; سنڌي شخصيتون: سيد مظهر سيوهاڻي

02 May, 2022

سيد مظهر سيوهاڻي

سيد مظهر سيوهاڻي

(۱۸جولاءِ ۱۹۱۸ع ــ۱۸ سيٽمبر ۱۹۸۵ع - سيوهڻ جون ادبي شخصيتون)

مير حاجن مير



سنڌ جي بهترين غزل گو شاعر سيد مظهر سيوهاڻي جو اصل نانءُ سيد غلام مصطفيٰ شاھ ولد سيد روشن علي شاھ هو پاڻ تعلقي سيوهڻ جي قديم ڳوٺ باجارا ۾ پيدا ٿيو. سيد مظهر سيوهاڻي پرائمري تعليم باجارا مان حاصل ڪئي. پرائمري تعليم کان پوءِ ناز هاءِ اسڪول خيرپور ميرس ۾ ڪجھ انگريزي جا درجا پڙهيا ڇاڪاڻ ته سندن والد ان وقت خيرپور رياست ۾ مختيارڪار هو. اتي سندن واقفيت عطا محمد حامي سان ٿي. خيرپور کان پوءِ سنڌ مدرسة السلام ڪراچي مان تعليم حاصل ڪيائون لکڻ جي شروعات ۱۹۳۲ع کان ڪيائون، عطا محمد حاميءَ کين ادب ڏي راغب ڪيو، سندن شاعري ۾ استاد ابوالڪيف مخمور ۽ سيد اظهر گيلاني هو. ڊاڪٽر عابد مظهر لکي ٿو ته:


“سنڌ مدرسي ۾ پڙهڻ وقت سيوهڻ جي هڪ دوست شاعر علي محمد ساغز سيوهاڻيءَ سيد مظهر سيوهاڻي جي واقفيت گهوٽڪي جي شاعر سيد اظهر گيلاني سان ڪرائي. ان کان باقائدي شاعري جو سبق حاصل ڪيو. (مظهر، ۲۰۱۷: ۵)

سيد مظهر سيوهاڻي کي پهرين سرڪاري پوليس ۾ نوڪري هئي پر سندس جي طبيعت کي نه وڻي ۽ اها ڇڏي ڏنائين سيوهڻ ۾ اچي اٽي جي چڪي لڳائين ۽ روزگار ڪرڻ لڳو. ڊاڪٽر عابد مظهر لکي ٿو ته “مظهر سيوهاڻي، انگريزن جي دور ۾ صوبيداري به ڪئي پر پاڻ پوليس جي ظالماڻي رويي کي ڏسي احتجاج طور استيعفيٰ ڏني ۽ سيوهڻ ۾ اٽي جي چڪي هڻي ڪاروبار شروع ڪيو. سيوهڻ ۾ رهڻ ڪري پاڻ مظهر سيوهاڻي سڏائڻ لڳو ايئن آهستي آهستي ڳوٺ باجارا ۽ سيوهڻ ۾ سندن نالو غلام مصطفيٰ شاھ ماڻهن کان وسري ويو. عام ماڻهن ۾ مظهر شاھ ۽ ادبي حلقن ۾ مظهر سيوهاڻي سڏجڻ لڳو.” (مظهر، ۲۰۱۷: ۶)

سيد مظهر سيوهاڻي غزل جو بهترين شاعر هو. سڄي سنڌ جي مشاعرن ۾ شرڪت ڪندو هو ان وقت جي شاعرن ۾ طرح جو رواج گهڻو هو، پاڻ طرح تي به لکندو هو ۽ غير طرح به لکندو هو. سندس شاعري ۾ محبت جو رنگ، صوفياڻو عاجزانه نظر اچي ٿو. “سيد مظهر سيوهاڻي، جي غزل ۾ جدت به آهي. ته روايت پڻ آهي. سندس غزل ايٽي عزل به اهي. ته غزل جو بنياد تي پڻ پورو آهي. سندس عزل پڙهڻ کان پوءِ اها راءِ جڙي ٿي ته هو غزل جو استاد شاعر هو. جنهن پنهنجي شاعري ۾ غزل جون سموريون نزاڪتون، نفاستون، ۽ نازڪ بيانيون بيان ڪيون آهن. (مهراڻي، ۲۰۰۷: ۶ )

ٽيڙو ڪَتي ويا نجهري پر هو پرين نه آيو،

ڏسندي ٿي رات گذري پر هو پرين نه آيو.

همدرد چنڊ بڻيو، تارن کي رحم آيو،

پرڀات آئي اڀري، پر هو پرين نه آيو.

آيو بهار موٽي، آيا چمن به ٻيهر،

گونٽو گلاب نسري، پر هو پرين نه آيو.

اميد آسري تي، واعدي وچن سندي تي.

ويا ڏينهن راتيون گذري پر هو پرين نه آيو.

جوڳي فقير ڀتيم پيرن تي باسون باسيم

ڪيم رسم ريت پوري پر هو پرين نه آيو.

تنهائي بي قراري حاوي هئي، انتظاري،

مظهر اچي وئي پيري، پر هو پرين نه آيو.

سيد مظهر سيوهاڻي سيوهڻ ۾ بزم شهباز جو بنياد وڌو هو سيوهڻ ۾ سنڌ ليول ۽ ضلعي ليول تي مشاعرا ڪرائيندو هو. سندس ساٿ ۾ ساغر سيوهاڻي ۽ سيد ظفر سيوهاڻي هوندا هئا. سنڌ جو وڏا شاعر سيوهڻ اچي مشاعرن ۾ شرڪت ڪندا هئا. استاد بخاري، حافظ احسن چنه الهنواز رڪڻائي، احمد خان مدهوش، ملنگ حيدري منصور اشرف، نشتر ناٿن شاهي، محسن ڪڪڙائي ۽ ٻيا ڪيئي شاعر مشاعره ۾ شرڪت لاءِ ايندا هئا. هي مشاعرا ظفر شاھ سيوهاڻي جي اوطاق تي ٿيندا هئا. مظهر سيوهاڻي غزل جو نمائده شاعر آهي. رديف ۽ ڪافيي کي بهترين نموني اسعتمال ڪيو اٿس غزل جو حسن رديف ۽ ڪافيو هوندا آ.

اهڙو ڪو جام رنگين ساقيا پيار مون کي،

رهي تار زندگي اکين مٿان خمار مون کي.

ايئن ڪرين ڇو ٿو رسوا سر بازار مون کي،

اقرار بڻجي وري ڪر نه بي قرار مون کي.

رڳو بڻائين پيو مورد الزام مون کي ڇو،

ستاءِ دست زمانا! نه بار بار مون کي.

خيال يار ۾ ٿو محو اضطراب رهان،

جنون و حثت وسودا جو آهي. بار مون کي.

نه ٿو بهار جو ڀلجي ڪوخيال اچي،

سڪون بخش ڪيو آھ ياد يار مون کي.

ڪڏهن ڪڏهن ته دل جو هي بار بڻجي ٿو،

لڳي ٿي ياد اوهان جي ناگوار مون کي.

خرد جو ڪم ٿو جڏهن مظهر تمام ٿئي،

پوي ٿو ڪرڻ پنهنجو جيب تارتار مون کي. (سيوهاڻي، ۲۰۱۷: ۲۷)

ڊاڪٽر شير مهراڻي لکي ٿو ته” سيد مظهر سيوهاڻي جي غزل جا سڀئي رنگ نظر اچن ٿا. سندس غزل هڪ پاسي حسن ۽ عشق جو داستان آهن ته ٻئي پاسي سنڌي سماج جو اهڙو دستاويز آهن جن مان مختلف سماجي قدر پڙهي ۽ پرجهي سگهجن ٿا. سندس غزل جو هر رنگ نمايا رنگ آهن. سندس شعر جو هر بند ڪنهن نه ڪنهن طرح سان جذبي، ڪنهن تخيل ۽ ڪنهن روش ۽ ريت جي نمائدگي نظر اچي ٿي. سيد مظهر سيوهاڻي جي غزل جو نمايا رنگ عشق ۽ فرقت جو رنگ آهي. جيڪو غزل جي عين مزاج مطابق آهي. (مهراڻي، ۲۰۱۷: ۱۰)

تسڪين روح لئه ٿا سجده پيا ڪيون،

مجبور ٿي ڪا توکي نه ٿا التجا ڪيون.

تير نگھ تان صدقي هي جيرو جگر ڪيون،

يا حسن بي نظير تان دلڙي فدا ڪيون.

واقعي ڪيون ٿا حسن خدا وار جي ثناءِ،

اي شيخ، تنهنجي ڪهڙي ٿا اربعا خطا ڪيون.

شام و سحر ڪيون پيا طواف در و ديوار،

ڇو فرض عشق ويهي اجايو قضا ڪيون.

اکڙين جي انتظار جو دل بيقرار جو،

احوال ٿا سمورو حوالي صبا ڪيون.

ڀلجي لهين نه سار ٿو سهڻا الائي ڇو،

سمجهين ٿو پيار توسان ٿا نام خدا ڪيون.

“مظهر” خدا تو ڄاڻي مان سمجهي نه ٿو سگهان،

دشمن کي دوست، دوست کي دشمن ڇو ٿا ڪيون. (سيوهاڻي، ۲۰۱۷: ۱)

سيد مظهر سيوهاڻي جو ڪلام جذبات مظهر جي نالي سان سيهڙيل هو. ان جو نالو مٽائي سندس لائق فرزند سيد عابد مظهر “بزم غزل” رکيو آهي ۽ ان ڪتاب کي ۲۰۱۷ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ان ڪتاب ۾ صرف غزل شامل ڪيا ويا آهن. سيد مظهر سيوهاڻي عزل جو ڪهنا مشق شاعر هو. سندس لهجو عوامي هو. پر سندس شاعر ۾ فارسي لفظن جي ڀرمار آهي جڏهن ته ترقي پسند شاعر فارسي لفظن مان جان ڇڏائي چڪا هئا. ۽ بزم شعرا جا شاعر فارسي جا لفظ استعمال ڪندا هئا. جديد شاعري جو بنياد ته ڪشچند بيوس وڌو پر غزل کي جديد ڪرڻ ۾ شيخ اياز جو وڏو هٿ هئو. ان جي ساٿ ۾ نارائڻ شيام استاد بخاري، تنويري عباسي، شمشير الحيدري، بردو سنڌي، راشد مورائي ،وفا ناٿن شاهي، محسن ڪڪڙائي ۽ ٻيا هئا. مظهر سيوهاڻي بزم غزل ۾ فارسي جا لفظ استعمال ڪيا آهن. جهڙوڪ: فرقت، مالهي، بلبل، نفع، مغموم گلشن، بادبان، موسم گل بادخزان، زار، صبا وغيره.

سيد مظهر سيوهاڻي، غزل جو پختو شاعر هو، سندس شاعري ۾ محبوب جي ڳلن جو ذڪر به آهي، ته سندس ڪارن ڪارن وارن جو، به ذڪر آهي، مظهر سيوهاڻي درد مان دانهن ڪري ٿو ۽ چوي ٿو:

الله الله ٿي ويو سارو جهان منهنجي خلاف،

شاهدي آهي ڏئي ويو آسمان منهنجي خلاف.

منهنجا ٿيا سڀ هم نشين وهمنوا، منهنجي خلاف،

ٿي ويا پنهنجا پراوا الا منهنجي خلاف.

پنهنجي گهر هوندي، پيو کانوان ڌڪا ٿاٻاالا،

باغبان سان آ ملي ويو آشيان منهنجي خلاف.

آئون تارو هوس پر ٻيئڙيءَ ڇڏيو ٻوڙي صفا،

ڪيئن چوان اي دوست، ٿيو، بادبان منهنجي خلاف.

مان ته حال زار گلشن جي ڏسڻ لئه پيو سڪان،

موسم گل درگذر باد خزان منهنجي خلاف.

روز محشر سوءِ جنت جيئن نهاريو مون اڃان،

مون ڏٺو باغ ارم حور و جنان منهنجي خلاف.

آهي رب العالمين “مظهر” ڪندو رحم وڪرم،

ڇا ٿيو جي ٿي پيو دور گران منهنجي خلاف. (سيوهاڻي، ۲۰۱۷: ۱۱۳)

حوالا:

مظهر، عابد، ڊاڪٽر، ۲۰۱۷: بزم غزل، ڪلام سيد مظهر سيوهاڻي، مرتب، سيد مظهر سيوهاڻي اڪيڊمي سيوهڻ ،ڪراچي.

مظهر، عابد، ڊاڪٽر، ۲۰۱۷: بزم غزل، ڪلام سيد مظهر شاھ سيوهاڻي، مرتب، سيد مظهر سيوهاڻي اڪيدمي سيوهڻ، ڪراچي

مهراڻي، شير،ڊاڪٽر، ۲۰۱۷: بزم غزل، مرتب، ڪلام سيد مظهر سيوهاڻي، سيد مظهر سيوهاڻي اڪيڊيمي سيوهڻ ،ڪراچي.

سيوهاڻي، مظهر، سيد، ۲۰۱۷: بزم غزل،مرتب، ڊاڪٽر،عابد مظهر، سيد مظهر سيوهاڻي اڪيڊيمي سيوهڻ.

مهراڻي شير، ۲۰۱۷: ڊاڪٽر، بزم غزل، مرتب، سيد مظهر سيوهاڻي، سيد مظهر اڪيڊ مي، سيوهڻ، ڪراچي.

سيوهاڻي، مظهر، سيد، ۲۰۱۷: بزم غزل، مرتب، ڊاڪٽر عابد مظهر،سيد مظهر سيوهاڻي، اڪيڊمي سيوهڻ.ڪراچي.

سيوهاڻي، مظهر، سيد،۲۰۱۷: بزم غزل، مرتب،ڊاڪٽر عابد مظهر، سيد مظهر سيوهاڻي اڪيڊمي سيوهڻ ڪراچي.

 

(مير حاجن مير جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۸ اپريل ۲۰۲۲ع تي کنيل)



سيد مظهر سيوهاڻي

جنهن سيوهڻ ۾ وڏا مشاعرا ڪرايا.

ڊاڪٽر عابد مظهر

منهنجي والد سيد مظهر سيوهاڻي جو اصل ڳوٺ ته باجارا هو پر سيوهڻ سان اهڙي دل لڳي ويس جو پاڻ سيوهاڻي سڏائڻ لڳو. پاڻ سنڌ مدرسي ڪراچي مان. ميٽرڪ ڪئي سندس ڪلاس فيلو رسول بخش ٽالپر جيڪو سنڌ جو گورنر رهيو، غلام مصطفا شاھ سجاول جو سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر، وزير تعليم به رهيو، نثار افندي بوبڪ جو محمد خان ميمڻ هئا. سندس دوست اظهر گيلاني، مير مهراڻ خان بجاراڻي، عطا محمد حامي، تارڪ نجفي ۽ ٻيا ڪيترا ئي دوست هئا.

پاڻ، سنڌ جي علم عروض جي ڄاڻندڙن مان هڪ وڏو غزل گو شاعر هو. اڪثر سيوهڻ ۾ بزم شهباز طرفان سيد ظفر سيوهاڻي جي اوطاق تي مشاعرا ڪرائيندو هو. سيوهڻ ان وقت دادو ضلعي ۾ هو هاڻ ڄامشوري ضلعي ۾ آهي. دادو ضلعي کان سواء سڄي سنڌ جا علم عروض جا نامور شاعر شعر پڙهڻ ايندا هئا. جيڪي نالا ياد اچن ٿا سي لکان ٿو. دادو مان احسن چنا، سومرو سودائي. اطهر منگي. تاج صحرائي. خيرپور مان نشتر ناٿن شاهي، محسن ڪڪڙائي، آثم ناٿن شاهي، جوهي مان احمد خان مدهوش، سيتا مان نواز رڪناڻي، سيوهڻ مان جمال ميراڻي، فتاح ڪاڪي پوٽو، ساغر سيوهاڻي. هم راز سيوهاڻي، پروانو سيوهاڻي، غلام رباني اوٺو ڪامل اوٺو٩ سائين منظور، نياز سولنگي جو پوءِ سيوهڻ جو ئي ٿي ويو سندس فرزند ذوالفقار سولنگي سيوهڻ جو نامور صحافي آهي.

بابا سيد مظهر سيوهاڻي جي سيوهڻ ۾ اٽي جي مشين هوندي هئي. هڪ ڇڏي ويل هنڌو جنهن جو نالو نٿواچي اهو بابا سائين کي پنهنجي جڳه دوستيء ۾ ڏئي ويو هو ان جڳھ ۾ ٻه دڪان هئا، ان مان هڪ دڪان نياز سولنگي کي بابا سائين نيوز ايجنسي کولڻ لاءِ مفت۾ ڏنو. جنهن ۾ نياز سائين سنڌي ڪتاب به کپائڻ لاءِ رکيا ۽ انوقت جون مشهور اخبارون عبرت، مهراڻ، خادم وطن، هلال پاڪستان ۽ ٻين جو نمائندو پڻ هو.

