ارشاد عباسي
سندس جدوجهد وساري نه
سگهبي
امداد علي اوڍو
۱۵ آڪٽوبر ۲۰۱۶ جڏهن ڀيڻ ارشاد عباسي لنڊن ۾ ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي سالياني ڪانفرنس ۾ شرڪت
ڪئي هيائون، ان موقعي تي کيس ڪتاب “ جل مشعل جل “ جو تحفو ڏئي رهيو آهيان. پاڻ ڪانفرنس
۾ تقرير به ڪئي هيائون، سنڌ ۾ ٿيندڙ انساني حقن جي لتاڙ جي کلي نموني ندا ڪئي
هيائون. ريڊيو وائيس آف سنڌ لنڊن جي نشريات بابت ڀيڻ ارشاد عباسي سان وقت به وقت ڳالهه
ٻولهه ٿيندي رهندي هئي. پاڻ ريڊيو جي نشريات کي سنڌين لاءِ انمول تحفو قرار ڏيندي چوندي
هئي ته هن تالابندي واري دور ۾ VOS ريڊيو ۽ ٽي وي واحد ذريعو آهن جتان سنڌ ۾ ٿيندڙ
بيواجين جي دنيا ۾ رهندڙ سنڌين کي خبر پوي ٿي.سنڌ جي قومي جدوجهد جي هيرو جنهن
پنهنجي سڄي ڄمار سنڌ جي پورهيت ۽ مظلوم عوام جي حقن لاءِ وقف ڪئي.
ڀيڻ سائين قاضي فيض
محمد جي نياڻي هئي. جڏهن به ڀيڻ ارشاد عباسي سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي هئي ته اڪثر
قاضي صاحب جو ذڪر ٿيندو هيو. منهنجي شاگرد جدوجهد واري دور ۾ قاضي صاحب سان ڪم ڪرڻ
جو موقعو مليو، ان وقت پاڻ عوامي ليگ جا نائب صدر هيا. پاڻ قاضي صاحب کان گھڻو ڪجهه
سکيو، ان بابت ڪنهن ٻئي موقعي تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪبي.
پيڻ ارشاد عباسي سنڌ
جي قومي حقن، خصوصن سنڌي عورتن جي حقن لاءِ وڏو ڪم ڪيو. اڄ جڏهن پنهنجي پياري ڀيڻ
جي وڇوڙي جي خبر ٻڌي اٿم ڄڻ ته پنهنجي گھر مان ڪنهن پياري ڀاتي جو وڇوڙو اندر کي
جھوري وڌو آهي. فرد ته وڃن ٿا ۽ هر ڪنهن کي وڃڻو آهي پر ڪن ماڻهن جي وڃڻ سان وڏوخال
پيدا ٿئي ٿو جنهن جي ڀرائي ممڪن ڪونهي ته ڀيڻ به انهن مان هڪ هئي ۽ پاڻ پنهنجي
جدوجهد جي حوالي سان هميشه ياد رکي ويندي.
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۹ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
ادي ارشاد
زنده دل شخصيت هئي
جامي چانڊيو
۲۰۱۱ جي ڳالهه آهي آمريڪا ۾ هيوسٽن ۾ سانا جو ڪنوينشن هو، مان پروگرام شروع ٿيڻ
کان اڳ هال جي ٻاهران ڪجهه دوستن سان بيٺو هوس، سامهون ڏسان ته هڪ مهربان ۽شانائتي
خاتون مرڪندڙ چهري سان تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندي مون ڏانهن آئي ۽ نهايت حجت سان
چيائين “جامي! ڪٿي گم هئين، مان سوير کان توکي ڳوليان پئي” . مون کيس نه سڃاتو پر
سندس پنهنجائپ، شفقت ۽ حجت ڏسي بيحد خوش ٿيس. وڏي پاٻوهه سان ملي ۽ چيائين “ مان
ارشاد آهيان جاويد قاضي جي وڏي ڀيڻ، پوءِ تنهنجي به ته وڏي ڀيڻ ٿيس نه!” ۽ پو واقعي
ائين ئي هيو، جڏهن به ملي هڪ وڏي ڀيڻ ۽ ماءُ جيان شفقت ۽ سِڪَ سان ڀاڪر پائي ملندي
هئي ۽ پنهنجائپ ۽ حجت سان ۽ وڏي اعتماد سان انيڪ موضوعن تي ڳالهائيندي هئي.
قاضي فيض محمد جهڙي
آدرشي انسان جي ڌيءُ، سنڌ جي عاشق، سدائين متحرڪ ۽ زنده دل انسان ادي ارشاد اڄ هن جهان
کان موڪلائي وئي، دلي ڏک ٿيو ۽ مان پنهجي دوست جاويد قاضي سميت سڄي خاندان سان دلي
تعزيت ڪيان ٿو.
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۹ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
ارشاد عباسي
سندس وڇوڙو سنڌ جي شعور
جو وڏو نقصان آهي
عابده گهانگهرو
قاضي فيض محمد صاحب
جي وڏي نياڻي. نهايت شفيق، مهربان، اڪابر سنڌ جي هڪ باشعور عورت. سانا جي اڳوڻي
نائب صدر ۽ ٻين ڪيترين ئي انيڪ خوبين سان ٽمٽار اسانجي مانائتي ادي ارشاد عباسيءَ
جون ڪيتريون ئي ساروڻيون دل تي سمنڊ وانگر اٿلي پيون آهن. مونکي يقين ئي نه آيو
صبح تقريبن ساڍي يارهين وڳي ادي تسنيم قاضيءَ کان فون تي پڪ ڪيم. کيس چيم ته ادي
حميده سان گڏجي اچان ٿي، پر ھمت نه ساري سگهيم.
