امان ڪريمان
شهيد نذير عباسي جي امڙ
قمرالنساءِ عباسي
حميده گهانگهرو
شهيد نذير عباسي جي امڙ امان ڪريمان
بلوچستان جي رند بلوچ قبيلي جي روزانون جي نياڻي هئي. روزانون سنڌ ۾ عباسي گهراڻي
۾ شادي ڪئي، جنهن مان کيس ۳
نياڻيون پيدا ٿيون، جن ۾ امان ڪريمان به هڪ هئي. ننڍي هوندي ئي پيءُ جي فوت ٿي وڃڻ
۽ ماءُ جو واپس بلوچستان جي مند علائقي ڏانهن موٽي وڃڻ ڪري امان ڪريمان يتيمي جي ٻالڪپڻي
کان جوانيءَ تائين سنڌ ۾ رهي ۽ سندس سئوٽ جان محمد عباسي سان نڪاح ڪرايو ويو. جان
محمد عباسي ٽنڊو الهيار ۾ وچولي طبقي جو پڙهيل لکيل سجاڳ ذهن جو انسان هو ۽ پنهنجي
نياڻين چاهي پٽن کي پڙهائڻ جو قائل هو. توڻي جو کڻي انهيءَ زماني ۾ نياڻين کي
ايتري تعليم نه ڏني ويندي هئي، کيس ٻه زالون هيون، انهن مان امان ڪريمان به هئي. امان
ڪريمان کي ڪل ۳ ٻار هئا. هڪ ڌيءُ حسينا ۽ ٻيو
پٽ نذير عباسي. نذير عباسي کان پهرين سندس هڪ پٽ ٿيو پر گذاري ويو. ان ڪري هن جي خوابن
جي دنيا جا ٻه ٻار ادي حسينا ۽ نذير عباسي هئا.
