منظور پرواز ميمڻ
مڻيادار ماڻهوءَ جون
ادبي ۽ سماجي خدمتون
نسيم بخاري
سائين منظور پرواز ۲۸ مارچ ۱۹۴۷ع تي رحيم بخش ميمڻ جي گهر پير مست علي شاھ
محلي شڪارپور ۾ جنم ورتو. سائينءَ جو والد پنهنجي دور ۾ شڪارپور جو مشهور صحافي ۽
پريس ڪلب شڪارپور جو اهم عهديدار رهيو آهي عورتن جي حقن جي حوالي سان به سندس
شاندار خدمتون رهيون آهن پاڻ هلال پاڪستان اخبار جا ڊسٽرڪٽ رپورٽر هئا نوائي
انقلاب سکر ۾ به سنڌ جي گشتي نمائندي طور ڪم ڪندا هئا منظور پرواز ميمڻ پرائمري هاڻوڪي
قاضي محلا ۽ تڏهوڪي نادر واري اسڪول ۾ پڙهي، ميٽرڪ هاڻوڪي قاضي حبيب الله ۽ تڏهوڪي
نيو اِرا ھاءِ اسڪول مان ڪئي، جتي ۱۹۶۳ع ۽ ۱۹۶۶ع ۾ استاد عرض محمد شيخ صاحب جي شفقت هيٺ رهيو. انٽر شاھ
لطيف آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج مان ڪيائون، بي اي گريجوئيشن سي اينڊ ايس گورنمينٽ ڪاليج
مان فرسٽ ڪلاس ۾ حاصل ڪيائين. سي اينڊ ايس ڪاليج ۾ ان وقت سنڌ جو ناميارو اديب قمر
شهباز سندس انگريزي ادب ۾ استاد هو جنهن جي صحبت محبت ۾ اچي پنهنجو تخلص پرواز
رکيائين. ۱۹۶۲ع کان ٻاراڻو ادب لکڻ ۽ ۱۹۶۶ع کان شاعريءَ توڙي نثر ۾ لکڻ شروع ڪيائون، پاڻ هلال پاڪستان،
نوائي انقلاب، عبرت اخبار، خادم وطن، جمهوريت، ناظم ۾ به لکندا آيا، وائي، نظم ۽
غزل سندس پسنديده صنفون رهيون آهن، ادب محل پبليڪيشن شڪارپور جي سلسلن توڙي ان وقت
جي مقبول رسالن بادل ۽ روح رهاڻ سميت اهم رسالن ۾ سندس تحريرون زينت بڻجنديون آيون
آهن هن وقت تائين سوين تخليقون تخليق ڪري چڪا آهن. ۱۹۷۴ع ۾ شادي ڪيائون ۱۹۷۱ع ۾ سرڪاري ملازمت حاصل ڪيائون ۽ ۲۰۰۷ع ۾ صنعتن واري کاتي مان ڊپٽي ڊائريڪٽر جي
حيثيت سان رٽائرڊ ٿيا. سائين منظور پرواز جو اڃان تائين شعري يا نثري مجموعو ڇپجي
پڌرو نه ٿي سگهيو آهي.
اڄ ڪالھ سوشل ميڊيا
جو دور آهي ان ڪري پاڻ اها دنيا نه رڳو آباد ڪيون ويٺا آهن پر پنهنجي سنجيده
ويچارن کان به وقت بوقت جڳ جهان کي آگاهي ڏيندا پيا اچن کيس شڪارپور شهر سان وڏو
عشق آهي ان ڪري سندس تحريرن جو مهور شڪارپور شهر ان جون شخصيتون ۽ ادارا هوندا آهن
پاڻ شڪارپور جي پاڻي زهريلي ٿي وڃڻ جو ڪارڻ اهو ٿا لکن ته شڪارپور شهر ۾ ۱۲ کان مٿي ڪِني پاڻيءَ جون کڏون هيون جيڪي سڀ
قبضن هيٺ اچي ويون آھن جنهن سبب جر جو پاڻي زهريلو ٿي ويو خدارا شڪارپور جون
واپاري، سماجي، مذهبي، ادبي، سياسي، تنظيمون ۽ جماعتون شهر جي ٽي حصا پاڻيءَ جي
زهريلي ٿيڻ خلاف گڏجي ويهي ڪو حل ڪڍن.