بابا ۽ چاچا قاضي
فيض محمد دوست هئا. ادي ارشاد سان جڏهن به ملاقات ٿيندي هئي اسان بابا ۽ چاچا جن
جون ساروڻيون سليندا هئاسين. ادي ارشاد عباسي سنڌ جي تمام اڪابر عورتن مان هڪ هئي
سندس وڇوڙو سنڌ جي شعور جو تمام وڏو نقصان آهي.
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۹ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
ادي ارشاد عباسي
اسلم عباسي
جان جان هئي جيئري
ورچي نه ويٺي. شاه سائين.
سنڌ جي معتبر شخصيت
قاضي فيض محمد جي نياڻي ادي ارشاد عباسي جي اوچتي وڇوڙي تي ڏيه توڙي پرڏيهه ۾ رهندڙ
سڀني سنڌ واسين کي ڏاڍو ڏک ۽ افسوس ٿيو، پاڻ ان راھ رباني ڏانهن وئي جتان ڪوبه نه
وريو آهي.
سنڌ گريجوئيٽس
ائسوسيئيشن مورو طرفان اسان تاريخ ۱۴ آڪٽوبر ۲۰۱۸ع تي سگا آفيس مورو ۾ قاضي فيض محمد جي ياد ۾ ورسي تقريب
ڪوٺائي هئي ۽ اها خبر ۽ فوٽو فيس بوڪ تي رکيا.
ٻئي ڏينهن صبح جو
سوير آمريڪا مان ميسينجر تي مون کي فون ڪري چيائين ته سگا وارن کي جس هجي جن
منهنجي بابا سائين ۽ سنڌ جي حلالي فرزند کي ياد ڪيو آهي.
ان بعد ادي سان
سوشل ميڊيا ذريعي رابطو رهندو هو.
سگا مورو طرفان ڊاڪٽر
جاويد احمد ميمڻ جي سهڪار سان گذريل ڪافي عرصي کان هر سال چمڙيءَ جي بيمارين واري ڪيمپ
لڳائيندا آهيون، سندس نياڻو ڊاڪٽر نويد بلوچ پڻ ٽيم ۾ شامل هوندو آهي. ادي کي ٻڌايم
ته هي هڪ خيراتي ڪيمپ هوندي آهي، اوهان جو نياڻو ڊاڪٽر نويد بلوچ ايندو رهندو آهي ڏاڍو
خوش ٿي.
سگا ساٿي محمد
اسماعيل پنهور سندس وڇوڙي جي خبر ٻڌائي ڏاڍو ڏک پهتو ۽ افسوس ٿيو.هن موقعي تي سندس
خاندان، گهر ڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪجي ٿو.
جا ڀون پـيرين مون
سا ڀون مٿي سڄڻين
ڌڱ لٽبا ڌوڙ ۾ اڀي ڏٺا
سون
ڏينهن مڙيئي ڏون اٿي
لوچ لطيف چئي.
(اسلم
عباسيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۹ اپريل ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)
ادي ارشاد عباسي
وڇوڙو ۽ سندس ساروڻيون
حميده گهانگهرو
آه! ڪيڏو ته ڏکيو
لفظ آهي “وڇوڙو”. ادي ارشاد عباسي وڇڙي وئي! ڪا ڳالهه ٻڌڻ سولي هوندي آهي پر قبول ڪرڻ
ڏاڍي ڏکي هوندي آهي. بلڪل اهڙي طرح ارشاد عباسي جي وڇوڙي کي قبول ڪرڻ ڏکيوآهي. ڏاڍو
پيارو رشتو هو ساڻس. سنڌ جي هالاڻي شهر، ساهتي پرڳڻي جي باشعور، سياسي، سماجي،
تعليمي، ادبي ڄاڻ رکندڙ مشهور هاري اڳواڻ حيدر بخش جتوئي جو ساٿي، سياسي سوچ رکندڙ
قانوندان قاضي فيض محمد جي وڏي نياڻي ارشاد عباسيءَ پنهنجي ايماندار، سچائي ۽
غريبن جي هڏڏوکي جو جذبو پنهنجي پيءُ جي ڏنل تربيت واري روايت کي ساهه جي آخري گهڙي
تائين برقرار رکيو.
منهنجو ساڻس رشتو
جنم جنم جو رهندو ڇاڪاڻ جو قاضي فيض محمد کي ننڍي هوندي کان مان “ڪتابن وارو چاچا”
چوندي هئس . بابا جي هاري جدوجهد جو ساٿي، الاٽي هاري تحريڪ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندڙ
ڪڏهن به ڪنهن ڪانئر آڏو ڪاڻ نه مڃي. سندس پنهنجي پيرن تي بيهي پاڻ مڃرائڻ ضرور ادي
ارشاد عباسي کي ذهن ۾ هوندو جو هوءَ جتي به رهي واهه واهه جا لفظ، عزت ۽ احترام
سان سندس لاءِ هر ڪو ياد ڪندو هو.
۲۰ سال اڳ شاهه ڀٽائيءَ جي عرس دوران ادبي ميلي ۾اديبن ۽ دانشورن کي ڀٽ شاهه
پهچائڻ جي ذميواري ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي کي ڏنل هئي. هونئن ته سڄو ڪوسٽر ڀريل هو پر
ادي ارشاد عباسي، مون ۽ تاجل بيوس جي وچ ۾ گهڻا بحث مباحثا سڄي سفر ۾ رهيا. بقول
تاجل بيوس جي ته ايئن ٿو محسوس ٿئي توهان جو ست جنم اڳ جو رشتو آهي. ادي ارشاد جو ٺهه
پهه جواب ڏيڻ ته جيستائين هاري، مزدورن، شاگردن، عورتن ۽ ٻارن جي حقن جي جدوجهد
هلندي اسانجو رشتو اڻ ٽٽ هوندو.
اديءَ رٽائر ٿيڻ
کانپوءِ آمريڪا ۽ پاڪستان کي پنهنجو گهر ٺاهيو.هڪ ڀيري ڪچهري دوران کلي چيائين
حميده، مان آمريڪا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ امن جي برج آهيان. پاڪستان اچان ٿي ته هتان
جي مظلوم عورتن جا مسئلا، نوجوانن جي تعليم ۽ روزگار، غربت، بيروزگاري اندر کي
جهوري ٿي اها ئي ننڍي هوندي کان سُتي پيل حقن گهرڻ جو نعرو گونجي ٿو. وري جڏهن آمريڪا
ٿي وڃان ته اهو به شڪاگو جي شهيدن جو ڏيهه آهي. هت شاهه عنايت شهيد ته آمريڪا جي
مزدورن جي انقلابي جدوجهد سان رنڱيل ڳاڙهي جهنڊي جي سڃاڻپ آهي. ڳالهه ڪندي کلي
چيائين ته هتي سامراجيت ته هُتي وڏيرا، جاگيردار، سردار آهن. اسين ته پيسجندڙ عوام
سان گڏ آهيون.
انهيءَ جذبي ئي کيس
سانا جي نائب صدر طور ذميواري ڏني ڇاڪاڻ جو سانا ۾ سنڌ جي حقن جو آواز بلند ڪرڻ ڄڻ
دنيا کي جنجهوڙي اهو ٻڌائڻ هو ته شاهه، سچل، سامي جي سنڌ جتي مخدوم بلاول به گهاڻي
۾ پيڙايو ويو. جتي شاهه عنايت به شهيد ٿيو، جتي ارغونن ترخانن سان مقابلا ٿيا، سنڌي
ٻوليءَ جو بچاءُ ڪندڙ استاد ۽ شاگرد، ٺوڙهي ڦاٽڪ جا شهيد هجن يا مائي بختاور
.منهنجو ننڍڙو سهڻو سيبتو جوانيءَ ۾ رت جو ريج ڏيندڙ شهيد نذير عباسي هجي ڪيڏا نه
قرب ۽ حوصلي ڏيڻ جا رشتا آهن ۽ پوءِ کلي چوندي هئي ته ڀلا اهي عظيم ماڻهو وسري
سگهن ٿا. دراصل اهي جملا ڌرتيءَ سان وفاداري ۽ سچ حق خاطر ويڙهه وڙهڻ واري وچن جا
آهن. خوشحال زندگي گذاريندي به پاڻ کي ٺٺ ٺانگر ۽ آڪڙ ۾ هلڻ پسند نه ڪيو.
پاڪستان ايندي ئي
فون ڪندي هئي ته حميده ڪٿي ۽ ڪڏهن ملئون؟ مان تڏهن عوامي آواز جي ٽي وي تي پروگرام
سرتيون ڪندي هئس. بس پوءِ ته اهو ٺڪاڻو ملي ويو جتي مان آزاديءَ سان سوال ڪندي هئس
۽ ادي ارشاد پنهنجو سڄو جوش ۽ جذبو ظاهر ڪندي هئي. ۽ پروگرام کي ڪامياب ڪرائيندي
هئي، ڊاڪٽر جبار خٽڪ صاحب اسانجو سينيئر ۽ پراڻو ساٿي آهي انهيءَ ڪري ڪڏهن به ڪا
پروفيشنل پابندي نه لڳائي بلڪه اهو چوڻ ته پروگرام کانپوءِ ميٽنگ روم ۾ چانهن دوران
ڪچهري ڪنداسين. بس پوءِ ماضيءَ جي يادگار لمحن جي اندر جي اٿل اهو سڀ ڪجهه وساري ڇڏيندي
هئي ته ڪير مالڪ، ڪير هوسٽ، ڪير مهمان. اهي ئي سنڌ جا مسئلا، ۽ اها ئي جدوجهد جا
موضوع هوندا هئا. ادي ارشاد ڄڻ اسڪول جي شاگردياڻي وانگر سانا ۽ سندس ڪيل ڪاوشون ۽
آمريڪا ۾ سنڌ جي ڪيس کي وڙهندڙ بهادر حوصله مند کي ڏسڻ ٻڌڻ تي دل چوندي هئي ته جيڪر
کيس ٻڌندو رهجي. ادي ارشاد چيو ته آءُ پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ امن ۽ سچ ڳالهائڻ
جي برج آهيان پر جڏهن سندس چهري کي ڏسي ڳالهيون ٻڌبيون هيون ته ادي سامراج سوچ ۽ ڪينسر
جهڙي جان ليوا تڪليف واري ڪيفيت جي وچ ۾ ڄڻ اها برج هئي جيڪا چوي توهان ٻنهي کي جيڪو
ڪرڻو آهي ڪيو منهنجي جيستائين ساهه جي سڳي ساٿ ڏنو آخري ساهه ۾ پنهنجي ڌرتيءَ جي
ماڻهن سان ڪيل وچن سان الوداع ڪندس.
هڪ ڀيري ساڻس آمريڪا
فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي ته ٻڌايائين ته حميده، سانا جي اليڪشن ٿي رهي هئي مان اسپتال
داخل هئم، کلي ڊاڪٽرن کي چيم بس موڪل ڏيو، توهانجو علاج جاري هوندو ٻيو علاج جيڪو
مونکي جياريندو اهو آهي ته وڃي ڪجهه تنظيمي ڪم ڪيان. بلڪل اهو سچ آهي ته هوءَ جڏهن
به ڪنهن سان ملندي ته سندس چهري جي مرڪ ۽ وڏا ٽهڪ سندس بيماري کي دفن ڪري ڇڏيندا هئا.
عوامي آواز ويب چينل تي مختلف اشور تي ڪافي پروگرامن ۾ آئي. هڪ دفعي ڊاڪٽر جبار خٽڪ
صاحب بريسٽ ڪينسر تي ڊاڪٽر روفينه سومرو کي ليڪچر طور گهرايو ۽ پئنل ۾ زاهده جبار
۽ مهر النساءَ کي گهرايو. ڊاڪٽر صاحبه ڪينسر جي متعلق تمام تڪليف دهه صورتحال تي
به ڳالهائي پئي، پر ارشاد عباسي ڪنهن به وقت مايوس نظر نه آئي ته هوءَ پاڻ ان
بيماريءَ جي پيڙا کي ڀوڳي رهي آهي بلڪه سندن چهري جا تاثرات ڄڻ بيمارين سان مقابلو
ڪري ڏسندڙن کي حوصلو ڏيندا هئا.
شيخ حسينه واجد کان
بنگلاديش ۾ پنهنجي بابا جو مڃتا ايوارڊ ننڍي ڀاءُ جاويد قاضي سان گڏ وٺڻ وئي ته
پنهنجي بابا جي تمام گهڻين خطرناڪ مرحلن مان گذرڻ ۽ شيخ مجيب الرحمان سان ساٿ نڀائڻ
کي فخر سان ٻڌايائين ته ڏس بابا جي قربانين ۽ سچائي جو صلو اسان اولاد جي لاءِ ڪيڏي
فخر جي ڳالهه آهي ۽ هڪ منٽ جي خاموشي ۾ سندس چهري تي سوين سوال هئا. پر پاڻيءَ جي ڍڪ
وانگر پي وئي. مونکي فون ڪري چيائين اڄ مان عوامي آواز نٿي اچان تون هتي مون وٽ اچ
اوشن مال جي ويجهو گهر آهي ۽ ڇا کائيندينءَ اهو به ٻڌاءِ ته مون چيو ته بڇيا جو
گوشت، دال ۽ ٻيون سڀ سبزيون پسند آهن، مرغي ناهي پسند، دال جا ٻه فليور ۽ مڪس سبزي
پچراءِ چيائين اڄ گوشت بند آهي، نه ته پلاءُ پچرايان هان. محترمه رضيه کوکر به
سندس گهر جي لائين ۾ رهندڙ هئي کيس چيائين ته اڄ مان توکي پنهنجي دوست سان ملايان
هن جي وارن جي ڪٽنگ به تو وانگر آهي. مان حيرانيءَ مان ڏسان پئي ته هڪ ٽائيم تي هن
وٽ تعارف ڪرائڻ جا ڪيترا قسم آهن.
دراصل اها سندس سچائيءَ
جي گهرائي هئي جيڪا دل ۾ جهاتي پائي ذهن تائين ويندي هئي. رضيه کوکر صاحبه آئي ڊائننگ
ٽيبل کي ڏسي چيائينس ته دوست لاءِ اها ماني ٺهرائي اٿئي ته ٽهڪ ڏئي چيائين هيءَ ڪامريد
آهي. مان پڇيو هومانس ته توکي جيڪو پسند آهي اهو پچرايان ۽ پوءِ رضيه کوکر صاحبه
جا اهي مانائتا لفظ ته اهڙا ڪامريڊ ڪڏهن به ڪنهن لالچ ۾ نه جهڪندا آهن. ادي ارشاد
چيس جيڪا به جمهوري گورنمينٽ ايندي آهي هيءَ پنهنجن ساٿين سان گڏجي نذير عباسي
شهيد جي ڪيس تان هٿ نه کڻندي تحقيقات ۽ قاتلن جي سزا جو مطالبو ڪندي آهي. ۱۹۸۰ع کان ۲۰۱۸ع جو عرصو گهٽ نه آهي. وغيره وغيره ۽ پوءِ ڊاڪٽر
رضيه صاحبه جي ڀيڻ تعليمي ماهر روبينه سومرو جي گهر وياسين. ان جو گهر به انهيءَ
لائين ۾ هو . ۸ مارچ تي عورتن تي پروگرام ڪرڻو هو جن به عورتن سان ملون پيا ته ادي ارشاد ڄڻ
عوامي آواز جي پروگرام کي پنهنجي ذميواري پئي سمجهي. سندس جذبو هميشه سچن ساٿين
کان ڌار نه ٿيو. عوامي آواز ۾ اچي چوندي هئي ته هتي مونکي پنهنجن نظرياتي مائٽن
وارو سڪون ٿو ملي. ناصر خٽڪ لاءِ سندس خيال هو ته ننڍو فرمانبردار ڀاءُ آهي. اڪثر
فون تي سندس خيريت پڇي سلام ڏيڻ لاءِ چوندي. ناصر پاڻ به تمام گهڻي عزت ۽ خيال رکندو
هوس. اڪثر سانا جا حال احوال ۽ سنڌ جي صورتحال تي ڳالهائڻ پسنديده مشغلو هئس. مان
جڏهن سوچيان ٿي ته عوامي آواز اسٽوڊيو مان ڄڻ سندس آواز اچن ٿا. انسيت جو پنهنجو
فلسفو آهي. جيڪو هزار وهمن ۽ وسوسن کان مٿانهون آهي.
ادي ارشاد عباسي جي
وڇوڙي سندس خاندان ۾ اٻاڻڪائي ته پيدا ڪئي آهي پر سڄي سنڌ جو باشعور عوام هن باهمت
بهادر جي ڪمي محسوس ڪندو. آمريڪا کان اڏام ڪري جڏهن ڪراچي پهچندي ته پنهجي هر ساهيڙي
، سياسي، سماجي ادبي دوستن ساٿين کي اچڻ جي آگاهي ڏيندي. پر ڪجهه ڏينهن اڳ جي اڏام
کيس اهڙي پار وٺي وئي جتان وڃڻ ته پري پر جهاتي پائڻ جي به وٿي نه ملندي. ها جڏهن
پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائبي ته منهنجي وڏي ڀيڻ منهنجي ساٿياڻي گهڻين پريشانين ۾
حوصلو ڏيڻ واري ڍال جو ڪم ڪري اڳيان ايندي، انهيءَ اميد سان مان کيس الوداع نه ڪندس
پر سندس يادن کي جيءَ ۾ سانڍي گڏ هلڻ سمجهنديس.
هوءَ مونکي هميشه
چوندي هئي ڪڏهن به ڪنهن کان مراعات وٺڻ جي طلب نه ڪجانءِ. هتي ماڻهو مراعات وٺي
وقتي طور نالو ته پيدا ڪندا آهن پر جن وڇڙي ويلن سان وچن آ. اهو ٽٽي ويندو. انهيءَ
ڪري، ڀلي ٿورو ئي سهي پر هوندا ته هميشه گڏ. ادي ارشاد مان چاچا قاضي کي ڪتابن
وارو چاچا چوندي هئس ۽ توهان ان ڪتاب جو فلسفو سيکاريو آ.
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۰ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
آپا ارشاد
جيئڻ ناھ جڳ ۾، ڏينھن مڙئي
ڏور
جاويد قاضي
عجيب هئي اسان جي آپا
ارشاد. هوند پنج ڌيون هيون بابا جون. انهن مان چار هن وقت اکين آڏو ويٺيون ٿم. پر
آپا ارشاد واقعي به ڀٽائي جي ڪنهن ٻئي فهم وانگي ڪا ٻي ڳاله هئي. ڪا ولوڙ دل ۾
رهندي هئس ته جت بابا سڀ ڪجه ڇڏي ويو، هو ان کي اتان کان کڻي هلي. هن کي بابا جا سڀ
ساٿاري ڄاڻيندا ها. بابا گذاري ويو پر هن اهي سڀ رستا ۽ گس ڪونه ڇڏيا، ڪو ڀيرو نه ڀگو.
بابا جي گذارڻ وقت آئون ارڙهن سالن جو به مس هئس. پر هن اهي سڀ خال ڀريا جيڪي بابا
جي پٽن کي ڀرڻا ها. هو ماء به هئي ڌئ به هئي ۽ ڀيڻ به هئي. گڏو گڏ وطن پرستئ جي
رچنا ۾ ايئن رچيل هئي جو سڀ سٿ، سمورا سفر، پنڌ پيچرا کڻي هلندي رهي.
توهين ڪيڏا به ٿڪجي
پئو پر اهڙن پنڌن تي آپا ارشاد نه ٿڪبي هئي. هو ڌنار جيئن سڀن کي هڪليندي رهندي
هئي. گهر جي سڀن ڀاتين جي ڏک ۽ مسئلن ۾ سڀ کان اڳڀري. ڪو پري جو مائٽ ڪنهن مصيبت ۾
هجي، ڪنهن کي ڪا گهرج هجي، آپا حاضر. اسان جي امان جا تمام پري پري جا مائٽ ۽ واسطي
وارا ها. سڀني وٽ غمي خوشي ۾ هي حاضر. منهنجي ڪنهن سان ڪڏهن ڪا ورلي ملاقات اگر ٿيندي
به هئي ته منهنجو تعارف ڪنهن به اگر بابا جي نالي سان ڪرايو هوندو ته هڪدم سان ان
شخص مون کان اهيو پڇيو هوندو “اڇا توهين آپا ارشاد جا ڀاء آهيو”.
هن جا ٻه نالا ها. “ادي
ارشاد” “آپا ارشاد” جڏهن ته گهر ۾ اسين سڀ هن کي “اشي” چوندا هئاسين. مون کان ڀايان
ٿو پندره سال وڏي هئي، ڀيڻن ۾ چوٿين نمبر تي، جڏهن ته ڀيڻن ۽ ڀائرن واري کاتي ۾ ڇهين
نمبر تي هئي.
هالاڻي جا قاضي، ڪي
اڊائي يا ٽي سو سالن کان اهو لقب رکندا هجن. هالاڻي ڪلهوڙن جي زماني ۾ مرڪز هو يا
دارلخلافا هو. ۱۷۹۰ ڌارئ هالاڻي جي ميدان تي ميرن آخري مهاڏو ڪلهوڙن سان اٽڪايو
هو هنن کان بادشاهت کسي هين. هن کي اهي سب مندر ۽ محراب جون مسجدون، اهي ميدان ۽ اهو
پراڻو ڦاهي گهاٽ ۽ ان ڦاهي گهاٽ جو پڙاڏو سڀ ٻڌڻ جو شوق هو. اسان جو اباڻو قبرستان
به ان پراڻي حويلي جي پوئين پاسي هو ۽ اوترو ئي پراڻو ٿئي. ٻيو ڪير وڃين نه وڃين پر
هي ضرور ويندي هئيئ هن کي ڪير جهلي به نه سگهندو هو، ڀل پوء ڪيڏا به هن مرداني
سماج جو ڪوٽ وڏا ڇونه هجن. هو مردن سان گڏ شانه بشانه بيهي سگهندي هئي. هن کي بابا
جي ٽريننگ اهڙي جو ڏنل هئي.
۱۹۵۰ ۾ ڄائي، جڏهن هاري الاٽي تحريڪ جوڀن ورتو تڏهن سندس عمر ست سال هوندي، هو
بابا سان گڏ ان جي چيچ جهلي پئي هلندي هئي. جڏهن شهيد سهروردي، ڪامريڊ غلام محمد
لغاري وٽ ميرپورخاص ۾ مهمان ٿيو تڏهن سڃو وقت شهيد سهروردي هن چئن سالن جي ڇوڪري
سان ڳالهيون ڪندي ۽ کيڏندي گذاريو. نوابشاه ۾ بابا وٽ وڏا وڏا گويا اچن مهمان ٿيندا
ها. ان ۵۰ ۽ ۶۰ واري ڏهاڪي ۾ آپا ارشاد بابا سان گڏ، جڏهن جيل ويندو هو ته سڀ ڌيئرون هوند
چنبڙي وينديون هئس پر آپا ارشاد ويٺي ڏسندي ته ڪڏهن چاچا غلام هادي ايندو ۽ هن کي
جيل ۾ بابا سان ملڻ لاء وٺي ويندو. بابا راگ گنگائيندو ته هن جي سڀ ڌيئرون ويٺيون
هوندس. پر وري به آپا ارشاد جو شوق گهڻون هوندو.
اسان جي گهر ۾ به هڪ
وڏي بزرگ مائي هوندي هئي. جنهن کي اسين “جي جي” چوندا هئاسين سا جيڪا بابا جي ماء
هئي مون کي ٿوڙي گهڻي ياد پوي ٿي. پر هي سڀ جيڪي به گهر جون ڇوڪريون هيون اسان جون
ڀيڻون ۽ سوٽون سي سڀ جيجي جي جهولي ۾ پليون ۽ وڏيون ٿيو پنهنجي مائرن سان گهٽ پر
جيجي جي گرد کيڏنديون ۽ ڪڏنديون رهنديون. جيجي هنن کي آکاڻيون ٻڌائيندي هئي. وڏن
جون ڳالهيون بڌائيندي هئي هنن جي عجيب سوالن جا جواب ڏيندي رهندي هئي ۽ ڪڏهن به نه
ٿڪجندي. لوريون ڏئي انهن کي پاڻ سان گڏ سمهاريندي. ائين ئي آپا جا ننڊپڻ جا وقت
گذري ويا.
ڪنهن کي ياد هجي نه
هجي پر آپا کي سڀ پراڻيون ڳالهيون ياد هونديون هيون. مون کي ٻڌيائين ته منهنجي ٻانهن
۾ وڏو ڦوڙو نڪري پيو، طبيعت ڏاڍي خراب رهڻ لڳي، عمر منهنجي مس ٽي سال هوندي. ڳاله
وڃين ڳوٺ جيجي تائين پهتي. اوڏي مهل ئي نوابشاه لاء نڪتي ۽ لڳاتار چار پنج ڏينهن
مون کي پاڻ سان رکيائين. گرم ڪپڙي جو ننڊڙو ڳوٿرو ٺاهي ٽڪو ڪندي رهندي هئي جو اهوڦوڙهو
آخر پاڻ ڦاٽي پيو ۽ مان چاڪ ٿيڻ لڳم. چوندي هئي ته ايترو خطرو وڌي ويو هو جو سڀني
کي ڏاڍي تشوش ٿيڻ لڳي هئي.
آپا ارشاد اٿليٽ
هئي. اسان ڀائرن ۾ ۽ ڀينرن ۾ ڪو به اٿليٽ ڪو نه ٿيو. لانگ جمپ، هاء جمپ، سمر سالٽ،
ٿرو هنڊريڊ ميٽر، ۲۰۰ ميٽر ريس ڪيترا سارا ڪپ کٽي ايندي هئي. اسان جو گهر هن جي کٽيل ڪپن سان ڀريو
پيو هوندو هو ۽ ڪپ روز ڏسي دل ئي دل ۾ سوچيندو هئس ته اهي ڪپ هڪ ڏينهن مان به کٽيندم.
