; سنڌي شخصيتون: عبدالستار سمون - ناصر مقصود گل

13 April, 2015

عبدالستار سمون - ناصر مقصود گل

عبدالستار سمون
شرناءِ جو با صلاحيت وڄتڪار
ناصر مقصود گل
شرناءِ سنڌي ثقافت جو قديم ساز رهيو آهي، قدامت جي نظر سان ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ هن ساز جي استعمال جا اهڃاڻ اڄڪلهه يا چند سالن اڳ کان نه بلڪه عربن جي فتح واري زماني کان ڏسجن ٿا. تاريخ جي پراڻن پنن کي اٿلائڻ مان سڌ پوي ٿي ته عربن جي سنڌ تي مسلط ٿيڻ وقت ڪجھه ميراثي وڄتڪار ٽولن جي صورت ۾ دهل شرنائيون وڄائي، جھمريون هڻي، عرب حڪمرانن جي آجيان ڪئي هئي. انهيءَ وقت کان وٺي اڄ تائين سنڌ  ۾ شادين مرادين کان علاوه به سنڌ جي صوفي بزرگن جي درگاهن تي ملهائجندڙ ميلن توڙي ملاکڙن ۽ ٻين خوشيءَ جي موقعن تي دهلن ۽ شرنائين جو واڄو خوشين جي علامت هئڻ سان گڏوگڏ ثقافت جو حصو رهيو آهي.


