن وانگر گهر ۾ ويهي رهڻ جو قائل نه هو ته اتي اچي ڪارڪن ساڻس ملن. هيءُ ان طريقيڪار جي ابتڙ هو. سندس سڄي زندگي، روڊن ۽ رستن تي سفر ۾ گذري. جڏهن پارٽي طئي ڪندي هئي ته فلاڻي تاريخ تي فلاڻو جلسو، ڌرڻو يا مارچ ڪرڻو آهي ته بشير قريشي، ان ايونٽ کي نظر ۾ رکي نڪري پوندو هو. جهر جهنگ، ننڍا ننڍا جلسا توڙي ڪارنر گڏجاڻيون ڪري ڪارڪنن کان محبت ۽ هجت ۾ ان جلسي، مارچ، احتجاج يا ڌرڻي ۾ شرڪت جا وچن وٺندو هو. بشير خان قريشي جو هڪ ٻيو ڪارنامو منٿ ميڙ قافلا هئا. سنڌ، جيڪا قبائلي جهيڙن ۾ وڪوڙيل آهي، ان مرض خلاف بشير خان، سڄي سنڌ ۾، هر جهيڙيندڙ ڌر ۽ پير، مير، سردار ڏانهن ڪارڪن، نياڻيون ۽ پاڪ ڪتاب ميڙ ڪري پهچندو هو ۽ هن ان طريقي سان سوين ڌرين جا ٺاھ ڪرايا. اسڪول جي دور ۾ ئي سن جي سائين جي فڪر سان سندس ناتو جڙيو ۽ اهڙو جڙيو جو، سندس آخري ساھ تائين هو ان فڪر جي سان جڙيل رهيو. بشير قريشي ميٽرڪ رتوديرو مان ۽ انٽرميڊيئٽ شڪارپور مان ڪئي ۽ بعد ۾ ٽنڊو ڄام يونيورسٽي ۾ اعليٰ تعليم لاءِ داخلا ورتي، اهو ئي دور بشير خان جي قومي تحريڪ ۾ ارڏائي، بهادري ۽ چٽي موقف جي لحاظ کان سڀ کان وڌيڪ اهم دور هو. بشير قريشيءَ جي جسم تي جيلن ۾ مٿس ٿيل ٽارچر ۽ پيرن تي ڏنڊا ٻيڙين جا نشان سنڌ سان محبت جا اهي اهڃاڻ هئا، جنهن تي کيس وڏو فخر رهيو. هن مجموعي طور تي ڏھ سال کن جيل ڪٽيو، مٿس ڪيترا ئي ڀيرا قاتلاڻا حملا به ٿيا، جن مان سڀ کان سنگين حملو ٻه سال اڳ مٿس ڪراچيءَ ۾ ٿيو ۽ ان حملي ۾ سندس ڪار ۾ موجود جسقم ضلعي ٺٽي جو صدر مشتاق خاصخيلي شهيد ٿي ويو هو. بشير قريشيءَ جي سڄي زندگي هلچل، سفر، جدوجهد، ڌرڻن، جلسن، جلوسن، احتجاجن، جيلن، تڪليفن ۽ سنڌ جي حفاظت لاءِ مزاحمت ۾ گذري ۽ ان پوري هڻ هڻان جو محور صرف ۽ صرف سنڌ هئي ۽ اها به صرف ۽ صرف سائين جي ايم سيد جي پيغام سنڌ واري فڪر تحت واري سنڌ!

بشير خان قريشي جڏهن رتوديرو ۾ چاچا غلام مرتضيٰ قريشيءَ جي گهر پيدا ٿيو ته هو هڪ عام ٻار هو، پر جڏهن هو زندگيءَ جا ۵۴ سال سفر ڪري وڃي ڌرتي جي هنج ۾ سمهيو ته، ”سنڌ جو ارڏو پٽ“ جي نالي سان وڃي دفن ٿيو. هو جڏهن ڄائو هو ته سندس گهر وارا ۽ مٽ مائٽ خوش ٿيا هوندس، پر هو جڏهن وڇڙيو ته سڄي سنڌ سوڳ ۾ ورتل آهي. اهو سنڌ سان عشق ۽ سيد جي ڏسيل واٽ تي جدوجهد جي ڪري ئي ممڪن ٿيو آهي. اها به بشير قريشيءَ جي ڪاميابي آهي ته سندس وڏا، وڏا مخالف اڄ کيس ڀيٽا ڏئي رهيا آهن. هن جو ورتاءُ ئي اهڙو هو، جو مخالف به مجبور ٿي پيا آهن. اختلاف پارٽيءَ اندر بشير خان قريشيءَ سان اسان به گهڻا ڪياسين، پر ڪڏهن، ”توهان“ کان هٽي ڪري ”تون“ تائين نه پهتاسين، اهو ئي سبب آهي جو اسان جون اندر جون محبتون قائم رهيون ۽ اهي محبتون سندس وڇوڙي تي لڙڪن ۽ سڏڪن ۾ تبديل ٿيون!

بشير خان قريشيءَ جي لاڏاڻي جي خبر سنڌ لاءِ وڄ وانگر ڪري آهي، دوست ته دوست پر مخالف به ڏک ۾ اچي ويا، سڄي سنڌ سوڳ ۾ پنهنجو پاڻ بند ٿي وئي. بشير خان قريشي جو لاڏاڻو سنڌ لاءِ ائين وڌيڪ نقصانڪار آهي ته، بشير خان قريشي جهڙو اڳواڻ، جيڪو ماڻهو گڏ ڪرڻ ۾ سنڌ جو سڀ کان وڌيڪ اهم ماڻهو هو، سو سنڌ ۾ نه رهيو آهي. سنڌ بشير قريشيءَ جي لاڏاڻي ته هڪ پاسي ڏک ۾ آهي ته ٻئي پاسي انومان ۽ شڪ ۾ ورتل آهي ته هي اوچتو ڇا ٿي ويو. بشير قريشي ڪڏهن به دل جي عارضي ۾ مبتلا نه رهيو، ڇھ فوٽ جو صحتمند، بهادر جوان هو، ان جي ان اوچتي لاڏاڻي تي شڪ اڀرڻ ڳالھ آهي. ان لاءِ ان جي مڪمل تحقيق ٿيڻ گهرجي. سنڌ وارن کي خبر پوڻ گهرجي ته، سندن ارڏو پٽ مري ويو آهي يا ماريو ويو آهي؟ بشير خان جو لاڏاڻو ائين هوا ۾ نه وڃڻ گهرجي، ڪو جهيڙو، ڪا شر جي ڳالھ ناهي بس، ايماندار تحقيق ٿيڻ گهرجي. بشير خان جا جزا روهڙي ليبارٽري موڪلڻ جي ڳالھ ٿي رهي آهي. مان روهڙي جو آهيان، مون کي خبر آهي ته روهڙي ليبارٽري جو ڪم پورو سارو وڃي بچيو آهي، ان ڪري اها رپورٽ رلي ويندي. بشير خان جي جسم مان ورتل نمونا جسقم قيادت پاڻ وٽ به محفوظ ڪري ۽ ملڪ کان ٻاهر انهن جي ٽيسٽ ڪرائي ته جيئن صحيح خبر پوي. بشير خان قريشي ڪراچي ۾ ڪجھ ڏينهن اڳ، جڏهن ڪارڪنن کي مخاطب ٿيندي چيو هو ته ”مان توهان جا پير چمان، جيڪي سنڌ جي سڏ تي پنڌ ڪري پهتا آهن.”اڄ بشير قريشي اهي پير چمڻ لاءِ موجود ناهي، جيڪي کيس مٽيءَ ماءُ ۽ سائين جي ايم سيد حوالي ڪرڻ لاءِ ڪلهن تي کڻي سائين جي ايم سيد جي سن پڄائيندا هئا.


 

نه وڇڙڻ لاءِ وڇڙيل هڪ سياسي ڪردار

کيئل داس ڪوهستاني

جمعي ۽ ڇنڇر جي وچ واري رات سنڌ امڙ لاءِ اڀاڳي ٿي گذري، جنهن سندس بهادر پٽ بشير خان قريشي کي هميشه لاءِ اگهور ننڊ ۾ سمهاري ته ڇڏيو پر سندس وڇوڙي کيس هميشه لاءِ زنده ڪري ڇڏيو آهي. موت کي مات ڪيئن ڏبي آهي، سو ڏانءُ فقط بشير خان قريشيءَ جهڙا کاهوڙي ماڻهو ئي سمجهي سگهندا آهن، هو بظاهر ته وڇڙي چڪو آهي، پر ڄڻ ته هو نه وڇڙڻ لاءِ وڇڙيو آهي. جدايون ته جسم کي ڏنل ڪنهن وڍ وانگر ته هجن ٿيون، پر ڪڏهن ڪڏهن ڪي وڍ جسم کي وڌيڪ قوت به بخشي ويندا آهن، ۽ عظيم اڳواڻن جي جدائيءَ وارا وڍ ان جي ڪارڪنن کي يقينن ڪا قوت ئي بخشيندا آهن. هو سنڌ جي رکوالي ڪرڻ لاءِ گذريل ڪيترن ئي سالن کان جدوجهد جي راھ تي نڪتل مسافر هو، جنهن مسافر لاءِ آجپي جي منزل ڪنهن محبوبه جيان هئي. هو ان منزل تائين پهچڻ کان پهرين ئي اڌ سفر ۾ سنڌ کان وڇڙي ويو، ان محبوبه کي ماڻڻ جا جيڪي خواب هن جي اکين ۾ هئا، سي ڄڻ ته پنهنجي انهن هزارين ساٿين ڏانهن منتقل ڪري ويو آهي، جيڪي ساٿي هن جي هڪ سڏ تي پڙاڏو بڻجي سندس سڏ ورنائيندا هئا. هن جي سڏ ۾ طاقت به هئي، جيڪا طاقت شايد ان ڪري هئي، جو هن جي رڳن ۾ رت سان گڏ سنڌ به سمايل هئي. ڇا سنڌ کان وڏي ڪا طاقت ٿي سگهي ٿي!؟

اسان وٽ مسئلو اهو رهندو آيو آهي ته هتي ماڻهن وڏيون وڏيون نظرياتي ڳالهيون ڪري، وڏا وڏا سياسي فلسفا ٻڌائي سنڌ جي ماڻهن کي ميڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، انهن کي قائل ڪرڻ جي جستجو ڪئي آهي، پر اهو سمجهي نه سگهيا آهن ته عمل ڳالهين کان وڌيڪ طاقتور هجي ٿو. دنيا جي تاريخ کڻي ڏسو سياسي ساهميءَ ۾ عمل جو پلڙو سدائين ڳالهين کان ڳرو رهيو آهي. نيلسن منڊيلا کان وٺي گانڌيءَ تائين ۽ بينظير ڀٽو کان آنگ سان سوچيءَ تائين اسان کي عمل ئي نظر ايندو، ۽ ڳالهيون ڪرڻ وارا ڳالهيون ڪندا ئي رهجي ويا آهن.

رات ڏينهن هڪ ڪري هلندڙ بشير خان سنڌ جو سچو عملي ڪردار هو، ڇاڪاڻ ته چوندا آهن عمل هڪ وڏي سچائي آهي ۽ اهو هن پنهنجي عملي جدوجهد ۽ ڪردار سان ثابت ڪري ڏيکاريو. ۽ اها سندس ساک ئي آهي، جو سڄي سنڌ هن جي وڇوڙي تي سڪتي ۾ ورتل آهي، ڪنهن کي يقين ئي نٿو اچي ته ڪراچيءَ ۾ عدم تحفظ جو شڪار ٿيل سنڌي ڳالهائيندڙن لاءِ آٿت جهڙو لکين ماڻهن جو ميڙاڪو ڪندڙ ڪردار کانئن ايئن اوچتو وڇڙي ويو آهي. شروع شروع ۾ جڏهن سندس وڇوڙي جي خبر پهتي ته ماڻهو پڪ ڪرڻ لاءِ هڪٻئي کان حيرت مان پڇي رهيا هئا ته، ”ڇا واقعي به بشير خان گذاري ويو آهي!“ سندس اوچتي وڇوڙي تي سنڌ حيران ۽ پريشان آهي. ويجهڙائي ۾ شهيد بينظير ڀٽو کان پوءِ سنڌ کي بشير قريشي جي وڇوڙي سان وڏو صدمو رسيو آهي. هو چوندو هو ته ”آئون ڪو وڏو سياستدان ناهيان، مون وٽ نظريو ۽ پارٽي سائين جي ايم سيد جي آهي، آئون ته ان تي عمل ڪري رهيو آهي.”واقعي به هن مرڻ گهڙيءَ تائين سيد جي فڪر ۽ فلسفي کي امانت سمجهي سنڌ جي جهر جهنگ ۽ واهڻ وستي تائين پهچائي سيد جي فڪر کي عوامي بڻائي ڇڏيو. هيءُ آخر تائين سائين جي ايم سيد جي فلاسافي تي ڄمي بيٺو رهيو. هو هتان جي روايتي سياسي چالاڪين ۽ سياسي گهيڙن گهٽن کان گهڻو ڏور هو، ۽ هن اهڙن گهيڙن گهٽن ۾ وڃڻ به نه پئي چاهيو، هن کي بس اها ڳالھ سمجھ ۾ آئي ته کيس سيد جي فڪر تي ڄمي بيهڻو آهي، ۽ ان فڪر کي عوامي انداز ۾ عوام تائين پهچائڻو آهي. هو مڪمل عوامي رنگ سان سنڌ جي هر اشو تي بيٺو رهيو. نوشهروفيروز جي عمران جوکيو جي امڙ جو احتجاج هجي يا ٺل جي فضيلا سرڪي جي ماءُ جو احتجاج هجي، هن انهن لاچار ۽ بيوس مائرن جو پٽ ٿي ڏيکاريو ۽ سدائين هر هنڌ انهن سان گڏ ٿي بيٺو. ان ڪري ئي ته شاهينه جوکيو چوي ٿي ته، ”منهنجو هڪ عمران جوکيو ته ٻيو مون کان منهنجو پٽ بشير مون کان وڇڙي ويو آهي.”هن ڊرائننگ روم ۾ ويهي پريس رليز جاري ڪرڻ کي ٿڏي گرائونڊ تي عملي جدوجهد ڪري ڏيکاري. سنڌ جي انتظامي ورهاڱي جي ڳالھ هجي يا ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌين سان ڏاڍائي جو مسئلو هجي، هي ڪراچي جي هر سنڌي وٽ پهرين پهچي ويندو هو. هن جي ڏاهپ ۽ محنت ڏسو ته مٺي ۽ ٿر جي ڪوئلي لاءِ نڪرندڙ ريلي هجي يا ميرپورخاص ۾ امن لاءِ نڪرندڙ سنڌي هندن جو لانگ مارچ، مطلب ته سنڌ جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ڪا به زيادتي هجي يا ناانصافي، بشير قريشي پهرين پهچڻ وارو ماڻهو هو ۽ هر ڏک سک کي پنهنجو سمجهي بنا ڪنهن فرق ۽ رنگ نسل کان بالاتر ٿي ماڻهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهندو هو. هن وٽ سنڌ جي سمورين روايتن ۽ رسمن جي مهانتا هئي، ڪجھ سالن کان جڏهن سنڌ جي هندو برادري ڊپ، احساسي محرومي ۽ اڪيلائپ محسوس ڪرڻ شروع ڪئي، تڏهن هن اڳڀرو ٿي چيو ته، سنڌي هندو سنڌ جو حصو آهن ۽ هتان لڏڻ جون ڳالهيون نه ڪن. منهنجي زندگي ۾ هن سان صرف هڪ ملاقات آهي، جيڪا ٿاڻي احمد خان ۾ هڪ حملي ۾ زخمي ٿيل ڊاڪٽر نيڪ ٽيڪچند سان عيادت ڪرڻ وقت اسپتال ۾ ٿي هئي. هو ٽيڪچند تي حملي واري ڏينهن ئي اسپتال اچي پهتو هو. اتي ڪوهستان جي هندو برادري جا نوجوان دانهيندي هن کي چئي رهيا هئا ته، هي ويل اسان سان وڏيرن ڪيو آهي، توهان ڇا ڪندئو اسان لاءِ؟ تڏهن هن چيو ته، ”توهان اڪيلا ناهيو، آئون اوهان سان گڏ آهيان منهنجا ڪارڪن اوهان جي حفاظت ڪندا.”ان دوران مون هن کان ڪي ٽي اين لاءِ ايس او ٽي ڪئي هئي. هن کلي عام چيو هو ته، اسان کي به پلاند ڪرڻ اچي ٿو. سنڌ جي وارثن سان ناجائزيون آئون برداشت نه ڪندس.”بعد ۾ اهي ئي وڏيرا هن کي ٺاھ لاءِ چوندا رهيا، پر هو انهن کي چوندو رهيو ته، ”توهان ناجائزي ڪئي آهي.”چڪ واقعي تي پڻ پهرين بشير خان پهتو هو، ۽ رنڪل ڪماري واري معاملي تي پڻ هو ڪاوڙيل هو، آشا ڪماري جي اغوا تي پڻ پريشان هو ته سوڀي گيانچنداڻيءَ جي بيماري تي پڻ فڪرمند هو ۽ سندس عيادت لاءِ سندس گهر اچي پهتو. چوڻ جو مطلب ته سنڌ جي سمورن مسئلن کي بهادري سان منهن ڏيڻ لاءِ هن وٽ پاور هو، جيڪو هن وڏي مهارت سان استعمال ڪري ڏيکاريو، تڏهن ته ڪي ٽي اين تي عام ماڻهو روئي چوي ٿو ته، ”سنڌ يتيم ٿي وئي.”


 

گُل ڇنو گرنار جو!

عنايت بلوچ

گل ڇنو گرنار جو، پِٽڻ ٿيون پِٽين،

سهسين سورٺ جهڙيون، اُڀيون اَوسارين،

چوٽا چارڻ هٿ ۾، سِر سينگارئو ڏين،

ناريون ناڏَ ڪرين، راجا رات رمگيو!

(شاھ رحه)

سڄي سنڌ پنهنجي ارڏي ۽ اربيلي پٽ بشير خان قريشي جي وڇوڙي تي چئن ڏينهن کان وٺي هن گهڙيءَ تائين سخت صدمي سبب سڏڪن ۾ رهي آهي. شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ هي ٻيو دل ڏاريندڙ موقعو آهي، جو ڪشمور کان ڪراچيءَ تائين سنڌي سٻاجهڙا اوڇنگارون ڏيندي زارو قطار رُنا آهن، پاڻ ۾ ڳل ڳيراٽيون پائي هن هيانءَ ڏاريندڙ هاڃي تي هنن هڪ ٻئي سان درد ڀرين دانهن ۽ آهُن سان اوساريو آهي ۽ پارَ ڪڍيا آهن. لطيف اهڙي ئي ڏکوئيندڙ ڪيفيت جي عڪاسي هنن لفظن ۾ ڪئي آهي.

ڏکيون جان نه مِڙن، تان تان ڀَنڻ نه ٿئي

پٽڻ واروين پڌريون، ڳاڙها ڳل سندن،

ٻيون هُونئين هٿ هڻن، روئنديون روئڻ واريون!

سنڌ جي سيد کانپوءِ، سندس ئي پوئلڳ ۽ پيارو بشير خان قريشي سنڌ جي سانگين ۽ جهانگين جو حال ڀائي ۽ هم آواز بڻجي ويو. سنڌي کيس پنهنجو سچو ساٿي، گهڻگهرو ۽ نجات ڏياريندڙ سمجهڻ لڳا ۽ ساڻس بي لوث محبت جي ناتن ۾ جڪڙجي ويا. اڪثر ماڻهو ته ائين چوندا هئا ته خبر ناهي ڪير ڪنهن سان پيار وڌيڪ ٿو ڪري. سنڌ جا ماڻهو بشير خان سان گهڻو پيار ڪن ٿا يا بشير خان قريشي سنڌ جي ماڻهن سان وڌيڪ محبت ٿو ڪري. ٻئي ڳالهيون صحيح آهن، ڇو ته جڏهن اڳواڻ بشير خان جهڙو سادو، صاف، سچو ۽ کرو هجي، جنهن جي اندر ۾ منافقت، ٺڳي، دغا ۽ دولاب جي ڪُڌن رَوين ڪڏهن ڀُل چُڪ ۾ لڪي ليئو به نه پاتو هجي ته پوءِ اهڙو انسان بنا دير پنهنجن لاڳاپيل ماڻهن ۾ مقبول ٿي وڃي ٿو. اهو ئي سبب هو جو بشير خان سنڌ وارن جي دل جي ڌڙڪن بنجي چڪو هو، سندس ساٿي ساڻس پيار ڪرڻ لڳا ۽ هو پڻ پنهنجن ادنيٰ ڪارڪنن سان به وڏي اُڪير مان وڏا ڀاڪر پائي ملندو هو ۽ سندس هٿن تي چميون ڏيندو هو. سنڌ سان عقيدت ۽ عشق جي واٽ وٺندي ۽ پنهنجي سياسي رهبر سائين جي ايم سيد جي نظرين جي پوئواري ڪندي، هن سنڌ سان پنهنجو عشق عملي روپ ۾ نڀايو. هن سنڌ جي ماڻهن جي ذاتي اختلافن ۽ رنجشن کي ختم ڪرڻ ۾ وڏو اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ آخر دم تائين کين هڪ پليٽ فارم تي آڻڻ ۽ گڏيل جدوجهد ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو. سنڌ ڪيترن سالن کان قبيلائي جهيڙن جهڳڙن، فسادن ۽ خوني تڪرارن جي وَر چڙهيل رهي آهي، جنهن ۾ ڪيترا ئي ڪونڌر اجايو ضد، سکڻي اَنا، هوڏ ۽ هَٺ سبب ڪاتين سان ڪُسندا رهيا آهن ۽ ڪلاشن جي برسٽن جو بک بڻبا رهيا آهن. اهڙي ڏکوئيندڙ ۽ تشويشناڪ صورتحال بشير خان کان برداشت نه ٿي، قومي احساس ۽ هڏ ڏوکي جذبن سندس جيءَ کي جنجهوڙيو، هن پهريون ڀيرو منٿ ميڙ جي قافلن جو بنياد رکيو. پنهنجي اعليٰ ۽ بي داغ ڪردار جي پٺڀرائي کيس اڳ ۾ ئي حاصل هئي، تنهن ڪري هو منٿ ميڙ جا قافلا وٺي جهيڙيندڙ ڌرين وٽ پهچندو رهيو. جن کي سرچائڻ ۽ پاڻ ۾ پرچائڻ ۾ هو ڪامياب ٿيو. ڌرين جا ورهين جا ويڇا ختم ڪري کين کير کنڊ ڪري ڇڏيائين ۽ ثواب ڪمائي پنهنجي رب پاڪ کي پڻ راضي ڪيائين. اهڙي طرح هن ڪيترن ئي قبيلن ۽ خاندانن جي ڳڀرو جوانن کي آئنده لاءِ ڪسجڻ ۽ قتل ٿيڻ کان محفوظ ڪري ڇڏيو. بشير خان قريشي پنهنجين تقريرن ۾ لفظن جي جادو ڀرڻ بجاءِ عملي جدوجهد تي زور ڏيندو هو، ڇو ته هو ان مسلسل جدوجهد جو نادر نمونو ۽ زنده مثال پنهنجو پاڻ هو. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڏا جلسا ڪيائين ۽ جلوس ڪڍيائين. مهربان پڙهندڙن کي ياد هوندو ته پرويز مشرف جي دور ۾ هڪ طرف ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت جون حڪومتي ڪوششون چوٽ چڙهيل هيون ته ٻئي طرف سنڌ سان پاڻيءَ جي ورڇ ۾ پنجاب جي داداگيري به پنهنجي عروج تي پهتل هئي، انهن ئي ڏينهن ۾ بشير خان قريشي سنڌ ۽ پنجاب جي سرحد کان پيادل مارچ شروع ڪيو هو ۽ هر وسندي، واهڻ، ڳوٺ ۽ هر شهر مان ماڻهو سندس قافلي ۾ شريڪ ٿيندا رهيا ۽ هر ڳوٺ ۽ هر هنڌ تي هن ڪالاباغ ڊيم جي سخت مخالفت ڪئي ۽ سنڌ سان ٿيندڙ هر زيادتيءَ بابت سنڌ جي ماڻهن جي جذبن کي جاڳايو. نتيجي ۾ هر ڳوٺ مان سوَن جي تعداد ۾ ماڻهو قافلي ۾ شريڪ ٿيندا رهيا. جڏهن قافلو ڪراچيءَ ۾ پهتو ته لکن ماڻهن جي قافلي کي ڏسي ڪراچي جا رهواسي حيران پريشان ٿي ويا هئا. نتيجي ۾ مشرف جي دور ۾ ئي کيس لٺيون وهايون ويون ۽ مٿس تشدد ڪيو ويو. ۲۳ مارچ ۲۰۱۲ع ته فقط ٻن اڍائي هفتن جي ڳالھ آهي، جڏهن بندر روڊ تي نمائش چوڪ کان وٺي تبت سينٽر تائين جيئي سنڌ جي ڳاڙهن جهنڊن جي ڳاڙهاڻ جهر مر لايون بيٺي هئي ۽ بشير خان تمام اثرائتي ۽ پرامن تقرير ڪئي، ڇو ته هو کليل لفظن ۾ چوندو هو ته ”اسان پنهنجي رهبر جي ايم سيد جي فڪر جا رکوالا ۽ عدم تشدد جا حامي آهيون، پر اها ڳالھ به ياد رکڻ گهرجي ته اسان ئي هن ڌرتيءَ جا اصلوڪا ڌڻي ۽ جائز وارث آهيون، تنهن ڪري سنڌ جي قدرتي وسيلن تي اخلاقي، قانوني ۽ فطري حق به سنڌين جو آهي“.

سياسي جدوجهد کان علاوه هو انساني خوبين ۽ خصلتن جي هڪ کاڻ هو. هو هڪ حيادار، عجز ۽ انڪساريءَ وارو شخص هو. ليڊر بنجڻ کان پوءِ ڪيترا ماڻهو فقط پنهنجي ليڊري کي اڳڀرو وڌائيندا آهن، پر پنهنجي انسانيت کي پٺتي ڌِڪي ڇڏيندا آهن يا ٻين لفظن ۾ هو انسان گهٽ پر ليڊر وڌيڪ هوندا آهن. بشير خان قريشي پاڻ کي ڪڏهن به ليڊر نه سمجهيو، پر جسقم جي هڪ ادنيٰ ڪارڪن جي حيثيت ۾ ڪم ڪندو رهيو. هن ۾ ليڊري واري اجائي آڪڙ، تڪبر ۽ ٽانءِ بنھ ڪا نه هئي. هو هر ڪنهن سان ٻانهن ٻڌڻ واري واٽ تي هلندو هو. هڪ دفعي مون سان وڏي ڪچهري ڪيائين ته مون سندس پرخلوص ۽ سنڌ سان عشق وارن جذبن تي کيس داد ڏنو ته مون کي حيادار لهجي ۾ چيائين، ”سائين اوهان اسان جا وڏا آهيو، اوهان کان اسان گهڻو ڪجھ سکيو ۽ پِرايو آهي، بس دعا ڪجو ته سنڌ کي سورن کان جلد آجو ڪجي.”سنڌ جي سورهيه سپوت ۽ سچي ليڊر بشير خان قريشي جي اوچتي وڇوڙي هڪ اهڙو خال پيدا ڪيو آهي، جيڪو لڳي ٿو ته، ڊگهي عرصي تائين به ڀرجي نه سگهندو. ها! ان خال جي ڪنهن حد تائين ڀرجڻ جو امڪان فقط ان صورت ۾ آهي، جڏهن جسقم جا ڪارڪن بشير خان جي اعليٰ انساني ڪردار کي پنهنجو بڻائيندي اهو وچن ڪن ته اُهي ليڊر نه، پر عام ڪارڪن بڻجي سائين جي ايم سيد جي فڪر ۽ ارڏي اڳواڻ بشير خان قريشي جي عملي جدوجهد کي مستقل مزاجي، عزم، خلوص ۽ سورهن آنا سچائيءَ سان اڳتي وڌائڻ ۾ ڪا ڪسر پٺتي نه ڇڏيندا، ته پوءِ يقين سان چئي سگهبو ته سنڌ سورن کان ضرور آجي ٿيندي ۽ سنڌ جي آجپي جو، بشير خان جو خواب ضرور ساڀيان ماڻيندو.

وري ورندو واءُ، وري وسندا مينهن،

وڇوڙي جا ڏينهن، رهي رهندا ڪيترا.


سنڌ جي غير مشروط عاشق جو وڇوڙو!

الهورايو بوزدار

بشيرقريشي جي وڇوڙي جتي سڄي سنڌي قوم کي سڏڪن ۽ سڪتي ۾ وجهي ڇڏيو آهي اتي سنڌ جي حقيقي مسئلن ۽ مامرن جي لاءِ عوامي سطح تي ميدان ۾ نڪري جدوجهد ڪرڻ جو هڪ باب ڄڻ ته بند ٿي ويو آهي. بشير قريشي جي سياست جو مرڪز ۽ محور ته سنڌ جو آجپو ئي هيو پر سنڌي ماڻهن کي پيش ايندڙ هر ڏک ۽ درد کي بشير خان فوري طور تي محسوس ڪندي پل ۾ ئي ڏکويل ڪٽنب وٽ پهچي ويندو هيو ۽ سندس عوامي سياست ۽ سنڌي ماڻهن سان بي لوث محبت ۽ اڻ کٽ وفائن بشير خان قريشي کي سنڌ جو محبوب ترين اڳواڻ بڻائي ڇڏيو ۽ اڄ جڏهن بشيرخان قريشي اسان جي وچ ۾ جسماني طور تي ناهي رهيو، تڏهن سندس عوامي جدوجهد جون ساروڻيون ساريون ٿا ته هو هر ان هنڌ نظر اچي ٿو، جتي سنڌي ڏکن ۾ هجن ٿا. گهوٽڪي ضلعو گيس جي ذخيرن سان مالامال ضلعو آهي پر ڌرتي جي هن اڻ کٽ خزاني تي ڌارين جو قبضو آهي. ڪجھ سال اڳ جڏهن ماڙي گيس انتظاميه مقامي ماڻهن جي خلاف ڌرتي ٽامون ڪري ڇڏي هئي ۽ سنڌ جي جاکوڙي انسان ڪامريڊ مانڌل شر جي گهرن مٿان انتظاميه گوليون وسائي گهر ڌياڻي کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ ڪامريڊ مانڌل جي نوجوان پٽ جمال ناصر کي ماڙي گيس مان برطرف ڪري مٿس ڪوڙا ڪيس داخل ڪري پوليس هٿان گم ڪرائي ڇڏيو هيو، تڏهن سڀ کان اڳ ۾ بشير خان قريشي گهوٽڪي پهتو. مونکي چڱي طرح ياد آهي ته اهو ڏينهن جڏهن بشيرقريشي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي سان گڏ گهوٽڪي پهتو ته هنن مون کي گهوٽڪي مان پنهنجي ڪار ۾ ساڻ کنيو. ميرپور ماٿيلي ويجهو ننڍڙي ڳوٺ گڻنگي وٽ جسقم جي اڳواڻ موليڏنو ميراڻي جي اڳواڻي ۾ ڳوٺاڻان بشير خان جي آجيان جي لاءِ روڊ تي نڪري آيا. آجيان ڪندڙن ۾ جسقم جون بهادر ناريون ليلا سنڌو ۽ سندس ڀينرون پڻ هيون. بشير خان گاڏي مان لهڻ بعد سنڌ ڄائين کي مٿي تي شفقت سان هٿ رکي سندن جذبي کي ساراهيو.

جڏهن اسان کروهي پهتاسين جتي ڪيترن هفتن کان پوليس، رينجرز، ايف سي ۽ ماڙي گيس انتظاميه ڪامريڊ مانڌل شر جي ڳوٺ کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو هيو بشيرقريشي جي اتي پهچڻ شرط سوين ماڻهو مختلف ڳوٺن کان نڪري آيا ۽ ڪامريڊ مانڌل شر جون نياڻيون زرقا شر ۽ ذليخان شر جيڪي ان تحريڪ جون اڳواڻ هيون، انهن جي اڳواڻي ۾ سوين ناريون بشيرقريشي جي آجيان جي لاءِ اتي پهتيون. ان وقت جڏهن بشير قريشي ڳوٺاڻن کي مخاطب ٿي ڳالهائڻ شروع ڪيو ته پوليس جون بڪتر بند گاڏيون موبائيلون اتان هٽڻ شروع ٿي ويون ۽ بشير خان جي واپس ٿيڻ بعد ماڙِي گيس انتظاميه مجبور ٿي ڪامريڊ مانڌل شر سان ڳالهيون ڪيون. بشير قريشي جي المناڪ وڇوڙي کان ڪجھ ڏينهن اڳ ڪامريڊ غلام رسول سهتو گهوٽڪي آيل هيو. ڪراچي واري فريڊم مارچ جي ڪاميابي جي ڳالھ نڪتي ته ڪامريڊ غلام رسول سهتو بشير خان قريشي جي سياسي ۽ ذاتي زندگي بابت ڳالهائيندي سندس اڻ ڳڻيون خوبيون ڳڻائيندي اها ڳالھ به ڪئي ته ”بشير خان پنهنجي سياسي يا ذاتي زندگي ۾ سنڌ جي ڪنهن طبقي، ڪنهن فرد، ڪنهن ڌر سان ذاتي انا رکي ڪڏهن ڦٽايو ناهي، هو پنهنجي مزاج ۾ هڪ اهڙو پيارو انسان رهيو آهي، جو وڏڙن جي عزت، سادات سان نوڙت ۽ ننڍڙن سان پيار پاٻوھ سان ملڻ وارا سندس گڻ ڪنهن ٻئي سنڌي سياسي اڳواڻ ۾ گهٽ آهن.”بلڪل ائين ئي بشير قريشي کي اسان ڪارڪنن جي وچ ۾ ڀائرن وانگر ڏٺو. ڪارڪن کيس پٽ تي ويهاريندا ته به ويهي رهندو هيو، جيڪڏهن کٽ تي ويهاريندا ها، تڏهن به ويهي رهندو هيو، جيڪا ماني کيس کارائي ويندي هئي، هو ڪارڪنن سان گڏ کائيندو هيو ۽ جتي چوڪ چوراهن تي بيهاري خطاب ڪرائيندا هئا بشير قريشي اتي بيهي رهندو هيو. بشيرقريشي پنهنجي ڪارڪنن جي شادي غمين ۾ وقت تي پهچندڙ اڳواڻ هيو. مون کي اها رات اڃان به ياد آهي جڏهن ادي رفعت سنڌي جو والد صاحب لاڏاڻو ڪري ويو ۽ رتيديري ۾ سندس تدفين ٿيڻي هئي. بشير قريشي انهن ڏينهن ۾ رياستي ڏاڍ ڏمر کي منهن ڏيندي روپوشي واري حياتي گذاري رهيو هيو، پر رات جو جڏهن چاچي عبدالحميد ڀٽي جو مڙھ کڻي قبرستان پهچايو ويو ته بشير قريشي اتي پهچي ويو، سندس ڪلهي ڪانڌي ٿيو. بشير قريشي سنڌ جي ريتن روايتن لوڪ قدرن جو ڄاڻو ۽ قدردان هيو. کيس سنڌ جي قبيلائي مسئلن مامرن جي حقيقي طرح ڄاڻ هئي، جنهن ڪري هو روايتي ميڙ منٿ قافلن بجاءِ جهيڙيندڙ ڌرين ڏانهن جڏهن ميڙ منٿ قافلا وٺي ويندو هيو ته ڌرين جي حقيقي مسئلن کي سمجهي انهن جي حل ٿيڻ تائين ڌرين سان رابطي ۾ رهندو هيو، جنهن جي نتيجي ۾ اڪثر خوني تڪرارن جو نبيرو ٿي ويندو هيو ۽ ڪڏهن به بشيرقريشي اهڙن مسئلن تي ڪريڊٽ کڻڻ واري سياست نه ڪئي. هو سنڌ جي غير مشروط عاشق هيو. هڪ اهڙو عاشق، جنهن سنڌ جي جهر جهنگ وڃي سنڌ واسين کي پنهنجي ماتر ڀومي کي درپيش خطرن کان آگاھ ڪيو هو. سنڌ جي لاءِ هر ان ماڻهو وٽ ويو، جنهن وٽان کيس سنڌ جي آجپي ۽ خوشحالي جي اميد نظر آئي. ٻٻرلوءِ باءِ پاس تائين لانگ مارچ ڪرڻ کان اڳ بشير قريشي پير صاحب پاڳاري وٽ به ويو ۽ کيس سنڌ جي آجپي ۽ خوشحاليءَ جي لاءِ ساٿ ڏيڻ جي اپيل ڪيائين. اتحادن ۾ رسول بخش پليجو، ڊاڪٽر قادرمگسي، سائين جلال محمود شاه سان به هر موڙ تي هر گهڙي ۾ گڏ گڏ رهيو.

هن پنهنجي رهبر سائين جي ايم سيد جي هر حڪم تي لبيڪ چيو ۽ پارٽي طرفان سونپيل هر اهو ڪم ڪيو، جنهن جي لاءِ سندس جان به جوکي ۾ ويندي رهي. سن جي سائين جي وڇوڙي وقت بشير قريِشي پنهنجي رهبر جي وڇوڙي جو درد جيل جي اوچين ديوارن جي پٺيان پنهنجي دل تي سٺو ۽ برداشت ڪيو. جڏهن هو جيل کان ٻاهر آيو ته هن سن جي سائين جي مزار تي حاضري ڀري سن جي پٿريلي مٽي ٻڪن ۾ کڻي اهو وچن ڪيو هيو ته، ”سن جا سائين جيستائين سسي ۾ ساه آهي، تيستائين اوهان جي عظيم مقصد ۽ مشن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پل پل پتوڙيندو رهندس.”پوءِ دنيا ڏٺو ته بشير قريشي سائين جي ايم سيد جي مزار تي اڪريل شاه لطيف جي ان بيت وانگر حياتي گذاري ته

جان جان هئي جيئري ورچي نه ويٺي،

وڃين ڀونءِ پيٺي ساريندي کي سڄڻين!

بشير قريشي قومپرست سياست کي هڪ اهڙي رنگ ڍنگ ۾ کڻي آيو جو دنيا دنگ رهجي ويئي ۽ هو سنڌي قوم جي لاءِ هڪ اميد بڻجي سامهون آيو. هن جنهن انداز ۾ ڪراچي کي پنهنجي سياست جو مسڪن ۽ مرڪز بڻايو، ان عمل ڪراچي ۾ پاڻ کي ننڌڻڪو محسوس ڪندڙ سنڌي ماڻهن کي ڪراچي جي مالڪي جو احساس ڏياريو. جڏهن بشير قريشي ڪراچي ۾ ۲۳ مارچ تي فريڊم مارچ ۾ لکين ماڻهن کي گڏ ڪري کليل نموني سان سنڌ جي آجپي واري اعلان کي ورجايو ته نه صرف سنڌ دشمن ڌرين جون ننڊون حرام ٿي ويون، پر سياسي تجزيه نگار بشير قريشي جي سياسي قد ڪاٺ کي اڳي کان تمام گهڻو مٿي قرار ڏيڻ لڳا ۽ سنڌ جو ڪيس به بلوچستان جي ڪيس وانگر عالمي طاقتن جي نوٽيس ۾ اچي ويو ۽ ڪراچي ۾ لکين سنڌين جي گڏ ٿيڻ سان دنيا جي اڳيان اها حقيقت سامهون اچي ويئي ته ڪراچي سنڌ جي دل آهي. فريڊم مارچ کان پوءِ سنڌ بشير قريشي کي اڳ کان وڌيڪ تبديل ٿيل محسوس ڪرڻ لڳي، سندس ڪراچي واري تقرير جي للڪار نه صرف عالمي طاقتن تائين پهتي پر ڌرتي جي جوڌي جي للڪار سنڌ تي قابض ڌارين کي به لوڏي ڇڏيو.

 


 

اسان جي مئاسين سفر ۾ او ساٿي. .!!

مختيار جمالي/ ڪراچي

آخر هن شخص ۾ ڪا ته بي مثال خوبي ۽ خاصيت هئي، جو ان جي وڇوڙي هر گهر ۾ ماتم برپا ڪري ڇڏيو آهي. سندس وڇوڙي تي هر ڳوٺ، هر وستي، هر واهڻ ۾ تڏو وڇايل آهي. هر اک آلي، هر شخص سوڳ ۾ ورتل آهي. هر ماءُ پريشان ۽ هر پٽ جذباتي بڻيل آهي. هوائون ۽ فضائون سوڳوار ٿي ويون آهن. سندس سياسي مخالف به کيس ساري لڙڪ لاڙي ويهن ٿا، ته عزيزن جون اوڇنگارون به کٽن نٿيون. هن شخص جي وڇوڙي سنڌ کي جهوري ڇڏيو آهي، ڇو ته هن وٽ عوام لاءِ ڪي ڪوڙا آسمان جيڏا واعدا نه هئا پر هن وٽ سچائي هئي، هن وٽ بهادري هئي، هو جاکوڙي ته هو پر هر هنڌ حاضر ۽ هر سڏ تي جاڳي پوڻ سندس خوبي هئي. بشير قريشي، سنڌ جي مارو ماڻهن جي لاءِ هڪ اميد هو، هر مظلوم لاءِ ڍال ۽ هر ظالم لاءِ هڪ ڀوائتو خوف هو. جڏهن به سنڌ خلاف سازشن جو کڙڪو ٿيو، ته سنڌ جي ماڻهن جون نظرون سندس ڀاري برج لوڏيندڙ للڪار جون منتظر بڻجي وينديون هيون، پوءِ اها سنڌ جي وحدانيت خلاف سازش هجي، ڪالاباغ ڊيم رٿا هجي، گريٽر ٿل ڪئنال منصوبو هجي، اين ايف سي ۾ سنڌ سان ٿيل ناانصافيون هجن، سنڌي ماڻهن کي نظر انداز ڪرڻ هجي، سنڌ جي معدني وسيلن تي ڌاڙا هجن، يا سنڌ جي راڄڌاني ۾ قتل عام هجي، آدمشماري هجي، ملازمن جا مسئلا هجن، پرڳڻي جي تعليم جو مسئلو هجي، يا سنڌ جي علائقن کي خوني جهيڙن جي ڌٻڻ ۾ ڌڪڻ جي سازش هجي، مطلب ته هر ننڍي کان وڏي مسئلي تي، سنڌ خلاف اٿندڙ هر آواز ۽ سازش جي سامهون بشير خان هڪ ديوار بڻجي بيٺو رهيو، هر ڏاڍ خلاف هو هڪ للڪار هو. ننڍي کان ننڍي ڳوٺ جي ننڍي ماڻهو کان وٺي وڏي شهر جي وڏن ماڻهن تائين، هر شخص سان پيار ۽ شفقت سان ملڻ ۽ کرو ۽ سڌو ڳالهائڻ سندس طبيعت ۾ شامل هو. هو ڌرتي جو هڪ ارڏو پٽ هو، هڪ ڪارڪن هو، جنهن وٽ نه ئي ڪا ڏکئي فارمولي يا لالچ واري سياست هئي ۽ نه ئي حقارت يا مفاهمت جون اٽڪلون. هن جو رستو صاف ۽ منزل هڪڙي ئي هئي، هن شخص وٽ فقط هڪ هٿيار سائين جي ايم سيد جو فڪر ۽ هڪ ئي رستو ان تي جدوجهد ڪرڻ هو. بشير خان جو ڪمهلو وڇوڙو، مونکي منهنجي صحافي دوست جو جملو ياد ٿو ڏياري ته، ”گوريلا قدرتي موت ناهن مرندا.”۽ هو ان دليل جي ثابتي لاءِ ڪيترن ئي انقلابي اڳواڻن جا نالا پڻ ڳڻائي ٿو. ڇا به هجي پر ڪراچيءَ ۾ هڪ تمام وڏو ميڙاڪو ڪرڻ کانپوءِ، جڏهن سڄي دنيا جون نظرون بشير خان تي کتل هيون، دنيا ڄاڻڻ چاهيو پئي ته آخر هي لکين پرامن سادا سٻاجهڙا ماڻهو ميٽروپوليٽن شهر ۾ ڪهڙي مطالبي لاءِ گڏ ٿيا، ان وقت هي اوچتو سانحو ٿيو، جيڪو هر ماڻهوءَ جي ذهنن ۾ انيڪ سوالن کي جنم ڏئي ٿو. بشير خان جو اوچتو وڇوڙو رواجي ڳالھ نه آهي، سنڌ جي هڪ وڏي پارٽي جي چيئرمين جي وڇوڙي تي ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته حڪومت کي فوري طور قدم کنيا وڃن ها پر بدقسمتيءَ سان ائين نه ٿي سگهيو، ۽ اهو ئي ٿيو، جنهن جو خدشو ظاهر ڪيو پئي ويو. جسقم پاران بشير خان قريشي جي جسم مان ورتل جزن کي مبينا طور تبديل ڪرڻ ۽ سندن قائد جي وڇوڙي کي رياستي قتل قرار ڏيندي اڄ سنڌ ۾ هڙتال جو سڏ ڏنو ويو آهي. حڪمرانن مان مايوس ٿيل سنڌي عوام سان تاريخ ضرور انصاف ڪندي!!


 

رتوديرو رتل رهندو. . .

حافظ مهراڻ

جيجل سنڌ جي ارڏي پٽ بشير خان قريشي جي موڪلاڻيءَ تي عمرڪوٽ جي جهوني جي ايم ڀڳت چيو ته، سنڌ جي دل موڪلاڻي ڪري ويئي آهي، باقي سنڌ ٻين عضون اکيون ۽ دماغ سميت سڀ ڪهڙي حال ۾ آهن، انهيءَ جو پتو نه پئجي سگهيو آهي. بشير خان جنهن جيجل سنڌ جي انچ انچ جي مالڪيءَ جو وچن ڪيو هو، ۸۰ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن شهيد رضا محمد بنگلاڻي کي شهيد ڪيو ويو هو ته هن پهرئين تعزيتي ميڙ کي جيڪو خطاب ڪيو هو، پروگرام جو ڪمپيئر دوست مير حسن آريسر چئي ٿو ته هن اچڻ شرط شهيد رضا جي تصوير کي سلام ڪري چيو ته، ”اي شهيدِ وطن! تنهنجي چاليهي کان اڳ تنهنجو پلاند آئون ڪندس.”اهي جملا چئي هو اسٽيج تان لهي ويو. بشير خان کي ”قومي شهيد“ ته قرار ڏنو ويو آهي، پر ڳالھ گهڻي اڳتي آهي. ۲۳ مارچ جي فريڊم مارچ جي تاريخي خطاب جو آغاز هُن هِن فارسي جي شعر سان ڪيو هو،

عمر زيست که آوازه منصور کهن شد

من از سرِنو جلوه دهم دارو رسن را

معنيٰ، ”هاڻ منصوري مام جو وقت ويجهو آهي، هڪ دفعو وري سوريءَ کي سينگارڻو آهي.”بشير خان جو سنڌ سان عشق جو ناتو هو، جنهن کي هن زندگيءَ جي آخري دَم تائين نڀايو. منهنجون هن سال مرحوم فيض جکرو ۽ مرحوم مٺل خاصخيلي جي معرفت ڪافي رهاڻيون به ٿيون. هڪ دفعي ٽنڊي ڄام جي ويجهو هو ڳوٺ سليمان کٽياڻ آيو. مون محمود فقير کٽياڻ جي شاعري ٻڌائي ته فورن مون کي چيائين ته، ڪم جون ڳالهيون آهن، انهن کي قلم بند ڪريو. ٻڌايائين ته يونان جي فلاسافرن جي سر تي سڱ ڪو نه هوندا هئا، اهڙا ئي ماڻهو هئا، انهن جي فلسفهء حيات کي اجارڻ ۽ باقي دنيا اڳيان آڻڻ جو ڪم سندن پوين نسلن ڪيو. هو اڪثر سنڌ جي امن امان واري صورتحال تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندو رهندو هو، ته اسٽيبلشمينٽ هٿ سان اهڙي صورتحال پيدا ڪري رهي آهي، ڌارين کي سنڌ اندر گڏ ڪيو پيو وڃي، سنڌي ماڻهو پنهنجي گهر ۾ به پاڻ کي اڪيلو ۽ بي گهر محسوس ڪن ٿا. سنڌ جون ٻهراڙيون هڪ طرف زندگي جي بنيادي سهولتن کان محروم آهن، مرڪز ۾ سنڌين جي حڪومت جي دور ۾ به سنڌ جي وحدت کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جون ڪوششون پيون هلن ته اهڙي سمي ۾ سنڌ جي ارڏي پٽ جي ڪُمهلي موڪلاڻيءَ تي سڄي سنڌ جي ماڻهن جي دلين ۾ سوين خدشا آهن.


 

خون لوڙهڻ جي ڪوشش!

جميل گاد /لاڙڪاڻو

بشير قريشي نرالي طبيعت جو مالڪ هو، شايد اها ارڏائي سنڌين جي خمير ۾ شامل آهي، تڏهن ته ۱۸ ورهين جي هيمون ڪالاڻي به ڦاسي جي ڦندي کي چمندي ”انقلاب زنده باد“ جا نعرا هنيا هئا. ماضيءَ وانگر ملڪ جي موجوده واڳ ڌڻين کي به سنڌين جي اِها ارڏائي پسند ناهي، ڇو ته هو پاڻ کي حاڪم ۽ اسان کي محڪوم سمجهن ٿا. هو ڄاڻن ٿا ته محڪوم قوم جي فردن جون ارڏائيون اڳتي هلي هنن لاءِ اهڙيون مشڪلاتون پيدا ڪري سگهن ٿيون، جهڙيون مشڪلاتون انگريزن لاءِ سورهيه بادشاھ ۽ پاڪستان ٺهڻ بعد مسلسل سائين جي ايم سيد پيدا ڪيون. ان ڪري اسٽيبلشمينٽ سنڌ جي اهڙي ڪردارن جي جڏهن عوام ۾ وڌندڙ مقبوليت ڏسندي آهي ته ان کي ڪنهن نه ڪنهن سازش جو نشانو بڻايو ويندو آهي، جيئن ۷ اپريل تي سنڌ جي ارڏي پٽ بشير قريشي کي نشانو بڻايو ويو. وقت بوقت بشير قريشي کي مارڻ جا منصوبا تيار ٿيندا رهيا. ۴ جون ۱۹۹۸ع تي غنڊن جي هڪ ٽولي هٿان جناح اسپتال ڪراچي ۾ بشير قريشي مٿان لوھ جي سيخن سان حملو ڪرايو ويو، جنهن ۾ بشير قريشي ته بچي ويو، پر سندس هڪ ساٿي قيوم منگي شهيد ٿي ويو. وري ڪراچي جي سفوران چورنگي وٽ جلوس جي قيادت ڪندي ۲۴ جولاءِ ۲۰۰۹ع تي بشير قريشي مٿان قاتلاڻو حملو ڪرايو ويو، جنهن ۾ به بشير قريشي ته بچي ويو، پر سندس دوست مشتاق خاصخيلي هن مٿان قربان ٿي ويو ۽ ٿڏي تي هڪ حملي آور کي ماريو ويو ۽ ٻئي کي پڪڙيو ويو. اهو حملي آور جسقم قيادت انصاف جي توقع رکندي موجوده حڪومت حوالي ڪيو، ثبوت به ڏنا پر ڪو تدارڪ ڪو نه ٿيو. بشير قريشيءَ کي رستي تان هٽائڻ جون ڪوششون ٿينديون رهيون، جنهن ۾ اهي قوتون نيٺ ڪامياب ٿيون. ۷ اپريل تي ۱۲ وڳي منجهند تائين چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي ۾ بشير قريشيءَ جي جسم مان جزا ڪڍيا ويا ته هاءِ پروفائيل ڪيس هئڻ باوجود اهي جزا فورن ڪراچي ڇو نه موڪليا ويا؟ جڏهن جزا لاڙڪاڻي ۾ رکيل ڏسي جسقم قيادت خدشن جو اظهار ڪيو ته چانڊڪا اسپتال انتظاميا اهو چيو ته آچر اچي ويو، ان ڪري دير ٿي وئي. دٻاءُ وڌڻ کان پوءِ جڏهن سومر تي لاڙڪاڻي جا ڊاڪٽر اهو چئي ته اهي جزا آغا خان اسپتال ڪراچي مان چڪاس ڪرايا ويندا، ڪراچي روانا ٿيا، جڏهن اتي پهتا ته صحت کاتي سنڌ جي سيڪريٽري لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرن کي حڪم ڏنو ته اهي جزا سول اسپتال ڪراچي ۾ جمع ڪرايو. جنهن تي جسقم جي ساڻ ويل ڪارڪن احتجاج ڪيو ته اسان کي سرڪاري اسپتالن تي ڪو به اعتماد ناهي، جزا چڪاس ته ٻاهرين ڪنهن ملڪ مان ٿيڻ گهرجن ها، پر پوءِ به اسان سان لاڙڪاڻي ۾ اهو واعدو ڪيو ويو هو ته جزا سرڪاري اسپتال مان نه پر آغا خان اسپتال مان چيڪ ڪرائينداسين ته پوءِ ڪراچي پهچڻ کان پوءِ ائين ڇو ٿو ڪيو وڃي!؟ ۽ ان کان پوءِ جڏهن جاچ ڪئي وئي ته اها به خبر پئي ته سالن کان سول اسپتال ڪراچي ۾ پيٿالاجي جو ڪو ماهر ڊاڪٽر ئي ناهي، جيڪو جزا چيڪ ڪندو. سنڌ حڪومت جي ان عمل مان ته هاڻي پڪ ٿئي پئي ته بشير قريشي جو طبي موت نه پر واقعي ڪنهن سازش جو نتيجو آهي.


 

هڪ ديوانو عاشق

شرجيل بلوچ

ستين اپريل تي سانگهڙ ۾ باک ڦٽيءَ مهل ايس ايم ايس آيو ته بشير قريشي لاڏاڻو ڪري ويو آهي. وسعت الله خان منهنجي چهري ڏانهن غور سان ڏٺو ۽ سواليه انداز ۾ ڪنڌ کنيو.

”بشير خان پاسڊ اوي.“ مون ايس ايم ايس پڙهيو.

”پاسڊ اوي يا شاٽ ڊيڊ؟“ وسعت بي ساخته پڇيو.

”هارٽ اٽيڪ شايد.”

”اوھ. . . . شڪر آهي گولي نه هلي، نه ته وڏو خون خرابو ٿئي ها.”

ان کانپوءِ اسان تي هڪڙي سوڳوار ماٺ ڇائنجي وئي.

سانگهڙ کان اڳئين منزل ڏانهن سفر دوران ذهن جي پردي تي بشير خان سان ميل ملاقاتن جا عڪس ڊوڙڻ لڳا.

****

صحافين سان ڀريل وين تيزي سان سن ڏانهن ڊوڙي رهي آهي. ”هو ڏسو. . . . هو ڏسو بشير خان جي گاڏي اچي پئي.“ صحافي وڏي واڪي هڪٻئي کي ٻڌائي رهيا آهن. بشير خان جي گاڏي جيئن ئي اسان جي وين کي اوورٽيڪ ڪيو ته مقامي صحافين جون ڪئميرائون هر ممڪن طريقي سان هن جي هڪڙي جهلڪ محفوظ ڪرڻ لاءِ بي تاب ٿي رهيون هيون.

بشير خان، جي ايم سيد جي ورسي تي الڳ جلسو ڪيو هو. جڏهن ته جي ايم سيد جو پٽ ۽ ٻيا سياسي اڳواڻ، جن ۾ خاص طور تي بلوچستان مان ڪهي آيل اختر مينگل شامل هو، ٻئي جلسي گاھ ۾ موجود هئا.

بشير خان جي جلسي جي شروعات آزاد سنڌو ديش جي تراني سان ٿي هئي.

اڳئين ملاقات: جڏهن پنهنجي پارٽيءَ جي هڪڙي ڪارڪن اخلاق حسين جي شاديءَ جي ڪاڄ ۾ بشير خان پاڻ گاڏي ڊرائيو ڪري آيو ۽ ڄڃ وٺي ٻئي ڳوٺ پهتو.

ڊگهو- ڀريل بُت- سانورو- سادو- گهٽ ڳالهائو بشير خان هر ايندڙ سان اٿي بيهي ٿي مليو ۽ هٿ ٻڌي بيٺو رهيو.

شادي ۾ شفيع فقير سڄي رات سنڌ جا قومي گيت ڳائيندو رهيو.

آئون سنڌي انقلابي نوجوانن جي وچ ۾ ويٺو هئس. انهن ۾ اياز جوکيو به شامل هو. هڪ ته ننڍي ڄمار وارو بين الاقوامي آرٽسٽ ۽ ٻيو رڳو سچي ڳالھ تي تعريف ڪرڻ جي عادت هن نوجوان کي ٻين کان منفرد بڻائي رکيو هو.

بشير خان کان موڪلائڻ وقت مون اياز ڏانهن غور سان ڏٺو. اياز جي اکين ۾ عقيدت جي آلاڻ هئي. اياز جڏهن بي ساخته بشير خان جا هٿ وٺي چُميا ته اُن ئي پاٻوھ سان بشير خان به اياز جا هٿ چُميا.

رات ڀِڄندي رهي، شفيع فقير ڳائيندو رهيو پر ان منظر بشير خان جي ڪردار جي وضاحت ضرور ڪري ڇڏي هئي. پوءِ هڪ دفعو مون بشير خان کي تڏهن ڏٺو هو، جڏهن هو ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران بک هڙتالين سان گڏ ويٺو هو ۽ ايڪڙ ٻيڪڙ فوٽو گرافر فارملٽي پوري ڪري رهيا هئا.

۽ پوءِ جڏهن ڊاڪٽر صفدر سرڪي جي بازيابي لاءِ هو پنهنجو قافلو وٺي بلوچستان اسيمبلي ٻاهران ڌرڻو هڻي ويٺل هو. اتي بلوچستان جي وڏي وزير اسلم رئيساڻي سان ڳالهائڻ دوران هن جي جوش تي سادگي ۽ نهٺائي غالب هئي. اهي منظر به وڊيو فوٽيج ذريعي مون تائين پهتا.

۽ پوءِ جڏهن هن جي قافلي تي قاتلاڻو حملو ٿيو، جنهن ۾ هو بچي ويو. مون اسٽوڊيو مان فون تي هن جو بيان رڪارڊ ڪرايو. تمام سادي ۽ بي باڪ انداز ۾ هن حملي آورن جي نشاندهي ڪئي.

هُن سان آخري مُکا ميلو يادگار هو. اخلاق جوکيي جو فون آيو ته آئون ۽ بشير خان رات جي ماني تنهنجي گهر کائينداسين.

بشير خان جيتري دير گهر رهيو، سندس نظرون بلڪل ائين جهڪيل رهيون جيئن ڪنهن به مهذب قدرن واري، قبائلي ماڻهوءَ جون نظرون گهر جي احترام ۾ جهڪيل رهنديون آهن.

”هي سانول آهي. آهي ته بلوچ پر پنهنجو پاڻ کي سنڌي چوندو آهي.”مون ٽن سالن جي پٽ جو تعارف ڪرايو.

بشير خان جي چهري تي مُرڪ تري آئي، جيڪا خوشيءَ جي ٽهڪ ۾ تبديل ٿيندي وئي. انتهائي پيار سان هُن سانول کي پنهنجي هنج ۾ ويهاريو.

”بابُو. . . خوش آن؟“

سانول ها ۾ ڪنڌ لوڏيو.

”سنڌي آهين؟“

سانول وري ها ۾ ڪنڌ لوڏيو.

بشير خان اخلاق ڏانهن ڏسندي خوشيءَ وچان وري کليو ۽ کيسي مان سؤ روپيه ڪڍي سانول کي خرچي ڏني، جيئن رواج آهي.

”سائين هي شرجيل آ. . . . هن وڏو ڪم ڪيو آهي.”اخلاق مون ڏانهن اشارو ڪندي چيو.

بشير خان سواليه انداز ۾ ڏٺو. هو ڳالهائيندو تمام گهٽ ۽ ضرورت جيترو هو.

”هن سنڌ تي ڊاڪيومينٽري ٺاهي آهي. . . صوفين تي. . . . ان ڊاڪيومينٽري ٻاهرين ملڪن ۾ پهريون انعام کٽيو آهي.”

بشير خان حيرت ۽ غور وچان چند لمحا مون ڏانهن ڏسندو رهيو ۽ پوءِ پنهنجي ڳرن هٿن ۾ منهنجو هٿ پڪڙيندي چيو:

”سائين اوهان جا ٿورا.”

اهو چوندي هن جي نيڻن ۾ اوچتو الئه ڪٿان ڳوڙها اچي ويا. اها ڳالھ ان ديواني عاشق کانسواءِ ڪير نٿو ڪري سگهي، جيڪو پنهنجي محبوبه جي تعريف ڪرڻ واري کي به پنهنجو محسن سمجهندو هجي.

(بي بي سي جي ٿورن سان/ ترجمو: گوبند ميگهواڙ)

سراپا سوڳ بڻيل سنڌ

واحد پارس هيسباڻي

بشير خان قريشي جي وڇوڙي کي هڪ هفتو ٿيڻ وارو آهي، پر سوڳ واري ڪيفيت ذرو به تبديل نه ٿي آهي. ڪالھ واري اخبار ۾ هڪ تصوير ڇپي آهي، جنهن ۾ پرائمري اسڪول جا ٻارڙا سوڳوار چهرن سان بشير خان قريشي جي تربت جي ڀرسان ويٺل آهن. هي عمر دنيا جهان جي خفن کان لاپرواهي جي عمر آهي، پڙهائي ۽ راند روند ڪرڻ جي عمر آهي، پر اها بشير خان جي محنت آهي، هن جو ڪردار آهي، سندس شخصيت جو سحر آهي جو هن عمر جا ٻارڙا به درد جي ان ساڳي ڪيفيت مان گذري رهيا آهن، جنهن مان وڏي عمر وارا گذري رهيا آهن. مون پنهنجي زندگي ۾ اهڙي قسم جو وڏو سوڳ صرف ٻن شخصيتن جي وڇوڙي تي ڏٺو آهي، جن ۾ هڪڙي محترمه بينظير ڀٽو آهي ۽ ٻيو بشير خان قريشي آهي. محترمه جي شهادت کانپوءِ جيئن روڊ رستا ويران ڏٺا ويا هينئر به اها ساڳي صورتحال آهي، جنهن جو مثال ڪالهوڪو ڏينهن آهي. ڪالھ سڄي سنڌ جا ڪاروباري مرڪز مڪمل طور تي بند رهيا ۽ روڊ رستا بلڪل ئي ويران نظر آيا. ماڻهن جي آهن- دانهن، سڏڪن جي عجيب ڪيفيت آهي، هي درد آرٽيفشل ناهي، هي دلي درد آهي، جيڪي ماڻهو پار ڪڍي روئن ٿا، پنهنجي سيني کي ڌڪ هڻي ماتم ڪن ٿا، اهي هي سڀڪجھ ڏيکاءُ خاطر نه پر پنهنجي دل هٿان مجبور ٿي ڪري رهيا آهن. تقريباً سڄي سنڌ جو اندر ڀڄي ڀري ۽ ٽٽي پيو آهي. بشير خان قريشي جو ڏک صرف جيئي سنڌ جي ڪارڪنن کي ناهي پر هي ڏک پارٽين کان بالاتر هر سنڌي جي دل ۾ آهي. هر ماڻهو ائين محسوس ڪري رهيو آهي ڄڻ سندس گهر جو ڪو ڀاتي وڇڙي ويو آهي. بشير خان جي وڇڙڻ پڄاڻان هڪ وڏو خال پيدا ٿي ويو آهي، هڪ وڏي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، اڪيلائي جو دم گهٽيندڙ هڪ عجيب احساس پيدا ٿي ويو آهي. سنڌي ماڻهو پاڻ کي بلڪل ننڌڻڪو محسوس ڪرڻ لڳا آهن. بشير خان قريشي سان هي سنڌي قوم ايتري محبت ڪري ٿي، ايتري عقيدت رکي ٿي، ان جو اندازو ۲۳ مارچ تي سندس سڏ تي ڪراچي ۾ لکين سنڌين جي گڏجڻ کانپوءِ ٿي ته ويو هو پر ايترو اندازو نه هو، جيڪو هينئر نظر اچي رهيو آهي.

ڪي ليڊر هڪ مخصوص عمر وارن ۾ مقبول هوندا آهن پر بشير خان معصوم ٻار کان وٺي پوڙهي تائين هڪ جيترو مقبول آهي. هن سان محبت وارو هي انداز مذهبن کان به بالاتر آهي. مسلمان سندس لاءِ قرآن خواني ڪري رهيا آهن ته هندو گيتا جو پاٺ ڪري رهيا آهن. بشير خان قريشي صوفي لا ڪوفي هو ۽ هن پنهنجي ڌرتي ۽ قوم سان بي مثال محبت ڪئي آهي. سندس ان بي مثال محبت جو اعتراف سندس سياسي مخالف به ڪري رهيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاھ کان وٺي سڌ سماءَ جي صوبائي وزير شازيه مري تائين، سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر نثار احمد کهڙي کان وٺي صوبائي گهرو وزير منظور وساڻ تائين سڀ سندس ڌرتي سان محبت کي بي مثال چئي رهيا آهن ۽ اهو اعتراف ڪري رهيا آهن ته بشير خان سنڌ سان اسان کان وڌيڪ محبت ڪئي ۽ سنڌ جي حقن لاءِ اسان کان وڌيڪ جاکوڙيو. اهي بلوچ اڳواڻ هجن يا پختون اڳواڻ سڀ بشير خان قريشي جي ڌرتي ۽ قوم سان ڪمٽمينٽ کي سلام پيش ڪري رهيا آهن. اسان جا اهي وزير ۽ مشير جيڪي اقتدار جي غرور ۾ ڏينهن ٻئي ڦٽاڪا پيا ڇوڙيندا هئا ته قومپرست يوسي جي سيٽ به نه ٿا کٽي سگهن، انهن سان ڪير به گڏ ڪونهي. ۲۳ مارچ وارو فريڊم مارچ سندن رڪارڊ جي درستگي لاءِ ڪافي هو، پر بشير خان قريشي جي وفات کانپوءِ سڄي سنڌ جي اوڇنگارن کانپوءِ ثابت ٿي ويو آهي ته حقيقت ان کان گهڻي مختلف آهي. جيڪڏهن ڪو بشير خان قريشي جهڙو قومپرست آهي ته اهو ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪري ٿو ۽ باقاعدي ڪري ٿو، جيڪا ڳالھ وقت ثابت ڪئي آهي. جيڪڏهن ٻيا قومپرست به بشير خان جهڙو سياسي انداز اختيار ڪن، هن ڌرتي ۽ قوم سان اهڙي ئي محبت جا مثال ڇڏين ته يقيناً هي قوم انهن کي به اهڙي ئي موٽ ڏئي سگهي ٿي ۽ انهن سان به اهڙي ئي محبت جو اظهار ڪري سگهي ٿي.

بشير خان قريشي جي وفات کانپوءِ سنڌ ۾ پيدا ٿيل هن سوڳ، درد ۽ تڙپ واري ماحول کي ٻڌي ۽ طاقت ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو، جيڪڏهن سنجيدگي سان اهڙي قسم جي اڳڀرائي ڪئي وڃي ته. سنڌ جا ماڻهو جمهوريت جي لالي پاپ ذريعي پنهنجون ڪرسيون پڪيون ڪندڙن مان دلي طور تي بيزار ٿي چڪا آهن، انهن کي بار بار آزمائي چڪا آهن، پر کين ڪجھ به هڙ حاصل نه ٿيو آهي. هاڻي سنڌ جي ماڻهن کي اهڙي قيادت گهرجي ٿي، جيڪا صرف سندن لاءِ سوچي، سندن لاءِ جدوجهد ڪري، جن جي مفادن جي ابتدا سنڌ کان ئي ٿيندي هجي ۽ انتها به سنڌ تي ٿئي. جيڪڏهن سموريون قومپرست ڌريون پنهنجا ڏيڍ ڏيڍ فوٽن جا دڪان بند ڪري هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي وڃن ۽ پنهنجي ذاتي مفادن کي ڇڏي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي ڀلي لاءِ، بهتري لاءِ اڳيان اچن ته هي واھ جو موقعو آهي. اهڙي موقعا روز روز نه ايندا آهن ۽ ايڏا سولا به نه ايندا آهن. هي موقعا رت جو هڪ درياھ وهي هلڻ کانپوءِ ايندا آهن ۽ ڪنهن وڏي قرباني بعد ايندا آهن. بشير خان قريشي جي قرباني گڏ ٿيڻ جو هڪ زبردست موقعو فراهم ڪيو آهي. ڇڙوڇڙ ٿيل قيادت جيڪڏهن هن تاريخي موقعي کي به روايتي اناپرستي جي ور چاڙهي نظرانداز ڪري ڇڏيو ته شايد ايندڙ وقت جي آزمائشن کي منهن ڏيڻ ڏکيو ٿي پوي.

بشير خان قريشي پنهنجي سياست جو مرڪز ڪراچي کي بڻايو، اها ڪراچي جيڪا سنڌ جي دل آهي ۽ جنهن دل کي ٽوڙڻ لاءِ پس پردي ۽ ظاهري طور تي ڪيتريون ئي سازشون ٿي رهيون آهن. هن سورهيه سالار جي وڇوڙي کانپوءِ ڪراچي وارو اهو مورچو خالي نه ڇڏڻ گهرجي، ان مورچي کي گڏيل نموني سنڀالڻ جي ضرورت آهي. تازو ڪچهري دوران هڪ دوست چيو ته بشير خان قريشي کي جيڪڏهن رتيديري بجاءِ ڪراچي ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو وڃي ها ته ان جا مستقبل ۾ بهترين سياسي نتيجا حاصل ٿين ها. ان عظيم ليڊر جي آخري آرامگاھ ڪراچي ۾ هجڻ جي ڪري ڪارڪنن جو هر وقت ان طرف پنڌ هجي ها، ٻيو نه تڏهن به ورسي جي موقعي تي سال ۾ هڪ ڀيرو لکين ماڻهن جو اجتماع ضرور ڪٺو ٿئي ها ۽ اهو ۲۳ مارچ جيان سنڌي قوم جي طاقت جو شاندار مظاهرو هجي ها ۽ اهو ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جا خواب ڏسندڙن جي تابوت ۾ ڪوڪو ثابت ٿئي ها.

بشير خان قريشي جي شخصيت ۾ وڏو سحر هو، هي هڪ فرد جي حيثيت ۾ به لکن جي مٽ هو، جنهن کي ڪارڪنن کي پاڻ سان گڏ کڻي هلڻ ۽ رستن تي ٻاهر آڻڻ جو ڀرپور ڏانءُ هو، هن جهڙو ماڻهو ته مشڪل پيدا ٿئي، سندس ڪو به نعمل بدل ناهي، بهرحال جيڪڏهن سندس مشن کي ان ساڳئي جذبي سان، ساڳي سڪ سان، ساڳئي عشق سان اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته ميدان ۾ پيدا ٿيل هن وڏي کوٽ کي پورو ڪري سگهجي ٿو. ڪارڪنن توڙي عام سنڌي ماڻهو جي اندر ۾ پيدا ٿيل ننڌڻڪائي واري احساس کي ختم ڪري سگهجي ٿو.

ڪالھ جيئي سنڌ قومي محاذ جي سڏ تي سڄي سنڌ ڪامياب هڙتال ڪري پنهنجي هڪ هجڻ جو مثال پيش ڪيو آهي. سنڌي ماڻهن ۾ هڪ آواز ٿيڻ جو جذبو موجود آهي، بس کوٽ قيادت جي آهي، جيڪڏهن هن قوم کي بي لوث قيادت ملي وڃي ته هي پنهنجي گڏيل طاقت ذريعي هن ڌرتي جي انچ انچ جي حفاظت ڪرڻ لاءِ تيار آهي، پنهنجا حق، پنهنجا اختيار وٺڻ لاءِ ميدان تي نڪرڻ لاءِ تيار آهي.

