ارشاد عباسي
سندس جدوجهد وساري نه
سگهبي
امداد علي اوڍو
۱۵ آڪٽوبر ۲۰۱۶ جڏهن ڀيڻ ارشاد عباسي لنڊن ۾ ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي سالياني ڪانفرنس ۾ شرڪت
ڪئي هيائون، ان موقعي تي کيس ڪتاب “ جل مشعل جل “ جو تحفو ڏئي رهيو آهيان. پاڻ ڪانفرنس
۾ تقرير به ڪئي هيائون، سنڌ ۾ ٿيندڙ انساني حقن جي لتاڙ جي کلي نموني ندا ڪئي
هيائون. ريڊيو وائيس آف سنڌ لنڊن جي نشريات بابت ڀيڻ ارشاد عباسي سان وقت به وقت ڳالهه
ٻولهه ٿيندي رهندي هئي. پاڻ ريڊيو جي نشريات کي سنڌين لاءِ انمول تحفو قرار ڏيندي چوندي
هئي ته هن تالابندي واري دور ۾ VOS ريڊيو ۽ ٽي وي واحد ذريعو آهن جتان سنڌ ۾ ٿيندڙ
بيواجين جي دنيا ۾ رهندڙ سنڌين کي خبر پوي ٿي.سنڌ جي قومي جدوجهد جي هيرو جنهن
پنهنجي سڄي ڄمار سنڌ جي پورهيت ۽ مظلوم عوام جي حقن لاءِ وقف ڪئي.
