ڪامريڊ نذير عباسي
کيس جنم ڏينهن مبارڪ
حميده گهانگهرو
زندگي جنم کانپوءِ فنا ٿيڻ به هڪ قدرتي آهي. بس فرق صرف ايترو آهي ته ڪي تاريخ ٺاهين ٿا ۽ ڪي تاريخ مٽائين ٿا، ڪي سمجهو سڄي حياتي سوچيندا رهن ٿا. مختلف آدرش ۽ تبديلين جي خوابن ۾ پاڻ کي ختم ڪري ڇڏين ٿا ته ڪي وري واندو ويهي يا فضول جي انفرادي عملن ۾ وقت پورو ڪري هليا وڃن. پر جيڪي تاريخ جا سازگار کي سنواريندا ۽ سينگاريندا آهن. ڀلي جو کڻي انهن جي لاءِ ڪيتريون به ڏکيائون ڇو نه آيون هجن. جان مال جي قرباني کان وٺي رشتن ناتن جي بي حسين کي به منهن ڏنو هجي پر پوءِ به تن جي سوچ ۽ عمل جي آئيني کي ضمير کي آواز ۽ داغدار نه بنايو. اهي ڪردار هميشه ياد ڪيا ويندا آهن. ڪنهن صحيح چيو آهي ته اهي هر هر جنم وٺندا آهن. انهن جا جنم، مرڻ جي تصور کي مات ڏئي ڇڏيندا آهن. اهڙو ئي جنم اڄ ۱۰ اپريل تي هڪ بهادر، سجاڳ، ڌرتيءَ جي سچي سپوت، انقلاب جي آواز پنهنجي خون جي هر قطري ۾ محنت ڪش ۽ هارين کي، مزدور کي ظلم جو شڪار ٿيندڙ عورتن کي، معصوم بي وسي جو شڪار ٿيندڙ ٻارن جي آواز شهيد نذير عباسي جو جنم ڏينهن آهي.
هو ۱۰ اپريل ۱۹۵۳ ۾ جنم وٺي ماءُ جي جهول کي ڀري
محبت پيار سان امڙ جي مرڪ جو سبب بڻيو. امڙ به ڪيترا خواب ڏٺا هوندا هن جي چمڪندڙ
اکين ۽ مسڪرائيندڙ چهري ۾ ماءُ کي مستقبل جو روشن تارو نظر آيو هوندو. هن پنهنجي
پيريءَ جا سڀ خواب پٽ جي چهري تي ڏٺا هوندا. پر وقت اهو ڪجھ نه ڪيو. حالتن جي اوڙاھ
۾ هن اهڙو جمپ هنيو جو هن کان پنهنجو وجود به وسري ويو هو، هُو هزارين ڪروڙن لاءِ
جيئي ويو. پنهنجي هڪ جسم جي پرواھ نه ڪندي ڪروڙن کي جيئڻ جو ڏس ڏئي ويو.
اڄ جڏهن جنم ڏينهن جو تعلق جيئڻ
سان آهي ته اسان کي محترم جان محمد عباسي جي گهر ٽنڊوالهيار جون اهي گهٽيون ياد
ٿيون ڏيارين ته هن ٻالڪپڻ جا ڏينهن اسڪول ۾ صبح سان ڊوڙيندي وقت تي پهچڻ، ڳلين ۾
پنهنجي هم عمر دوستن سان کيڏيندي زندگي جي هر قدم تي عمر جي گهڙين ۾ اضافو ڪيو هوندو
ته دنيا ته فنا آهي پر زندگي جي خوشي هر ڪنهن کي ٿيندي آهي، نذير جيڪڏهن ۱۰ اپريل ۱۹۵۳ تي پيدا نه ٿئي ها ته اڄ تاريخ
جو شهيد نذير عباسي اسين ڪٿان ڳوليون هان، ان ڪري نذير عباسي کي جنم ڏينهن مبارڪ.
شھيد نذير عباسي
ھڪ عظيم آدرشي ڪارڪن
امداد سولنگي
انسٽيٽيوشنلائيزڊ
مرڊرس جي تاريخ ۾ شيھد نذير عباسي جو خون اڄ به سڀ کان مٿي ڪنڌ کنيو بيٺو آھي. ان
نوعيت جا قتل رياست جي ادارن پاران ھڪ ٻئي جي مخصوص مقصدن جي حاصلات واسطي ڪرايا
ويندا آھن جنھنڪري انھن کي بين القوامي سياست جي ٽرمنلاجي ۾ انسٽيٽيوشنلائيزڊ
مرڊرس چيو ويندو آھي. تاريخ اھڙن خونن سان ڀري پئي آھي. شھيد نذير عباسي تمام وڏي
ڪمٽمينٽ وارو نظرياتي ڪارڪن ھو، رياست منڍ کان وٺي ھن جي مٿان ڪرڙي اک رکندي آئي
رياست سندس پھرين گرفتاري ۱۹۶۹ع ڌاري ان وقت عمل ۾ آندي جڏھن نذير عباسي آزاد ماروئڙا
اسٽوڊنٽس فيڊريشن نالي شاگرد تنظيم جي اڳواڻ جي صورت ۾ ووٽر لسٽن کي سنڌي ٻولي ۾
ڇاپڻ جي جدوجھد ۾ پنھنجي ساٿين سان گڏ سرگرم ھيو، توڙي جو اھو مطالبو قانون سان
ڪنھن به طور تي ٽڪراءُ ۾ نه ھو پر پوءِ به رياست نذير عباسي کي وڏو خطرو سمجھي
گرفتار ڪري ثابت ڪيو ته نذير عباسي جي ايڪشن کان رياست ڪيترو ڊنل ٿي رھي.
نذير عباسي تمام
ٿوري وقت ۾ رياست جي ڪارندن کي اھو ديده دليري سان محسوس ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويو ته ھو
ھڪ سچو آدرشي ڪارڪن ھو جنھن کي جھڪائڻ يان پنھنجي آدرشي مقصد تان ھٽائڻ رياست جي
وس ۾ نه ھو تنھنڪري رياست نذير عباسي کي گھربل ڪارڪنن واري ھٽ لسٽ تي رکي ڇڏيوپر
رياست جي وھم گمان ۾ به نه ھو ته جنھن پتڪڙي نذير عباسي کي ھو جيل ۾ واڙڻ جا
سانباھا ڪري رھيا آھن سو جيل مان جڏھن ٻاھر نڪرندو ته سندس حوصلا ھماليه کان به
اوچا ھوندا. جڏھن نذير عباسيء گرفتار ٿي جيل پھتو ته ھن لاءِ جيل ھڪ درسگاھه ٿي
پئي ڇاڪاڻ اتي ھن جي ملاقات نيشنل اسٽوڊنٽ فڊريشن جي واڙيل ڪارڪنن سان ٿي جن ھن کي
سوشلزم جي نظرياتي ڄاڻ ڏني. نذير عباسي جيل ۾ سوشلسٽن کان ايترو متاثر ٿيو جو ھن
اڳتي ھلي نه رڳو نيشنل اسٽوڊنٽ فيڊريشن کي جوائن ڪيو پر ٿورڙي وقت ۾ ان جو مضبوط
اڳواڻ ٿي اڀري آيو، سندس سياسي قد جلد مڃجي ويو ۽ رياستي ادارا ھن جي رت جا پياسا
بنجي ويا. ۱۹۷۸ ع ڌاري ماڊل ڊڪٽيٽر جنرل ضيا جي آمريت جي ڏينھن ۾ رياستي ادارن ھن جي سوچ
۽ جدوجھد کان خوف کائي ھن کي وري گرفتار ڪيو مٿس الزام عائد ڪيو ويو ته ھن ھلچل
نالي پمفليٽ ڇاپي رياست ۽ ان جي مقدس ادارن جي ڪرادر جي توھين ڪئي آھي. نذير عباسي
کي ان الزام جي نتيجي ۾ گرفتاري کان پوءِ قلي ڪيمپ ڪوئيٽا جي قيد خاني ۾ واڙيو ويو.
نذير عباسي ان وقت رياست جو پھريون ننڍي عمر وارو سياسي قيدي ھيو جنھن کي قلي ڪيمپ
جي بدنام قيد خاني ۾ واڙيو ويو قلي ڪيمپ جو قيد خانو رياستي ڪارندن پاران کاٻي ڌر
جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي چٿڻ لاءِ قائم ڪيو ويو ھو.
نذير عباسي سان گڏ
سنڌ مان ٻيا به ڪيترا ئي ھاري ڪاميٽي ۽ نيشنل اسٽوڊنٽ فيڊريشن جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن
گرفتار ڪري پڻ قلي ڪيمپ ۽ اھڙن ٻين بدنام زمانه قيدخانن ۾ واڙيا ويا. رياست جي
ڪارندن کاٻي ڌر جي سياسي شعور کان ڊڄي سموري رياست کي ڪنسنٽريٽس ڪيمپ ۾ تبديل ڪري
ڇڏيو ۽ سياسي شعور کي چٿڻ جي مھم ۾ جنبي ويا.
رياست کي نذير
عباسي جي نظرين ۽ آدرشي جدوجھد ايترو ته ٽيررائيز ڪري ڇڏيو جو قلي ڪيمپ مان جڏھن
سندس رھائي ٿي ته وري ھن کي برگيڊيئر امتياز احمد عرف بلا جي اڳواڻي ۾ کاٻي ڌر جي
ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي چٿڻ لاءِ ڪم ڪندڙ يونٽ فيلڊ انٽيليجنس يونٽ ۳۰ جولاءِ ۱۹۸۰ع ڌاري ڪراچي مان وري راتاھو ھڻي پروفيسر
جمال نقوي، امر لال، ڪمال وارثي ۽ ڪامريڊ شبير شر سميت گرفتار ڪري ورتو اڳتي ھلي
ساڳي يونٽ بدر ابڙي ۽ سھيل سانگي کي به گرفتار ڪيو ۽ پوءِ سڀني کي ھڪ ھنڌ رکيو
رياستي ادارن گرفتاري کان پوءِ ٻين سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪري ملٽري ڪورٽ ۾
ڪيس ٽرائل لاءِ موڪلي ڇڏيو جيڪو ڪيس تاريخ جي ورقن ۾ ڄام ساقي ڪيس جي نالي سان
سڄاتو وڃي ٿو پر رياستي ادارا جيڪي نذير عباسي جي نظرياتي جدوجھد خوفزده ھئا تن
نذير عباسي کي آزاد ڪرڻ جي بجاءِ ۹ آگسٽ ۱۹۸۰ع جي ھڪ ڪاري رات جو سندس انسٽيٽيوشنلائيزڊ مرڊر ڪري
ڇڏيو. برگڊيئر امتياز جي يونٽ سخت تشدد ڪري نذير عباسي کي شهيد ڪري ڇڏيو. نذير
عباسي جي مٿان تشدد جا سمورا سفاڪ طريقا آزمايا ويا پر نذير عباسي پنھنجي آدرشن
تان دستبرادر ٿيڻ کان نابري واري ڇڏي، پڇاڙي ۾ سندس سمورا ننھن به ڪڍيا ويا ۽ سندس
نازڪ جسم جي مختلف حصن کي چير ڏئي انھن ۾ تيزاب ڀريو ويوپر نذير عباسي برگڊيئر
امتياز ۽ ان جي ڪارندن جي جسماني تشدد ۾ جان ته ڏئي ڇڏي پر پنھنجي آدرش تي
ڪمپرومائز ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. نذير عباسي تاريخ ۾ مزاحمت جو عظيم مثال قائم
ڪري پنھجي قاتلن کي نياپو ڏنو ته ھي زندگي رڳو ڪنھن حسين مقصد جي ئي امانت آھي
جنھن جي لاءِ سر
ڏيڻ ننڍڙو سودو آھي. نذير عباسي کي مارڻ کان پوءِ به سندس لاش رات جي اونداھي ۾
لانگ بوٽن جي سخت پھري ۾ دفن ڪيو ويو ڇو ته قاتلن کي ھن جي سرد وجود کان به ڊپ
محسوس ٿي رھيو ھو برگيڊيئر امتياز اڳتي ھلي نذير عباسي کي سندس يونٽ پاران سخت
تشدد ڪري مارڻ جو اعتراف پڻ ڪيو جنھڪري سندس وارثن سميت ھر روشن خيال ماڻھو مطالبو
ڪندو رھيو ته برگيڊيئر امتياز تي نذير عباسي جي ايڪسٽرا جوڊيشل ڪلنگ جو ڪيس ھلايو
وڃي پر اھو مطالبو ورنائجي نه سگھيو ڇو ته ھڪ ته پاڪستان جي عدالتي سرشتي ۾ ايترو
ست ڪو نه ھو ۽ ٻيو ته ھي مڪمل انسٽيٽيوشنلائزڊ مرڊر ھوان ڪري اڄ تائين سندس بيگناه
رت سان انصاف نه ٿي سگھيو آھي. بحرحال نذير عباسي جو خون رائيگان ناھي ويو ڇو ته
جيئن جيئن وقت لنگھي رھيو آھي ته سندس ناحق وھايل رت تاريخ جي آڏو قاتلن کي سوڙھو
ڪري رھيو آھي!
شهيد نذير عباسي
جنم ڏينهن مبارڪ هجي
حميده گهانگهرو
“وٺي هر هر
جنم وٺبو مٺا مهراڻ ۾ ملبو” جمن دربدر جي انهيءَ گيت سان مان شهيد نذير عباسي جي
اڄوڪي جنم ڏينهن جي سڀني ساڃاه وند، نظرياتي ساٿين، اڄ جي دور ۾ ظلم، ڏاڍ، جبر ۽
فرسوده طبقاتي نظام جي خاتمي لاءِ جدوجهد ڪندڙن ۽ انقلاب کي مبارڪ ڏيان ٿي.
شهيد نذير عباسي جي
سالگره دراصل ان شخص جو جنم ڏينهن آهي جيڪو سنڌ جي ننڍڙي شهر ٽنڊوالهيار ۾ سنڌي
امڙ جي ڪک مان جنم وٺي ٿو. ڪنهن کي خبر نه هئي ته آسمان ۾ چمڪندڙ گره وانگر هڪ
ڏينهن نذير عباسي پنهنجي زندگيءَ جي جوانيءَ واري مختصر عرصي ۾ اهڙي تاريخ رقم
ڪندو جو ڪيترن نسلن تائين سندس پرعزم حوصلو، همت، بهادري ۽ سچائي جو ڏيئو اونداه ۾
روشنيءَ وانگر چمڪندو رهندو. انهيءَ ڪري چئي سگهجي ٿو ته نذير عباسي هڪ دور جي
تاريخ جو تسلسل آهي جنهن کي ڪنهن فرد يا تاريخ ۾ محدود نٿو ڪري سگهجي.
جڏهن به اونداهي
رات جي راڪاس جي وحشت ۽ اڀرندڙ سج ۾ ڪارا ڪڪر نظر ايندا ته نذير عباسي انهيءَ سڄي
وهشت جي خاتمي لاءِ سالگره جي بتي کڻي ٻڌائيندو ته ڌرتيءَ تي جنم وٺندڙ سپوت گمنام
ناهن. نذير عباسيءَ وٽ رشتن جا تمام گهڻا قدر هئا. هو ڪنهن جي به احساسن جذبن کي
ڏک نه رسائيندو هو. بلڪه سندس چوڻ هو ته ذاتي خواهش ۽ انفرادي مفادن خاطر رشتن جي
قدرن کي ڀڃي ڀور ڪرڻ تيز ڌار سان قتل ڪرڻ کان وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ آهي.
نذير عباسي جي ناني
بلوچستان مندجي رند قبيلي سان تعلق رکندڙ هئي. ڪراچي گوليمار واري گهر ۾ اڪثر ملڻ
ويندو هئس ته، ناني کيس ڏسي تمام گهڻو خوش ٿيندي هئي، بلوچ قبيلي جي ماسين جو به
تمام گهڻو لاڏلو هو، انهيءَ ڪري جست جو ٿاله جهول ۾ رکي وڄائي بلوچي گيت ماچڪ
بلوچاني سر ۾ ڳائيندو هو. نذير جو بيحد مٺڙو، پرجوش ۽ درد ڀريو آواز هوندو هو. اڄ
جيڪڏهن نذير هجي ها ته اهو گيت ضرور ٻڌائي ها ته نه” هندو بنون گا نه مسلمان بنون
گا انسان کي اولاد هون انسان بنون گا” نذير کي درديلا گانا تمام گهڻو وڻندا هئا. مان
اڪثر ڪري جڏهن اڪيلائي جي پيڙا محسوس ڪندي هيس ته نذير اهو گيت ڳائيندو هو ته
“پنجري ڪي پنڇي ري تيرا درد نه جاني ڪوئي”.
دراصل اسان سماج جي
فرسوده ريتن رسمن ۽ ڪوڙ کي لڪائي مصنوعي سچ ڳالهائڻ جي جڏهن ڪوشش ڪندا آهيون ته
انهيءَ وقت پاڻ کي پنڃري جو قيد پکي نظر ايندو. نذير جيڪڏهن هجي ها ته منهنجي
سماجي ڏکن سورن ۾ روشني هجي ها پر سندس شهادت تمام وڏو حوصلو ڏيندڙ آهي جنهن لاءِ
هن سماج کي نظرياتي ٿيڻ لاءِ وڏو وقت گهرجي.
يقين آهي ته جڏهن
نذير عباسي جي سالگره جي ميڻ بتي ٻاري ويندي ته ضرور ڪُند ذهن، مدي خارج سوچ جي
ميڻ کي پگهرائي نئين لاٽ ٻاريندا.
(ڏھاڙي عوامي آواز
ڪراچيءَ ۾ ۱۱ اپريل ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
شهيد نذير عباسي
اي ڌرتي ڇاڇا ڪونڌر هئا
امير منڌرو
اهو سرخ انقلاب جي
سحر انگيز ڪهڪشان جو هڪ سنهري ستارو هو جيڪو ٽنڊي الهيار مان اڀريو ۽ ڪراچي جي سخي
قبرستان جي هڪ خاموش قبر ۾ الهي ويو. ڪامريڊ نذير عباسي دنيا ۽ ڪميون نظام جي
پهرين عملي ابتدا ڪندي جو کيڙي سو کائي جو نعرو بلند ڪندڙ شهيد شاھه عنايت جي
نظرئي جو روحاني وارث هو.
هن ماڙيپور جي اذيت
گهر ۾ بدترين تشدد برداشت ڪندي سر جو دان ته ڏنو پر پنهنجي نظرئي ۽ دوستن سان دوکو
نه ڪيو.
اهو ئي سبب آهي ته
اڄ سڄي دنيا جا ڪامريڊ انهي نذير عباسي تي فخر ٿا ڪن جنهن ۾ لطيف جي حقيقي کاهوڙي
جا سڀ گڻ هئا.
الا انهن پکين، ڪڏهن
سمهي سک نه ماڻيو.
چائنا هن وقت
ڪميونسٽ پارٽي جي هڪ صدي جو جشن ملهائي، آڪٽومبر انقلاب جي ڪنڌ تي لت ڏئي هڪ نئين
عالمي سرمائيدار جي صورت جڳ جهان ۾ ڪاهي پيو آهي، جتي هن کان نه رڳو داس ڪيپيٽال
جا ورق به وسري ويا آهن پر ڇا جو لينن ڪهڙو مائو؟ ڪير هو ٽالسٽاءِ کيس ڪجه به ياد
ناهي.
پر سنڌ جي ڳوٺن ۽
شهرن ۾ اڄ به ڪامريڊ سلام بخاري جهڙن باڪردار ڪامريڊن جي ٻاريل اها شمع روشن آهي
جنهن کي شهيد فاضل راهو، رسول بخش پليجي ۽ ڪامريڊ نذير عباسي بن بن بين وڄائي
هميشه لاءِ زنده جاويد ڪري ڇڏيو.
ڪميونسٽ مينيفيسٽو
جي روپ ۾ دنيا کي ڌوڏيندڙ پيغام جو خالق اهو جرمن فلسفي مارڪس جنهن کي اقبال
ميسينجر ڪري سڏيو هو سو جي ڪامريڊ نذير عباسي جي قبر تي اچي بيهي ته ضرور ڪامريڊ
حميده گھا نگهرو جي ور ۽ زرقا جي انهي پيءَ کي سرخ سلام پيش ڪري ها جنهن هڪ عظيم
آدرش جي خاطر پنهنجا سڀ سک چين تياڳي ڇڏيا. هو عقابن سان اٽڪندڙ هڪ سنهڙو سيپڪڙو
پر پرعزم ڪردار هو.
هن ڪميونسٽ پارٽي
هڪ نظرئي تحت جوائن ڪئي هئي ۽ ان وقت نازشي ۽ سازشي جهڙا طعنا سهندي به هو پنهنجي
مشن سان سچو رهيو. اهو ڳاڙهن پمفليٽن ۽ روسي ناولن جو دور هو. تڏهن ڪميونزم جي ڪک
۾ اڃان نه ڪو گورباچوف جو خنجر لڳو هو، نه چائنا کي عالمي سيٺ بڻجڻ جو جنون جاڳيو
هو ۽ نه ڪو کاٻي ڌر کي قومي ڌارا جو کاٽ لڳو هو. ها البته يوپي سي پي ۽ لاهوري
برانڊ جي سرخن کي ماسڪو جي اسڪالرشپ جو اونو ڪجه وڌيڪ هو، پر ٻلهڙيجي ۽ ٽنڊي قيصر
جا سرخا اهڙي خفت کان دور هئا ۽ نذير عباسي ته صفا جهڙا آيا جڳ ۾ تهڙا ويا موٽي
جهڙو سامي سج وڙاءَ سرخو هو.
هو جنهن جو فيبروري
۱۹۷۸ع ۾ ٿيل ڪاڄ به انقلابي جلسي ۾ تبديل ٿي ويو هو ۽ جنهن ۾ عبدالواحد آريسر
سميت سنڌ جي انقلابي اڳواڻن خطاب ڪيو هو. سندس شادي ۾ شريڪ ٻٽيه ڄاڃين مٿان پوءِ
گرفتاري جا وارنٽ به جاري ٿيا هئا.
اڄ نذير عباسي جي
شهادت کي ايڪيتاليه سال گذري چڪا آهن، سرخ انقلاب جي خوابن الائي ڪيترا چلا ڪٽي
وڃي سبز تعبيرون ماڻيون آهن، ڪامريڊن جي لاءِ ڌرتي ٽامون بڻائيندڙ وقت جو آمر جنرل
ضياءَ به وڃي پنهنجي منطقي انجام کي پهتو، اهو امتياز بلا جنهن جي شهيد نذير عباسي
جي قاتل طور سڃاڻپ سندس ساٿي ڪامريڊ شبير شر ڪئي سو به خاڪ ٿي ويو پر ڪامريڊ جو
خون ناحق اڄ به رياست جي دامن تي هڪ داغ جي شڪل ۾ نقش ٿيل آهي.
بي موت مئا تولاءِ
ڪٺا
انسان هزارين مان
نه رڳو
هن دنيا ۾ اي ديس
هئا
نادان هزارين مان
نه رڳو.
فيض صاحب واري اها
ڪاري رات جي ڏاڙهيل پره ۽ داغ داغ ٿيل باک جي ساک ڏيندڙ آڱسٽ مهيني جي اها نائين
تاريخ آهي جڏهن رات جي انڌيري ۾ شهيد نذير عباسي جو لاش لاوارث حالت ۾ سخي حسن
قبرستان ۾ لانگ بوٽن جي پهري ۾ دفن ڪيو ويو.
ڪامريڊ شبير شر
پنهنجي جيل ڊائري ۾ انهي ڪيفيت کي نهايت درد ڀرئي انداز ۾ رقم ڪيو آهي ۽ هن جي
بيان ڪيل حقيقتن ۾ گهڻن هيروز جا ولين چهرا ظاهر ٿين ٿا.
جيتوڻيڪ هن جي نصيب
۾ نه ڪنهن قرت العين حيدر جو آگ ڪا درياءَ آيو ۽ نه ڪو هن جو ڪلاس حسن ناصر جهڙو
هو پر پوءِ به هو هن وقت تائين سنڌ جي انقلابين جو اهڙو هيرو آهي جنهن جو ذڪر
ڇڙندي ئي ڪنڌ تعظيم مان جھڪي ٿا پون.
هن مٿان روپوشي جي
حالت ۾ به ليٿو مشين تي سرخ پرچم ڇاپي سڀني ڪامريڊن تائين پهچائڻ جو جنون سوار
هوندو هو. هو جنهن جو هني مون به مچ جيل ۾ گذريو سو گرفتاري کان نه پر ڪميونسٽ
پارٽي جي پيغام جي رڪجڻ کان لهرائيندو هو، تنهن کي ڪرنل سعيد ۽ سندس ٽولي ناظم
آباد جي ڪي فور بس مان گرفتار ڪري گم ڪيو.
اها رات ايڪٽيهين
جولاءِ اوڻيه سئو اسي جي رات هئي ۽ ٺيڪ نون ڏينهن جي وحشياڻي تشدد کان پوءِ نائين
آگسٽ تي کيس شهيد ڪيو ويو.
او امان او امان
رات جي رهزنن هٿان
مان جي ماريو وڃان
توکي تنهنجي ئي
ممتا جو آهي قسم
ڪين تون روئجان. .
نذير عباسي جي
شهادت تي لکيل آڪاش جو هي ڪيڏارو پوءِ ته قيدخانن جي اذيتن کي ڀوڳيندڙ سرفروشن جو
ترانو بڻجي ويو. سچ ته اهو آهي ته ڪامريڊ نذير عباسي لطيف جي ڪيڏاري جو هڪ ڪردار
هو. بدقسمتي چئجي جو نذير عباسي کان پوءِ سنڌ جي تعليمي ادارن ۽ سياست ۾ ڪجه اهڙا
چيتا گوريلا ليڊر بڻجي ڀرتي ٿي ويا جن جو نالو به هن قسم جي آدرشي سياسي ڪارڪنن جي
لسٽ ۾ شمار ڪندي شرم ٿو اچي.
فوجي راڄ ۾ ڄام
ساقي بغاوت ڪيس ۾ خود ڄام ساقي شبير شر، امر لال، سهيل سانگي، ڪمال وارثي ۽
پروفيسر جمال نقوي پوءِ گهڻو عرصو عدالتن ۽ زندانن جا چڪر لڳائيندا رهيا پر شهيد
نذير عباسي جي انهي داخل درخواست جي پوئيواري نه ٿي سگهي جيڪا سندس وڪيل بئريسٽر
عبدالودود ۱۸ آگسٽ ۱۹۸۰ع تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪئي هئي.
اڄ به جڏهن ڪراچي
شهر مٿان رات پنهنجا پر پکيڙي ٿي ته سخي حسن قبرستان ۾ مدفون دنيا جي پورهيتن جو
هي عظيم خواب ملن ۽ ڪارخانن جي بٺين ۾ جلي گهر موٽندڙ مزدورن جي هڪ نئين دنيا لاءِ
خاموش صدا بلند ڪري ٿو. نذير عباسي بابت هي جملو ڪيترو نه ٺهڪي ٿو اچي ته شهيد
مرندا نه آهن اهي بس پنهنجي قبر ۾ پوريل روشن ڏيئا هوندا آهن جن جي روشني روح جي
اکين سان ئي پسي سگهجي ٿي.
(ڏھاري
پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۰۹ آگسٽ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
شهيد نذير عباسيءَ جي
شهادت
تاريخ پڇاڻو ضرور ڪندي
اداريو
ملڪي سطح تي کاٻي
ڌر جي سياست، پورهيتن جي حقن لاءِ جدوجهد ۽ مزدورن جي مفادن جي تحفظ سميت سماج جي
پيڙيل طبقن جي حقن جي جڏهن به ڳاله ٿيندي تڏهن شهيد نذير عباسيءَ جو ذڪر اڻ ٽر ٿي
ويندو، ان کان سواءِ ملڪ جي عوام جي انساني حقن، شهري حقن ۽ آئيني حقن جي ڳاله ٿيندي
تڏهن به شهيد نذير عباسيءَ جي ذڪر اڻ ٽر ٿي ويندو، شهيد نذير عباسي ملڪ جي پورهيت،
مزدورن ۽ پيڙيل طبقن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ هڪ اهڙو جذبو آهي جيڪو سماج جي اتساه
لاءِ هميشه پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو، شهيد نذير عباسي ملڪ جي سياسي تاريخ ۾ ان
وقت پنهنجو موثر سياسي ۽ انقلابي ڪردار ادا ڪيو جڏهن ملڪ تي آمريت لاڳو هُئي، جڏهن
ملڪ ۾ سياسي آزادين، جمهوريت ۽ عوام جي حقن جي ڳاله ڪرڻ جهڙوڪر ڏوه هيو، اهڙي ڪاري
دور ۾ شهيد نذير عباسيءَ جي جدوجهد ملڪ جي پيڙيل طبقن، جمهوريت پسندن ۽ انقلاب
دوستن لاءِ هڪ سگه ۽ سهارو بڻجي وئي هُئي جنهن ڪري آمريت پسند قوتون جي اکين ۾
ڪنڊو ٿي پئي هُئي.
پاڪستان جي قيام
بعد ئي جهڙوڪر ملڪ جمهوريت پسند قيادت جي بجاءِ آمريتي قوتن جي هٿن ۾ اچي ويو جنهن
ڪري ملڪ کي نه ته چونڊيل اسيمبليءَ جو آئين ملي سگهيو ۽ نه ئي عوام کي ڪا جمهوريت
نصيب ٿي، آمريتي دور ۽ حڪمرانن جون پنهنجيون تقاضائون هونديون آهن جن مان سڀ کان
اهم تقاضا عوام مٿان حڪمراني قائم ڪري ان جا سمورا حق کسي وٺڻ، عوام جي اظهار جي
آزاي، عوام جي سياسي آزادي، عوام جي معاشي خوشحالي ۽ عوام جي اقتدار ۾ اچي حڪمراني
ڪرڻ جهڙا سمورا حق غضب ڪيا ويندا آهن، پاڪستان به شروع وارن ڏينهن کان اهڙين
ڪاررواين جو شڪار رهيو آهي. ۱۹۵۸ع ڌاري ملڪ جي جنرل ايوب خان ملڪ ۾ آمريت لاڳو ڪري ڇڏي، هي
اهو دور هيو جڏهن ملڪ ۾ روشن خيال فڪر، سوچ، شعور ۽ تنظيم جڙي رهي هُئي، ملڪ ۾
پورهيتن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ سياسي پارٽين جو عوام ۾ پاڙون مضبوط ٿي رهيون
هيون، ان وقت جي فوجي ٽولي ۱۹۶۰ع جي ڏهاڪي ۾ پارٽي اڳواڻ ڪامريڊ حسن ناصر کي شهيد ڪري
سندس لاش گم ڪري ڇڏيو هو، بعد ۾آمر حڪمرانن بيان جاري ڪيا ته حسن ناصر خودڪشي ڪري
ڇڏي آهي. جڏهن ته ۱۹۸۰ع جي ڏهاڪي ۾ وري اهڙو ٻيون هنياءُ ڏاريندڙ واقعو پيش آيو، ان وقت ملڪ ۾ پڻ
آمريت لاڳو هئي ۽ آمر جنرل ضيا آئين معطل ڪري عوام جا سمورا حق معطل ڪري ڇڏيا هيا،
اهڙي ڪاري دور ۾ جيڪا به پارٽي ۽ جيڪو به اڳواڻ عوام جي حقن جي جدوجهد ڪندو هو اهو
ڳولي ڳولي قيد ڪيو ويندو هو ۽ بعد ۾ بدترين عذاب ڏئي ماريو ويندو هو. اهڙي ڪاري
دور ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ ۽ ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي اڳواڻ ڪامريڊ نذير عباسيءَ
کي ڳجهن ادارن پاران جبري طور تي کنڀي گم ڪيو ويو ۽ بعد ۾ بدترين تشدد ڪري قتل ڪيو
ويو.
شهيد نذير عباسي
پنهنجي ريٽي رت سان هڪ اهڙي تاريخ رقم ڪئي جيڪا ايندڙ صدين تائين عوام لاءِ جرئت ۽
همت جو سبب بڻجندي رهندي، شهيد نذير عباسي ملڪ جي سياسي تاريخ جي انهن سياسي
اڳواڻن مان آهي جيڪي جبري طور تي کنڀي گم ڪيا ويا ۽ ٽارچر سيلن جي زينت بڻايا ويا،
شهيد نذير عباسيءَ جي جبري طور کنڀي گم ڪرڻ کان وٺي اڄ تائين ملڪ ۾ سياسي ڪارڪنن ۽
اڳواڻن کي جبري طور تي کنڀي گم ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، سوال هي آهي ته آخر ڪار ملڪ
۾ اهڙي ظالماڻي، غير انساني، غير سياسي ۽ غير آئيني روش ڪڏهن ختم ٿيندي، گذريل ستن
ڏهاڪن کان ملڪ جي سياسي عمل کي ٻنجو ڏيڻ جا نتيجا اڄ هي نڪري رهيا آهي ته ملڪ نه
سياسي طور تي مستحڪم ٿي سگهيو آهي، نه جمهوري طور تي ۽ نه ئي وري معاشي طور تي ملڪ
سگهارو ٿي سگهيو آهي، ملڪ جو اڪثريتي عوام اڄ جنهن عذاب مان گذري رهيو آهي، ان
عذاب جو بنيادي سبب ملڪ جي پورهيت طبقي جي سياسي سگھ، تنظيم، پارٽي ۽ قيادت کي
ڪچلڻ آهي ۽ شهيد نذير عباسي ملڪ جي اهڙي ئي سرويچ ۽ انقلابي پارٽيءَ جو هڪ سرگرم
اڳواڻ هيو جنهن جي تحرڪ سان سموري پارٽي تحرڪ ۾ ايندي هُئي ۽ جنهن جي تحرڪ سان ملڪ
جو پيڙيل عوام تحرڪ ۾ ايندو هو، اهو ئي سبب آهي جو هڪ آمر ضيا ۽ ان جي آمريتي
حڪومت جي اک ۾ ڪنڊو هوندو هو، کيس انهيءَ ڏوه جي سزا ۾ جبري طور تي گم ڪري بدترين
تشدد ڪري قتل ڪيو ويو، پر شهيد نذير عباسي اهڙين آمريتي ۽ عوام دشمن قوتن جي هٿان
مرڻ جهڙو نه هو، اڄ شهيد نذير عباسيءَ کي قتل ڪرڻ وارا تاريخ جي پنن ۾ عبرت جو
نشان بڻجي ويا آهن، سوين مڻ مٽيءَ ۾ دفن ٿي ميسارجي ويا آهن، سماج ۾ انهن جو نالو
انتهائي حقارت ۽ عوام دشمنيءَ جي وصف بڻجي ويو آهي، پر ان جي ابتڙ اڄ به شهيد نذير
عباسيءَ جو نالو تاريخ جي ڪتابن ۾ سونهري لفظن سان لکيل آهي، اڄ به ملڪ جي لکين
ڪروڙين ماڻهو کيس خراج پيش ڪن ٿا ۽ دنيا جا پورهيت دوست، عوام دوست ماڻهو ۽ سياسي
قيادتون کيس خراج تحسين پيش ڪن ٿيون. شهيد نذير عباسيءَ جي شهادت اڄ به ملڪ جي
پورهيت ۽ پيڙيل عوام لاءِ اتساه جو جذبو بڻيل آهي ۽ سنڌ ۾ به اڄ سندس جي شهادت کي
عظمت جو اهڃاڻ سمجهيو وڃي ٿو، اڄ به شهيد نذير عباسيءَ جي شهادت، سياسي جدوجهد ۽
شخصيت سنڌ جي لکين سياسي ڪارڪنن لاءِ اتساه بڻيل آهي.
اسان اڄ سندس
ورسيءَ جي موقعي ته کيس خراج تحسين پيش ڪيون ٿا، سنڌ ۽ ملڪ جي سموري عوام دوست ۽
پورهيت دوست قوتن کي اها ئي گذارش ڪنداسين ته هو وري عوام ۽ پورهيت دوست سياست جي
پليٽ فارم تي جمع ٿي شهيد حسن ناصر ۽ شهيد نذير عباسيءَ جي شروع ڪيل جدوجهد کي
اڳتي وڌائين جيڪا جدوجهد اصل ۾ عوام ۽ پورهيتن جي حقن لاءِ جبري طور تي کنڀي گم
ڪندڙ هر سياسي ڪارڪن جي جدوجهد آهي، جيڪا جدوجهد اصل ۾ تاريخ کي ان لائق بڻائي
سگهندي ته تاريخ شهيد حسن ناصر ۽ شهيد نذير عباسيءَ سميت هر ان سياسي ڪارڪن جنهن
کي جبري طور تي کنڀي گم ڪيو ويوآهي ۽ تشدد ڪري قتل ڪيو ويو آهي، ان جي قتل ڪرڻ
بابت پڇاڻو ڪندي.
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۰۹ آگسٽ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
ڪامريڊ نذير عباسي
سندس رستو اسان جو رستو
گلزار چنا
دنيا جي تاريخ، انساني
جدوجهد جو پراڻو داستان آهي، ظلم ۽ استحصال خلاف هر زماني ۾ مظلوم طبقي ڀرپور
مزاحمت ڪئي آهي. اها جدوجهد اڄ به جاري آهي ۽ جاري رهندي، جيستائين رات انڌيري
رهندي. اهي شخصيتون جيڪي ان تاريخ جي سفر کي اڳتي وڌائڻ جي ڏوه ۾ ماريون وينديون
آهن انهن کي تاريخ ۾ هيرو طور ياد ڪيو ويندو آهي.
ائين ۱۰ اپريل ۱۹۵۳ع ۾ ٽنڊوالهيار ۾ هڪ انقلابيءَ جو جنم ٿيو، جڏهن
جواني ۾ پير پاتائين تڏهن پورو سماج ظلم ۽ اڻ برابريءَ واري ڪاري رات جي اونداهيءَ
۾ گهيريل ڏٺائين. تڏهن کان هُن ڄڻ معاشري کي سوشلسٽ انقلاب جي روشن صبح سان روشناس
ڪرڻ جو طئي ڪري ورتو هو. ان لاءِ هُن جي زندگي مسلسل تحريڪ ۽ جدوجهد ۾گذري. هُن جي
زندگيءَ جو مقصد هڪ ئي هو معاشري کي تبديل ڪرڻ، ڪارل مارڪس جي فلسفي ۽ فڪر مطابق
“دنيا ۾ ٻه طبقا آهن هڪ ڦريندڙ ۽ ٻيواُن کان ڦرجندڙ. هُن ڦُريندڙ طبقي سان بغاوت
جو سرخ پرچم هٿن ۾ کنيو پوءِ اها ڦرُلٽ ڪهڙي به شڪل ۾ هجي، چاهي دين ڌرم جي نالي ۾
هجي يا قوم جي نالي ۾ ٿيندي هجي ان لاءِ هُو ڦُرجندڙ طبقي منجهان هڪ باغي هو. اهو
هُو ڪامريڊ نذير عباسي شهيد. جنهن جي نالي ۽ ڪردار کان اهو ڪهڙو شخص هوندو جيڪو
واقف نه هوندو، ڀلي هن جو سياست سان پري جو تعلق ڇو نه هجي.
سينيئر ڪامريڊ ساٿين
مطابق نذير ۲۴ ڪلاڪن مان ڏه ڪلاڪ عام ماڻهن ۾ ڪم ڪندي گذاريندو هو، ٿڪجڻ
وارو انسان بلڪل نه هو، هُو بک ڏک تي به ميلن جا ميل پنڌ هلندي هارين ۾ شعور پيدا ڪرڻ
۽ انهن کي منظم ڪرڻ جو ڪم ڪندو هو. ٽيڪسٽائل جا مزدور هجن يا سيمينٽ، ٽرانسپورٽ يا
ميونسپل جا ورڪر هجن. انهن سان دوستيون قائم ڪري طبقاتي جدوجهد لاءِ تيار ڪندو هو.
روپوشي وارن ڏينهن ۾ اڪثر سمهڻ لاءِ فرش ۽ ويهاڻي جي جاءِ تي سِر مٿي کان رکي
گذارو ڪرڻ وارو شخص هو. جڏهن سينيٽري ورڪر (ڀنگين) وٽ رهندو هو ته هنن جي ٿانو ۾
کائڻ پيئڻ جي ڪري اهي ماڻهو مٿس بي انتها ڀروسو ڪندا هئا. اهي خوبيون هيون ڪامريڊ
نذير عباسيءَ ۾ جنهن جي تعريف هن جي پارٽي جا ڪٽر سياسي مخالف به ڪندا آهن. جيڪي اڄ
سندس ورسيون ملهائي رهيا آهن. هن جي واٽ تي هلڻ جا نعرا هڻي رهيا آهن پر ڪردار به ڪامريڊ
نذير عباسي جهڙو پيدا ڪرڻو پوندو. اياز چواڻي:
ڪي ماڻهو تاريخ ٿين
ٿا،
گهايل ڌرتيءَ جي
سيني تي
اهڙي گهري چيخ ٿين ٿا
جا هر هڪ کي جاڳائي
ٿي
جا دنيا کي بدلائي ٿي.
ڊڪٽيٽر آمر ضياءَ
جي حڪمراني جو ڪارو دور هو. ملڪ جي چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاهيءَ چاڙهيو
ويو. ان زماني ۾ علم، عقل دانش تي پهرا هئا، ميڊيا ۽ سياسي جمهوري قومي، طبقاتي
سوچ وارين پارٽين تي پابندي مڙهي وئي هئي. انهن پارٽين جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي ڏه ڏه
سال عقوبت خانن ۾ ۽ ڪوڙن جون سزائون ڏنيون پئي ويون. ان دور ۾ عالمي سامراج ۽ پاڪستاني
فوجي جنتا ترقي پسند قومي جمهوري طبقاتي ويڙه جي اڳڀرائي ڪندڙن کان ڊڄي ڪور ڪمانڊر
گڏجاڻي ۾ ڪميونسٽ پارٽي ۽ ترقي پسند گروپن جو وجود ڌرتيءَ تان مٽائڻ جو فيصلو ڪيو
ويو، جنهن جو اظهار برگيڊيئر امتياز عرف بلا هڪ نجي ٽي. وي ٽاڪ شو ۾ ڪيو.
ان وقت پارٽيءَ جي
مرڪزي سينٽرل ڪميٽيءَ جي نوجوان ميمبر نذير عباسي کي ۳۰ جولاءِ تي گرفتار ڪري فوجي سيل ۾ مسلسل ڏينهن
تائين تشدد کان پوءِ ۹ آگسٽ ۱۹۸۰ع تي آخر شهيد ڪيو ويو. اهڙين حالتن جي ڪري ملڪ شديد بحرانن جي گهيري ۾
ايندو ويو. جنهن ڪري سمورا ملڪي ادارا پنهنجي اهميت وڃائيندا ويا. سرمائيدار، جاگيردار،
ملٽري بيورو ڪريسي، حڪمران طبقن سان گڏجي پنهنجا مفاد حاصل ڪندو رهيو، آمريڪي
سامراج جي ڳٺ جوڙ سان ملڪ کي افغان جهاد ۾ وجهي ڊالر ڪمائيندا رهيا، جنهن ۾
فرقيواريت، مذهبي تنگ نظري ۽ ماڻهن کي نسلي، لساني فرقن ۾ ورهائڻ شامل هو. آخرڪار
هن ملڪ کي خودڪش حملن سان جهنم بڻايو ويو، جنهن جو اثر اڄ اسان ڏسي رهيا آهيون.