منظور پرواز سياست
جي اڄوڪي تعارف ۽ تاثر بابت لکي ٿو ته سياست ۽ سچائي ٻه متضاد لفظ آهن سياست ۽
مفاد هڪ گهر ۾ اڄ ڪالھ جا ٻه زال مڙس آهن هو شڪارپور جي سياستدانن جي منافقيءَ تان
نقاب انهن لفظن ۾ لاهي ٿو ته شڪارپور جا سياستدان شادي غميءَ ۾ پنج هزار سيڪڙو پاڻ
۾ برادري رکن ٿا پر شهر جي مسئلن تي هڪ گڏيل گڏجاڻي نه ٿا رکي سگهن شڪارپور جي
تباهيءَ جو پس منظر بيان ڪندي هو لکي ٿو ته سياستدانن وٽ پيسو آهي ان ڪري عوام پيسي
تي وڪامجي ٿو ۽ پنهنجي سمجھ کان ڪم نه ٿو وٺي. منظور پرواز اسان جي قومي نفسياتي
رجحان تي اها راءِ رکي ٿو ته پاڪستاني اها قوم آهي رڳو خبر پوين قيامت اچڻ واري
آهي ته تسبيحون ۽ مصلا به بليڪ تي کپائينداـ هو پنهنجي جنم ڀوميءَ جي موجوده ماحول
۽ ماضيءَ جي يادگيرين کي هيئن ٿو بيان ڪري ته شڪارپور اڳي محبوبن، خوشبوئن ۽ وفائن
جو شهر هيو هاڻي مفادن جي ڪري ڏانئڻن، ديون ۽ جوڪرن جو شهر بڻجي ويو آهي.
منظور پرواز جو
خيال آهي ته سچ اهو تير آهي جيڪو ڪوڙن جي ڪمين گاهن مان گذر ڪري تاجن کي تاراج ڪري
ٿو سچ سدا سوڀارو ئي رهيو آهي توڙي کيس موت به اچي وڃي.
منظور پرواز سياسي
فڪر جي حوالي سان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو شيدائي رھيو آهي , هو محبتي ماڻهو آهي
سڀ سان پيار سان ملندو آهي ننڍ وڏائيءَ کي آڏو رکندي نه ملندو آهي سينيئر هجن يا جونيئر
سڀني سان سندس سڀاءُ ساڳيو هوندو آهي هن سان آمهون سامهون ملاقات به سولائيءَ سان ٿي
ويندي آهي ته فون تي گفتگو به.
هو ۷۵ سالن جي ڄمار ۾ به ان خيال جو آهي ته اچو
ته پنهنجين غلطين جو اعتراف ۽ ازالو ڪريون ۽ شهر جي هڪ جامع ادبي تاريخ مرتب ڪريون
جيڪا ١٩٦٧ کانپوء مونجھارن جو شڪار رھي آھي. منظور پرواز کي حڪومت کان مراعات يا
مالي مدد ۽ سهولت حاصل ڪندڙ اديبن تي تنقيدون ڪندڙن سان اختلاف آهي هو چوي ٿو ته
سنڌ جا شاعر اديب حڪومت کان ڪجھ وٺن ٿا ته ارها نه ٿيو جو هو ڪي ڪروڙ پتي ته ناهن
۽ حڪومت به عوام مان ئي ٽيڪس وصول ڪري ٿي ۽ پيسو عوام جو ئي آھي. منظور پرواز علمي
ادبي سرگرمين ۾ اڄ به جوانن وانگر حصو وٺي ٿو هو پروگرامن ۽ تقريبن ۾ باقاعده شرڪت
ڪري ٿو هن تازو ڪراچيءَ جو ادبي ميلو به گهميو آهي ته سنڌ جي اديبن سان قربائتيون ڪچهريون
به ڪيون اٿائين کيس شاھ عبدالطيف ڀٽائيءَ جو هيٺيون شعر ڏاڍو وڻندو آهي ته:
نه سي وونئڻ وڻن ۾ نه
سي ڪاتياريون
پسيو بازاريون، هينئڙو مون لوڻ ٿئي.
منهنجو خيال هو ته
هن ڀيري آءُ سندس سالگرھ جي موقعي تي شڪارپور ۾ شاندار تقريب ڪوٺايان ها جنهن ۾
سائينءَ جي سمورن همعصر دوستن کي گهرايان ها انهن کان سائينءَ جي زندگي ۽ انهن جي
حاصلات بابت ڄاڻ وٺان ها ۽ خود سائين منظور پرواز کان هن جي زندگيءَ جي تجربن جي
روشنيءَ ۾ راءِ وٺان ها ۽ ان کان ماضيءَ جي ۽ موجوده صورتحال بابت ڪيل ڪچهريءَ مان
گهڻو ڪجھ ٻڌي پرائجي ها پر سائينءَ جي ڪراچيءَ هئڻ جي ڪري منهنجي تمنا حقيقت جو
روپ ڏسي نه سگهي بھرحال سائين جڏهن به شڪارپور آيو ته سائينءَ سان رهاڻ رچائي
پنهنجي دل جي آس پوري ڪبي. منظور پرواز جو خيال آهي ته سچي شاعر اديب کي رنجائڻ يا
هن جو حق کائڻ معني هڪ جيئري اولياء کي ستائڻ برابر آهي آزمائي ڏسو توهان کي زندگي
ڀر سڪون نه ملندو.
منظور سائينءَ جي اها
ڳالھ شاعر اديب ۽ نقاد جيڪڏهن پنهنجي هنئين سان هنڍائن ته اڄ ادبي ڄنڊاپٽ هجي ئي
نه.
منظور پرواز پنهنجي
زندگيءَ جي تجربي جي روشنيءَ ۾ ان نتيجي تي پهتو آهي ته بدروح جڏهن سچن روحن کي
ستائڻ لاءِ نڪري پوندا آهن ته انهن کي پنهنجي طاقت ۽ بدنيتي جو زور هوندو آهي پر
رب سدا حق کي عزت ڏيندو آهي موجوده حالتن ۾ انساني خود غرضيءَ واري حقيقت تان وري
انهن لفظن ۾ لٽا لاهي ٿو ته اسان سڀ مفادن جا سوداگر آهيون ڪم لٿو ڊکڻ وسريو سواءِ
مطلب جي ڪنهن کي کيڪاريون به ڪونه ٿا.
مطلب ۽ مفاد
پرستيءَ کي وڌيڪ اثرائتي نموني سان بيان ڪرڻ لاءِ هو شيخ اياز جي انهيءَ بيت جو به
سهارو وٺي ٿو.
ماڻهوءَ منجھ بگهڙ،
ڏند ڇپائي ٿو رهي،
جيڏو هن سان وڙ ڪندين،
تيڏو تو تي گرڪندو!
منظور پرواز کي ملڪ،
سماج توڙي شهر ۾ قانون جي بالادستيءَ وارو فقدان به پريشان ڪندو آيو آهي ان ڪري هو
ان ڳالھ تي حيرت سان گڏوگڏ سوال به اٿاريندو آهي ته آخر ڇا سبب آهي جو اسان جي
تقدير، تهذيب، پاڙي، شهر، صوبي ۽ ملڪ ۾ رڳو “ڏنڊي” جي ئي حڪمراني آهي قانون جي حڪمراني
آخر ڪڏهن قائم ٿيندي اهو قانون جيڪو کيس ارسطوءَ جي ان قول جهڙو لڳندو آهي ته
قانون ڪوريئڙي جو اهو ڄار آهي جنهن ۾ صرف ننڍا جانور ڦاسجندا آهن ۽ وڏا جانور ان
کي ڦاڙي نڪري ويندا آهن هو ان سوال تي به ويچاريندو آهي ته سياسي پارٽيون توڙي ٻيون
تنظيمون وارڊ سطح تي پنهنجون آفيسون قائم ڪري علائقي جي غريب ۽ بيوس ماڻهن بابت ڪا
سروي ڪري انهن جي مناسب پرگهور جو ڪو بندوبست ڇو ڪو نه ڪنديون آيون آهن منظور
پرواز جو اهو به خيال آهي ته اسان جي سنڌي ڪاموري ۽ ليڊر سنڌ جي ماڻهن کي گهٽ لٽيو
آ جو اسان ڌارين جي ڳالھ ڪريون؟ ڪهڙي ڪاموري ۽ ليڊر کي ڊفينس ۾ بنگلو نه آهي ان تي
به ته ڪجھ لکجي ني؟ منظور پرواز صنعتن واري شعبي ۾ پنهنجي پوري سروس دوران صاف شفاف
ڪردار جو مالڪ رهيو هن جي دامن تي نه ته ڪو داغ هو نه ئي ڪا آڱر کڄي هن جي ذاتي ڪوششن
سان پي ٽي ويءَ تي شڪارپور جي وڏي انگ ۾ سگهڙن کي نمائندگي ملي انهن ڏينهن ۾ پي ٽي
ويءَ تي اچڻ نشر ٿيڻ ۽ ان جو معاوضو ملڻ تمام وڏي ڳالھ هوندي هئي. خودڪشين جي واقعن
تي جڏهن منظور پرواز سوچي ٿو ته ان نتيجي تي پهچي ٿو ته جيڪي ماڻهو ضمير ۽ زماني
جو بار کڻي نه سگهندا آهن اهي خودڪشي ڪري ڇڏيندا آهن. منظور پرواز زراعت ۽
ماحوليات کي تمام وڏي نقصان جو سبب سنڌ جي هر وڏي شهر ۾ زمينون ۽ باغ ختم ڪري
رهائشي آبادين جي جنون کي قرار ڏئي ٿو.
مون کي منظور پرواز
جو اهو شعر ڏاڍو وڻندو آهي جنهن ۾ هن هيٺيون خيال اظهاريو آهي ته:
انڌو جڳ ۽ انڌي آس
ان ۾ باسيان ڪهڙي
باس
يا اهو شعر ته:
صديون گذري ويون
سچ سفر ۾ آهي
منظور پرواز ننڍپڻ
جي دوست جاويد ڀٽو جي آمريڪا ۾ ڪاري نيگرو هٿان شهادت تي به ڀرپور نظم لکيو هو جنهن
۾ چيو هئائين ته:
موت به ڪوئي وحشي
آهي
ڪٿڙي نيرو، ڪٿڙو ڳاڙهو،
ڪٿڙي ڪارو حبشي آهي
هي جو ڪنهن سان جاڙ
ڪري ٿو
دلين جي اجاڙ ڪري ٿو
ويندي ويندي وار ڪري
ٿو
توکي مون کان ڌار ڪري
ٿو
تنهن مان هن کي ملڻو
ڇاهي!
بس هن جو پنهنجو
پاسو آهي
دلين تي ڪو واسو
آهي
جيون جو هو پياسو
آهي
ڳولهي ڳولهي ڌار ڪري
ٿو.
پر مان هن کان مرڻو
ناهيان
ديس سڄي ۾ ورڻو
آهيان
جيڪي مون تي گل پون
ٿا
تن جي تازي خوشبوءَ
کان
ڪيڏو هن جو هانءُ
جلي ٿو
پوءِ به نه هو پاڻ
پلي ٿو
پر ان جو کيس ارمان
رهي ٿو
مٽيءَ کي جو مانُ
ملي ٿو
مٽيءَ کي جو مانُ
ملي ٿوـ
(منظور پرواز جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۵ اپريل ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)
No comments:
راءِ ڏيندا