; سنڌي شخصيتون: پروفيسر مولابخش ڀٽو

02 May, 2022

پروفيسر مولابخش ڀٽو

پروفيسر مولابخش ڀٽو

هڪ دلبر دوست

پروفيسر ڊاڪٽر غلام رسول سومرو



مولابخش ڀٽي جو جنم لاڙڪاڻي تعلقي جي پاڙي مراد واهڻ ۾ پاڪستان ٺھڻ کان ٻٽي سال اڳ ٿيو. ننڍي هوندي مراد واهڻ جي جامع مسجد جي پيش امام وٽ هو قرآن شريف ناظران پڙھيو. جيتري قدر مون کي ياد پوي ٿو ته علي گوهر آباد وارو ملان مسلم پرائمري اسڪول مراد واهڻ کي ويهجو هو تنهنڪري هن پرائمري تعليم اتان پرائي هوندي. بنيادي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوء سيشن ١٩٥٥-١٩٥٤ع ۾ هو انگريزي پڙھڻ لاء ميونسپل هاء اسڪول ۾ داخل ٿيو.


جيتوڻيڪ هو اسانجي سٿ جي ذھين شاگردن بشير احمد پٺاڻ. محمد يوسف شيخ. غلام مصطفا بولاڻي. رسول بخش شيخ ۽ محمد يوسف جو ڪلاس ميٽ هو پر مون هن کي اسڪول جي ڪنهن به غير نصابي سرگرمين ۾ حصو وٺندي ڪونه ڏٺو. مگر نصاب جي مضمونن خاص ڪري انگريزي ۽ ميٿميٽڪ ۾ ڀڙ هو. مون کان ڪلاس جي لحاظ کان هڪ سال سينيئر هو. ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوء ڪو وقت هي گم هو. جن ڏينهن اسان علم ادب جي سيکڙاٽن جون شام جو ڏينهن ٺري جناح باغ ۾ ڪچھريون لڳنديون هيون تڏهن به هي جوان ان منظر کان ٻاهر هو. جڏهن اسانجي سنڌي سڄڻن سٿ قائم ٿي ۽ اسان سماجي طور متحرڪ هئاسي. تڏهن هي همراه ڪڏهن ڪڏهن محفل جو ڪنڊ پاسو وٺي ڪجھ فٽ اسان کان پرڀرو اچي خاموش ويٺو هوندو هو مگر سڄو توجه پنهنجي ڪلاس فيلوز ڏانهن هوندو هوس. ڪجھ ڏينهن کان پوء سائين غلام الله شيخ اسان جو توجه هن ڏانهن ڇڪائيندي چيو. هو مولابخش ڪجھ ڏينهن کان هتي اچي ٿو. توهان هن کي سڏي ڇو نه پنهنجي حلقي ۾ شامل ڪيو ٿا. سائين غلام الله شيخ جي چوڻ تي بشير احمد پٺاڻ ۽ محمد يوسف لغاري هن کي پنهنجي سنگت ۾ گڏجڻ جي صلاح ڪئي ۽ کيس ٻانهن کان وٺي آڻي کيس ڪچھري ۾ ويهاريو.

اهڙي ريت مولا بخش ڀٽو اسان جي سٿ ۾ شامل ٿيو. پنهنجي خاموش طبع يا ڪنهن نفسياتي مسئلي سبب هو محفل ۾ اڪثر ڪري چپ ويٺو هوندو هو. جڏهن دوستن اها ڳالھ نوٽ ڪئي ته کانئس سنگت ۾ خاموش ويهي رهڻ جو سبب پڇيو. هو ان وقت پنهنجي ڪيف ۾ هو ۽ ڪجھ ٻڌائڻ کان پئي نٽايو. سائين غلام الله آخر ڪار سڀن جو ڪلاس ٽيچر ٿي رهيو هو ۽ هن کي اها ڄاڻ هئي ته مولا بخش ڪلاس ۾ به خاموش طبع شاگردن مان هو. چوندا آھن گدرو گدري کي ڏسي رنگ ڪڍندو آھي. مهيني اڌ کان پوء آهستي آھستي هن جي خاموشي ٽٽي ۽ هو سنگت جي ڳالهين ۾ شرڪت ڪرڻ لڳو. سنگت جي سوشل قسم کان سواء هو سٿ جي سنجيده گڏجاڻين ۾ به پنهنجي طبيعت سارو ڀاڳ وٺندو هو.

