; سنڌي شخصيتون: بئريسٽر غلام محمد خان ڀرڳڙي

29 March, 2015

بئريسٽر غلام محمد خان ڀرڳڙي


بئريسٽر غلام محمد خان ڀرڳڙي
شهزادي ڀرڳڙي
رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي سنڌ جي انهن معزز ترين هستين مان آهي، جيڪي آزاديءَ جي تحريڪ جا علمبردار ۽ مخلص قومي ڪارڪن هئا. اهڙن بزرگن تي ملڪ ۽ قوم کي فخر آهي. سندس نالو تاريخ ۾ سونهري اکرن ۾ لکڻ جي لائق آهي. رئيس صاحب خوش اخلاق، يارن جو يار، مهمان نواز ۽ هٿ جو ڪشادو هو.


رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي ڊينگاڻ جي سرزمين تي ڄائو نپنو. سندس تعلق زميندار گهراڻي سان هو. رئيس صاحب ڦٽين ٽاڻڻ جي فيڪٽري قائم ڪئي، الامين اخبار جو سمورو خرچ پاڻ ڀريندو هو. ‘سنڌ واسي اخبار کي مدد ڪندو هو. سنڌ جا اڪثر قومي ڪارڪن سندس مهمان نوازيءَ ۽ مدد سان مستفيض ٿيندا هئا. غريب شاگردن کي تعليم لاءِ اسڪالرشپون پنهنجي هڙان ڏيندو هو. وڪالت مان ڪا به پيدائش ڪا نه هوندي هئس ۽ اڪثر ڪيس مفت کڻندو هو. شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي خلاف هندن جو ڪيس پاڻ هلايائين. حُرن کي لوڙهن مان آزاد ڪرائڻ جو ڪيس هلايائين الحق” اخبار جي ايڊيٽر تي ٽريننگ ڪاليج جي پرنسپال تي ڪيل نڪته چينيءَ جي سلسلي ۾ جڏهن بدناموسيءَ جو ڪيس ڪيو ويو، ته اهو پڻ رئيس هلايو ۽ ان کان علاوه جڏهن مئجسٽريٽ ايڊيٽر کي ڏوهي ٺهرائي ۵۰۰ روپيا جرمانو وڌو ته اهو پاڻ ادا ڪيائين. اهڙا سندس سخاوت جا ڪيئي مثال آهن. پاڻ “سنڌ زميندار ايسوسيئيشن” جو باني هو. سنڌ ۾ مسلم ليگ جماعت جي شاخ ۱۹۱۸ع ۾ پهرين رئيس صاحب ئي قائم ڪرائي. حيدرآباد نيشنل ڪاليج کي ڪامياب بڻائڻ ۾ تمام گهڻي ڪوشش ورتي ۽ پاڻ ورهين جا ورهيه ان بورڊ جو چيئرمين رهيو. رئيس صاحب محبت جو مجموعو هو، ان ڪري تمام ماڻهن سان پيار ۽ محبت سان پيش ايندو هو ۽ ڏکئيءَ ۽ تڪليف ۾ سندن مدد ڪندو هو. رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي جي ابتدائي تعليم سنڌ جي قديم خاندانن جي دستور مطابق قرآن شريف ۽ فارسي تعليم حاصل ڪرڻ سان شروع ٿي. جڏهن رئيس صاحب ابتدائي تعليم کان فارغ ٿيو ته کيس حيدرآباد جي مشن اسڪول ۾ انگريزي پڙهڻ لاءِ ويهاريو ويو. ان کانپوءِ ڪراچي جي سنڌ مدرسي ۾ پڙهڻ لاءِ موڪليو ويو. اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ۱۹۰۵ع ۾ انگلينڊ ويو هو، اتي ٽي سال رهيو. ۱۹۰۸ع ۾ بئريسٽري جي سند وٺي موٽي آيو.