ان وقت باجارا جهانگارا سيوهڻ کان ڪچو روڊ ويندو هو هڪ نه ٻئي ڏينهن پوسٽ ۾ ايندڙ اخبارون اينديون هيون جنهن جو بابا سائين ساليانو خريدار هو. ان کان علاوه جيڪي به رسالا نڪرندا هئا انهن جو به ساليانو خريدار هو. جنهن ۾ اڪثر روح رهاڻ حميد سنڌي جو رسالو. سهڻي جيڪو ننڍي سائيز ۾ نڪرندو هو سائين طارق اشرف جو. شمع سيريز جا ٻاراڻا رسالا ۽ ادبي بورڊ جو ٻارن لاءِ نڪرندڙ گل ڦل جيڪي والد صاحب مون لاءِ گهرائيندو هو ۽ ادبي بورڊ جومهراڻ رسالو ايندا رهندا هئا، سائين مدد علي سنڌيء جو رسالو اڳتي قدم ۽ ٻيا ڪيترا رسالا ۽ اخبارون ڳوٺ جا اڪثر پڙهيل لکيل ماڻهو بابا وٽان گهرائي پڙهندا هئا.

ان وقت ڳوٺ باجارا جو باوقار شخصيت سائين حاجي خيرمحمد رند پرائمري اسڪول جو هيڊماسٽر به هوندو هو ته پوسٽ ماسٽ جي چارج به هوندي هيس. بعد ۾ سائين نياز سولنگي جي اچڻ ڪري نياز سولنگي وٽان رسالا ۽ اخبارون اينديون رهنديون هيون پر پوءِ به ڪيترا رسالا لاهور حيدرآباد، ڪراچي کان ايندا هئا. ان کان پوءِ ڳوٺ جي مشهور حڪيم ۽ پروقار شخصيت ثناء الله ترڪ به اخبارون سيوهڻ مان گهرائڻ شروع ڪيون. حڪيم ثناءُ الله جي اوطاق اسپتال به هئي ته هڪ ڪميونٽي سينٽر جو ڪم به ڏيندي هئي جتي اڪثر پڙهيل ڳڙهيل ماڻهي سياسي سماجي ڪچهريون ڪندا رهندا هئا. سائين ثناء الله ترڪ جو ننڍو ڀاءُ عبدالحق ترڪ وري هڪ سٺو حڪيم به هو ۽ ڳوٺ جي نوجوانن کي پڙهڻ لاءِ همٿائيندو رهندو هو، هاڻ مشهور حڪيم ثنا الله جو وڏو فرزند سيف الله ترڪ ۽ ٻيو ڀاء عطا الله ڪراچي ۾ رهندا آهن. باقي هڪا ڀاء ملڪ کان ٻاهر رهندو آهي.

حڪيم صاحب جي اوطاق تي طالب المولا هاء اسڪول دادو جو هيڊماسٽر تاج صحرائي هو تعليم. دان سان گڏ هڪ سياح ۽ تاريخ دان به هو جيڪو ايندو هو، باجارا جهانگارا، ٽهڻي، نيگ شريف، پنجتن جو باغ. هڪ جبل ۾ ست گهر ٺهيل آهن جت ٻن قبيلن جو جهيڙو ٿيو هو. ان تي تحقيق ڪرڻ اڪثر ايندو هو. ڪڏهن اٺن تي ڪڏه وليز جيپن تي سفر ڪندو هو اسان ننڍي هوندي شاگردي جي دور ۾ سائين سان گڏ هوندا هئاسين. جهانگارن باجارن جا اڪثر ان وقت جا ڇوڪرا سندس شاگرد هوندا هئاسين. جن جا نالا بخش علي شاھ. جئندل شاھ. ، عبدالقادر ترڪ، سيف الله ترڪ. امان الله ترڪ، علي گوهر ترڪ، فخر زمان ترڪ، عابد شاھ(عابد مظهر) زاهد شاھ سائين جا شاگرد هوندا هئاسين. سائين انگلش پوئٽري عاليشان نموني سان پڙهائيندا به هئا سمجهائيندا به هئا.

پر ڳالھ پئي هلي سيد مظهر سيوهاڻي جي ته هو شخص پنهنجي دور جو هڪ مڪمل علمي ادبي انسان هو، ان سان گڏ هڪ سخي دل جو انسان هو، اڪثر ڳوٺ جي غريب ماڻهن جي مالي مدد ڪندو رهندو هو. غريب ماڻهن کي گهر ويٺي ان جون ڳوڻيون پهچائيندو هو. اڪثر ماڻهو سندس اڄ به تعريف ڪندا رهندا آهن.

سيد مظهر سيوهاڻي جو هڪ شاعري جو مجموعو بزم غزل ڇپيل آهي. تمام جلد سندس باري ۾ هڪ ادبي ڪانفرنس ۽ مشاعرو ڪرايو ويندو جنهن ۾ سندس تي پڙهيل مقالن جو ڪتاب ڇپرايو ويندو.

 

(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد جي ڪاوش دنيا ۾ ۱۲ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا