; سنڌي شخصيتون: علامه آءِ آءِ قاضي

14 April, 2015

علامه آءِ آءِ قاضي

علامه آءِ آءِ قاضي

هڪ وڏو عالم

مدد علي سنڌي



اڄ جڏهن، علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي ورسيءَ جو ڏينهن ڏاڍي چپ چپات ۾ لنگهي ويندو، ته وڌيڪ هي عظيم انسان ياد ايندو. ڄامشوري ۾، سنڌ يونيورسٽي جي نگريءَ ۾ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي، مهراڻ انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي يونيورسٽي، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ، جهڙا ادارا موجود آهن ۽ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ سنڌيالاجي جي پويان، وڻن جي جهنڊ ۾، هن سنڌ يونيورسٽيءَ نگريءَ جو باني، علامه آءِ آءِ قاضي پنهنجي اهليه مدر ايلسا سان گڏ ابدي آرام ۾ ستل آهي. هن عظيم شخص امداد علي امام علي عرف علامه آءِ آءِ قاضي جي لازوال خدمتن جو احساس ڪير شخص ڪري يا نه، ته انهيءَ سان ڪوئي فرق هر گز نٿو پوي ڇاڪاڻ ته دنيا جي عظيم انسان، جن وٽ هڪ مقصد، هڪ نصب العين هوندو آهي، اهي جڳ پرواھ ڪرڻ کانسواءِ ئي پنهنجي قوم ۽ پنهنجي ٻوليءَ لاءِ ديوانگيءَ جي حد تائين ڪم ڪندا رهندا آهن. علامه صاحب، جنهن اڄ کان ۶۳ ورهيه اڳ، هن ڄامشوري جي بيابان ۾ سال۱۹۵۱ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ٽائون شپ جو سپنو بطور وائيس ڍانسلر ڏنو هو. هن صاحب بعد ۾ ۱۹۵۴ع ۾ پهريون ميڊيڪل ڪاليج ۽ سنڌ يونيورسٽي آباد ڪرڻ جو سپنو ساڀيا ڪري ڏيکاريو، جيڪو اڄ ڄامشوري سنڌ يونيورسٽي، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي، مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي، سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۽ شاھ لطيف يونيورسٽي خيرپور جي شڪل ۾ اسان جي آڏو آهي.هن ان ئي مرد قلندر جي اڄ ۵۰ هين ورسي آهي، ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي نگريءَ ۾ آباد تعليمي ادارن جي شاگردن، نه استادن، نه وري اتان جي اڪابرين کي احساس ته تاريخ جو ڪيڏو نه وڏو ماڻهو، اڄ هتي ستل آهي.


علامه آءِ آءِ قاضي (۱۹۶۸-۱۸۸۶ع) نه فقط سنڌ بلڪ ننڍي کنڊ جو هڪ وڏو عالم هو. سنڌ جي ماڻهن جيئري کيس ڪيتري حد تائين سڃاتو، ۽ مئي پڄاڻان کيس ياد رکيو. ان بابت گهڻو ڪجھ چئي سگهجي ٿو. سنڌ يونيورسٽي ٺاهيندڙ هو. ڄامشوري ۾ موجوده نئين ڪيمپس جو باني. سنڌ ۽ سنڌي ٻولي، شاھ لطيف جو عاشق: پاڻ ۹- اپريل ۱۹۵۱ع تي سنڌ يونيورسٽي جا وائيس چانسلر مقرر ٿيا. تڏهن سنڌ يونيورسٽي ڪراچيءَ ۾ هئي. پاڻ اتان سنڌ يونيورسٽي کي کڻائي، حيدرآباد شهر ۾ اچي ديوان پرڀداس جي قائم ڪيل اسڪول نو ودياليه ۾ سنڌ ۾ يونيورسٽي قائم ڪيائين. ان وقت سنڌ يونيورسٽي جي حيثيت فقط امتحان وٺڻ واري اداري جهڙي هئي. هاڻ اوهين پاڻ ملاحضه فرمايو ته ان وقت علامه صاحب ڪيترا نه ڪشالا ڪڍيا هوندا. پاڻ حيدرآباد اچڻ شرط، يونيورسٽي ۾ استاد مقرر ڪيا. مختلف ڊپارٽمينٽ قائم ڪيا. ۽ فوري طور تي سندس هن ۾ سنڌ يونيورسٽي لاءِ يونيورسٽي سٽي قائم ڪرڻ جي رٿا ويهي جوڙيائون. يعني سنڌ يونيورسٽي ٽائون-شپ رٿا- ان لاءِ پاڻ سنڌ سرڪار سان ڳالهايائون. سنڌ سرڪار سان ڳالھ ڪيائون سرڪار کين خاطري ڏني ۽ يونيورسٽي سٽي ٺاهڻ جي رٿا، سرڪار کي موڪلڻ جي هدايت ڪيائون. علامه صاحب اپريل ۲۸ اپريل ۱۹۵۱ع تي سنڌ يونيورسٽي سٽي رٿا، سنڌ سرڪار جي حوالي ڪيائون. ساڳئي وقت علامه صاحب سنڌ يونيورسٽي ۾ ايڊيوڪيشن ڊپارٽمينٽ قائم ڪيو، ۽ سنڌ يونيورسٽي ۾ هڪ جديد پريس قائم ڪيائين. ۽ سنڌ يونيورسٽي قائم ڪراڻ لاءِ جاکوڙيندو رهيو. ۽ اهو علامه آءِ آءِ قاضي هو، جنهن لياقت ميڊيڪل ڪاليج کي ڄامشوري ۾ قائم ڪرايو، جتي اڄ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي قائم آهي- ياد رهي ته حيدرآباد شهر ۾ ورهاڱي کان اڳ ۾ سال ۱۸۸۱ع ۾ ، جتي هاڻ سول اسپتال آهي، اتي ميڊيڪل اسڪول برٽش سرڪار قائم ڪيو هو. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ۾ سال ۱۹۴۲ع ۾ ان کي ميڊيڪل ڪاليج جو درجو ڏنو ويو هو. سال ۱۹۴۷ع ۾ ان کي ميڊيڪل ڪاليج جو درجو ڏنو ويو. سال ۱۹۵۷ع ۾ ان کي لياقت ميڊيڪل ڪاليج جو نالو ڏنوويو.

ايل ايم سي لاءِ هڪ نئين هنڌ چونڊ ڪرڻ وارو معاملو اٿيو ته، علامه آءِ . آءِ. قاضي بطور وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽي وڏي ڪوششن کان پوءِ ڄامشوري ۾ سال ۱۹۵۴ع ۾ ايل ايم سي جي موجوده عمارت جو پيڙھ وارو پٿر نصب ڪرايو. بعد ۾ سال ۱۹۶۳ع ۾ ايل ايم سي، حيدرآباد مان ڄامشوري واري موجوده عمارت ۾ منتقل ٿي.

سندس بابت گهڻو ڪجھ لکيو ويو آهي ۽ اڃا به گهڻو ڪجھ لکڻ جي ضرورت آهي. سندن لکڻيون، سندن تقريرون، هڪ هنڌ سهيڙڻ جي گهرج آهي. وقت جا وڏا وڏا اڪابر سندن عقيدت مند. سائين جي ايم سيد کان وٺي پير علي محمد راشدي، تائين ۽ اڙدوءَ جي اديب ۽ وفاقي سيڪريٽري ممتاز حسن، گورنر اولھ پاڪستان مشتاق احمد گورماني، ڀارت جو صدر راڌا ڪرشن سندس علم جا معتقد هئا. اي ڪي بروهي، ڊاڪٽر عبدالواحد هاليپوٽو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ،ڊاڪٽر نبي بخش قاضي، جهڙا عالم ساڻن گڏ رهيا. بلڪ اي ڪي بروهي کي ته علام صاحب پنهنجو ديني پٽ ٺاهيو هئائون. ماڻهن کي علامه صاحب جي وفات کان پوءِ اميد هئي ته هو علامه صاحب جي وڇوڙي کان پوءِ اي ڪي بروهي علامه صاحب جي فن، فڪر، لاءِ گهڻو ڪجھ ڪندو.پر ائين ٿي نه سگهيو. بهرحال بروهي صاحب، علامه آءِ. آءِ. قاضي جو مقبرو ضرور جوڙايو.

مٿي ذڪر ڪيم، علامه صاحب کي ۹- اپريل ۱۹۵۱ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو. ان وقت سنڌ يونيورسٽي ڪراچيءَ ۾ هئي. تڏهن سنڌ يونيورسٽي فقط هڪ امتحان وٺڻ وارو ادارو هئي. يونيورسٽيءَ وٽ فقط ۵ ڪاليج ۽ ۳۴ هاءِ اسڪول هٿ هيٺ هئا. علامه صاحب سنڌ يونيورسٽي کي حيدرآباد آڻي، پرڀداس هاءِ اسڪول يعني هاڻوڪي ماڊل اسڪول جي موجوده تاريخي عمارت ۾ آباد ڪيو. اتي هن سنڌ يونيورسٽي کي تمام گهٽ وقت اندر مڪمل تعليمي سکيا اداري جي شڪل ۾ آڻي ڇڏيو. سيپٽمبر ۱۹۵۱ع جي شروعات ۾ علامه صاحب پهريون تعليمي سکيا يعني ماسٽر ۽ ايڊيوڪيٽ فيڪلٽي قائم ڪري ڇڏي. ۽ چئن سالن اندر سنڌ يونيورسٽي جي گرانٽ هڪ لک روپيا مان وڌائي ۵ لک روپيا علامه صاحب جي ڪوششن سان منظور ٿي. تڏهن سنڌ جو گورنر دين محمد هو.۱۹۵۵ع ۾ ئي ون يونٽ ٺهيو. سنڌي جي آزادي ختم ٿي ۽ اولھ پاڪستان ۾ هڪ يونٽ ۾ سندس سڃاڻپ ختم ٿي. اولھ پاڪستان جو گورنر مشتاق احمد گورماني سنڌ يونيورسٽي جو چانسلر ٿيو. هڪ ڀير گورماني حيدرآباد آيو.

۲۵ مئي ۱۹۵۹ع تي علامه صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جي عهدن تان استعيفا ڏئي ڇڏي. ڇاڪاڻ ته پاڻ ايوب خان جي مارشل لاءِ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا. پر يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر واري دور ۾ هڪ اهم ڪم ٿيو. اهو هو ڄامشوري ۾ سنڌ يونيورسٽي نيو ڪيمپس جو قيام اڄ اسين جيڪڏهن ڄامشوري ۾ سنڌ يونيورسٽي کي ڏسون ٿا ته اهو عظيم خواب ۽ ان خواب جي تڪميل لاءِ پيڙھ جو پٿر رکندڙ هو علامه آءِ . آءِ. قاضي! پاڻ انگلينڊ ۾ رهيو هو. اتي آڪسفورڊ ڪيمرج يونيورسٽيون ڏٺيون هئائين. سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ٿيندي شرط هن نو ودياليه جهڙي شاندار بلڊنگ کي سنڌ يونيورسٽي لاءِ تمام مختصر ڀانيو. سنڌ يونيورسٽيءَ جو اصل باني ته سائين جي ايم سيد ، سيد ميران محمد شاھ هئا. پر سنڌ يونيورسٽيءَ کي پنهنجي رت، ۽ ست سان ٺاهي ورتائين. سنڌ يونيورسٽي نيو ڪيمپس ڄامشوري اڄ اسان جي آڏو آهن!

علامه صاحب ۱۳ اپريل ۱۹۶۸ع تي اڱاري جي ڏينهن ۸۲ سالن جي ڄمار ۾ رحلت فرمائي.ٻئي ڏينهن ۱۴ اپريل ۱۹۶۸ع تي سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ ٽپهري مهل سنڌو درياھ جي ساڄي ڪپر تي کين دفنايو ويو. ڇاڪاڻ ته مدر ايلسا جو تابوت ٽنڊي آغا قبرستان مان گهرائڻ ۾ دير ٿي ويئي. ساڻس گڏ سندن اهليه مسز ايلسا قاضي جو تابوت به دفن ڪيو ويو. مدر ايلسا، ۸ مئي ۱۹۶۷ع تي گذاري ويئي هئي. مدر کي ٽنڊي آغا جي قبرستان ۾ اوڀرندي پاسي، هڪ تابوت ۾ امانت طور دفن ڪيو ويو هو. اهڙي هدايت پاڻ ئي ڏني هئائون. مدر کي تدفين ڏينهن جي وقت ٿي هئي. علامه صاحب پاڻ، مدر جي تدفين ۾ شرڪت نه ڪئي هئي، مدر کي قبر جي لحد ۾ قاضي محمد احمد جي ٽئين نمبر فرزند قاضي فاروق پنهنجي هٿن سان لاٿو هو. جنازي نماز ۾ قاضي محمد احمد، عبدالواحد هاليپوٽو، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، رضا محمد ڀٽو، قاضي محمد علي، منهنجو والد محترم الله بخش قريشي، سميت چاليهارو کن ماڻهو موجود هئا. علامه قاضي صاحب جو آخري سفر موٽرن جي جلوس ۾ ڄامشوري لاءِ روانو ٿيو هو. ايمبولنس ۾ علامه صاحب جو جسد خاڪي رکيل هو.مون کي ياد آهي ته علامه صاحب جي ايمولينس ۾ رضا محمد ڀٽو مرحوم ويٺل هو. ڄامشوري پهچڻ تي علامه صاحب جي جنازي جي نماز مشهور عالم، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان پڙهائي هئي. ۽ ٻنهي جا تابوت هڪ ٻئي جي ڀر ۾ سپرد خاڪ ڪيا ويا هئا. اهوئي ڄامشورو سندن، من پسند هنڌ هو.

سنڌو درياھ جي مست ڇولين منظر کين ڏاڍو وڻندو هو. ۽ انهن ئي مست ڇولين سان مکا ميلو ڪرڻ لاءِ پاڻ سنڌو درياھ ڏانهن ۱۳ اپريل تي شام جو ساڍي ٽين وڳي، سندن ۳۷ سول لائين حيدرآباد واري بنگلي کان هڪ رڪشا ۾ ويهي روانا ٿيا هئا. سندس رخ لطيف آباد يونٽ ۴ نمبر ڏي هو، جتي واضع ون ٽري بندر دلپسند هنڌ هو.


علامه آءِ آءِ قاضي

عظيم مفڪر ۽ سنڌ يونيورسٽي جو معمار

ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل

علامه آءِ آءِ قاضي مرحوم جن جو پورو نالو امداد علي ولد امام علي قاضي هو، سندس ولادت پاٽ ڳوٺ، ضلعي دادو ۾، ۹ اپريل ۱۸۸۶ع ۾ ٿي. سندس والد قاضي امام علي پاٽ مان لڏي اچي حيدرآباد ۾ مستقل سڪونت اختيار ڪئي. هو ڪجھ عرصي لاءِ دادو ۽ نوشهري جو ميونسپل ڪمشنر ۽ آنرري مئجسٽريٽ پڻ ٿي رهيو. علامه قاضي جي ابتدائي تعليم لاءِ آخوند عبدالعزيز کي مقرر ڪيو ويو. آخوند صاحب علامه قاضي کي قرآن پاڪ پڙهايو ۽ ابتدائي سنڌي، فارسي ۽ علم رياضي ۾ پڻ سکيا ڏني، انهيءَ کان علاوه آخوند صاحب کين ”مفتاح الصلوات“ به پڙهايو.

علامه ارڙهن سالن جي عمر ۾ سنڌي فائنل جو امتحان خانگي طور پاس ڪيو ۽ فارسي ۾، جيڪو اُن وقت لازمي مضمون هو، ان ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪيائين. سن ۱۹۰۵ع ۾ بمبئي يونيورسٽي مان خانگي اميدوار جي حيثيت ۾ ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. ميٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ علامه صاحب علي ڳڙھ ۾ سر سيد جي قائم ڪيل ڪاليج ۾ جيڪو ۱۹۲۰ع ۾ علي ڳڙھ مسلم يونيورسٽي بڻيو، وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويو. هڪ سال بعد قاضي صاحب علي ڳڙھ مان موٽي آيو ۽ تعليمي سلسلو منقطع ڪري ڇڏيائون. ۱۹۰۷ع ۾ پنهنجي سوٽ ميان عبدالقادر حافظ سان گڏجي لنڊن اعليٰ تعليم لاءِ روانو ٿيو. ۱۹۰۹ع ۾ پاڻ لنڊن اسڪول آف ايڪانامڪس ۾ داخلا ورتائين. علامه صاحب کي مختلف مضمونن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ ۾ جنون جي حد تائين لڳاءُ هو. تنهن ڪري لنڊن جي قيام دوران علامه صاحب مختلف تعليمي ماهرن کان مختلف مضمونن ۾ ڄاڻ حاصل ڪندو رهيو، ڊاڪٽر برائون کان نفسيات جي تعليم حاصل ڪيائين. ڊاڪٽر آرنلڊ کان فلسفي جي تعليم حاصل ڪيائن. انهيءَ دوران علامه صاحب کي قانون جي تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو ۽ پاڻ لنڪنس ان ۾ بار ايٽ لا ۾ داخلا ورتائين. تعليم جي دوران علامه صاحب جي ملاقات مس ايلسا نالي جرمن خاتون سان ٿي. مس ايلسا هڪ قابل ۽ بلند پائي جي اديبه ۽ شاعره هئي. سندس طبيعتون هڪ ٻئي سان ملي ويون ۽ ٻنهي جي پاڻ ۾ پريت ٿي ويئي. علامه صاحب سن ۱۹۱۰ع ۾ ايلسا سان شادي ڪري ازدواجي رشتي ۾ ڳنڍجي ويا. سن ۱۹۱۱ع ۾ علامه صاحب بار ايٽ لا جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي وطن واپس وريو. قاضي صاحب ڪجھ عرصي بعد وري انگلينڊ هليو ويو، جتي هنن پنهنجو علمي مطالعو جاري رکيو، هو ۱۹۱۹ع ۾ لنڊن مان واپس موٽيو. ۱۹۲۱ع ۾ پنهنجي عملي زندگي جو آغاز بحيثيت مئجسٽريٽ ڪيو. ڪجھ عرصي لاءِ ٽندي محمد خان ۾ مقرر ڪيو ويو. اپريل ۱۹۲۲ع ۾ خيرپور رياست ۾ سيشن جج ٿيو. قاضي صاحب ۱۹۲۴ع ۾ هڪ مضمون بعنوان ”مشرقي شعر ۾ غزل جو مقام“Place of Ghazal in Oriental Poetry لکيو. هي مضمون هڪ ادب پارو هو ۽ انهيءَ مضمون کي ڏاڍو ساراهيو ويو ۽ کيس انگلينڊ جي شعر و شاعري واري سوسائٽي طرفان وائيس پريزيڊنٽ چونڊيو ويو. سن ۱۹۲۸ع ۾ پاڻ ٻيهر لنڊن هليو ويو، جتي ڪجھ عرصي لاءِ لنڊن اسڪول آف اورينٽل اسٽڊيز ۾ بحيثيت استاد خدمت پڻ سرانجام ڏنائين. لنڊن ۾ ۱۹۳۳ع ڌاري ”جمعيت المسليمن“ جو پايو وڌايائين ۽ کيس جميعت جو امام مقرر ڪيو ويو. هن جميعت جو بنيادي مقصد هو اسلام جي تبليغ ۽ اتان جي مسلمانن جي برتري ۽ ڀلائي لاءِ جدوجهد ڪرڻ.

سن ۱۹۳۳ع ۾ ئي علامه صاحب پنهنجي اهليه مدر ايلسا قاضي جي تعاون سان مشهور ڪتاب لکيو، جنهن جو نالو Adventures of the Brown Girl in her Search of God يعني ”خدا جي ڳولا ۾ ڀوري ڇوڪري جي جاکوڙ“ اهو ڪتاب دراصل برنارڊشا جي لکيل ڪتاب ”خدا جي تلاش ۾ ڪاري ڇوڪريءَ جي جاکوڙ“ جي جواب ۾ لکيو ويو هو. قيام پاڪستان کان ڪجھ عرصو اڳ علامه صاحب انگلينڊ مان موٽي ڪراچي ۾ اچي رهيو. ان وقت پاڻ هر جمعي تي جناح هاسٽل جي مسجد ۾ اچي خطبو ڏيندو هو. علامه صاحب جو خطبو ٻڌڻ لاءِ هر طبقي جا ماڻهو پري پري کان ايندا هئا. ۱۹۳۷ع ۾ سنڌ جي بمبئي پريزيڊنسي کان عليحدگي کانپوءِ سنڌي اڳواڻن، سنڌ جي مسلمانن جي تعليم جي ميدان ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ سنڌ ۾ يونيورسٽي قائم ڪرڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪيون. لڳاتار ڏهن سالن جي جدوجهد بعد ۳ اپريل ۱۹۴۷ع ۾ ڪراچي ۾ سنڌ يونيورسٽي قائم ٿي پر ان وقت سنڌ يونيورسٽي رڳو هڪ الحاقي ۽ امتحاني اداري طور ڪم شروع ڪيو هو ۽ سڄي سنڌ جي سورهن ڪاليجن ۽ اٺهٺ اسڪولن جي امتحانن جو انتظام سنڌ يونيورسٽي جي دائره اختيار ۾ هو ۽ اڃا تدريس ۽ تعليم جو سلسلو شروع ڪونه ٿيو هو.

پاڪستان وجود ۾ اچڻ کانپوءِ علامه صاحب وري لنڊن هليو ويو. پاڻ اڃا انگلينڊ ۾ ئي هو ته علامه صاحب جي معتقدن ۽ دوستن خاص طرح سائين جي ايم سيد کيس واپس اچڻ تي اصرار ڪيو. آخرڪار علامه صاحب لنڊن مان واپس اچي نئين قائم ڪيل سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر بنجڻ قبول ڪيو. علامه صاحب فورن سنڌ يونيورسٽي کي اعليٰ تعليمي درسگاھ بنائڻ ۽ مختلف سائنس ۽ آرٽس جا شعبا قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ تعليمي ماهرن سان لھ وچڙ ۾ آيو ته جيئن ٿوري وقت جي اندر گهڻي ۾ گهڻا ڊپارٽمينٽ قائم ٿي سگهن.

علامه قاضي پاران سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلري جو عهدي قبول ڪرڻ کانپوءِ ”يونيورسٽي ورلڊ“ نالي رسالي ۾ هڪ تبصرو شايع ٿيو. انهيءَ جو اقتباس هيئن هو: ”اسان سنڌ سرڪار کي سندن عاليشان انتخاب لاءِ مبارڪباد ٿا ڏيون، جو هنن هڪ بيحد لائق شخص کي، جيڪو سنڌ جو عظيم محقق آهي، بطور وائيس چانسلر مقرر ڪيو آهي. مسٽر آءِ آءِ قاضي هڪ بئريسٽر آهي ۽ کيس ڪافي عدالتي ۽ انتظامي تجربو آهي. هو صاحب هڪ سچي مسلمان جو مڪمل مثال آهي. هن تقابلي مذهبي فلسفي جو گهرو مطالعو ڪيو آهي ۽ سندس تجسس ۽ تحقيقات سبب اسين بي ڌڙڪ کيس مذهب جي تقابلي فلسفي ۾ وڏي ۾ وڏي سَند طور پيش ڪري سگهون ٿا.“

اپريل ۱۹۵۱ع تائين سنڌ گورنمينٽ، سنڌ يونيورسٽي جي واڌاري ۽ ترقي لاءِ ڪوبه منصوبو تيار نه ڪيو هو ۽ نه ڪو تعليمي يا سائنسي شعبو سنڌ يونيورسٽي ۾ قائم ڪيو ويو هو. ويتر جڏهن علامه قاضي ۹ اپريل ۱۹۵۱ع تي سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جي عهدي جي چارج ورتي ته سنڌ يونيورسٽي جي الحاقي ۽ امتحاني شعبن جو تعداد گهٽجي پنجن ڪاليجن ۽ چوٽيهن هاءِ اسڪول تائين وڃي پهتو هو ۽ يونيورسٽي جو مقصد رڳو انهن ۳۹ تعليمي ادارن جا ميٽرڪ، انٽر ۽ گريجوئيشن ڊگرين جا امتحان وٺڻ هو. ان وقت سنڌ يونيورسٽي، ڪراچي ۾ بندر روڊ تي اڳوڻي پير الاهي بخش بي ٽي ڪاليج جي عمارت ۾ هئي. علامه قاضي سنڌ يونيورسٽي کي سنڌ جي اعليٰ تعليمي درسگاھ بنائڻ چاهيو ٿي ته جيئن سنڌ جا نوجوان سائنس ۽ آرٽ جي ميدان ۾ اڳتي وڌي سگهن. انهيءَ مقصد کي پيش نظر رکندي، علامه صاحب وائيس چانسلر بنجڻ کانپوءِ ڏينهن رات محنت ڪري، چند هفتن اندر ۲۸ اپريل ۱۹۵۱ع تي سنڌ گورنمينٽ کي سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس جي جامع رٿا پيش ڪئي، جنهن تي خرچ جو ڪاٿو ٻه ڪروڙ روپيا لڳايو ويو هو. انهيءَ کان علاوه علامه صاحب سنڌ يونيورسٽي کي ڪراچي مان ڪڍي حيدرآباد منتقل ڪرڻ جي تجويز پڻ پيش ڪئي هئي. سنڌ گورنمينٽ سنڌ يونيورسٽي لاءِ حيدرآباد ۾ نو وديالا اسڪول ۽ هڪ ٻي عمارت (جنهن ۾ اڄڪلھ سٽي ڪاليج آهي) الاٽ ڪئي. علامه صاحب حڪومت سنڌ جي انهيءَ فيصلي بعد دراصل علامه صاحب جي همه گير شخصيت جو اثر سنڌ ۾ رهندڙ هر طبقي جي ماڻهن تي هو. پوءِ چاهي عالم ۽ دانشور هجن، صاحب علم ۽ درگاھ نشين هجن يا سياستدان ۽ قانوندان هجن.

علامه صاحب پورا نَوَ سال سنڌ يونيورسٽي جي بي لوث خدمت ڪئي، جنهن مهل محسوس ڪيائين ته، مارشل لا جي غير جمهوري حڪومت ۾ عالمن ۽ دانشورن جي ڪابه وقعت نه رهي آهي ته، هڪدم وائيس چانسلري تان استعيفا ڏئي گوشه نشين ٿي ويو. ان هوندي به هن پنهنجو پاڻ کي تحقيق ۽ تصنيف ۾ مشغول رکيو. ان زماني ۾ حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي رح جي لافاني ڪلام تي تحقيق ڪئي ۽ نئين انداز ۾ شاھ جو رسالو ترتيب ڏنو، پنهنجي اهليه مدر ايلسا قاضي سان گڏجي انگريزي ٻولي ۾ ترجمو ڪيو، جيڪو ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ڪيو ويو. علامه صاحب جي علميت جو سڀني اعتراف ڪيو آهي. سندس مطالعو تمام وسيع هو. پاڻ ڪلاڪن جا ڪلاڪ فلسفي، بائيلاجي، نباتات (باٽني)، فزڪس، ڪيميا، جيالاجي (علم الارض)، علم نجوم، آرٽ، فن تعمير، موسيقي ۽ شاعري توڙي علم و ادب تي ڪيترائي ڀيرا ليڪچر ڏئي چڪو هو. دراصل پاڻ علم جو درياھ هو. جيڪڏهن علامه صاحب دنيا جي ٻئي ڪنهن ملڪ ۾ پيدا ٿئي ها ته يقينن اڄ تائين سندس زندگي ۽ فلسفي تي انيڪ ڪتاب ڇپجي چڪا هجن ها ۽ سندس فڪر ۽ پيغام دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي ڇپجي چڪو هجي ها پر افسوس جو اسان اڃا علامه صاحب جي پيغام ۽ فڪر کي ٻين تائين پهچائي نه سگهيا آهيون.

 

(ليکڪ سابق سفارتڪار ۽ سابق ڊائريڪٽر قائداعظم اڪيڊمي ڪراچي آھي)


 

علامه آءِ آءِ قاضي

سنڌ جو ڏاهو ۽ مفڪر

عبدالخالق مغيري

سنڌ جي عظيم ڏاهي ۽ فلاسافر علامه آءِ آءِ قاضي جي اڄ ۴۷ هين ورسي جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي ورسي جي مک تقريب سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري پاران ملهائي پئي وڃي علامه آءِ آءِ قاضي ۹ اپريل ۱۸۸۶ع ۾ دادو ضلعي جي ڳوٺ پاٽ شريف ۾ مختياڪار امام علي قاضي جي گهر ۾ اک کولي سندس پيءُ امام علي جون ۲ شاديون ٿيل هيون وڏي گهر واري مان صرف ۳ نياڻين جي اولاد هئي جڏهن ته ننڍي گهر واري مان ۸ ڌيئرون ۽ ۲ پٽ هئا ۽ امداد علي قاضي به ننڍي گهر واري مان پيدا ٿيو علامه آءِ آءِ قاضي حيدرآباد جي آخوند عبدالعزيز جي مدرسي ۾ قرآن جي تعليم سان گڏو گڏ سنڌي ۽ فارسي پڙهيو، هن فائنل جي تعليم به اتي مڪمل ڪيائين فارسي لازم ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪيائين ۱۹۰۵ع ۾ ۱۸ سالن جي عمر ۾ بمبئي يونيورسٽي ۾ ميٽرڪ جي تعليم حاصل ڪئين علامه آءِ آءِ قاضي هڪ سال تائين علي ڳڙھ يونيورسٽي ۾ به تعليم حاصل ڪيائين جنهن بعد هو پنهنجي ماسات عبدالقادر قاضي وٽ لنڊن ويو جتي هن هڪ سال تائين ڪتابن جو مطالعو ڪيو ۽ بعد ۾ اسڪول آف اڪنامڪس لنڊن ۾ داخلا ورتي، لنڊن ۾ ٽرين جي سفر دوارن هن جي ملاقات جرمني جي ايلسا نالي عورت سان ٿي جتي ٻنهي جي گفتگو دوارن دوستي ٿي ۽ اها دوستي اڳتي هلي شادي ۾ تبديل ٿي وئي علامه آءِ آءِ قاضي لنڊن جي بار ايٽ لا لنڪن اين ۾ لا جي داخلا ورتي ان ساڳئي اداري ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو به پڙهيو هو. مصر جي يونيورسٽي الازهر يونيورسٽي جي عالم شيخ گومان کان عربي سکيائين.

شيخ گومان کان عربي سکڻ دوران شيخ گومان علامه آءِ آءِ قاضي کي چيو ته عربي ته مون اوهان کي سيکاري آهي پر اصل ۾ اوهان مونکي اسلام سيکاريو آهي، علامه آءِ آءِ قاضي جي چوڻ موجب ته جرمن جي عظيم شاعر گوئٽي جي شاعري جرمن زبان ۾ ھئي ان جي شاعري سمجھڻ توڙي جرمني ٻولي سکڻ لاءِ ھو جرمني ويو جتي ھن جرمني ٻولي جو ڪورس مڪمل ڪيو ۽ بعد ۾ گوئٽي جي شاعري واري ڪتاب کي پڙھي ڪري چيو ته واقعي گوئٽي جرمن جو ھڪ عظيم شاعر آھي، ۱۹۱۹ع ۾ علامه آءِ آءِ قاضي واپس وطن موٽي آيو ۽ ۱۹۲۰ع ۾ ٽنڊي محمد خان ۾ مجسٽريٽ مقرر ٿيو، ڪجھ ٽائيم حيدرآباد ۾ سول جج مقرر هيو بعد ۾ ۱۹۲۲ع ۾ خيرپور ضلعي ۾ سيشن جج مقرر ٿيو. علامه آءِ آءِ قاضي خيرپور ۾ پوئٽري سوسائٽي جو بنياد رکيو ان وقت ۾ برطانيه جي هڪ رسالي the poetry review ۾ مشرقي شاعري جو مضمون لکيو ۽ اهو مضمون اداري کي ايترو ته وڻيو جو هنن علامه آءِ آءِ قاضي کي سوسائٽي جو نائب صدر مقرر ڪيو جتي هو ۲۵ سالن تائين سوسائٽي جو نائب صدر مقرر رهيو ان کان علاوه هو يورپ جي ڪيترن ئي رسالن ۾ لکندو رهيو ۽ هن جي لکڻي يورپ جي هر اداري کي بيحد پسند اچڻ ڪري اداري پاران علامه آءِ آءِ قاضي کي جوابي خط به موڪليندا هئا علامه آءِ آءِ قاضي کي شعر و شاعري جو به وڏو شوق هو هن دنيا جي عظيم شاعر شاھ عبداللطيف ڀٽائي تي به وڏي تحقيق ڪئي ۽ هن پنهنجي تحقيق دوران ثابت ڪيو ته ڀٽائي واقعي دنيا جو عظيم شاعر آهي علامه آءِ آءِ قاضي ڀٽائي جي رسالي کي به ترتيب ڏنو جڏهن ته هن ڀٽائي جي رسالي جي سر ڪيڏارو تي اعتراض واريندي چيو ته سر ڪيڏارو ڀٽائي جو نٿو لڳي ڇاڪاڻ جو ڀٽائي ٻاهرين خطي کي نه ڄاتو. علامه آءِ آءِ قاضي جي بيگم ايلسا واحد عورت ثابت ٿي جنهن ڀٽائي جي رسالي کي سڀ کان پھرين انگريزي ۾ ترجمو ڪيو نالي واري ليکڪ برناڊشا جي هڪ مشهور ڪتاب A black girl in the search of GOD واري ڪتاب بعد هن برناڊشا کي جواب ڏيندي جوابي ڪتاب A brown girl in the search of GOD لکيو.

۱۹۵۱ع ۾ علامه آءِ آءِ قاضي ڪراچي سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مقرر ٿيو جتي هن سنڌ يونيورسٽي کي ڪراچي مان حيدرآباد منتقل ڪيو حيدرآباد جي اولڊ ڪئمپس ۾ ۱۹۵۵ع تائين سنڌ يونيورسٽي کي هلايو ويو جنهن بعد علامه آءِ آءِ قاضي سنڌ يونيورسٽي کي حيدرآباد مان ڄامشوري ۾ منتقل ڪيو ويو ۴ اپريل ۱۹۴۷ع سنڌ يونيورسٽي جو قيام ٿيو ان وقت سنڌ يونيورسٽي ڪراچي جي اين جي وي اسڪول جي ۲ ڪمرن تائين محدود هئي جتي صرف يونيورسٽي شاگردن کان امتحان ورتو ويندو ھو ۽ ان دوران يونيورسٽي ۾ ڪي به ڪلاس نه هلايا ويندا ها، علامه آءِ آءِ قاضي جي مقرر ٿيڻ بعد هن هڪ ئي وقت ۲۴ شعبا قائم ڪيا ۽ سڀ کان پهريان انگلش، فزڪس ۽ ڪيمسٽري جا شعبا قائم ڪيا علامه آءِ آءِ قاضي سنڌ يونيورسٽي کي تعليم معيار ۾ ايترو ته اڳتي آندو جو پوري پاڪستان ۾ سنڌ يونيورسٽي جو ئي نالو هو توڙي جو اڄ سنڌ يونيورسٽي کي ۲۴ مان وڌائي ڪري ۵۸ شعبا قائم ڪيا ويا آهن انهن ۵۸ شعبن مان ۵۰ شعبا اهڙا آهن جو ان شعبن ۾ شاگردن کي ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪرايو پيو وڃي سال ۲۰۱۰ کان سال ۲۰۱۴ع تائين ان وقت جي مقرر وي سي نذير مغل سنڌ يونيورسٽي کي وسيع ڪندي سنڌ يونيورسٽي جا ڪئمپس سنڌ جي ۸ ضلعن لاڙڪاڻو ڪئمپس، بدين ڪئمپس، ميرپورخاص ڪئمپس، دادو ڪئمپس، نوشوروفيروز ڪئمپس، ٺٽو ڪئمپس، ڀٽ شاھ ڪئمپس ۽ ملير ڪئمپس شامل آهن جڏهن ته سکر ۾ بيگم نصرت ڀٽو وومين ڪئمپس جي نالي سان ڪئمپس جو افتتاح ڪيو ويو پر اڄ ڏينهن تائين ڪئمپس کلي نه سگهيو سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي سنڌ ۾ ۸ ڪئمپسن جي کلڻ باوجود به پاڪستان جي ٻين يونيورسٽين قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد، لاهور يونيورسٽي، پشاور يونيورسٽي، ڪوئٽا يونيورسٽي، ڪراچي يونيورسٽي، شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي ڀيٽ ۾ سنڌ يونيورسٽي جي معيار هن وقت ۸ نمبر تي آهي جڏهن ته ڪنھن زماني ۾ سنڌ يونيورسٽي جي خود ڪئمپس طور شمار ٿيندڙ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي به هڪ قدم اڳتي ۷ نمبر آهي پر افسوس جو سنڌ جي حڪومت هن هيڏي وڏي اداري کي علامه آءِ آءِ قاضي بعد هلائڻ ۾ پوري طرح ناڪام ٿي چڪي آهي. علامه آءِ آءِ قاضي جي تيار ڪيل هن يونيورسٽي کي يونيورسٽي جي انتظاميه علامه آءِ آءِ قاضي کي به وساري ڇڏيو آھي علامه آءِ آءِ قاضي پنھنجي گھر واري ايلسا سان بيحد محبت ڪندو ھو ۽ ٻنھين جي ھڪ مثالي جوڙي ثابت ٿي پر سندس زال ايلسا جي ۲۸ مئي ۱۹۶۷ع ۾ وفات ڪرڻ تي علامه جي جوڙي ٽٽي پئي ۽ ھو زندگي ۾ پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪرڻ لڳو پنهنجي بيگم ايلسا جي لاڏاڻي جي ڏک ۾ ديوانو ٿي پيو ۽ ايلسا جي وڃڻ جي هڪ سال بعد ۱۳ اپريل ۱۹۶۸ع ۾ ڄامشوري جي پل وٽان پير ترڪڻ سبب سنڌو درياھ ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويو گھڻن جو چوڻ هو ته علامه آءِ آءِ قاضي پنهنجي زال ايلسا جي لاڏاڻي جي صدمي ۾ هن سنڌو درياھ ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪئي ته وري ڪن جو چوڻ هو ته علامه آءِ آءِ قاضي پنهنجي جوڙي جي ڇڏجڻ سبب هو اڪيلو ٿيڻ ڪري روزاني شام جي وقت ڄامشوري جي پل تي ايندو هو ۽ پنهنجي بيگم ايلسا سان سنڌو درياھ جي پل تي گهاريل وقت ياد ڪندو رھندو ھو ۽ ان دوران پيرسني سبب پير ترڪڻ ڪري هن جو موت واقع ٿيو علامه آءِ آءِ قاضي ۽ سندس بيگم ايلسا جي مزار ھن وقت سنڌ يونيورسٽي ۾ موجود آھي جتي اڄ به سندن مزارن تي ماڻهو اچي حاضري ڀريندا آهن علامه آءِ آءِ قاضي فڪري فلسفي تي ٻڌل مضمونن جو ڪتاب صوفي لاءِ ڪوفي لکيو ۽ ھن جي لکيل خطاب کي بيحد موٽ ملي، عظيم فلاسافر جي اڄ جي ڏينھن جي وڇوڙي تي اسان سڀني کي گھرجي ته اڄوڪي ھن ڏينھن تي ھن کي ياد ڪجي ۽ سڄي سنڌ ۾ تقريبون منعقد ڪرايون وڃن ان کي ڀيٽا پيش ڪئي وڃي ته جيئن اسين فخر محسوس ڪري سگھون ته اسان سنڌي نوجوانن کي تعليمي مستقبل ڏياريندڙ عظيم انسان اسان مان ئي ھو.


 

علامه آءِ آءِ قاضي

هڪ عظيم مفڪر

گلزار ڪلهوڙو پاٽائي

سال ۱۹۰۶ع ۾ علامه صاحب کي اعليٰ تعليم لاءِ علي ڳڙھ مسلم يونيورسٽي ۾ داخل ڪرايو ويو. سال ۱۹۰۷ع ۾ علامه صاحب کي علي ڳڙھ مان گهرائي کيس اعليٰ تعليم لاءِ لنڊن روانو ڪيو ويو. اتي هڪ سال اقتصاديات جو اڀياس ڪيائين ۽ ٻئي سال لنڊن اسڪول آف ايڪانامڪس ۾ کيس داخلا ملي، لنڊن جي ماهر استادن ڊاڪٽر آرنلڊ، پروفيسر هابهائوس ۽ شيخ گوما سندس گهڻي رهنمائي ڪئي. سن ۱۹۱۱ع ۾ علامه صاحب لنڪس اِنِ مان بارائٽ لا جي ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ واپس سنڌ موٽي آيو. سال ۱۹۱۹ع ۾ علامه صاحب وري ڏيھ وريو ته کيس دادو ۾ ميونسپل ڪمشنر ۽ پوءِ نوشهرو فيروز ۾ مئجسٽريٽ مقرر ڪيو ويو، ان کان علاوه ۱۹۲۱ع ۾ علامه صاحب ٽنڊو محمد خان ۾ مئجسٽريٽ، حيدرآباد ۽ خيرپور ميرس ۾ سيشن جج طور مقرر ٿيو، کيس رياست جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جو هوم ميمبر به بڻايو ويو، رياستي اختيارين جي عدالتي معاملن ۾ مداخلت سبب پاڻ پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏنائين. سال ۱۹۲۴ع ۾ مشرقي شاعري ۽ ”غزل جو مقام“ جي عنوان تي سندس لکيل مضمون لنڊن جي پوئيٽري سوسائٽي جي رسالي ”دي پوئيٽري رويو“ ۾ ڇپيو، جنهن کي تمام گهڻو ساراهيو ويو ۽ ان کان پوءِ کيس پوئيٽري سوسائٽي جو نائب صدر مقرر ڪيو ويو. فلسفو ڇا آهي، جي عنوان تي علامه صاحب خاص مقالو لکيو جنهن تي انگلستان جي فلاسافيڪل سوسائٽي جي طرفان کيس تاحيات ميمبر مقرر ڪيو ويو. سال ۱۹۲۴ع ۾ ئي علامه صاحب لنڊن مان واپس پنهنجي ڏيھ وريو، جناح ڪورٽس ڪراچي جي مسجد ۾ پيش امام ٿي هر جمعي تي خطبو پڙهندو هو، سندس خطبي ٻڌڻ لاءِ استاد، شاگرد ۽ اهل علم ماڻهو وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندا هئا ۽ سندن خطبي جو ايترو ته اثر هوندو هو جو ٻڌڻ وارن جي اکين مان نير وهڻ شروع ٿيندا هئا. سال ۱۹۲۹ع ۾ علامه صاحب حيدرآباد ۾ وڪالت شروع ڪئي ۽ ڪجھ عرصي لاءِ پبلڪ پراسٽيڪيوٽر به رهيو.

سال ۱۹۳۵ع ۾ علامه صاحب مولانا ظفر علي خان جي سهڪار سان ڪراچي ۾ ”انجمن تبليغ اسلام“ جي نالي سان تنظيم قائم ڪئي. تاريخ ۹ اپريل ۱۹۵۱ع تي علامه صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ ڄام شوري جو وائيس چانسلر مقرر ٿيو، هن کان پهرين هيءَ يونيورسٽي ڪراچي ۾ هوندي هئي، جيڪا هڪ الحاقي ۽ امتحاني اداري وانگر ڪم ڪندي هئي، علامه صاحب جي ڪوشش سان سنڌ يونيورسٽي کي ڪراچي کان ڄام شوري منتقل ڪيو ويو، سائين جي ايم سيد، علامه دائود پوٽي ۽ گربخشاڻي جي خوابن جي تعبير کي عملي طرح علامه صاحب ممڪن بڻايو ۽ تعليمي ماحول ۾ رنڊڪن ۽ ڪامورن جي مخالفت باوجود به علامه صاحب سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري جو قيام عمل ۾ آندو. چئن سالن جي عرصي ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ۲۳ شعبا قائم ڪيا ويا، علامه صاحب پاران سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر شپ ان ڪري سنڀالي ته جيئن نظام تعليم اهڙي طرح رائج ڪيو وڃي ته جيئن سنڌ ۾ اعليٰ دماغ نوجوان پيدا ٿين ۽ پنهنجي ڌرتيءَ جو نالو روشن ڪن. سال ۱۹۵۹ع تائين علامه صاحب ايوب جي دور حڪومت ۾ تعليمي ادارن ۾ فوج جي مداخلت سبب هن پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، تنهن هوندي به علامه صاحب سنڌي ادبي بورڊ جا ڪيترائي پروجيڪٽ مڪمڪل ڪري ورتا.

علم، ادب، فڪر، فلسفو، بايولاجي، نباتات، فزڪس، ڪيميا، رياضي، جيالاجي، علم نجوم، آرٽ، فن تعمير، تصوف، موسيقي ۽ شاعري سندس ليڪچرن جو موضوع هوندا هئا، علامه صاحب جون تقريرون، خطبا، ليڪچر ۽ خط بهتر سماج جوڙائڻ لاءِ مشعل راھ آهن. لنڊن ۾ رهڻ دوران ان وقت جي مشهور ليکڪ برنارڊشا هڪ ڪتاب لکيو ”ڪاري ڇوڪري خدا جي تلاش ۾“ ان جي جواب ۾ علامه صاحب ڪتاب لکيو ”ڀوري ڇوڪري خدا جي تلاش ۾“ انهن ٻنهي ڪتابن تي سڄي دنيا ۾ بحث هليو ۽ علامه صاحب جي شهرت ۾ اضافو ٿيو.

پاڻ ۱۳ اپريل ۱۹۶۸ع تي پنهنجو انت آندو.


 

علامه آءِ آءِ قاضي

هڪ عظيم مفڪر

ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل

علامه آءِ آءِ قاضي مرحوم جن جو نالو امداد علي ولد امام علي قاضي هو. سندن ولادت پاٽ ڳوٺ ضلع دادو ۾ ۹ اپريل ۱۸۸۶ع ۾ ٿي. سندن والد امام علي ڪجھ عرصي لاءِ دادو ۽ نوشهري جو ميونسپل ڪمشنر ۽ آنرري مئجسٽريٽ پڻ ٿي رهيو. علامه آءِ آءِ قاضي جي ابتدائي تعليم لاءِ آخوند عبدالعزيز کي مقرر ڪيو. آخوند صاحب علامه آءِ آءِ قاضي کي قرآن پاڪ پڙهايو ۽ ابتدائي سنڌي، فارسي ۽ علم رياضي ۾ پڻ سکيا ڏني. انهيءَ کان علاوه آخوند صاحب کين ”مفتاح الصلوات“ به پڙهايو. علامه صاحب ارڙهن سالن جي عمر ۾ سنڌي فائنل جو امتحان خانگي طور پاس ڪيو ۽ فارسي ، جيڪو ان وقت لازمي مضمون هو، ان ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪيائين. سن ۱۹۰۵ع ۾ بمبئي يونيورسٽي مان خانگي اميدوار جي حيثيت ۾ ميٽرڪ جي قائم ڪيل ڪاليج ۾ جيڪو ۱۹۲۰ع ۾ عليڳڙھ مسلم يونيورسٽي بڻيو، وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويو. هڪ سال بعد قاضي صاحب عليڳڙھ مان موٽي آيا ۽ تعليمي سلسلو منقطع ڪري ڇڏيائون. ۱۹۰۷ع ۾ پنهنجي سوٽ ميان عبدالقادر حافظ سان گڏجي لنڊن اعليٰ تعليم لاءِ روانا ٿيا. ۱۹۰۹ع ۾ پاڻ لنڊن اسڪول آف ايڪانامڪس ۾ داخلا ورتائون. علامه صاحب کي مختلف مضمونن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ ۾ جنون جي حد تائين لڳاءُ هو. تنهن ڪري لنڊن جي قيام دوران علامه صاحب مختلف تعليمي ماهرن کان مختلف مضمونن ۾ ڄاڻ حاصل ڪندا رهيا. ڊاڪٽر برائون کان نفسيات جي تعليم حاصل ڪيائون.

ڊاڪٽر آرنالڊ کان فلسفي جي تعليم حاصل ڪيائون. انهيءَ دوران علامه صاحب کي قانون جي تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو ۽ پاڻ لنڪنس ان ۾ بار ايٽ لا ۾ داخلا ورتائون. تعليم جي دوران علامه صاحب جي ملاقات مس ايلسا نالي جرمن خاتون سان ٿي. مس ايلسا هڪ قابل ۽ بلند پايه جي اديبه ۽ شاعره هئي. سندن طبيعتون هڪ ٻئي سان ملي ويون ۽ ٻنهي جي پاڻ ۾ پريت ٿي وئي. علامه صاحب سن ۱۹۱۰ع ۾ ايلسا سان شادي ڪري ازدواجي رشتي ۾ ڳنڍجي ٿي ويا. سن ۱۹۱۱ع ۾ علامه بار ايٽ لا جو امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي وطن واپس وريو. قاضي صاحب ڪجھ عرصي بعد وري انگلينڊ هليا ويا. جتي هن پنهنجو عملي زندگي جو آغاز ، بحيثيت مئجسٽريٽ ڪيو. ڪجھ عرصي لاءِ ٽنڊي محمد خان ۾ مقرر ڪيو ويو. اپريل ۱۹۲۲ع ۾ خيرپور رياست ۾ سيشن جج ٿيا.

قاضي صاحب ۱۹۲۴ع ۾ هڪ مضمون بعنوان ”مشرقي شعر ۾ غزل جو مقام“ لکيو. هي مضمون هڪ ادب پارو هو ۽ انهيءَ مضمون کي ڏاڍو ساراهيو ويو ۽ کين انگلينڊ جي شعرو شاعري واري سوسائٽي طرفان وائيس پريزيڊنٽ چونڊيو ويو. علامه صاحب جن پهريان هندوستاني هئا، جيڪي هن سوسائٽي جا وائيس پريزيڊنٽ چونڊيا ويا هئا. ۱۹۲۶ع ۾ کين خيرپور رياست جي ايگزيڪيٽو ڪائونسل جو هوم ميمبر مقرر ڪيو ويو. ليڪن ٿوري عرصي اندر ئي علامه صاحب سرڪاري ملازمت کان بيزار ٿي پيا ۽ اختلافن سبب آگسٽ ۱۹۲۷ع ۾ استعيفا ڏنائون.

۱۹۲۸ع ۾ پاڻ ٻيهر لنڊن هليا ويا. جتي ڪجھ عرصي لاءِ لنڊن اسڪول آف اورينٽل اسٽيڊيز ۾ بحيثيت استاد ۽ ممتحن خدمت سرانجام ڏنائون. لنڊن ۾ ۱۹۳۳ع ڌاري ”جميعت المسلمين“ جو پايو وڌائون ۽ کين جميعت جو امام مقرر ڪيو ويو. هن جميعت جو بنيادي مقصد هو اسلام جي تبليغ ۽ اتان جي مسلمان جي برتريءَ ۽ ڀلائيءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻ. سن ۱۹۳۳ع ۾ ئي علامه صاحب پنهنجي گهر واري مدر ايلسا قاضي جي تعاون سان مشهور ڪتاب لکيو. جنهن جو نالو آهي. Adventures of the brown girl in her search of God” يعني ”خدا جي ڳولا ۾ ڀوري ڇوڪري جي جاکوڙ“ اهو ڪتاب دراصل برنارڊشا جي لکيل ڪتاب ”خدا جي تلاش ۾ ڪاري ڇوڪري جي جاکوڙ“ جي جواب ۾ لکيو ويو هو. پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ علامه صاحب جن وري لنڊن هليا ويا. پاڻ انگلينڊ ۾ ئي هئا ته علامه صاحب جي معتقدن ۽ دوستن خاص طرح سائين جي ايم سيد سندن واپس اچڻ تي اصرار ڪيو. آخرڪار علامه صاحب جن لنڊن مان واپس اچي نئين قائم ڪيل سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر بنجڻ قبول ڪيو.

۱۹۳۷ع ۾ سنڌ جي بمبئي پريزيڊنسي کان عليحدگي کانپوءِ سنڌي اڳواڻن، سنڌ جي مسلمانن جي تعليم جي ميدان ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ صوبي سنڌ ۾ يونيورسٽي قائم ڪرڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪيون. لڳاتار ڏهن سالن جي جدوجهد بعد ۳ اپريل ۱۹۴۷ع ۾ ڪراچي ۾ سنڌ يونيورسٽي قائم ٿي . ليڪن ان وقت سنڌ يونيورسٽي رڳو هڪ الحاقي امتحاني اداري طور ڪم شروع ڪيو هو ۽ سڄي سنڌ جي سورهن ڪاليج ۽ اٺهٺ اسڪولن جي امتحانن جو انتظام سنڌ يونيورسٽي جي دائره اختيار ۾ هو ۽ اڃان تدريس ۽ تعليم جو سلسلو شروع ڪو نه ٿيو هو. اپريل ۱۹۵۱ع تائين سنڌ گورنمينٽ، سنڌ يونيورسٽي جي واڌاري ۽ ترقي لاءِ ڪو به منصوبو تيار نه ڪيو هو ۽ نه ڪو تعليم يا سائنسي شعبو سنڌ يونيورسٽي ۾ قائم ڪيو ويو هو. ويتر جڏهن علامه قاضي ۹ اپريل ۱۹۵۱ع تي سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جي عهدي جي چارج ورتي ته سنڌ يونيورسٽي جي الحاقي امتحاني شعبن جو تعداد گهٽجي پنجن ڪاليجن ۽ چوٽيھ هاءِ اسڪولن تائين وڃي پهتو هو ۽ يونيورسٽي جو مقصد رڳو انهن ۲۹ تعليمي ادارن جا ميٽرڪ ، انٽر، گريجوئيشن ڊگرين جا امتحان وٺڻ هو. ان وقت سنڌ يونيورسٽي ڪراچي ۾ بندر روڊ تي اڳوڻي پير الاهي بخش بي ٽي ڪاليج جي عمارت ۾ هئي.

علامه قاضي صاحب سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جي عهدي جي چارج وٺڻ کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي کي سنڌ جي اعليٰ تعليمي درسگاھ بنائڻ چاهيو ٿي.

علامه صاحب نه صرف دانشور ۽ مفڪر هئا پر عظيم مبلغ ۽ مصلع پڻ هئا. پاڻ پنهنجي علم، فڪر، فلسفي ۽ڪردار ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئا. سندن علم ۽ فڪر جو سرچشمو قرآن حڪيم جي حڪمت ۽ هدايت هو. کين يوناني توڙي هندي فڪر ۽ فلسفي سان گڏوگڏ جديد يورپ جي سائنسي ۽ سماجي علوم جي به ڄاڻ هئي.

علامه قاضي نظام تعليم ۽ نصاب تعليم بدلائڻ چاهيو ٿي. سندن چوڻ هو ته يورپ خود سترهين ۽ ارڙهين صدي ۾ علوم و فنون جون سڀ رمزون ۽ طريقا اسان جا چورايا هئا. هينئر يورپ ۾ ڪجھ ناهي ۽ جيڪي آهي سو قرآن حڪيم آهي. جنهن ۾ اسانجي زندگي جي هر پهلو جا مسئلا بيان ٿيل آهن.ا ن ڪري اسان کي صحيح نموني سوچي مسئلي جي نوعيت کي سمجهڻ گهرجي، اگر ايئن نه ٿيو ته ترقي جي اميد رکڻ فضول آهي.

علامه صاحب پورا ۹ سال سنڌ يونيورسٽي جي بي لوث خدمت ڪئي. ليڪن جنهن مهل محسوس ڪيائين ته ، مارشل لا جي غير جمهوري حڪومت ۾ عالمن ۽ دانشورن جي ڪا به اهميت نه رهي آهي ته هڪدم وائيس چانسلري تان استعيفا ڏئي گوشه نشين ٿي ويا. علامه صاحب گوشه نشيني واري دور ۾ به پنهنجو پاڻ کي تحقيق ۽ تصنيف ۾ مشغول رکيو. ان زماني ۾ حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي رح جي لافاني ڪلام تي تحقيق ڪئي ۽ نئين انداز ۾ شاھ جو رسالو ترتيب ڏنو. لطيف سائين جي ڪلام جي چونڊ حصي جو پاڻ ، سندن گهر واري مدر ايلسا قاضي سان گڏجي انگريزي ٻولي ۾ ترجمو ڪيو.

علامه صاحب نوجوانن جي تربيت ۽ تعليم جا ڏاڍا خواهشمند هئا. پاڻ چاهيائون ٿي ته سندن علم ۽ فلسفي مان، جنهن جو بنياد اسلام جي آفاقي پيغام تي رکيل هو، نئون نسل فائدو حاصل ڪري ۽ سندن ٻاريل جوت، کانئن پوءِ به چمڪندي رهي. علامه صاحب جي لائق شاگردن مان اي ڪي بروهي مرحوم پنهنجو مٽ پاڻ هو.دراصل علامه صاحب جي همه گير شخصيت جو اثر سنڌ ۾ رهندڙ هر طبقي جي ماڻهن تي هو. پوءِ چاهي ، عالم ۽ دانشور هجي، صاحب علم ۽ درگاھ نشين هجن يا سياستدان ۽ قانوندان هجن. علامه صاحب نه صرف دانشور ۽ مفڪر هئا، پر عظيم مبلغ ۽ مصلع پڻ هئا. پاڻ پنهنجي علم ، فڪر، فلسفي ۽ ڪردار ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئا. سندن علم ۽ فڪر جو سرچشمو قرآن حڪيم جي حڪمت ۽ هدايت هو. کين يوناني توڙي هندي فڪر ۽ فلسفي سان گڏوگڏ جديد يورپ جي سائنسي ۽ سماجي علوم جي ڄاڻ هئي. علامه صاحب جي علميت جو سڀني اعتراف ڪيو آهي. سندن مطالعو تمام وسيع هو. پاڻ ڪلاڪن جا ڪلاڪ فلسفي، بائيلاجي، نباتات، (باٽني) فزڪس، ڪيميا،جيالاجي (علم الارض)، علم نجوم، آرٽ، فن تعمير، موسيقي ۽ شاعري توڙي علم و ادب تي ڪيترا ڀيرا ليڪچر ڏئي چڪا هئا. دراصل پاڻ علم جا دريا هئا. جيڪڏهن علامه صاحب دنيا جي ٻئي ڪنهن ملڪ ۾ پيدا ٿين ها ته يقينن اڄ تائين سندن زندگي ۽ فلسفي تي انيڪ ڪتاب ڇپجي چڪا هجن ها ۽ سندن فڪر ۽ پيغام دنيا جي ڪيترن ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي ڇپجي چڪو هجي ها پرافسوس انهيءَ ڳالھ جو آهي جو اسان مجرماڻي غفلت ڪئي آهي ۽ علامه صاحب جي پيغام ۽ فڪر کي ٻين تائين پهچائي نه سگهيا آهيون.

علامه جديد دور جي انسان جو تجربو ڪرڻ بعد هن نتيجي تي پهتا ته هوس، لالچ ۽ خواهش جي ڪري اڄ جو انسان انڌو ٿي پيو آهي ۽ کيس سچائي نظر نٿي اچي. بلڪل ايئن جيئن قرآن ۾ تنبيھ ڪئي وئي آهي ته ”صم بڪم عمي فهيم لايرجعون“. قاضي صاحب انسان جي عظمت جي واکاڻ ڪن ٿا ۽ سندن چوڻ آهي ته الله تعاليٰ انسان کي ”احسن تقويم“ ڪري پيدا ڪيو آهي. ليڪن جڏهن انسان پنهنجي اصليت وساري نفس جو تابع ٿي پوي ٿو ته ”اسفل السافلين“ بنجيو وڃي.


 

علامه آءِ آءِ قاضي

سنڌ جنهن تي فخر ڪري ٿي

سنڌ جي وڏي عالم ۽ اسڪالر علامه آءِ آءِ قاضي مرحوم جو پورو نالو، امداد علي ولد امام علي قاضي هو. سندس وڏا پاٽ ڳوٺ، ضلعي دادوءَ جا هئا. علامه صاحب جو والد قاضي امام علي سرڪاري ملازمت جي ڪري پاٽ مان لڏي حيدرآباد ۾ اچي رهيو، جتي حيدرآباد جي بااثر شخصيت محمد حافظ جي وڏي نياڻيءَ سان شادي ڪيائين، جنهن مان امداد علي ( آءِ آءِ قاضي) ۱۸ اپريل ۱۸۸۶ع ۾ ڄائو. سندس والد قاضي امام علي ڪجھ عرصي لاءِ دادوءَ ۽ نوشهري فيروز جو ميونسپل ڪمشنر ۽ آنرري مئجسٽريٽ پڻ ٿي رهيو. علامه آءِ. آءِ قاضيءَ جي ابتدائي تعليم لاءِ آخوند عبدالعزيز کي مقرر ڪيو ويو. آخوند صاحب علامه قاضيءَ کي قرآن پڙهايو ۽ ابتدائي سنڌي، فارسي ۽ علم رياضيءَ ۾ پڻ سکيا ڏني. انهيءَ کان علاوه آخوند صاحب کيس ”مفتاح الصلواة “ به پڙهايو.

علامه صاحب ارڙهن سالن جي عمر ۱۹۰۴ع ۾ سنڌي فائنل جو امتحان خانگيءَ طور پاس ڪيو ۽ فارسيءَ ۾، جيڪو ان وقت لازمي مضمون هو، پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. ۱۹۰۵ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان خانگي اميدوار جي حيثيت ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ علامه صاحب علي ڳڙھ ۾ سر سيد احمد جي قائم ڪيل ڪاليج ۾، وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويو. هڪ سال کان پوءِ قاضي صاحب علي ڳڙھ مان موٽي آيو ۽ تعليمي سلسلو منقطع ڪري ڇڏيائين. ۱۹۰۷ع ۾ پنهنجي ماروٽ ميان عبدالقادر حافظ سان گڏجي اعليٰ تعليم لاءِ لنڊن روانو ٿيو، جتي هڪ سال خانگي طرح ايڪانامڪس) اقتصاديات) جي تعليم ورتائين. ۱۹۰۹ع ۾ لنڊن اسڪول آف ايڪنامڪس ۾ داخل ٿيو. ڊاڪٽر ڪنٽن وٽ پڙهيو. علامه صاحب کي مختلف مضمونن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ ۾ جنون جي حد تائين لڳاءُ هو، تنهنڪري لنڊن جي قيام دوران مختلف تعليمي ماهرن کان مختلف مضمونن ۾ ڄاڻ حاصل ڪندو رهيو. ڊاڪٽر ”برائون“ کان نفسيات جي تعليم حاصل ڪيائين. ان کان سواءِ فزڪس ۽ بائيلاجي خانگي طرح پڙهيو. ڊاڪٽر ”آرنولڊ“ کان فلسفي جي تعليم حاصل ڪيائين. انهيءَ دوران علامه صاحب کي قانون جي تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو ۽ ۱۹۱۰ع ۾ ”لنڪنس اِن“ لنڊن ۾، ”بار ايٽ لا“ لاءِ داخلا ورتائين. تعليم دوران علامه صاحب جي ملاقات مس ايلسا نالي جرمن خاتون سان ٿي. مس ايلسا هڪ قابل ۽ بلند پايي جي ليکڪا ۽ شاعره هئي. سندن طبيعتون هڪٻئي سان ملي ويون ۽ ٻنهي جي پاڻ ۾ پريت ٿي وئي. ۱۹۱۰ع ۾ ايلسا سان شادي ڪري ازدواجي رشتي ۾ منسلڪ ٿيو. ۱۹۱۱ع ۾ بار ايٽ لا جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي وطن واپس وريو. واپسيءَ بعد مختلف علمن جو مطالعو جاري رکيائين. ڪجھ عرصي بعد وري انگلنڊ هليو ويو، جتي پنهنجو مطالعو جاري رکيائين. قاضي صاحب ۱۹۱۹ع ۾ لنڊن مان واپس موٽيو. ۱۹۲۱ع ۾ پنهنجي عملي زندگيءَ جو آغاز، بحيثيت مئجسٽريٽ ڪيائين. ڪجھ عرصي لاءِ ٽنڊي محمد خان ۾ مقرر ڪيو ويو. اپريل ۱۹۲۲ع ۾ خيرپور رياست ۾ سيشن جج مقرر ٿيو.

پاڪستان جي قيام کان پوءِ علامه صاحب ٻنهي علائقن جي انسانن جي غير فطري ۽ جبري لڏ پلاڻ ۽ خونريزيءَ وارن عملن کان بددل ٿي وري لنڊن هليو ويو. پاڻ اڃا انگلنڊ ۾ ئي هو ته سندس مداحن ۽ دوستن، خاص طرح سائين جي. ايم. سيد سندس واپس اچڻ لاءِ وڏو زور ڀريو. آخرڪار علامه صاحب لنڊن کي الوداع ڪري، ۱۹۵۱ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جي چارج اچي ورتي، ۽ ان کي اعليٰ تعليمي درسگاھ بنائڻ ۽ مختلف سائنس ۽ آرٽس جا شعبا قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ تعليمي ماهرن سان لھ وچڙ ۾ آيو ته جيئن ٿوري وقت ۾ گهڻي ۾ گهڻا شعبا قائم ٿي سگهن. علامه قاضي صاحب طرفان سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلريءَ جو عهدو قبول ڪرڻ کان پوءِ ’يونيورسٽي ورلڊ‘ نالي رسالي ۾ هڪ تبصرو شايع ٿيو ته سندس عاليشان انتخاب تي مبارڪباد ٿي ڏجي، جيڪو هڪ بيحد لائق شخص ۽ سنڌ جو عظيم محقق پڻ آهي.

وائيس چانسلر بنجڻ کان پوءِ علامه صاحب، سڀ کان پهرين سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سينٽرل لائبريري قائم ڪرڻ ۽ پريس لڳائڻ جي منظوري ڏني. ۱۹۵۲ع ۾ جڏهن سنڌ ۾ قلم هڪ لڳايو ويو ۽ گورنر راڄ قائم ٿيو ته علامه صاحب گورنر دين محمد کي هڪ زوردار خط لکي سنڌ يونيورسٽيءَ جي مالي مشڪلاتن کي حل ڪرڻ لاءِ گرانٽ وڌائڻ لاءِ چيو. گورنر دين محمد فوراً سالياني گرانٽ هڪ لک مان وڌائي پنج لک رپيا ڪئي.

انهيءَ دوران علامه قاضي صاحب حڪومت کان نئين ڪئمپس لاءِ ڄامشوري ۾ زمين وٺي، جرمنيءَ مان آرڪيٽيڪٽ گهرائي، سڀ کان پهريائين فزڪس ڊپارٽمينٽ جي بلڊنگ ۽ ان کان پوءِ ڪيمسٽري ڊپارٽمينٽ جي بلڊنگ ٺهرائي ته جيئن سنڌ جا نوجوان سائنس جي ميدان ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪري سگهن. ائين چئي سگهجي ٿو ته هو سنڌ يونيورسٽيءَ جي موجوده ڪيمپس جو باني هو.

اها علامه قاضي صاحب جي مقناطيسي شخصيت هئي ۽ سندن اڻ ٿڪ محنت جو نتيجو هو، جو سنڌ يونيورسٽي، سنڌ جي عظيم علمي درسگاھ بڻي. نه صرف ايترو، پر علامه صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ جي تعليمي معيار کي وڌائڻ لاءِ چونڊي چونڊي علم جا گوهر گڏ ڪيا ۽ يونيورسٽيءَ جي ساک ايڏي وڌائي، جو هن يونيورسٽيءَ مان ڊگريون حاصل ڪندڙ فخر محسوس ڪرڻ لڳا.

علامه صاحب پورا ۹ سال سنڌ يونيورسٽيءَ جي بي لوث خدمت ڪئي، پر جنهن مهل محسوس ڪيائين ته مارشل لا جي غيرجمهوري حڪومت ۾ عالمن ۽ دانشورن جي ڪابه اهميت نه رهي آهي ۽ سنڌي زبان ۾ تعليم ڏيڻ خلاف سرڪاري سازشون شروع ٿي ويون آهن ته هڪدم وائيس چانسلريءَ تان استعيفا ڏئي گوشه نشين ٿي ويو. گوشه نشينيءَ جو اهو مقصد نه هو ته دنيا کان لاتعلق ٿي رهبانيت واري زندگي گذاري، پر گوشه نشينيءَ واري دور ۾ به هن پنهنجو پاڻ کي تحقيق ۽ تصنيف ۾ مشغول رکيو. ان ئي زماني ۾ هن حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي لافاني ڪلام تي تحقيق ڪئي ۽ نئين انداز ۾ شاھ جو رسالو ترتيب ڏنو. لطيف سائينءَ جي ڪلام جي چونڊ حصي جو پاڻ ۽ سندن گهر واري مدر ايلسا قاضيءَ گڏجي انگريزي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ڪيو ويو. علامه صاحب نه صرف دانشور ۽ مفڪر هو، پر عظيم مبلغ ۽ مصلح پڻ هو. هو پنهنجي علم، فڪر، فلسفي ۽ ڪردار ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. سندس علم ۽ فڪر جو سرچشمو قرآن حڪيم جي حڪمت ۽ هدايت هو. کيس يوناني توڙي هندي فڪر ۽ فلسفي سان گڏوگڏ جديد يورپ جي سائنسي ۽ سماجي علمن جي به ڄاڻ هئي. علامه آءِ آءِ قاضيءَ ۱۳ اپريل ۱۹۶۸ع تي وفات ڪئي، سندس مزار سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري ۾ آهي.

(سڌيانا جي ٿورن سان، ڏيھاڙي عبرت ۱۸.۰۴.۲۰۱۲ع تان کنيل)


 

علامه آءِ آءِ قاضي

زندگي ۽ علمي ڪارناما

ڊاڪٽر حافظ شبير احمد چنا

سندن نالو امداد علي ولد امام علي قاضي، سندن ولادت حيدرآباد شهر ۾ ۱۸۸۶ ع ۾ ٿي، ڪن جو چوڻ آهي ته سندن ولادت۱۸۸۹ ع ۾ ٿي. سندن وڏا انصاري خاندان جا هئا. پراڻي زماني کان وٺي پاٽ جو شهر عالمن ۽ ولين کان مشهور آهي ۽ اصل دادو ضلعي جي پاٽ شهر جا رهاڪو هئا. مخدوم عبدالواحد سيوستاني مشهور فقيه جنهن جو بياض واحدي فقه، فتويٰ ۾تصنيف آهي. پاڻ نعمان ثاني سان مشهور آهي، يعني امام ابو حنيفه ثاني. اورنگزيب عالمگير عالمن جو قدردان هو، نقل آهي ته جڏهن مخدوم صاحب جو ڏاڏو مخدوم عبدالواحد ڪبير اورنگزيب عالمگير وٽ ويو هو، پڇائين ته توهان ڪٿان آيا آهيو؟ جواب ڏنائين تهاز سنڌ پاڪ يعني سنڌ کان پاٽ شهر کان“ ته اورنگزيب فرمايو ته؛ ”توهان ايڏا وڏا ماڻهون پاٽ يعني ( ننڍي ٿانو) ۾ ڪيئن ٿا ماپو؟“ ان وقت اورنگزيب عالمگير دهلي شهر ۾ رهيل هو ۽ مخدوم صاحب جئن ته حاضر جواب هئا. پاڻ بر وقت جواب ڏنائونس جئين بادشاه سلامت پنهنجي اهل و عيال، لشڪر سميت ڊلي يعني (ننڍڙي ٿانوَ) ۾ ماپن ٿا ته مان به پاٽ ۾ماپي وڃان ٿو. ان جواب تي بادشاه اورنگزيب عالمگير ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کين ديھ رسول آباد ۾ جاگير بخشش ڏني، جنهن جا ڪاغذ اڃا تائين سائين حبيب الله صديقي صاحب وٽ محفوظ آهن.

سندن والد روينيو کاتي ۾ نوڪريءَ جي ڪري پاٽ مان لڏي حيدرآباد اچي رهيو ۽ سيٺ محمد حافظ جي گهران شادي ڪيائين، علامه صاحب جن جي ولادت ان مان ٿي.

علامه صاحب آخوند عبدالعزيز وٽ سنڌي، فارسي، عربي، علم رياضي، جاگرافي، قرآن، فقه جا ابتدائي سبق پڙهيائون، کين ننڍي هوندي کان روزي ۽ نماز جو پابند ڪيوويو هو. ۱۱سالن جي عمر ۾ نقشبندي طريقي ۾ داخل ٿيا، کين مراقبو ڪرايو ويندو هو. دنيا کان الله تعاليٰ جي قدرت ۾غور و فڪر ڪرڻ مراقبو آهي ڇو ته ان جو اصل حضورصلى الله عليه وسلم کان ثابت آهي جئين ته پاڻ نبوت کان اڳ غارِ حرا ۾ وڃي عبادت ۽ ڪائنات ۾ غور و فڪر ڪرڻ ۾ مشغول رهندا هئا، موتوا قبل ان تموتوا جي صحيح مهل پاڻ ظاهري علم ۾ مشغول ٿيا.

مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ وري قاضي صاحب کي ويراڳ لڳو سو جوڳين سان شامل ٿيا ۽ ڇھ (۶) مهينا انهن سان هئا، جئين ته شاه عبداللطيف فرمايو:

صوفيءَ صاف ڪيومِ ڌوئي ورق وجود جو

تهان پو ءِ ٿيومِ جئري پسڻ پرين جو. (شاه صاحب)

وري اچي پڙهڻ لڳا، جلد (بي اي) ڪري علي ڳڙھ هليا ويا پر اتان ڇڏين جو اهو پاڻ پڙهيل هئا پوءِ ولايت هليا ويا. مختلف علمن ۾ داخلا ورتائون.

پاڻ فرماين ته هي داخلا ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ نه پَرَ حق جي ڳولا ۽ سمجھ حاصل ڪرڻ لا هئي، فقط قانون ۾ ڊگري حاصل ڪرڻ جو ارادو ڪيم تنهن ڪري بئريسٽري ڪيم. ان وقت کين روحاني بي چيني رهندي هئي ان لاءِ پاڻ ديوان حافظ مان فال ڪڍين ۽ هي سِٽ وقت نڪتي.

*ما مريدان خدائيم خدا رهبرِ ما است*

(اسان خدا جو ارادو ڪندڙ آهيون، خدا اسان جو رهبر آهي)

پاڻ فرمائين ٿا:

ان وقت کان وٺي پنهنجي رَبَ جو درنه ڇڏيم شريعت جي احڪام تي سختيءِ سان عمل ڪيم.

علامه صاحب ولايت ۾ پڙهيو ۽ بار ايٽ لا (بئريسٽر) هو پر سندس علم انهي رسمي علم کان گهڻو مٿي هو، سالن جا سال پاڻ پنهنجي سر گَهرو مطالعو ڪيائون ۽ گهڻو پروڙيائون هي سندن تقريرون ۽ تحريرون ان گهري مطالعي ۽ کوجنا ۽ غوروفڪر جو نتيجوهيون.

علامه آءِ آءِ قاضي جي دل ۾ عوام جي تعليم ۽ اصلاح جي تڙپ موجود هئي ۽ سندن طبيعت ۾ خدمتِ خلق جو جذبو موجود هو، جنهنڪري کين ۱۹۳۸ع ۾ ڪراچي موٽي اچڻ ۽ مسلمان نوجوانن ۾ اسلام بابت ڄاڻ پيدا ڪرڻ جو شوق جاڳيو، جئن اهي نوجوان پنهنجي ڳوٺن ۽ وستين ڏانهن موٽي ساڳين جڳهن تي پنهنجن حلقن ۾ اهڙي طرح عوام ۾ دين بابت روشن خيالي پيدا ڪن. هي جاکوڙ هڪ تحريڪ وانگر هئي.

هن ڪم جي ابتدا جمعي نماز جي خطبن مان ٿي، مسلم هاسٽل جي مسجد ۾ قاضي صاحب باقاعدگي سان خطبا ڏيڻ شروع ڪيا. هن مسجد ۾ اڳ پگھاردار پيش امام نماز پڙهائيندو هو، جنهن ڪري نمازن جو تعداد آهسته آهسته ويو گھٽبو.

 قاضي صاحب جي عالمانه خطبن جي هاڪ ٻُڌي ساڳي مسجد ۾ نمازن جو وڏو اجتماع ٿيڻ لڳو، جنهنجو ڪو اڳ مثال ئي نه هو.

جمعي نماز جي وقت کان به اڳ مسجد نمازن سان ڀرجي ويندي هئي ۽ٻاهر ميدان ۾به نمازي اچي گڏ ٿيدا هئا، جنهن ۾ هاسٽل ۾ رهندڙ شاگردن کان علاوه ڪيترا ئي شهري پڻ شامل هئا.

ڪيترا ئي عالم ٻين صوبن کان به اينداهئا، بقول قاضي فيض محمد جي ته هڪ دفعي مولانا ابوالڪلام آزاد ۽ مولانا محمد صادق کڏي واري قاضي صاحب جي تقرير ٻڌي ۽ قاضي صاحب پٺيان جمعي نماز اداڪئي.

اُهي خطبا واقعي پگھاردار امامن جي خطبن کان مختلف هئا، هفتيوارتقريرن جو اضافوڪيوويو، اُهي خطبا خاص ميڙ، هاسٽل جي هال ۾ ٿينداهئا.

ان کان پوءِ قاضي صاحب پنهنجي گھر ۾ ئي تقريرن جو سلسلو شروع ڪيو. ٻڌندڙن جي هن محدود حلقي ۾ جناب اي ڪي بروهي به شامل هو.

علامه آءِ آءِ قاضي ۽ سندن بيگم جي سڄي زندگي جي تحقيق جو ڪجھ حصو سندن ڪتاب ”Adventure of Brown Girl in Search of God” ۾ جهلڪي ٿو. هي ڪتاب لنڊن ۾ ۱۹۳۳ع ۾ شايع ٿيو.

علامه آءِ آءِ قاضي صاحب تبليغ اسلام جي سلسلي ۾ هي ڪتاب لکيو (خدا جي تلاش ۾ ڀوري ڇوڪريءَ جو مهمات) هن ڪتاب ولايت ۾ خواه هت قاضي صاحب جو نالو پيد اڪيو.

قاضي صاحب هي ڪتاب، ”خدا جي تلاش ۾ ڪاري ڇوڪريءَ جون مهمات“ جي جواب ۾ لکيو، جيڪو برنارڊشا اهولکيوهو.

برنارڊشا جي ڪتاب کان اڳ اهڙي قسم جوڪتاب ”خدا جي تلاش ۾ اڇي ڇوڪري مهمات“ اڳي ئي ڇپجي چڪو هو. برنارڊ شا پنهجي ڪتاب ۾ سڀني مذهبن تي سخت تنقيد ڪئي هئي ۽ اهو ڏيکاريو هيائين ته ڪيئن ڪاري ڇوڪري سڀني مذهبن کي بيڪار پائي آخرڪار سوشلزم اختيار ڪئي. غلام رباني آڳرو لکي ٿو ته ”علامه صاحب جو مثال شاه لطيف وانگر آهي، جو مذهب، فلسفو، سائنس سندس گفتگو جا مکيه موضوع هوندا هئا پر ان بابت به پاڻ مٿانهين ليول تان گفتگو ڪندا هئا، ائين لڳندوهو ته حيدرآباد اٿينس جو شهر آهي، جنهنجا اهل دل انسان سقراط جي سامهون ادب سان ڪنڌ نِمائي سچ جوسبق وٺي رهيا آهن.

علامه آءِ آءِ قاضي فرمائي ٿو؛ ”يونيورسٽي جومقصد آهي علم کي عام ڪرڻ، اهو مقصد اسان فقط مٿين طريقي سان پورو ڪري سگھنداسون ۽ تڏهن ئي صحيح معنى ۾ استاد سڏيا وينداسون، ائين ڪرڻ کان پوءِ ڏسندئو ته پاڪستان جون ٻيون يونيورسٽيون. اسان جي تقليد ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪنديون.

پاڻ وڏا مفڪرِ اسلام ۽ فلاسفر هئا.

سندن تقريرون فلسفيانه انداز جون هيون ، جوعام ماڻهن جي سمجھ کان مٿي، وڏاوڏا عالم، فاضل اچي سندن تقريرون ٻڌنداهئا ۽ حيران ٿينداهئا.

پاڻ وڏي جاکوڙ ڪيائون ۽ هي سوال ته انسان ڪٿان آيو ، ڪيڏانهن وڃڻو اٿس؟ انجي اچڻ جومقصد ڇااٿس؟

منهنجي والد حضرت علامه مولانا مولوي بشيراحمد به هڪ ڀيري حيدرآباد ۾ سندن تقرير ۾ شامل ٿيا ۽ بهترين ٻُڌايائون، ۽ مولانا مولوي محمد صديق لاکو صاحب مرحوم سابق رليجز ڪائونسلر، سنڌ يونيورسٽي به علامه صاحب جي تقرير ۾ ويٺا هئا. ٻڌايائون ته عصر جي نماز جو ٽائيم ٿي ويو ته ماڻهو اُٿڻ لڳا ته علامه صاحب انهن کي تنبيھ ڪندي فرمايو ته هن مجلسن جي قضا نه آهي، وري نه ملنديون ۽ نماز جي قضا آهي.

علامه صاحب فرمائي ٿوته انسان علم۾ ترقي ڪندورهي، وڏن ٻارن جي تعليم جو مقصد ذهني ترقيءَ سان گڏ نفس جي تهذيب هئڻ گھرجي، انهن جي تعليم جو مقصد اصولن جي ڳولها ڦولا، يونيورسٽيء جي تعليم جو مقصد مختلف علوم جي اصولن کي ربط ڏئي اها ڪليت، جامعيت ۽ سالميت هئڻ گھرجي جا زندگي جي راز کي کولي ظاهر ڪري. پهريائين ڪوڪبي طبعيات کان تحقيق شروع ڪجي پوءِ علم طبعيات پوءِ علم ڪيميا پوءِ حياتيات پوءِ نفسيات.

علماشراق جوبه ذڪر ڪيو اٿن جو افلاطون ۽ ارسطو ۽ سقراط ، بقراط ان جا عالم هئا.

علامه صاحب انهن جي ڪتابن جو اڀياس ڪري انهن جي نظريات کان مخاطبين کي واقف ڪيو.

پاڻ وڏا عالم هئا، علم حاصل ڪرڻ لاءِ يورپ، مصر، هندستان ۽ ٻين جاين تي سالن جا سال گذاريائون.

پاڻ عربي، فارسي، جرمني، انگريزي، اردو ۽ هندي ٻولين جا ڄاڻو هئا. پاڻ سائنس جي مضمون ڪيمسٽري ،فزڪس ۽ ميٿ وغيره ۾ ڊپارٽمنٽن جي هفتيوار گڏجاڻين جي صدارت ڪندا هئا ۽ پاڻ ان تمام ڏکين سائنسي موضوعات تي اهڙا ته ريمارڪ ۽ ليڪچر ڏينداهئا، جو خودسائنسدان حيران ٿيندا هئا ته قاضي صاحب کي هيتر وعلم ڪٿان حاصل ٿيو؟

علامه آءِ آءِ قاضي فرمائي ٿو؛ سنڌ جي ماڻهن کي جيڪڏهن سنڌ بچائڻي آهي ته جِهل جو خاتمو آڻن، علم ۽ محبت کي اختيار ڪن. سچي سنڌ تڏهن قائم رهندي جڏهن اسين سچ جو رستو اختيار ڪنداسين ۽ اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪريون. تَن، مَن، ڌَن سڀ انسان ذات جي ڀلائي لاءِ قربان ڪريون.

اٿينس جي روايت وانگر سنڌ جي هن سقراط کي به پنهنجو انت پاڻ آڻڻو پيو.


 

علامه آءِ - آءِ – قاضي

[ ۱۸۸۶ع – ۱۹۶۸ع ]

ميمڻ عبدالغفور سنڌي

سر زمين سنڌ جو عظيم فرزند، علامه امداد علي امام علي قاضي صاحب جي ولادت حيدرآباد شهر ۾ ۲۱ ربيع الاول ۱۳۰۴ھ مطابق ۱۸ اپريل ۱۸۸۶ع تي ٿي هئي. سندس وڏا اصل دادو ضلعي جي پاٽ ڳوٺ جا هئا. علامه صاحب جي شروعاتي تعليم نهايت خبرداريءَ سان ٿي. پاڻ جڏهن مئٽرڪ جو امتحان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين، ته سندس والد بزرگوار کيس وڌيڪ تعليم ڏيارڻ خاطر ولايت ڏانهن اُماڻيو. لنڊن پهچي، اُتان جي بهترين ۽ قابل استادن کان فلسفي، نفسيات ۽ اقتصاديات ۾ سٺي تعليم حاصل ڪئي. ان کان علاوه خانگي طرح علم الحيات ۽ طبعيات جو پڻ چڱو اڀياس به ورتائين.

۱۸۱۰ع ۾ جرمنيءَ جي شهر مان ”ايلسيا“ نالي هڪ جرمن خاتونءَ سان شادي رچايائين. سندس زال هڪ قابل، بلند پايي جي اديبه ۽ شاعره هئي. بس، پوءِ ته ٻنهي جي پاڻ ۾ ڏاڍي پريت ٿي. قاضي صاحب پڻ هڪ بلند شخصيت هجڻ سان گڏوگڏ وڏو عالم، محقق ۽ دانشور هو. شاديءَ کان پوءِ هڪ سال جي مختصر عرصي اندر انگلنڊ مان بئريسٽريءَ جي ڊگري وٺي، وطن واپس وريو.

وطن ۾ مئجسٽريٽ ۽ سيشن جج جي عهدن تي به فائز رهيو. ڪجھ عرصي لاءِ انتظامي ڪائونسل جو ”هوم ميمبر“ به ٿي رهيو – ۱۹۵۱ع کان ۱۹۵۹ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر مقرر ٿيو. رٽاير ڪرڻ بعد پنهنجي گهر واريءَ سميت سنڌي ادبي بورڊ جا ڪتاب لکڻ لڳو.

علامه صاحب شروع کان ئي محنتي ۽ ديانتدار هو. پنهنجي نيڪ نيتيءَ کي ثابت رکندي، سچائيءَ ۽ صفائيءَ سان روز شب اوجاڳا ڪاٽيندي، حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي رح جي رسالي تي سندس ڪيل تحقيق، هڪ لازوال ڪارنامو آهي؛ جنهن کي ۱۹۶۱ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪرايو آهي.

جناب قاضي صاحب پنهنجي وقت جو هڪ جيد عالم ۽ مڃيل فيلسوف هو. پاڻ سموري زندگي قرآن پاڪ، امام غزالي رح جي فڪر ۽ حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي رح جي قولن موجب گذاري هئائين. اسلام جي اُصولن تي هلڻ ۽ وطن جي محبت جو ڪوڏيو هو.

علامه صاحب صحيح معنيٰ ۾ علم جو درياه هو. سنڌ خواه هند، بلڪ ولايت وارا به کانئس بيحد متاثر ٿيا – ۱۹۶۷ع ۾ سندس گهر واريءَ رحلت ڪئي؛ پوءِ ته پاڻ کي اڪيلو سمجهي جهري پيو؛ انهيءَ ڳڻتيءَ جي ڳاراڻي سندس هنيانءُ هيڻو ڪري وڌو؛ جنهن ڪري ۲۷ شعبان ۱۳۸۸ھ مطابق ۱۹۶۸ع جي ۱۷ اپريل جي سج ۾ وفات ڪيائن. کيس سنڌ يونيورسٽي جي احاطي اندر، مسجد شريف جي ڀرسان دفنايو ويو.

سنڌ جا سمورا پڙهيل ماڻهو علامه صاحب جي وڏي تعظيم ڪندا هئا. پاڻ حد کان زياده خود دار، نازڪ طبيعت، اُصولن جو پڪو ۽ واعدي جو بالڪل سچو هو. ٻين سان ڀلائي ڪرڻ سندس گڻ هو. ڪڏهن به ڪنهن جو ٿورو کڻڻ پسند نه ڪندو هو. سندس زبان ۾ ايتري قدر ته ميٺاج هوس، جو هڪ واري به جيڪو ساڻس مليو ٿي، سو ساري زندگي کيس ياد ڪندو رهي ٿو. هندستان ۽ پاڪستان جا وڏا وڏا اديب، شاعر ۽ دانشور به سندس شخصيت جو اعتراف ڪندا هئا؛ اُنهن مان: علامه ڊاڪٽر سر محمد اقبال، ڊاڪٽر ذاڪر حسين (هندستان جو اڳوڻو صدر)، مولانا ابوالڪلام ”آزاد“ ۽ جارج برناڊشا وغيره ته سندس خاص مداح هئا. سنڌ ۽ سنڌين کي هميشہ ذات تي فخر رهندو.

 

 

(1) – ازانسواءِ سندس هيٺيان ٻه ڪتاب انگريزي زبان ۾ لکيل آهن:-

(i) – A brown girl in Search of God

& (ii) – Casual Peeps at Sophia (Essays - 1967)


 

علامه آءِ آءِ قاضي

عالمي سطح جو ڏاهو ۽ مفڪر

ستار سومرو

سنڌ جي تاريخ ۽ ويهين صديءَ جي عظيم انسان اسلامي دنيا جو ڏاهو، مفڪر، تعليمدان، محقق، وڪيل ۽ مقرر، ادبي نقاد، سنڌ ۽ لطيف جو سچو عاشق، لطيفيات جو ڄاڻو ۽ پارکو، نفيس ۽ نازڪ، سادو ۽ سٻاجهڙو، نيڪ سيرت، خوبصورت صورت جو مالڪ “علامه آءِ آءِ قاضي” ‍‌جنهن جو پورو نالو علامه امداد علي ولد امام علي قاضي آهي.

هند ۽ سنڌ جي مشهور ۽ معروف شخصيت علامه آءِ آءِ قاضي صاحب ۹ اپريل ۱۸۸۶ع حيدرآباد جي هڪ علمي گهراڻي قاضي امام علي انصاريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. جنهن خاندان جو تعلق سنڌ جي تاريخي ۽ علمي شهرپاٽ شريف ضلعي دادو سان هو. ابتدائي تعليم لاءِ کيس حيدرآباد ۾ عبدالعزيز آخوند جي حوالي ڪيو ويو. جتان سنڌي، عربي ۽ فارسي جي علم مان فيضياب ٿيا. ارڙهن سالن جي عمر ۾ سنڌي ورينڪيولر جو فائنل امتحان پاس ڪيائين. ٻاويهن سالن جي عمر ۾ اعليٰ تعليم لاءِ لنڊن روانو ٿيو. جتي هڪ سال لاءِ اقتصاديات جو مطالعو ڪيائين. ان کان علاوه نفسيات ۾ ڊاڪٽر ارنالڊ ۽ سوشيالاجي ۾ پروفيسر هاب هائوس جي زيرنگراني ۾ ڀرپور مطالعو ڪيو. ان کان علاوه علم طب ۽ علم حياتيات جو به پڻ ذاتي مطالعو جاري رکيائين. عربي سکڻ لاءِ مصر جي الزهر يونيورسٽي جي پروفيسر گوما کان درس وٺي عربي ٻولي تي مهارت حاصل ڪيائين. لنڊن ۾ مغربي ٻولين تي مهارت حاصل ڪرڻ لاءِ “دي لنڊن اسڪول آف اورينٽل اسٽڊيز” ۾ ڊاڪٽر ٽري ٽان جي نگراني ۾ وڌيڪ مغربي علمن تي ڪماليت حاصل ڪيائين. پاڻ مشرقي ادب سان گڏ ٻولين تي اڳ ۾ ئي مهارت حاصل ڪري چڪو هو. ان پڙهڻ د‍ؤران ۱۹۰۱ع ۾ سندس ملاقات جرمن ڄائي هڪ نوجوان حسين عورت ايلسا گرٽريوڊلوسني سان ٿي. جيڪا علامه صاحب جي علمي بصيرت قابليت، ڏاهپ ۽ حسن اخلاق ڏسي عاشق ٿي پئي. جنهن کان پوءِ اُها عورت علامه صاحب جي زندگي ۾ شريڪ حيات ٿي. علامه صاحب ۱۹۱۱ع ۾ يورپ جي دؤري تي روانا ٿيا. ان کان پوءِ زندگي جا سڄا سارا ٽيھ سال انگلينڊ ۾ پنهنجي شريڪ حيات سان جديد علمن جو مطالعو ڪندين گذاريا. اهڙيءَ طرع علم جي تشنگي ۽ اڃ اُجهائڻ سان گڏوگڏ علم جي حاصلات ۾ پاڻ تقريبن اسلامي دنيا جو سير سفر ڪري وڏو مان ۽ شرف حاصل ڪيو.

علامه صاحب مذهب، فلسفو ۽ سائنس علوم جهڙوڪ، طبيعيات، ڪيميات، نباتات، حياتيات، عرضيات سان گڏو گڏ سماجي علوم اخلاقيات، سماجيات، سياست، اقتصاديات، نفسيات، معاشيات، تاريخ سميت ڪيترن ئي علمن تي مهارت رکندڙ ۽ سياسي مفڪر ۽ هڪ فيلسوف به هيو. علامه صاحب دنيا جو واحد مفڪر آهي، جنهن دنيا جي مُک تهذيبن چيني، ايراني، هندستاني، يوناني، رومي وغيره جو نهايت غير جانبدار ۽ صحيح جائزو پڻ ورتو آهي. ۽ پاڻ انهن سڀني تهذيبن جو بڻ پنهنجي سنڌو تهذيب کي سمجهي ٿو. مطلب ته علامه صاحب علم کي زندگيءَ جو مقصد ۽ روشني سمجهي پنهنجي سموري زندگي ان روشنيءَ جي پکيڙ ۽ تبليغ ڪندي گذاري ڇڏي پاڻ سڄي عمر اها دعا گهرندو هو ته رب زدني علماءِ ۽ جيئري ائين چوندو هو ته منهنجي نصيعت ۽ وصيت اها اٿو ته پنهنجي زندگيءَ جو مُک مقصد ۽ نصب العين علم کي بڻايو ۽ ڄاڻو بڻجو. ڇو ته علاما صاحب لطيف جي فڪري روايتن اوڪو ٻيو فهم جنهن سان پسجي پرين کي، ۽ سماج ۾ نواڻ پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڀٽائي جو، نئون نياپو آيو، راڻي ملان رات، جهڙن اصولن ۽ آدرشن کي آڏو رکي زندگي گذاري آهي.

سرها ڏٺم سي جني ساڃاھ سراڻ سين،

تيغ تنين جي کي ڪٽ نه لڳي ڪڏهين. شاھ

علاما صاحب اشرف المخلوقات جي تشريع هن انداز ۾ ڪري ٿو ته اوهان مان اشرف مخلوقات اهو آهي جنهن وٽ زندگي گذارڻ جو ڪو نه ڪو مقصد آهي. اهڙيءَ طرح علامه صاحب سماج کي بدلائڻ، سماج مان ڪوڙ، نفرت، حسد ۽ منافقت جي ڪاروبار کي ڪڍڻ سنڌي ماڻهن جي ترقي، خوشحالي ۽ نجات لاءِ علم جي حاصلات ۽ تعليم کي عام ڪرڻ جو مقصد پاڻ وٽ رکيو. علامه صاحب اهڙي اصلاحي تعليم جي ذريعي سماجي ۽ فڪري تبديليءَ جو حامي ۽ خواهشمند رهيو آهي، اهوئي سبب آهي جو علامه صاحب حاصل ڪيل علم جي ورهاست ماڻهن تائين پهچائڻ لاءِ يونان جي فليسوف “سُقراط وارو طريقو اختيار ڪيو يعني تقرير ڪرڻ ۽ ان تي بحث مباحثو ڪرائڻ” علامه صاحب ايڏي علمي قابليت وسعت ۽ ڏاهپ هجڻ جي باوجود به سُقراط جيان چوندو هيو مان هڪ شيءِ ڄاڻان ٿو ته ڪجھ به نٿو ڄاڻان “ علامه صاحب هميشه ايئن چاهيو ۽ چيو ته سنڌي ماڻهن جي تعليم ۽ تربيت لاءِ هندستان جي عظيم اڳواڻ مهاتما گانڌي جي آشرم ۽ رابندر ناٿ ٽيگور جي شانتي نڪيتن جي طرز تي هڪ علمي ادبي ادارو قائم ڪجي، سندن اهو به چوڻ هو ته سنڌ جي عظيم ۽ پاڪ پوتر سرزمين مان علم دوستن صالحن ۽ اعليٰ اخلاق جي معيارن تي ٻڌل ماڻهن جو اهرو گروھ پيدا ڪجي، جيڪو سنڌ جو امن، آشتي وطن دوستي ۽ انسان دوستيءَ وارو پيغام ۽ فڪر سموري دنيا تائين پهچائي اهڙي عملي ڪم ۽ ان سلسلي لاءِ پاڻ ڪيتريون ڪوششون پڻ ورتيون ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي ڏاهن ۽ مفڪرن سان ملاقاتون به ڪيون. جنهن ۾ خاص طور تي سنڌ جو عظيم رهبر ۽ جديد قومپرستيءَ جو باني سائين جي ايم سيد آهي جنهن جو وڌيڪ اظهار سائين جي ايم سيد جي ڪتاب “ساهڙ جا سينگار” ۾ ملي ٿو جيڪو ٻنهي جي خطن جو مجموعو آهي. علامه صاحب سنڌ يافته وڪيل به هو پر ان وڪالت جي ڌنڌي ۾ سچ ۽ ڪوڙ کي گڏ هلائڻو پوندو آهي. جيڪو علامه صاحب جهڙي سچار ۽ ايماندار ماڻهو کان اهو بلڪل برداشت نه ٿيو جنهن ڪري پاڻ ۱۹۳۰ع ۾ وڪالت تان استعيفا ڏئي، اهو وقت به علم وارن کي ڏيندو رهيو. اهوئي سبب آهي جو پاڻ پنهنجي دوست ۽ شاگرد اي ڪي بروهيءَ صاحب کي به وڪالت ڇڏڻ لاءِ هميشه زور ڀريندو رهندو هو علامه صاحب پنهنجي ذات زندگي ۽ شخصيت ۾ گھڻ پاسائو ماڻهو آهي جنهن پاسي ۾ ڏسجيس ته بلڪل پورو ٿو لهي.

علامه صاحب جون سنڌي ادب ۾ لاتعداد خدمتون ۽ عظيم ڪارناما به آهن. سندس هڪ عظيم ڪارنامو اهو آهي ته موجوده سنڌ يونيورسٽي جيڪا مادر علمي اداري جي حيثيت رکي ٿي جيڪا سنڌ جي نوجوان نسل جو علمي روح ۽ شعور جو مرڪز آهي اها يونيورسٽي ڪراچي مان منتقل ڪرائي علامه صاحب حيدرآباد ۾ آندي ۽ حيدرآباد کان پوءِ وڌيڪ سهولت لاءِ ڄامشوري ۾ منتقل ڪرائي ڪافي تڪليفن ۽ رڪاوٽن سان منهن ڏنو جيڪو سندس جو اسان مٿان وڏو احسان ۽ وڙ آهي. وڌيڪ خوشي ۽ خوش قسمتيءَ جي ڳالھ اها آهي ته پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ جا ۱۹۵۱ع کان ۱۹۵۸ع تائين وائيس چانسلريءَ جا فرائض سرانجام ڏنا ۽ جتي به پاڻ علم جي پرچار ۽ ڳالھ ڪندو رهيو ۽ کوڙ ساريون تعليمي خدمتون به سرانجام ڏيندو رهيو. پنهنجي ڳوڙهي مطالعي ۽ وسيع تجربي جي آڌار بنا ڪنهن معاوضي جي ليڪچر ڪندو هيو.

علامه صاحب وقت جو وڏو پابندو هوندو هو جڏهن به ليڪچر جو وقت ٿيندو هو ته خبر ئي ڪانه پوندي هئي ته اچي ڪرسيءَ تي ويهي رهندو هو. وقت جي پابندي جيڪا سندس ڪاميابي جي نشاني هئي علامه صاحب مقابلي ۽ شعور جي ميدان ۾ Quaintity نه بلڪ QUALITY جو قائل هو” هونئن ته علامه صاحب جي ليڪچرس جا ڪافي ڪتاب آهن انهن مان ترجمو ٿيل ٻه ڪتاب “ صوفي لا ڪوفي” ۽ “ اوڪو ٻيو فهم” آهن جن ۾ دنيا جي مختلف موضوعن جون تقريرون مضمون ۽ طويل مقاله به آهن. جيئن ته اسان مٿي عرض ڪري آيا آهيون ته علامه صاحب شاھ جو ڄاڻو ۽ پارکو آهي جنهن شاھ لطيف جي ڪافي پهلوئن تي عالمانه انداز ۾ تحقيق ڪري روشني وڌي آهي، جيئن اسان وٽ لطيف کي پير، بزرگ ۽ صرف درويش سمجهو ويندو هو لطيف جي شاعري ڪرامتن ۽ معجزن جي حوالي ٿيل هئي. اهڙي صورتحال ۾ علامه صاحب پنهنجي نقاد ۽ محققانه نظر رکي شاھ لطيف جي شاعريءَ تي هڪ طويل ۽ تاريخي مقالعو لکي، عظيم فلسفي ڪارلائل جي ٻڌايل آفاقي شاعريءَ جي اصولن ۽ عالمي ادب جي آڌر تي ڪم ڪري اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته شاھ لطيف دنيا جو عظيم ۽ وڏو شاعر آهي. جنهن مقالي کي سنڌي ادب ۾ ڪلاسڪ جو درجو مليل آهي. ان کان علاوه پاڻ شاھ جو رسالو به پڻ ترتيب ڏئي ڀٽائي سان لافاني عشق جو اظهار ڪيو آهي. علامه صاحب جي زندگيءَ جي اهڙن ڪمن ڪارن محنت جستجو تحقيق ۽ ڏک سک ۾ سندن شريڪ حيات ايلسا قاضي به هميشه گڏ رهندي هئي. جيڪا خود به اديبه، شاعره ۽ مصوره رهي آهي جنهن کي به لطيف ۽ سنڌ سان بي پيار رهيو هيو.

جنهن پنهنجي جنم ڀومي جرمنيءَ کي ڇڏي سنڌ وسائي ۽ سنڌ ۾ ئي سندس کي ابدي آرام نصيب ٿيو علامه صاحب کي پنهنجي رفيق ۽ شريڪ حيات سان تمام گھڻو پيار هوندو هو.

چيو ٿو وڃي جي جدائي آهي جنهن جدائي قاضي صاحب کي صفا جهوري وڌو هو. علامه صاحب جي ڪيفيت لطيف جي هن لافاني سِٽَ جهڙي؛

ڪا نه گھرجي مون، حياتي هوتن ريءَ.

علامه صاحب لاءِ اهو به مشهور آهي ته زندگيءَ جي آخري گھڙين ۾ شاھ جو “سُر سُهڻي” گھڻي پاٻوھ منجهان جهونگاريندا هئا. جنهن لاءِ علامه صاحب چوندو هو ته سُر سهڻي شاھ لطيف جي سوچ جي انتها آهي ان سُر ۾ شاھ جي تخليق جي بلندي ۽ سمورو فلسفو سمايل آهي، شايد، اهوئي سبب آهي جو جيئن سهڻي سنڌو درياھ جي حوالي ٿي وئي هئي ۽ ائين علامه صاحب لاءِ به چيو ٿو وڃي ته علامه صاحب سنڌو درياھ ۾ خودڪشي ڪئي هئي. بهرحال اها حتمي ڳالھ نه آهي باقي سُر سهڻي کي پسند ڪرڻ ۽ آخري وقت ۾ جھونگارڻ جو سبب ايلسا جي جدائي ضرور آهي ڇو ته هيءَ سٽ جيڪا سر سهڻي تان ورتل آهي.

اها سِٽَ آخري وقت ۾ علامه صاحب پڙهندو رهندو هو ته:

ڪهڙي منجھ حساب، هُئڻ منهنجو هوت رِيءَ. (شاھ)

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۳ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

 

No comments:

راءِ ڏيندا