بشير خان قريشي جي اوچتي وفات سبب جتي سڄي سنڌ ۾ ڏک جي لهر ڇانيل آهي، اتي سندس موت بابت ڪيترا ئي خدشا به موجود آهن، جيڪي حڪومت جي عدم سهڪار جي ڪري جيئن پوءِ تيئن زور وٺي رهيا آهن. هڪ طرف صوبائي گهرو وزير منظور وساڻ چئي رهيو آهي ته بشير خان قريشي جا وارث جتان به، جنهن به ليبارٽري مان چاهين جزا ٽيسٽ ڪرائي سگهن ٿا، ٻئي طرف ان معاملي ۾ سرڪاري سطح تان ساڻن ڪو سهڪار به نه پيو ڪيو وڃي. بشير خان جي وارثن جو مطالبو آهي ته انهن جزن کي آغا خان ليبارٽري مان ٽيسٽ ڪرايو وڃي ۽ ڪجھ جزا کين به الڳ نموني ڏنا وڃن، جيئن هي به پنهنجي حساب سان انهن جي ٽيسٽ ڪرائي موت جي اصل حقيقتن کان واقف ٿي سگهن، پر سندن اهو مطالبو پورو نه پيو ڪيو وڃي. ٽيون ڏينهن بشير خان قريشي جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرن جي ٽيم، پوليس سرجن ڊاڪٽر صفي الله، هڪ اي ايس آءِ ۽ بشير خان جي پونئرن جي ٻن نمائندن تي مشتمل ٽيم جڏهن جزا کڻي ڪراچي ۾ آغا خان جي ليبارٽري ۾ پهتي ته ليبارٽري جي انچارج کين سيڪريٽري صحت جو ليٽر کڻي اچڻ لاءِ چيو ۽ جڏهن ان ليٽر جي سلسلي ۾ هنن سيڪريٽري سان ملاقات ڪئي ته هن ليٽر ڏيڻ کان انڪار ڪندي اهي جزا سول اسپتال ڪراچي جي ان پيٿالاجي ليبارٽري ۾ موڪلي ڇڏيا، جتي گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڪو به ڪواليفائيڊ ڊاڪٽر مقرر نه ٿيل آهي. ليبارٽري انچارج لاءِ ماليڪيولر بائلاجي ۾ ايم ايس سي جي ڊگري هجڻ لازمي آهي، جيڪا پيٿالاجي ليبارٽري جي انچارج وٽ ناهي. ۱۰ اپريل تي پهتل اهي جزا خبر ناهي ڪهڙي مقصد ۽ نيت تحت هڪ ڏينهن اڳ يعني ۹ اپريل واري تاريخ ۾ جمع ڪيا ويا. هي معاملا ڄاڻي واڻي پيدا ڪيا پيا وڃن يا اڻڄاڻائي ۾ بهرحال انهن سان غلط فهمين ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ سنڌ جيڪا غم ۽ غصي جي انتها تي پهتل آهي، ان کي ويتر وڌايو پيو وڃي، نتيجي ۾ ڪو به شديد ردعمل سامهون اچي سگهي ٿو، ان ڪري هي رويو تبديل ڪيو وڃي. ڪجھ ڏينهن اڳ بشير خان قريشي جي وارثن جو ميڊيا ۾ اهو بيان سامهون آيو ته جزا ڪڍندڙ ڊاڪٽر چئي رهيا آهن ته جنهن برني ۾ جزا رکيل هئا، اها ٽٽي پئي آهي. وارثن ۽ پارٽي طرفان اهي جزا تبديل ٿيڻ جا خدشا به ڏيکاريا پيا وڃن. حقيقت ۾ هي شيون عوام جي غم ۽ غصي ۾ وڌيڪ اضافو آڻڻ جو سبب بڻجي سگهن ٿيون. بشير خان قريشي وارو ڪيس هاءِ پروفائيل ڪيس آهي، ان کي ٻاراڻي انداز ۾ ڊيل ڪرڻ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو. هن عظيم شخصيت جي موت جا اصل ڪارڻ سامهون اچڻ گهرجن ۽ هر صورت ۾ اچڻ گهرجن.

ارڏي اڳواڻ جو موت ۽ هڙتال جو ڏنل سڏ

خالد ٻانڀڻ

بشير خان قريشي جو بي مهلو موت ۽ اربع ڏينهن سنڌ ۾ شٽر ڊائون ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته سنڌ جا ماڻهو ان انسان سان ضرور پيار ڪندا آهن، جيڪو انهن جي ڏکن اهنجن ۾ دل سان خدمت ڪندو آهي. هن ارڏي ليڊر تي شهادت جي پهرين ڏينهن کان هن مهل تائين منهنجي لاءِ لکڻ ايترو ته ڏکيو آهي، جيئن ماڻهو پنهنجو پاڻ تي ناهي لکي سگهندو. ڇو ته بشير خان قريشي اسان جو هيو، اسان ۾ هيو ۽ اسان پنهنجي اندر ۾ هميشه هن کي پسيو آهي.

سن جي سيد کان وٺي هن ارڏي انسان تائين سنڌ ڄڻ مهڪندي هئي، هو سنڌ هئا ۽ سنڌ انهن ۾ ٻهڪندي هئي. رات جي پوئين پهر ۾ جڏهن بشير خان قريشيءَ جي موت واري خبر منهنجي مٿان وڄ وانگر ڪري هئي ته ڪيترا ڪلاڪ ننڊ نيڻن مان هلي وئي هئي ۽ پنهنجي روح سان روئي پيو هوس. اصل هوش حواس ختم ٿي ويا هئا. سڄو ڏهاڙو ويڳاڻپ ۾ گذاريو هو ۽ مون ڏٺو هو ته جتي سڄي سنڌ سوڳوار هئي، اتي وڻ، پکي، بر، ڏهر، ڀٽون، روڊ، رستا، گهٽيون وستيون واهڻ سڀ اداس نظر آيا هئا.

شهيد راڻيءَ کانپوءِ بشير قريشيءَ جي وڇوڙيِ ماڻهن جا اندر وڍي ڇڏيا آهن. آخر ڪيستائين سنڌ پنهنجن هيروز جا لاش وصول ڪندي؟ اهو ئي ڪارڻ آهي ته سڄي سنڌ وانگر سکر جا روڊ، رستا، گهٽيون، بازارون، ٽرانسپورٽ کان خالي هئا. اڪثر ٿيندو ائين آ ته ملڪ ۾ ڪيڏا کڻي ڇونه واقعا ٿي وڃن، پر ان جو سکر تي ڪو اثر ناهي پوندو. سمورو ڪاروبار معمول مطابق هلندو رهندو آهي. بشير قريشي جي وڇوڙي واري ڏينهن ته سکر کليل رهيو، پر هڙتال جي ڏنل سڏ واري ڏينهن سکر مڪمل طور بند رهيو. ايتري تائين جو ٻيڙي پان جي مانڊڻي به کليل نظر ڪونه آئي. هڪ هڙتال کانپوءِ ڇا ٿيندو؟ اهو اسان سمورن گڏيل دوستن جو بحث ۽ سوال آهي. شهيد راڻي جي واقعي دوران ۳ ڏينهن بعد ڇا ٿيو. ڄڻ سڀ خير آ. محترمه جا قاتل گرفتار ڪرڻ ته پري جي ڳالھ آهي پر ڪيس جي ڪنهن پيروي به ناهي ڪئي. جيتوڻيڪ سندس پارٽي صدر هائوس کان وٺي وزير اعظم هائوس ۽ سنڌ جي سي ايم هائوس تائين ويٺل آهي. پر شهيدن جو خون اڃان پڪاري ٿو.

بشير قريشي جيتوڻيڪ هن ملڪ جي سيٽ اپ جو حصو نه هيو نه رهيو، بغاوتن جو علمبردار ۽ سنڌ جو اهڙو باغي پٽ هيو، جنهن کي سنڌ ۽ سنڌي عوام جي پيار، ڏکن، اهنجن ۽ خوشين کانسواءِ ٻيو ڪجھ به نظر نه ايندو هيو. هي ارڏو، سيد ۽ سنڌ جو سچو عاشق هيو، جيڪو۲۳ مارچ جي فريڊم مارچ کانپوءِ سامراجي قوتن، سنڌ دشمن ارادن جي مالڪن جي اک ۾ ڪنڊي وانگر چڀجي ويو هو. موت جا جديد سائنسي تجربا اچي ويا آهن، ڪوئي مڃي نه مڃي پر هن سنڌ ڌرتي جي سهڻي پٽ سان اهڙي ئي ڪا ڪار ڪئي وئي آهي. هن وقت جڏهن سنڌ جون حالتون ڏاڍي خطرناڪ موڙ تي اچي بيٺل آهن. اتي اهڙي الميي چڱن ڀلن جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي آهي. وقت جا حاڪم، واڳ ڌڻي، ۽ مُلڪ کي اڏوهيءَ جيان کائيندڙ، آخر ڪستائين سنڌ ماءُ جي جهوليءَ ۾ لاش وجهندا رهندا ۽ آخر اسان ڪيستائين صبر ڪندا رهنداسين؟

ڦيٿا روڪ، دڪان بند، هڙتالون ضرور ٿيڻ گهرجن. پر بشير خان قريشي جي موت جا اصل سبب عوام آڏو اچڻ گهرجن. ڇو ته هن وقت سڄي سنڌ بشير قريشي جي موت تي سواليه نشان بڻيل آهي. هاڻي گهڻو ٿيو. سدائين خون معاف ناهن ڪبا. جيتوڻيڪ جسقم جو قافلو عدم تشدد، لطيف جي پيغام جهڙي خوشبوء کڻي هلندڙ آهي. هي ارڏو بشير قريشي جيڪو صوفياڻي رنگ جو گيڙو رتو رنگ هيو، جنهن ۾ هن وقت تقريبن سڄي سنڌ رنگجڻ شروع ٿي وئي هئي، تڏهن اهڙو ڌڪ سڄو وجود ڏڪائي ويو آهي. هن هڙتال ۾ ڪراچي وري به ساٿ ناهي ڏنو آهي. آخر هو آيل ڌرتي ڌڻين جو حصو ڇو نٿا ٿين؟ سکر جو اهو يگانو، ارڏي ليڊر جو عاشق هيو، جنهن جي تن تي پورا ڪپڙا به ڪونه هئا، پر هڙتال واري ڏينهن سکر جي روڊن تي هاءِ بشير خان، هاءِ بشير خان جون دانهون ڪندو جيڪو ڊوڙي رهيو هو.

تيري محبت کي انتها چاهتا هون،

ميري سادگي ديکھ ڪيا چاهتا هون،

ماڻهو هن دنيا مان هليا ٿا وڃن، پر اُهي چند ماڻهو هوندا آهن، جن جي وڃڻ سان ڪا ڪمي، ڪو خال محسوس ٿيندو آهي. هن وقت سنڌ ۾ بشير قريشيءَ جي وڇوڙي سان سنڌ ۾ اهڙو احساس شدت سان اڀريو آهي.

 


 

بشير قريشيءَ جو وڇوڙو ۽ تبديل ٿيندڙ سنڌ

ڊاڪٽر ايوب شيخ

جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳواڻ بشير خان قريشي جي وفات ۽ ان کانپوءِ سندس پوسٽ مارٽم تي ٿيندڙ سياست ۽ سرڪاري نااهلي جهڙيون ڳالهيون نوٽ ڪندي مان ان نتيجي تي پهتو آهيان ته هاڻي ميڊيا جي طوفاني واءَ ڳالھ اتي پهچائي ڇڏي آهي ته جيڪڏهن سرڪاري اسپتال ڪهڙو به رزلٽ ڏيندي ته ان تي اعتبار نه ڪيو ويندو ۽ خانگي اسپتال کي هر حال ۾ رپورٽ لاءِ وقت گذرڻ کانپوءِ چوڻ جو فائدو ڪهڙو؟ اچو ته ان تڪرار کي ڇڏي بشير خان تي ڳالهايون.

جيئي سنڌ وارن جي لڏي ۾ پنهنجي طبيعت ۾ هاڻي هو عرفان مهدي جهڙو ٿي پيو هيو يا هن کي اها سڌ هئي ته هاڻي هن سان گڏ سندس نظريو ڪنهن به ”بي علمي“ سان جي نٿو سگهي، هاڻي کيس اها ڳالھ پنهنجي دل ۽ دماغ اندر يقين جي حد تائين سمجھ ۾ اچي وئي هئي ته ”رواداري“ وسيلي هو سنڌ جي سياست جو انتهائي ڏکيو ۽ پيچيدو پنڌ ڪري سگهندو ۽ ”وفاداري“ جي لاجواب ۽ لاثاني مظهر سان هو الاهي ماڻهن سان نظرياتي مخالفت جي باوجود پنهنجي مڃتا ماڻي سگهندو. ان ڪري هڪ نئون، محنتي ۽ روادار بشير خان قريشي پنهنجي ارتقائي ڏاڪن (Process) مان گذري رهيو هيو. هن جا ”منٿ ميڙ قافلا“ ۽ برادرين ۾ تڪرار نبيرڻ واسطي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سفر ڪندي، لاڳاپا وڌائيندي ۽ نوان نوان تجربا ۽ دوستيون ڪندي اڳتي وڌنڌي پنهنجي ترقي جي ان ڏاڪڻ تي چڙهندي اوچتو موت هن جي محنت سان ٽڪر ۾ اچي ويو، ۽ بشير خان قريشي جهڙو مڙس ڪيرائي وڌو. موت جڏهن وحشي بنجي يلغار ڪري ٿو ته ان جي آڏو ماڻهن جا احساس، وفائون، محنتون، محبتون ۽ جدوجهدون ڪجھ به ڪري نٿيون سگهن. هن جي بي وقتائتي موت تي سنڌين سميت ٻين ۾ جيڪو ڏک محسوس ڪيو ويو آهي، ان جو سبب سندس جواني ۾ ڪُمهلو موت، سندس زندگي جي آخري ۲۳ مارچ تي ڪراچي واري زبردست مارچ ۽ سندس ڪارڪن هئڻ وارا جذبا آهن. انهن ۽ ٻين تجربن بشير قريشي جي عملي سوچ کي بدلائڻ شروع ڪيو هيو. هن جي بدليل سوچ جو اهم نشان ۲۳ مارچ ۲۰۱۲ع تي ڪراچي جي تاريخي ريلي ۾ ظاهر ٿيو هيو، جنهن پنهنجي توري تڪي لکيل ان تقرير کي پڙهي ۱۹۴۰ع جي قرارداد کي الوداع چيو هيو. سندس سياست جي Mindset ۾ تبديلي هن جي تقرير مان بنا ڪنهن وڌاءَ جي ڪري سگهجي ٿي. اچو ته بدلجندڙ سنڌ جي باري ۾ ڪجھ بحث ڪريون:

 سنڌ بدلجي رهي آهي:

اڄ سنڌ جا سياسي ڪارڪن ڀلي اهي جمهوري سياست ڪندڙ هجن يا قومپرستي واري، انهن کي پنهنجي چوڌاري ٿيندڙ سياست جي باري ۾ مشاهدا ڪرڻا پوندا. سڀ کان اول اها ڳالھ ذهن ۾ رکڻي پوندي ته جيڪو به عوام جي وچ ۾ هوندو، عوام ان کي موٽ ڏيندو. عوام ڪهڙي ڳالھ ۽ رويا پسند ڪري ٿو ان جو جائزو وٺڻو پوندو. اوهان ڪڏهن ان ڳالھ تي غور ڪيو آهي ته پاڪستان ٺاهيندڙ مسلم ليگ ڇو ختم ٿي ۽ هندستان ۾ ڀارت ٺاهيندڙ ڪانگريس پارٽي ڇو زنده آهي؟ پارٽين ۽ تنظيمن کي انهن جا منشور ۽ پروگرام تيستائين جيئرو رکي سگهندا آهن، جيستائين اهي عوام جي آسودگي جي باري ۾ تبديل ٿيل حالتن پٽاندڙ پنهنجو نيون نيون حڪمت عمليون پيش ڪري انهن تي عمل ڪندا آهن. مسلم ليگ کي پاڪستان ٺهڻ وقت سنڌ ۽ هاڻوڪي بنگلاديش جي حمايت حاصل هئي. مسلم ليگ ته ۱۹۰۶ع ۾ ٺهي ئي بنگالين جي ڌرتي تي هئي. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ اُهي مذهبي جماعتون ۽ پنجاب جيڪي پاڪستان ٺهڻ جي حق ۾ نه هئا، تن پاڪستان جي مالڪي جي ٺيڪيداري شروع ڪري ان جي نالي ۾ ملڪ جي عوام سان ڪلور ڪيا، قومي حق غضب ڪيا ۽ سڀ ڪجھ ”ملڪي سلامتي“ ۽ ”مذهب جي پائيداري“ جي نالي ۾ ڪيو ويو. بنگالين ۾ جڏهن عوام جي اميدن تي پورو نه لهڻ جو احساس وڌيو ته بنگلاديش ۾ مسلم ليگ توڙي پاڪستان خلاف نفرتون پنهنجي منطقي انجام تي پهچي ويون ۽ هڪ ڏينهن مسلم ليگ ۽ پاڪستان پنهنجو اصلوڪو وجود برقرار رکي نه سگهيا. مسلم ليگ جي پيدا ڪيل Vacuum (خال) جي ڪري هڪ پاسي کاٻي ڌر جون پارٽيون سامهون آيون ته ٻئي پاسي مسلم ليگ جون متبادل طور مختلف پارٽيون وجود ۾ آيون. ان ڪري هاڻي سوال پيدا ٿيو آهي ته مشاهدي لاءِ عرصو ڪهڙو مقرر ڪجي؟ پاڪستان جي ٺهڻ ۱۹۴۷ع کان يا ان جي ٽُٽڻ واري سال ۱۹۷۰ع کان؟ پر، ڪجھ مشاهدين جو خيال آهي ته ۱۹۷۷ع ۾ جناب ذوالفقار علي ڀٽو جي سرڪار کانپوءِ ضياءَ ۽ مشرف جي اڳواڻي ۾ جيڪي ٻه وڏيون مارشلائون آيون آهن، اهي ۽ انهن معرفت نيون سياسي پارٽيون ۽ تنظيمون خلقجڻ کان مشاهدو شروع ڪجي. ڪجھ تبديليون هي آهن:

(الف) بلوچن ۽ رياست جي پاور پاليٽڪس وچ ۾ ڪشمڪش ۽ تڪرار پنهنجي عروج تي پهتل آهن. پختونن جي نمائنده پارٽي (افغانستان جي حالتن مان فائدو وٺندي) عالمي قوتن سان دوستي وڌائي پاڪستان جي اقتداري ٽڪنڊي ۾ قبوليت حاصل ڪري چُڪي آهي. پاڪستان جي اهم ترين فوج جي بناوٽ هن طرح آهي ته پاڪستاني فوج جو وڏو حصو پنجاب ۽ ننڍو حصو اردو ۽ پشتو ڳالهائيندڙن تي ٻڌل آهي. بلوچ جهيڙي ۾، ۽ سنڌي آسري ۾ آهن.

(ب) پاڪستاني پاور پاليٽڪس ۾ سنڌين جي نمائندگي پيپلزپارٽي جي هٿ ۾ رهي آهي ۽ سنڌين هميشه پ پ پ ۾ آسرا ۽ اميدون رکي رڳو ان ئي پارٽي کي ووٽ ڏنا آهن. عوام جي ان موٽ پ پ پ ۾ اهو خيال پيدا ڪيو آهي ته ”سنڌي ٻيو ڪنهن کي به ووٽ نه ڏيندا“ ٻي معنيٰ ۾ هو سمجهن ٿا ته ڪنهن به متبادل نه هجڻ ڪري هنن جون ڏھ ئي گيھ ۾ آهن. ان سلسلي ۾، پيپلزپارٽي جا حامي يا همدرد دليل طور رڳو ٻن وڏيرن يا وڏيرن نما اميدوارن ۾ ڀيٽ ڪندي اهو خطرناڪ سوال ڪن ٿا ته ”ادا! فلاڻي کي ڇڏي ڀلا فلاڻي کي پنهنجي سر تي ويهاريون ڇا؟“

(ت) سنڌ ۾ مختلف هنڌن تي ووٽ بئنڪ رکندڙ وڏيرن جهڙوڪ سردار علي گوهر خان مهر، سردار خان چانڊيو، الطاف حسين اُنڙ ۽ لياقت علي جتوئي سميت ٻين کي پ پ پ ۽ نواز ليگ پاران پنهنجي قالب ۾ آڻڻ جون ڪوششون ٿينديون رهيون آهن.

(ٿ) ايم ڪيو ايم پنهنجي جنم ساز جنرل ضيا سان ۱۹۸۴ع کان فوج ۽ رياست جي همنوا پاليسي سازن سان گڏ رهي آهي، سنڌي وري ان جي ابتڙ قومپرست پاور پاليٽڪس کان نفرت ڪري پاليسي سازي جي سموري عمل کان ٻاهر رهيا آهن. ان عمل جي ڪري ايم ڪيو هر محاذ تي ۽ سنڌي قومپرست ڪنهن به اقتداري محاذ تي موجود ناهن.

اها ڳالھ نوٽ ڪرڻ گهرجي ته مذهبي تنظيمن پاران ۱۹۷۷ع کان ڪشمير ۾ ڀارت مخالف ڪئمپن ۾ گذريل چاليهن سالن ۾ جهاد لاءِ موڪليل هزارين نوجوان تيار ٿيا آهن، اهي پڻ سياسي ميدان ۾ موجود آهن. ايم ڪيو ايم پنهنجي ميمبرن، همدردن ۽ رياستي حمايت سان موجود آهي. پيپلزپارٽي سنڌ ۾ چاليهن سالن جي سياسي جدوجهد، اقتداري ۽ مخالف ڌر جي تجربن، ليڊرشپ جي قرباني ۽ ڪارڪنن سان ٿيل جُٺين جو داستان سميت موجود آهي. سنڌ ۾ ڪيئي قومپرست گروپ موجود آهن، انهن قومپرستن ۾ خاص فرق هي آهي ته هڪڙا ”سنڌ کان ٻاهر“ سياست ڪرڻ کي ڏوھ ٿا سمجهن ۽ ٻيا وري ”سنڌ ۾ محدود“ ٿي سياست ڪرڻ کي غلط ٿا سمجهن. پنهنجي عمل ۾ ٻيئي هڪٻئي کان متضاد به آهن ته ابتڙن جو ميلاپ به آهن.

سنڌ جي اهڙي ماحول ۾ جتي سياست ڪرڻ لاءِ وڏو فصل موجود آهي، کوڙ فصل جوان ٿي رهيو آهي، اهڙي ماحول ۾ سنڌ جو مناسب تجزيو ڪرڻ ۽ سياسي توڙي سماجي رنگ ڏسڻ کانسواءِ ۽ اهڙو مشاهدو ڪرڻ کانسواءِ ڪير به ڪامياب ٿي نٿو سگهي. جيڪڏهن سنڌ ۾ ماحول اهو ئي رهيو ته ان سان جيڪي نتيجا سامهون ايندا، تن تي ڳالهائڻ جي ڪا به گهرج ناهي. ياد رکجو! ڪئلي جيئري رهڻي آهي ۽ ڊائناسورس کي مرڻو آهي.


 

بي وقتائتن وڇوڙن مان سنڌ ڇا پرايو؟

اعجاز علي خواجه

موت کي ميار ڏيڻ حقيقت ۾ فطرت جي اصول جي برعڪس آهي، پر اوچتو موت Untimely death مجبور ٿو ڪري ته موت کي ميار ڏجي. سنڌ اڄ هڪ دفعو وري سڪتي ۾ ورتل آهي. گذريل صديءَ کان وٺي هن صدي جي پهرين ڏهاڪي ۾ اسان سنڌين بي وقتائتا موت وڌيڪ ڏٺا آهن ۽ پوءِ ان بي وقتائتي موت جي ڪري ڀوڳيو به آهي. موت هڪ حقيقت آهي، ان ڪري اهو قبول ڪرڻو پوندو. محترم بشير خان قريشي جو بيوقتائتو موت اسان سڀني سنڌين لاءِ هڪ سانحو آهي. بشير خان قريشي هڪ ارڏو بهادر سياستدان ۽ ليڊر هو. سياستدان ته هرڪو ٿي سگهي ٿو، پر سياسي اڳواڻ ٿيڻ هر ڪنهن جي وَس جي ڳالھ نه آهي.

بشير خان هڪ اهڙو سياسي اڳواڻ هو، جنهن سنڌين کي اڄ جي حالتن پٽاندڙ بهادري سان اڳتي وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي. اڄ جن حالتن مان سنڌ گذري رهي آهي، انهن حالتن ۾ بشير خان قريشي جو اسان جي درميان هجڻ انتهائي ضروري هو. اسان سنڌين کي جنهن دَڳ ڏانهن سورهيه بادشاھ ۽ ان کانپوءِ سائين جي ايم سيد وٺي وڃي رهيو هو، ان دڳ جو تسلسل بشير خان قريشي هو. هن دور ۾ هي ارڏو شخص ميدان ۾ بيهي چئي رهيو هو ته، هزارين سالن کان آزاد رهندڙ سنڌي قوم کي هاڻ زنجيرون ٽوڙڻيون پونديون! اِهو آلاپ هن دور ۾ فقط سچائيءَ سان بشير خان قريشي الاپي رهيو هو، جنهن سڪتي ۾ اڄ سنڌي قوم ورتل آهي، لڳي ٿو ته اسان سڀ سنڌي بشير خان قريشي جي ڏنل سڏ ۾ گڏ آهيون.

اسان هميشه دنيا ۾ اهو ڏٺو آهي ته سانحا قومن کي گڏ ڪندا آهن، پر اسان سنڌي سانحن مان سبق سکڻ جي بجاءِ يا گڏ ٿيڻ بجاءِ ڇڙوڇڙ ڇو آهيون؟ سائين جي ايم سيد جي وڇوڙي کان وٺي اڄ ڏينهن تائين قومپرست سياست پنهنجي اصل سڃاڻپ کان پاسيرو ٿي بيٺي آهي. جنهن سياست جي ڪا به سمت نه هجي، اها ڪهڙا سياسي اڳواڻ پيدا ڪندي؟ ان ڪري مون شروعات ۾ لکيو آهي ته سياسي اڳواڻ پيدا ڪرڻ ڏاڍو مشڪل آهي، بشير خان قريشي هن دور جو هڪ سياسي اڳواڻ ٿي اڳيان آيو، پر هڪ دفعو وري بيوقتائتي موت سنڌين سان وڏي بيوفائي ڪري ڏيکاري.

اسان سنڌين کي اڄ قومپرستي جي سياسي ميدان ۾ هڪ صحيح سمت ۽ هڪ سياسي اڳواڻ گهرجي، جيڪو سنڌين کي وقت پٽاندڙ اڳيان بهادري سان وٺي هلي. بشير خان قريشيءَ جنهن انداز سان سنڌ جي هر واهڻ ۽ وسندي جو دورو ڪري سنڌين کي پنهنجي تڪليفن ۽ اُن جي نجات لاءِ جهڙي نموني موبلائيز (Mobilize) ڪيو، اهو ۲۳ مارچ تي ڪراچي ۾ ٿيندڙ فريڊم مارچ مان ثابت ٿي چڪو آهي. اڄ قومپرست سياست جيڪڏهن سچائي سان گڏ ٿي سنڌين جي طاقت کي يڪجا ڪري ته سڀ ڪجھ واپس اچي سگهي ٿو. اسان سنڌين گذريل هڪ صدي کان وٺي پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ شهادتون ڏنيون آهن، سورهيه بادشاھ کان وٺي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي، شهيد شاهنواز ڀٽي، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽي ۽ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽي تائين شهادتون اسان سنڌين جو مقدر رهيون آهن. انهن سڀني شهادتن ۽ بيوقتائتي موت اهو سبق سيکاريو ته اسان سڀ سنڌي گڏ ٿيون ۽ گڏ ٿيڻ ۾ ئي اسان جي مسئلن جو حل آهي.

اسان جا سنڌي سياستدان، جيڪڏهن گڏ ٿي قومپرست سياست جا بنيادي اصول (Core principles) طئي ڪن ۽ پوءِ Issue based سياست ڪن. جيڪڏهن الڳ ٿي سياست ڪن ٿا ته اُن جو بنيادي اصولن تي ڪو به فرق پوڻ نه گهرجي. سنڌ کي هن وقت سياست ۾ هڪ گڏيل محاذ تي ڪم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي.

بشير خان قريشيءَ جو بيوقتائتو وڇوڙو ته ٿي چڪو آهي، پر اهو وڇوڙو خود سوال پُڇي ٿو ته منهنجي اچڻ جي ته ڪا به مُند ڪونهي، پر اوهان سنڌين منهنجي بي وقت اچڻ مان ڪهڙو سبق پرايو آهي؟ ان سوال جو جواب مِلڻ کپي!

استاد بخاريءَ چيو آهي ته،

اوتون آڇيندو

جوتون ورڇيندو

ايندو ويندو ڪو

ماڻهو جي مَرجات نه مَرڻي

ماڻهو موکيندو

ايندو ويندو ڪو

بستي بستي موسم موسم

خوشبو کيڙيندو

ايندو ويندو ڪو!


 

قومي تحريڪ کي لڳل گهاءُ ۽ سنڌ جو آئيندو!

بئريسٽر ضمير گهمرو

سنڌ جي وشال ڌرتي آدجڳاد کان پنهنجي خوشحالي، امن ۽ آشتي لاءِ پنهنجي پٽن ۽ ڌيئرن جي من ۾ سپنن جي ساڀيان لاءِ جوت جلائي آهي. هيءَ اها سنڌ آهي، جنهن لاءِ تازو آمريڪي محققن اهو چيو آهي ته، سڀ کان قديم تهذيب دنيا ۾ سنڌ جي آهي ۽ سنڌ ۾ ئي پهرين انسان جنم ورتو. سنڌ پنهنجي سڀيتا جي شاندار هجڻ تي فخر ته ڪري ٿي، پر جڏهن کان دنيا ۾ هڪ ٻئي جي تهذيبن يا موجوده دور ۾ رياستن وچ ۾ کليل حملن ۽ جارحيت جي ايجاد ٿي ته تشدد ۽ افرا تفري واري دور ۾ به سنڌ پنهنجي اهنسا ۽ عدم جارحيت واري آفاقي اصول تي سڄي دنيا ۾ واحد سڀيتا طور ڪاربند رهي. هن جارحيت يا تشدد کي پنهنجو اصول ڪڏهن نه مڃيو توڙي جو عالمي ۽ علائقائي حمله آور سندس اقتدار اعليٰ ۽ سالميت کي ڇيهو رسائيندا رهيا. سنڌ جي ان وٿ ۽ گڻ هٻڇ، لالچ ۽ لوڀ پويان ڊوڙيندڙ پاڙيسري توڙي عالمي ڪاٽڪن ۽ جارحيت بازن کي حيران ڪري ڇڏيو.

سنڌ ويهين ۽ ايڪويهين صدي ۾ وفاق يا وفاق کان ٻاهر پنهنجي مضبوط رياست واري حق کان محروم رهي، توڙي جو ويهين صدي جي شروعات ۾ ئي پهرين جنگ عظيم کان پوءِ آمريڪي صدر وڊرو ولسن (Woodrow Wilson) وڏي واڪي اعلان ڪيو هو ته جيستائين ڪنهن قوم لاءِ رياست جو حق تسليم نه ڪيو ويندو، دنيا ۾ جنگ ختم نه ٿيندي. وڊرو ولسن جو اهو جڳ مشهور قول ”هڪ قوم، هڪ رياست“ پوءِ ليگ آف نيشنس (League of nations) ۽ اقوام متحده (United Nations) حق خودداريت واري ان اصول کي پنهنجي منشور جو حصو بڻايو. اهو اصول يورپ، آمريڪا، آفريڪا، وچ اوڀر جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ لاڳو آهي، پر سنڌ جا موڀي پٽ سنڌ جي هندستان جي وفاق ۾ صوبائي حيثيت (سنڌ جي ممبئي کان عليحدگي) توڙي ويسٽ پاڪستان کان عليحدگي (ون يونٽ) لاءِ به جدوجهد ڪندا رهيا، جيڪا جدوجهد کين کي ساڀ پئي.

وفاق جي اندر به جڏهن ۱۹۴۰ع جي قرارداد جي خلاف ورزي ڪندي سنڌ تي آمريت ۽ عملي طور ون يونٽ مڙهيو ويو ته سنڌ پنهنجي پنج ڪروڙ عوام جي خوشحاليءَ لاءِ سنڌ رياست کي وفاق يا وفاق کان ٻاهر عالمي، توڙي ڏيهي قانونن هيٺ هڪ مضبوط رياست ٺاهڻ لاءِ پئي واجهائيندي رهي، توڙي جو اهڙو عالمي ۽ آفاقي اصول دنيا جي اڪثر قومن لاءِ مڃيو ويو آهي، ڇو ته ٻي جنگ عظيم کان پوءِ ته اهو طئه ڪيو ويو ته ڪنهن به قوم کي ٻي قوم جي جابرانه تسلط هيٺ هرگز نٿو رکي سگهجي. سنڌ ان آفاقي، عالمي، قانوني، آئيني اصولن هيٺ ۱۹۴۷ع کان مرڪز ۾ يا مرڪز کان ٻاهر پئي جهيڙيندي رهي آهي. پنهنجي ڳڀرن جا چچريل لاش پنهنجي آجپي کي آڇيندي رهي آهي، ڇو ته کوڙ صديون اڳ ديو مالائي قصن ۾ اهو ٻڌو ويو آهي ته آجپي جي ديوي سنڌ کان رٺل آهي ۽ ان جي مڃتا لاءِ نوڙي کيس مڃائڻ لاءِ سنڌ کي پنهنجي ڳڀرو پٽن جو رت آڇڻو آهي ۽ پوءِ ئي آجپي جي ديوي سنڌين تي راضي ٿي، سندن جي سڀيتا يا موجوده دور ۾ رياست بحال ڪرائيندي. سنڌ جي ارڏي، جوڌي، ميڻ کان نرم، پر جبل کان مضبوط ڪردار بشير قريشي جي شهادت به سنڌ جي ان آجپي واري سفر جي ڪڙي آهي. سنڌين جڏهن کان پنهنجي سڀيتا ۽ نتيجي طور رياست وڃائي آهي. اڄ ڏينهن تائين آجپي وارو ديوتا سندس کان رُٺل آهي. بشير قريشي پنهنجي سر جو دان کيس ارپيو آهي ۽ زمين توڙي آڪاش ۾ گردش آهي، غبار آهي ته آجپي واري ديوتا جون اکيون کليون آهن ۽ هن سنڌ جي ٻاڪار کي ورنائي ورتو آهي. سنڌ ۾ هزارين، لکين، ڪروڙين انسانن جون دليون اُن قرباني تي پنهنجي فخر سان اوچيون آهن، ڇو ته جيستائين آجپي جي ديوتا کي قربانين سان راضي نٿا ڪن، سندن ڦريل سڀيتا، امن، آشتي واپسي موٽي نه ٿي سگهي.

ڪجھ قلمڪار، سرت ڀريا ساهتيڪار اهو پئي چوندي ٻڌا ويا آهن ته ڀلا آخر آجپي جي ديوي لاڙڪاڻي جي ڳڀرو جوانن کي ئي ڇو چونڊيو آهي؟ اها به هڪ عجيب ماجرا ۽ اسرار آهي ته مهين جي دڙي جي ڀرسان ئي ڳڀرن جي قبرن جون قطارون ٺهنديون پيون وڃن، ڇو ته اوائلي تهذيب جا اهڃاڻ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ آهن، ته شايد قسمت جي ديوي کي دان به اتان ئي گهرجي ٿو ۽ اهو کيس پسند به اچي ٿو ۽ سنڌ واسي ڀري ڀري ڳراٽڙيون لڳائي اهو سوال ڪن ٿا ته آخر جڏهن جمهوريت جي ديوي لاڙڪاڻي جو دان ۲۷ هين ڊسمبر تي ورتو ته جمهوريت ته بحال ٿي، پر ۷ اپريل واري ٻليدان کان پوءِ آجپي جي ديوي سنڌ کي اڳتي کڻي ويندي؟ ڇو ته هن پنهنجي لاءِ ٻليدان وڏو ورتو آهي. اهڙو ئي جهڙو ۲۷ هين ڊسمبر تي جمهوريت جي ديوي ورتو هو ۽ سنڌين اهو سمجهيو ته جمهور ڪو سڀيتا موٽائي ڏيندو، پر سڀيتا ته موٽي نه ملي، پر سنڌي جمهوريت واري ديوتا کي ڇڏي آجپي واري ديوي کي ٻليدان آڇڻ لڳا ۽ ٻليدان به اهڙو ڏنائونس، جنهن تي سنڌ فخر ۽ ناز پئي ڪيو. ڪن کي پڪ آهي ته آجپي واري ديوي لاءِ اهو ٻليدان ڪافي آهي ۽ ڪجھ چون ٿا ته آجپي واري ديوي هڪ دفعو تاريخ ۾ قومن تي ناراض ٿيندي آهي ته اها پنهنجي ٻليدان لاءِ قومن جا جگر گهرندي آهي، گهوٽ گهرندي آهي، ساڃاھ گهرندي آهي ۽ سنڌ جو به ان ديوي سان هاڻي پڪو پھ آهي ته ڀل ڪيترو به ٻليدان گهري پر سنڌ پنهنجي مهين جي دڙي واري سڀيتا جو اوج واپس وٺڻ چاهي ٿي، خوشحال ۽ پرامن رهڻ چاهي ٿي. هن ان ديوي کي رسائي تاريخ ۾ وڏو ڀوڳيو آهي. بک، بدحالي، برداشت ڪئي آهي. بشير قريشيءَ جهڙي ڳڀرو جي ٻليدان تي ديوي اکيون کوليون آهن ۽ سينڊ ڏئي رهي آهي ته هاڻ هي سنڌ پنهنجي وجود لاءِ واڪا ڪري رهي آهي. مارچ ۱۹۴۲ع کان وٺي جڏهن ڦوھ جواني ۾ صبغت الله شاھ راشدي آجپي جي ديوي کي پنهنجو پاڻ آڇيو هو ته ان کان پوءِ وقت بيهي رهيو. تاريخ جو رخ ٻئي پاسي مڙي ويو. هينئر ايترين صدين سالن جو تسلسل وري ٽُٽو آهي. جمهور جي ٻليدان سنڌ لاءِ سانيڪر ثابت نه ٿيو، ڇو ته اهو به تاريخ جو اونڌو رخ هو ۽ هينئر وارو رخ شايد پاڻ طئه ٿيو آهي، ڇو ته بشير قريشيءَ جي شهادت تي عام ماڻهو ئي نه، پر سنڌ جي وشال ڌرتي ۽ ان مٿان نيرو آسمان نه رڳو رنو آهي، پر حيران به آهي ته ڇا سنڌ آجپي کي اهڙو ٻليدان به آڇي سگهي ٿي؟

بشير قريشي هڪ اهڙو صوفي منش هو، جنهن صدين کان سنڌين جي سڀيتا موٽائڻ واري تسلسل کي بي ڊپو ۽ بهادري سان جاري رکيو. هن جڏهن هن ڌرتي تي اک کولي ته سندس ڌرتي ون يونٽ جي ڳٽ ۾ ڦاٿل هئي. هن الهڙ جواني ۾ ئي سيد جي چيچ ورتي ۽ ڌرتيءَ جي حقن لاءِ ابو جهاد ٿي اڀريو. سيد جي وڇوڙي کيس جهوري ڇڏيو، جواني ۾ ئي ڪلهن تي ڳرا بار پئجي ويا. هو سنڌ جو صدين جو سپنو کڻي ساڀيان لاءِ جهر جهنگ جوڳين وانگر ووڙيندو رهيو ۽ پنهنجي مقصد ۾ ڪامل ايمان کيس اڏول انسان بڻائي ڇڏيو. سنڌ جي وحدت تي وار واري جنگ هجي، پاڻي، ناڻي، ڌارين جي آبادڪاري، يا سنڌ جي ورهاست وارو معاملو هجي، هو نتيجن جي پرواھ کان سواءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو. سنڌ هن جي شخصيت ۾ محور ۽ سن هن جو سياسي قبلو هيو، هو ڪٿي به نه گُٿو ۽ نوجوانن جي اهڙي کيپ تيار ڪيائين، جيڪا سندس عاشق هئي. ”سنڌ بچايو ڪاميٽي“ ۾ جڏهن سنڌ جي انتظامي ورهاڱي توڙي نوَن صوبن جي معاملن تي هڙتال جو سڏ هجي يا مظاهرن ۽ احتجاج جو ته هر اک پهريون بشير قريشيءَ تي کپندي هئي ۽ هن جي منهن تي ڪڏهن به مون گهنج نه ڏٺو. سندس شخصيت ملنسار، بي پناھ پيار ۽ پاٻوھ سان ٽمٽار هئي. سنڌ سندس سڪ کي پاڻ ۾ سمائي ته سگهي ٿي، وساري نه ٿي سگهي.

سنڌ جي مٽي جڏهن به گهڙي، تراشي خوبصورت ماڻهو ٺاهيا آهن، اهي علائقائي ۽ عالمي افراتفري جو بک بڻيا آهن، ڇو ته سنڌ جو آفاقي، آئيني ۽ عالمي اصولن هيٺ مڃيل هڪ ئي مقصد ۽ حق آهي ته کيس پنج ڪروڙ ماڻهن کي پالڻ لاءِ، انهن کي سکيو ستابو بڻائڻ لاءِ وفاق يا وفاق کان ٻاهر هڪ مضبوط رياست جي ضرورت آهي، ڇو ته مضبوط سرڪار ۽ رياست کان سواءِ سنڌ نه ته سک جو ساھ کنيو آهي، نه کڻي سگهي ٿي ۽ سنڌ جو اهو آفاقي، تاريخي، قانوني موقف نه ڪنهن خلاف جارحيت تي ٻڌل آهي، ۽ نه ڪنهن عناد تي. هينئر سنڌ جو نوجوان نسل سمجهي ٿو ته ڳڙهي خدا بخش جي پٽن وفاق جي اندر سنڌ کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته به کين نه بخشيو ويو، ته وفاق کان ٻاهر سنڌ جي آئيندي لاءِ جاکوڙيندڙ رتوديرو جي هن ڳڀرو کي ڪيئن بخش ڪيو وڃي ها. خير ڳڙهي خدا بخش جا شهيد ته اقتدار ۾ به رهيا ته آخر هن يگاني ۽ صوفي منش سرواڻ کان ڪرتاتن، ڌرتائن کي ڪهڙو خطرو هو؟ هو نه اقتدار جي پويان هو نه کيس ڪنهن ڪرسي جي لالچ هئي، اهنسا هن جو محرڪ هيو ته آخر کيس ڇو ختم ڪيو ويو؟

رتيديري ۾ وڃڻ وقت مون کي محسوس ٿيو ته بشير قريشيءَ جي رواجي طبعي موت واري ٽي وي اعلان نوجوانن کي متاثر ئي نه ڪيو آهي. هن جي موت کي ڪو فطري چوڻ لاءِ تيار ئي نه هو. ان جو شايد بنيادي سبب اهو ئي ته سنڌ گڏيل ڏاهپ ۽ فهم جي امين رهي آهي ۽ سنڌ جي گڏيل ڏاهپ پهرين ڏينهن تي بشير قريشيءَ جي فطري موت کي رد ڪري ڇڏيو، ڇو ته ماضي جي ڪرت ٻڌائي ٿي ته سنڌ جي سوچن مٿان سڌا وار ٿيندا رهيا آهن. هي اڻ لکو وار ڪنهن جي وهم گمان ۾ نه به هجي، پر سنڌ سمجهي وئي ته بشير قريشيءَ جي موت واو معمو فطري نه آهي. توڙي جو چانڊڪا جي ڊاڪٽرن هڪ ٽي وي چينل جي ان خبر جي ترديد ڪئي ته اسين ڪا به رپورٽ جاري نه ڪئي آهي، پر ان ٽي وي چئنل رپورٽ جي باري يا نه جاري هجڻ جي ڪا ڳالھ نه ڪئي ته ترديد ڇا جي؟ هن ته صرف ايترو چيو ته هنن کي خبر پئي آهي ته ڊاڪٽرن جيڪا ابتدائي رپورٽ تيار ڪئي آهي، ان ۾ بشير خان جو موت زهر ذريعي ٿيل ڏيکاريو ويو آهي ۽ آخري رپورٽ ڪيميڪل ليبارٽري کان اچڻ بعد ئي پڌري ڪئي ويندي. ان مان گهٽ ۾ گهٽ اهو ته ظاهر آهي ته بشير قريشي طبعي موت نه مئو آهي، جنهن جي جاچ ٿيڻ گهرجي. سنڌ جو عوام بينظير وانگر هن شهادت کي لَئي مٽي ٿيڻ نه ڏيندو. سنڌ گذريل ڪجھ سالن کان سياسي ڇلانگون هنيون آهن ۽ پاڻ ۽ پنهنجي نسلن سان ٿيندڙ انياءَ کي نروار ڪيو آهي. ان جدوجهد جو سر موڙ هيرو بشير قريشي هو. هو محور هو سياست جو ۽ هن جي ذاتي سڀاءَ کيس محبت جو محور به ٺاهي ڇڏيو هو. سنڌ خطي ۾ علائقائي ۽ عالمي صورتحال جي تبديل ٿيڻ کان پوءِ تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي سياسي حيثيت مڃرائي رهي آهي ۽ ڏيهي طاقتن جا لالچ ۽ لوڀ تي ٻڌل مفاد سندس آدرشن سان تڪرار ۾ آهن. توڙي جو اها پنهنجي حقن لاءِ، نه ڪي ٻين سان زيادتين لاءِ وڙهي رهي آهي. ان ڪري رياست تي جڏهن به عالمي ۽ علائقائي دٻاءُ پيو آهي ته به ان جي ڏمر جو بک سنڌ بڻي آهي. فطرت جڏهن پاسو ورائيندي آهي ته اها هٺ، غرور تي ٻڌل شهنشاهتون تباھ ڪري ڇڏيندي آهي. اسٽيبلشمينٽ جو هٺ ۽ غرور هيڻن تي ته هلي ٿو، پر ڪنهن ڏاڍي جي آڏو اهي ڪري پون ٿا. جڏهن پنجاب کي سندس مفاد ۾ اها راءِ ڏني ٿي وڃي ته هو خطي جي مفاد خاطر سنڌ، بلوچستان ۽ پختونخوا جي برابري کي تسليم ڪري، ڇو ته پرڏيهي طاقتون سندس اقتدار اعليٰ جي پويان آهن ته هو اهڙي خير خواھ راءِ کي ڀسم ڪري ڇڏي ٿو، جيڪا هينئر خود سندس مفاد ۾ آهي. ڇو ته هن خطي جون Indus states يورپي ڏيهن وانگر برابري جي بنياد تي هلي سگهن ٿيون، اڻ برابري ۽ ڏاڍ جي بنياد تي هرگز نه. وڏي صوبي جي اها هوڏ هن خطي ۾ جنگ، افرا تفري ۽ تشدد کي جنم ڏئي رهي آهي. وڏو صوبو طاقت جي نشي ۾ ڪنهن به ڊائلاگ ۾ يقين نٿو رکي ۽ اين ايف سي ۽ ۱۸ هين ترميم جهڙي چال کيڏي قومن تي ٿورو ڪري ٿو، پر کيس خبرنه آهي ته قومن سندس خيال کي سمجهي ورتو آهي. سنڌ پوءِ به برابري، امن ۽ آشتي هيٺ هلڻ لاءِ سهمت آهي، جيڪا ڳالھ هن خطي جيڪو افغانستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ آهي، ان ۾ امن، آشتي ۽ ترقي لاءِ تمام ضروري آهي. ۲۱ هين صدي ۾ هر قوم سمجهي ٿي ته اها پنهنجي مضبوط رياست کان سواءِ پنهنجي ماڻهن کي خوشحالي نٿي آڇي سگهي ۽ هن ملڪ جا ڪرتا ڌرتا ان اصول کي ۱۹۴۰ع ۾ مڃي چڪا آهن ته اهڙي يونين ٺاهڻي آهي، جيڪا آزاد، خودمختيار رياست تي ٻڌل هجي. ٺيڪ اهڙي طرح جيئن يورپي يونين آهي، جنهن ۾ قومي وحدتون آزاد ۽ خودمختيار آهن. پر علائقائي طور تي هڪ يونين ۾ سلهاڙيل آهن، ڇو ته ڪشمير کان سنڌي سمنڊ تائين هي رياستون جنهن کي ماضي ۾ سپت سنڌو سڀيتا جو نالو ڏنو ويندو هو، ٻاهرين مداخلت کان تڏهن ئي بچي سگهن ٿيون، جڏهن هر هڪ وحدت سنڌ، بلوچستان، پنجاب، سرائڪستان، ڪشمير، گلگت ۽ بلتستان توڙي پختونخوا پنهنجي ۽ هڪ ٻئي جي آزادي ۽ خودمختياري جو احترام ڪن ۽ عوام جي گڏيل خوشحالي کي يقيني بڻائين. اهڙي بنيادي اصول کان ۲۱ هين صديءَ ۾ ڪن لاٽار هن سڄي خطي جي رياستن کي تاراج ڪندي ۽ پنجاب خود انڊو-آمريڪن تسلط حوالي ٿي ويندو، جنهن کان بچڻ لاءِ ضروري آهي ته هو برابري ۽ آزادي جي بنياد تي جيڪو بنياد ۱۹۴۰ع ۾ طئي ٿيو هو، ان کي قبول ڪري. ان ئي سبب جي ڪري ۲۳ مارچ تي بشير قريشيءَ جي اڳواڻي ۾ لکين ماڻهن جي سمنڊ ان بنيادي عهدنامي کي به رد ڪري ڇڏيو، ڇو ته نه ته ان کي مڃيو ويو آهي ۽ نه حڪمران ان تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار آهن، توڙي جو اهو مينار پاڪستان تي لکيو ويو آهي. ستم ظريفي اها آهي جو ملڪ جا ٽئي آئين ان بنيادي عهدنامي جي خلاف ٺاهيا ويا، جيڪي هن ملڪ جي ماڻهن وچ ۾ ڪو بنيادي عهدنامو نه ٿي سگهيا ۽ نتيجي طور هر قوم پنهنجي لاءِ هڪ مضبوط رياست جي متلاشي آهي ته جيئن اها پنهنجا وسيلا پنهنجن ماڻهن تي استعمال ڪري سگهي ۽ کين خوشحالي ۽ امن آڇي سگهي.

جڏهن هي ملڪ بنيادي عهدنامي جي خلاف ورزي جي ڪري بحران جي وَر چڙهيل آهي، تڏهن به اصل معاملي کي ڪپڙي هيٺان لڪائي نمائشي موضوعن تي بحث ٿي رهيو آهي. نام نهاد اردو ۽ انگريزي ميڊيا سنڌ جي قومي ميڊيا سان ٽڪراءَ ۾ آهي. ايتري حد تائين جو سنڌ ٻري رهي آهي، هو نمائشي موضوعن تي بحث ڪري رهيا آهن. سنڌ پنهنجا ڳاڙها ڳڀرو وڃائي به پنهنجي ان تاريخي منزل ڏانهن روان دوان آهي، جنهن کان سواءِ سنڌ ۽ خود هن خطي جي خوشحالي ممڪن نه آهي. بشير قريشي جسماني طرح اسان کان جدا ضرور ٿيو آهي، پر هن جو روح اڄ به سنڌ جي سٻنڌ ۾ مرڪي رهيو آهي، ڇو ته ان جي شهادت آجپي کي اهڙو ٻليدان ڏنو آهي، جنهن ڪري آجپي جي ديوي خود حيران آهي ته ڇا آجپو سنڌ جي روح جو اهڙو پيڪر آهي، جنهن کان سواءِ سنڌ بيچين آهي. بشير قريشيءَ جي قرباني سنڌ جي سينڌ سنواري آهي ۽ ظالم قوتن ۾ ڦر ڦوٽ آهي. آئيندو سنڌ جو آهي ۽ اها تحرير هاڻي لکجي چڪي آهي.

 


 

هو سنڌ تي سوچڻ لَئه، سيد ڏانهن لَڙي ويو آ

مولائي ملاح

توڙي جو ان جي وڇوڙي کي اَڄُ اٺون ڏهاڙو به اچي پورو ٿيو آ؛ پر سنڌجي ندورن نيڻن مان لُڙِڪن جون وهندڙ نيئون اڃا به جاري آهن. سنڌي ماڻهن جي مَنَ اندر ۾ اڃان به ماتمي ماحول جُڙيل آهي. ڪا به دل اڃا اِهو مڃڻ لاءِ تيار ئي ناهي ته؛ ڪو سنڌ جو ’خان‘ کانئن وڇڙي ويو آهي. پر ويٺي ويٺي دکي دل مان اِها سرد آھ به ٻُري رهي آهي ته:

بڑی مشکل سے ہوتا ہے چمن میں دیدہ ور پیدا

هن ارڏيَ پٽ جو سيد ۽ سنڌ سان عشق انهيءَ الهڙ وهيءَ ۾ ٿيو جيڪا وَهي بهار رُت جي جھونڪي جيان من کي موهيندڙ ۽ گلن کي سونهن اَرپيندڙ هوندي آهي. پر هن کي سيد جي فڪر ڌرتيءَ جي عشق ۾ اهڙو ته رنڱي ڇڏيو جو هن کي زماني جي ڪنهن به عشق کي ڏسڻ جي ضرورت ئي محسوس نه ٿي ۽ هو سيد ۽ سنڌجي عشق ۾ ساھ جي سڳي ٽٽڻ تائين ثابت رهيو: ’سنڌ سان اهڙي جند جُڙي_ جو ٻيا دل وارا وسري ويا‘

هي سادو ۽ سٻاجھڙو ٻار عشق جي فلسفي ۽ ان جي لاهن چاڙهن ڏکين گھڙين کان اڻ واقف هو، پر هن کي عشق جي ان سفر تي هلندي ڏکن سکن جا سڀ لَڪَ لتاڙيندي اهو اندازو ڀلي ڀت ٿي ويو هو ته هن عشق جي راھ ڪيتري ڏکي ۽ ڊگھي آهي ۽ ان جي منزل اڃا ڪيتري پري آهي پر تنهن هوندي به هن پنهنجي همت ۽ حوصلو نه هاريو ۽ عشق جا اُهي اوکا پل هن اڙٻنگ جوان مڙس ماڻهن وانگي نڀايا. ان عشق هن جي رهبر جيان رهنمائي ڪئي. هن ان عشق ۾گھڻو ڪجهھ سکي ورتو.

مانجھي مڻياندار مڙس سنڌ ڌرتيءَ جي عشق ۾اهو ڪجهھ ڪيو جيڪو سنڌ جي عشق ۽ سيد جي فڪر ۾جائز هيو. هو ان عشق ۾ مخالف جي در لنگھي وڃڻ ۾ ڪوبه آر محسوس ڪونه ڪندو هو. سنڌ ڌرتيءَ جي حقن جي حاصلات خاطر هر ڪنهن کي گڏجي جدوجھد ڪرڻ جي آڇ ڪندو هو؛ پوءِ ڇونه کڻي اُهي سيد جا ڏنگا ٻار هجن/ پناهگير هجن يا پ پ پ وارا هجن، هي ان عشق ۾ دل جو ايڏو ته سخي هيو جو هو ڪنهن جي به پويان هلڻ لاءِ تيار هوندو هو. هن اهڙي آڇ هڪ ڀيري ستين پير پاڳاري سيد علي مردان شاھ کي به ڪئي هئي. هي سادو ۽ صوفي منش هيو جنهن ڪٿي به پاڻ کي نه پڏايو.

اسان عشق وارن ازل کان ”اياز“

ڪنهن لاءِ مندي، سمائي نه من!

هي جيترو وقت به دنيا جي تختي تي رهيو شينهن جيان گجندو رهيو. پنهنجي سياسي حڪمت عمليءَ سان سنڌ جي ويرين کي رُڪَ جا چَڻا چٻائيندو رهيو. هن جو عزم پختو ۽ حوصلا هماليا جيڏا بلند هيا. هن جي نيڻن ۾آجپي جي گھڙين کي پسڻ جي آس هئي. هاڻ ته سندس موت جو منجھيل سٽ به جلدي سلجھي ويندو. هن جي گھاريل زندگي آزاديءَ جي متوالن لاءِ مشعل راھ آهي. سندس يادن جي تري اچڻ تي دل سڏڪن ۽ نيڻ لڙڪن ۾ ڀرجي اچن ٿا.

سوڳ ورتل سنڌ کي هاڻ پنهنجن نيڻن مان نير اُگھي، ان سوڳ کي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ گھرجي۔ اها طاقت جنهن وسيلي سنڌ جا حق ۽ حدون محفوظ بڻائي سگھجن ٿيون. هاڻ اسانجي سوچ جي سُئي جو ڪانٽو ان انتظار جي صحرا اڳيان اچي نه بيهڻ گھرجي ته: ’خان‘ جو موت فطري هيو يا غير فطري، ڇو ته ان جو فيصلو به هاڻ جلد ٿيڻ وارو آهي. اسان جي سوچ جي سُئيءَ کي هاڻ سيد جي فڪر واري سفر ڏانهن سڦلتا لاءِ وڌڻ گھرجي، جنهن لاءِ سنڌ جو ’خان‘ سوچيندو ۽ لوچيندو رهيو. هن وقت قومي قيادت کي وقت جي وڏين چئلينجن کي نظر ۾ رکندي عالمي ادارن تائين سنڌ جو اهو ڪيس به کڻڻو آهي. جيڪو بشير خان ’۲۳ مارچ جي فريڊم مارچ‘ واري ريليءَ سان تيار ڪيو هو. ان ڪيس جي وڪالت لاءِ اهڙي باڪردار/ مدبر شخصيت جو هجڻ به ضروري آهي. جنهن ۾ ’محبتي ميڙي ڳوٺ ٻڌجي هيڪڙو‘ جهڙي سگھه ۽ صلاحيت به هجي. سنڌ جي ان ڪيس کي اُتان کان ئي کڻڻ گھرجي جتي ’سنڌ جو خان‘ ان کي اِن اميد سان ڇڏي ڌرتي امڙ جي هنج ۾ آرامي ٿيو ته:

اسان جي مئاسين سفر ۾ او ساٿي،

ته ماڻيندا منزل پنهنجا ڍول ڍاٽي،

الاءِ ڇو منهنجي ذهن مان اها ڳالھ اڃان تائين ناهي نڪري سگھي جيڪا اڌ رات جو پروفيسر الطاف جوکئي جي فون ٻڌڻ مهل ’خان جي وڇوڙي جي خبر ٻڌڻ کان پوءِ‘ منهنجي ذهن تي تري آئي هئي ته: تاريخ جو هر بهادر هر اهڙي موڙ تي ئي ڇو ڌرتي، قوم کان ايئن ڇو وڇڙي ويندو آهي، جنهن وقت قوم کي ان جي سخت ضرورت هوندي آهي. هنن حالتن ۾ سنڌ جي ’خان‘ جو سنڌ کان وڇڙي وڃڻ ڪيڏونه هڪ خال/ نقصان ڀريو لمحو آهي. هاڻ سوال اهو آهي ته ’خان‘ جي هن خال کي ڪير ۽ ڪيئن ڀريندو؟! هي سنڌ جو راڻو به هو، هي نه وسريو آ ۽ نه ئي اسان کان وڇڙيو آ، پر هي سنڌ تي سوچڻ لاءِ پنهنجي رهبر ڏانهن سن لَڙي ويوآهي.


 

ڳالهيون ڪندي ڪاڪ جون ڳوڙها پيس ڳڙي. . .

هيمون ڪالاڻي

ڪاڪ جي ڪنڌيءَ تي، شهيدن جي ريٽي رت ۾ رڱيل ڦريرو هٿ ۾ کڻي جڏهن آزاديءَ جي هڳاءُ ۾ موملون واسبيون ۽ راڻا محبتون ماڻيندا، تڏهن ”سُرَ ۽ سِرَ جي صدا“ هڻندڙ سنڌ جو اڻ جهل ۽ اڻموٽ شهيد بشير خان قريشي سنڌ جي تراني جي هر بند جيان صدا حيات مقدس جذبن سان ڳائجندو رهندو. اکين ۾ آزاد وطن جا جلترنگ سنڌ جي هر ڪنڊ، هر چپي پهچي سنڌين کي ڌرتي ڌڻي هئڻ جو احساس ڏياريندڙ هي ۲۱ صدي جي سنڌ ۾ ”ابو جهاد“ وقت جي واين ۾ ٻيجل جي تند ۽ راءِ ڏياج جي سخا جو سنگم ٿي تاريخ جو اڻ مٽ ڪردار طور ڌرتي جي آزادگيءَ جي علامت رهندو. اهو اڄ جي مؤرخ فيصلو ڏيئي ڇڏيو آهي. هو جيڪو سنڌ جي تاريخي رومانس، ثقافتي قدرن، تهذيبي خوبين، نماڻائي، سادگي، انڪساري، سچائي، سونهن، سوڀيا، بقاءَ، سک، سلامتي، هوڏ، هٺيلائي قومي تشخص ۽ آزاديءَ جي علامت بڻيو رهيو. ان ڄڻ ته سنڌ جي تاريخ کي نئين سري جياري وطن لاءِ سرگهوريندي پنهنجو پاڻ کي لطيف جي سر کاهوڙي ۽ ڪيڏاري جو عظيم ڪردار مڃائي ورتو آهي. تاريخ ڪيئن ته زنده دل قومن سان انصاف ڪندي کين قومي هيروز ئي پيدا ڪري ڏئي. سن جي يونيورسٽي جتي تاريخ جي گمنام قبرن تان دز هٽائي سنڌ جي تاريخي ورثي کي اجاڳر ڪري ان سان سنڌي ماڻهن جي شناسائي ڪرائي، ائين ئي سن جي سيد آزاديءَ جي مومل ماڻڻ لاءِ ڪيترن مينڌرن ۾ عشق جو روح ڦوڪيو. سنڌ جي بقا، اتحاد، انساني ترقي بني آدم ۽ اتحاد انساني جهڙو عالمگير فڪر، جنهن ضرورت هن وقت دنيا شدت سان محسوس ڪري رهي آهي، ان جو پيامبر سن جي سائين کانپوءِ بشير خان قريشي ئي ته آهي، جنهن سموري ڄمار سنڌ جي آزادي، مذهبي رواداري ۽ عالمي امن جو راڳ ٻيجل جيان ٻرائي سنڌ لاءِ هزارين راءِ ڏياچ تخليق ڪيا ۽ نيٺ پاڻ سر ڏيئي ويساھ قائم رکي ڌرتي جي هنج ۾ وڃي سنڌ کي پرتو آهي. سنڌ کيس جيئري پنهنجو ارڏو سپاهي ۽ محافظ ڄاتو ۽ سندس آخري چميءَ جي اڌ ۾ رهجڻ پڄاڻان به تاريخ ۾ زنده جاويد بڻائي ڇڏيو آهي. پورهيتن، هارين، مزدورن، شاگردن، استادن، نياڻين، ٻڍن، ٻارن، هر درد وندي دل ۽ اٻوجھ ۽ اياڻي وجود جو ڀرجهلو ٿي بيهڻ جا سبق تاريخ شايد کانئس سکندي. وٽس ڪارڪنن لاءِ پيار ساڳيو سائين جي ايم سيد وارو هو، هن ڄڻ ته سيد جي زندگي جي هر لمحي کي پنهنجي اندر اوتيو هجي ۽ سائين جي ايم سيد جي بار بار قول ڪرڻ واري حقيقت سندس صورت ۾ ڌرتيءَ تي نروار ٿي هجي ته:

وٺي هر هر جنم وربو

مٺا مهراڻ ۾ ملبو.

سدائين چهري تي ڳنڀيرتا ڀريل، اکين ۾ هشمت، ديو قيامت قد، ٽارچر سبب پيرن جون آڱريون مڙيل ۽ انهن جا ننهن چچريل، ڪنهن محبوبا جيان سپر ۽ تاڻيل سينو، بهادري، هشمت، جرئت ۽ موهن جي دڙي جي مٽيءَ مان ڳوهيل، ديوتائي خصلتن سان ڀرپور، ڌرتي جي عشق جو اوتار لڳندڙ، برجستگي، سهپ، رواداري، بردباري ۽ ثابت قدميءَ جو اعليٰ مثال بشير خان قريشي سرخ ڦريري جي هشمت جو ساکي آهي، جنهن کي تاريخ منفرد ڪردار جو درجو ڏيئي ڇڏيو آهي. هن جنهن سدائين ڌرتي جي دشمنن کي سينو تاڻي للڪاريو، انهن کانئس خوفزده ٿي گيدين جيان پويان وار ڪري ابدي ننڊ سمهارڻ جي ڪوشش ڪئي. ان جي برعڪس بشير خان سنڌ جي کيتن جي هٻڪار، ڪنهن هٺيلي نازنين جي پهرين محبت جي گيتن سندي ورلاپن، ڪنهن انقلابي جي سور جي شدت واري پهرين سڏڪي کانپوءِ سامراج لاءِ پيدا ٿيندڙ حڪارت واري جذبي، ماءُ جي روح جي دعا ۽ ديس جي واهوندن جي تنوار ۾ هميشه زندگي ماڻي چڪو آهي. زندگيءَ ۽ موت کي شانائتو ڄاڻندڙ هيءُ سنڌ جو راڄ ڌڻي جنهن جي هر هڪل تاريخ جو وراڪو آهي سو سنڌ جي ازلي روح جو سڏ آهي، جيڪو ابد تائين ورنائبو رهندو.

آءٌ تو لاءِ واٽ تي چمڪاٽ ٿيندس

لاٽ ٿيندس

ڪيئن چئجي ڪيستائين

ايستائين

رات رهندي جيستائين. . . .

توڻي جو ڌرتي تان غلاميءَ جي گهگھ انڌيري جو پاڇو اڃا هٽيو ناهي ۽ ڪاري رات جا پاڇا اڃا باقي آهن پر نويد صبح جو پيغام جيڪو هن پنهنجي اڻٿڪ ۽ بي بها جدوجهد سان سنڌي ماڻهن جي اتساھ کي پاڻي ڏيندي ادا ڪيو سو به ته روشن ۽ سڀاڻي جي سهاني خواب جي تعبير آهي، جنهن ۾ وطن جي آزادي ۽ آسودگيءَ جا ترانا گونجي رهيا آهن. سائين جي ايم سيد پنهنجي هڪ آخري انٽرويو ۾ چيو ته: ڪارڪن منهنجي ذاتي زندگيءَ کي غور سان ڏسن، پڙهن ۽ ان تي عمل ڪن.”بشير خان ان جو تسلسل ٿيندي وراڻيو ته: آئون موت جو لباس پائي گهمي رهيو آهيان. عمر جي اڌ حصي ۾ پهتو آهيان جو وطن جي آزادي جي تڙپ کانسواءِ ٻي ڪا به حسرت باقي نه اٿم.”

هن سائين جي ايم سيد جي زندگيءَ کي ويجهي کان غور سان مطالعو ڪيو ۽ پنهنجو پاڻ کي ان قالب ۾ سمايو. هينئر سنڌ جي قومي ڪارڪنن لاءِ سندس مشعل راھ چٽي ۽ واضح آهي ڇو نه سندس قول، فعل، سوچ، عمل، بهادري جا اهڃاڻ کڻي سنڌ جي انچ انچ جي حفاظت جو سڳنڌ کڻي کيس حقيقي ڀيٽا ڏجي. تاريخ جا اڏيندڙ ڪڏهن به مرندا ناهن، خود موت انهن هٿان شڪست کائيندو آهي.

 


 

چنڊ هو، سو ويو لهي. .

وزير حسن پنهور /کورواھ

تاريخ ۷ اپريل جي، اها بدنصيب رات، سنڌي قوم کان ڪڏهن به نه وسرندي، جنهن سنڌي قوم کان محبوب اڳواڻ ۽ سنڌ ڌرتيءَ جو ارڏو فرزند بشير خان قريشي کسي ورتو. هاڻي هواسان وٽ جسماني طور ته موجود ناهي، پر روحاني طور هميشه سيد جي فڪر لاءِ جدوجهد جي روپ ۾ اسان سان گڏ هوندو. سائين جي ايم سيد جي وڇوڙي کان پوءِ سنڌي قوم ويڳاڻي ٿي وئي هئي، پر بشير خان قريشي سيد جي فڪر ۽ قومي تحريڪ کي اڳتي کڻي آيو، تازو بشير خان قريشي طرفان ڪيل ۳۰ مارچ واري فريڊم مارچ سنڌ دشمن قوتن کي لوڏي ڇڏيو. بشير خان سنڌ جي آجپي جو پيغام سنڌ ۾ جهر جهنگ پهچايو ۽ بشير خان واضح طور تي چوندو هوته سنڌ جي خوشحالي سائين جي ايم سيد جي نظريي ۾ سمايل آهي. قومي تحريڪ لاءِ جدوجهد ڪندڙ اهڙي محنتي ۽ کاهوڙي ورڪر جو خال ڀرجڻ ۾ گهڻو وقت لڳندو، پر قومي ڪارڪنن مايوس نه ٿيڻ بدران پنهنجي محبوب ۽ دلير اڳواڻ وانگر دليري ڏيکاري سندس وڇوڙي کي طاقت ۾ تبديل ڪريون ته بشير خان جو روح به اسان جي جدوجهد لاءِ مشعل راھ بنجندو. سڄي سنڌ سوڳ ۾ بند آهي، هر ننڍي وڏي شهر ۾ تعزيتي تڏا وڇايل آهن، سچ ته بشير خان جي وڇوڙي سنڌ ماءُ جو جيءُ جهوري وڌو آهي. بشير خان هڪ اڳواڻ هجڻ باوجود ان پروٽوڪول کان پري رهندو هو، جنهن جي ڪري ليڊرشپ ۽ ورڪر ۾ سدائين فاصلو رهندو آهي. هو پاڻ کي هميشه ورڪر سمجهندو هو، کيس سنڌ سدائين ياد رکندي ۽ ڪارڪن کيس ڪڏهن به وساري نه سگهندا. بشير خان سنڌ کي ويڳاڻو ڪري ويو آهي، پر قومي ڪارڪنن کي صبر ۽ همت کان ڪم وٺي سندس ڇڏيل جدوجهد واري واٽ تي سچائيءَ سان سفر جاري رکڻو پوندو.

چنڊ هو، هُو ويو لهي، رات تارن کي ڏئي

سنڌ پئي ڳولها ڪري ۽ بهارون پيون پڇن،

هو ويو وارو وڄائي، خبر يارن کي ڏئي

چنڊ هو، هو ويو لهي، رات تارن کي ڏئي.


 

بشير قريشي ڪيس ۽ سنجيدگيءَ جو سوال!

نثار کوکر

توڻي جو اها چانڊوڪي واري رات هئي، پر رتيديري ۾ اها رات کير جهڙي اڇاڻ واري روشني ڪرڻ بدران ڌنڌ ۾ وڪوڙيل هئي. ڪارڪنن جي اکين ۾ آيل ڳوڙها ته نظر آيا پئي، پر انهن اکين ۾ پري پري تائين بشير قريشيءَ جي قاتلن جو نه ته خاڪو هيو، نه ئي اها ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جيڪا ڏهاڪن کان ان سياسي فڪر سان وابسته ڪارڪنن جي اکين ۾ موجود رهي آهي. جنهن ڪري مٿن دوستن ۽ دشمنن، تعريفون ۽ طنز ڪندڙ ٻنهي حلقن نالو ئي ديشي رکي ڇڏيو آهي، ڇو ته ڪارڪنن مٿان واضح نه هو ته اهو موت طبعي آهي يا قتل جي سازش جو نتيجو آهي. رتيديري باءِ پاس لڳ ان رات اسان قطار ۾ ٿي بيٺاسين ته جيئن سنڌ جي هڪ ارڏي عاشق کي لحد ۾ لهندي ڏسي سگهون. اها قطار توڻي جو تمام ڊگهي هئي، پر ان قطار جي نمايان نالن ۾ پيپلز پارٽي جو نوشهروفيروز مان چونڊيل ايم اين اي سيد ظفر علي شاھ به موجود هو. سنڌي قومپرستي سا به جي ايم سيد جي نظريي واري قومپرستي به عجيب لاهن چاڙهن منجهان گذري آهي. جتي وفاقي سياست ۾ يقين رکندڙ پارٽيون ۽ اڳواڻ ڪڏهن کائنس ڪوهين ڏور ته ڪڏهن مرڻي پرڻي گڏ رهيا آهن. ان رات ڪارا ڪپڙا پاتل ڏاڏو اطهر سومرو روئي به رهيو هو ۽ ماڻهن جون قطارون به ٺهرائي رهيو هو. قبر جي چوڌاري گڏ ٿيل ڪارڪنن جي اڪثريت جيئي سنڌ وارا روايتي نعرا هڻي رهي هئي، ڇو ته کين اها واضح خبر نه پئجي سگهي هئي ته بشير خان جهڙي هارڊ ٽارگيٽ کي سافٽ ٽارگيٽ ڪري ڪيئن ماريو ويو آهي ۽ قاتل ڪير آهي؟ سازش ڪٿي جڙي ان کي عملي جامو ڪنهن پارايو، ڪهڙا پراوا ۽ پنهنجا ان جو حصو بڻيا؟

بشير قريشي سونو چمچو وات ۾ کڻي ڪنهن به سياسي وراثت واري رئيس، مير، پير جي گهر ۾ پيدا ڪو نه ٿيو هو. هيٺئين وچولي طبقي جا ڏنگا ٻار جيئن پلبا آهن، تيئن ئي هي ضيائي مارشلا جو تڙڪو لڳڻ ڪري وڌيڪ سخت ٿي پيو. هن جي ڪا برادري ۽ ڪو قبيلو نه هو، سواءِ سنڌ ۽ سنڌ واسين جي. اهو ته هن ارڏي عاشق ۽ درويشاڻي دل واري صوفيءَ جي نياز نوڙت جو رستو هو، جو سندس تڏو ڪنهن هڪ پارٽيءَ جو نه پر سنڌ جو تڏو بڻجي ويو. جتي نه پهچندڙ پنهنجو پاڻ کي مياري سمجهي پيو. اها بشير قريشي جي غير متنازعه سياسي شخصيت هئي، جنهن جو اعتراف صوبائي گهرو وزير منظور وساڻ به ائين ٿو ڪري ته سنڌ لاءِ بشير قريشي جون خدمتون مون کان وڌيڪ آهن. شاباس آهي انهن چونڊيل اسيمبلي ميمبرن کي، جن رتيديري ۾ تڏي تي پهچي بشير قريشي سان محبت جو اظهار ڪيو. اهو تڏو به عجيب تڏو ليکيو ويندو، جتي ايم پي اي نعيم احمد کرل کان وٺي اسپيڪر نثار احمد کهڙي تائين سياستدان پهتا. جتي قبيلائي فيصلا ڪندڙ وڏيري عابد جتوئي کان وٺي سردار منظور پنهور تائين قبيلائي سردار پهتا. رتيديري ۾ گڏ ٿيل انهن ڀانت ڀانت جي ماڻهن ۾ مون کي عمرڪوٽ مان ڪهي آيل ۽ ڌرتيءَ جا گيت بنا لالچ جي ڏهاڪن کان ڳائيندڙ جمن دربدر به نظر آيو. سڄي سنڌ اچي اها ئي دانهن ڪئي ته ڪونڌر ڪسجي ويو آهي. رتيديري ۾ ان رات سنڌ جي جواني لحد ۾ پئي لٿي ۽ ڪارا ڪپڙا پاتل ڪارڪن ماتم ڪندي روئيندي حليم باغيءَ جون اهي سٽون بڻيل هئا ته،

اي زمانا! اسان جو قبيلو ڪُٺئي،

خونِ عاشق ۾ پوءِ ڀي حرارت نه آ.

رتيديري ۾ تڏي تي ويٺي مون جڏهن بشير قريشيءَ جي سدوري ۽ وفادار ڀاءُ مقصود قريشيءَ کي پاڻي پيئندي ڏٺو ته مون کي پڪ ٿي وئي ته بشير قريشي ڏنل زهر جو آسانيءَ سان شڪار ٿيو آهي. مقصود به پنهنجي ڀاءُ وانگر گلاس ۾ لاهي پاڻي پيئڻ بدران بوتل چپن تي رکي پاڻي پيئي ٿو ۽ ان رات بشير به سفر دوران ائين ئي پاڻي پيتو هو. پاڻي ته هنن سڄي واٽ پيتو پر ڪهڙي جڳھ تي کيس اها مخصوص بوتل ملي، ڪنهن کي ڪو پتو ناهي. بشير قريشي هونئن به معمولي سياسي اڳواڻ نه هو، پر ۲۳ مارچ واري فريڊم مارچ سندس سياسي قد ڪاٺ ۾ ايترو ته وڏو اضافو ڪري ڇڏيو، جو هڪ سرڪاري بريفنگ دوران هڪ پٿريلي چهري واري بظاهر سويلين بيوروڪريٽ سندس تصوير تي ڳاڙهي فليش پوائنٽ هڻندي چيو، ”اس قسم کي لوگون ڪو مارنا پڙتا هي مجبوري هي“. اهڙي ڏڪاريل ڏيھ ۾، جتي سياست زمانن کان اميرن جي در جي ڪنيز بڻيل هجي ۽ ريموٽ ڪنٽرول ليڊرشپ سڄو ڏينهن ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ اچي وات هڻڻ واري محنت ڪندي هجي، اهڙي دور ۾ بشير قريشي جهڙو سڌو سادو ماڻهو اچي پنهنجي ڳاڙهي جهنڊي واري جماعت کي سنڌ جي ٽيون نمبر وڏي مقبول پارٽي بڻائي ڇڏي ۽ ڪراچيءَ ۾ سنڌين کي ”اسٽيڪ هولڊر“ بڻائي ڇڏي، سا ڪا معمولي يا هضم ڪرڻ جهڙي ڳالھ ته نه آهي. سنڌ جي مٽيءَ کي چمندڙ هن سياسي ملنگ پنهنجي پنڌ سان سياست جي روايتي اهل منصب، اهل تقويٰ ۽ مسند نيشنن کي ڇرڪائي وڌو. سياسي روايتن تحت هڪ تڪ جي اسيمبلي سيٽ کٽڻ خاطر به توهان کي الاءِ ڪيترين رياستي ۽ غير رياستي درگاهن آڏو جهڪڻو پوي ٿو. پر هن ملنگ جي نظر ڪنهن اسيمبلي ميمبري يا سينيٽريءَ ۾ نه رهي. تڏهن ئي هن پنهنجي ڪارڪنن لاءِ سياسي دستور بڻائي ڇڏيو ته،

ڪنهن فرعون جي ڇا لئه پوڄا ڪريون

هڪ خدا جي نرڙ تي نشاني هجي

(حليم باغي)

سنڌ سرڪار پاران بشير قريشي ڪيس ۾ جنهن طرح جي غير ذميواريءَ جو مظاهرو ڪيو ويو آهي، تنهن مان سڀني کي اندازو ٿي چڪو هوندو ته بشير قريشي جي جسم مان ورتل اصل جزا ڪيئن نه غائب ٿيا هوندا. جيئن سنڌ سرڪار جي تشڪيل ڏنل ٽيم جا ڊاڪٽر ۽ پوليس عملدار پنهنجي پنهنجي دائرن اندر بشير قريشيءَ جي موت جي ڪارڻن جي جاچ ڪري رهيا آهن، تيئن ئي هڪ جاچ بشير قريشي سان پيار ڪندڙ ڪجھ سلجهيل ماڻهن پاران جاري آهي، جيڪا ڪٿي به رپورٽ درج نه ڪرائيندا، پر اها رپورٽ ائين سينه به سينه نسل در نسل هلندي رهندي، جيئن دودي سومري جي موت جي رپورٽ باقاعدي جاري نه ٿي هئي، پر اها رپورٽ سينه به سينه اسان ۽ اسان جي ايندڙ نسلن تائين پهتي آهي. اها رپورٽ مرتب ڪندڙ قبيلي جي حالت اها آهي، جيڪا شيخ اياز پنهنجي سٽن ۾ بيان ڪئي آهي. ته

اُساٽ ئي اُساٽ آ. . . .

ٻه چار پيرڙا کڻان ته پن پن ٿي ڇڻان،

ان قبيلي جا ماڻهو جڏهن سڪرنڊ پهتا ته کين خبر پئي ته بشير خان چڪن تڪا ۽ چڪن ڪڙهائي واري ماني کائي اڪيلو وڃي ڪمري ۾ ستو. سندس ڊرائيور، ڀاڻج ۽ ٻين کي بعد ۾ خبر پئي ته هو ڪمري ۾ کنگهي رهيو آهي ۽ طبيعت خراب اٿس. بشير قريشي جنهن ڳوٺ ۾ ترسيل هو، سو آهي دڙي مگسي، جيڪو سڪرنڊ کان اٺ ڏھ ڪلوميٽر جي فاصلي تي مس آهي. بشير خان جي طبيعت خراب ٿيڻ شرط ڳوٺ جي هڪ ڊسپينسر کي سڏايو ويو، جنهن سندس بلڊ پريشر زيرو طرف وڃڻ جي دانهن ڪندي چيو، همراھ کي کڻو ڊاڪٽر ڏانهن. اهو ته هر ايم بي بي ايس پاس ڊاڪٽر به آسانيءَ سان ٻڌائي سگهي ٿو ته ماني کائڻ کانپوءِ بلڊ پريشر گهٽ نه ٿيندو آهي، ڀلي شگر جو مريض هجي. ڳوٺ مان نڪرڻ مهل بشير خان کي کڻي گاڏيءَ ۾ ڪو نه رکيو ويو، پر هو پاڻ هلي اچي گاڏيءَ ۾ ويٺو. ڳوٺ کان سڪرنڊ تائين سندس ڊرائيور کي مشڪل سان ۳ منٽ لڳا هوندا، پر سڪرنڊ پهچڻ شرط ڊاڪٽر گاڏيءَ ۾ ئي ويٺل بشير قريشي جي طبيعت ڏسي ڪارڪنن کي چيو، ”ابا سنڌي اڄ يتيم ٿي ويا.”بشير قريشيءَ جي گاڏيءَ سان ميزبانن جون به گاڏيون هيون. اهي سندس شاگردي واري زماني کان دوست ٻڌايا وڃن ٿا. جڏهن ته سندس ڊرائيور به وفادار، ڪراچي واري حملي ۾ به ان ئي مڙسي ڪري گاڏي ٽرن ڪئي. ٻيو سندس ڀاڻج ته پوءِ شڪ ڪنهن تي ڪجي؟

ڪالھ شام بشير خان جي ڀاءُ مقصود قريشي سان ڳالھ ٻولھ ٿي ته هن ٻڌايو ته ”اسان کي اهڙا اطلاع مليا هئا ته ادا کي ماني يا ڪپڙن ۾ اسپري ذريعي زهر ڏنو ويندو.”هي پهاڙ جهڙو سياسي نظريو رکندڙ غريب اٻوجھ ڪارڪنن جو سادو ۽ سختيون کائيندڙ اڳواڻ هو، جنهن شايد ان ڳالھ کي ڪنهن خاطر ۾ نه آندو هجي. هو ابن ڏاڏن کان ڪرپشن ڪري اقتداري سياست ۾ اِن رهندڙ ڪردارن جيترو امير نه هو، جو بلٽ پروف گاڏين ۽ پرهيز جهڙن کاڌن طرف هليو وڃي ها. هو ته اهڙو عوامي اڳواڻ هو، جنهن کي راھ ويندي، ڳوٺ شهر مان گذرندي جيڪو مليو، سو پي ڇڏيائين، استاد بخاري چواڻي ته:

الاءِ ته ڇا پنهنجن ڏنو بخاري،

لڳو زهر ٿي پر ڏوڪي ڇڏيو مون!

قومپرست سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي هاڻي اک پٽڻ گهرجي، ڇو ته هر ڀيري نئين حربي ۽ نئين هٿيار سان مٿن حملا ٿيندا رهن ٿا.

 


 

سنڌ سوچي ٿي

حَسين مسرت

۰۷ اپريل جو سج اڀرڻ کان اڳ، سنڌ لاءِ ڏکن جو سج اڀريو ته، خوابن مان جاڳ ڏانهن کلندڙ هر اک آلي هئي. اڌ موت کان حياتيءَ طرف ايندڙ ساھ ۾ سڏڪا هئا، ڪنهن کي به خبر نه هئي ته هو سنڌ جي دل ۾ ڪيتري قدر وسيل آهي. سنڌ واسي به سنڌ جي پيار کان بي خبر هئا. سنڌ جي چاهيندڙن کي سندن اکين مان اٿلندڙ سنڌوءَ جي موجن ٻڌايو ته هو ڌرتيءَ سان ڪيتري قدر سچو هو ۽ سنڌ ان سان ڪيتري محبت ڪندي هئي. بشير خان قريشيءَ جو المناڪ لاڏاڻو سنڌ جي محبت کي زماني اڳيان ظاهر ڪرڻ جو باعث بڻجي ويو ۽ ڪروڙين سنڌي جيڪي سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر رهن ٿا انهن لاءِ بشير خان قريشي جي محبت به دنيا جي سامهون اچي وئي، لکين ماڻهو يا ائين کڻي چئجي ته هر ماڻهو پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت ڪندو آهي. پنهنجي ڌرتيءَ کان دوري تي دکي ٿيندو آهي. ڌرتيءَ جي آزادي خوشحالي جا خواب هر ڪو ئي ڏسندو آهي. ڌرتيءَ خاطر زندگيون ارپڻ وارن جي ذڪر سان به تاريخ جا پنا ڀريا پيا آهن. سياسي اڳواڻ، سياسي ورڪر، سياسي ڪارڪن، جيالا، جوشيلا، کوڙ سارا ماڻهو پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ جان واريندا آهن. لٿل سسيون، ڀڳل ڳاٽ، ڦٽيل پٺا انهن جو مها مرڪ هجن ٿا، اِهي قربانيون نيون، نه اهي ستم نوان، دنيا جي هر ملڪ جي تاريخ ۾ امر ڪردارن جي کوٽ ناهي هوندي، اهڙا ڪردار جدوجهد کي هٿي ڏيندڙ هجن ٿا. پر اهي ڪردار جن کي ڌرتي موٽ ڏي اهي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا هوندا آهن. ڌرتي ڇا ٿي گهري؟ قربانيون؟ موت؟ نظريا؟ مسلسل جدوجهد؟ کوڙ سارا سوال ذهن ۾ اچن ٿا ته آخرڪار ڌرتي ڇا جي پياسي آهي. هوءَ ڪهڙن ماڻهن کي موٽ ۽ محبت ڏي ٿي. محبت جو جواب محبت سان ڏيڻ ته عام ڳالھ آهي ته پوءِ ڇا ڪجھ ماڻهو خوش قسمت هوندا آهن؟ جن کي ڌرتي پيار ڏيندي آهي؟ ڌرتي ديوتا ناهي جو عبادت ڪري ان جو قرض ادا ڪجي يا رت جي ڀيٽا ڏيئي ان کي خوش ڪجي. . .!

ڌرتي محبوب به ناهي جو چند ٻولن ۽ واعدن سان ان کي قيد ڪري رکجي. . .!

ڌرتي ماءُ جيان آهي جيڪا زندگي کي جنم ڏي ٿي ۽ ان کي سوچ سمجھ ۽ شعور به ڏي ٿي. بشير خان قريشي سنڌ جو اهو پٽ هو جنهن ڌرتيءَ جي ڏنل سوچ ۽ شعور کي ان جي ڌڻين تائين پهچائڻ جو عزم ڪيو هو. هن خواب نه پر تعبيرن جا رستا ڏيکاريا. هن خوابن جا ڄار نه اُڻيا پر واضح صاف تعبير جي ڳالھ ڪندو رهيو. ڌرتي انهن پٽن ۽ ڌيئرن لاءِ روئيندي آهي جيڪي خاموش زبانن کي آواز ڏيندڙ هجن ٿا. ڌرتي انهن لاءِ ماتم ڪندي آهي جيڪي بند دماغن کي سوچ ڏيندڙ هجن ٿا. ڌرتي انهن لاءِ ٽڙپندي لڇندي آهي جيڪي بي عمل نظرين کي عمل جي راھ تي رسائيندڙ هجن ٿا. . .! ڌرتي انهن لاءِ روئيندي ڦٿڪندي آهي جيڪي شعور جي لاٽ سان ذهنن جي اونداھ کي روشن ڪندڙ هجن ٿا.

آمر ۽ جابر رياست ۽ ظالم حڪمران هٿيارن کان ناهن ڊڄندا پر هو سوچ کان خوفزده هوندا آهن. آمرن جي دور حڪومت ۾ هٿياربند گهٽ پر شعور ۽ سوچ جي ڳالھ ڪندڙ وڌيڪ قيد ڪيا ويندا آهن. قومن جي سوچن تي تالا جبر جي آزاديءَ جو باعث هجن ٿا. اڳواڻ جيستائين پنهنجا نظريا عوام تي مڙهيندو آهي هو هَرَ ۾ جوٽيل ڍڳي جيان مخصوص رستن تي هلندو رهندو آهي. بي آواز بي سوچ بس هلندو ئي رهندو آهي سندس محنت جو ڦل مالڪ جو نصيب بڻجندو آهي، انهن کي ڪم ڪرڻ لاءِ گهڻو وقت مليل هجي ٿو، پر حد بنديون ختم ڪري سوچ جا دروازا کوليندڙن جون عمريون مختصر ۽ نظريا زنده رهجي ويندا آهن. سوچ جي آزادي ۽ فڪر جي آزادي ۽ پنهنجي شعور جي آگهي وجود کي سگھ ڏيندڙ هجي ٿي ۽ اها سلهاڙيل آهي ڏاڍ جي هيڻائيءَ سان. سوچ، ڏاڍ ۽ جبر کي هيڻو ڪندڙ هجي ٿي. حقن جي حاصلات جي جدوجهد، انڪار کان شروع ٿي ٿئي، هر قسم جي جبر، استحصال ۽ خاموشي جي انڪار کان شروع ٿي ٿئي، جسماني موت هڪ مرحلو هجي ٿو، جيڪو هر جدوجهد جي راھ ۾ اچي ٿو پر جسماني موت اختتام نه، پر آگهي جو اهڃاڻ بڻجندو آهي. ساھ جو جسم مان نڪري نظرين ۽ سوچن کي زندگي ڏيندو آهي. نظريا پساھ کڻندا آهن ۽ جدوجهد اڳيان وڌندي آهي. سوچ جي جاڳ کان خوفزده ڌريون ان کي سمهاري نه سگهڻ جي هر عمل ۽ ان کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جون ڪوششون ڪنديون آهن. هو سوچ جي ڌارا کي مختلف گسن ۾ ورهائي ان جي سگھ کي گهٽائڻ ۾ مصروفِ عمل ٿي وينديون آهن. هدف جو غير واضح هجڻ به سوچ ۽ شعور کي گمراھ ڪندڙ بڻجندو آهي، جڏهن به مخالف قوتون اهو محسوس ڪنديون آهن ته ڪا جدوجهد منزل جي قريب رسي ويئي آهي ته پوءِ ان کي گمراھ ڪرڻ لاءِ ان جي سمت کي تبديل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون وينديون آهن. هدف کي مختلف سمتن ۾ ورهايو ويندو آهي ته جيئن سگھ ورهائجي وڃي. آزاد سوچ جي موجودگي آمريت لاءِ خوف جي علا مت هجي ٿي. سوچ تي پهرا، سوچ تي تعزيرون عام هجن ٿيون.

برٽرنڊرسل پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ لکيو هو ته، ”خيال جي آزادي جي لاءِ سڀ کان بنيادي ۽ ابتدائي شرط آهي اظهارِ راءِ جي خلاف تعزيري قانونن جو خاتمو.”

اسان جي سماج جو الميو آهي ته پنهنجي سوچ ۽ اختلافِ راءِ جو اظهار جرم آهي. حڪمران طبقي سان اختلاف رکڻ ناقابل معافي جرم بڻجي ٿو وڃي ۽ ان کي رياستي غدار قرار ڏنو ٿو وڃي، جڏهن ته اختلافِ راءِ رکڻ صحتمند شعور جي علامت ۽ جاڳندڙ ذهن جو سبب هجي ٿو. سماجي حالتن ۽ مسئلن جي ردعمل ۾ انساني سوچ ۾ تبديلي ايندي آهي ۽ اها نئين سوچ هر ڪنهن لاءِ قبول ڪرڻ مشڪل سهي پر زميني حقيقتون آهستي آهستي انسانن کي ان نئين سوچ جي پيروي ڪرڻ تي مجبور ڪري وجهنديون آهن. وقتي رڪاوٽون ضرور اڳيان اينديون آهن ۽ سماجي مزاحمت به جاري رهندي آهي پر مزاحمت جو مطلب شعور ۽ فڪر جو موت ته ناهي. برٽرنڊرسل اهو به لکيو هو ته، ”انسانن جو معاملو اهو آهي ته هو پاڻ کي آزاد ڪرڻ جي بجاءِ کين کي غلام بڻائڻ جا آرزومند هوندا آهن. باطني آزادي بيش بها ۽ انمول آهي، جيڪو سماج ان جو احترام ڪندو آهي ۽ ان کي قائم رکڻ چاهيندو آهي اهو ئي اسان جي خوابن جو معاشرو آهي.”

حقيقي اڳواڻ قوم کي سجاڳي ڏيڻ لاءِ ان جي سوچ کي آزاد ڪرڻ لاءِ جاکوڙيندو آهي ۽ آمر قوم کي مدي خارج نظرين تي هلائڻ چاهيندو آهي. مائوزي تنگ هڪ مدهوش قوم کي شعور ڏنو ۽ هنن دنيا جي اڳيان پنهنجو وجود مڃرايو. پهاڙي ۽ وسيع ميداني علائقن مان سفر ڪندي هن جي سوچ دنيا تي حاوي ٿيندي ويئي. مائوزي تنگ جي سفر ۾ سڄي قوم شامل ٿيندي ويئي، هن جون ڳالهيون، نظريا ۽ قانون بڻجندا ويا جيڪي سندن قوم جي سجاڳيءَ جو باعث بڻيا. مسلسل حرڪت، مسلسل جدوجهد جي پيغام هن جي قوم کي باعمل بڻائي ڇڏيو. اسان جي سماج ۾ اڳواڻ قوم کي پنهنجي مفاد جي پويان لڪائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. انهن کي قوم جي سجاڳيءَ جي برعڪس پنهنجي مفادن جي حاصلات جو اونو هجي ٿو. بشير خان قريشي ٻين کان مختلف فڪر رکندڙ اڳواڻ محسوس ٿيندو هو. هن چيو هو ته، ”متان ماٺ ڪري ويهو، وقت اچي ويو آهي هاڻ ميدان ۾ اچڻو پوندو، تاريخ ۾ اهڙا ڏکيا ڏينهن اڳ ڪو نه آيا هئا.”

وقت جي سنگيني، حالتن جا چئلينج ۽ آئينده جو لائحه عمل ٻڌائيندي ٻڌائيندي هو اوچتو ئي اوچتو موت جي خاموشيءَ جي ور چڙهي ويو پر اڄ سنڌ سوچي ٿي. سنڌ سمجهي ٿي، تڏهن سنڌ روئي ٿي. سنڌ جو ماتم اجايو ۽ رسمي نه آهي هن پٽ جي موت تي هر اک مان بي اختيار نڪرندڙ آب رسمي ڪو نه آهي. ڪجھ وڃائڻ جو درد ۽ اڪيلائپ جي خوفناڪي سنڌکي روئاڙي ٿي. سنڌ ان لاءِ ٿي روئي جنهن سنڌ کي سوچڻ سيکاريو. بشير خان قريشي جي موت جا ڪارڻ ڄاڻڻ ۽ قاتل پڪڙڻ، قاتلن کي ظاهر ڪرڻ ۾ سالن جا سال لڳي سگهن ٿا. اڳواڻن جي قتلن جا معما صديون حل ڪنديون آهن. اڳواڻن جا قتل ڀل ته هميشه راز رهن پر انهن جو فڪر ۽ شعور راز نه رهڻ گهرجي، بي خوف آواز جيان بلند ٿيندڙ سوچ ۽ شعور کي لڪائڻ اڳواڻ جو موت آهي ۽ ان جي فڪر جون پرچارڪ قوتون ان آواز کي خاموش ٿيڻ نه ڏينديون آهن. سو وقت سنڌ جي سوچڻ جو آهي، سنڌ کي پنهنجي پٽن ڌيئرن جي مان مرتبي ۽ عزت لاءِ شهادت جي ليبل جي ضرورت نه آهي سنڌ جا جوڌا جوان پنهنجن نظرين ۽ فڪري شعور جي ڪري امر هجن ٿا. بشير خان قريشي جي اوچتي لاڏاڻي جو سبب ڄاڻڻ يقينن ته اهميت رکي ٿو، اهو ضروري آهي ته لڪل دشمن ظاهر ٿين پر هن جيڪا سوچ ڏني آهي ان کي پکيڙڻ جو فرض به ڌرتيءَ واسين تي واجب آهي. هن قرضي قوم تي گهڻن اڳواڻن جو قرض آهي، جنهن کي لاهڻ لاءِ هاڻ سوچ ۽ شعور کان ڪم وٺڻ کانسواءِ ڪا به منزل ماڻڻ مشڪل عمل آهي. هاڻ سنڌ روئي ٿي ۽ سنڌ سوچي به ٿي ته اڳواڻن جو موت سوچ جو موت نه هوندو آهي پر اهو سوچي نئين ڌارا ۽ نئين سگھ ڏيندڙ هجي ٿو.

 


 

اپريل جا هاڃا

راجا اشوت ڪمار /ڀٽ ڀائٽي

زندگي جون ۵۴ بهارون ڏسندڙ سنڌ جو سچو سپوت بشير خان قريشي، سنڌجي ماروئڙن جي حقن جي جدوجهد ۾ هميشه اڳڀرو رهيو، بشير خان قريشي جي نڀايل سچي ڪردار جا ساکي سنڌ جا شهر، ڳوٺ وسنديون، واهڻ ۽ سمورا سنڌ واسي آهن. سنڌ جي قومپرست سياست ۾ جيڪو خال بشير خان قريشي جي وڇوڙي کان پوءِ پيدا ٿيو آهي، اهو خال ويجهڙائي ۾ ڀرجندي نظر نٿو اچي. سائين جي ايم سيد جي فڪر جي پرچار ڪندڙ بشير خان جهڙي سچي اڳواڻ جو وڇوڙو سنڌ واسين لاءِ هڪ تمام وڏو سانحو آهي. بشير خان قريشي سنڌ جي ماڻهن جي هر مرحلي تي آوازبڻيل رهيو. بشير خان قريشي جي سنڌ سان بي پناھ محبت ئي هئي، جنهن ڪري سندس هر سڏ تي سنڌ واسين سندس ساٿ ڏنو. بشير خان قريشي سنڌ جو بي لوث ۽ سچو خدمتگارهو. بشير خان قريشي سائين جي ايم سيد جي ڏسيل عدم تشدد جي واٽ تان ڪڏهن به پوئتي نه هٽيو، سنڌ جي جهر جهنگ ۾سيد جي فڪر جي پرچار ڪيائين ۽ انهيءَ سفر دوران مٿس ڪئين ڀيرا قاتلاڻا حملا به ٿيا ۽ جيلن ۾ به رهيو. پر سچي لگن ۽ محنت سان جاکوڙ جاري رکيائين، ڪارڪن کيس انهيءَ جدوجهد جي ڪري ابو جهاد جي لقب سان سڏيندا هئا. تازو ۲۳ مارچ تي ڪراچي ۾ لکين سنڌين کي گڏ ڪري هڪ نئين تاريخ رقم ڪيائين، سندس بلند حوصلي ۽ بردباري جي ڪري اهو جلسو ڪامياب ثابت ٿيو. بشير خان قريشي، سائين جي ايم سيد جي فڪر جي پوئواري ڪندڙ جيئي سنڌ جي سڀني ڌڙن کي گڏ ڪرڻ لاءِ پڻ ڪوششون ڪيون ۽ هو ۲۵ اپريل تي سن ۾ سائين جي ايم سيد جي ورسي جي موقعي تي هڪ گڏيل جلسي ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيو هو. سنڌواسي سنڌ جي هن سچي سپوت کي سلام پيش ڪن ٿا.

 

روزاني ڪاوش ۱۴ اپريل ۲۰۱۲ جي ھائيڊ پارڪ تان کنيل.


 

وڇوڙي جو ڏک طاقت ۾ تبديل ٿي سگهندو؟

نواز خان زئور

بحراني حالتن ۾ قومون، پارٽيون ۽ انهن جا ذميدار فرد حالتن تي تمام وڏي گهرائي، ڌيان ۽ سنجيدگيءَ سان غور ويچار ڪندا آهن ۽ پنهنجي آئيندي جي بچاءَ لاءِ نئين سري سان هٿ پير هڻندا آهن. اهڙين ڀيانڪ حالتن مان هڪڙي حالت ڪنهن اڳواڻ جو لاڏاڻو به آهي، پوءِ اهو طبعي طور تي ٿيندو هجي يا غير طبعي. موت هر شڪل ۾ نقصانڪار آهي. اهو پنهنجي پٺيان اڻکُٽ پيڙا ۽ ڏک جا داستان ڇڏڻ سان گڏوگڏ نه ڀرجي سگھندڙ خال ۽ بيپناھ نقصان پڻ ڇڏي ويندو آهي. اهي قومون بنھ بدنصيب هونديون آهن، جن جا اڳواڻ نهايت ئي فيصلائتين گھڙين ۾ انهن کان جدا ٿي ويندا هجن. عين ان موقعي تي جڏهن ڪي اهم فيصلا، ڪي اهم تبديليون ۽ ڪي تاريخ ساز مرحلا سر تي بيٺا هجن. اهڙي ئي ڪار سنڌ سان گذريل ڪيترن ئي سالن کان ٿي رهي آهي. تاريخ امڪانن سان ڀري پئي هجي ٿي. ڪير ٿو ڄاڻي ته جيڪڏهن الله بخش سومرو بي وقتو شهيد نه ٿي وڃي ها، سورهيه بادشاھ گڙنگ بنگلي يا مکي ٻيلي ۾ داخل ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ها ۽ مولانا عبيدالله سنڌي جلاوطني ختم ڪري سنڌ موٽي اچڻ کانپوءِ جلدي موت جي ور نه چڙهي وڃي ها ته سنڌ بلڪ هن ننڍي کنڊ جي تاريخ ڪهڙي ڌارا اختيار ڪري ها!؟ تاريخ جي نهايت ئي اهم مرحلن تي وڏا موت قومن لاءِ ڪنهن وڏي بدقسمتي ۽ اڀاڳ کان گھٽ نه هوندا آهن. اهڙا اڀاڳ اڄ به سنڌي قوم جي ڄڻ ته قسمت ۾ لکيل آهن. جڏهن اڄ سنڌ هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي تاريخ نئين سر جوڙڻ ڏانهن اڳڀرائي ڪري رهي آهي، تڏهن هڪ هڪ ڪري سنڌ جي قيادت ان کان وڇڙي رهي آهي. هن صورت ۾ اهو اهم ناهي ته ڪنهن جو موت ڪيئن ٿو ٿئي، بلڪ اهو اهم آهي ته ڪنهن جو موت ڪڏهن ٿو ٿئي. نازڪ ۽ فيصلائتين گھڙين ۾ اهڙي انسان جو موت، جنهن جي قوم کي اشد ضرورت هجي ۽ جيڪو انهن گھڙين ۾ نهايت ئي اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگھڻ جي قابل هجي، انتهائي نقصانڪار ۽ ڀيانڪ ثابت ٿيندو آهي.

سنڌ به ويجھڙ ۾ اهڙا ڪجھه موت ڏٺا آهن، جيڪي سندس تمام وڏو نقصان آهن. ان ڏس ۾ رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جو لاڏاڻو سڀ کان وڏو نقصان آهي. هاڻي وري اهڙو ئي وڏو نقصان سنڌ جي قومي تحريڪ جي سرواڻ بشير خان قريشي جي لاڏاڻي سان سنڌ کي پلئِه پيو آهي. هن شهادت، هن نقصان سڄي سنڌ کي لوڏي ڇڏيو آهي. سنڌ جي هر ماڻهو بشير خان قريشي جي وڇوڙي کي دل سان محسوس ڪيو آهي. اهي ماڻهو جيڪي عام طور تي ڪامريڊن يا سياسي ڪارڪنن کي برو ڀلو چوندي يا سندن گلائون ڪندي ٻڌا ويندا هئا، بشير خان جي لاڏاڻي تي انهن جون اکيون به اشڪبار ڏسڻ ۾ آيون آهن. بشير جو لاڏاڻو سڄي سنڌ جو دلي ڏک ۽ پيڙا آهي، جنهن سنڌ جي صدين جي ڦٽن کي هڪ واري وري اکوڙي ڇڏيو آهي. سياست ۾ اختلاف هڪڙي عام شئي آهي. جتي اهو بقول سائين جي ايم سيد ”برڪت جي نشاني“ آهي، اتي اهو جڏهن منفي شڪل اختيار ٿو ڪري ته ڪجھه نقصان پڻ ڏئي ٿو. ان نقصان جو هڪڙو پاسو هيءُ به آهي ته ماڻهو هر شئي کي ان اختلاف جي آڌار تي ڏسڻ ۽ پرکڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. زندگي جا هزار روپ هجن ٿا، پر انهن هزارين روپن مان ڪنهن شخصيت جي ڪٿ لاءِ ماڻهو رڳو اختلافن جي بي رنگ ڇاڻيِ ئي استعمال ڪري ٿو. نتيجي ۾ انهن ننڍن وڏن اختلافن جي ڪري هن جي نظر انهن پاسن ڏانهن نه ٿي وڃي يا هو اوڏانهن اکڙيون کڻڻ ئي نه ٿو گھري، جيڏانهن ڪي شاندار پاسا، ڪي خوبيون ۽ ڪي ڳڻ هجن ٿا. پوءِ جڏهن اهو ڪٿ هيٺ رهندڙ ماڻهو هن دنيا مان هميشه لاءِ موڪلائي هليو ٿو وڃي، تڏهن پتو پئي ٿو ته مار! اسان جو ڪيڏو نه وڏو نقصان ٿي ويو آهي، ڪيڏو نه وڏو خال پيدا ٿيو آهي، هو ڪيڏي نه وڏي شخصيت هو! اهو شين ۽ ماڻهن ڏانهن هن دنيا جو عمومي رويو آهي. تنهن هوندي به شڪر آهي ته جيئي سنڌ جو ورڪر ڪنهن حد تائين ان رويي کان بچيل رهيو آهي. سائين جي ايم سيد جي تعليم ان ۾ جيڪا رواداري ۽ سهپ پيدا ڪئي آهي، اها چڱي حد تائين مثالي آهي. هو سخت ترين اختلافن جي باوجود هڪٻئي جي توڙي هڪٻئي جي اڳواڻن جي عزت ۽ احترام ڪندو رهيو آهي. جيتري قدر بشير خان قريشي جو تعلق آهي ته سڄي قومي تحريڪ جا ورڪر سندس بيپناھ عزت ڪندا هئا ۽ سندن دلين ۾ هن لاءِ محبت جو جذبو مؤجزن هوندو هيو. هو پاڻ به ته اهڙو هيو، جو بنا ڪنهن تنظيمي فرق جي هو سردي گرمي يا ڏک سک ۾ انهن ڪارڪنن وٽ وڃي نڪرندو هو. هن جو رويو اهڙو ڀلو هوندو هو، جو هر ڪارڪن ”وڏي“ جي دوستي جي دعوا ڪندڙ هوندو هيو. سندس وڇوڙي سندس لاءِ انهيءَ محبت ۽ مان مريادا ۾ اڃائين وڌيڪ واڌارو ڪيو آهي.

