; سنڌي شخصيتون: آلومل ٽيڪمداس ڀوڄواڻي، مختيار ملاح،
Showing posts with label آلومل ٽيڪمداس ڀوڄواڻي، مختيار ملاح،. Show all posts
Showing posts with label آلومل ٽيڪمداس ڀوڄواڻي، مختيار ملاح،. Show all posts

02 May, 2022

آلومل ٽيڪمداس ڀوڄواڻي

آلومل ٽيڪمداس ڀوڄواڻي

سندس لکيل سنڌ جي تاريخ

مختيار ملاح



راءِ بهادر آلومل ٽيڪمداس ڀوڄواڻي (۱۸۴۶- ۱۹۲۶ع؟) جو ڪراچيءَ سان تعلق هو. سيٺ نائومل جو پوٽو هو. سال ۱۸۶۵ع ۾ بمبئي يونيوسٽيءَ مان مئٽرڪ ۾ ٻيو نمبر ڪامياب قرار ڏنو ويو. تعليمي ڦهلاءَ ۾ سندس وڏو ڪردار آهي. ملڪي سياست به حصو ورتائين. ھو پھريون سنڌي ھو، جنھن بمبئيءَ جي يونيورسٽيءَ مان بي. اي جي سند ورتي ھئي. ڪيترائي سال اين جي وي اسڪول جو هيڊ ماستر رهيو، جنهن ۾ پهريون دفعو ۱۸۶۹ع کان ۱۸۷۴ع تائين، ٻيو دفعو ۱۸۹۹ع کان ۱۹۰۳ع تائين ۽ ڪيترا دفعا سنڌ صوبي جي ايجيوڪيشنل انسپيڪٽر جي عھدي جا فرائض انجام ڏئي، آخر سيپٽمبر ١٩٠٣ع ۾ ھو پينشن وٺي، نوڪريءَ کان مستعفي ٿيو. ١٨٨٩ع ۾، وائسراءِ، آلومل کي “راءِ بھادر” جو خطاب عطا ڪيو.