سنڌي موسيقيءَ ۾ جتي گائيڪيءَ يا سازن سروند جي پنهنجي سڃاڻپ ۽ انفراديت رهي آهي، اتي شرناءِ جي به وڏي افاديت ۽ اهميت آهي، هن قديم ساز جي وڄتڪارن پنهنجي فن وسيلي يعني هن ساز جي توسط سان نه صرف ڏيهان ڏيهه مڃتا ماڻي آهي، پر گڏوگڏ سنڌ جي قديم روايتن ۽ سازن کي به زندهه رکيو آهي.
پر هتي افسوس سان ائين به چوڻو ٿو پوي ۽ اسان وٽ اهو الميو رهيو آهي ته ڪيترن ئي اهڙن سريلن فنڪارن، ڪلاڪارن، وڄتڪارن، ميراثين ۽ مڱڻهارن کي وقت ۽ زماني جي انوسار ۾ وساريو ويو آهي، ماضيءَ کان وٺي حال تائين ڪيئي املهه هيرا سنڌ جي اهڙي ثقافتي فن ۽ ثقافت سان واڳيل هئا ۽ آهن، جن پنهنجي وس ۽ وت آهر جس جوڳو ڪم ڪيو آهي، پر زماني جي اها وڏي ستم ظريفي رهي آهي، جو اهڙا ڪردار وقت جي ويرن ۾ ميسارجندا رهيا آهن، اهڙي ئي فن ۽ ڏات سان سلهاڙيل پر وقت هٿان وساريل شرناءِ جي وڄتڪارن ۾ عبدالستار سمي جو نالو ۽ حوالو پڻ ملي ٿو. عبدالستار سمون به سنڌ جو اهڙو سريلو، پر لڪل شرناءِ نواز آهي، جيڪو شرناءِ جي وڄتڪار هئڻ سان گڏ هڪ ئي وقت ڍولڪ نواز، نوحه خوان ۽ سماجي ڪارڪن پڻ آهي، جنهن پاڻ سان لاڳاپيل هر هڪ شعبي سان واهه جو نينهن نڀايو آهي.
عبدالستار سمي، رتيديري شهر ۾ شهدادڪوٽ روڊ تي ايامن کان آباد ’مڱڻهار فقيرن جي ويڙهي‘ ۾ پنهنجي وقت جي صوفي راڳيءَ، سريلي دهلاريءَ توڙي شهري حوالي سان هڪ يگاني ۽ فقيري شخصيت جي مالڪ  فقير غلام جعفر سمي جي گھر ۾ پهرين جولاءِ 1972ع تي اکيون کوليون. عبدالستار ثانوي تعليم مئٽرڪ تائين حاصل ڪئي. ’ڀت بنياد تي ويندي آهي‘ واري چوڻيءَ جي مصداق عبدالستار کي  موسيقيءَ جو فن توڙي فقيراڻو فيض ورثي ۾ مليو. سندس گهر ۽ گھر جي آس پاس رسيل وسيل سندن برادريءَ جي ويڙهي جي ماحول مطابق يارهن سالن جي ننڍڙي عمر ۾ ئي وڏڙن پاران عبدالستار کي به موسيقيءَ طرف مائل ڪيو ويو. سندس والد صاحب فقير غلام جعفر جي اها خواهش هئي ته سندس نورِ نظر نينگر عبدالستار شرناءِ جو شغف ماڻ وٺي، اهڙي نموني  هن کي شرناءِ جي فن جي حاصلات لاءِ 1983ع ۾ رتيديري شهر جي سريلي شهنائي نواز ۽ سندس ئي عزيز استاد غلام النبي سمي جي سرپرستيءَ هيٺ ڇڏيو ويو، جنهن عبدالستار کي شرناءِ توڙي موسيقي جي فن جي بنيادي ڄاڻ ڏني. هيءُ استاد غلام النبي سمي وٽ ٽن سالن تائين محنت ۽ لگن سان شرناءِ جو فن سکندو رهيو. جنهن کانپوءِ پنهنجي ان ئي استاد غلام نبي سمي جي مشوري کي استاد جو حڪم سمجھندي وڌيڪ سکيا لاءِ لاڙڪاڻي شهر جي ڪلاسيڪل ۽ سريلي شرناءِ نواز استاد نياز حسين جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ کانئس شرناءِ جي راڄوڻي لوڪ وڄت کان  علاوه انهيءَ ساز جي ڪلاسيڪل وڄت جي به ڄاڻ ورتائين. جڏهن ته عبدالستار ڍولڪ ۽ دهل جي فن جي سکيا پنهنجي والد محترم فقير غلام جعفر کان حاصل ڪئي.
عبدالستار شروع ۾ پنهنجي والد جي جوڙ سان گڏ شادين مرادين توڙي ميلن ملاکڙن ۾ ويندو هو ۽ جوڙ ۾ شرناءِ وڄائيندو هو، پر اڳتي هلي سندس والد صاحب عمر ۾ ضعيفيءَ سبب پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي فن کي خيرباد چئي آرام جي زندگي گذارڻ لڳو، جنهن بعد پنهنجي والد جي ان جوڙ کي عبدالستار سرواڻ بڻجي سنڀالڻ لڳو. ڍولڪ جي فن جي حوالي سان هن سنڌ توڙي پاڪستان ليول جي ڪيترن ئي سٺن فنڪارن سان ڍولڪ توڙي طبلي تي سنگت ڪئي آهي. جن ۾ استاد شرافت علي خان (شام چوراسي گھراڻي وارو)، ديدار حسين سمون، فقير مظفر علي دايو، غلام شبير سمون، شمن فقير سومرو، سيد موٽڻ شاهه، فقير غلام حسين، فقير منور علي ابڙو، سيد صدر الدين شاهه ۽ ٻين جا نالا قابل ذڪر آهن. سندس يادگار پروگرامن ۾ هڪ ڀيرو شڪارپور لڳ درگاهه ٻڍل فقير جي ميلي جي موقعي تي هن شام چوراسي گهراڻي جي استاد گويي خان صاحب استاد شرافت علي خان  سان ڍولڪ تي سنگت ڪئي هئي، سندس ڍولڪ وڄائڻ جي انداز ۽ سندس شخصيت مان استاد شرافت علي خان ايترو ته متاثر ٿيو، جو هڪ ڀيرو کيس پنجاب مان خط لکيائين، جنهن ۾ سندس فن جي تعريف پڻ ڪيائين.
عبدالستار گائيڪي جي فن ۾ ڪمال جي مهارت رکي ٿو. سندس آواز به تمام سريلو آهي ۽ اڪثر محفلن ۾ ڳائيندو پڻ آهي. هيءُ هڪ پر سوز نوحه خوان پڻ آهي، جنهن ڪري محرم وارن ڏينهن ۾ رتيديري شهر جي مرڪزي امام بارگاهه ’وڏو علم پاڪ رتوديرو‘ تي  نواحه خواني پڻ ڪندو رهندو آهي.
عبدالستار جي شخصيت جو سماجي پهلو پڻ اهميت وارو آهي. هيءُ لطيف سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن رتوديرو (لسوا) جو عهديدار پڻ آهي، جنهن جي پليٽ فارم تان سندس ڪردار هڪ اهم حيثيت رکي ٿو. رتيديري ۾ شهري سطح تي منعقد ٿيندڙ فلاحي سرگرمين ۾ هيءُ هڪ بي لوث خدمتگار طور هميشه اڳ کان اڳرو هوندو آهي. پوءِ اها اکين جي خيراتي اسپتال هجي يا گشتي بلڊ بئنڪ، ماتمداري ۽ عزاداريءَ وارن ڏينهن ۾ زنجير زني ڪندڙ عزادارن کي ترت علاج مهيا ڪرڻو هجي يا ماتمداري توڙي عيد ميلادالنبي جي جلوسن ۾ سبيل پيارڻ جو عمل، عبدالستار هر فلاحي ڪم ۾ اڳ کان اڳرو هوندو آهي. خاص ڪري پهرين محرم کان 25 محرم تائين سندس گهر جي آڏو حسيني سبيل لڳل هوندي آهي، جڏهن ته 7 محرم تي سندس گهر ۾ مجلسِ عزا، عزاداري ۽ ننگر نياز جو بندوبست بيحد عقيدت ۽ احترام سان ٿيل هوندو آهي.
عبدالستار لطيف سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن رتوديرو (لسوا) کان سواءِ ٻين ڪيترين ئي فلاحي توڙي مذهبي تنظمين سان واڳيل آهي، جن ۾ عباس فورس رتوديرو، جعفريه الائنس، يونٽ رتوديرو قابل ذڪر آهن، جڏهن ته هن ماضيءَ ۾ پنهنجي برادريءَ جي ڪجهه فنڪارن ۽ وڄتڪارن کي جمع ڪري ’فنڪار ايسوسيئيشن رتوديرو‘ جو بنياد پڻ وڌو. جنهن جي پليٽ فارم تان هن شهر ۾ استاد حاجي خان دوداپوريءَ سان شام سميت ٻيا به ڪيترائي موسيقيءَ جا سٺا پروگرام پڻ ڪرايا. هيءُ پنهنجي فن جي حوالي سان پنهنجي استاد نياز حسين خان سان گڏوگڏ ٻين به ڪيترن ئي سريلن شهنائي نوازن کي پسند ڪري ٿو، جن ۾ بين الاقوامي شهرت يافته استاد بسم الله خان، استاد عبدالله خان ڪوٽڙيءَ وارو، مولا بخش فقير، استاد محمد اڪرم مرحوم جا نالا قابل ذڪر آهن. جڏهن ته گائيڪيءَ جي حوالي سان دنيا جي سريلن فنڪارن ميڊم نور جهان، استاد شرافت علي خان، زاهده پروين، حميره چنا ۽ ٻيا سندس پسند جا فنڪار آهن. عبدالستار سمون هڪ خوش طبع انسان آهي، جنهن ڪري محفلن توڙي شادي مراديءَ جي پروگرامن ۾ ماڻهن کي خوش ڪرڻ لاءِ طنزو مزاح پڻ ڪندو آهي. عبدالستار سمي جو فن پاڻ تائين محدود نه آهي، پر هن پنهنجي ورثي جو وارث پنهنجي پٽ سلمان علي کي تيار ڪري ورتو آهي.

هتي افسوس صرف ان ڳالهه جو ٿي رهيو آهي ته عبدالستار جهڙا ڌرتيءَ جا وهائو ستارا ۽ ان جهڙا الائجي ڪيترا ڪردار اڄ به سرڪاري سرپرستيءَ کان محروم آهن. جيڪڏهن ڪي ادارا يا فنڪارن لاءِ ڪم ڪندڙ کاتا پنهنجي کاتي ۾ کين کڻي، سندن پريت جي پورهئي کي وقتائتي موٽ سان متعارف ڪرائين ته هوند هنن املهه ماڻڪن مان ڪيترائي نکري نروار ٿي سگھن ٿا.

No comments:

راءِ ڏيندا