رئيس صاحب جي آفيس نالي ۾ وڪالت جي جاءِ هئي پر حقيقت ۾ سياسي ۽ سماجي ڪم ڪار جو ادارو ٿي چڪي هئي، ڪيئي نوجوان وڪيل ان ۾ وڪالت سان گڏ سياسي تربيت به حاصل ڪندا هئا. رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي سگهو ئي ڪراچيءَ جي مکيه ڪارڪنن سان لاڳاپو پيدا ڪيو جن ۾ مکيه سيٺ هرچند راءِ وشنداس، غلام علي چاڳلا، سيٺ يوسف علي علوي ۽ غلام حسين قاسم جن هئا. انهيءَ زماني ۾ اُتي هڪ “اسلام ڪلب” نالي سان مرڪز به قائم ڪيو ويو، جنهن جي عمارت گانڌي گارڊن جي پويان هئي، جتي ٻاهريان صاحب اچي رهندا هئا ۽ پاڻ ۾ صلاحون ۽ مشورا ڪندا هئا. اها پوري طرح خبر پئجي نٿي سگهي ته ڪانگريس تحريڪ سان رئيس صاحب جا لاڳاپا انگلينڊ جي رهائش گاهه واري وقت ۾ پيدا ٿيا هئا يا ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد جي دوستن جي سنگت ۾، پر معلوم ائين ٿئي ٿو ته ۱۹۰۹ع  ڌاري هي ڪانگريس جو ميمبر ٿي چڪو هو. انهيءَ وقت ۾منٽولي مارلي نفارمس” موجب نيون چونڊون ٿيڻ واريون هيون سنڌ کي ليجسليٽو ڪائونسل لاءِ چئن عيوضين کي چونڊڻ جو حصو مليو هو جن جا تڪ هن ر يت هئا: ۱. سنڌ جي ميونسپالٽين طرفان هڪ عيوضي. ۲. سنڌ جي لوڪل بورڊن طرفان هڪ عيوضي. ۳. زميندارن ۽ جاگيردارن طرفان هڪ عيوضي. ۴. ڪراچي چيمبر آف ڪامرس (يورپين) طرفان هڪ عيوضي. اهي چونڊون ۱۹۰۹ع جي آخر ۾ ٿيون جن ۾ هيٺيان عيوضي بمبئيءَ ڪائونسل تي چونڊجي ويا.
(۱) ميونسپالٽين طرفان سيٺ هرچندراءِ وشنداس چونڊيو. (۲) لوڪل بورڊ طرفان سيد الهندو شاهه ولد محمد علي شاهه ڊڀري وارو. ۳. زميندارن ۽ جاگيردارن رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي کي چونڊيو. ۴. چيمبر آف ڪامرس طرفان سر مانٽيگو ويب چونڊيو ويو.
بمبئيءَ ڪائونسل ۾ سيٺ هر چند راءِ ۽ رئيس غلام محمد خان صاحب ٻنهي دوستن جو چونڊجي وڃڻ سنڌ لاءِ نيڪ ڪم هو. سيٺ هرچند راءِ اڳئي پڙهڻ جي زماني ۾ ست سال کن بمبئيءَ ۾ رهي آيو هو جتي ڪيترن ئي قومي ڪارڪنن سان لاڳاپا پيدا ڪري ويو هو. هو ۱۸۸۸ع کان ڪانگريس ۾ حصو وٺندو آيو هو. رئيس صاحب کان عمر ۾ سورهن سال وڏو هو. هنن گڏجي وڃي غير سرڪاري پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪئي جنهن جو ليڊر ڪانگريس جو مکيه اڳواڻ سر فيروز شاهه مهتا هو. نئين ڪائونسل جو پهريون اجلاس ۴ جنوري ۱۹۱۰ع تي بمبئيءَ ۾ ڪٺو ٿيو، ان کانپوءِ ۱۹۲۰ع تائين ٻئي گڏجي بمبئيءَ ڪائونسل ۾ اڳواڻي ڪندا آيا.