بشير خان قريشي پنهنجي لاڳيتي جاکوڙ وسيلي سنڌ جي قومي تحريڪ کي هيٺ عوام ۾ لاهي آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هيو. هن جسقم کي ايترو هيٺ عوام تائين آندو جو اها سنڌ جي نمائندا پارٽي ٿيڻ ڏانهن وڌي رهي هئي. سائين جي ايم سيد کانپوءِ سنڌي عوام بشير خان قريشي کي سنڌ جي آزادي جي سرواڻ طور ڏسڻ شروع ڪيو هو. هن جو سفر آهستي آهستي سياسي بلندين ڏانهن وڌي رهيو هو. هن جا مخالف به اها ڳالھ قبول ڪندا هئا ته سندس پارٽي قومي تحريڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي آهي ۽ هو ٻين جي ڀيٽ ۾ وڏو قداور اڳواڻ آهي. هو نه رڳو قومي تحريڪ، پر سڄي سنڌ جو قداور اڳواڻ هو. بينظير ڀٽو کانپوءِ هو واحد اڳواڻ هو، جنهن جي سڏ تي لکين سنڌي پنهنجا ڀاڙا ڀُتا ڀري اچي گڏ ٿيندا هئا. ساڳئي وقت اها به حقيقت آهي ته هو جيڏو وڏو ڳواڻ هو، سندس لاڏاڻي سان اڳواڻي جو خال به اوڏو ئي وڏو پيدا ٿيو آهي ۽ سنڌ جي آجپي جي تحريڪ جو نقصان به اوترو ئي وڏو ٿيو آهي. عمومن سڄي قومي تحريڪ ۾ ۽ خصوصن سندس پارٽي ۾ اهو خال ڏاڍي شدت سان محسوس ڪيو پيو وڃي. اها ڏکي هضم ٿيندڙ، پر هڪ تلخ حقيقت آهي ته جسقم ۾ ڪير به سندس پائي جو ٻيو ماڻهو موجود ناهي، جيڪو سندس پارٽي جي اڳواڻي سنڀالڻ سان گڏوگڏ سڄي قومي تحريڪ جي اڳواڻي ڪري سگھي. حقيقت اها آهي ته جيئن سائين جي ايم سيد جي وڇوڙي سان قومي تحريڪ ڇوري ڇني ٿي وئي هئي، تيئن هاڻي بشير خان قريشي جي لاڏاڻي سان اها ڇوري ڇني ٿي ويئي آهي. قومي ڪارڪن لاوارثي جي سخت احساس هيٺ ان مونجھاري ۾ ورتل آهي ته هاڻي جڏهن اهو اڳواڻ نه رهيو آهي، جيڪو سنڌ جي عوام کي ميڙي متحرڪ ڪري سگھندو هو، تڏهن سندس پڄاڻان قومي تحريڪ جو ڇا ٿيندو؟ ڇا اهو قافلو، جيڪو سائين جي ايم سيد جي لاڏاڻي بعد مِڙي مُٺ ٿيو هو ۽ آزادي جي سفر تي نئين سري سان روان دوان ٿيو هو، هڪ ڀيرو وري ڇڙوڇڙ ٿي ويندو؟ ان مونجھاري ۾ جڏهن هو پنهنجي پارٽي تي نظر وجھي ٿو، ته اتي کيس ڪو به اهڙو قداور اڳواڻ نظر نه ٿو اچي، جيڪو بشير خان جو خال ڀري سگھي. حقيقت اها آهي ته نه صرف جسقم جي اندر، پر سڄي قومي تحريڪ جي اندر اهڙو ڪو اڳواڻ موجود ناهي. بشير خان کي مبينا طور تي سنکيي جهڙو دير سان اثر ڪندڙ زهر (سلو پوائزن) ڏيئي ويرين اسان کان اهو اڳواڻ ڇني ورتو آهي، جيڪو قومي تحريڪ جي نمائندگي ڪندو هو. سندس هن ڪُمهلي شهادت سان سنڌ جي قومي تحريڪ هڪ ڀيرو وري انهن ساڳين خدشن سان برسرِ پيڪار آهي، جن سان اها سائين جي ايم سيد جي لاڏاڻي سان منهان منهن ٿي هئي.

جنهن طرح سان سنڌ جي قومي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن سائين جي ايم سيد جي لاڏاڻي تي ذميواري جو مظاهرو ڪيو هو، آئون سمجھان ٿو ته هن ڀيري به اهڙي ئي ذميداراڻي رويي جي ضرورت آهي. جيئن سائين جي ايم سيد جي وڇوڙي جي ڏک کي طاقت ۾ بدلائڻ جي ڪوشش ٿي هئي، تيئن هاڻي بشير خان قريشي جي وڇوڙي جي ڏک کي به طاقت ۾ بدلائڻ جي ضرورت آهي.

 

روزاني ڪاوش ۱۴ اپريل ۲۰۱۲ تان کنيل.


 

اسان جي مئاسين سفر ۾ او ساٿي

شبير لاشاري

صبح جو مان لائوج ۾ پهتس ته گهر واري اچي ٻانهن کان جهليو چيائين "ٺيڪ ته آهين، پريشان ته نه ٿيندين ”پوء مان ته پريشان ٿي ويس۔ چيم "ڳالھ ڇاهي "چيائين" اهو ادو بشير قريشي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔"!!مان سمجهي ويس ۽ پوء هن ٻڌايو ۔۔۔۔ مان جلدي سان ڪمپيوٽر کولي نيٽ تي آيس، ڪجھ دير ۾ شڪاگو مان سنڌ جو سينئر صحافي آصف قاضي آن لائين ٿيو۔ حال پڇيائين، مان کيس ايترو چئي سگهيس ته "اسان سان ائين ئي ٿيندو آهي دوست". ان کان پوء مهنجي گهر واري کيس ٻڌايو ته " هو شديد صدمي جي حالت ۾ روئي رهيو آهي ۔ ڳالهائڻ ۽ لکڻ جي حالت ۾ ناهي۔ " ان تي آصف قاضي لکيو ته "شبير کي سنڀاليو، صدمي کي برداشت ڪري ۔ اسان کي دوستن جي ضرورت آهي۔سندس مهرباني. مونکي ياد آهي ته ۱۹۸۴ ۾ حيدرآباد جيل ۾ شديد گرمي جا ڏينهن هئا، جيل جي چوڌاري بند کولين مان هڪ ۾ سنڌ ڌرتيءجو هڪ قيدي بند هيو ۔ اسان به ضياءالحق جي مارشل لا ۾ لٽريچر ڪيس جي حوالي سان ملڪ دشمني ڪرڻ، مارشل لا جي مخالفت، طبقاتي تصادم ڪرائڻ، صوبائي نفرت پکيڙڻ جي الزامن هيٺ جيل ۾ هئاسين۔ اسان سياسي قيدين سخت احتجاج ڪيو ته سنڌ جي هن قيدي بشير قريشي کي اسان سان گڏرهڻ ڏيو۔ جيل انتظاميا هڪ نه ٻڌي ۽ اسان آخري حربي طور بک هڙتال جي شروعات ڪئي۔ اها ٻن هفتن تائين هلي پر بشير قريشي کي بند وارڊ مان نه ڪڍيو ويو ۔ اسان سختي وڌائيندي پاڻي پئڻ بند ڪيو ته جيل ۾ ٿرٿلو پئجي ويو ته هاڻي اجهو ٿا سياسي قيدي مرن، نيٺ بشير قريشي کي آزاد ڪري بي ڪلاس وارڊ ڏي وٺي آيا۔اسان ڏٺو ته هن جي پيرن ۾ ڏنڊا ٻيڙيون لڳل هيون ۔ لوهي ڪڙن گرمي سبب هن جي پيرن کان مٿي کل کي ساڙي ڇڏيو هيو ۽ اڇا نشان ٺهي ويا هئا۔ اسان جو ڪيس اسپيشل ملٽري ڪورٽ ۾ ڪيس هلي رهيو هو، مون کي ۽ گهنشام پرڪاش کي جڏهن واپس وٺي آيا ته هٿ ڪڙين کي ڏسي بشير قريشي چيو " جيئي سنڌو ديش " مان چيو "سدا جيئي سنڌوديش " گهنشام وٺي زور سان کليو ته اسان کي ته سوشلسٽ وطن کپي ۔ مان چيم ته " يار! سنڌ، سنڌوديش، آزاد سنڌ، آزاد وطن هڪ ئي نالا آهن۔ صرف نظام جو سوشلسٽ هجڻ ضروري آهي۔ وري وري جڏهن به ملياسين، ساڳيو پيار، ساڳي محبت، ساڳئي عزت، سدائين هٿٻڌي کيڪارڻ، ڪيڏو ٻاجهارو ۽ پيارو انسان هيو۔ جڏهن مان ۲سال اڳ نيٽ تي جاري ڪرڻ لاء اتحاد جي نالي وڊيو جاري ڪري رهيو هوس ته منهنجي ڌيء خاص طور تي نيٽ تان بشير قريشي جي تصوير ڳولهي ايدٽ ڪري لڳائي ته هي آهي چاچا بشير جي تصوير پوء ان ۾ ڳاڙهن جهنڊن سان سنڌي عوام جي تصوير لڳائي، ته هڪ دوست ڪمينٽ ۾ لکيو ته " هي ته جيئي سنڌ جي تصوير آهي"لکيم" اهي به ته اسان جا پهنجا آهن، اسان هنن جا آهيون، ڪهڙو فرق ٿو پوي۔"اڄ جڏهن بشير قريشي جدوجهد ڪندي ڪندي هڪ وجود مان نڪري تحريڪ بنجي چڪو آهي ته سڄي سنڌ سوڳوار آهي ۔ مون کان لکجي ويو ته شهيد بشير قريشي ۔ ڇو ته هو سنڌ جو عاشق، جي ايم سيد جو سچو پيروڪار هيو ۽ سنڌ جي آزادي لاء جدوجهد ڪندي سفر ۾ سڄي سنگت کي روئندو ڇڏي ويو آهي۔ اڃا هفتو اڳي ته هن ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي کي يقين ڏياريو هو ته سڀ گروپ گڏجي سنڌ لاء جدوجهد ڪندا۔ هاڻي جڏهن منهنجي گهر واري پڇي رهي هئي ته توکي بهادر رهڻ کپي، روئڻ نه گهرجي ها ته مان کيس چيو هي روئڻ ذات لاء ناهي پر هڪ دوست جي وڇوڙي، سنڌ جي اهنجن، عذابن، هڪ تنظيم، هڪ تحريڪ، سنڌ جي پورهيتن لاء هڪ ڳڏيل جدوجهدلاء روئڻ آهي، جيڪو هر ڀيري ڪٿي نه ڪٿي رڪجي ٿو وڃي پر هي سفر جاري رهندو عوام جي آخري فتح تائين۔ هٿ ڪڙي جي ڪڙي ڪڙي تي، تنهنجو مهنجو نانء لکيل آ، پوء به آزادي جو جهنڊو، وستي وستي جهوليل آ ۔


 

بشير قريشي

سڄي سنڌ کي روئاڙي ويو

نور سنڌي

رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جو سياسي، ثقافتي، روايتن جو امين، سنڌ ۽ سنڌ واسين جو سچو عاشق سنڌ جي ننگن دنگن جو محافظ، سچو ديشي بشير خان قريشي ۵۳ سالن جي ڄمار ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.

پاڻ سڪرنڊ اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. بشير قريشي ڇا وڇڙيو جيئن ڪو پکي آکيري مان اڏامي وڃي ته وڻ پنن ۽ ٽارين کان خالي ٿي وڃي اهڙي ريت جهڙو بشير خان قريشي سڄي سنڌ کي ويران ڪري ويو. سندس وڇوڙي تي لکين دليون ويران ٿي ويون آهن. جهڙوڪ هڪ منظر بربادي جو روح بڻجي ويو هجي. بشير خان قريشي جو وڇوڙو لکين سنڌ واسين کي ايئن لڳي رهيو آهي جهڙوڪ بي لوث چاهتن جو قافلو هليو ويو آهي. سنڌ ڌرتي ۽ ڌرتي وارن سان عشق ڪندڙ پنهنجي چاهيندڙن کي دائمي جدائي جو سُور ڏئي هليو ويو. لکين ماڻهن جا سندس وڇوڙي تي نيڻ آلا آهن دليون زخمي ۽ ويران آهن. بشير خان قريشي هڪ خواب وانگر هو. اک کلي ته هو ڏوُر هليو ويو. اتي جتي ويندڙ وري نه موٽندا آهن. سندس وصال تي لکين ماڻهن جي نيڻن جا بند اٿليل آهن. سندس لکين چاهيندڙن کي ايئن لڳي رهيو آهي جهڙوڪ هنن جو سڀ ڪجھ ختم ٿي ويو آهي. بقول هڪ شاعر جي ته:

توکان ٿيندي ڌاري، کلندي کلندي يار

لڙڪ لڙي پيا لار ڪري.

ها بشير خان قريشي لاءِ لکين سنڌ واسي لڙڪ ڇو نه وهائين ڇاڪاڻ ته بشير خان سنڌ واسين جو ڀرجهلو هو. لکين سنڌين جو آواز هو. جڏهن به جنهن به دور ۾ ڌرتي ۽ ڌرتي ڌڻين خلاف فيصلا ٿيا سازشون ٿيون يا ڪي ڏکيا ڏينهن آيا ته پنهنجي جان جي پرواھ نه ڪندي ان خلاف سندرو ٻڌي ميدان تي ٽپي پوندو هو ۽ هوشو جي للڪار بڻجي ويندو هو.

پاڻ رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي فڪر ۽ فهم کي تيزي سان اڳتي وڌايو. پاڻ سائين جي ايم سيد جي سياسي ثقافتي روايتن جو امين هو. سائين جي ايم سيد بعد سنڌ واسين بعد سنڌ واسين لاءِ آٿت جو سبب هو. هو هن سنڌ واسين ۾ آٿت پيدا ڪئي ته اوهان اڪيلا نه آهيو. اوهان لاوارث نه آهيو. سنڌ ڏانهن ميري اک کڻي نهاريندڙن جون اکيون ڪڍيون وينديون. هن پنهنجي زندگي سنڌ ڌرتي ۽ ڌرتي ڌڻين لاءِ ارپي ڇڏي. سندس کوڙ سارا ڪارناما سنڌ جي تاريخ ۾ امر رهندا. پاڻ اڻ ورچ انسان هو هر وقت مسلسل جدوجهد ڪئي. رات ڏينهن سائين جي ايم سيد جي مشن کي تڪميل تي پهچائڻ لاءِ اڻ ٿڪ جدوجهد ڪئي. سائين جو فڪر سڄي سنڌ ۾ پکيڙيو. سنڌ واسين جي حقن جي حاصلات ناانصافين جو فڪر سڄي وقت جي حڪمرانن سان مهاڏا اٽڪايا. بشير قريشي واحد شخصيت هئي جنهن جي جدوجهد جي جيئي سنڌ جا سڀئي ڌڙا سڀئي گروپ نه فقط ساراھ ڪندا هئا پر سندس جدوجهد کي مڃيندا هئا. هن جي سڀني وٽ عزت احترام هو. تازو ۲۳ مارچ تي ڪراچي ۾ سندس جلسي لکين ماڻهن جو ڇوليون هڻندڙ سمنڊ فيصلو ڏيئي ڇڏيو ته بشير خان قريشي اسان جو هيرو آهي. اسان جي دلين جي ڌڙڪن آهي. لکين سنڌ واسين جو مزاحمتي سرواڻ آهي. بشير خان قريشي سنڌ واسين ۾ قبائلي جهڙا ختم ڪرائڻ لاءِ منٿ ميڙ قافلن کان وٺي سنڌ جي هر مسئلي سنڌ واسين جي بنيادي مسئلن ساڻن ٿيندڙ ناانصافين خلاف عملي جدوجهد ۽ مزاحمت ڪئي. جتي به ظلم ٿيندو جتي به سنڌ واسين سان ڪا زيادتي ٿيندي هئي ته بشير خان قريشي اتي پهچي نه صرف انهن مظلومن کي آٿت ڏيندو هو پر ان مهم ڏاڍ خلاف مزاحمت ڪندو هو. کيس سنڌ جي ابو جهاد به سڏيو ويو. سندس وصال جو ڪنهن کي به يقين نه پيو اچي سندس وڇوڙي سڄي سنڌ کي ڪتي ۾ آڻي ڇڏيو آهي. تقريبن سنڌ جي شهر ڳوٺ واهڻ وستين ۾ ماڻهن ان سوڳ ۾ پنهنجا ڪاروبار بند ڪري ڇڏيا. سندس وصال تي سڄي سنڌ ويران آهي. سڄي سنڌ ڏکويل آهي. سنڌ واسين کي بشير خان قريشي جي وصال تي اهڙو درد محسوس ٿي رهيو آهي جيترو ڪنهن ويجهي مائيٽ جي وصال تي ٿيندو آهي. بشير خان جي وصال جو تڏو صرف رتوديرو ۾ سندس گهر تي نه پر هر سنڌ پرست سنڌي جي گهر ۾ وڇايل آهي. ساڻس سنڌ واسين جو عشق جو اهو انداز آهي ته لکين نيڻ آلا آهن. لکين دليون ويران آهن. سڪرند کان لاڙڪاڻو جتان رتوديرو ڏانهن سندس جسم خاڪي کي ايمبولينس ۾ کڻي وڃي رهيا هئا ته ڪيترن ئي شهرن جي اسٽاپن تي هزارين ماڻهن روڊن تي ويهي ايمبولينس روڪي سندس آخري ديدار ڪيو. ان وقت جاءِ منظر قيامت خيز هئا. جڏهن ته آخري سفر ۽ کيس ڌرتي ماءُ جي هنج حوالي ڪرڻ واري منظر ڪربلا لڳي رهيا هئا. بشير خان قريشي ۱۰ آگسٽ ۱۹۵۹ع ۾ لاڙڪاڻي جي رتوديرو شهر ۾ جنم ورتو. ۷۶ع ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ شامل ٿيو. ۹۵ع ۾ جڏهن جسقم جو بنياد پيو ته کين ڊپٽي آرگنائيزر بڻايو ويو. ۹۶ع ۾ جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. ۹۸ع ۾ چيئرمين چونڊيو ويو. پاڻ سنڌ ۽ سنڌ وارن سان عشق ڪيو ۽ محافظ وارو ڪردار ادا ڪرڻ جي ڏوھ ۾ ڪيترا ئي ڀيرا جيل ڀيڙو ڪيو ويو. جتي اڃان وڌيڪ اتساھ پيدا ڪيو. وڌيڪ همٿ ڀريو وڌيڪ طاقتور بڻائي ڇڏيو. پاڻ فقير منش انسان هو. ساڻس زندگي جي ڪيترن ئي موڙن تي ڪيئن ملاقاتون رهيون. لطيف جي ميلي ۾ پير مظهر علي نازڻ سائين جي بنگلي تي هر سال ملاقات ٿيندي هئي. لطيف جو ڪلام پيغام عام ڪرڻ لاءِ مون پاران ڀيڄ ڀٽائي ميگزين شايع ڪرڻ واري عمل کيس متاثر ڪيو ۽ منهنجي اهڙي عمل جي ساراھ ڪندي چوندو هو ته نور سنڌي تون لطيف جو قرض ادا ڪرڻ لاءِ پنهنجو فرض ادا ڪري رهيو آهين. جيڪو ڪم وقت جا حڪمران نه ٿا ڪري سگهن اهو تون اڪيلي سر ڪري رهيو آهين. پاڻ لطيف جو عقيدتمند هو. چوندو هو لطيف پاڻ سڀن جو روحاني رهبر ۽ سندس درگاھ روحانيت جي يونيورسٽي آهي.

بشير خان قريشي تي ڪيترا ئي قاتلاڻه حملا به ڪيا ويا ڇاڪاڻ ته بشير خان قريشي سامراجي ڌرين کي آک ۾ ڪنڊو هو. بشير خان قريشي جهڙي جوڌي سورهيه جي هوندي سنڌ دشمن قوتون بي وس هيون. پاڻ هر وقت اهو چوندو هو ته آخري دم تائين سنڌ جي آزادي سنڌين جي حقن جي حاصلات، سنڌ دشمن قوتن سان ويڙھ جاري رهندي. پاڻ پنهنجي اهڙي قول کي پاڻي ڏنو جو مرڻ تائين ان مشن کي ڪامياب ڪرڻ سائين جي ايم سيد جي فڪر کي اڳتي وڌائڻ لاءِ جدوجهد جاري رکي. هو آرام ڪرڻ نه سکيو هو. هو مسلسل جدوجهد ۽ جدوجهد جي علامت هو. هو لطيف جي شعر:

تتي ٿڌي ڪاھ ڪانهي ويل ويهڻ جي

متان ٿئي اونداھ پير نه لهين پرين جو

تي باقائده عمل پيرا هو. سنڌ ۽ سنڌين جي عشق ۾ سک آرام وساري ويٺو کيس منزل ويجهي نظر ايندي پاڻ پتوڙي رهيو هو. بشير خان قريشي جي هي ويل وڃڻ جي نه هئي. کيس اڃان زنده رهڻ گهرجي ها. بشير قريشي ته اسان کان وڇوڙي ڏور هليو ويو هو ته ڌرتي ماءُ جي هنج ۾ ابدي ننڊ سمهي رهيو پر سندس فڪر فهم سندس جدوجهد زنده رهندي. ظاهري طور ته بشير قريشي حقيقي مالڪ ڏانهن هليو ويو پر سندس شاندار ڪردار سان جي دل دماغ ۾ زنده رهندا.

سنڌ واسين کي بشير خان قريشي تي فخر آهي ۽ سنڌ جا ايندڙ نسل فخر ڪندا. جتي سائين جي ايم سيد جو نالو ايندو اتي سندس فڪر جي امين بشير قريشي جو به نالو ايندو

مورن جهڙا ماڻهو، جن جو پارس جهڙو پيار

سي ڪيئن وسرندا يار، جن سان رشتو روح جو

اسين بشير خان قريشي جي وڇوڙي تي سندس مٽ مائٽن ۽ کيس چاهيندڙ لکين سنڌ واسين سان تعزيت ۷ دلي همدردي جو اظهار ڪريون ٿا.


 

بشير خان قريشي

جنھن جي وڇوڙي تي ڀٽائي ۽ سنڌ ويٺا رئن پاڻ ۾. . .!!

مظهر خاصخيلي

هن جڳ جهان اندر هونئن ته روز هزارين ماڻهن جو موت صدين کان وٺي روز ٿيندو ٿو اچي پر ڪي فرد اهڙا هوندا آهن جن جو موت قومن کي لوڏي وجھندو آهي. اهي فرد ڪي معمولي فرد ناهن هوندا. هو پنهنجي ذات ۾ اداري جي حيثيت رکندا آهن ۽ اسان سنڌ ڄاوا ان حوالي سان تمام گهڻا خوش قسمت آهيون جو اسان جي ڌرتي منجھ اهڙن فردن جو تمام وڏو انگ موجود آهي. جنهن جو وڏي ۾ وڏو سبب اهو آهي ته موجوده ملڪ پاڪستان اندر هن وقت جيڪي چار صوبا آهن. انهن ۾ پنجاب، خيبرپختونخواھ، بلوچستان اهڙا صوبا آهن جن صوبن کي اتان جا رهواسي ڪڏهن به ماءُ جي ناءُ سان ناهن سڏيندا پر اسان سنڌ جا ڪروڙين رهواسي سنڌ کي پنهنجي ماءُ جيجل سڏيندي فخر محسوس ڪندا آهيون ۽ انهن مان ڪي ڪي فرد اهڙا هوندا آهن جيڪي پنهنجي امڙ سنڌ جي مٿان جان قربان ڪندي پنهنجي سموري زندگي سنڌ ڌرتي جي خوشحالي جي ڪري ڏينهن رات محنت ڪندا آهن. انهن فردن ۾ جيڪڏهن سنڌ جي ان ارڏي پٽ ۽ جديد دور جي دولھ دريا خان بشير خان قريشي جو ناءُ وٺبو ته سچ پڇو هر ان سنڌ جي باضمير ۽ با غيرت پٽ جي اندر مان هڪ ٿڌو ساھ ڀرجي نڪري پوڻ سان گڏ مرشد لطيف سرڪار جون هيٺيون سٽون زبان تي پاڻ مرادو تري ٿيون اچن.

موت پوئي موت ان مدائتو آئين.

سوين سڪندر ماريئي ارڏا ۽ انموٽ

الڙو ڪرين هان لطيف چوي ڪانه پوي هان کوٽ

گهايئي اهڙا گهوٽ جن مند نه هئي مرڻ جي.

۽ اهو ئي سبب هو ته ۷ اپريل جي رات جو جيئن سنڌ جي شهر، ڳوٺن، واهڻ، وستين تائين اها خبر پئي ته انهن جو محبوب اڳواڻ ۽ سنڌ جو ارڏو پٽ بشير خان قريشي هن فاني جهان مان دل جو دورو پڻ سبب جسماني طور تي الوداع ڪري ويو آهي ان وقت هڪ ته ان سان محبت ڪندڙ ان جي اوچتو موت کي تلسيم ڪرڻ جي لاءِ تيار نه هئا مٿان کان وڏي واقعي اوڇنگارو ڏيندي آهي. نغما چئي رهيا هئا ته تون سان کان رياستي دارن جي هٿان جدا ڪرايو ويو آهين ۽ واقعي ان حوالي سان سنڌ جي ساڃاھ وند ماڻهن ۽ جسقم جي سمورن ڪارڪنن جا اهي خدشا سچ ثابت ٿيا آهن ته سنڌ جي ان ارڏي پٽ بشير خان قريشي کي پنجاب جي انهن سامراجي قوتن پنهنجي چالاقين سان ان جي ڪري رستي تان هٽائي ڇڏيو آهي جو هو سنڌ جو اوحد قوم پرست اڳواڻ هو جنهن کي سڄي سنڌ جا عوام ماڻهو تمام گهڻو پيار ڏيندا هئا. ان جا ڪجھ اهم سبب هيٺيان آهن.

بشير قريشي پنهنجي طبيعت ۾ صوفياڻي مزاج جو اهڙو ماٺيڻو ماڻهو هو. جيڪو گهڻو ڳالهائڻ کان وڌيڪ گهڻو ڪم ڪرڻ تي يقين رکندو هو. ان ڪري هي صبح جو ڪراچي هوندو ته منجهند جو وري دادو ته رات جو وري ڪشمور. ان ڪري هن سنڌ جي جوڌي جوان جو نالو ماڻيو. جيڪڏهن لطيف جي انهن کاهوڙي ڪردارن جي ماڻهن واري لسٽ ۾ لکجي جن پنهنجي زندگي جون سموريون عياشيون آرام پنهنجي جيجل سنڌ جي عشق ۾ ڇڏي ڏنا هجن. ان ۾ ڪنهن قسم جو وڌاءُ ناهي. هي اهڙو سنڌ جو ارڏو پٽ هو. جنهن پنهنجي جيجل سنڌ جي جهولي مٿان شروع ڪرايل انهن برادرين وارن جهيڙن جھڳڙن کي ختم ڪرائڻ جي لاءِ سدائين شاھ سائين جو رسالو ميڙ منٿ وٺي وڃي ان وقت تائين انهن جي اوطاقن مان نه واپس ايندو هو جيستائين اهي برادريون پاڻ ۾ ٺاھ نه ڪنديون هيون ۽ هن جي ڪري ڪافي سنڌ جا جهيڙا جهڳڙا ختم ٿيا ۽ هي سنڌ جو اهڙو ارڏو پٽ هو جو انهن سردارن، ميرن، پيرن، ڀوتارن سان اکيون اکين ۾ ملائي انهن کي اهو باور ڪرائيندو هو ته مان اوهان جي تڪ ۾ اوهان سان اليڪيشن نه وڙهندس مان اوهان جا ووٽ کارڻ نه آيو آهيان. مان اوهان وٽ شاھ لطيف جو رسالو ۽ جيجل سنڌ جي جهولي کڻي آيو آهيان. پنهنجو پاڻ ۾ جهيڙا جهڳڙا ختم ڪيو. پنهنجي اصل دشمن کي سڃاڻو جيڪي اوهان کي ويڙهائي اوهان جي ڌرتي جي سمورن وسيلن کي پنهنجو سمجهي کڻي ٿا وڃن ۽ اوهان پنهنجي ڌرتي هوندي به پاڻ وٽ سڀ ڪجھ انگ اگهاڙا فقير آهيو. پاڻ ۾ وڙهڻ کان بهتر اٿو ته انهن ڌرين سان وڙهو ۽ پنهنجا حق وٺو ۽ ان جي ڪري سنڌ جو عوام هن جوڌي جوان سان گڏ هوندو هو. هي اهڙو سنڌ جو بهادر پٽ هو ڪڏهن عمران جوکيو جي امڙي شاهينه جوکيو وٽ ڦل شهر ۾ پهچي ان جي نوجوان پٽ جي بازيابي جي لاءِ ڌرڻو هڻندو هو ته ڪڏهن ٺل ۾ فضيلا سرڪي جي آزادي لاءِ ڪڏهن سکر باءِ پاس تي ڪڏهن ٺٽو ته وري ڪڏهن ميرپور ماٿيلو ته ڪڏهن مٺي مطلب ته سنڌ جو اهڙو ڪوبه شهر نه آهي جتي ڪنهن سنڌ ڄائي سان مسئلو ٿيو هجي ۽ هن سنڌ جي ارڏي پٽ اهو چئي ان لاءِ احتجاج نه ڪيو هجي ته هي منهنجو مسئلو رڳي نه آهي پر هن ته پنهنجي جيجل سنڌ امڙ جي پٽ ٿي ڏيکاريو ۽ هر سنڌ جي مسئلي تي احتجاج ڪرڻ سان گڏ ڌرڻا هنيا ۽ ان جي ڪري اڄ سڄي سنڌ پنهنجي جوڌي جي وڇوڙي تي هنجون هاري رهي آهي. پر خبر نٿي پوي ته انهن رياستي ادارن جي ذهن ۾ اها ڳالھ ڇو ۽ ڇا جي ڪري نٿي ويهي ته سنڌ ۽ ان جا رهواسي هن وقت مڪمل سجاڳ ٿي چڪا آهن. انهن کي خبر پئجي چڪي آهي ته هن وقت تائين پردي جي پويان اهي ڪهڙيون ڌريون آهن جيڪي سنڌ جي وسيلن کي پنهنجي ملڪيت سمجهي کنيو ٿا وڃن سنڌ جي ماڻهن کي سجاڳ ڪرڻ ۾ سڀ کان گهڻو هٿ ان بشير خان قريشي جو آهي. جنهن سنڌ جي جهر جهنگ وڃي سنڌ جي ماڻهن وٽ پٽ تي ويهي انهن جي ذهن تائين پنهنجي سائين جي ايم سيد جي فڪر کي پهچايو ۽ اڄ سڄي سنڌ اهو مطالبو ڪري رهي آهي ته محبوب اڳواڻ جي شهادت جي پويان لڪيل هٿ ظاهر ڪري انهن جي ذهن ۾ پيدا ٿيل موجهارن کي ختم ڪيو وڃي ڇو ته شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ سنڌ اندر بشير قريشي جي شهادت تي سنڌ ۾ اهڙي هڙتال ٿي آهي سنڌ جي ڪنهن به ننڍي يا وڏي شهر اندر ڪوبه ڪاروبار نه کليو ماڻهن سموريون ننڍيون ۽ وڏيون گاڏيون بند ڪري پنهنجو احتجاج نوٽ ڪرايو آهي ۽ ان حوالي سان ته اها اڄ ڏينهن تائين سنڌ جي محبوب اڳواڻن جن کي کي عوام چاهي ٿو انهن جي قتل تان پردو کڻي ناهي سگهي ان ۾ ڪافي مونجهارا اڄ به برقرار آهن ۽ ڪاميٽيون سدائين ٺهنديون رهنديون آهن ۽ ان حوالي سان سنڌ جي صحت کاتي جي سيڪريٽري صاحب کي مبارڪ ڏجي جا وري معيار جو ۷ ڏينهن کانپوءِ بشير خان قريشي جي جسم مان ورتل جزن جي چڪاس لاءِ ۱۵ رڪني ميڊيڪل بورڊ قائم ڪيoآهي. جيڪا ڪجھ ڏينهن تائين رپورٽ ڏيندي ۽ سنڌ حڪومت وري بشير خان قريشي جي موت جو ڪارڻ جاچڻ لاءِ ۱۳ رڪني جاچ ٽيم ڊي آءِ جي ثنا الله عباسي جي اڳواڻي ۾ جوڙي ڇڏي آهي پر ڳالھ وري به اها آهي ته انهن جاچ ٽيمن مان سنڌ جو اهو نوجوان ڪڏهن به اميد نٿو رکي جن سالن کان وٺي اهڙن ٽيمن جون هٿ سان جوڙيل سموريون رپورٽون سدائين ٻڌايون آهن ۽ ڏٺيون آهن جن جي وسيلي جڏهن به سنڌي قوم کي انهن جي هيرن جي اصل قاتلن جي صحي ڄاڻ ناهي ڏني ويندي. سنڌ ڌرتي جي اها به تاريخ رهي آهي ته هن ڪڏهن به پنهنجي محبوب اڳواڻ کي وسارڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي ۽ بشير قريشي ته سنڌ امڙ جو ارڏو پٽ ۽ لطيف سرڪار جو سچو پيروڪار هو پوءِ سنڌ امڙ ۽ لطيف سائين ڇو نه بشير خان قريشي جي لاءِ رئندا.

ڪلهن مٿي ڪنڌ، رکي سڄي راتڙي

ڀٽائي ۽ سنڌ رئن ويٺا پاڻ ۾.


 

چوڏهين جي چانڊاڻ ۾ وڇڙي ويل شينهن دل

امر سنڌو

چوڏهين جي چانڊاڻ ۾ هُن شينهن مُڙس جي دل ڇا بيٺي هئي، ڄڻ سڄي سنڌ جي دل ڌڙڪڻ ڇڏي ڏنو هو. هو جيڪو ڪجھ سالن ۾اوچتو ئي اوچتو سڄي سنڌ جي ڌڙڪن بڻجي ويو هو. هُن جي دل وفا ته نه ڪئي هئي پر هيءُ اوچتو ڌڪ هو، جيڪو کيس کنڀي وڃڻ لاءِ لڳو هو. هو ويو نه هو، هن جي دل هُن جو ساٿ نه ڇڏيو، بس هو کنڀجي ويو هو. کنڀي کڻڻ وارا کڻي پويان پير جا نشان نه به ڇڏين ته به پڌرا. . . . چوڏهين جي چانڊاڻ ۾ هو کنڀيو ويو. پويان گهگھ اوندھ، جتي پراوا ته پراوا پنهنجا به سڃاڻڻ ۾ نه اچن. هو شينهن مُڙس ته سدا جو رهيو پر پوين چند سالن ۾ ڄڻ ته هو هڪ نئين سڃاڻپ سکي رهيو هو، هو سنڌ جو، سنڌين جو هڪ نئون سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي رهيو هو. سنڌي ۽ سنڌ جيڪي وفاق پرست وڏيرن، وڪائو مال پويان جُتيون گسائڻ، ڳڙهي خدا بخش جي ٻن قبرن سان غير مشروط محبت رکندڙ، سنڌ ڪارڊ وسيلي جوا ۾ کٽيل سنڌ جي نئين سڃاڻپ ڪارڊ ۾ سنڌ جي وارثي ڳڙهي خدا بخش جي مجاورن کان کسجي رهي هئي. . . . هو به لاڙڪاڻي جي تتل ڌرتي جو جنم هو، تنهن ڪري هُن کي به خوب پتو هو ته ”ارڏائي جي سزا نيٺ به هِن رياست وٽ ڇاآهي؟؟“ طريقه واردات، هن ڀيري پر ڪجھ مختلف ضرور هو.

ست اپريل تي سڪرنڊ کان رتي ديري تائين جي آخري سفر ۾ هو هڪ نئين سنڌ جو تعارف لکي ويو. لڳ ڀڳ ستاويھ ڊسمبر جو منظر، اونداهي رات ۾، سنڌ جي لکين ڪروڙين ماڻهن جي محبت جي مرڪزيت رکندڙ سرد جسم جو ايمبولينس وسيلي پنهنجي خاڪ ڏانهن واپسي هئي. اونداهي ۾ ايمبولينس جي سائرن ڄڻ ته سنڌ جي دانهن پي ورنائي. کوڙ، هزارين لکين اُهي جن کي سنڌ سان محبت جي دعويٰ، پر هيءُ بشير خان قريشي، اُهو جنهن کي چند سالن اندر سنڌپيار ڪرڻ شروع ڪيو هو. الائي به ڇو لاڙڪاڻي جي خاڪ جي ارڏن روحن جا آخري سفر ائين آڌي اڌ رات جو شروع ٿا ٿين. ارڏائپ جي سزا نيٺ به ساڳي ٻين سان ڇو ٿي لکي وڃي.”

هيءُ ڪمهلو، اچانڪ موت آهي، جيڪو اهڙن ارڏن ڪردارن کي ديومالائي بنايو ڇڏي يا سندن غير معمولي قسم جي پاپولرٽي هُجي ٿي، عوام جي محبوبيت هُجي ٿي، جيڪا ”عام“ عوامي انسان کي غير معمولي حد تائين ديومالائي حيثيت عطا ڪريو ڇڏي. عجب مثال ته هن خاڪ کي لحد ۾ لاهڻ وقت عورت ڪارڪن به ڪلهي ڪانڌي ٿي. بشير خان قريشي جو ڏسو کڻي پروفائيل ڇا هو؟ انقلابي ۽ آزادي پسند ٻين سياسي اڳواڻن جي عين اُبتڙ نه هو، اُٺ ڪتابن جا پڙهيل ۽ نه ئي دنيا جي تاريخ جي ڌڙڪندڙ رڳ تي سندس آڱر، نه سياسي اٽڪل بازين جو هوشيار ۽ نه ئي سياسي بيان بازي جو ماهر، وٽس نه ڪو تقرير جو دل موهيندڙ هُنر ۽ نه وري سندس ڪا دلپذير تحرير. . . .

