; سنڌي شخصيتون: آلومل ٽيڪمداس ڀوڄواڻي

02 May, 2022

آلومل ٽيڪمداس ڀوڄواڻي

آلومل ٽيڪمداس ڀوڄواڻي

سندس لکيل سنڌ جي تاريخ

مختيار ملاح



راءِ بهادر آلومل ٽيڪمداس ڀوڄواڻي (۱۸۴۶- ۱۹۲۶ع؟) جو ڪراچيءَ سان تعلق هو. سيٺ نائومل جو پوٽو هو. سال ۱۸۶۵ع ۾ بمبئي يونيوسٽيءَ مان مئٽرڪ ۾ ٻيو نمبر ڪامياب قرار ڏنو ويو. تعليمي ڦهلاءَ ۾ سندس وڏو ڪردار آهي. ملڪي سياست به حصو ورتائين. ھو پھريون سنڌي ھو، جنھن بمبئيءَ جي يونيورسٽيءَ مان بي. اي جي سند ورتي ھئي. ڪيترائي سال اين جي وي اسڪول جو هيڊ ماستر رهيو، جنهن ۾ پهريون دفعو ۱۸۶۹ع کان ۱۸۷۴ع تائين، ٻيو دفعو ۱۸۹۹ع کان ۱۹۰۳ع تائين ۽ ڪيترا دفعا سنڌ صوبي جي ايجيوڪيشنل انسپيڪٽر جي عھدي جا فرائض انجام ڏئي، آخر سيپٽمبر ١٩٠٣ع ۾ ھو پينشن وٺي، نوڪريءَ کان مستعفي ٿيو. ١٨٨٩ع ۾، وائسراءِ، آلومل کي “راءِ بھادر” جو خطاب عطا ڪيو.


سال ۱۸۶۲ع ۾ “سنڌ جي مختصر تاريخ “ سنڌيءَ ۾ لکيائين. هن ڪتاب ۾ هن انگريزيءَ ۾ ليکڪن جي سنڌ جي تاريخن تان مختصر حقيقتون وٺي تاريخ تيار ڪئي . ڪتاب جي منڍ ۾ تاريخ لکڻ جو سبب ڄاڻائيندي لکيو اٿس: “مونکان، ڪن دوستن اڳ سنڌ جي تاريخ تي ڪتاب لکيا آهن. معلومات ته مڙني ۾ هڪ جهڙي ڪانهي، سواءِ ڪن ٿورن بيانن آڻڻ جي. هن ڪتاب کي لکڻ وقت شاگردن جي سمجھ جو ۽ سندن ذهن تي پوندڙ بار جو پورو پورو خيال ورتو اٿم ته جيئن پڙهڻ وقت بيزاري ظاهر نه ڪن، ساڳئي وقت پياري سنڌ جي اڳين تاريخ ۽ هن وقت جي صورتحال سندن ڄاڻ ۾ واڌاري جو سبب بڻجي. استادن کي وينتي آهي ته هو خاميون ڪڍي مون کي هن سلسلي ۾ سونهون ڪن.”

هن ٻيا به ڪتاب لکيا، جن ۾ هڪ “تت پرٻوڌ” ۽ سيٺ نائونمل جي روزنامچن ۽ يادگيرين کي قلمبند ڪيو. ان ڪتاب کي سر ايڇ ايوان، ايم جيمس، ڪي سي آءِ، اي سي ايس آءِ. (ڪمشنر سنڌ –١٨٩١ –١٨٩٩ع) انھيءَ انگريزي ترجمي کي ترتيب ڏيئي مقدمو لکيو. بعد ۾، ڪتاب : “A Forgotten Chapter of the History of India” جي نالي سان شايع ڪرايو.

 

(مختيار ملاح جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۶ اپريل ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا