; سنڌي شخصيتون: سيد مظهر سيوهاڻي، مير حاجن مير،
Showing posts with label سيد مظهر سيوهاڻي، مير حاجن مير،. Show all posts
Showing posts with label سيد مظهر سيوهاڻي، مير حاجن مير،. Show all posts

02 May, 2022

سيد مظهر سيوهاڻي

سيد مظهر سيوهاڻي

(۱۸جولاءِ ۱۹۱۸ع ــ۱۸ سيٽمبر ۱۹۸۵ع - سيوهڻ جون ادبي شخصيتون)

مير حاجن مير



سنڌ جي بهترين غزل گو شاعر سيد مظهر سيوهاڻي جو اصل نانءُ سيد غلام مصطفيٰ شاھ ولد سيد روشن علي شاھ هو پاڻ تعلقي سيوهڻ جي قديم ڳوٺ باجارا ۾ پيدا ٿيو. سيد مظهر سيوهاڻي پرائمري تعليم باجارا مان حاصل ڪئي. پرائمري تعليم کان پوءِ ناز هاءِ اسڪول خيرپور ميرس ۾ ڪجھ انگريزي جا درجا پڙهيا ڇاڪاڻ ته سندن والد ان وقت خيرپور رياست ۾ مختيارڪار هو. اتي سندن واقفيت عطا محمد حامي سان ٿي. خيرپور کان پوءِ سنڌ مدرسة السلام ڪراچي مان تعليم حاصل ڪيائون لکڻ جي شروعات ۱۹۳۲ع کان ڪيائون، عطا محمد حاميءَ کين ادب ڏي راغب ڪيو، سندن شاعري ۾ استاد ابوالڪيف مخمور ۽ سيد اظهر گيلاني هو. ڊاڪٽر عابد مظهر لکي ٿو ته: