ميان مير چانڊيو
اعظم ڀٽي
سنڌي ٻولي جي ڀلوڙ
ليکڪ ميان مير چانڊيو جو اصل نالو مير خان چانڊيو آهي. سندس والد جو نالو محمد خان
چانڊيو آهي. سندس جنم ۲۳ جنوري ۱۹۶۸ع تي ٽنڊو محمد خان ضلعي جي تعلقي بلڙي شاھ ڪريم جي ڳوٺ ٻانهون چانڊيو ۾ ٿيو.
پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين، مئٽرڪ مير غلام محمد ٽالپر هاءِ اسڪول ٽنڊو
باگو مان پاس ڪري، انٽر مير غلام علي ٽالپر گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ٽنڊو محمد
خان مان پاس ڪيائين. بي اي ۽ ايم اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ڪيائين.
سال ۱۹۹۰ع ۾ روزاني هلال پاڪستان ڪراچي ۾ “يادن جو ڪوهيڙو”
جي عنوان سان ڪالم لکيائين. روزاني عبرت اخبار حيدرآباد ۾ “يادن جو ڪوهيڙو”جي
عنوان سان ۱۹۹۱ع کان ۱۹۹۲ع تائين ڪالم لکيائين. روزاني سنڌ، روزاني سوال، روزاني تعمير سنڌ ۾ مختلف
عنوانن تي مضمون ۽ ڪالم لکيائين. ان سان گڏوگڏ سندس شاعري به سۡٺي ڪندو آهي، جيڪا
مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندي رهي ٿي، ۲۰۱۶ع کان روزاني سنڌ ايڪپريس ۾ مستقل طور
هفتيوار ڪالم لکيائين.
سندس ڇپيل ڪتابن ۾ “سنڌي
ادب جي تاريخ ۽ صنفن تي هڪ نظر”۲۰۰۷ع ۾ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو پاران ڇپجي پڌرو ٿيو. سندس ٻيو
ڪتاب “اڌ صديءَ جو اتهاس”(آتم ڪهاڻي) ۲۰۱۳ع ۾ سنڌي ساهت گهر حيدرآباد پاران ڇپيو. سندس ٽيون ڪتاب “وهندڙ
ندي ۽ لهندڙ سج” (مضمونن جو مجموعو) ۲۰۱۶ع ۾ سنڌي ساهت گهر حيدرآباد پاران ڇپيو. سندس چوٿون ڪتاب
“ٿڌيون راتيون ٿڪل چنڊ” ۲۰۱۹ع ۾ موسي' پبليڪيشن پاران ڇپجي پڌرو ٿيو. جڏهن ته ڪجھ اڻڇپيل مسودا به پيل
اٿس.
ميان مير چانڊيو نج
ڳوٺاڻو مزاج، صوفي خيال رکندڙ ۽ صاف گُو شخصيت جو مالڪ آهي. سندس طبعيت ۾ هميشه
فقيري نمايان رهي آهي. مذهب، ڪلچر، صوفي ازم، اخلاقيات، سياست، تاريخ سميت مختلف
موضوعن تي قلم کڻي انتهائيءَ ايمانداريءَ سان پنهنجو علمي ۽ ادبي ڪردار ادا ڪيو اٿس.
شاھ لطيف جي شاعري جو پڻ بهترين پارکو ۽ سگهڙ آهي. شاعري به سندس مزاج جو اڻٽُٽ
حصو رهي آهي. سندس شاعري ۾ ديس جا ڏک ۽ درد سمايل آهن. جتي سندس نثر ۽ نظم روحاني
عمل جو حصو آهي، اُتي سندس تخليقن ۾ بي انتها رنگينيون به سمايل آهن. سنڌ جي مختلف
اخبارن ۾ سندس مضمون ۽ ڪالم شايع ٿيندا رهن ٿا.
هي شڪل جو سادو ۽
نج ٻهراڙي واري شڪل و صورت وارو همراھ بظاهر ڏسڻ ۾ عام سنڌي ڄٽ جهڙو نظر اچي ٿو پر
هو سنڌ جو ارڏو ليکڪ، اديب ۽ شاعر پڻ آهي. ميان مير چانڊيو جي لفظن ۾ اهڙي ته ڪشش
آهي جو پڙهندڙ کي هۡو پاڻ ڏانهن متوجه ڪرائڻ جي سگھ رکي ٿو. هو ذهن کي ولوڙي، دل
سان لکي ٿو. هن جي لکڻين ۾ حوالا ۽ دليل مضبوط ۽ پر ڪشش هوندا آهن. هو هڪ سادو ء
نج ٻهراڙي جو ليکڪ ء اديب توڙي شاعر آهي، تمام غريب هئڻ جي باوجود وڏو مهمان نواز،
فقير منش انسان ۽ هڪ بهترين استاد به آهي، هن جي شاعري ۾ فطري حسن، عشق، حسن
جماليات ۽ سنڌ جي درد جو عڪس نمايان نظر ايندو آهي.
بلڙي شاھ ڪريم
تعلقي جي ڳوٺ ٻانهون خان چانڊيو جي هن رهواسي جي غريباڻي اوطاق تي هر وقت ڪونه ڪو
مهمان ضرور هوندو آهي.
ميان مير چانڊيو
روزاني عبرت ۾ “يادن جي ڪوهيڙي” جي عنوان سان سالن تائين ڪالم لکندو رهيو. بعد ۾
روزاني سنڌ ايڪسپريس اخبار ۾ ڪالم نويس رهيو، هن وقت روزاني پنهنجي اخبار جو مستقل
ڪالم نويس آهي. سندس لکڻين ۾ اهڙو رس ۽ چس سمايل هوندو آهي جو پڙهندڙ سندس تخليق
جي گهرائيءّ ۾ گهرائي ۾ گم ٿيڻ کان رهي نٿو سگهي. سندس تخليق جو سفر جاري ۽ ساري
آهي.
(اعظم ڀٽي، ٽنڊو محمد خان، جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۸ اپريل ۲۰۲۲ع تي کنيل)
ميان مير خان چانڊيو
محمد علي مھيري
ليکڪ حساس ٿيندو
آھي جيڪو مظلوم ماڻھن جا درد منٽن ۾ محسوس ڪري وٺندو آھي۔ منافق معاشري جا رنگ کيس
متوجھ ڪرڻ بدران حقيقي رنگن جي حقيقت ٻڌائيندا آھن.
حساس ليکڪ سونگھڻ ڏسڻ
سوچڻ ۽ سمجھڻ جي صلاحيت سان مالامال ھوندو آھي تنھڪري ھو شربت جي ڳاڙھي رنگ کي ڏسي
ڳيتون ڪونه ڏيندو آھي پر سوچيندو آھي ته ڪٿي ان ڳاڙھي رنگ ۾ ڪنھن ڪمزور جو رت ته
شامل ناھي۔
اھڙي ليکڪ کي برياني
جي خوشبوءِ به موھيندي ناھي سگھندي بلڪ کيس سوچڻ تي مجبور ڪندي آھي ته ڪٿي ان ۾ ڪنھن
غريب سان ناانصافي واري بوءِ ته شامل ناھي۔
اھڙا ڪومل احساس
رکندڙ شعورمند جڏھن بي شعور معاشري ۾ پيدا ٿيندو آھي ته قلم ئي سندس سھارو بنبو
آھي جنھن وسيلي ھو اندر جو اظھار ڪري بغاوت ۽ انصاف جو علم بلند ڪندو آھي.
لاکيڻي لطيف جي پڙڏاڏي
۽ تاريخي شھر شاھ ڪريم جي ننگري جو ميان مير خان چانڊيو به اھڙا ئي احساس ۽ جذبا کڻي
پنھنجي جڳ ۾ جيئي ٿو.
سندس قلم جو نب ڪڏھن نظم جي ٻولي ڳالھائي ٿو ته ڪڏھن نثر جي زبان ۾ احساسن کي سفيد ڪاغذ تي اوتي اظھار ڪري ٿو پر ٻنھي صورتن ۾ سندس احساس اثرائتا ئي ھوندا آھن.
ھو پنھنجي اخبار جو
قابل ڪالم نگار به آھي ته شاعري جي افق جو بلندين تي پرواز ڪندڙ پکي به۔
ميان مير خان چانڊيو
دوست جو دوست ۽ دلربا شخص به آھي ته ھڪ سٺو استاد به شال سندس قلم جي مس جڏھن ختم
نه ٿئي۔ آمين
(محمد علي
مھيري جي فيسبڪ پوسٽ تان کنيل)
No comments:
راءِ ڏيندا