عبدالخالق شهيد سومرو
(۱۹۳۳ع ـ ۸ ڊسمبر۲۰۱۵ع - سيوهڻ جون ادبي
شخصيتون)
مير حاجن مير
عبدالخالق ولد غلام محمد سومرو، تعلقي سيوهڻ جي ڳوٺ
آراضي ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ئي حاصل ڪيائين. ۱۹۵۰ع ۾ ڳوٺ ڇڏي ڪوٽڙيءَ وڃي رهيو. پاڻ پرائمري
استاد هو. ۱۹۵۳ع ۾ ٽرينگ ڪاليج ۾ سنڌ جي نامور اديب غلام محمد گرامي جو فارسي پڙهائيندو
هيو. ان کيس همٿايو ۽ ادبي دنيا ڏي آماده ڪيو. سندس پهريون تخلص جوڳي هو پوءِ شهيد
رکيائين سندس شعر پڪو پختو ۽. پاڻ اعليٰ سخن گو شاعر هو. سندس هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن.
وڍيل ٿي وايون ڪري
(شاعري ۱۹۷۵)
شهيد جي شاعري بابت
مولانا غلام محمد گرامي لکي ٿو ته: شهيد جي ڪلام کي پڙهڻ کان پوءِ ايئن چئي سگهجي ٿو
ته هو هر فن مولا ۽ مواد جي لحاظ سان امنگ حوصلو، پيار ۽ سچ جي شاعري ڪري چڪو آهي.
سندس فن ۾ سوز ۽ ساز لاز غم ۽ الم، طلب ۽ تات جا ڪئي رنگين ۽ وجد آفرين مٿان موجود
آهن. جن جو مطالعو ڪرڻ کان پوءِ ڪوبه فن جو ڄاڻو نا اميد نه ٿو ٿئي. شهيد جي زبان
به سادي ۽ سوادي سهڻي ۽ مٺي آهي. سندس انداز بيان به ۽ پيشڪش ۾ به ڪشش ۽ رنگيني
آهي ۽ هر شعر ۾ سندس من جي امنگ ۽ احساس جي پو ڪيف ترجماني سمايل آهي. (گرامي، ۱۹۷۵)
(۲) ڏٺم ٻڌم پڙهيم. لکيم، ’تحقيق‘ ۱۹۹۵ع
هي ڪتاب تاريخ تي
لکيل آهي. جنهن ۾ مصنف ڪوٽڙي شهر ۽ تعلقي جي مذهبي، علمي، ادبي، تعليمي، ثقافتي، سماجي،
سياسي، ۽ مشهور شخصيتن متعلق قديم ۽ جديد مختصر تاريخ لکي آهي.
(۳) ٻوليءَ سدا ٻول (لغت) ۲۰۰۵ ع
هيءُ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ
جي گهڻ معنائن لفظن ۽ پهاڪن جي تشريحي لغت آهي. هي ڪتاب وڏي محنت ۽ جاکوڙ سان لکيو
ويو آهي. ڪتاب جي باري ۾ مصنف پاڻ لکي ٿو ته: مون پنهنجي زندگيءَ جو ڳپل حصو درس
وتدريس ۽ گذر معاش جي سلسلي ۾ ٻهراڙيءَ جي ماڻهن سان گذاريو آهي. انهن سادن ۽ صاف
انسانن وٽ جيڪو ٻوليءَ جو خزانو آهي. سو ڊگريون ۽ سرٽيفڪيٽ رکندڙ پڙهيل لکيل ماڻهن
وٽ مشڪل نظر اچي ٿو. مون کي ٻوليءَ جا گهڻا لفظ انهن هارين ۽ پورهيتن ماڻهن کان
حاصل ٿيا اهي موتين جهڙا لفظ جڏهن شاهه سائين جي رسالي سان ڀيٽيم ته ساڳيا لفظ
هوبهُو ملڻ شروع ٿي ويا. بس هڪ علمي ادبي جهوپڙي ٺاهي ان ۾ هڪ ڏيئو ٻاريو اٿم الله
کيس هوائن کان بچائي.” (سومرو. ۲۰۰۵)
سنڌ جو نامور ڪهاڻيڪار