اهڙين حالتن کي
سامهون رکندي نذير عباسي شهيد جهڙن بهادر سياسي اڳواڻن جي ڊگهي سوچ کي سلام پيش ڪرڻ
کان سواءِ رهي نه ٿو سگهجي. هنن معاشري کي امن پسند ۽ صحتمند رکڻ لاءِ پنهنجون
قيمتي جانيون قربان ڪيون، پر وڏن بتن وانگر جان بچائڻ لاءِ معافي ناما لکي حڪمرانن
جي هٿن تي بيعت نه ڪيائون. ان لاءِ ڪامريڊ نذير شهيد جو فڪر ۽ سوچ زنده آهي، هن جو
فڪر ملڪ کي آمريڪي سامراج کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ، مظلوم قومن کي سندن حق ڏيارڻ، انفرادي
ملڪيت جي نظام کي تبديل ڪرڻ ۽ عوام دوست معاشرو قائم ڪرڻ هو، جنهن نظام ۾ ماڻهو
پنهنجا ٻچا وڪرو ڪرڻ لاءِ مجبور نه هوندا. پنهنجن گهرن کان دربدر نه هوندا، نوجوان
بي روزگاريءَ جي ڪري در در جون ٺوڪرون نه کائيندا، نوجوان پنهنجي خوبصورت جواني جو
ڏيئو اجهائي خودڪشيون نه ڪندا، عورتون غربت منجهان عزت ۽ آبرو پائمال نه ڪنديون. هاري
نسلن تائين وڏيرن جا غلام نه هوندا. صحت جا مرڪز پرائيوئٽ نه هوندا، تعليم سڀني جو
هڪ جهڙو حق هوندي. ان لاءِ جيڪي ڌريون چون ٿيون “نذير جو رستو اسان جو رستو آهي”. انهن
کي گهرجي ته خسيس مفادن خاطر گروپ بندي ڇڏي آرامده محدود سرڪل مان ٻاهر اچي هارين،
مزدورن، شاگردن ۽ عورتن کي منظم ڪري جدوجهد ڪن، هن سماج کي سمورين تڪليفن مان ڇوٽڪارو
ڏيارڻ لاءِ سماجي انقلاب آڻي ڪامريڊ نذير عباسي شهيد جي خواب کي پورو ڪرڻ گهرجي.
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۰ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
ڪامريڊ نذير عباسي
سندس زندگي، جدوجهد جو
نشان
تاج مري
نذير عباسي شهيد
چاچي جان محمد عباسي جي گهر ۾ ۱۰ اپريل ۱۹۵۳ع تي ٽنڊوالهيار ۾ جنم ورتو پرائمري کان ڪاليج سطح تائين
ٽنڊوالهيار۾۽پوءِسنڌ يونيورسٽي تعليم حاصل ڪيائين سندس شادي سياسي جدوجهد جي ساٿياڻي
هاري اڳوڻ ڪامريڊ هاشم گهانگهرو جي نياڻي ادي حميده گهانگهروساڻ ٿي جنهن مان کيس هڪ
نياڻي زرقا ڄائي.
نذيرعباسي جو جنم
ان دور ٿيو جڏهن ٻي عالمي جنگ کان پوءِ سڄي دنيا ۾ اٿل پٿل شروع ٿي چڪي هئي. چين
جي انقلاب ۽ بولويا، انڊونيشيا پوري دنيا ۾ وڏي تعداد ۾ قومون سامراجي کان آزاد ٿيڻ
لڳيون هيون ۽ پيڙهيل طبقا حڪمران طبقن خلاف جنگ جوٽيو بيٺا هئا. هوڏانهن پاڪستان ۾
اقتدار جي رسا ڪشي شروع هئي، پاڪستان جي حڪومت برطانيه کان آزادي وٺڻ کان پوءِ
آمريڪا جي غلامي لاءِ منٿون ميڙون ڪرڻ ۾ رڌل هئي، ڪراچي جي سنڌ کان ڌار ڪري مرڪز
حوالي ڪيو ويو، سول ۽ نوڪر شاهي ملڪ تي قبضو ڄمائڻ شروع ڪري ڇڏيو هو. پنڊي سازش ڪيس
جي ذريعي کاٻي ڌر خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو. اوڀر پاڪستان ۾ گڏيل اتحاد جڳتو فرنٽ
۽ اولهندي حصي ۾ متحده محاذ سرگرميون شروع ڪري ڏنيون هيون انهيءَ اٿل پٿل۽آمرڻي
دور خلاف جدوجهد واري دور۾ نذيرعباسي اک پٽي. هو ننڍپڻ کان ئي پورهيت دوست سوچ
رکندڙ هو. هو اڃان هاءِ اسڪول ۾ پڙهي رهيو وي ته ون يونٽ ۽ ايوبي آمريت خلاف
جدوجهد تيز ٿي وئي هئي. مزدور، هاري ۽وچولوطبقو آمريت خلاف مهاڏواٽڪايو بيٺو هو. مٿان
سنڌ ۾ شاگردن جي تحريڪ زور وٺڻ لڳي ۴ مارچ ۱۹۶۷ع کان پوءِ جڏهن شاگرد تحريڪ پوري سنڌ ۾ پکڙجي وئي ته
نذير عباسي انهيءَ تحريڪ جو سرگرم اڳواڻ بڻجي ويو هن کي پ پ پ ساڻ لاڳاپيل شاگردن
جي تنظيم ماروئڙا اسٽوڊنٽس فڊريشن جوجنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو.
ايوبي آمريت خلاف
جدوجهد سوڀ ماڻي. هي اهو دورآهي جڏهن يحيٰ خان ايوب خان حڪومت جي خاتمي کان پوءِ
چيف مارشل لا ايڊمنسٽيٽر جي طور تي اقتدار سنڀاليو ۽ تحريڪ آڏو جھڪڻ تي مجبور ٿي
بالغ راءِ دهي جي بنياد تي ۱۹۷۰ع ۾ چونڊون ڪرائڻ ون يونٽ ٽوڙڻڻ جو اعلان ڪيو ۽ ووٽرلسٽون
اردو ۾ ڇپجڻ لڳيون نوجوانن سنڌي۾ ووٽرلسٽون ڇپائڻ جي تحريڪ شروع ڪئي. نذير عباسي
ان تحريڪ ۾ حصو وٺڻ لاءِ ٽنڊوالهيار کان حيدرآباد آيو سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪيمپس ۾
بُک هڙتالي ڪيمپ تي اچي بُک هڙتال شروع ڪيائين ۽ گرفتار ٿي جيل هليو ويو. ان تحريڪ
۾ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي بيمار هوندي پاڻ کڻائي اچي بک هڙتال تي ويٺوهوانهي تحريڪ ۾
به نذير عباسي ۽ سندس ساٿين کي سوڀ حاصل ٿي. ون يونٽ خلاف تحريڪ ۱۹۵۴ع ۾ ون يونٽ جي قيام جي فيصلي وقت شروع ٿي
وئي هئي. سنڌ عوامي محاذ جيڪا ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ خلاف تحريڪ جي سرواڻي ڪري
رهي هئي. قوم پرستي جي نعرن کي جمهوري سڌارن جي جدوجهد ساڻ ڳنڍڻ ۾ رڌل هئي. سنڌ
عوامي محاذ جي ايم سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ ٻيا قوم پرست،
ترقي پسند ڪري رهيا هئا عوامي محاذ جي جي پروگرام ۾ جاگيرداري ۽ زمينداري جي خاتمي
ساڻ هارين ۾ زمين ورهائڻ، بيروزگاري خلاف موثر قدم کڻڻ، گھريلو ۽ ننڍين صنعتن جي
حوصلا افزائي، غير ملڪي ڪمپنين کي قومي ملڪيت ۾ وٺڻ، صنعت ۾ سرڪاري شعبي جي ترقي، سنڌ
جي مفاد ۾ ٽيڪسن جي نئين سر ورهاست، سويت يونين ۽ سوشلسٽ ملڪن ساڻ دوستاڻا ناتا
قائم ڪرڻ ۽ قومي آزادي جي تحريڪن جي حمايت ۽ پاڪستان جي حڪمران طبقي جي سامراجي
غلامي واري پاليسي جي خلاف جدوجهد ڪرڻ شامل هيو. اهڙي طرح اها تحريڪ ترقي پسند
جمهوري تحريڪ هئي.
نذير عباسي شهيد ۶۰ جي آخري ڏهاڪي ۾ ان تحريڪ جو سرگرم اڳواڻ بڻيو.
جيل ۾ سندس ملاقات ڪميونسٽ اڳواڻ ڊاڪٽر اعزاز نذير، مير ٿيٻو ۽ ٻين ساڻ ٿي. نذير
عباسي جئين ته ننڍپڻ کان انقلابي سوچ کان متاثر هو بحث مباحثي کان پوءِ ترقي پسند
شاگرد تنظيم سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ شامل ٿيو، ڪامريڊ ڄام ساقي، مير ٿيٻو، مهر
حسين شاھ، احمد کان جمالي ايس اين ايس ايف جي اڳواڻن ۾ شامل هئا. ته سنڌ ۾ ون يونٽ
خلاف شاگرد تحريڪ جي اڳواڻي ڪامريڊ ڄام ساقي، مير ٿيٻو، مهر حسين شاھ، عنايت ڪشمري،
يوسف لغاري، علي اڪبر بروهي، مسعود نوراني، شاه محمد شاھ، احمد خان جمالي، اقبال
ترين، لالا قادر، عزيز مهراڻوي، تاج بلوچ، امداد اوڍو، عارف پاشا ۽ ٻيا ڪري رهيا
هئا. نذير عباسي ان تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن بڻجي ويو. آءٌ به ان وقت ڪنڊياري ضلعي
سانگهڙ جي هاءِ اسڪول جو شاگرد هئس. بڻجي ويو. نظير سنگراسي، مير محمد سنگراسي، آءٌ
(تاج مري) ۽ ٻيا پڻ ان تحريڪ جو حصو بڻياسين. نذير عباسي جيل مان آزاد ٿيڻ بعد ٽنڊوالهيار
۾ ايس اين ايس ايف جي پليٽ فارم تان ترقي پسند شاگردن کي منظم ڪرڻ ساڻ گڏ پورهيتن
کي به منظم ڪرڻ واري ڪم کي لڳي ويو هن ٽنڊوالهيار ۾ ميونسپل ملازمن جي يونين ٺاهي.
۱۹۷۲ع ۾ ايس اين ايس ايف جي ڪنوينشن ۾ کيس جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيو ويو. ان باڊي
جو صدر احمد خان جمالي، نائب صدر امداد اوڍو، جنرل سيڪريٽري ايوب لغاري چونڊيا ويا.
ان دور ۾ نذير عباسي ڪميونسٽ پارٽي جو پڻ ميمبر ٿي ويو ۽ سرگرمي ساڻ ايس اين ايس
ايف کي منظم ڪرڻ لڳو شاگرد سياست ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏ هارين ۽ پورهيتن کي
منظم ڪرڻ لڳو.
۱۹۷۱ جي چونڊن ۾ ڀرپور ڪاميابي ماڻڻ کانپوءِ به جڏهن شيخ مجيب جي قيادت ۾ عوامي
ليگ اقتدار منتقل ڪرڻ بدران بنگال جي عوام خلاف فوجي آپريشن شروع ڪيو ويو ته نذير
عباسي ۽ سندن ساٿين ان خلاف ڀرپور آواز بلند ڪيو ڪامريڊ ڄام ساقي سميت ڪيترن ئي اڳواڻن
جا وارنٽ گرفتاري جاري ٿيا پولس ڇاپا هڻي ڪيترن ئي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو. ذوالفقار
علي ڀٽو ۽ سندس پارٽي ان وقت جنرل يحيٰ خان جي قيادت ۾ بنگالي عوام جي قاتل فوجي ٽولي
جا ساٿياري ٿي بيٺا هئا. پاڪستان جا ٻه ٽڪر ٿيڻ۽ بنگلاديش جي آزادي کانپوءِ يحيٰ
خان کي اقتدار ڇڏڻو پيو ۽ ذوالفقار علي ڀٽي کي باقي بچيل پاڪستان جو اقتدار منتقل ڪيو
ويو، ڀٽي دور ۾ جڏهن بلوچستان ۾ نعپ جي جمهوري حڪومت جو خاتمو ڪري فوجي آپريشن ڪيو
ويو.
ساڳي ئي فوجي ٽولي ڀٽي
کان اقتدار کسي کين ڦاهي تي چاڙهي ڇڏيو، جيتوڻڪ ڀٽي زرعي سڌارا ڪرڻ صنعتن کي قومي
ملڪيت ۾ وٺڻ، نعب سميت ملڪ جي مڙهني پارٽين ساڻ گڏجي ۱۹۷۳ع جو آئين ڏيڻ ۽ پارلياماني نظام جو پايو
وجھڻ جهڙا عوام دوست فيصلا ڪيا پر ٻي طرف ملڪ اندر ترقي پسند، قوم پرست ۽ جمهوري
قوتن خلاف رڻ ٻاري ڇڏيو. ڄام ساقي، نذير عباسي ۽ سندن ساٿي ڀٽي حڪومت ۾ زير عتاب
رهيا، ترقي پسند ۽ قوم پرست قوتن کي چيڀاٽڻ واري ريت قيام پاڪستان کان جاري آهي ان
جو اصل ڪارڻ هي آهي ته پاڪستان ۾ اقتدار تي قابض ڌريون شروع کان ئي آمريڪا جي
غلامي، مذهبي تنگ نظري ۽ جمهوريت ۽ پاڪستان جو بنياد وجھندڙ قومن کي چيڀاٽڻ واري
روايت تي قائم رهيا آهن، ملڪ جي حڪمران طبقن ۾ غلامي واري روش ان حد تائين هئي جو
آمريڪا کي آقا بنجڻ لاءِ منٿون ڪرڻ لڳا مثال طور پاڪستان ٺهڻ کان ۳ مهينا اڳ قائداعظم نيو دهلي ۾ آمريڪي ڪامورن
سان ملاقات ۾ کين چيو ته پاڪستان روس ۽ سوشلسٽ قوتن خلاف ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو جيڪڏهن
ان کي آمريڪا جي مدد حاصل هجي، اهڙي طرح منٿن جو اهو سلسلو قائداعظم جي وفات کان
پوءِ به جاري رهيو آخرڪار ۳ سالن جي منٿن کانپوءِ آمريڪا سندن سرپرستي ڪرڻ لاءِ
راضي ٿيو.
نذير عباسي ۽ سندس
خاندان کي تڪليفون ڏيڻ وارو سلسلو ڀٽو دور ۾ به جاري رهيو، ۷۰ واري ڏهاڪي ۾ نذير جي پيءُ، ماءُ ۽ خاندان
کي لاڪ اپ ۾ رکي تڪليفون ڏنيون ويون ۽ بعد ۾ نذير عباسي کي گرفتار ڪري سنڌ جي
مختلف جيلن ۾ رکيو ويو، ضياالحق جڏهن ڀٽو حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ملڪ ۾ مارشل لا
لڳائي ته نذير عباسي ۽ سندس پارٽي ان خلاف ڀرپور مزاحمت ڪئي نذير عباسي جا ٻيهر
وارنٽ جاري ڪيا ويا.
۱۹۷۳ع ۾ ايس اين ايف جي ڪنوينشن دوران جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو ۽ ۷۴ ۾ نوابشاه واري ڪنوينشن ۾ کيس صدر چونڊيو
ويو ۽ سندس شهادت تائين ايس اين ايس ايف جو صدر رهيو پاڻ پاڪستان فيڊل يونين آف اسٽوڊنٽس
۽ انٽرنيشن يونين آف اسٽوڊنٽس جو پڻ عهديدار رهيو. ۱۹۷۲ع ڌاري ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جو ميمبر ٿيو
۽ جلد ئي ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي قيادت تائين پهچي ويو، ۱۹۷۸ع ۾ سندس شادي پارٽي جي ساٿي ادي حميده
گانگھرو سان ٿي، شادي کان جلد پوءِ کيس گرفتار ڪيو ويو ڪنڊيارو ۽ نوابشاه ٿاڻو ۾
رکڻ کانپوءِ ڪوئٽه ڪلي ڪيمپ ۾ اذيتون ڏيڻ کانپوءِ کيس اهو چئي آزاد ڪيو ويو ته ٻيهر
کيس گرفتار ڪيو ويو ته تنهنجو لاش مائٽن کي به نه ملندو ۽ پوءِ ائين ئي ٿيو.
۳۱ جولاءِ ۱۹۸۰ع تي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ ۹ آگسٽ تي شهيد ڪري سندس لاش کي لاوارثن جيان ايڌي حوالي ڪيو
ويو. سندس شهادت کي ۳۶ سال ٿي چڪا آهن اڄ ملڪ ۾ ترقي پسند تحريڪ ان دور جي ڀيٽ ۾ تمام ڪمزور ٿي چڪي
آهي عوام دشمن طبقا وڌيڪ سگهارا ٿي ويا آهن. نذير عباسي جي جنم ڏينهن جي موقعي تي
ترقي پسند جمهوري قوتن تي فرض لاڳو ٿئي ٿو ته سندس خواب کي ساڀيان ڪرڻ لاءِ نعپ جهڙي
سگهاري پارٽي جوڙي حڪمران طبقن جو متبادل فراهم ڪجي ته جيئن پورهيت عوام جو راڄ
قائم ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي.
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۰ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
ڪامريڊ نذير عباسي
سندس شهادت وارو تاريخي
واقعو
ڪامريڊ بخشل ٿلهو
شهيد نذير عباسي جي
شهادت واري تاريخي واقعي کي مان ائين ٿو ڏسان جيئن هڪ انقلابي ۽ نذير عباسي جي
رستي جي پانڌيئڙي کي ڏسڻ گهرجي، نذير عباسي اشتراڪي سياست جو هڪ ڪميٽيڊ ڪارڪن ۽ اڳواڻ
هيو. هُن حسن ناصر وانگي پاڻ کي ملندڙ ڌمڪين تي ڪن ڪونه ڏنو ۽ انقلاب کي پهرڻ ڪري ڪم
ڪندو رهيو. هو ڪنهن ٻئي جو نه پر پنهنجي پورهيت عوام جو ايجنٽ هو ۽ آمريڪي ڪمدار
اسٽيبلشمينٽ کي شايد ئي ڪو ٻيو لفظ ”عوام“ جيترو ڏُکيو لڳندو هجي. نذير عباسي جهڙن
سياسي ڪارڪنن لاءِ رياست رائو انوار هُئي ۽ آهي. نام نهاد جمهوري حڪومتون آيون
ويون پر امتياز ٻلو آزاد ئي رهيو.
شهيد نذير عباسي جن
مقصدن لاءِ شهادت ماڻي اڄ جي حالتن ۾ ان سياست ۽ نظريي کي عوام سان جوڙي اڳتي وڌائي
سگهجي ٿو. نذير عباسي انسانيت، جمهوريت، انصاف ۽ برابري جي شمع جو پروانو هيو. هن
ساهه ڏئي ويساهه ڏنو. جيسيتائين ذاتي ملڪيت، سامراجيت، طبقاتي، قومي ۽ صنفي سميت ڪهڙي
به اڻبرابري هوندي، سماج کي نذير عباسي جهڙن ذميوار سياسي ڪارڪنن جي ضرورت به
رهندي. نذير عباسي جو نظريو مارڪسزم هو ۽ اڄ جي حالتن ۾ ان نظريي جي چوڌاري انڊر
گرائونڊ مان نڪري اور گرائونڊ ٿي ڪري سياسي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. نذير هر قسم جي
ان تنگ نظريي کان آزاد هيو جيڪا ٻي ڪنهن قوم جي پورهيت کان نفرت ڪرڻ جو ڏس ڏيئي. انقلاب
جو هر اول دستو اڄ به پورهيت عوام يا هاري، مزدور، نوجوان ۽ عورتون آهن، تن جي غير
رسمي صورتن کي سمجهندي کين نين صورتن ۾ منظم ڪرڻ جي ضرورت آهي. سوويت يونين نه
رهيو هاڻ پنهنجي گهوٽبي ته نشو ٿيندو.
هن وقت جڏهن دنيا
سياسي ۽ معاشي بحران جي ور چڙهيل آهي، اهڙين حالتن ۾ نوجوانن جي نظرياتي سياست
واري مستقبل تي پُراميد آهيون، عالمي سياست ۾ ڏکڻ ايشيا جي اهميت ڪافي سببن ڪري وڌڻي
آهي. تمام گهڻي آبادي ۽ ان جو ۶۴ سيڪڙو کان مٿي نوجوانن جو هئڻ، تيزي سان ٿيندڙ شهرڪاري
۽ هن پوري خطي جو ماحولياتي تبديلين جي منهن ۾ هئڻ سبب اسان گهڻو ڪجهه تڪڙو تبديل ٿيندي
ڏسنداسين. محروميون تمام گهڻيون آهن، تعليم مهانگي، روزگار اڻلڀ آهي. اهڙين حالتن
۾ ساڄي ڌُر جي سياست کي طاقت وٺرائڻ لاءِ رياست پاڻ نوجوانن کي تشدد، نشي، مذهبي
توڙي نسلي انتهاپسندي ڏانهن راغب ڪندي آهي، تنهن ڪري نوجوانن ۽ منجهن نظرياتي
سياست جي اهميت به ڌيان وڌيل آهي. نوجوانن کي سائنس، سياست، لوڪ ڏاهپ جو هٿ جهلي
پنهنجي طبقي، وطن ۽ ڪُل دنيا جي واهر ڪرڻي آهي. انقلاب ۽ آزادي ڏانهن ڪو شارٽ ڪٽ
ناهي ويندو. کين اڌ سچ ڳالهيندڙ پاپولر لبرل سياست جي حدن کي سمجهڻو پوندو، جيڪا
کين نفرت جي بتي پويان لڳائي سندن توانائيون ضايع ڪندي رهي ٿي. آئي ٽي جي انقلابي
تبديلي سبب اسان جو نوجوان پهرين کان گهڻو ۽ تڪڙو سکي ٿو.
(ليکڪ عوامي
ورڪرز پارٽي جو اڳواڻ آهي)
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۸ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
ڪامريڊ نذير عباسي
ساڻس گهاريل گهڙيون
صادق گهمرو
ڪامريڊ نذير
عباسيءَ سان منهنجي ملاقات، مارچ ۱۹۷۵ع ۾ ٿي. جمهوري قوتن جي ڪانفرنس بسنت هال ۾ ڪوٺايل هئي، جيڪا
منهنجي سياست جي شروعات هئي. خيرپور ميرن واريءَ کان غلام قادر ”منصور ميراڻيءَ“
سان گڏ حيدرآباد بسنت هال ۾ پهتاسين جيڪو هارين، مزدورن ۽ شاگردن سان ڀريل هو، اسٽيج
تي ڪامريڊ نذير عباسي، ڪامريڊ حميده گهانگهرو، حبيب جالب ۽ گورنر سنڌ مير رسول بخش
ٽالپر شايد فهيمده رياض به اسٽيج تي ويٺل هئي. ڪافي ساٿين کي ڪونه سڃاڻيندو هيم. ان
موقعي تي ڪامريڊ منصور ميراڻيءَ ترنم ۾ گيت ڳاتو هو ته ” جڏهن به پيا جاڳي هاري. .
. . . “ جيڪو کانئس اتي ٽي دفعا ڳارايو ويو هو.
پروگرام ختم ٿيڻ
کانپوءِ استاد منصور ميراڻيءَ چيو ڄامشورو سنڌ يونيورسٽي هلون. انٽرنيشنل هاسٽل ۾
جتي ڪامريد نذير عباسيءَ جو ڪمرو شايد ۶۸ نمبر هو اتي پهتاسين جتي ايس اين ايس ايف جو تنظيمي
اجلاس شروع هيو. ڪامريڊ نذير عباسيءَ جڏهن اسان کي ڏٺو ته اندر ڪمري ۾ ويهاريائين.
جنهن تي ايس اين ايس ايف جي دوستن اعتراض ڪيو ته اسان جو هي بند اجلاس آهي هن ۾ ٻيو
ڪو به ويهي نٿو سگهي. انهن جو اعتراض جائز هيو. پر ڪامريڊ نذير عباسيءَ کين ٻڌايو
هي پنهنجا ڪامريڊ دوست آهن ۽ هنن جو شاگرد تنظيمن سان واسطو نه آهي ۽ منهنجا مهمان
آهن.
بند اجلاس ختم ٿيو
۽ کليل اجلاس ٿيو اسان ويٺا رهياسي. ڪامريڊ نذير عباسي جڏهن ڳالهائي پيو ته سڀ ساٿي
کيس ٻڌن پيا ان کاپوءِ ڪو به اعتراض نه پيو ڪري. آخر ۾ ماني کائڻ ڄامشورو ڦاٽڪ تي
سڀ ساٿي هليا. ڪامريڊ نذير عباسي، امداد چانڊيو ۽ ٻيا ساٿي ڪورس جي انداز ۾ ”شيخ اياز“
جو گيت ڳائيندا هليا.
”منهنجو ديس
مهان “
مانيءَ کانپوءِ موڪلائي
اسان حيدرآباد شهر موٽي آياسي ۽ واپس ڳوٺ آياسي.
ٻيو دفعو ڪامريڊ
نذير عباسي سان ملاقات ڪراچيءَ ۾ نومبر ۱۹۷۵ع ڪراچيءَ ۾ ٿي. جمهوري قوتن جي ڪانفرنس خالق ڏنو هال ۾
رکيل هئي. مان ڪامريڊ منصور ميراڻي، ڪامريڊ شاهه محمد دراني، ڪامريڊ ڌڻي بخش ڀنڊ، شمس
الدين پٺاڻ سان گڏ ڪراچي پهتس. جڏهن خالق ڏنو هال جي ويجهو پهتاسين ته ڪجهه ڪامريڊ
ساٿي هال کان ٻاهر بيٺا هيا ۽ چيائين ته خالق ڏنو هال تي پوليس قبضو ڪري ڇڏيو آهي.
اوهان کي شير شاهه هلڻو پوندو. جتي هڪ پٺاڻ جو گهر خالي ڪرايو ويو آهي اتي جلسو ٿيندو.
شير پهتاسين. اسٽيج تي بيگم نسيم ولي خان، غلام احمد بلور شايد عبدالصمد اچڪزئي ۽ ڪجهه
ٻيا اڳواڻ به هيا جن جا نالا مون کان وسري ويا آهن. تقريرون شروع ٿيون.
تقريرن جي آخر ۾ ٻاهران
ساٿي اچي چيو ته پوليس جو ڇاپو لڳڻ وارو آهي ۽ ڪامريڊ نذير عباسيءَ کي گرفتار ڪندا.
جلسو ختم ٿيو ۽ هر هڪ ساٿي پنهنجي پنهنجي طرف روانا ٿيا، رات ٿي وئي هئي، مان
(صادق) ڪامريڊ مير منور ٽالپر، ڪامريڊ منصور ميراڻي، ڪامريڊ ڌڻي بخش ڀنڊ، ڪامريڊ
نذير عباسي ۽ شمس الدين پٺاڻ، ڪامريڊ مير منور ٽالپر جي فليٽ تي آياسين. جتي ڪچهري
به ٿي اتي ڪامريڊ نذير عباسيءَ تمام گهڻو کلايو. ڪامريڊ نذير عباسيءَ کي جيتري
سياست جي ڄاڻ هئي ۽ اوترو ئي مزاح سان سندس لاڳايو هيو. مان ڏٺو ته ڪچهري ڪندي ڀوڳ
به ڪري پيو ۽ انقلابي گيت به ڳائي پيو. ڪافي رات ڪچهري ٿي، صبح جو هر ڪو پنهنجي
پنهنجي ماڳ تي روانو ٿي ويو.
ڪامريد نذير عباسي ڪيترا
دفعا ڪامريڊ غلام قادر منصور ميراڻيءَ جي ڳوٺ غلام علي شاهه ايندو هو، جيڪو ڳوٺ
منهنجي ڳوٺ رانوت گهمري سان گڏ آهي. اتي ڪامريڊ نذير عباسيءَ سان گڏ ڪامريڊ امر
لال، ڊاڪٽر گهنشام پرڪاش، ڪامريڊ امداد چانڊيو، ڪامريڊ غلام حسين شر، ڪامريڊ لياقت
شر، ڊاڪٽر امير الدين قريشي سان به ملاقات ٿيندي هئي. سڄي سڄي رات سياست تي بحث ٿيندو
هو. جتي ڪامريڊ نذير عباسي ايندو هو اهو مئخانو به هيو ۽ امام بارگاهه به هئي. جڳهه
ٺهيل نه هئي ان جي مٿان پپل جو وڻ ان ميدان کي ڍڪيو بيٺو هوندو هو ۽ اڃا تائين ساڳي
حالت ۾ آهي.