جڏهن اسان سنڌ اسٽڊي سرڪل جو بنياد وڌو تڏهن هو دوست سرڪل جي بنياد وجهندڙن ۾ شامل هو. اسان مان ڪن دوستن کي جن ۾ بشير احمد پٺاڻ ۽ مونکي کي سائين غلام الله شيخ ٽاسڪ ڏنو ته مولا بخش ڀٽي کان سندس ذاتي مسائل جي باري ۾ پڇي هن جي دل جو بار هلڪو ڪيو. اسان باغ جي هڪ پاسي ۾ ويهي هن کان دل جا احوال ڪندي سندس ذاتي زندگي جي باري ۾ گفتگو ڪئي. ساڻس ڪجھ گنڀير مسئلا هئا پر وڏو مسئلو آمدني جو هو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسانجي ساٿ مان ڪيترا دوست اهڙن مسئلن سان دوچار هئا.

مولابخش جي مسئلي جو حل سندس کيسي ۾ پيو هو. سڀني کي خبر هئي ته هو هڪ هوشيار شاگرد ٿي رهيو آھي تنهن ڪري ٽيوشن پڙھائي هو پاڻ پنهنجو مسئلو حل ڪري سگهي ٿو. ٿيو به ائين هن سائين غلام الله شيخ ۽ ٻين دوستن جي صلاح تي ٽيوشن پڙھائڻ جو اردو ڪيو. مراد واهڻ ۾ کيس ڪجھ ٽيوشن پڙھڻ وارا شاگرد ملي ويا. خدا جي ڪرڻي انهن ڏينهن ۾ لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪمشنر جي نوٽيفڪيشن تي لاڙڪاڻي جي ايڊيوڪيشن آفيسر جي نگراني ۾ پرائمري سيڪشن ۾ پرائمري استادن جي انٽرويو ذريعي ڀرتي ٿي. جنهن ۾ مولابخش جي تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد جي حيثيت سان تعيناتي ٿي.

اسانجي سنگت ۾ اڪثريت غريب لڏي جي هي. اسان جهڙن لاڙڪاڻي جي شاگردن لاء مسٽر عبدالفتاح ميمڻ اهو هڪ وڏو تعليمي ۽ سماجي ڀلائي جو ڪم ڪيو جو لاڙڪاڻي جي غريب طبقي جي گهراڻن جي ٻالڪن کي پنهنجي آئيندي کي سنوارڻ جو موقعو مليو. دوستن سان مولابخش به پرائيويٽ طور آرٽس ايڊ ڪامرس ڪاليج مان بي اي ڪئي. تنهن بعد هن بي ايڊ ۽ ايم اي ۾ ويهڻ جا سانڀاها ڪيا. انهن ڏينهن ۾ ايم اي پرائيويٽ جا امتحان اسلاميه ڪاليج سکر سينٽر ۾ پئي هليا. مولابخش جي بي ايڊ جو سينٽر به سکر ۾ هو. هڪ لحاظ کان همراه جي مٿان ٻٽو بار هو. سٿ ۽ سرڪل ۾ رهي همراھ هاڻي گهڻو سوشل ٿي چڪو هو. ۽ منهنجي نظر ۾ اسان جو هي دلبر دوست مهمان نواز وري اهڙو هو جو پنهنجي هڙ ڦرائي به سڀ ڪنهن جي اهڙي خدمت ڪندو هو جو ماڻھو کيس عمر ڀر ياد ڪندو وتي.

سکر واري بي. ايڊ ۽ ايم. اي جي امتحانن ۾ سنگت ۽ پاڙي جا ڏهاڪو کن شاگرد هئا. گهنٽا گهر لڳ سندس ويجهن مائٽن جو گهر هو اتان مانيون تيار ڪرائي هوٽلن ۾ ٽڪيل دوستن جون خدمتون به ڪندو هو ۽ رات جو دير تائين جاڳي پنهنجي پيپرن ڏيڻ جون تياريون به ڪندو هو. ڪمپريٽو بنياد تي پڙھي ڪيري خير سان اهي امتحان به سڀني سٺيون ڊويزنون حاصل ڪري اڪلايا. انهن ڏينهن مولابخش جي بدلي شاھ محمد اسڪول لاڙڪاڻي ۾ ٿي چڪي هئي. ڪورٽ ۾ هڪ ڀاڳوند نيڪ محمد ڀٽو نائڪ هوندو هو. پوء ماڻھو کيس نالي بدران نائڪ ئي سڏيندا هئا. ان کيس پنهنجي گهر جي ٻارن کي سٺي معاوضي جي عيوض ٽيوشن ڏيڻ تي مقرر ڪيو. ان کان پوء مولابخش ڀٽي جي مالي حالت مستحڪم ٿي.

انهن ڏينهن مراد واھڻ ۾ هن جي پنهنجن مان شادي ٿي. جنهن ڪري هو پنهنجي زندگي ۾ گهڻو سرهو پيو نظر ايندو هو ۽ پنهنجي والد مرحوم کي ڏاڍو ساريندو هو. چوندو هو بابا سائين هجي ها ته ڪيڏو نه خوش ٿي ها. قسمت جون ڳالهيون آھن هن جو والد کيس ان وقت اڪيلو ڪري ويو هو جڏهن اڃا هو کير پياڪ هو. اهي سڀ رنگ رنگي جا آھن. چوندا آھن ڏکن پٺيان سک سو ماشاء الله هي دوست ڀاڳوند هو شادي کان پوء صاحب اولاد ٿيو کيس پهرين اولاد پٽ جي ٿي جنهن جو نالو محمد يوسف رکيائين. ٻيو پٽ ممتاز اٿس جنهن ايم. بي. بي. ايس ڪئي آھي ۽ هو هڪ مسيحا جا فرائض انجام ڏئي رهيو آھي. وڏو پٽ محمد يوسف اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ۾ سٺي عهدي تي ڪم ڪري رهيو آھي. زماني جي لحاظ کان هن وقت سندس گهر ٻار خوش آھي ۽ خوشحالي واري زندگي گذاري رهيو آھي. هاڻي ته الله سائين جي فضل وڪرم سان سندس اولاد به صاحب اولاد آھي.

سنگت ۾ اسان ٻئي ڀلا تارون ۽ پکين جا شڪاري هوندا هئاسين. پنڌ جي لحاظ کان علي گوهر آباد ۽ مراد واهڻ ٻه ٻرانگهون پري ها سو مان کارڪن جي مند ۾ ساڻس گڏجي وهين جي شڪار تي ويندو هوس. مٽي جي گليلن ٺاهڻ جو سٺو ڏانو هوندو هوس. هٿ جو ايترو سڌو هو جو چست وٺي پکي کي گليل سان ڳوڙھو هڻندو هو ته کجي تان پکي لمندو ايندو هو. شڪار جي غرض ۽ شوق ۾ ايترو محو هوندا هئاسين جو پنڌ ڪندا ڪڏهن ڪڏھن وڃي ڦلن جو ڳوٺ کڻندا هئاسين. کارڪن. ڏوڪن ۽ انبن جي مند ۾ گرمي به چوٽ تي هوندي ھئي سو موٽ تي پير شير وارو ڇانوري ڏئي بمبر ۾ وهنجي سهنجي پاڻ کي ٿڌو ڪري گهر موٽي ايندا هئاسين. منهنجو دلبر يار هوندو هو. هن هن جي سٺن گڻن جي واکاڻ لکڻ تي پوان ته داستان لکجي پوندو.

ايڪهتر واري جنگ لڳڻ سان ئي اسانجي روزگار جا اڏا ڪارخانه بند ٿي ويا. اهڙي حالت ۾ ٻين سماجي حالتن سان گڏ ڪارخاني جي مزدورن جي روزي روٽي به متاثر ٿيندي آھي. مزدور جي گهر جي اٽي جا ٽين خالي. کيسو خالي ته پوء کيس گهر وارا به ڪونه ٿا سڄاڻن. سچ پڇو ته مونسان به اها ڪار ٿي. امان چوي جي گهر هلائڻ ۽ ماني ٻوڙ جو بندوبست ڪرين ته ماني ڏيندي مانئن. ان وقت جيڪي ٻٽي ڏوڪڙ کيسي ۾ هئا. کٽاڻ بازار مان چئي آني جي جوشي چانورن جي پليٽ مٿان فري ۾ مليل وڇير جي پاون جي گريبي سان پيٽ ڀري ايندو هوس. جڏهن کيسو خالي ٿي ويو تڏهن نائڪ جي اوطاق تي مولا بخش کي وڃي پنهنجو حال ٻڌايم. هن ٻارن کي ڏڌ پاڻي آڻڻ لاء چيو. اڍائي بجي ڪلاس آف ڪري سائيڪل تي چڙھي پهريون مڇي مارڪيٽ آيو. اتان سلاد لاء بصر، ٽماٽا ۽ ليمون ورتائين. گهر اچي منجهد جي ماني ڍئو ڪري کاڌي ته مون کي اکين ۾ ننڊ اچڻ لڳي. مان سندس اوطاق تي سمهي پيس. گهر مان رسي آيو هوس سو هن مونکي پنهنجي اوطاق ۾ پنج ڇھ ڏينهن رهايو ۽ قرب سان منهنجي خدمت ڪيائين.

علي گوهر آباد ڇڏي جڏهن اسان لاهوري محلي ۾ رهندا هئاسي. ته هو پنهنجي سڪ لاهڻ هفتي ۾ ٻه ڦيرا ضرور ڪندو هو. رائس ڪئنال جي درن کان ٽاپ تائين سائي ڇٻر هوندي هئي، اتي ويهي هن جو من پسند ميوو ڪينو کائيندا هئاسين ۽ هڪ ٻئي سان دل جون ڳالهيون ويٺا اوريندا هئاسين.

١٩٧٣ فبروري ۾ مونکي ڪراچي ۾ ليڪچررشپ ملي. هو به سکر وري سينٽر تي سنڌ گورنمينٽ جي قائم ڪيل بورڊ ۾ انٽرويو ڏئي. مون ڏانهن ڪراچي سوا ڪنج هاسٽل ملڻ لاء آيو ۽ ڏينهن ٻ گذاري ڳوٺ موٽيو. بفضل تعالا مون کان پوء ساڳئي سال هن کي به ليڪچررشپ جو آرڊر مليو. سندس پهرين پوسٽنگ ڪراچي جي سراج الدولھ ڪاليج ۾ ٿي. مون وڃي کيس ڪاليج جوائن ڪرايو هو جو منهنجو ڪاليج هن جي ڪاليج جي بلڪل سامهون هو. منهنجي گهر ۾ مونسان منهنجو ڀاء ۽ والده رهندي هئي. مون کي هن جي خدمت جو مناسب موقعو مليو هو سو مون هن کي ايستائين پاڻ وٽ رهايو جيستائين هن جي رهڻ جو بندوبست جامع مليه ڪاليج ملير جي هاسٽل ۾ ٿيو.

ڪجھ سالن کانپوء جامع مليه ڪاليج ملير ۾ بدلي ٿيس جتي ليڪچرر مان ترقي ڪري اسسٽنٽ پروفيسر ٿيو. ڪراچي ۾ رهندي هوٽلن جون مانيون کائي ٿڪجي پيو هو تنهن ڪري منهنجي ۽ دوستن جي صلاح تي ڳوٺان ٻار وٺي آيو ۽ ملير جي علاقي الفلاح سوسائٽي ۾ هڪ سٺي مسواڙي جاء وٺي آرام سان رهڻ لڳو. ملير ۾ رهڻ دوران هفتي ۾ ٻٽي ڀيرا اسان جي ملاقات ٿيندي هئي. ڪڏهن هو مون وٽ ايندو هو ۽ ڪڏهن مان هن وٽ ويندو هوس. سندس ٻارن جي ڪراچي۾ رهائش کان پوء اسانجي وچ۾ گهرو تعلقات قائم ٿي ويا هئا ۽ پاڻ ۾ پهريون کان وڌيڪ ميٺ محبت وڌي وئي هئي.

ايسوسيئيٽ پروفيسر ٿيڻ کان پوءِ لاڙڪاڻي آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج ۾ بدلي ٿي آيو. لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي ٻچڙن. ساٿ سنگت ۾ موٽي آيو هو تنهنڪري ڏاڊھو پيو خوش ٿيندو هو. هڪ ڀيري مان لاڙڪاڻي آيو هوس ته پاڻ ۾ ملي ڏاڍيون سڪون لاٿيون سين. لاڙڪاڻي ۾ دوست کي اوچتو دل جي دورو پيو. جنهن مان هڪ ڀيرو چاڪ چڱو ڀلو ٿي ويو هو. ٻيهر کيس وري دل جو دورو پيو. ان مان به ٺيڪ ٿي ويو هو. اسپتال جي اسٽاف کيس تقريبن وارڊ مان ڊسچارج ڪيو هئائونس مگر ٻاهر اچي جڏهن گهر وڃڻ لاء بينچ تي اچي ويٺو ته دوست کي وري دل ۾ سخت سور پيو جنهن کي هو سهي نه سگهيو ۽ راھ رباني وٺي اسان کان ڏور گهڻو ڏور هليو ويو. انا لله و انا اليه راجعون.

 

(پروفيسر ڊاڪٽر غلام رسول سومرو جي “يادگيرين جو هڪ ورق” تان رضوان گل کڻي فيسبڪ ٽائيم لائين تان ۱۰ اپريل ۲۰۲۲ع تي رکيو، جتان کنيو ويو آھي)

No comments:

راءِ ڏيندا