۱۹۱۶ع  جي چونڊ ۾ خان بهادر سيد الهندو شاهه مرڪزي اسيمبليءَ تي چونڊجي ويو ۽ ان جي جاءِ تي لوڪل بوردن طرفان سر غلام حسين هدايت الله چونڊيو. ڪائونسل جي پوري مدت ۾ رئيس صاحب جيڪي ڪائونسل ۾ سوال پڇيا. ٺهراءَ آندا ۽ بل پيش ڪيا يا مختلف موقعن تي تقريرون ڪيون تن کي هتي بيان ڪرڻ مشڪل آهي. ان لاءِ بمبئي ڪائونسل جون ڪارروايون پڙهڻ ۽ کوجنا ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڀرڳڙي صاحب، مسلمانن ۾ تعليم جي ڪمي سبب هڪ مسلم ايجوڪيشن سيس بل تيار ڪري ڪائونسل ۾ پيش ڪيو، جنهن موجب مسلمان زميندارن کان رپئي تي هڪ پئسو فنڊ وصول ڪري، مسلم ٻارن جي تعليم تي خرچ ڪرڻو هو. مسلمان زميندار، مسلمانن جي تعليم لاءِ هندن وانگر هاءِ اسڪول وغيره کولڻ واسطي تيار نه هئا. هنن جو سمورو پئسو عياشيءَ، فضول خرچن ۽ شڪارن تي خرچ ٿيندو هو. تنهن ڪري رئيس صاحب ان جو علاج انهيءَ ۾ ڏٺو ته سيس ذريعي پئسا وصول ڪرائي سرڪار جي معرفت تعليم تي خرچ ڪجن، جڏهن اهو بل ڪائونسل اڳيان پيش ٿيو ۽ سيٺ هر چند راءِ ۽ ٻين سندس ساٿين ان جي تائيد ڪئي تڏهن سرڪار مجبور ٿي ان کي رد ڪرائڻ جي عيوض عام راءِ معلوم ڪرڻ لاءِ موٽايو ۽ راءِ وٺڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي به مقرر ڪئي. رئيس پاڻ ساريءَ سنڌ ۾ گشت ڪري وڃي زميندارن کي انهيءَ تجويز جي فائدن کان واقف ڪيو پر بدقسمتيءَ سان لاڙڪاڻي جي چند خود مطلبي زميندارن ان جي مخالفت ڪئي ۽ چيائون ته؛ هاري ناري پڙهندا ته چوڻ کان ٻاهر نڪري ويندا، تنهن ڪري زميندار ڇو انهن لاءِ خرچ ڪن. ان تي بمبئيءَ سرڪار کي وجهه ملي ويو ۽ انهن زميندارن جي مخالفت سبب بل کي ٿڏي ڇڏيو. سرڪار خود سنڌ ۾ تعليم عام ٿيڻ جي خلاف هئي ان جي خيال ۾ هڪ ڪانگريسيءَ طرفان اهڙو بل پاس ڪرائڻ ڪانگريس کي زور وٺائڻ جي برابر هو.
ڀرڳڙي صاحب سنڌ ۾ رسائي ۽ لاپي جون خرابيون ڏٺيون هيون کيس معلوم هو ته ڪامورا گشت تي ويندا هئا، تڏهن وڏا انتظام ٿيندا هئا. زميندارن طرفان کير، ڇيلا، بيضا ۽ گاهه وغيره پهچايا ويندا هئا عام ماڻهن کي هنن جي لاءِ رستن ٺاهڻ، تنبن کوڙائڻ، گاهه ميسر ڪرڻ، پاڻي ڀرائڻ، شڪار ڪرائڻ ۽ ٻين اهڙن ڪمن لاءِ ٽولن ۾ وهايو ويندو هو. سختي سان ڪم وٺڻ ۽ موچڙي مار ڪرڻ کانپوءِ به کين ماني ڪا نه کارائي ويندي هئي. ان کان علاوه هر هڪ آباد نمبر تان سرڪاري ڍل وٺڻ مهل، هڪ رقم الڳ ورتي ويندي هئي جا لاپي جي نالي سان مشهور هئي اها رقم تعلقي آفيس ۾ ڪٺي ٿيندي