ٽنڊي ڄام ۾ شاگردي جي دور ۾ عام ڪامريڊ شاگردن جهڙو شاگرد اڳواڻ- ها پر بهادري ۽ ارڏائي سبب اُنهن چند شاگرد اڳواڻن ۾ شامل جيڪي جي ايم سيد جا ڏنگا ٻار ڪري سڏيا ٿي ويا ۽ اُهي جيڪي چند جي ايم سيد جي قرب ڪڙي ۾ ڦاٿل، کيس گهڻا ويجها. . . تن مان بشير قريشي ٻه پوين صفن ۾ بيٺل، تن ڏينهن جي شاگرد سياست جڏهن ضياءَ جا ڏهاڙا سنڌ لاءِ قهر جو ميدان بڻيل تڏهن شاگرد سياست وٽ ”پنجاب سامراج“ جي مورچه بندي جا مرڪز اڪثر يونيورسٽين ۽ ڪاليجن جون هاسٽلون هيون. بندوق، اُن وقت به شاگرد سياست ۾ عام جام ۽ لڳ ڀڳ قومي محاذ جا سڀ معرڪا انهن هاسٽلن اندر ئي ٿي سر ٿيا. ايم ڪيو ايم اڃان تڏهن ڄاول نه هئي، جڏهن پنجابي اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۽ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن دوبدو هڪ ٻئي تي نشانو پڪي ڪرڻ لئه هر وقت پستول جو گهوڙو ڇڪيل رکنديون هيون. ڊاڪٽر ڪمال راهمون، رضا محمد بنگلاڻي ۽ ٻيا کوڙ، اهڙن قومي معرڪن ۾ رت ۾ وهنجي نڪتا. . . ڊاڪٽر قادر مگسي، گل محمد جکراڻي سميت ٻيا ٽوڙهي ڦاٽڪ جا بنديوان هيرو، ڊاڪٽر دودو مهيري ۽ اُن جي آخري صف جو سپاهي بشير خان قريشي هو. سائين جي ايم سيد جي رهبري هئي ۽ هي قومي جنگ جا سپاهي سڏبا هئا. جيئي سنڌ تحريڪ ۾ اڪثريت جذباتيت، نعريبازي، سنڌ سان عشق، سيد سان عشق، سن جي مٽي ۽ سنڌ ڌرتي سان وفاداري جي هئي. ائين ضرور هو ته جيئن ئي اُنهن جوڌن تعليمي ادارن کان ٻاهر قدم ٿي رکيو ته اُنهن عملي طور تي سياست لاءِ يا هڪ عليحده رستو ٿي چونڊيو يا وري وهندڙ ڌارا ۾ ڪنهن پارلياماني پارٽي جو جامو وٺڻ تي مجبور ٿي ٿيا. گهڻا جوڌا ته قومي سياست کي ٽي طلاقون ڏيئي وڃي ٻچن جي روزي روٽي تي لڳا. . . .

اسي جي ڏهاڪي جي قومپرست سياست جا پنهنجا dynamics هئا پر نوي جي ڏهاڪي جي سياست جي تقاضا ٻي هئي. شهري علائقن ۾ ايم ڪيو ايم جي اُسري اچڻ کانپوءِ هن رياست اندر سنڌ جي قومي تحريڪ جي بنيادي ٽڪراءُ جي نوعيت، سياسي عمل ۾ هٿرادو طريقي سان ڦيري سنڌ- پنجاب تضاد جي جاءِ تي سنڌي مهاجر تضاد واضح طور تي سامهون اُڀري بيٺو.

سنڌ ۾ لساني بنيادن تي ويڙھ جو مورچو تشڪيل ڏيئي، سنڌ- پنجاب يا وفاق ۽ قومن واري تضاد کي side line ڪرڻ ۾ جيتوڻيڪ ضياءُ الحق جي حڪمت عملي گهڻي ڪارگر ثابت ٿي پر حقيقي طور تي سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ پڻ اهي تضاد اُڀري سامهون آيا. جي ايم سيد جي وفات کانپوءِ اها تحريڪ نظرياتي بنيادن تي گهٽ پر ليڊرشپ جي سوال تي، هر سال هڪ کان وڌيڪ ڀاڱن ۾ ورهائجندي رهي.

اسي جي ڏهاڪي ۾ ٻين شاگرد اڳواڻن جيان بشير خان جو پروفائيل به اُن ريمبو اسٽائيل واري بندوق باز جهڙي تصوير سان ابو جهاد جي نالي سان مشهور ٿيو هو. هو ارڏو هو، هو بهادر هو، هو سر تري تي رکي وڙهڻ جو فن ڄاڻندو هو. هو شاگردن جي حلقي ۾ ضرور هيرو شپ جو منصب ماڻي چڪو هو پر عملي طور تي بشير خان قريشي پنهنجي قد ڪاٺ سان تڏهن ظاهر ٿيو، جڏهن هن پنهنجو سياسي مرڪز ڪراچي کي بڻايو. ڪراچي وارن لاءِ هو ڪهڙي آٿت هو، سا ته ممڪن آهي ڪراچي وارا بهتر سمجهائي سگهن پر حقيقي طور تي ان عرصي ۾ بشير خان پنهنجي سڃاڻپtransformڪرڻ سان گڏوگڏ سنڌ جي قومي تحريڪ کي جذباتيت، اُٻهرائپ، بندوق بازي، ٽرڙائپ، ڇسائپ ۽ adventurism سمجهي ورتائڻ بجاءِ بردباري، سنجيدگي ۽ عوام دوستي واري سڃاڻپ ڏيڻ ۾ وقف ڪئي.

ڪجھ ئي سالن ۾ پنهنجي شاگردي دور واري مزاج جي عين اُبتڙ هن سنڌ جي قومي تحريڪ عدم تشدد سان مشروط ڪري ڇڏي هئي. توڙي جو اِهي ڪي چند سال آهن جڏهن بلوچستان ۾ هٿياربند تحريڪ وڌيڪ زور وٺي رهي هئي ۽ مٿس ان لحاظ کان گهڻ پاسو دٻاءُ به هو ته هو سنڌ ۾ عليحدگي پسند تحريڪ کي هٿياربند جدوجهد سان مشروط ڪري بيشڪ ته هو مشرقي يورپ ۽ دنيا جي ٻين اُنهن جمهوري تحريڪن جي ڪا گهڻي واقفيت ۽ آگاهي ته نه رکندو هو ته ڪيئن عوامي تحريڪ سان پڻ آزادگي واري راھ وٺي سگهجي ٿي نه وري کيس اُن اُٻهرائپ واري مقبوليت تي ڪو گهڻو يقين هو ته بندوق کڻڻ سان، آزادي آسان ۽ سڦل ٿي پوندي. هن پنهنجي ساده مزاجي سان، سياست کي سادگي سان ورتايو. اُن تي سياسي حوالي سان لک اختلافن جي گنجائش هوندي به اِها ڳالھ پڌري پئي آهي ته جي ايم سيد جي فڪري سياست سندس حياتي ۾ فقط يونيورسٽين، ڪاليجن ۽ بنھ ٿوري تعداد ۾ وچين طبقي تائين محدود رهي. سندس شاگردن مان بشيرقريشي هو جنهن اُن سياست کي يونيورسٽي جي ورانڊن ۽ هاسٽل جي ڪمرن مان کڻي سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ، ڳلي ڳلي تائين پُڄايو. ائين چئجي ته غلط نه ٿيندو ته جي ايم سيد قومي تحريڪ کي فڪري ڳر مهيا ڪيو ۽ بشير خان قريشي اُن کي عام عوام ۾ روشناس ڪرائي اُن کي اهڙي مقبوليت عطا ڪئي جو چند سو ڪارڪنن تي مشتمل قومي تحريڪ کي لکن جا ميڙ مهيا ڪري ڏيڻ ۾ مُهندار مڙس جو ڪم رهيو. سون جي تعداد کي هزارن جي ميڙ ۾ ۽ هزارن جي ميڙ کي لکن ۾ تبديل ڪرڻ وارو ڪم هن ڪيئن ڪيو اُهو سوال سنڌ جي اُن گهڻي پڙهيئي ليڊرشپ جي تجزئي لاءِ ڇڏجي ٿو. نه رڳو سياسي حوالي سان، پر ڏسجي ته سوشلسٽ بلاڪ جي ختم ٿيڻ سان آزادي جي تحريڪن ۾ پڻ لاٿ آئي هئي، اُن صورت ۾ جڏهن سنڌجي قومي تحريڪ به ٿڪل هاريل جوارين جيان ڪُنڊ پاسو وٺي ڪُنڊائتي ٿي وئي هئي ۽ ٻي پاسي اٺاسي کانپوءِ پاڪستان اندر اڌ گابري، نالي ماتر جمهوريت جي تماشي ۾ پيپلزپارٽي عوامي مقبوليت جي آڌار تي سنڌ ۾ ڄڻ ته سنڌ جو ٺيڪو کنيو بيٺي هئي. بشير خان قريشي اُنهن ئي ڏينهن ۾ سنڌ جي قومي تحريڪ کي آزادي جي نعري باوجود سنڌ جي ”اشوز“ تي بيهارڻ شروع ڪيو هو ۽ سندس مقبوليت جو راز به اها ننڍن ننڍن اشوز تي پير ٻڌي بيهڻ ڪري هو. شايد پنهنجي همعصر اڳواڻن ۾ هو واحد سنڌي اڳواڻ هو جيڪو سنڌ جي سڀني شهرن ڳوٺن تائين ٿي پُڳو. لانگ مارچ هُجي يا فريڊم مارچ سندس طريقو سادو، عام رواجي جيئن هلي شادي جو سڏ ڏجي، تيئن هيءُ ميڙ ڪيو، ڊنب وٺيو ڳوٺ ڳوٺ وڃي جدوجهد ۾ گڏجڻ جو سڏ ڏي. ماضي ۾ ويڙهاڪ وارو اميج رکندڙ هيءُ گوريلو ٽائيپ اڳواڻ، جيئي سنڌ قومي محاذ جي قيادت سنڀالڻ کانپوءِ ائين نرم ائين ٻاجهارو، ايترو سادو نيٺ به ڪيئن بڻيو؟

”اسان جڏهن شاگردن جي حيثيت ۾ ڪجھ ڪيو ٿي ته اسان کي اهو ڏڍ، اِها آٿت هوندي هئي، پويان سار سنڀال لهڻ لاءِ. سائين ويٺو آهي. . . . پر سائين کانپوءِ هاڻ سنڌين جي وارثي لاءِ ڪو به ناهي، ان ڪري اسان کي پاڻ ئي بردبار ٿيڻو آهي.”بشير خان جي لاڏاڻي تي ئي سندس گهر واري اِهي لفظ ورجائي رهي هئي. اکيون بيشڪ آليون پر حوصله مند ۽ بردبار خاتون.

پنهنجي همعصر اڳواڻن ۾ شايد (شايد) بشير خان اهڙو اڳواڻ جنهن جي ڪُٽنبي زندگي ۽ سياسي زندگي وچ ۾ ڪائي ديوار چين، ڪا ئي وڇوٽي نه رهي هئي. هن جو گهر، هن جي سياست جو مرڪز، ڪير ڪير ساڻس ويجهو ۽ ڪنهن ڪنهن کي هن دل ۾ سانڍي ٿي رکيو.”بشير خان جي زال اُن کان عين واقف، هو فقط سندس گهر واري نه هئي، پر ڄڻ ته سيڪريٽري (”ڪٿي ۽ ڪنهن سان هوندو.”کيس سڀ معلوم ”هٿڪڙي کڙڪائيندو هو ڊنب ساري، خاڪي مليشيائي ويس ۾ ملبوس هٿياربند سپاهين جي ڀاري نفري سان بڪتربند گاڏي ۾ ملير عدالت آندو ٿو وڃي.”مون تڏهن مٿس آرٽيڪل لکيو هو ته هو ڪيئن دهشتگردن ڌاڙيلن جيان عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. هي سنڌين جو سينو چير نه هو ته ڇا هو، هي سڄي سنڌ جي تذليل نه هئي ته ڇا هئي. مون اخبار ۾ مضمون لکيو هو (مون، باقي نه لکيو هو ته سندس گهر ۾ ڇا وهيو واپريو).

غير قانوني هٿيار رکڻ جي ڏوھ ۾ رينجرس کيس هٿڪڙيون وجهي ٿاڻي تائين کڻي ويا هئا. لڳ ڀڳ پنجين وڳي چاليھ کان پنجاھ مليشيائي ڪپڙن وارا رينجرس جا سپاهي بنا دستڪ جي سندس گهر ۾ گهڙي آيا هئا، غير قانوني هٿيارن لئه اِها تلاشي هئي يا قومي رهنما جي تذليل (ڪراچي ۾ غير قانوني هٿيار شايد صرف اُن گهر ۾ هئا؟؟)

اندر گهر ۾ سندس گهر واري (ڀاڀي سعيده)، چئن جوان ڌيئن سميت ڪنهن مرد جي ڪا پهر گهر ۾ نه هُجي ۽ اوچتو ئي رياست جي دهشتي هٿيارن سميت ائين گهڙي پون. هوءَ حوصله مند خاتون، کين چوي ٿي ”تلاشي ڀلي وٺو پر پهرين منهنجي ڇوڪرين کي مان هڪ ڪمري ۾ جمع ڪريان.”۽ پوءِ پاڻ هڪ هڪ ڪري ڪٻٽ کوليندي کين هٿيار ڪڍي لائسنس چيڪ ڪرائي ٿي، ها پر هو وردي وارا ائين هريل ناهن. . . هو ذرو ذرو ڪري سڄي بنگلي کي ٺوڪي وڄائي ڏسن ٿا. هو ٻه ڪلاڪ کان مٿي جو وقت گهر اندر رهن ٿا، هڪ ڪمري کان ٻي ڪمري تائين پنهنجي تلاشي جو عمل پورو ڪن ٿا. جيئن ڪڪڙ پنهنجا چوزا پرن ۾ لڪائي تيئن بشير قريشي جي گهر واري پنهنجي ٻچن جي حفاظت ڪري ٿي.

ڪي ڪلاڪ سڪون ۽ سانت ۾ گذرن ٿا. هو هٿڪڙين سان ٿاڻي ۾ رات ڪاٽي ٿو پر ڪن ڪلاڪن ۾ رات جو نائين وڳي ٻيهر وردين وارا سندس گهر تي چڙهائي ڪن ٿا. هن دفعي هو چار مختلف ڊريسن ۾ هئا. ۽ ساڻن جاسوسي ڪُتا به هئا ۽ هن وقت فقط گهر جي نه پر گهر ڀاتين جي تلاشي به ورتي وڃي ٿي. مارئي، جا سڀ کان ننڍي بحريه يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ، اُن جي به تلاشي. . . . پر هر ڀيري فون تي سندن اهو چوڻ ته ”سر يهان ڪچھ بهي نهين هي.”هيٺ مٿي پاڻي جي ٽانڪين ۾ ڪُتي وسيلي تلاشي. . . نيٺ بيزاري ۾ هو پنجاھ ڄڻا- هٿيارن جا ڪور کڻڻ شروع ڪن ٿا. سڀ هٿيار گڏ کڻن ٿا. ننڍڙي جي پلاسٽڪ جي ڪلاشنڪوف جيڪا هن اڃان عيد تي ئي ورتي هئي، سا به ساڻ کڻن ٿا ته پُٺيان ٻار چئي ٿو ته ”امان منهنجي بندوق“ هوءَ بردبار خاتون، حوصلو نٿي هاري ۽ چوي ٿي اطمينان سان ڏسو، هڪ به شيءِ غير قانوني ناهي، ان رانديڪي جو لائسنس باقي ناهي، پر هو اُها پلاسٽڪ جي رانديڪي واري ڪلاشنڪوف به ساڻ کڻن ٿا. هن وقت به هو ڪي ٽي ڪلاڪ لاڳيتو گهر ۾ رهن ٿا، هڪ هڪ ڪٻٽ، ميز، صندوق، بورچيخاني کان غسلخانن تائين جي تلاشي وٺن ٿا پر وري به مايوس ٿي وڃن ٿا گڏ مووي ڪئميرا جنهن ۾ ٻارڙي جي سالگرھ رڪارڊ ٿيل ساڻ کڻن ٿا. ڪو ٻيو اڳواڻ هُجي ها، ان قسم جي ڏاڍائي تي ڪارڪنن کي اشتعال ۾ آڻي ها. قتل ۽ باھ جي بازار گرم ڪري ها پر هو بردباري سان پنهنجي سياسي حڪمت سان اُن معاملي کي هينڊل ڪري ٿو. ٻه ٻه ڀيرا چاليھ کان پنجاھ وردين وارا جڏهن تلاشين لاءِ سندن گهر اندر گهڙن ٿا ته هو غلامي جي، محڪومي جي نوعيت ۽ اُن جي تذليل کي سمجهندي به ان ڳالھ تي سُرهو ٿئي ٿو ته سندس جيون ساٿي، سندس سفر جي شريڪ، ان سڄي معاملي تي ڊڄڻ، گهٻرائڻ بدران اڪيلي سر ڏاڍي بهادري ۽ بردباري سان سنڀالي ٿي ۽ تڏهن جڏهن هو هٿڪڙين سان لاڪپ کڄي ويو هو ۽ پويان رياستي اهلڪار سندس خاندان تي بندوق تاڻي بيٺا هئا. اُن کانپوءِ فون تي مون محسوس ڪيو هو ته هُن جي آواز ۾ ڪا لرزش آهي نه لهجي ۾ ڪا گهٻراهٽ آهي ۽ نه ئي بشير خان جي ائين کنڀجي کڄي وڃڻ سندس حوصلي کي ٽوڙي سگهيو آهي ۽ اُن پل ئي ڄڻ ته مون تي اهو اسرار کليو هو ته بيشڪ سياست هن سائين جي ايم سيد جي محبت مان سکي هُجي، بيشڪ ته بهادري سندس رڳن رت ۾ شامل هجي پر هيءُ بردباري، هيءُ سهپ، سياست ۾ رواداري، برداشت واري سگھ بخشڻ واري اُها خاتون ئي آهي، جنهن هڪ ارڏي سپاهي ۽ جي ايم سيد جي ڏنگي ٻار کي بردباري، سهپ، رواداري، برداشت سيکاري اهڙن سياسي رهنمائن جي قطار ۾ آڻي بيهاريو، جيڪو سون، هزارن کان ٿيندو لکن جا ميڙ مورڙي ميربحر جي شهر ۾ گڏ ڪرڻ جي طاقت ۽ حوصلو رکي. فريڊم مارچ ۾ هڪ جهنڊو اِن خاتون جي هٿ ۾ هو. فريڊم مارچ ۾ سندس ڌيئون به شامل. . . . سندس سڄو گهر ٻار، سندس قافلي جا شريڪ فريڊم مارچ جنهن لاءِ هن ٽي مهينا سڄي سنڌ ۾ ڪي ٽي لک ڪلوميٽر پيرن هيٺ لتاڙيا، ڪو هڪ ڪروڙ ماڻهن سان ڀاڪرين مليو. سياسي اڳواڻن جي زندگي ڇا ٿيندي آهي؟ کيس جڏهن چيئرمين چونڊيو ويو ته هُن پنهنجي همسفر کي چيو ته هاڻ تنهنجو ۽ گهر جو ٽائيم به پارٽي کي ڏبو ته سندس ساٿياڻي چيو ته ”مان توکي چيئرمين ٿيڻ جي مبارڪ ٿي ڏيان، منهنجو گهر، منهنجو ور سنڌ جي بقا سان مشروط آهي.”کيس پتو هو ته نيٺ هڪ ڏينهن کنڀي کنيو ويندو. عوامي مقبوليت واري سڀني اڳواڻن جي عمر ڀلا ۵۴ کان مٿي ڇو نٿي ٿئي. اها واسينگن جي واٽ هئي، هُن خوب ڄاتو ٿي، پر اها نجات ڏانهن ويندڙ راھ به کيس اها ئي ٿي سُجهي، هوءَ حوصلو بڻجي پنهنجي ئي گهر مان کيس اُها سگھ بخشيندي رهي ته قومي جدوجهد جي راھ ۾ هو ٿڪجي نه پوي.

“منهنجو ساٿ، منهنجو گهر، منهنجا ٻار بشير قريشي جي مجبوري نه پر سندس سگھ، سندس سهارو ۽ آٿت بڻيل هئا.”هُن تڏي تي آيلن سان پي ڳالهايو. ان ڪري ئي سندس لاڏاڻي تي پارٽي جي اهميت، حيثيت پنهنجي جاءِ تي پر اسان جي ساٿ بشير قريشي جي اُن پويان بيٺل سگھ سان تڏي وڃي ڏُک ونڊڻ چاهيو. هوءَ تعزيتون وصول ڪري رهي هئي، پر بردباري ۽ حوصلو سندس سڃاڻپ نشان بڻيل هو. اهو تعزيت جو عجب تڏو هو جنهن ۾ هُن دانهون ۽ پار ڪڍڻ بجاءِ آيلن کي به حوصلو ٿي ڏنو.

”مان نٿي ڀانيان ته بشير قريشي مون کان جُدا ٿي ويو آهي، توهان کي منهنجي حوصلي مان نظر نه ٿو اچي ته هو مون سان گڏآهي، منهنجو رستو به ساڳيو ئي آهي.”۽ شايد هُن سچ ٿي چيو. غور سان ڏسبو ته هُن جي حوصلي، هن جي چهري هُن جي وجود ۾ بشير قريشي جو چهرو ۽ سندس جدوجهد اڃان وڌيڪ چٽي، پختي نظر اچي ٿي ۽ جي قومي تحريڪ به ان چهري کي چتائي ڏسي ته عدم تشدد، بردباري، سهپ ۽ رواداري واري قيادت جو سرچشمو اُها ئي صورت نظر اچي ٿي.


 

بشير قريشيءَ جي موت جا ڪارڻ مونجهاري جو شڪار ڇو؟

قربان بلوچ

قومپرست اڳواڻ بشير خان قريشي جي ڪُمهلي پراسرار لاڏاڻي تي سنڌ مسلسل غمزده آهي. سندس لاڏاڻي جي حوالي سان پهرين ئي ڏينهن ڪجھ شڪ ظاهر ڪيا ويا هئا، پر سرڪاري روش ڄڻ ته انهن شڪن کي وڌيڪ شدت ڏئي ڇڏي آهي. سنڌ سرڪار ڄاڻائي ۽ اڻ ڄاڻائي ۾ اهڙا عمل ڪندي رهي آهي، شايد ان ڪري جو ان وٽ شهيد به پنهنجا آهن ته اڳواڻ به پنهنجا، باقي اڳواڻن جي جي حوالي سان اها هميشه جيان هن ڀيري به ڪنجوسيءَ جو شڪار رهي آهي. قومن لاءِ جدوجهد ڪندڙ رهبر توڙي شهيد قومي ورثو هوندا آهن. شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ سنڌي عوام وٽ قومپرست اڳواڻ بشير خان قريشي جي لاڏاڻي جي حوالي سان به ساڳيا جذبا سامهون آيا آهن ته:

بهتي هوا سا ٿا وه

اڙتي پتنگ سا ٿا وه

ڪهان گيا ڍونڍو اسي

پر حيران ڪندڙ حد تائين سنڌ حڪومت عوامي رهبرن جي حوالي سان ساڳئي بيحسي کي ورجايو آهي. جنهن جو سبب محبت بجاءِ مفاد آهي. شهيد بينظير ڀٽو توڙي ٻين پارٽي شهيدن جا ڏهاڙا ملهائڻ ۾ سندس مفاد عوام جي جذبن کي زنده رکڻ ۽ ان مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ لازمي بڻيل آهي، جڏهن ته باقي رهبرن توڙي شهيدن جي حوالي سان سرڪار جي خاموشي عجيب لڳي ٿي، ڇو ته رهبر، رهنما سڀني جي گڏيل ميراث هوندا آهن، جيئن بشير خان جي حوالي سان سنڌي عوام ثابت ڪري ڏيکاريو ته قومن لاءِ سچائي، مخلصي ۽ بنا مفاد جي جدوجهد ڪندڙن لاءِ قوم جي محبت مختلف ناهي ٿيندي. بشير خان جي پراسرار لاڏاڻي واري ڏکوئيندڙ خبر تي سموري سنڌ جو عوام رتوديرو ۾ اٿلي پيو هو، ٿيڻ ته ائين کپندو هو ته سنڌ سرڪار کي ان ڏهاڙي عام موڪل ڪرڻ کپي ها، پر ائين نه ڪيو ويو، پر ان سان گڏ مرحوم جي جسم جي جزن جي نجي ليبارٽري يا اسپتال مان چڪاس واري عمل کي منجهايو ويو آهي. جنهن تي جسقم طرفان سموري سنڌ ۾ هڙتال ڪئي وئي. اها سموري صورتحال سنڌ سرڪار پاران مرحوم قوپرست اڳواڻ جي جسم جي جزن جي چڪاس جي حوالي سان سامهون آيل مونجهاري سبب پيدا ٿي آهي. هينئر تائين پيدا ٿيل صورتحال مطابق جسقم قيادت توڙي مرحوم جا وارث مرحوم جي جسم جي جزن چڪاس نجي ليبارٽري يا اسپتال مان ڪرائڻ چاهين ٿا، پر سنڌ سرڪار ان حوالي سان واضح قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي. ان حوالي سان هڪ راءِ اها جڙي رهي آهي ته ڪي ڌريون چاهين ٿيون ته سنڌ سرڪار ان حوالي سان ڀلي ڪي به واضح قدم نه کڻي، ڀلي لاپرواهي جو مظاهرو ڪري ته جيئن سنڌ اندر حڪمران جماعت ۽ قومپرستن سان لاڳاپيل سنڌي عوام کي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون هجي. اهي ڌريون دراصل صوبي ۾ هڪ ڇڪتاڻ واري صورتحال چاهين ٿيون. پ پ سرڪار جي ڳالهيون دير سان سمجهڻ واري روش عرصي کان برقرار آهي. ڇو ته بشير خان قريشي جي جسم جي جزن جي اڀياس بابت سنڌ سرڪار جي صحت کاتي زباني طور اها راءِ ڏني آهي ته اهو ان حوالي سان مرحوم جي وارثن جي خواهش تحت عمل ڪرڻ لاءِ تيار آهي، پر اهڙي دعويٰ باوجود ڪو عملي قدم نه ڪونهي، جنهن مامري کي وڌيڪ منجهائي وڏو آهي. ان جو نتيجو منهنجي خيال موجب يقيني طور تي پ پ سان واسطو رکندڙ سنڌي عوام ۽ قومپرستن سان لاڳاپيل ماڻهن وچ ۾ ٽڪراءَ جي صورت ۾ نڪرندو. ان سان اهڙي صورتحال پيدا ڪرڻ جي خواهش رکندڙن جو هڪ تير ۾ ٻه شڪار وارو خواب ساڀيان ٿيندو. ٿيڻ ته ائين کپي ها ته صوبائي صحت کاتي طرفان ان حوالي سان گوٿناٿ ڪرڻ جي صورت ۾ صوبائي وڏو زير پنهنجا اختيار استعمال ڪندي ڪي حڪم جاري ڪري ها، پر ائين نه ڪيو ويو آهي.

بشير خان قريشي جو لاڏاڻو فطري ٿيو يا غير فطري، پر يقيني طور ان جو نقصان سنڌ جي عوام کي ٿيو آهي. اهو عوام پ پ لاءِ همدرديون رکندڙ هجي يا قومپرست اڳواڻن لاءِ، ڇو ته فقير منش بشير خان قريشي دل سان سنڌ جي عوام لاءِ پاڻ پتوڙيو، خاص طور ڪراچي ۾ سنڌين کي تحفظ فراهم ڪرڻ، سندس موجودگي ۽ گادي واري شهر ۾ رڪاوٽن، ڌمڪين باوجود مختلف موقعن تي لکين ماڻهو گڏ ڪري سنڌين ۾ اهو احساس پيدا ڪيو ته سنڌ جي عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ، سندن دنگن جي حفاظت ڪرڻ وارا اڃان جيئرا آهن. منهنجي خيال ۾ ڪراچي جي حوالي سان مرحوم جو ڪردار نه فقط اتي وسندڙ سنڌين، بلوچن ۽ ٻين مظلوم قومن کي مالڪي جو احساس ڏياريو، پر حڪمران جماعت لاءِ به هڪ ڍال جو ڪردار ادا ڪيو، پر الائي ڇو سرڪار ان عمل کي سمجهڻ کان لاچار رهي آهي. مرحوم جو هڪڙو عمل اهو هو، جيڪو هو پرامن جدوجهد ذريعي نڀائي رهيو هو. سندس ٻيو عمل ڪنهن سان نه ڦٽائڻ، سنڌين ۽ اردو ڳالهائيندڙن ۾ ٽڪراءَ کان بچڻ جي حوالي سان پڻ سندس ڪردار ساراھ جوڳو رهيو. اهو ئي سبب آهي، جو مرحوم کي ان سچائي واري جدوجهد جو سلو زندگي ۾ ڪراچي پهچڻ جو سڏ ڏيڻ کانپوءِ لکين ماڻهن جي شهر ۾ پهچڻ جي صورت ۾ مليو، جيڪا ڀيٽا کيس وفات يا شهادت کانپوءِ به ملي. مرحوم جي لاڏاڻي کانپوءِ سندس حوالي سان جنهن به لکيو اهو اردو ۾ هجي، سنڌي ۾ يا انگريزي ۾ هر ڪنهن کيس ڀيٽا ڏني آهي. نه ته موجوده دور جي قومپرست اڳواڻن لاءِ اهو عمل گهٽ ئي رهيو آهي، ان جو سبب مرحوم جي سڀني سان هٿ جوڙ ۽ پنهنجي عوام ۽ ڪارڪنن سان بي لوث محبت هئي.

سنڌ جو عوام بنا ڪنهن فرق جي فقير منش قومپرست اڳواڻ جي موت جو حقيقي ڪارڻ ڄاڻڻ چاهي ٿو، جيڪو موجوده قومپرست تحريڪن ۾ پرامن جدوجهد جو پيروڪار هو. تنهن ڪري ضروري آهي ته سندس جماعت ۽ قيادت کي مرحوم جي طرزِ زندگي ۽ جدوجهد واري فلسفي تي قائم رکڻ لاءِ مرحوم جي موت جو حقيقي ڪارڻ واضح ڪرڻ ۾ مونجهارا پيدا نه ڪرڻ گهرجن. ضروري آهي ته سنڌ ۾ بلوچستان جهڙي پرتشدد جدوجهد کي روڪڻ لاءِ عوام جي رهبرن کي انهن جو جائز ۽ حقيقي مقام ڏنو وڃي. يقيني طور راھ رباني وٺي ويندڙ واپس ناهن ايندا، بشير قريشي به واپس نه ملندو، پر سنڌ جي عوام، سندس پوئلڳن ۽ وارثن کي سندس موت جا حقيقي ڪارڻ معلوم ٿيڻ سان جدوجهد جي راھ تي هلڻ ۾ آساني ضرور ٿيندي.

 


 

مون سي ڏٺا ماءِ جنين ڏٺو پرينءَ کي

ستار زنگيجو

مون سي ڏٺي ماءِ جنين ڏٺو پرينءَ کي

تنين سندي ڪاءِ، ڪري نه سگهان ڳالهڙي!

(شاھ)

سنڌ پنهنجي سياسي تاريخ ۾ ڪيترا ئي صدما سٺا آهن. ۷ اپريل جي رات جو ۲ لڳي ۴۵ منٽن تي ان هولناڪ خبر سنڌي ماڻهن جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون. جڏهن ٽي وي جي بريڪنگ نيوز ۾ بشير خان قريشي جي اڻمندائتي موت جو اعلان ڪيو ويو. پر الائجي ڇو دل اهو چئي ٿي ته شال ائين نه هجي اها خبر متان ڪو ڀيانڪ خواب هجي ۽ اوچتو اسان جي اک کلي ۽ اسان اهو چئون ته ڌڻي خير ڪيو، هن جي موت جي خبر ڪوڙي هئي ۽ اسان هڪ ڀيانڪ خواب پئي ڏٺو. پر نه ائين نه آهي اها منحوس خبر واقعي سنڌي ماڻهن مٿان وڄ جيان ڪري چڪي هئي. سنڌ هڪ عرصي تائين انهي صدمي منجهان نه نڪري سگھندي. ۲۳ مارچ ۲۰۱۲ع جهڙو لکن جو تاريخي ميڙ جنهن رياست جي انهن همراهن جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون هيون، جيڪي هر وقت سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن خلاف سازشن ۾ رڌل رهن ٿا. مون جيان قومي تحريڪ جا لکين ڪارڪن پاڻ کي الائجي ڇو نڌڻڪو محسوس ڪن ٿا، جن کي سدائين اهو محسوس ٿيندو هو ته بشير قريشي رڳو اسان کي سياسي ۽ ذاتي طرح تمام گھڻو ويجهو آهي. پر سنڌ جي هن عاشق جي سنڌ جي هر هڪ قومي ڪارڪن سان تمام گھڻي ويجهڙائپ هوندي هئي. توڙي جو هن جي اڻمندائتي موت شهادت کي هڪ هفتي کان وڌيڪ جو عرصو گذري چڪو پر الائجي ڇو ائين پيو محسوس ٿئي ته اهو قهر اسان سان صفا ڪو هاڻي ٿيو هجي.

بشير قريشي رڳو جسقم، قومي تحريڪ جو ليڊر نه بلڪه سموري سنڌي قوم جو ليڊر بڻجي آڏو آيو هو. ان کي سموري سنڌ نئين صدي ۾ سمبل آف اسٽرگل چوندي هئي. هن سائين جي ايم سيد جي لاڏاڻي دوران جڏهن جيل ۾ هوندي اهو طئه ڪري ڇڏيو هو ته گھر گھر، ڳوٺ ڳوٺ وڃي ماڻهن کي گڏ ڪرڻ لاءِ پرچار ڪندو. سيد جي لاڏاڻي ته اهو چوندڙن جا وات بند ڪندو جن چيو هو ته جي ايم سيد جي موت سان سيد جو سياسي فڪر به ختم ٿي ويو. پر هن قومي تحريڪ جي ڪارڪنن کي ڇڙوڇڙ ٿيڻ کان بچايو ۽ پاڻ سان گڏ انهن کي جدوجهد جو حصو بڻايو. هن پنهنجي زندگي جي آخري ڏهاڪي ۾ جي ايم ازم کي عوامي بڻائي ڏيکاريو. جي ايم ازم جو عوامي رنگ ۾ اچڻ ڪيترين ڌرين کي نه ٿي ڦٻيو ۽ انهن طئه ڪيو ته هن کي انهيءَ راھ تان هٽائڻو آهي.