ڊراما رائيٽر، مترجم عبدالقادر جوڻيجو لکي ٿو ته:
“سنڌي ٻوليءَ
جي هڪ خوبي اها به آهي. ته ان جي حر في پڇاڙيون متحرڪ ۽ سر واريون آهن اعترابن جي
معمولي ڦيرڦار سان لفظن جي معنيٰ ۽ مطلب ۾ واضع فرق سامهون اچيو وڃي ڪيترائي لفظ
ته وري اهڙا آهن جيڪي ساڳيون اعرابون رکڻ جي باوجود به پنهنجي اندر معنيٰ ۽ مطلب ۾
انفراديت رکندي نظر اچن ٿا. محترم عبدالخالق شهيد سومرو پاران تيار ڪيل سنڌي ٻولي
جي خاص لفظن ۽ اصطلاحن جي هيءَ تفابلي ۽ تشريحي لغت ان سلسلي ۾ هڪ جامع اڀياس پيشر
ڪري ٿي. ان کان علاوه هن لغت ۾ مختلف جاين تي اهڙن خاص لفظن جي تشريع بيان ڪندي. حوالي
طور شاهه لطيف جي بيتن کي پڻ ڪتب آندو آهي. جيڪي تحقيق جي “سند” جون ساکون پريندو
نظر اچن ٿا. “جوڻيجو، ۲۰۰۵)
(۴)محبت ۾ ئي برڪت آهي (شاعري) ۲۰۰۸ع
شهيد صاحب سنڌي ٻوليءَ
جو ڄاڻو، لغت نويس، محقق ۽ بهترين شاعر هو. سندس چوٿون ڪتاب محبت م ئي برڪت آهي. عبدالقادر
جوڻيجو لکي ٿو ته
“غريب مڙس
هوندي اوطاق جو خان خانان، جي ادبي ٻوليءَ جا گل ٽڙن، جي پنڌ پئي ته ڇيهه نه اچي
جي دعوت ڪري ته ويٺو کاءُ ۽ آڱريون به کائي وڃ، ۽ جي ڀلاڪاوڙجي ته وڌ ۾ وڌ اڌ ڪلاڪ
۽ راضپي ۾ هجي ته محبت جا مڻ، رٽائر پرائمري استاد آهي. هڪل ڪري ته سڏ تي ڪيئي ماڻهو
اچي ٽُٽن ڀلا ڪتاب رکي ته اسان پارن پڙهندڙن جي واهه واهه...” (جوڻيجو، ۲۰۰۸:)
عبدالخالق شهيد
سومرو سيوهڻ جي سڀاڳي مٽي جو خوشبودار ماڻهو هو. جنهن جي ڪيل ادبي خدمت تاريخ ۾ کير
ٿر جيان اڀي بيٺي آهي. شاعري، هجي تحقيق هجي، لغت هجي يا ٻولي هجي پاڻ هر هر صنف ۾
پاڻ ملهايائين، مهراڻ شاعر نمبر ۱۹۶۹ع ۾ سندس جنم ۱۹۳۴ لکيل آهي. سندس ڪتاب ڏٺم، ٻڌم، پڙهيم لکيم ۾، ۱۹۳۳ ڄاڻايل آهي. ۱۹۳۳ع درست سمجهڻ گهرجي. سندس شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.
چؤسٽو:
زماني جي نظر ۾ ڄڻ
اسان يار چريا آهيون
مگر پنهنجي ضميرن
کان نه هرگز ڦريا آهيون
“شهيد” عشق
کان نفرت نه ڪر پنهنجو گريبان ڏس
اسان سڀني کي
سمجهون ٿا چريا توڙي کريا آهيون
ڪافي:
ڏيرن ڪئي مَ وفا،
هاءِ الا!
سرتيون سُور ڏيئي
ويا!
ننڊ نوريءَ نيٺ نهوڙيو،
جاڳيس ڪين صفا،
هاءِ الا! سرتيون
سُور ڏئي ويا!
اديون مون ته اٻوجهه
سان جتن ڪئي آ جفا
هاءِ الا!
سرتيون سُور ڏئي ويا!
جهنگ جبل ۽ ڏاکڙا ٽيئي
پيا
هاءِ الا!
سرتيون سُور ڏئي ويا!
آيل نيٺ “شهيد” سان
ڪامل قرب ڪيا
هاءِ الا!
سرتيون سُور ڏئي ويا!
غزل
گهڻئي عشق وارن تي
الزام آيا
۽ سوري چڙهڻ
جا به پيغام آيا
يا هو زهر قاتل يا
هو آبِ زمزم
ڪري نوش ويا سون، جڏهن
جام آيا
نه مايوس آهيان، ٻڌي
تن جو خبرون
صبح جي نه آيا اهي
شام آيا
انهن کان ئي صدما
رسيا دل کي يارو
وفا جو ڪرڻ مونسان
انجام آيا
انهن کي ته ميخاني
۾ ڀي ڏٺو سون
مٿي سان ٻڌي جيڪي
احرام آيا
“شهيد” آهه ٿيو
شڪر واجب تنين جو
ڀري پرت وارا جي
اقدام آيا
نظم اکيون
ڪي حمد اکيون،
سبحان اکيون، ڪي ٻاجهاريون همدرد اکيون
ڪي مهر اکيون ڪي
خير اکيون، ڪي اکيون دهشتگرد اکيون
ڪي ڀٽ اکيون، ڪي
شاهه اکيون، ڪي دولهه دريا خان اکيون
ڪي ٿر اکيون ڪي بر
اکيون، ڪي ڪاڇو ڪوهستان اکيون
ڪي ويڻ اکيون ڪي سيڻ
اکيون، ڪي کير اکيون ڪي کنڊ اکيون
ڪي ڀاءُ اکيون ڪي ڀيڻ
اکيون، ڪي چاهه اکيون ڪي چنڊ اکيون
ڪي نور اکيون مشهور
اکيون، ڪي موسا ۽ ڪي طور اکيون
دائود اکيون درويش
اکيون ڪي ذڪر اکيون زبور اکيون
ڪي اکيون ڪاڪ محل اکيون،
ڪي ماڙيءَ ۾ مومل اکيون
ڪي سين اکيون، ٻيجل
اکيون، ڪي سرڏين ان مهل اکيون
ڪي ٺلها ٺڪر ٿانو
اکيون، ڪي اکيون ڇپر ڇانوَ اکيون
ڪي کير اکيون، ڪي
هير اکيون، ڪي ڏات اکيون ڪي ڏانوَ اکيون
ڪي ڪاڻ ڪڍن ڪنِ ڪاڻ
اکيون،. ڪي ڪاڻ ڪڍن ڇاڪاڻ اکيون
ڪي سوچن ٿيون خد پاڻ
اکيون، ڪي ڄاڻ هوندي اڻ ڄاڻ اکيون
ڪي راشي رشوت خور
اکيون، ڪي آفت آدم خور اکيون
ڪي چور اکيون ڪي
مور اکيون، ڪي ماڻهو هوندي ڍور اکيون
ڪي ڪن ڪڇيون يار
اکيون، ڪي ڏسيو به ڪن ڪَن ٽارکيون
هي ڪهڙيون اکيون
افسوس اکيون، ارمان اکيون ويچار اکيون
ڪي ننگ سڃاڻن ننگ
اکيون، ڪي بيهديون بي ننگ اکيون
ڪي رنگ اکيون ڪي
چنگ اکيون، ڪي ڳاٽن سر سارنگ اکيون
هي ’شهيد‘ جون
اشعار اکيون، سهڪار اکيون افڪار اکيون
هي پنهنجي ڌن ۾ مست
رنگن هي محبت ميگهه ملهار اکيون
هي محبوبه ڏات ڏئي،
۸ ڊسمبر ۲۰۱۵ تي دنيا ڇڏي راهه رباني ورتائين کيس ڪوٽڙي ۾ مدفن ڪيوويو.
حوالا:
(۱) گرامي، غلام محمد، ۱۹۷۵: وڍيل ٿي وايون ڪري، شهيد سومرو بيڪ ٽائيٽل.
(۲)سومرو، شهيد۲۰۰۵: ،ٻوليءَ سدا ٻول، سنڌي لئگويج اٿارٽي
حيدرآباد.
(۳)جوڻيجو ،عبدالقادر، ۲۰۰۵: ٻولي سدا ٻول ، سنڌي لئگويج اٿارٽي
حيدرآباد.
جوڻيجو، عبدالقادر،
۲۰۰۸: شهيد سومرو ،محبت ۾ ئي برڪت آهي، سجاڳي پبليڪيشن حيدرآباد
(مير حاجن مير جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۹ اپريل ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)
No comments:
راءِ ڏيندا