هئي. انهيءَ ظلم کان سنڌين کي ڇڏائڻ لاءِ هن ڀرڳڙي صاحب بمبئيءَ ڪائونسل ۾ هڪ ٺهراءُ آندو ۽ زوردار تقرير ڪئي ٻين ساٿين پڻ مدد ڪيس. نيٺ سرڪار مجبور ٿي هڪ انڪوائري ڪميشن مقرر ڪيو، جنهن جو چيئرمين جسٽس ميورڊ هو. ان جا ميمبر سيٺ هرچندراءِ وشنداس، شيخ غلام حسين، مسٽر ساهني ۽ محمود شاهه هئا. رسائي ڪميشن ۳ اپريل  ۱۹۱۸ع کان ڪراچيءَ مان شاهديون وٺڻ شروع ڪيون. مئي مهيني جي وچ تائين انڪوائري هلندي رهي ان اڳيان گهڻا ڦاٽ ڦاٽا. رئيس صاحب شاهديون ڪٺي ڪرائڻ ۾ ڏاڍي جفاڪشي ورتي، رپورٽ مٿي وڃڻ بعد سرڪار طرفان رسائيءَ خلاف سخت حڪم ڪڍيا ويا پر عملدارن تي ڪو به اثر ڪو نه پيو. البته خلافت ۽ ڪانگريس هلچل ڪري ملڪ ۾ جيڪا بيداري پيدا ٿي هئي، تنهن هن ۾ گهٽتائي ڪرائي. حڪومت جو خيال هو ته سنڌ هڪ وڏو صوبو آهي تنهن ڪري انتظام جي سهولت لاءِ مڪاني عملدارن کي وڌيڪ اختيارن ڏيڻ سان ملڪ جو ڀلو ٿيندو پر انهن کي اها خبر نه هئي ته ان ڪري ڪاموري ڪلاس جي هڪ هٽي ٿي ويئي هئي، رشوت ۽ ظلم جي بازار گرم لڳي پيئي هئي ڪنهن کي مجال نه هئي جو ان جي خلاف آواز ڪڍي سگهي. قلم ۱۱۰ ۽ فرنٽيئر ريگيوليشن لڳائي، ڪوڙا ڪيس ڪري آزاد ماڻهن کي هيسايو ويندو هو. ڪامورن جي انهن اختيارن کي گهٽائڻ لاءِ رئيس صاحب، سيٺ هرچند راءِ ۽ سندن ساٿين گهڻو آواز اٿاريو پر ڪنهن به نه ٻڌو ان وقت ڪامورن جي طاقت برطانيا سرڪار جي طاقت تصور ڪئي ويندي هئي.ڀرڳڙي صاحب جي ڪوششن سان سنڌ جي واهن جو سڌارو ٿيڻ لڳو آبادگارن کي وڌيڪ سهولتون ملڻ شروع ٿيون، سنڌ جا رستا سڌارڻ لاءِ لوڪل بورڊ کي وڌيڪ گرانٽون ملڻ شروع ٿيون. ڊسمبر ۱۹۱۱ع ۾ سيٺ هرچند راءِ وشنواس ۽ رئيس ڀرڳڙي آل انڊيا ڪانگريس جي ڪلڪتي واري اجلاس ۾ جو مسٽربشن نارائڻ ڌر جي صدارت هيٺ ٿيو هو وڃي شريڪ ٿيا هئا ان کانپوءِ ڊسمبر ۱۹۱۲ع ۾ بانيڪپور ۾ آل انڊيا ڪانگريس جي اجلاس ۾ به سيٺ هر چند راءِ ۽ رئيس ڀرڳڙي صاحب وڃي شرڪت ڪئي...
رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي ۶۰ هزار ايڪڙ جي ملڪيت رکندڙ جاگيردار هستي فقيراڻي طبيعت جو مالڪ هو. هڪ دفعي جو واقعو هن ريت آهي ريل جي فرسٽ ڪلاس ۾ سامان رکي اڪثر ٿرڊ ڪلاس ۾ دوستن ۽ عام ماڻهن سان ڪچهريون ڪندو هو. ڪولهين، ميگهواڙ، هارين سان گڏ پٽ تي ويهي رهاڻيون ڪندو هو. هڪ دفعي ڪنهن ميگهواڙ کي ڏسي چيائين ته؛ “آئون تنهنجو ڀاءُ آهيان.” تنهن تي هن چيو ته؛ جي ائين آهي ته منهنجي هٿ جو پاڻي پيءُ. رئيس صاحب، اهو پاڻي وٺي پيتو.
حيدرآباد ۾ نياڻين لاءِ ووڪيشنل انسٽيٽيوٽ به کولرايو، جتي ڇوڪرين کي قرآن جي تعليم سان گڏ هنري سکيا به ڏني ويندي هئي. ٽريننگ ڪاليج فار وومين جون ۲ ٽيچرس به گهرايون جن کي پگهار پنهنجي هڙان ڏيندو هو ڀرڳڙي صاحب.
رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي نمونيا جي بيماري ۾ گهڻو وقت مبتلا رهيو، ۹ مارچ ۱۹۲۴ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. سندس جنازي سان حيدرآباد جا هزارين شهري هندو مسلمان، مرد ۽ عورتون گڏ ويا، کيس اباڻي ڳوٺ ڊينگاڻ ڀرڳڙي ۾ مائٽاڻي قبرستان ۾ دفنايو ويو.



بئريسٽر رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي
شهزادي ڀرڳڙي
اِن ڳالهه تي فخر آهي ته منهنجو تعلق بئريسٽر رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙيءَ جهڙي عظيم اڳواڻ جي خاندان سان آهي. اڪثر ٻُڌندي آهيان ته اهي قومون ئي زندهه رهنديون آهن، جيڪي پنهنجي قومي هيرن کي ياد رکنديون آهن، پر هتي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسين اِن معاملي ۾ سدائين پوئتي رهيا آهيون. پنهنجن هيروز کي ياد رکڻ، اُنهن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن کي اُنهن هستين جي ڪارنامن کان واقف ڪرائڻ ۾ اسين ناڪام رهندا آهيون. جي ائين اسان جي قوم پنهنجي مخلص سياسي ۽ سماجي اڳواڻن کي وساريندي رهي ته ايندڙ نسل اُنهن ڪارڪنن جي محنت، وطن دوستي، دشمنن سان مهاڏو اٽڪائڻ وارن آڱرين تي ڳڻڻ وارين شخصيتن کان ناواقف رهندا.
رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي وڏي قد ڪاٺ جي شخصيت آهي. ورهاڱي کان اڳ جن ٿورڙن سنڌي سياستدانن سياست جي ميدان ۾ پاڻ مڃرايو، رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي انهن مان هڪ هو. منٽو مارلي رفارمس هيٺ بمبئيءَ ليجسليٽو ڪائونسل جي لاءِ سنڌ مان رڳو چار ميمبر چونڊجي اچڻا هُئا، انهن چئن ميمبرن مان هڪ رئيس به هو.
رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي ڊينگاڻ جي سرزمين تي ڄائو نپنو. سندس تعلق زميندار گهراڻي سان هو. رئيس صاحب ڦٽين ٽاڻڻ جي فيڪٽري قائم ڪئي، ”الامين“ اخبار جو سمورو خرچ پاڻ ڀريندو هو. ’سنڌ واسي‘ اخبار کي مدد ڪندو هو. سنڌ جا اڪثر قومي ڪارڪن سندس مهمان نوازيءَ ۽ مدد سان مستفيض ٿيندا هئا. غريب شاگردن کي تعليم لاءِ اسڪالرشپون پنهنجي هڙان ڏيندو هو. وڪالت مان ڪا به پيدائش ڪا نه هوندي هئس ۽ اڪثر ڪيس مفت کڻندو هو. شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي خلاف هندن جو ڪيس پاڻ هلايائين. حُرن کي لوڙهن مان آزاد ڪرائڻ جو ڪيس هلايائين ”الحق“ اخبار جي ايڊيٽر تي ٽريننگ ڪاليج جي پرنسپال تي ڪيل نڪته چينيءَ جي سلسلي ۾ جڏهن بدناموسيءَ جو ڪيس ڪيو ويو، ته اهو پڻ رئيس هلايو ۽ ان کان علاوه جڏهن مئجسٽريٽ ايڊيٽر کي ڏوهي ٺهرائي ۵۰۰ روپيا جرمانو وڌو ته اهو پاڻ ادا ڪيائين. اهڙا سندس سخاوت جا ڪيئي مثال آهن. پاڻ ”سنڌ زميندار ايسوسيئيشن“ جو باني هو. سنڌ ۾ مسلم ليگ جماعت جي شاخ ۱۹۱۸ع ۾ پهرين رئيس صاحب ئي قائم ڪرائي. حيدرآباد نيشنل ڪاليج کي ڪامياب بڻائڻ ۾ تمام گهڻي ڪوشش ورتي ۽ پاڻ ورهين جا ورهيه ان بورڊ جو چيئرمين رهيو. رئيس صاحب محبت جو مجموعو هو، ان ڪري تمام ماڻهن سان پيار ۽ محبت سان پيش ايندو هو ۽ ڏکئيءَ ۽ تڪليف ۾ سندن مدد ڪندو هو.
رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي جي ابتدائي تعليم سنڌ جي قديم خاندانن جي دستور مطابق قرآن شريف ۽ فارسي تعليم حاصل ڪرڻ سان شروع ٿي. جڏهن رئيس صاحب ابتدائي تعليم کان فارغ ٿيو ته کيس حيدرآباد جي مشن اسڪول ۾ انگريزي پڙهڻ لاءِ ويهاريو ويو. ان کانپوءِ ڪراچي جي سنڌ مدرسي ۾ پڙهڻ لاءِ موڪليو ويو. اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ۱۹۰۵ع ۾ انگلينڊ ويو هو، اتي ٽي سال رهيو. ۱۹۰۸ع ۾ بئريسٽري جي سند وٺي موٽي آيو.
رئيس صاحب جي آفيس نالي ۾ وڪالت جي جاءِ هئي پر حقيقت ۾ سياسي ۽ سماجي ڪم ڪار جو ادارو ٿي چڪي هئي، ڪيئي نوجوان وڪيل ان ۾ وڪالت سان گڏ سياسي تربيت به حاصل ڪندا هئا. رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي سگهو ئي ڪراچيءَ جي مکيه ڪارڪنن سان لاڳاپو پيدا ڪيو جن ۾ مکيه سيٺ هرچند راءِ وشنداس، غلام علي چاڳلا، سيٺ يوسف علي علوي ۽ غلام حسين قاسم جن هئا. انهيءَ زماني ۾ اُتي هڪ ”اسلام ڪلب“ نالي سان مرڪز به قائم ڪيو ويو، جنهن جي عمارت گانڌي گارڊن جي پويان هئي، جتي ٻاهريان صاحب اچي رهندا هئا ۽ پاڻ ۾ صلاحون ۽ مشورا ڪندا هئا. اها پوري طرح خبر پئجي نٿي سگهي ته ڪانگريس تحريڪ سان رئيس صاحب جا لاڳاپا انگلينڊ جي رهائش گاهه واري وقت ۾ پيدا ٿيا هئا يا ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد جي دوستن جي سنگت ۾، پر معلوم ائين ٿئي ٿو ته ۱۹۰۹ع ڌاري هي ڪانگريس جو ميمبر ٿي چڪو هو. انهيءَ وقت ۾ ”منٽولي مارلي نفارمس“ موجب نيون چونڊون ٿيڻ واريون هيون سنڌ کي ليجسليٽو ڪائونسل لاءِ چئن عيوضين کي چونڊڻ جو حصو مليو هو جن جا تڪ هن ر يت هئا: ۱. سنڌ جي ميونسپالٽين طرفان هڪ عيوضي. ۲. سنڌ جي لوڪل بورڊن طرفان هڪ عيوضي ۳. زميندارن ۽ جاگيردارن طرفان هڪ عيوضي ۴. ڪراچي چيمبر آف ڪامرس (يورپين) طرفان هڪ عيوضي. اهي چونڊون ۱۹۰۹ع جي آخر ۾ ٿيون جن ۾ هيٺيان عيوضي بمبئيءَ ڪائونسل تي چونڊجي ويا.
سنڌ جي ترقي ۽ بحالي لاءِ تعليم، صحت، پوليس، ڪائونسلن جو سُڌارو، پاڻي جي رسد ۾ لاٿ، ممبئي قانونساز ڪائونسل، جمڙائو واهه جي پاڻي جي ورهاست، مختيارڪارن جون ترقيون، صوبائي رستا، سنڌ ۾ واهن جي صفائي، سکر بئراج رٿا، زميندار ۽ جاگيردار ايسوسيئيشن اهڙا ڪيترائي موضوع آهن، جن تي ڀرڳڙي صاحب پنهنجو آواز اُٿاريو ۽ عملي طور ڪري ڏيکاريو. ڪراچيءَ ۾ ٿيل سالياني اجلاس ۱۹۱۳ع ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس جو هي ساليانو ميڙ هو، جيڪو ڪراچي جي جديد شهر ۾ پهريون ڀيرو ٿي رهيو هو. سموري سنڌ ۾ پيدا ٿيل بي مثال جوش ۽ جذبي انهيءَ ڪَٺَ کي يادگار بڻائي ڇڏيو هو.
ڀرڳڙيءَ صاحب اجلاس کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ ڪا ڪسر ڪانه ڇڏي. انگريزي اخبار ”سنڌ گزيٽ“ اجلاس جي مخالفت ڪئي پر ڀرڳڙي ان جي پرواهه نه ڪئي، بلڪه هن سيٺ غلام علي ڇاڳلا، مسٽر غلام حسين قاسم، مير ايوب خان ۽ بئريسٽر عبدالرحمان تي مشتمل مسلمان اڳواڻن جو هڪ گروپ جوڙي پنهنجي آل انڊيا ڪانگريس جو اجلاس ڪراچي ۾ ڪوٺائڻ واري رٿ جي پٺڀرائي حاصل ڪئي. اهو ڪانگريس جو ويهون ساليانو ميڙ هو، جيڪو ڪراچي ۾ ۲۶ کان ۲۸ ڊسمبر ۱۹۱۳ع تائين نواب سيد محمد بهادر جي صدارت هيٺ ٿيو ۽ جنهن جي آڌر ڀاءُ ڪاميٽي جو چيئرمين مسٽر هرچند راءِ وشنداس ۽ ڀرڳڙي ميمبر هو. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته اجلاس جي ڪارروائي جي رپورٽ ۾ ڀرڳڙيءَ جو آجيان ڪاميٽي جي ميمبر هجڻ جو ذڪر ڪونه هو پر سنڌ جي هِندن جي تاريخ نالي ڪتاب ۾ آجيان ڪاميٽي جي ميمبرن جو گروپ فوٽو آهي، جن ۾ ڀرڳڙي به هو.
ڀرڳڙيءَ جو صدارتي خطاب ۲۱ اپريل ۱۹۱۶ع
”مونکي هيءَ ڪرسي قبولڻ ۾ جيڪو سنڪرچ هو، سو ڪنهن به طرح گهٽ ڪو نه هو. هيءَ اهم گڏجاڻي هن صوبي جي سوچ ۽ آرزوئن جي نمائندگي ڪري ٿي، انهيءَ ڪري ان جي سوچ ويچار جي صدارت ڪرڻ فخر جوڳو اعزاز آهي. اوهان مونکي جيڪو مانُ ڏنو آهي، آئون ان جو پورو پورو قدر نٿو ڪري سگهان ۽ اهو محسوس ڪرڻ کان رهي نٿو سگهان ته ان زبردست ۽ اعتماد جو بار مون کان وڌيڪ لائق ڪُلهن جي کڄڻ جو آهي، سو آئون اوهان جي مهرباني جا ٿورا مڃان ٿو.
