; سنڌي شخصيتون: امان ڪريمان

02 May, 2022

امان ڪريمان

امان ڪريمان

شهيد نذير عباسي جي امڙ قمرالنساءِ عباسي

حميده گهانگهرو



شهيد نذير عباسي جي امڙ امان ڪريمان بلوچستان جي رند بلوچ قبيلي جي روزانون جي نياڻي هئي. روزانون سنڌ ۾ عباسي گهراڻي ۾ شادي ڪئي، جنهن مان کيس ۳ نياڻيون پيدا ٿيون، جن ۾ امان ڪريمان به هڪ هئي. ننڍي هوندي ئي پيءُ جي فوت ٿي وڃڻ ۽ ماءُ جو واپس بلوچستان جي مند علائقي ڏانهن موٽي وڃڻ ڪري امان ڪريمان يتيمي جي ٻالڪپڻي کان جوانيءَ تائين سنڌ ۾ رهي ۽ سندس سئوٽ جان محمد عباسي سان نڪاح ڪرايو ويو. جان محمد عباسي ٽنڊو الهيار ۾ وچولي طبقي جو پڙهيل لکيل سجاڳ ذهن جو انسان هو ۽ پنهنجي نياڻين چاهي پٽن کي پڙهائڻ جو قائل هو. توڻي جو کڻي انهيءَ زماني ۾ نياڻين کي ايتري تعليم نه ڏني ويندي هئي، کيس ٻه زالون هيون، انهن مان امان ڪريمان به هئي. امان ڪريمان کي ڪل ۳ ٻار هئا. هڪ ڌيءُ حسينا ۽ ٻيو پٽ نذير عباسي. نذير عباسي کان پهرين سندس هڪ پٽ ٿيو پر گذاري ويو. ان ڪري هن جي خوابن جي دنيا جا ٻه ٻار ادي حسينا ۽ نذير عباسي هئا.


هن پنهنجي زندگي ڄڻ ٻن ٻارن جي ماءُ جي مرتبي ۾ گذاري ڇڏي پر سندس ساهيڙي جا ٻار به هن پنهنجي هٿن سان لاڏ ڪوڏ ۾ پاليا. ڪير به اهو نه چوندو هو ته اهي سندس سڳي نه اولاد آهي. سو هوءَ انتهائي ماٺيڻي، صبر، برداشت ۽ قرباني جو جو جذبو رکندڙ عورت هئي. اهو ئي سبب هو جو کيس مڙس جا ٻيا ٻار به ايئن ئي پيارا هئا، جيئن سندس ڪک مان نڪتل نذير عباسي، وچولي طبقي جو هئڻ ڪري، انسان جون گهڻيون بنيادي ضرورتون پوريون ناهن ٿي سگهنديون. انهيءَ ڪري هن مڙس کان فرمائش ڪري ضرورتن جو پورائو ڪري يا وري پٽ جي لاءِ گهڻي فرمائش ڪري هن نذير عباسي کي محنت ڪرڻ کان ڪڏهن به نه ڪيٻائڻ جو درس ڏنو. ان ڪري ڪجھ وقت نذير عباسي پنهنجي اسڪول جي ڪتابن جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ چڻا ۽ قلفيون به وڪڻيون، چڻا امڙ جو چوڻ هو ته هو خود اوٻاري رکندي هئي ۽ اسڪول جي رسيس ۾ اچي کڻي وڃي هو وڪڻندو هو. اهو ڪو گهڻو وقت نه هليو پر بهرحال محنت ڪرڻ توهين نه سمجهي. امڙ پاڻ به تمام سٺو آچار ٺاهيندي هئي هر قسم جي سبزين جو آچار تمام گهڻو مشهور هيس ۽ ان کان علاوه شهر جي نياڻين کي قرآن جي تعليم ڏنائين. شام جو گهر جي اڱڻ ۾ ڪافي ڇوڪريون قرآن پڙهڻ اينديون هيس. نسلن تائين استاد رهي. انهيءَ ڪري ٽنڊو الهيار ۾ کيس استاد ڪريمان جي نالي به سڏيندا هئا.