هڪڙو واقعو مون کي
سکر جو ياد پوي ٿو ته منهنجي ماسات عبدالقادر گهمري جو ريلوي جو ڪوارٽر نئين پنڊ
واري ڦاٽڪ جي ڀرسان هو جتي سکر ۾ چاڪنگ ڪرڻ جو پروگرام ٺاهيو ويو شايد ڪامريڊ ڄام
ساقيءَ جي آزاديءَ لاءِ هئي. جنهن ۾ عبدالقادر گهمرو، ساجن لنڊ، غلام حسين شر، غلام
قادر منصور ميراڻي، ڪامريڊ نذير عباسي، مان (صادق گهمرو)، شبير بيدار ڀٽو هيا ۽
شبير بيدار ڀٽو ۽ ساجن لنڊ کي سکر شهر جي اندر چاڪنگ ڪرڻي هئي ۽ اسان کي سنڌ هاءِ ڪورٽ
سکر وارو پاسو ڏنو ويو جو اي ڊي سي ڪالونيءَ ۾ ڪامريڊ غلام حسين شر جو ڪوارٽر هيو.
چاڪنگ شروع ٿي ته پوليس جي گاڏيءَ وارن اسان کي ڏسي ورتو ۽ سنهيون گهٽيون ڏئي اي ڊي
سي ڪالوني پهتاسين. عبدالقادر گهمرو پنهنجي ڪوارٽر تي هليو ويو. غلام حسين شر جي ڪوارٽر
تي پهتاسين ته ڪوارٽر اندران بند هيو. غلام حسين شر چيو شبير شر اندر آهي (شبير شر
جيڪو ڄام ساقي ڪيس ۾ شامل هيو) دروازو کڙڪائڻ شروع ڪيو، اندران آواز آيو ته مان
دروازو نه کوليندس ڪٿي ٻي هنڌ وڃو اوهان ڪامريڊن پريشان ڪيو آهي. ڪامريڊ غلام حسين
کيس ڪامريڊ نذير عباسي ۽ منصور ميراڻي لاءِ به ٻڌايائين پر دروازو نه کوليائين. ڪامريڊ
غلام حسين پوءِ ڀت ٽپي ويو ۽ اندران دروازو کوليائين ۽ اسان اندر وياسين.
۴ فيبروري ۱۹۷۸ع تي ڪامريڊ نذير عباسيءَ جي شادي ڪامريڊ چاچي محمد هاشم گهانگهرو جي نياڻي
ڪامريڊ حميده گهانگهرو سان محراب پور ۾ ٿي رهي هئي. مهمانن کي رهائڻ لاءِ بندوبست ٿيل
هو. مون کي تعجب ٿيو جو جيڪو به ڄاڃي آيو پي اهو انقلابي نعرا هڻندو پي آيو ۽ ڪم ۾
لڳي پي ويو. شادي نه هئي ڄڻ انقلابين جو جلسو هيو. شام تي نڪاح جون تياريون شروع ٿيون.
ڪامريڊ محمد هاشم گهانگهري جي ٻن نياڻين ڪامريڊ حميده گهانگهرو جي شادي ڪامريڊ
نذير عباسيءَ سان ۽ ڪامريڊ زبيده گهانگهرو جي شادي جيڪي سکر ۾ رهندا هيا پنهنجي
مائٽ سان طئي ٿيل هئي.
مولوي صاحب ڪتاب سوڌو
پهچي ويو هيو، وڪيل ۽ شاهد مقرر ڪيا ويا ۽ گهر موڪلڻ لاءِ تياريون ڪري رهيا هئا ته
ايتري ۾ ڪامريڊ محمد هاشم اچي ويو ۽ چيائين ته شاهد ۽ وڪيل اٿي بيهن مان نياڻين کي
هتي وٺي ٿو اچان ته پنهنجن مڙسن کي سڀني جي آڏو قبول ڪن. منهنجي لاءِ اهو وڏو مثال
هو جو عورت مڙس جي ۽ ڄاڃين جي روبرو اقرار ڪري. ڪامريڊ محمد هاشم گهر ويو ۽ ٻنهي
نياڻين کي وٺي آيو.
نڪاح پڙهيو ويو ڪامريڊ
ساٿي گيت ڳائي ۽ نعرا هڻي رهيا هئا. ”تنهنجو ساٿي منهنجو ساٿي ڄام ساقي ڄام ساقي، هارين
جو ساٿي ڄام ساقي، مزدورن جو ساٿي ڄام ساقي شاگردن جو ساٿي ڄام ساقي“ نڪاح کانپوءِ
ماني کارائي وئي.
ڪامريڊ نذير
عباسيءَ جي شاديءَ ۾ سندس امڙ ۽ ڀيڻ آيل هيون باقي سندس والد يا ڀاءُ ڪو مٽ مائٽ ڪونه
آيو هو. اها ڳالهه ڪامريڊ غلام رسول سهتي ٻڌائي هئي. مانيءَ کان پوءِ ساٿي سڀ گڏ ٿيا
۽ گيتن ڳائڻ جو دور شروع ٿيو. پهريائين ڪامريڊ منصور ميراڻي گيت ڳائڻ شروع ڪيو جنهن
جا ٻول هئا.
”جنگ ڇا ڏنو
آ، لاشا هزارين“
هي گيت منصور ميراڻيءَ
فلسطين جي جنگ تي لکيو هيو، جنهن تي ڪامريڊ نذير عباسيءَ، منصور ميراڻي کي چيو ته ڪامريڊن
جي زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن خوشيون اينديون آهن ان ڏينهن ته لاشن جو ذڪر نه هجي. ڪامريڊ
نذير، شاديءَ واري ڏهاڙي ٻهڪيو پئي. ٻن پيار وارن جي شادي هئي، ٻن انقلابين جي
شادي هئي. مان کيس گهڻو خوش ڏٺو. ابراهيم منشي سڄي رات گيت ڳائي محفل کي گرمائي ڇڏيو.
ان شادي ۾ جيڪي ساٿي
آيل هئا انهن مان ڪجهه نالا مون کي ياد آهن، ڪامريڊ چاچو شاهه محمد دراني، سرفراز
ميمڻ جيڪو هينئر جرمني ۾ رهي ٿو. ڪامريڊ محمد صالح بلو، صفت رند، سيد شاڪر شاهه، امر
لال، ڊاڪٽر گهنشام پرڪاش، امداد چانڊيو ۽ ڪجهه بلوچستان جا ساٿي ڏسڻ ۾ آيا. صبح جو
رخصتي کان اڳ ۾ مان ڳوٺ هليو آيم جو مون کي نوڪريءَ پهچڻو هيو.
۲۱. ۳. ۷۹ تي ڪامريڊ نذير عباسي(مشتاق شاهه اهو روپوشيءَ جو نالو
هيس) ۽ گهنشام پرڪاش (عبداللطيف پيرزادو سندس روپوشيءَ جو نالو هيس) مون (صادق
گهمري) وٽ پير جو ڳوٺ آيا. مان کين رئيس شرف الدين جاگيراڻي جي اوطاق تي وٺي آيم. اها
اوطاق ڌيءَ فهميده شرف بلوچ جي والد صاحب جي هئي جتي مان به رهندو هيم. تڏهن
فهميده شايد ٽيون درجو پڙهندي هئي، ڪامريڊ نذير عباسيءَ سان رئيس شرف الدين جي ڪچهري
ٿي، استاد يوسف جاگيراڻيءَ ۽ کبڙ ٿيٻو جيڪو عضون کان جڏو هو ان سان به ڪچهري ڪيائين.
ان کانپوءِ ڪامريڊ غلام رسول سهتو، مير ٿيٻو آيا جن سان گڏ ڪامريڊ ڌڻي بخش ڀنڊ جي
درزڪي دڪان تي آياسين، ڪامريڊ ڌڻي بخش ڀنڊ نورل جي گهر واري جي ماڙيءَ تي وٺي ويو
جتي ڪامريڊ نذير عباسي پير جو ڳوٺ جي سياسي صورتحال ۽ تنظيم بابت ڪچهري ڪئي. ڪامريڊ
غلام رسول سهتي، ڪامريڊ نذير عباسيءَ کي چيو ته پير جو ڳوٺ جا دوست ڪم ڪونه ٿا ڪن
جنهن تي ڪامريڊ نذير عباسيءَ ڪامريڊ سهتي کي ڇنڊ پٽي ته هنن ساٿين کان اڳ ۾ تون هت
ايندو هئين؟ توکي چندو ملندو هيو؟ ڪا ويهڻ جي جڳهه هئي؟ هينئر توکي چندو به ملي ٿو،
رهائش ملي ٿي، مان روپوش آهيان (جاسوس) منهنجي ڪڍ آهن، پر هتي مان بي خوف آيو
آهيان. ڪا ته اهڙي جڳهه هجي جتي اسان آرام ڪري سگهون. پير صاحب پاڳاري جي شهر ۾ هي
ساٿي ڪم ڪن ٿا کين جس هجي، ڪچهريءَ کانپوءِ موڪلائي هليا ويا.
۱۹. ۲. ۸۰ تي مشاق شاهه (ڪامريڊ نذير عابسي) کي ڪامريڊ غلام قادر
(منصور ميراڻي) مون وٽ صبح جو وٺي آيو ۽ ڪامريڊ نذير ٿڪل ٿڪل پي لڳو. مان کيس رئيس
شرف الدين جاگيراڻيءَ جي اوطاق تي وٺي ويس. ڪامريڊ نذير مونکي چيو ته ڪامريڊ مون
کي ننڊ ڪرڻي آهي، مان تقريبن هفتي کان ننڊ نه ڪئي آهي جو (جاسوس) منهنجي ڪڍ آهن. مان
کيس چيو ته ڪامريڊ ماني ته کائيندئو! چيائين ته مانيءَ وقت اٿارجو. ڪامريڊ نذير ۱۹. ۲. ۸۰ تي صبح جو ستو ۽ ۲۰. ۲. ۸۰ جي شام جو اٿيو. تڙ ڪري فريش ٿيو.
ان کانپوءِ چيائين ته منهنجو هتي انجنيئر محمد امين سولنگي دوست آهي ان ڏانهن ويندس.
مان انجينئر محمد امين سولنگيءَ کي ڪو نه سڃاڻيندو هيس. ڪامريڊ نذير کي ڪامريڊ ڌڻي
بخش جي دڪان تي وٺي آيس جتي اسان جو دوست استاد محمد پريل (منير سولنگي) اديب، شاعر
ويٺو هيو. ان کان انجنيئر محمد امين سولنگيءَ جي معلومات ڪئي سين. چيائين ته ان جو
گهر ڪوٽ پل تي آهي. مان کيس چيو ته سائين مشتاق شاهه ساڻس ملڻ ٿو چاهي. چيائين ته
مان به ڪوٽ پل تي وڃان ٿو اتي استاد احمد بخش سولنگي سان ملڻو آهي سائين کي مان وٺي
ٿو وڃان. اها ڪامريڊ نذير عباسيءَ جي مون سان آخري ملاقات هئي.
ٻئي ڏينهن تي استاد
منير سولنگيءَ ٻڌايو ته انجنيئر محمد امين سولنگي ڪراچيءَ کان ڪونه آيو هو جيڪو ڪراچي
۾ ڪي اِي ايس سي ۾ انجنيئر هيو. باقي ٻڌايائين ته سڄي رات سياسي ڪچهري ٿي، سائين
کي وڏي ڄاڻ هئي رات استاد احمد بخش سولنگيءَ وٽ رهياسين، صبح جو سائين موڪلائي هليو
ويو. ان کانپوءِ ساڻس ڪو به رابطو نه ٿيو ۱۰. ۸. ۸۰ تي بي بي سي جي خبرن ۾ ٻڌو سي ته ڪامريڊ نذير عباسيءَ
کي ضياءَ جي فوجي حڪومت ۾ ٽارچر ڪري شهيد ڪري ڇڏيو. خبر ٻڌڻ سان اکين مان نير وهڻ
شروع ٿي ويا.
استاد منير
سولنگيءَ کي جڏهن ٻڌايم ته اوهان جنهن مشتاق شاهه کي ڪوٽ پل تي ويٺي ويا هئا اهو
مشتاق شاهه نه هيو پر اهو ڪامريڊ نذير عباسي هيو جنهن کي شهيد ڪيو ويو آهي. استاد
منير سولنگيءَ کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ چيائين ته يار اوهان جيڪر ٻڌايو ها ته ايڏو وڏو ليڊر
اسان سان رهيو ۽ خبر نه پئي. اوهان ٿورو ٻڌايو ها ته سندس سٺي خدمت ڪيون ها.
جنهن پلنگ تي ڪامريڊ
نذير عباسيءَ ننڊ ڪئي هئي، رئيس شرف الدين ان پلنگ تي شهيد جا اسٽيڪر هڻي ڇڏيا هئا
۽ هر هڪ کي اهو پلنگ ڏيکاريندو هيو. اها ڳالهه مون کي ڪامريڊ امير بخش لاشاريءَ ڪئي
ته رئيس شرف الدين مونکي اوطاق تي وٺي اهو پلنگ ڏيکاريو ۽ اهي اسٽيڪر لڳل ڏيکاريا.
ڌيءَ فهميده شرف
بلوچ ٻڌايو ته شهيد نذير عباسيءَ جي ڊائري اوطاق ۾ رهجي وئي هئي جيڪا سندس گهر ۾
موجود آهي. مان (صادق) کيس چيو ته ڌيءَ اها ڊائري ڏي، ڇو جو اها ڪميونسٽ پارٽي آف
پاڪستان جي سينٽرل ڪميٽيءَ جي ميمبر جي آهي. جيڪا هڪ تاريخ آهي. پر اها ڊائري نه
ملي، ان ڪري جو ڌيءَ فهميده ڪراچي ۾ رهي ٿي. اهي يادگيريون، ڪامريڊ شهيد نذير
عباسيءَ گهاريل گهڙين جون آهن، مان ڊائري لکڻ ۱۹۷۹ع ۾ شروع ڪئي. ان کان اڳ صرف يادگيرين تي ٻڌل
ڳالهيون آهن.