۲۳ مارچ واري تاريخي آزادي مارچ کان اڳ اهي اڳڪٿيون پئي ٿيون ته شايد ۲۳ مارچ ۲۰۱۲ع تي اهو ملتوي ٿي وڃي. ڇو ته بشير خان قريشي کي اڻ سڌي طرح هن ملڪ جي سگھارين ڌرين اهو چئي ڇڏيو هو ته ڪجھ به ٿئي اهو مارچ ملتوي ڪندؤ. جيڪڏهن ملتوي نه ٿا ڪيو ته ان جي تاريخ مٽايو. . . . . . پر بشير خان اهڙين ڳالهين جو ڪوبه نوٽيس نه ورتو ۽ پنهنجو ڪم جاري رکيو. هن تي تنقيد ڪندڙن اهو به چيو هو ته ڏسجو اهو مارچ ملتوي ٿيندو ۽ ساڳئي تاريخ تي ڪونه ٿيندو. پر جڏهن اهو شاندار آزادي مارچ پورو ٿيو ته هن جي زندگي جي لاءِ خطرا ٻيڻا ٿي چڪا هئا. ساڳي رات جو ئي هن کي سڌي ريت ڌمڪيون ملي چڪيون هيون. پر بشير خان انهن ڌمڪين ڏانهن ڪوبه ڌيان نه ڏنو ۽ ٻئي ڏينهن يعني ۲۴ مارچ ۲۰۱۲ع تي ئي نڪري عوامي رابطن کي ٻيڻو ڪرڻ جي شروعات ڪري ڇڏي. ۲۳ مارچ تي جڏهن تاريخي طرح لکين ماڻهن سندس هڪ آواز تي گڏ ٿي ۱۹۴۰ع واري ٺهراءَ کي رد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته سڀ کان وڏي تڪليف شهري تنظيم کي ٿي هئي، جنهن چٽي طرح آڏو اچي ملڪ جي صدر آصف علي زرداري کي دانهن ڏني هئي. توڙي جو ڪراچي جي هڪ مذهبي اخبار امت ۲۳ع مارچ کان اڳ ئي هڪ رپورٽ ۾ اهو ڏسيو هو ته شهري تنظيم جسقم جي مارچ ) Demoralize ڊي مورلائيز( ڪرڻ يا اخلاقي طرح ڪرڻ لاءِ اردو ميڊيا جو سهارو وٺندي ۽ ائين ئي ٿيو ته هنن اردو ميڊيا جو سهارو وٺي مارچ خلاف جعلي پروپيگنڊا ڪئي ۽ صدر کي دانهون ڏنيون پر اسين سڀ حيران ان وقت ٿياسين ته ٻئي ڏينهن تي ۲۴ مارچ ۲۰۱۲ع تي ڪراچي پريس ڪلب ۾ بشير خان قريشي اردو ڳالهائيندڙن کي پنهنجو ڀاءُ سڏيو ۽ ان وقت هن سياسي تحمل کان ڪم ورتو توڙي جو ۲۳ مارچ واري لکن جي ميڙاڪي کانپوءِ ايم ڪيو ايم جي هرهڪ چونڊيل ايم پي اي توڙي ايم اين اي هر هڪ ٽي وي ٽاڪ شو ۾ ۲۳ع مارچ تي جسقم جي ميڙاڪي جي گلا ٿي ڪئي. پر بشير خان هنن جو جواب ڪڏهن به نه ڏنو. ڪن ڌرين جي اها به ڪوشش آهي ته ڀل اردو ڳالهائيندڙن جو هڪ گروپ سنڌي ماڻهن سان ٽڪراءَ ۾ اچي ۽ ويجهي ماضي ۾ انهن اهي ڪوششون پڻ ڪيون آهن، پر بشير خان قريشي امن جو پيغام ڏئي شين کي بگڙڻ کان بچايو آهي. هو سنڌين جو واحد ليڊر آهي جنهن ڪراچي کي قومي سياست جو مزڪز بڻائي جدوجهد ڪئي، جنهن ڪارڻ سنڌي اڄ ڪراچي ۾ لکن جي تعداد ۾ رهن ٿا.

جڏهن اسين چئون ٿا هو ڪو معمولي انسان نه هو. بظاهر صوفي منش ۽ مزاج ۾ سادگي رکندڙ اسان جي تصور کان به وڌيڪ وڏو ماڻهو هو ته پوءِ هن جو موت ايترو سادو نٿو ٿي سگھي. اسان جا ڪجھ دوست هن جي موت کي دل جو دورو قرار ڏئي هن کان شهادت جو رتبو کسڻ چاهين ٿا يا وري اهي دوست شين کي سطحي انداز ۾ وٺڻ جا عادي آهن. هن رياست ۾ شيون ايتري سادي انداز ۾ نه ٿينديون آهن، هو سياسي ماڻهو هو ۽ سياسي ماڻهو موت سان وڙهيا آهن ۽ وڙهندا آهن. جڏهن هن جي موت جي گھرائي ۾ وڃجي ٿو ته ڳالهيون سمجھ ۾ اچي وڃن ٿيون ته هن ملڪ ۾ سڀ ڪجھ ٿي سگھي ٿو. ۲۳ مارچ ۲۰۱۲ع کانپوءِ آمريڪي سينيٽرن جڏهن هن مارچ جو جائزو وٺڻ شروع ڪيو ته هن رياست جي ظالم ڌرين اهو طئه ڪري ڇڏيو هو ته هاڻ هن همراھ کي وڌيڪ هلڻ ڏيڻ سنڌ خلاف هلندڙ سازشن کي بريڪ ڏيڻ آهي. شايد شهيد بشير قريشي کي اهڙو زهر ڏنو ويو هجي جيڪو ڪنهن به پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ نه اچي، يا وري زهر واري رپورٽ ئي پڌري نه ڪئي وڃي، ڇو ته رياست ۾ ايتري جرئت نه آهي ته شين کي ايتري سولائيءَ سان منهن ڏئي سگھجي. بشير خان قرشي جي شهادت سموري سنڌ کي لوڏي ڇڏيو آهي ۽ ڪيترا ئي دوست جيڪي قومي سياست سان لاڳاپيل نه هوندي اهو چون ٿا ته ڪجھ ڪرڻ گھرجي ۽ هاڻ ڪجھ ٿيڻ گھرجي، انهن لاءِ اهو لازمي عمل آهي ته قومي سياست ڪندڙ ڌرين کي مضبوط ڪن. سموري قومي تحريڪ اهو چوندي رهي آهي ته هر فرد کي هڪڙو activist ٿي آڏو اچڻو پوندو. جيڪڏهن اهي ڪل وقتي سياست نٿا ڪري سگھن ته گھٽ ۾ گھٽ ايترو ته ڪري سگھن ٿا جو ڪنهن شڪل ۾ سياسي قومي تحريڪ ۾ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪن. ها اسان کي اهو طئه ڪرڻو پوندو جيئن بشير قريشي لاءِ سنڌ جا ڳوٺ، شهر، علائقا نوان نه هئا ائين اسان کي به هاڻ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي سنڌ جي قومي سلامتي لاءِ بهترين روين سان آڏو اچڻو پوندو.


 

سنڌ جي سپوت جي وڇوڙي جو درد

عاشق علي خواجه

اسان هڪ دفعي وري هڪ بهادر ۽ دلير دودي کي دفنائي ڇڏيو، اهڙي طرح وڏي عرصي کان هلندڙ هي سلسلو خبر ناهي ڪڏهن ختم ٿيندو؟ ڪيستائين اسان پنهنجن پيارن ۽ محبوب اڳواڻن جا لاش ڪلهن تي کڻي دفنائيندا رهنداسين، بشير خان قريشيءَ کي آخر ڪهڙي ڏوھ ۾ قتل ڪيو ويو؟ آئون انهيءَ کي قتل انهيءَ ڪري چوان ٿو جو هاڻ اهو واضح ٿي چڪو آهي ۽ انهيءَ تي ڪير به اعتبار نٿو ڪري ته بشير خان جو ڪو فطري موت ٿيو آهي، هونئن به تاريخ گواھ آهي ته جيڪو به سنڌ جو سڄڻ هن وطن ۽ وطن جي عوام جي ڳالھ ڪري ٿو، تنهن کي سنڌ دشمن قوتون منظر تان هٽائڻ ۾ دير نٿيون ڪن. پوءِ چاهي اهو شهيد فاضل راهو هجي، شهيد بينظير هجي يا بشير خان قريشي. منهنجي بشير خان سان پهرين ملاقات تڏهن ٿي، جڏهن هو منهنجي بيمار پٽ ڊاڪٽر اسلم آزاد جي عيادت ڪرڻ لاءِ اسان جي گهر سجاول آيو. سچ پڇو ته سندس رويو، خوش اخلاق گفتگو ۽ محبت منهجي من کي موهي وڌو، سندس باري ۾ شاگرد سياست واري دور جون جيڪي ڳالهيون اسان جي ذهن ۾ هيون، اُهي سڀ صاف ٿي ويون. سندس نظريي ۽ نعري سان اگر ڪير متفق نه به هوندو، پر سندس ڪم ۽ ڪردار جي واکاڻ هر وات ڪندو، هو نهايت سادو، صاف ۽ صوفي طبيعت جو مالڪ هو. قومي اشوز سان گڏوگڏ ماڻهن جي ذاتي ۽ خاص ڪري پنهنجي ڪارڪنن جي خوشي ۽ غمي ۾ ضرور شريڪ ٿيندو هو. سندس عوامي مقبوليت جو هڪ وڏو راز اهو پڻ هو، جنهن ڪري سندس لاڏاڻي کانپوءِ پوري سنڌي قوم ڏک ۽ غم ۾ مبتلا ٿي وئي آهي، خاص ڪري ڪراچيءَ جا سنڌي ماڻهو پاڻ کي اڪيلا ۽ نڌڻڪا محسوس ڪري رهيا آهن. آئون سمجهان ٿو ته سنڌ جي سڀني سياسي اڳواڻن کي مرحوم بشير خان قريشي وانگر، ماڻهن سان پنهنجو ميل جول وڌائي سندن مسئلن ۾ شريڪ ٿيڻ گهرجي، فقط پنهنجن گهرن، بنگلن ۽ ميڊيا ۾ پاڻ کي زنده رکڻ سان گڏ عوام جي اشوز تي پڻ توجھ ڏيڻ کپي. آگسٽ ۲۰۱۰ع جي ٻوڏ ۾ جڏهن شهر سجاول متاثر ٿيو ۽ اسان ڪراچي ڪئمپن ۾ شفٽ ٿياسين ته هي پهريون شخص هو، جنهن نه فقط ٽيليفون تي خبر چار ورتي، پر جڏهن آڪٽوبر جي پهرين هفتي ۾ اسان واپس سجاول پنهنجي گهرن ۾ آياسين، ته پهرين محترم علي قاضي آيو ۽ سياسي قيادت مان مرحوم بشير خان قريشي اسان وٽ اچي همت ۽ حوصلو ڏياريو. شهيد فاضل راهو، شهيد بينظير ڀٽو ۽ شهيد بشير خان قريشيءَ جون پارٽيون سياست، نظريا ۽ نعرا الڳ الڳ هئا، مگر منجهن جيڪا ساڳي ڳالھ هئي، سا اها هئي ته اهي عملي ميدان ۾ اڳيان ۽ عوام جي ويجهو هئا. اهوئي سبب آهي جو عوام کين وساري نه سگهيو آهي ۽ اهي سدائين دلين ۾ زنده رهندا، جهڙي طرح شهيد فاضل ۽ شهيد بينظير جا متبادل اڃان تائين پيدا نه ٿيا آهن، اهڙي طرح بشير قريشيءَ جو به خال ڀرڻ آسان نه آهي. محترم بشير قريشيءَ جي قتل مان گهڻو ڪجھ سکڻ جي ضرورت آهي، هن کي فقط هڪ وڏي سازش چوڻ ئي ڪافي نه آهي، تنهن ڪري هاڻ سنڌ جي سڀني اڳواڻن کي پاڻ ۾ متحد ٿي، سنڌ جي مفاد لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو ۽ خاص ڪري ڪراچيءَ کي فوڪس ڪرڻو پوندو.


 

سنڌ جي شعور کي لڳل ڌڪ

دلشاد ڀٽو سينئر

جڏهن ٽي وي اسڪرين تي بشير خان جي اچانڪ موت جي خبر نشر ٿي ته سنڌ سڏڪي پئي. منهنجي ڀيڻ روئيندي مون وٽ آئي، ”بابا. . . بشير خان گذاري ويو. . .”هان. . . هڪ اڀ ڏاريندڙ رڙ مون کان نڪري وئي، مون چيو روءُ ڀيڻ روءُ اڄ سنڌ جي روئڻ جو ڏينهن آهي. سنڌ سدائين رني آهي. سنڌ ان وقت به رني هئي، جڏهن هن رياست جي اهلڪارن مير مرتضيٰ تي گوليون وسايون هنيون، سنڌ ان وقت به رني هئي جڏهن نامعلوم قاتل بينظير کي گولي هڻي ماريو هو، سنڌ ان وقت به رني هئي، ۽ سنڌ اڄ به روئي ٿي جڏهن بشير خان کي اسپتال تائين پهچڻ جي مهلت به نه ملي. ڇا اسان معاهدي ۾ انڪري شريڪ ٿيا هئاسين ته سنڌ سدائين ماتم ڪري؟ ڇا مرڻ لاءِ صرف اسان ئي آهيون؟

اسان ڏاڍي پرامن قوم آهيون، اسان ڪڏهن به مهلڪ هٿيار ناهن ٺاهيا اسان سدائين اعليٰ تهذيبن کي جنم ڏنو آهي، اسان جا ٻار مٽيءَ مان جيڪي رانديڪا ٺاهيندا آهن، انهن ۾ به تهذيب جي جهلڪ هوندي آهي، اسان مٽيءَ مان به هٿيار ناهيون ٺاهيندا. اسان کي مجبور نه ڪيو وڃي ته اسان جا ٻار مٽيءَ مان رانديڪن بجاءِ هٿيار ٺاهڻ شروع ڪن. بشير خان محسوس ڪري ورتو هو ته هن ملڪ اندر جڏهن جهموري قوتن کي برداشت نٿو ڪيو وڃي ته پوءِ انقلابي قوتن کي برداشت ڪيئن ڪيو ويندو. بشير خان زيان ٿي مرڻ نه پيو چاهي، ان ڪري هن پنهنجو سر رضاڪارانه طور وطن کي ارپڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ۲۳ مارچ تي للڪار ڪندي منصوري سدا بلند ڪئي ته، ”ڪافي عرصو ٿيو جو منصور جي سوري ڪنهن نه سينگاري آهي. مان ان سوريءَ کي هڪ دفعو ٻيهر سينگارڻ آيو آهيان.”اهو فارسي شعر جو ترجمو هيو، جنهن شعر سان بشير خان پنهنجي تقرير جو آغاز ڪيو. اهو شعر صرف سنڌ تان سر گهورڻ جو وچن نه هو، پر دشمن جي لاءِ للڪار به هئي. منصور جي سوري سينگارڻ جي تمنا لطيف به ڪئي هئي ۽ سچل به ڪئي هئي پر منصور جي سوري تمام گهٽ ماڻهن جي حصي ۾ آئي. منصوري سوري جنهن جي به حصي ۾ آئي، اهو شاه عنايت وانگر امر ٿي ويو. بشير خان به ۲۳ مارچ تي امر ٿي ويو هو، زهر ڏيڻ ته هڪ رسم هئي، جيڪا رسم ۷ اپريل تي ادا ڪئي وئي.

بشير خان سنڌ جي اجتماعي شعور ۾ پئدا ٿيندڙ سجاڳيءَ کي محسوس ڪري ورتو هو، هن جي ڀرپور ڪوشش هئي ته ان کان اڳ جو رياست قومي تحريڪ تي وار ڪري سنڌ جي ان اجتماعي شعور کي منظم ڪري وٺجي. ڪي ٽي اين طرفان ملهايل ايڪتا ڏينهن جي حوالي سان مون هڪ آرٽيڪل لکيو هو، جنهن ۾ چيو هئم ته مقدار جڏهن گهڻو ڪٺو ٿي وڃي ته اهو پنهنجي ڪيفيت تبديل ڪندو آهي ۽ ان ڪيفيتي تبديليءَ کي انقلاب چوندا آهن. منهنجي تجزيو هو ته ثقافتي ڏهاڙا ملهائڻ لاءِ سنڌ جي لکين ماڻهن جو بار بار اجتماع ثابت ٿو ڪري ته سنڌي سماج ڪيفيتي تبديليءَ ڏانهن وڌي رهيو آهي. جيڪڏهن سنڌ جي ان اجتماعي شعور جي ڪو اڳواڻي ڪرڻ وارو هجي ته ان شعور کي انقلابي تبديليءَ لاءِ ڪتب آڻي سگهجي ٿو. ان آرٽيڪل کانپوءِ بشير خان جڏهن به مون سان ملندو هو اهو ئي چوندو هو ”ابا ڏسجانءِ ان اجتماعي شعور جي اڳواڻي مان ڪندومانءِ“ ۽ مون کي ان ڏينهن جو انتظار هو، جڏهن بشير خان سنڌ جي ان اجتماعي شعور جي اڳواڻي ڪندو ۽ پوءِ جي ايم سيد جي سالگرھ جي ڏينهن ۱۷ جنوري ۲۰۱۲ع تي بشير خان اعلان ڪيو ته ۲۳ مارچ تي ڪراچيءَ ۾ فريڊم مارچ ڪيو ويندو. ۲۳ مارچ جي چونڊ شعوري هئي. بشير خان اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته سورهيه جڏهن وڙهڻ جو فيصلو ڪندا آهن ته بغير ڍال جي به وڙهندا آهن، بغير هٿيار جي ڀاڪرين به وڙهندا آهن. ۱۷ جنوري کان ۲۳ مارچ تائين مان بشير خان کي سک سان گهر ويهندي نه ڏٺو. هن کي هڪ ئي ڌن هئي ته ڪنهن به طرح ۲۳ مارچ تي وڌ کان وڌ ماڻهو ڪراچيءَ ۾ جمع ٿين. پوءِ ڪراچيءَ ۾ ايترا سنڌي ماڻهو ڪٺا ٿيا، جو سنڌي ماڻهن جو اهو عظيم الشان اجتماع ڏسي ملڪ جا ڪافي ليڊر بوکلائجي ويا. دهشت زده ته ملڪ جا پاليسي ساز ادارا به ٿيا هوندا ۽ انهن جي پريشانيءَ ۾ ان وقت وڌيڪ اضافو ٿيو هوندو، جڏهن بشير خان چيو ”مان منصور جي سوري سينگارڻ آيو آهيان.”ان کان پوءِ بشير خان جيڪا تقرير ڪئي اها تاريخ جي صفحن تي لکجي وئي. بشير خان جي ان جرئتمندانه تقرير کان پوءِ اها پڪ هئي ته رياستي ادارا بشير خان تي وار ضرور ڪندا، پر جنهن انداز ۾ وار ڪيو ويو، ان انداز ۾ وار ڪرڻ جي توقع نه هئي. ان انداز مان ظاهر ٿو ٿئي ته سنڌ جو دشمن سنڌي قوم جي شعور کان خوفزده آهي ۽ سامهون اچي وار ڪرڻ جي جرئت ڪري نٿو سگهي. اسان توهان کي اهو نٿا چئون ته اسان سان دشمني نه ڪيو، پر گهٽ ۾ گهٽ دشمني ته ظرف سان ڪيو. بشير خان جو خون رياستي ادارن کي ايترو ئي ڀاري پوندو، جيترو نواب اڪبر بگٽيءَ جو خون ڀاري پيو هو. ڪامريڊ لينن چيو هو ته، عوام کي ايجوڪيٽ ڪرڻ لاءِ فلسفي پڙهائڻ جي ضروت ناهي هوندي، ڇو ته عوام کي تضاد پاڻ ايجوڪيٽ ڪندو آهي. نواب اڪبر بگٽيءَ جي قتل بلوچستان جي اجتماعي شعور کي بيدار ڪيو هو ۽ بشير خان جي قتل سنڌ جي قومي شعور کي بيدار ڪيو آهي. سنڌ جا اهي معصوم ٻار، جن بشير خان کي نه ڪڏهن ڏٺو هو، نه ڪڏهن ٻڌو هو، اڄ بشير خان انهن جي دل ۽ دماغ ۾ اونهو لهي ويو آهي. سنڌ جون اهي پوڙهيون مائرون، جن ڪڏهن ملڪ لاءِ نعرا هنيا هئا، اڄ اهي جيئي سنڌ جا نعرا هڻي رهيون آهن. اسڪولن ۾ پڙهندڙ سنڌي ٻار هڪ ٻي ڏانهن سنڌ سان محبت جا ايس ايم ايس ڪن ٿا. سنڌ جا هي نابالغ ذهن، جن اڃا جيئي سنڌ جي نعري کي شعوري طور سمجهيو ئي مس هو، بشير خان جي شهادت ان نعري کي انهن جي روح جي گهراين تائين پهچائي وئي آهي. جنهن ڏينهن سنڌ جو اهو اسرندڙ شعور گونجار بڻجي اڀريو، اهو ڏينهن هڪ شاعر چواڻي،

هن دلبر ديس جي ڌرتيءَ تي سو ڏينهن علامت جو سڏبو

سڀ کاتا کولي بيهنداسين، سو ڏينهن قيامت جو سڏبو

بشير خان چوندو هو ته ”شهيد بشير خان هن رياست کي زنده بشير خان کان وڌيڪ ڀاري پوندو“ ۽ شهيدن جا لفظ ڪڏهن به رائگان نه ويندا آهن.


 

او بهادر بشير توکي سلام

باقر شر

۷ اپريل جي اڀاڳي صبح جي جيئن ئي شروعات ٿي هئي ته ڪجھ عجيب عجيب محسوس ٿي رهيو هو، ريموٽ هٿ ۾ کڻي جيئن ئي ٽي وي آن ڪئي هئم ته هڪ دردناڪ خبر منهنجي دل جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيا هئا. سنڌ جي سچي سرواڻ محترم بشير خان جي موت جي خبر ٻڌندي ئي دماغ چڪرائجڻ لڳو هو، اکين اڳيان اوندھ ڇائنجي وئي هئي، ٻئي هٿ مٿي تي ڏئي ويهي رهيو هئس، ڪنهن ٿڪل مسافر جيان ٿڪل قدم کڻي گهر کان ٻاهر نڪتو هئس، ته ڳوٺ جي ڳلين ۾ هرطرف روڄ راڙو متل هو، هر اک آلي هئي ۽ هر ڪا دل سوڳوار هئي، اکڙين مان لڙڪ لاڙيندي اڳتي مس وڌيو هئس ته پويان ڪنهن جي ٻاتيءَ ٻوليءَ ۾ آواز ٻڌو هو، ”چاچا اڄ سنڌ يتيم ٿي وئي، اڄ سنڌ جو سرمايو هليو ويو“.

بشير خان منهنجو آئيڊيل هئڻ سان گڏ منهنجو هڪ سٺو دوست پڻ هو، هن سان منهنجي پهرين ملاقات ان وقت ٿي هئي، جڏهن هو منهنجي ننڍڙي شهر پڪا چانگ ۾ آيو هو، ان کان اڳ ۾ منهنجو هن سان موبائل فون تي رابطو هوندو هو، پڪا چانگ اچڻ کان هڪ ڏينهن اڳ ۾ مان هن کي فون ڪري ملڻ جي لاءِ چيو هو، ٻئي ڏينهن جڏهن هو اسان جي شهر ۾ آيو هو ته اسٽيج تي اچڻ سان ئي هن ڪنهن پڪا چانگ جي ڪارڪنن کان پڇا ڪئي هئي ته باقر شر ڪهڙو آهي ۽ پوءِ ان وقت هن مون کي اسٽيج تي گهرائي ڳلي سان لاتو هو، ان وقت مون کي تمام گهڻي حيرت ٿي هئي. سوچيو هئم ته هڪ اهم ليڊر ۽ سنڌ جو سرواڻ ۽ مان هڪ ٻهراڙيءَ جو سادو سودو انسان پر پوءِ هن مون کي گهرائي ڳلي سان لاتو، سچ ھڙو سادو سچو ۽ سٻاجهو آدرشي ماڻهو مون زنگيءَ ۾ پهريون دفعو ڏٺو هو، ان وقت مان بشير جي اکين ۾ جهاتي پائي ڏٺو هو، ائين لڳو هو ڄڻ صدين کان سنڌ جو هي عاشق سنڌ جي آجپي جو پيغام کڻي ڏينهن رات وستي واهڻ درس ڏيندو ٿو رهي، اهو بشير جنهن جي اکين ۾ سنڌ امڙ جي سک ۽ سلامتي جو خواب هو، اهو بشير جنهن جي دل ۾ سنڌوءَ جي پاڪ پوتر پاڻيءَ جهڙو پيارو هو، اهو بشير جيڪو سنڌ امڙ جي خوشحاليءَ لاءِ ڏينهن رات پنهنجون ننڊون ڦٽائي اکڙين کي اوجاڳا ڏئي پنهنجا پير پٿون ڪري ڪشمور کان ڪراچيءَ تائين لانگ مارچ ڪندو هو. اهو بشير جنهن ڪراچيءَ جي ڪشادن رستن تي پنهنجي جسم تي لٺيون کاڌيون، اهو بشير جنهن جا ڪپڙا ليڙون ليڙون ٿيا، ان دلبر بشير جي اوچتي موت تي سنڌي قوم رت جا ڳوڙها نه روئي ته ٻيو ڇا ڪري، هونئن به اسان سنڌي ڪيڏا نه بدنصيب آهيون جو جڏهن به ڪو اسان کي حق ۽ سچ جي راھ تي وٺي وڃڻ چاهيندو آهي ته اهو وقت جي يزين هٿان اڌ واٽ تي ننڌڻڪن جيان ماريو ويندو آهي.

شايد بشير خان جو درد صدين تائين سنڌ جي سيني ۾ ڪنهن تازي لڳل خنجر جيان ڏکندو رهي ۽ سنڌي قوم جا سڏڪا شايد صدين تائين پري پري تائين گونجندا رهن! ڪنهن کي يقين ئي نه ٿو اچي ته اهو بشير اسان کان وڇڙي ويو، جيڪو سنڌ امڙ جا سور کڻي وستي وستي ۽ در در سئن لڳائيندو هو، اهو اڄ اسان وٽ نه رهيو آهي، اهو بشير جنهن پنهنجي جوڀن ۽ جوانيءَ جا ڏهاڙا موج ۽ مستيءَ ۾ گذارڻ بجاءِ سنڌ امڙ جي عشق جي ڏوھ ۾ جيلن ۽ ٽارچر سيلن ۾ گذاري ڇڏيا، اڄ اسان وٽ نه رهيو آهي.

اڄ جڏهن هو اسان جي وچ ۾ موجود ناهي، پر هن جي سوچ ۽ هن جو خواب اڄ به اسان وٽ موجود آهي، اسان کي اڄ اهو وچن ڪرڻو پوندو ته هن جي سوچ ۽ هن جي خوابن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ پاڻ ۾ سڀ ويڇا وساري هڪ ٿي وينداسين ۽ ديس جي ڌرتيءَ ڏانهن ميري اک کڻندڙن جون اکيون ڪڍي ڇڏينداسين.

 


 

ھن جي ڏنل پھرين چمي

علي رضا جروار

جڏهن آئون ٻارنهن سال اڳ پهريون دفعو ڳوٺان سائين جي ايم سيد جي سالگرھ لاءِ نڪرندڙ ڪوچ ۾ تيار ٿي سن وڃي رهيو هوس، اهو ڏينهن منهنجي لاءِ عيد جي ڏينهن برابر هو. ڳوٺ کان سن لاءِ سائين جي سالگرھ ۽ ورسيءَ لاءِ گاڏي سال ۾ ٻه دفعا ويندي هئي ۽ مون کي ننڍو هئڻ سبب وڏا ڀائر ۽ چاچا ساڻ وٺي وڃڻ لاءِ تيار ڪو نه هوندا هئا. سن وڃڻ لاءِ گهڻو ئي ضد ۽ روڄ راڙو ڪندو هوس، پر منهنجي هڪ به ڪو نه ٻڌي ويندي هئي، بس هر دفعي اهو آسرو ڏيندا هئا ته ايندڙ ڀيري توکي ضرور وٺي هلنداسين ۽ پوءِ آئون حسرت وچان معصوم نظرن سان هڪ قميص ۾ گهر جي گهٽي ۾ ڏيڍي تي بيهي ڳاڙهي جهنڊي سان جهولندڙ ڪوچ کي تڪيندو رهندو هوس، جيستائين ڪوچ ڳوٺ جي شاخ واري موري تان ڪراس ڪندي هئي ۽ آئون جلدي وڏو ٿيڻ لاءِ دعا گهرندو هوس ته يا الله مون کي جلدي وڏو ڪر ته جيئن آئون به نعرا هڻندي ڪوچ ۾ هنن سان گڏ سن وڃان. مون کي پنهنجي رهبر جي مزار ڏسڻ سان گڏ سنڌوءَ ڪناري آباد سنڌ جو اهو ڪعبو ڏسڻ جي به خواهش هئي، جتان سنڌ کي هڪ الڳ وطن ۽ سنڌي قوم کي قومي تشخص جو درس مليو. نيٺ زندگي جي منهنجي اها خواهش پوري ٿي.

جڏهن ڪوچ ڄامشورو پهتي ته اتي ماڻهن جا ميڙ متل هئا ۽ هر طرف گاڏين تي لال جهنڊا جهولي رهيا هئا. ڪجھ گهڙين کان پوءِ زوردار نعرا لڳڻ شروع ٿيا ته منهنجي پاسي ۾ بيٺل هڪ نوجوان زور سان نعرو هڻندي چوڻ لڳو ته وڏو پهچي ويو ۽ هن وڏي سان ملڻ لاءِ ڊوڙ پاتي ته آئون به هن سان گڏ ڀڄڻ لڳس وڏي سان ملڻ لاءِ. پر هيستائين ڪارڪنن جا هجوم وڏي کي چنبڙي ويا ۽ آئون ڪجھ گهڙين لاءِ مايوس ٿي ويس ته هاڻي وڏي سان ملڻ مشڪل آهي، پر وري دل کي ڏڍ ڏيندي هجوم ۾ ڪاهي پيس، ٿڙندي ٿاٻڙندي وڏي مشڪل سان وڏي (بشير خان) تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس. قد ننڍو هئڻ سبب جمپ ڏيئي وڏي کي يڪيون چار پنج چميون ڳراٽڙي ۽ هٿن تي ڏيئي ورتم. چميون ڏيندي مون کي اهڙي راحت ۽ لذت محسوس ٿي رهي هئي جيڪا ماڻهو کي پنهنجي محبوبه کي پهرين چُمي ڏيندي به محسوس ڪو نه ٿيندي هوندي. ان دوران وڏي به مون کي پنهنجي ڀاڪرن ۾ وٺي چميون ڏنيون هيون، وڏي کي پهرين چُمي ڏيڻ کان پوءِ هو منهنجو محبوب اڳواڻ بڻجي پيو ۽ پوءِ شفقت ۽ پيار ڀريو اهو چمين ۽ ڀاڪرن جو سلسلو سائين جي ايم سيد جي هر سالگرھ ۽ ورسيءَ تي هلندو رهيو، ان ڏينهن پنهنجي محبوب اڳواڻ کي چُميون ڏيندي خوشي ۾ نه پي ماپيم ۽ انهيءَ رات جو تقريبن ڏيڍ بجي ڌاري ڳوٺ پهتاسين. سن جو اهو سفر منهنجي زندگي جو پهريون ۽ وڏي ۾ وڏو سفر هو پر اهڙي وڏي سفر دوران مون کي ڪا به ٿڪاوٽ محسوس ڪو نه ٿي رهي هئي ۽ رات جو سمهڻ کان پوءِ مون پاسا ورائيندي رات گذاري ته جلد صبح ٿئي ته پنهنجي گهر وارن ۽ دوستن کي سن جون خبرون ۽ پنهنجي محبوب اڳواڻ کي پهرين چُمي ڏيڻ واريون ڳالهيون ٻڌايان، خيرن سان صبح جو سج پنهنجي آب تاب سان سنڌ ڌرتي کي پنهنجي سونهري ڪرڻن سان روشن ڪرڻ وارو هو، ٺيڪ انهيءَ سمي اسان جي گهر آيل منهنجي وڏي ڀيڻ کي پٽ ڄميو. امان سڀني گهر ڀاتين کي پٽ ڄمڻ جون مبارڪون ڏيئي رهي هئي ته مون هڪل ڪري امان کي چيو ته ننڍڙي جو نالو بشير خان رکجو. منهنجي هن نالي جي تجويز ڏيڻ تي سڀ متفق ٿيا، اڄ ماشاءَ الله ننڍڙو بشير خان ۱۲ سالن جو ٿيو آهي، ان ٻارهن سالن جي عرصي ۾ پنهنجي محبوب اڳواڻ بشير خان سان روح ۽ عشق جو رشتو جُڙي پيو ۽ هو اسان سنڌي قوم لاءِ هڪ بڙ جي ڇانو مثل هو، سنڌي قوم بشير خان جي سنڌ لاءِ ڏنل هر سڏ کي ورنائي پنهنجي جان جو نذرانو ڏيڻ لاءِ تيار آهي.

۸ اپريل جي رات الائي ڇو منهنجي دل بي چين ٿي رهي هئي ۽ ننڊ اکين کان ڪوهين ڏور غائب هئي ۽ آئون پاسا ورائيندي گهر جي دري مان نظر ايندڙ چوڏهين جي چنڊ کي تڪيندي ننڊ اچڻ جون ترڪيبون سوچي رهيو هوس پر ان ترڪيبن ۾ ناڪام رهيس، تيستائين جو جو ٺيڪ ۲:۴۵ منٽن تي منهنجي وڏي ڀاءُ جي ڪال آئي، فون جي رنگ وڄڻ تي پاسي ۾ دنيا جهان کان بي خبر ننڊ ۾ ستل منهنجي گهر واري به اٿي پئي ۽ پڇيائين ته آڌي رات ڪنهن جي ڪال آهي، ادا جي ڪال کي ڏسندي منهنجي زبان مان اهي لفظ نڪتا ته يا الله تون خير ڪجانٰ. هن بي ٽائيم ضرور ڪا منحوس خبر آهي، تڏهن ادا ڪال پيو ڪري، جيئن ئي ادا جي ڪال کنيم ته هن چيو ته بشير خان هن جهان ۾ ناهي رهيو ته مون ڪاوڙ ۾ ادا کي چيو ته ڇا پيو چوين، چيائين ته ٽي. وي کولي ڏس، جيئن ئي ٽي. وي کوليم ته هر نيوز چئنل تي اها منحوس خبر ”بريڪنگ نيوز“ هلي رهي هئي، ٽي. وي تي پنهنجي محبوب اڳواڻ جي اڻ مندائتي موت جي خبر ٻڌندي ئي منهنجو سڄو جسم پگهر سان شل ٿي وڃڻ سان گڏ دل جو ڌڙڪو تيز ٿي ويو، منهنجي اها حالت ڏسي منهنجي گهر واري جلدي ۾ جسم ۽ منهن تي پاڻي جا ڇنڊا هڻڻ لڳي، ته مون روڪي چيومانس ته هي صدمي جي تڪليف آهي. اها پاڻي جي ڇنڊن سان دور ڪو نه ٿيندي. پوءِ چيائين ته حوصلو ڌار ڪجھ همت ڪر اگر تو جهڙا ڪارڪن همت هاريندا ته بشير خان جي رهيل مشن کي ڪير اڳتي وڌائيندو. منهنجي گهر واري جي آٿت ڏيڻ تي مون کي ڪجھ حوصلو مليو ۽ پوءِ مون پنهنجي دوست ۽ قومي ڪارڪن علي نواز آريسر کي ڪال ڪري اها دکدائڪ خبر ٻڌائي ته هن جي وات مان به دانهن نڪري وئي ۽ هن ڪال بند ڪري ڇڏي، پوءِ هن سان ڪهڙي حالت ٿي هوندي سا خبر ناهي، بشير خان جي اوچتي وڇوڙي تي منهنجي ذهن تي شيخ اياز جون هي سٽون تري آيون:

مون گيت گهڻيئي ڌرتي جا

ڳاتا، پر اڄ مان وڃڻو هان،

ڪيڏانهن؟ اهو ته نه ڄاڻان ٿو

هي ڄاڻان ٿو توکان وڃڻو هان.

هن خبر کان پوءِ سڄي رات ٽي. وي ڏسي گذري، پوءِ مون جهڙن ڪافي ادنيٰ ڪارڪنن جي اها خواهش هئي ته اسان جي محبوب اڳواڻ کي سن جي مقدس مٽيءَ ۾ سنڌ ماءُ جي هنج ۾ سمهاريو وڃي ته جيئن سال ۾ ٻه دفعا پنهنجي محبوب اڳواڻ جي قبر تي وڃي دل جو سڪون وٺي سگهون ۽ پنهنجي ڌرتي جي آزادي ۽ آجپي لاءِ بهادر اڳواڻ ۽ رهبر جي ڏسيل واٽ تي نئون عزم ۽ حوصلو پئدا ڪري سگهون.

بشير خان کي پنهنجي محبوب رهبر جي قدمن ۾ دفنايو وڃي ها ته بهتر هو، ان ڳالھ جو ڪافي ڪارڪنن کي ڏک پهتو آهي. بشير خان جي موت کان پوءِ اسان سڀني ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي گهرجي ته هڪ ئي پليٽ فارم جوڙي ڏک کي طاقت ۾ تبديل ڪري سائين جي ايم سيد، بشير خان ۽ ٻين شهيد اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي رهيل منزل کي مقصد تي پهچايون.

No comments:

راءِ ڏيندا