هن خود دار امڙ شهر جي ماڻهن تي اهڙي صبر جي مهر هڻي. ڏيکاري جو ڪو به ماڻهو سندس خلاف ڳالهائڻ توهين سمجهندو هو. ۱۹۷۴ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت هئي. نذير عباسي تي من گهڙت سنڌ يونيورسٽي ۾ زيدي اغوا جي ڪيس ۾ وارنٽ جاري ڪيا ويا. نذير عباسي کي گرفتار نه ڪري سگهيا پر سندس گهر ڀاتين، مائرن، ڀينرن، ڀائرن پيءُ کي وٺي وڃي ٿاڻي تي هڪ هفتو رکيو.

نذير جي والده پنهنجي پٽ جي جذبي ۽ مڙس جي اڳيان ٻن ٻيڙين جي وچ ۾ هئي. هن ڪڏهن به پٽ جي سوچ فڪر جدوجهد تي شرمندگي يا مزاحمت نه ڪئي. بس خاموشيءَ سان ڪنڌ هيٺ ڪري ڪافي سوچ ويچار ۾گم ٿي ويندي هئي. ان کانپوءِ نذير گرفتار ٿي ويو. ۱۶ مهينا جيل ۾ رهڻ کانپوءِ ۱۹۷۷ع ۾ ڀُٽي صاحب جي حڪومت ختم ٿي ۽ جنرل ضياءَ اقتدار ۾ آيو. جنرل ضياءَ جي اقتدار ۾ گهڻي قدر سياسي قيدين کي آزاد ڪيو ويو ۽ نذير کي به آزاد ڪيو ويو. ماءُ پنهنجي پٽ جي آزادي تي سرهي ٿي ۽ هن کي فرمائش ٿي ڪري ته مون کي ڪا خوشي ڏئي سگهين ٿو ته شادي ڪر.

امڙ پنهنجي مرضي نٿي مڙهي ۽ نذير پنهنجي مرضي سان کيس ٻڌائي ٿو ته مان هن ڇوڪري (حميده گهانگهرو) سان شادي ڪندس. امڙ انڪار نٿي ڪري ۽ هوءَ گهر ڀاتين سان شاديءَ جي تيارين ۾ مصروف ٿي وڃي ٿي، سڀ تيار آهن ته اسين شادي ۾ شريڪ ٿينداسين. وري هڪ دفعو محترم جان محمد عباسي جي گهر جو در کڙڪي ٿو. آواز اچي ٿو ته نذير عباسي گهر ۾ آهي ته ٻاهر ڪڍوس. دراصل جنرل ضياءَ هڪ ڊرامي تحت سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي آزادي ڪرائي هئي، ڇاڪاڻ جو هُن کي وري نئين سري سان ڪيسن ۾ ڦاسائڻو هو. امڙ ڪجھ به نه ڪڇي سگهي. وري هوءَ پنهنجي نماڻين اکين ۾ سوين سپنا سانڍڻ ۾ مصروف ٿي وئي. باھ ۽ پاڻي وارو مثال سندس زندگيءَ جو محور به هو، جو هميشه گردش ڪندو رهيو پر آخر نذير جي ٻن ڀينرن ادي رزينا ۽ حسينا جي ڀاءُ نثار چيو ته تو کي وٺي هلنداسين. پوءِ جيڪو به ٿيو. امڙ جو ٿورو هانو تي ڇنڊو پيو هو. ڇاڪاڻ جو هن سماج ۾ رشتن کي ٽوڙڻ سکيو ئي نه هو، سڀ سور پنهنجي سر تي کڻي نڀائيندي هئي پر هي اهڙو مرحلو هئو، جنهن ۾ کيس بي وسي نظر پئي آئي، حالانڪه محرابپور ۾ به وارنٽ اچي چڪا هئا.