(ليکڪ، ڪميونسٽ
پارٽي آف پاڪستان ضلعو، خيرپور ميرس سنڌ جو اڳوڻو سيڪريٽري آهي)
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۷ ۽ ۱۸ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
شھيد نذير عباسي
سندس نظريو، جدوجھد ۽ اڄ
جون حالتون
عوامي آواز ايڊيٽوريل
شھيد نذير عباسي ملڪ
جي پيڙيل طبقي جي جدوجھد جي ھڪ اھڙي علامت آھي، جيڪو چئين ڏھاڪن گذرڻ بعد به عوام
جي دلين ۾ زنده آھي، ھن دنيا ۾ مئي پڄاڻا گھٽ ئي انسان اھڙا ٿين ٿا، جيڪي امر بڻجي
وڃن، ملڪ ۾ ضيا جي مارشل لاءِ دوران ھيٺين طبقي ۽ کاٻي ڌر جي سياست سان سلھاڙيل شهيد
نذير عباسي اڄ به ڏاڍ سان جھيڙندڙن جو ھيرو آھي.
ھو ۱۰ اپريل ۱۹۵۳ تي ڄائو ۽ ۹ آگسٽ ۱۹۸۰ تي ضيا جي ڪاري دور ۾ جام شھادت نوش ڪري
ويو، ان مختصر حياتي ۾ به ھن سماج جي ھر طبقي تي وڏو اثر ڇڏيو. پر جڏھن به آگسٽ جي
نائين تاريخ ايندي آھي ته ھن ملڪ ۾ انقلابي جدوجھد ڪندڙن جي لاءِ تاريخ جي ھڪ دري
کلي ٿي جنھن مان کين اھو اتساه ۽ جذبو ملي ٿو ته ھا جدوجھد اڃان جاري رھڻي آھي،
ٽنڊي الھيار ۾ ھڪ
پورھيت گھراڻي ۾ اک کوليندڙ نذير عباسي ننڍپڻ کان ئي ھوشيار ۽ اڻ ورچ ھوندو ھو، ابتدائي
تعليم بعد ھو سنڌ يونيورسٽي تائين پھتو، ھو اھڙو شخص ھو جنھن ۾ سماج جي ھر حصي کي
جوڙڻ جي صلاحيت اتم درجا موجود ھئي. اھو ئي سبب ھو جو ھو ننڍڙي ئي عمر ۾ انقلابي
جدوجھد ڪندڙ قافلي ۾ شامل ٿيو ۽ جلد ئي ان جي قيادت ڪئي. ھن ماڻھن ۾ اتساه پيدا ڪيو
۽ مثبت پنهنجو ڪردار ادا ڪيو.
ھڪ انقلابي جون اھي
سموريون وصفون ھن نوجوان ۾ ھيون جيڪي ان اڻنگي سفر لاءِ ضروري آھن، عام ماڻھن جي
درد کي سمجھڻ، استحصال ڪندڙ طاقتن بابت باخبر ھئڻ، ساٿين کي گڏ کڻي ھلڻ ۽ ھڪ منظم
پارٽي ۾ اصولن ۽ ضابطن جي ماتحت جاکوڙ ڪرڻ ان کانسواءِ قرباني ڏيڻ جو جذبو به لازمي
امر آھي، سندس ان انقلابي جدوجھد جو ٻيو ڪھڙو ثبوت ٿي سگھي ٿو جو ھن پنھنجي حياتي
قربان ڪري عوامي جدوجھد جو ھڪ روشن باب لکي ڇڏيو. جيڪو اڄ به سمورن انسانن جي لاءِ
مشعل راه آھي. ھن پنھنجي سياسي سوچ ۽ سمجھه موجب ان وقت جي جديد سوچ سان سلھاڙيل
سياسي جماعت ڪميونسٽ پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي جنھن وٽ ھيٺين طبقي جي ترجماني جو
منشور ھو. ھي اھو وقت ھو جڏھن سموري دنيا ۾ غلامي جون زنجيرون ٽٽي رھيون ھيون، دنيا
۾ ھڪ نئون فڪر اڳيان وڌي رھيو ھو. ڪيترائي ملڪ انقلابي ۽ جمھوري رستي تي ھلڻ لڳا
ھئا ۽ روشن خيال فڪر اڳيان وڌي رھيو ھو.
انھن ئي ڏينھن ۾ پاڪستان
۾ ھڪ ڊڪٽيٽر جنرل ضيا الحق عوام جي چونڊيل وزيراعظم جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيو ھو. ان
دور ۾ ايران ۽ افعانستان ۾ روشن خيال فڪر وڌي رھيو ھو. جنھن ڪري آمر جي حڪومت کي ڪيترائي
خطرا گھيري ويا ھئا، افغانستان ۾ تبديلي کانپوءِ اھو خيال ھو ته شايد پاڪستان ۾ به
ڪو ڦيرو اچي نه وڃي ان ڪري ان وقت جي ڳجھن ادارن سمورين سياسي سرگرمين تي بندش
وجھي، سياست سان تعلق رکندڙ شاگردن، ھارين نارين ۽ پورھيتن کي جيل ڀيڙو ڪرڻ شروع ڪيو.
جنھن جو اصل مقصد عوامي حقن واري جدوجھد کي روڪڻ ۽ ماٺو ڪرڻ ھو. ان ڪاري دور ۾
عوام جي حقن جي جدوجهد ڪندڙن کي ڳولي ڳولي قيد ڪيو ويندو هو ۽ بدترين عذاب ڏئي
انھن کي سياسي جدوجھد تان ھٿ کڻايو ويندو ھو.
ھن ملڪ مان
جيستايئن ڏاڍ ۽ جبر جو انت نٿو اچي اھا جدوجھد جاري رھندي، ھن وقت ته ان جدوجھد جي
ان لحاظ سان به وڌيڪ ضرورت آھي جو وقت گذرڻ سان گڏوگڏ عوام دشمن ۽ سامراج ڌرين
پنھنجا طور طريقا تبديل ڪري ڇڏيا آھن. پنجھتر سالن گذرڻ بعد به ملڪ جو معاملو ھلائڻ
جي لاءِ سياسي اختيار عوام جي ھٿ ۾ نه آيو آھي، ملڪ ۾ ھلندڙ سياسي عمل اصل ۾ عوام
کي دوکو ڏيڻ جو نئون ڄار آھي، جمھوريت جو راڳ ڳائيندڙ سموريون ڌريون ملڪ تي جي اڇي
ڪاري جي مالڪن جي اختيار مان نالي ماتر اختيار وٺڻ تي راضي ٿي ڪري اھڙيون پالسيون
جوڙين ٿا جنھن سان عام ماڻھو کي ڪڏھن به سياسي سماجي معاشي ۽ انساني حق نٿا ملي
سگھن.
ان ڪري ئي ھن دور ۾
ڪامريڊ نذير جي فڪر ۽ سوچ کي اڳيان وڌائڻ ۽ عوام جي حقيقي آزادي ۽ ھڪ جمھوري سماج
جي لاءِ جدوجھد جي اھميت اڃان پڻ وڌي وئي آھي، ملڪ جو عوام اڄ جنهن عذاب مان گذري
رهيو آهي، ان جو بنيادي سبب ملڪ ۾ پورهيت طبقي جي منظم سياسي قوت نه ھئڻ آھي.
اڄ شھيد نذير عباسي
جي ۴۲ ورسي جي مناسبت سان سندس ساٿين عوامي حقوق جي پليٽ فارم تان ھڪ پروگرام
رکيو آھي، جنھن جو ھڪڙو مقصد سندس سوچ ۽ فڪر کي اڳتي وڌائڻ جو عھد ڪرڻ پڻ آھي. ان
لاٽ مان ٻي لاٽ ٻارڻ ۽ ھن اونداھي معاشري ۾ ورشني جي جدوجھد ڪرڻ جو عزم ڪرڻ به آھي،
جيتوڻيڪ شهيد نذير
عباسي اسان ۾ موجود ناهي پر سنڌ جي هن عظيم اڳواڻ کي سنڌ اڄ به سلام ڪري ٿي ۽ ڇاڪاڻ
جو ھڪ مخلص عوامي اڳواڻ ڪڏھن به مري نٿو سگھي ھو پنھنجي جوش جذبي ۽ انقلابي خوبين
سان ھميشه اسان سان گڏ ھوندو. دنيا ۾ جيڪي ماڻهو مقصد خاطر پنهنجي جان ڏيندا آهن، اهي
مري به امر ٿي ويندا آهن. شهيد نذير عباسي به اهڙن عظيم انسانن مان هڪ هو.
اڄ ضرورت ان ڳالھه جي
آھي ته شھيد نذير عباسي مظلوم عوام جي لاءِ جنھن قافلي جي سرواڻي ڪئي ھئي ان جي
جاکوڙ کي اڳتي وڌايو وڃي، يقينن سندس انقلابي واٽ اڻانگي آھي پر ان کانسواءِ ملڪ
جي عوام کي نجات نٿي ڏياري سگھجي. حالتون ڪي گھڻيون ناھن بدليون اڄ به پورھيت ۽
ھاري ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آھي، جمھوريت جي نالي تي عوام تي راتاھو ھينو وڃي
ٿو، امير وڌيڪ امير ۽ غريب وڌيڪ غريب بڻجي رھيو آھي، اڄ به شھيد نذير عباسي جي جي
جدوجھد ايتري ئي اھم آھي جيتري ان وقت ھئي.
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۰ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
ڪامريڊ نذير عباسي
ھاڻي ڇو نٿو پيدا ٿي
سگهي؟
عبدالوھاب منشي
مان نه ته ساڄي ڌر
جي سياست جو حصو آهيان ۽ نه ئي ڪميونسٽ پارٽي جو ميمبر، پر شهيد نذير عباسي پنهنجي
دور جي نوجوانن ۾ منهنجو آئيڊيل آهي، اڪثر نذير عباسي جي بھادري جون ڳالھيون ۽ قصا
مونکي ڪامريڊ ڄام ساقي، ادي حميده گھانگھرو، ڊاڪٽر جبار خٽڪ، منهنجي محسن غلام نبي
چانڊيو ۽ معشوق ملاح کان ٻڌا، مان بنيادي طور تي ڪالم نگار، ليکڪ ۽ هاڻي ھڪڙو وڪيل
آهيان، پر مان سوچيان ٿو ته نذير عباسي ڪھڙو نه ڪمال جو نوجوان ھوندو، جنھن ٽنڊوالھيار
جي ھڪ پورھيت جي گھر ۾ جنم ورتو، هن شاگردي جي دور ۾ سياست ۾ پير پاتو، پورهيتن، هارين
۽ پيڙجندڙ طبقي جي نمائندگي ڪئي، جنھن سان ھن سياست جي ميدان ۾ نالو ڪمايو. ھن
نوجوان ايشيا جي ماڊل دڪٽيٽر جنرل ضياالحق جي جي آمريت جو مقابلو بھادري سان
مقابلو ڪيو، ان جي مثال ڪي ٿورا ئي ملندا، ھن ان دور جي فوجي سازشن خلاف عوام ۾
سجاڳي آندي، ان ئي جدوجھد دوران ھو گرفتار ٿيڻ بعد بدترين تشدد ڀوڳيو ۽ سرڪاري
تحويل ۾ ئي شھادت جو جام نوش ڪيو. سندس ان عمل ھن کي تاريخ ۾ امر بڻائي ڇڏيو.
اپريل تي سندس ۷۰
ھين سالگره ملھائي وئي. جيتوڻيڪ ھو جسماني طور اسان ۾ موجود ناھي پر وطن توڙي عوام
جي آجپي واري جدوجھد ڪندڙن جي فڪر ۾ ھو ھميشه زنده رھندو، اڄ به سڄي دنيا ۾ روشن
خيال سياست ڪندڙ دنيا ۾ سمورا ماڻھون نذيرعباسي جي جدوجھد کي سرخ سلام پيش ڪن ٿا.
مان پنھنجي طور تي
نذيرعباسي جي وني ادي حميده گھانگھرو يا پنھنجي سانگھڙ واري دوست جميل احمد اڳيان
اھو سوال رکان ٿو ته اڄ سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ شاگرد تنظيمن ۾ ڪو نذيرعباسي ڇو پيدا نٿو ٿئي؟
ڪو منور سھروردي پيدا نٿو ٿئي، ڪو نجيب پيدا نٿو ٿئي ؟ جيتوڻيڪ سنڌ ۾ شاگرد تنظيمون
پڻ ڪم ڪري رھيون آھن، ان سوال جو ڪنھن به اڄ تائين اطمينان وارو جواب نه ڏنو آھي.
ٻين جيان مان به سوچيندو
آھيان، منھنجو به ھڪ نظريو آھي، ھڪ دور ھو جڏھن سياست عبادت جو درجو رکندي ھئي ۽
ان ۾ شامل ماڻھون پنھنجي آدرشن ۽ مقصدن سان سچا ھئا ۽ ڪميٽيڊ ھئا. ان جي مقابلي ۾
ھن وقت جي سياست ۾ اھا ڪميٽمينٽ نه رھي آھي، ڪارڪن پاڻ کي ارپڻ واري جذبي کان وانجھيل
آھن.
بدقسمتي سان اڄ
سياست اھڙي چوواٽي تي اچي وئي آھي، جتي سياست ۾ ماڻھون ڪمائڻ چاھين ٿا، نوڪريون
حاصل ڪرڻ چاھين ٿا. ھن دور ۾ گھڻو ڪري نوڪرين وڪڻڻ، بدلي ڪرائڻ سان ليڊرن نالو ڪمايو
آھي، مال ڪمايو آھي، ڪيترن ئي ليڊرن نوڪرين يا بدلين ڪرائڻ دوران مال ميڙڻ ۾ شھرت
حاصل ڪئي آھي، جڏھن اھڙي سڃ ھوندي ته پوءِ اتي نذيرعباسي ڪيئن پيدا ٿيندو؟ نه رڳو
ايترو پر ھن وقت جيڪو به سياست جي دنيا ۾ داخل ٿئي ٿو ته ان کي فلاڻي يونٽ ۽ فلاڻي
برگيڊ وٽ حاضر به ٿيڻو پوندو آهي، پوءِ ان دوران جيڪو فيصلو ٿيندو، ان موجب ڪم
جاري رھندو. ڪيترائي پراڻي پگھار تي ساڳي نوڪري ڪرڻ ۾ مصروف آھن.
مان پنھنجي والد
صاحب مرحوم شھاب الدين منشي جي سياسي حلقي جي دوستن سان اڪثر ڪچھري ۽ بحث ۾ ھڪ ڳالھه
ڪندو آھيان ته ھاڻي شايد سياست ۾ ڪڏھن به نظرياتي سياست پروان نه چڙھي سگھندي. نظرياتي
سياست ته ھئي ڪميٽيڊ ماڻھن سان مشروط، ان دور جي ماڻھن ته آمريت کي للڪاريو ھو، لڳي
ٿو ته اھا سياست جنرل ضيا واري جھاز سان گڏ ئي ڪريش ٿي وئي.
مونکي پري پري
تائين ڪا به ڪميٽيڊ سياست، مال ڪمائڻ واري سياست جي اڳيان نظر نٿي اچي. ھا نذير
عباسي جھڙا ھيرو به صدين ۾ پيدا ٿين ٿا، ملڪ جي سياست ۾ يقينن ڪي ڪميٽيڊ ماڻھو
ھوندا پر اھي اٽي ۾ لوڻ برابر ئي ھوندا. جيڪي رڳو گمنامي ۾ ھوندا، ھن تباھي واري
دور ۾ پنھنجي حياتي جي گاڏي کي گھليندا ھوندا. انھن ھيرن جھڙن ماڻھن تي ھن دور جي ٻه
نمبري ماڻھن، چورن ۽ ٺڳن جي سياست حاوي ئي ھوندي. ان ڪري مان نظرياتي سياست کي
ھميشه جي لاءِ موڪلائي ويندڙ سياست سمجھان ٿو.
(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۲ اپريل ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
شهيد نظير عباسي
اهڙا مرد مجاهد پيدا ڪريو
صالح بلو
شهيد نظيرعباسي جهڙن
کي ياد ڪرڻ قومي فرض ۾ شمار ٿئي ٿو، جنهن جي زندگي محنت جدوجهد سچائي، ايمانداري
جي هڪ مثال هو، سچ ته اهو آهي ته شهيد جيڪو مظلومن جو آواز ٿي ڌرتي تي جنم وٺندو
آهي ليڪن وڏو ماڻهو شهيد ٿئي ته ان لاءِ ڪئين تقريبون ٿينديون آهن، ليڪن غريب کي
ياد ڪرڻ وارا صرف اهي نظرياتي هوندا آهن، اهڙن شهيد کي قومن جي امانت سمجهيو ويندو
آهي، شهيد نظير ڪو جاگيردار، سرمائيدار وڏيري جي گهر پيدا ڪو نه ٿيو، بلڪ وچولي ڪلاس
جي اسٽامپ ويندڙ جي گهر حيدرآباد ڀرسان ٽنڊو الهيار ۾ پيدا ٿيو، قدرت کيس ننڍي
هوندي کان ڏات ڏني جيڪو حساس دل رکندر انسانيت جو علمبردار هو، جنهن گهرو ماحول ۽
آس پاس جي ماحول کي سمجهڻ شروع ڪيو ۽ علم جي روشني کي بنياد بنايو هر ٻار ماءُ جي
پٺيان قدرتي عمل سان هوندو آهي، ڀلي محلاتن ۽ غريب جي گهر پيدا ٿيو هجي انسان جو
ضمير جڏهن جاڳي ٿو، ته هو ڪنهن به اڳيان نه ٿو جهڪي ۽ ان جي خاتمي لاءِ سوچي ٿو،
جيڪو سوچ نٿو رکي اگهو جانور جيان هوندو آهي، جنهن لاءِ زندگي ڪي معنيٰ نه ٿي رکي
شهيد نظير عباسي جنهن گهر وارن کي بوجھ بنجڻ بجاءِ محنت کي عظمت سمجهيو ۽ علم کي
اصلي دولت ۽ زندگي جو رستو ماڻن سمجهي ان کي جبر سان قبول ڪندي پڙهڻ سان گڏ ٽاڪ
منجهند جو ڇولن جو ٿال مٿي تي رکي هوڪا ڏيندو وڪرو ڪري نه صرف تعليم جو خرچ ڪڍندو
هو بلڪ اڃان به والدين جي مدد ڪندو هو، اهو ڪونهي اڄ جي دور وانگر پڙهائي وري ڪاپي
ڪرائجي پاس ڪرائجي ڏوڪڙن توڙي ٻين اڳيان ڪنڌ جهڪائي پيري پئي ظالمن جابرن کان
معمولي نوڪري لاءِ منٿون ڪري حاصل ڪجي اهڙي غلامي شهيد نظير عباسي ڪڏهن به قبول نه
ڪئي، جيڪو علم جي روشني ذريعي پاڻ موکيو ۽ هوشيار شاگردن ۾ شمار ڪيو ويندو هو،
جنهن جي ساراھ خود استاد به ڪندا هئا، چوندا آهن ته ڏات ڪنهن جي ميراث نه آهي،
شهيد فلمن جو به شوقين هوندو هو، سندس سريلو آواز به ٻين کي موهي وجهندو هو، جنهن
کي قومي درد ۽ مظلومن جو وڏو احساس هو اڪثر تون هندو بني گايا مسلمان بني گا
انساني ڪي اولاد هي انسان بني گا يا وري پڃري ڪي پنڇي تيرا درد نه جاني ڪوئي ڳائيندو
هو، جيڪو اڪثر ٿيندڙ احتجاجن ۾ شامل ٿي ويندو هو، سندس زندگي تي گهڻو اثر زرقا فلم
جو ٿيو ۽ جڏهن سنڌي ٻولي ۾ لسٽن جي تحريڪ هلي رهي هئي ته هو گهر وڃڻ بجاءِ سڌو ان
بک هڙتال ۾ شامل ٿي ويو، جيڪو پهرين ماروئڙا اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ شامل هو. پوءِ جيل
مليل ڪامريڊن جي سوچ ۽ نظرئي کي سمجهڻ بعد ايس اين ايس ايف ۾ شامل ٿي ويو، بعد ڊي
ايس ايف جيڪا ملڪي سطح جي شاگرد تنظيم جو صدر بنيو، جنهن تنظيم تي ۱۹۵۴ع ۾ قائم ٿي، ان تي بندش وڌي وئي هئي، جنهن
کي ٻيهر منظم ڪري ان جو صدر ٿيو، شهيد نظير عباسي هڪ نظرياتي ادارو هو، جنهن اهو
محسوس ڪيو ته جيڪي پورهيت ڏينهن رات محنت ڪن ٿا، جن جي اولاد نه ڪي اسڪول نه صحيح
رهائش پاڻي صحت جون سهولتون جيڪي گندگي جي ڍيرن گندن نالن وٽ رهندا آهن، جيڪي
بدبودار ماحول ۾ گهربل آهن، جن کان هر ڪو نفرت ڪندو اچي ٿو، جيڪي مختلف بيمارين ڪري
به ڄڻ ڊاڪٽرن جي تجربن توڙي سرمائيدارن صنعتڪارن جي ڪمائي لاءِ بنيل رهيا آهن، انهن
گندگي وارن علائقن ۾ شهيد نظير عباسي پورهيتن کي نه صرف منظم ڪندو رهيو ۽ اصل
حقيقتن کان آگاهي ڏيندو رهيو، جيڪو ٽنڊو الهيار جي ٽائون ڪاميٽي ۾ ناڪي منشي طور
ملازمت ڪرڻ باوجود پورهيتن جي حقن لاءِ پنهنجي اها معمولي ناڪي منشي واري نوڪري به
وڃائي ڇڏي، شهيد نظير عباسي جيڪو مختلف وقتن ۾ جيلن جا مانهن ڏسندو رهيو، ليڪن کاڌي
پيتي توڙي گهربل ضرورتن جون خواهشون نه ڪندو هو سادگي جو پتولو جنهن جي اهڙي خاوشي
۽ انسانيت واري سوچ تي سنڌ جي مشهور دانشور طارق اشرف پڻ پنهنجي ڪتاب جيلن جي ڊائري
۾ پڻ چند اکرن ۾ ڏيئي ڇڏي، شهيد نظير عباسي ڪامريڊن جي ڪيل فيصلي تحت مارچ ۱۹۷۷ جي اليڪشن ۾ صوبائي تڪ حيدرآباد سهر مان
مير رسول بخش ٽالپر جي مقابلي ۾ بيٺو اهو ڪونهي ته هر ماڻهو ساڳيو ڪم ڪري سگهي ٿو،
ليڪن ساڳئي سوچ لوچ رکي سگهي ٿو، جنهن جو به ضمير سجاڳ هوندو، انسانيت جي ٿوري ۾
زري هوندي هو پنهنجي ڪردار ادا ڪندو رهندو، دنيا اندر جيڪي به تبديليون آيون آهن
اهي ارتقا جي عمل جو نتيجو رهيو آهي ۽ انڌ عقيدن ڪري غلامي ۽ نفرتن جو گهر بنيل
رهيون، جن جي ڪري ئي ڪائنات سڀني بجاءِ مخصوصن لاءِ بنائي وئي آهي، شهيد نظير
عباسي جي زندگي ان جي ٿيندڙ ايس ايف ايس ايف جي اڳواڻ حميده گهانگگهرو سان شادي
رچائي جيڪا ڪامريڊ محمد هاشم گهانگهرو جي نياڻي هئي، اڪثر وڏا ماڻهو ته وڏن شهرن
هو شان ۾ وڃي پنهنجي شادي جي خوشين جو ويلمو رچائيندا آهن، ليڪن شهيد نظير عباسي
قلي ڪئمپ ڪوئيٽا ۾ گرفتار ڪري فوجي جنتا جو شڪار بنيو ته سندس زال حميده گهانگهرو
پنهنجي ساٿين پير شهاب الدين ڪامريڊ سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ رمضان
ميمڻ ڪمال وارثي اڳواڻن ۽ٻين سان گڏ مچ جيل بلوچستان ۾ هارين جي تحريڪ ۾ سڙندا
رهيا، شهيد نظير عباسي جي زندگي اڪثر روپوش ۾ گذري جيڪو ڪٿي مشتاق شاھ ته ڪڪٿي ڪهڙِ
نالي سان هوندو هو ۽ جنهن گهر ۾ رهندو هو ان جي ڀاتين وانگر گهر جي ڪم ڪارين ۾ هٿ
ونڊائيندو هو، جيڪو وقت جو پابند اصولن وارو سچار انسان ڪنهن اڳيان نه جهڪيو نه وڪيو
بلڪ پنهنجي زندگي ضمير ۾ مليل قدرتي ڏات توڙي نظرئي جي پختگي سان وڙهندو رهيو
نظريوئي سندس مضبوط ارڏن کي قائم رکندو آيو شهيد نظير عباسي جي اهڙي دليري ۽
بهادري قلي ڪئمپ ڪوئٽه ۾ فوجي جنتا ڏسي چڪي هئي، ته وري عوامي طاقت ڪري کيس ڄڻ
چئلينج ڪري ڇڏيو ويو هو، جنهن فوجي جنتا جي ٿيل ڏاڍ وقت به اهو چوندو رهيو ته هو هڪ
دفعو جيڪو ڪجھ ٻڌائي ٻيهر پڇي ڏسجو ۽ واقعي هن جي بهادري جي اهي فوجي به گهڻا
شيدائي ٿيا، جن کي به شهيد نظير عباسي جي ڪردار ۽ اندر جو انسان پڻ پنهنجو ڪندو
رهيو، جنهن قلي ڪئمپ ۾ مانڌل شر اشوڪ ڪمار پڻ بند هئا، جن سائين سان شهيد نظير
عباسي ڳائڻ جي انداز ۾ ٻڌائي رهيو هو ته هو هتي آهي، ڄڻ پنهنجي زندھ هجڻ ۽ مضبوط ارادن
بابت چئي رهيو هو، شهيد نظير عباسي جڏهن ته نظير عباسي کي عوام جي مطالبن تي ڇڏيو،
ليڪن اهو چيو ويو ته هو ٻيهر هٿ آيو ته نه بچندو ليڪن نظريو ئي مرندو ناهي جنهن جي
اندر جو انساني جاڳيل رهي ٿو، شهيد نظير عباسي جيل مان نڪرڻ بعد آرام ڪرڻ بجاءِ سڪرنڊ
۾ ٿيندڙ هاري ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي ۽ ساٿين جي روڪڻ باوجود ڪوڏر کڻي ڪم کي شروع ٿي
ويو محبتي انساني ڪنهن کي ٽائم ڏيندو هو ته وقت تي پهچڻ سندس مشن ۾ شامل هو، جنهن
نظريئي سان گڏ اصولن کي پنهنجو بنايو، ڊسپلين سندس اصولن ۾ شامل هو، شهيد جڏهن ساٿين
سان گڏ ڪراچي ۾ گرفتار ٿيو، فوجين جي تشدد جو نشانو بنايو فوجي جنتا فيصلو ڪري چڪي
هئي ته کيس نه ڇڏبو، شهيد پڻ تشدد سهندو رهيو، ليڪن نظير عباسي کي شهيد ڪيو ويو،
جنهن جو لاش جڏهن وارثن کي ڏنو ويو ته انهن خوف کان وصول نه ڪيو نه وري ساٿين وصول
ڪيو، جيڪي وڏا انقلابي سڏيا ويندا هئا نظير عباسي جو وارث وري به عبدالستار ايڌي
بنيو جيڪو عالمي طور سماج سڌارڪ انسان سڏيو وڃي ٿو، جيڪو پڻ هڪ ادارو آهي ڄاڻي ته
سور سامائي ته سک ويا هڪ ان انساني دوست ايڌي سان کلن خيراتن تي ويڙھ ڪئي وئي، ٻئي
طرف سندس ساٿي ڊاڪٽر اديب رضوي جي دوائن واري گاڏي کي ڦريو ويو، جنهن عبدالستار ايڌي
پنهنجون اکيون عطئي ۾ ڏيئي ڇڏيون عبدالستار ايڌي جنهن شهيد نظير عباسي جو لاش حاصل
ڪري ڪراچي ۾سخي حسن قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن شهيد نظير عباسي جي
قاتلن خلاف ڪو به قدم نه کنيو ويو، جيڪو پڪاري رهيو آهي شهيد بنظير ڀٽو ڄاڻ هوندي
پنهنجي مهبي ڀاءُ جي قتل خلاف ڪجھ نه ڪري سگهي نه وري شهيد بينظير ڀٽو جي قاتلن جي
ڄاڻ هوندي سندس ور اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ڪجھ ڪري سگهيو، شهيد نظير عباسي ٻين
شهيدن جا ڏيهاڙا ملهائڻ قومي فرض ۾ شامل آهن، جن کي نه وسارڻ گهرجي.
No comments:
راءِ ڏيندا