نيٺ آپا ڏه سال اڳ
امريڪا وڃين وسايو. سڀ سنڌ پرست ماڻهون وڃي ڳولهي لڌ آئين، حيراني مونکي تڏهن ٿي
جو جڏهن سانا جي اليڪشن ۾ ٻيٺي ته سانا جي تاريخ ۾ ڪنهن به ايترا ووٽ نه کنيا
جيترا آپا ارشاد کنيا. هو ٻين لاء ايترا متفق نه هئا پر جڏهن آپا کي ووٽ ڏيڻ لاء ٻيٺا
ته جهڙا سڀ متفق ها. آپا جي محبتن جي سفر ۾ پوک وڏي هئي. ڇا به ٿي پئي، ڪيتريون ئي
ڏکن جون لڙيون هجن، درد ۽ فراق هجن، پر هن جي چهري تي جا مرق رهندي هئي اها ڪاڏي
نه ويندي. سدائين مسڪرائيندڙ چهڙو ڀايان ٿو اسان ۾ کلڻ جو رواج وڏو هو پر آپا ان ۾
سڀ کان گوء کڻي وئي. توهين هن سان ڪڏهن پنهنجا ڏک ته اوريو، هو توهان جا ڏک پنهنجا
ڪري ويهي رهندي. ڪو به اسان جو پاڙيوارو، پري جو مائٽ، ڪو غريب ڪو لاچار ڪنهن مشڪل
۾ ڦاسندو، مري وڃين پر اسان سان اهو حال نه اوريندو، آپا ارشاد سان ضرور اوريندو،
هو به هو فيض جي هن سٽن جيان هئي.
تھے کتنے اچھے لوگ جن کو اپنے غم سے فرست تھی
سب پوچھیں تھے احوال جو کوئی درد کا مارا گزرے تھا
هي جا زندگي آ، جا
نه منهنجي آ، نه تنهنجي آ اشي. پر تنهنجو وڃڻ تڏهن به ڏاڊو ڏکيو لڳو، توکي هر ڪم ۾
تڪڙ هوندي هئي ۽ مان توسان ڪيترا ڀيرا وڙهيو هوندم، آپا وڏي کان وٺي سڃي گهر ۾
تنهنجي تڪڙ جو چرچو هوندو هو. زندگي تو اٿليٽ ٿي گذاري. ميلن جا ميل پنڌ هجن، سفر
هجن، جدايون ۽ ڏک هجن پر سڀ کان پهرين تون اتي پهچي ويندين هئين. ڪي قربانيون هجن،
بي لوث محبتون هجن پر تون سڀ کان اڳڀري تو ويندين به تڪڙ ڪئي. تو کي ائين مناسب نه
هو. سارو سفر جڻ ڇني ڇڏئين ۽ جدائي جو ڪو وڏو احساس اندر ۾ ارپي وئين. اڃان ته مون
کي تو سان ڊهير ساريون ڳالهيون ڪرڻيون هيون تو سان ڪي ندامتون ڪرڻيون هيون، توکي
چيو هم نه ته مان هڪ وڏو گهر ٺاهرائيندم ۽ جيڪي به بابا جون سڀ ڌيئرون آهن انهن کي
هڪ هڪ ڪمرو ڏئي ڇڏيندم ۽ پوءِ پڌر تي ويهي ڄامشورو جهڙين هوائن جي سرسراهٽ ڀريون ڳائينداسين
جيڪي بابا اسان کي ٻڌائيندو هو. ڪجھ بابا جا ڪم اڌورا رهيل ها، سي ڪرڻا ها. تون ئي
ته هئين جيڪو سڀ ڪندي هئين ۽ مان توسان اهو بار وڊائيندو هئم. پر اشي تون سچ پڇين،
اڃ به هتن آهين، اسان سڀن ۾ اولڙو بڻجي پهريان کان وڌيڪ اڄ موجود آهين.
تو ته بهادرئ جا
نوان معيار ترتيب ڪري ڇڏيائ هن موذي سرطان سان جيئن تو ڀالا جهلي مقابلا ڪيا ڪير ڪندو
ائين ۽ پوء پاڻ کي ان حالت ۾ وطن واپس وٺي اچڻ. سڀن کي گڏ ويهاري رکڻ. ڪيتريون نه ڳالهيون
۽ ڪيترا نه دفتر ها، ورق ها اهي سڀ اٿلائڻا ها. ها پر اشي مرڻ ناهي مهڻو. زندگي سڄي
ڀٽائي جي هن سٽ ۾ پئي آ اشي!
جيئڻ ناه جڳ ۾،
ڏينهن مڙئي ڏور
اشي تون عجيب هئين،
اسين سڀ هت شاهد ويٺا آهيون، تنهنجي چهري تان مٽي ماءُ حوالي ٿيندي به اها مسڪان
نه وئي.
توکان ٿيندي ڌار،
لڙڪ لڙي پيا لاڙ ڪري.