پوليس بابا کي چيو هئو ته نذير عباسي کي اسين نڪاح دوران به گرفتار ڪنداسين. پر محرابپور ۾ اهو ڪو روائتي ڪاڄ نه هئو پر ڄڻ سياسي ڪاڄ هئو. پوري پاڪستان جا هاري، مزدور، شاگرد، پارٽي سان منسلڪ ڪارڪن محرابپور ۾ جمع هئا. نذير کي ڪنهن جڳھ تي لڪائي ويهاريو ويو هئو. امڙ جي اکين ۾ ڪڏهن خوشي جا ته ڪڏهن ڏک جا ڳوڙها هئا. هوءَ پنهنجي پٽ جي خوشي تي خوش هئي ته وري انهيءَ سڄي صورتحال ڪري ڏکويل به هئي. خير سڄي رات جي فنڪشن کانپوءِ صبح جو ڪراچي لاءِ روانگي تي هلندي گاڏي ۾ ڪڏهن ڪڏهن نذير عباسي ڪنهن اسٽيشن تي اچي امڙ سان ڳالهائي وري هليو پيو وڃي، ڇاڪاڻ جو کيس احتياط ڪرڻو هئو ته گرفتار نه ٿئي. بهرحال امڙ کي خوشيءَ جا ڳيچ ڳائڻ جو موقعو گهٽ مليو پر پنهنجي پٽ جي نظرياتي جدوجهد جي خلاف به نه هئي. سندس پٽ انقلاب جا خوبصورت سپنا ڏيکاريا هئا. هو انهن جي ساڀيان لاءِ پنهنجي جوانيءَ ۾ وقت کان اڳ واڳن جي ور چڙهي، امڙ جي اکين ۾ اڌ ورا سپنا ڏئي هيلو ويو. امڙ جا ته اڌورا سپنا هئا پر هن پنهنجي جدوجهد جي منزل کي آخري لمحي تائين عزت، وقار، عظمت، سچائي ۽ واعدي مطابق پنهنجو پاڻ ارپي ڇڏيو.

عظيم پٽ جي عظيم ماءُ ڀلا ڪيئن ڪنهن کي ٻڌائيندي ته هو ڪيترو دل ۾ سور کڻي هلي ٿي. هو با همٿ ۽ برد باري سان نذير عباسي جي نياڻيءَ کي جهول ۾ ويهاري ٿي ۽ پوءِ اکين مان وهندڙ نيرن سان به ٻڙڪ ٻاهر نٿي ڪڍي، هو وحشي امڙ کي سندس پٽ جو آخري ديدار به نٿا ڪرائين جو کٽ جي سيرانديءَ ويهي پنهنجي موڀي پٽ سان ڪاڪچهري ڪري. هوءَ پنهنجي ٿڃ بخشرائي، مطلب ته آخري رسمن ۽ ريتن کان آجي امڙ صرف هڪ ارمان دل ۾ سانڍي ٿي ته ڇا واقعي هن جو پٽ هاڻي ناهي رهيو، جي ناهي ته سندس سجايل کٽ ڪافي آهي. مون امڙ جي ويڳاڻين اکين ۾ هڪ تعجب جو سوال ڏٺو هو ته. .

سولي ساري ڳاڙهي ڇو!

سيج به هيٺ سينگاريل آ!

مامتا تيزي سان ڊوڙي چوي ٿي،

نذير منهنجو ٻچڙو آ!!!

ان امڙ جي خاموش ڏک جي ڪهڙي روءِ دار ٻڌائجي. گهنشام ۽ احمد خان جمالي اکين ڏٺا گواھ آهن، جيڪي نذير عباسي جي ساٿين مان پهرين امڙ سان مليا، نه صرف آٿت ڏنو. بلڪه احمد خان جمالي پنهنجي گهر جيڪو نيو ڪراچي ويجهو بنگلي نما هيو ۽ نيئن آبادي ڪري ڪنهن جو شق نه پيو وڃي، ان پنهنجي گهر ۾ ترسايائين. رمضان شريف جو مهينو هو، شب قدر جي رات هئي، جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته عبادت جي رات جو کير جا وٽا ملندا آهن، امڙ نهايت عبادت گذار هئي، هن کي شب قدر جي رات کير جو وٽو ته نه مليو پر سقراط جي زهر جي جام وانگر زهر جو جام ڏنو ويو، جنهن کي پٽ جي شهادت جي عظمت تي امرت سمجهي پيئندي پئي رهي. ادا احمد خان چوي پيو ته امڙ روز ا رکي ٿي، انهيءَ ڏک ۾ کائي به نٿي. مون چيو ته ادا اهي روزا ڄڻ هن جي بک هڙتال آهي، پنهنجي خدا جي اڳيان ۽ هوءَ شام جو روز پڇي ٿي ته مهنجي پٽ جو آخر ڪهڙو ڏوھ هو. هن جا پنهنجي انصاف لاءِ اهي آخري روزا سندس بک هڙتال آهن

