ڪامريڊ نذير عباسي
کيس جنم ڏينهن مبارڪ
حميده گهانگهرو
زندگي جنم کانپوءِ فنا ٿيڻ به هڪ قدرتي آهي. بس فرق صرف ايترو آهي ته ڪي تاريخ ٺاهين ٿا ۽ ڪي تاريخ مٽائين ٿا، ڪي سمجهو سڄي حياتي سوچيندا رهن ٿا. مختلف آدرش ۽ تبديلين جي خوابن ۾ پاڻ کي ختم ڪري ڇڏين ٿا ته ڪي وري واندو ويهي يا فضول جي انفرادي عملن ۾ وقت پورو ڪري هليا وڃن. پر جيڪي تاريخ جا سازگار کي سنواريندا ۽ سينگاريندا آهن. ڀلي جو کڻي انهن جي لاءِ ڪيتريون به ڏکيائون ڇو نه آيون هجن. جان مال جي قرباني کان وٺي رشتن ناتن جي بي حسين کي به منهن ڏنو هجي پر پوءِ به تن جي سوچ ۽ عمل جي آئيني کي ضمير کي آواز ۽ داغدار نه بنايو. اهي ڪردار هميشه ياد ڪيا ويندا آهن. ڪنهن صحيح چيو آهي ته اهي هر هر جنم وٺندا آهن. انهن جا جنم، مرڻ جي تصور کي مات ڏئي ڇڏيندا آهن. اهڙو ئي جنم اڄ ۱۰ اپريل تي هڪ بهادر، سجاڳ، ڌرتيءَ جي سچي سپوت، انقلاب جي آواز پنهنجي خون جي هر قطري ۾ محنت ڪش ۽ هارين کي، مزدور کي ظلم جو شڪار ٿيندڙ عورتن کي، معصوم بي وسي جو شڪار ٿيندڙ ٻارن جي آواز شهيد نذير عباسي جو جنم ڏينهن آهي.