(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد ۾ ۱۸ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
ارشاد قاضي کان ارشاد
عباسي تائين
سلطانه وقاصي
ھڪ ڏينھن جي ڳالھ
نه آھي سالن جي ڪٿا آھي. الاھي سال اڳ جي ڳالھ آھي مان ٽنڊو آدم ۾ اٺين يا نائين ڪلاس
۾ پڙھندي ھئس. اديون رسالي ۾ ڪچو پڪو لکندي ھئس.اُن دوران اديون رسالي جي معرفت
ارشاد قاضي سان واقفيت ٿي .ارشاد قاضي نوابشاه ۾ رھندي ھئي ۽ اُت ئي پڙھندي
ھئي..اسان پاڻ ۾ قلمي دوست بنجي وياسين ۽ ھڪ ٻئي کي خط لکندا ھئاسين..اُنھن خطن ۾
گھڻين ڳالھين سان گڏ اسان جا مستقبل جا منصوبا به ھوندا ھئا. ھڪ ٻئي سان مليا ڪون
ھئاسين...اسان ٻنھي جي دل ۾ اھا خواھش ھئي ته ميٽرڪ پاس ڪرڻ کان پو۽ زبيده ڪاليج
حيدرآباد ۾ داخلا وٺنداسين ھاسٽل ۾ رھنداسين پاڻ ۾ ملنداسين.
مان ميٽرڪ پاس ڪري
زبيده ڪاليج ۾ داخلا ورتي ۽ ھاسٽل ۾ رھندي ھئس .اُت ڪافي ساريون نوابشاه جون ڇوڪريون
ھونديون ھيون پر ات ارشاد قاضي نه ھئي. ھاسٽل ۾ رھڻ جي ڪري خط ڪتابت جو سلسلو به
ختم ٿي ويو ھو.
ھڪ ڏينھن شام جي
مھل اسان جي ھاسٽل جي انچارج جنھن جو گھر ھاسٽل ۾ اندر ھو اُن مونکي گھرايو. جڏھن
مان ات پھتس ته ڳاڙھن ڪپڙن ۾ زيور پاتل ھڪ ڇوڪري ويٺل ھئي. مون کي ٻُڌايو ويو ته
ھيء ارشاد قاضي آھي اُن جي شادي ٿي ويئي آھي سندس گھوٽ به موجود ھو. اسان ٻنھي ھڪ ٻئي
کي ڏٺو پر پاڻ ۾ ملون ڪيئن ٻئي ڄڻا رڳو پيا کلون. اھا ھئي منھنجي ارشاد قاضي سان
پھرين ملاقات ....وري سال گُذري ويا ڪڏھن ڪٿ اوچتو ملاقات ٿيندي ھئي... نئون سلسلو
وري جُڙيو جڏھن مان اچي ڪراچي ۾ رھڻ لڳس .. ھاڻ ھوء ارشاد عباسي ھئي شادي کان پوءِ
پنھنجي پڙھائي پوري ڪري گورمنٽ جي نوڪري ۾ ھئي.. ھاڻ اسان جون ميل ملاڪاتون جام ٿينديون
ھيون.
ھن سالن جي ساٿ تي ڇا
لکي ڇا لکان. ارشاد عباسي ريٽاير ٿيڻ کان پو۽ ڪڏھن پاڪستان ۾ ته ڪڏھن امريڪا ۾
ھوندي آھي. ھيء سوشل ميڊيا اسان کي پاڻ ۾ جوڙيو ويٺي آھي ....جڏھن پاڪستان ۾ ھوندي
آُھي ته ڏاڍي مصروف ھوندي آھي. دوستي جو وڏو حلقو اٿس. اگر ڪنھن شادي ۾ ھوندي آھي
ته ھڪ جا۽ تي نه ويھندي آھي ھيڏان ھونڏانھن سڀني سان پئي ملندي آھي...
گُزريل ڪجھ سالن
کان ھن جي طبيت ٺيڪ نه آھي ...پاڪستان آئي دل کولھي سڀني سان ملاقاتون ڪيائين. ڪجھ
مھينا اڳ پنھنجي ڀاڻيجي جي شادي ۾ ڪجھ ڏينھن لا۽ آئي ملاقات نه ٿي پر فون تي ڪچھري
ٿي .گزريل مھيني فون تي ٻُڌايائين ته طبيت ٺيڪ نه آھي ھت امريڪا ۾ علاج جو وڏو سُک آھي پئسا به ايترا ڪون ٿا لڳن
۽ اسپتالن جا ڊاڪٽر ذميندار آھن.ٽائيم تي اسپتال جي گاڏي وٺي به ويندي آھي ڇڏي به
ويندي آھي. جڏھن ٺيڪ ٿيندس ته پاڪستان ايندس سڀني سان ملندس پر تون مون وٽ اچجان گڏجي
ڪچھري ڪنداسين. اڄ منجھند جو پھرين ان جي وڊيو ڪال آئي فون ڪيائين پر نيٽ ورڪ جي ڪري
ڳاھائي نه سگھياسين ..پو۽ ٻه تصويرون موڪليائين... اُن وقت کان وٺي مان پنھنجي
دوست پنھنجي ڀيڻ لا۽ بيچين آھيان ..منھنجي دوست جيڪا اڪثر چوندي آھي ته منھنجي
دوستي جام آھي پر سلطانه ۽ نسيم نوراني منھنجو جگر آھن.. ارشاد پاڻ به وڏي ولر
واري ۽ سڀني جي پياري آھي دعا آھي ته ھوء جلد صحتياب ٿي اسان سان اچي ملي ...الله در
دُعا آھي ته ھو پنھنجي حڪم سان ھڪ ڦوڪ سان ارشاد کي ٺيڪ ڪري ڇڏي.ھوء صحت سان خوش ٿي
پنھنجن پيارن سان اچي ملي انشاءَالله .. آمين
(سلطانه وقاصي جي
فيسبڪ پوسٽ تان کنيل)
No comments:
راءِ ڏيندا