عيد جو ڏينهن اچي ٿو، نماڻين اکين کي ٻوٽي سڀني کي چوي ٿي، مون کي نه اٿاريو، ڳوڙهن کي لڪائڻ لاءِ اکيون بند رکي ٿي ۽ اندر ئي اندر ۾ اکين جا ڳوڙا ڳلي مان سرندا دل تي پهاڙ وانگر ڪرن ٿا. هي ڪيڏي نه بهادري آهي. ڀلا جنهن ماءُ کي پٽ جو آخري ديدار محض ان ڪري نه ڪرايو ويو هجي ته سندس پٽ انقلاب ۽ سماج جي خوشحالي، طبقاتي سماج کان بعاوت ڪري سر جي بازي ڏني پر ڪانئر اڳيان ڪنڌ نه جهڪايو. اها امڙ آهون، ڪوڪون ڪري پٽ جي عظمت کي ڪيئن نمائڻ ڏيندي. هوءَ ڏکياري آ، ها بلڪل ڏکياري آ، پر هو سمجهي ٿي ته هن جي پٽ جي عظمت تمام اونچي آهي، جيڪڏهن هوءَ روئي ٿي ته سمنڊ جون چوٽيون به شرمائي وڃن ٿيون پر اُن وسيح سمند جي گهرائيءَ کان به وڌيڪ سندس پٽ جي شهادت جي عظمت آهي.

هو چار سال زندھ رهي. ان دوران سندس پٽ سان گرفتار ٿيندڙ ساٿي جيل جي سزا کانپوءِ آزاد ٿا، وري سندس اکين ۾ هڪ سوال اڀري آءُ ته ڪاش جيڪڏهن منهنجو پٽ زندھ هجي ها ۽ اڄ پنهنجي ساٿين سان آزاد ٿئي ها. هو خاموشي سان اها خبر ٻڌي گهر جي دروازي کي ڏسي وري سوين سوال ذهن ۾ سانڍي خاموش ٿي وئي. سندس ڳلو خشڪ ٿي وڃي ٿو پر ٿوري دير کانپوءِ پاڻ ۾ سگھ پيدا ڪري چوي ٿي ته ٺيڪ آهي. منهنجي پٽ جا ساٿي سڀ آزاد ٿي ويا. ها امان ۽ ڪجھ به چوڻ ٻڌڻ جي سگھ ٻين ۾ هئي. امڙ جو هي بهادر ڪردار صرف ۽ صرف نذير جي امڙ جو ئي ٿي سگهي ٿو. جيڪا پڙهيل ته نه هئي پر گهڻن پڙهيلن کان وڌيڪ باشعور هئي. هوءَ ڌيءَ جي گهر واقع پراڻو گوليمار ۾ خودداري ۽ اعتماد سان رهندي هئي، ڪنهن تي ٻوجھ به نه هئي، هو ڌيءُ جي گهر ۾ رهي به آچار ٺاهي پنهنجو گذر سفر ڪندي هئي. توڻي جو سڀ سندس خيال رکندا هئا پر هن پنهنجي خوددار زندگيءَ کي ڪنهن جي اڳيان اپاهج نه ڪيو.

انسان ڪيترو به ڏاڍو هجي پر زندگيءَ جي مشينري کي آخر ته هڪ ڏينهن پنهنجو وقت پورو ڪرڻو اهي. اهڙيءَ طرح ۳۱ ڊسمبر ۱۹۹۴ جي اها اڀاڳي رات هئي، جنهن رات ڪراچي ڪارڊيو جنهن کي هاڻي NIC چون ٿا، پنهنجي ساھ جي سڳي ٽٽي وڃڻ ڪري امڙ جي عظمت کي سلام جيڪا آخر تائين سڄي حياتي انهيءَ لفظ کي ياد ڪرڻ لاءِ اڪيلو ڪري هلي وئي. اهڙيون مائرون ڪي ورلي پيدا ٿينديون آهن، جيڪي نذير جهڙا پٽ به ڄڻين ته نذير جي امڙ جيان ڏکن سورن سان نڀائي به سگهن.

No comments:

راءِ ڏيندا