پبلڪ سروس ڪميشن ۽ رائل پبلڪ سروس ڪميشن جا جيڪي اعليٰ عهدا آهن، مثلاً ڪَليڪٽر، ڊسٽرڪٽ جج، ڊسٽرڪٽ سپرنٽنڊنٽ آف پوليس جيڪي هن وقت پريزيڊينسيءَ جي ٻين هندستانين جي لاءِ کُليل آهن، سي هن صوبي جي هندستانين لاءِ به کوليا وڃن، ڇو جو لياقت جي معاملي ۾ سنڌ پريزيڊينسيءَ جي ٻين ڀاڱن جي ڀيٽ ۾ گهٽ نه آهي. سنڌ جا رهواسي به ائين ئي هِي عُهدا ڀري سگهن ٿا، سنڌ جي ماڻهن سان به انصاف ڪيو وڃي. آئون اُها به گهر ڪندس ته جُڊيشل ڪمشنر اِن سنڌ واري ڪائونسل ۾ هڪڙي جاءِ وڪيلن جي صوبائي جماعت لاءِ مخصوص ڪئي وڃي، ڇو جو مونکي يقين آهي ته انهيءَ پارٽيءَ ۾ ڪافي لائق وڪيل آهن، جيڪي اُن جاءِ تي ڀرتي ٿي سگهن ٿا.“
اِئين جيڪڏهن اسين ڀرڳڙي صاحب جو سنڌ جي  تاريخ ۾ ڪردار ڏسنداسين ته اُهو انتهائي اهم آهي. هُن سنڌي ماڻهن جي تعليم لاءِ تمام گهڻيون ڪوششون ڪيون، خاص ڪري نياڻين جي تعليم لاءِ پاڻ تمام گهڻو ڪم ڪيو. اسان کي سنڌ جي موجوده بدحالي، امن و امان، بيروزگاري ۽ اقتصادي بحران جهڙي صورتحال ۾ بئريسٽر رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي جهڙن مخلص ۽ عظيم اڳواڻن جي تمام گهڻي ضرورت آهي.


بئريسٽر غلام محمد خان ڀرڳڙي
پروفيسر اعجاز قريشي
سنڌ هڪ مردم خير خطو رهيو آهي. هن پنهنجي ڪُکِ مان ڪيترين ئي عظيم ۽ اعلى شخصيتن کي جنم ڏنو آهي. انهن مان هڪ رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي پڻ آهي. غلام محمد خان ننڍي هوندي کان ئي سنڌ جي سياست ۾ پير پاتو ۽ ان ۾ هڪ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. ننڍپڻ ۾ هن تمام سٺي تعليم حاصل ڪئي ۽ پنهنجي تعليم ۽ سمجهه جي زور تي سنڌ جي عام غريب ماڻهن ۽ خاص طور تي مقامي ڪولهي ۽ ڀيل برادرين جي ماڻهن سان هن کي محبت ٿي ۽ سندن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي ڪوشش ڪئي. ڀرڳڙي صاحب جڏهن هن دنيا ۾ اک کولي ته هندستان ۾ برطانوي راڄ هو  ۽ سنڌ ۾ به انگريزن جي حڪومت هئي. هن پنهنجي اکين سان ماڻهن سان انگريزن طرفان ٻه اکيائي ٿيندي ڏٺي ۽ پوءِ انگريزن کي هن سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ماڻهن جا مسئلا وٽن کڻي ويندو هو. انگريز بهادر ڇاڪاڻ ته حڪمران هو ۽ پنهنجي طاقت جي نشي ۾ هو، ان ڪري هو انهن ڳالهين تي ڌيان نه ڏيندو هو.
غلام محمد خان ٿوري وقت ۾ ان ڳالهه کي سمجهي ويو ۽ هن انگريز جي قانون جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ ان تي دسترس حاصل ڪئي ۽ پوءِ هو جلد ئي انگلنڊ روانو ٿيو ۽ چند سالن ۾ بئريسٽري جي ڊگري حاصل ڪري واپس آيو. ڀرڳڙي صاحب انگلينڊ مان ڊگري وٺي ۱۹۰۸ع ۾ واپس سنڌ پهتو ۽ اچڻ شرط پنهنجي وڪالت جو هڪ جاندار فرم قائم ڪيو جنهن ذريعي هن عام ۽ غريب ماڻهن جا ڪيس کنيا ۽ ساڳئي وقت سياست ۾ ڀرپور حصو وٺڻ لڳو. انهيءَ دؤر ۾ ڀرڳڙي صاحب جي وڪالت واري فرم ۾ ساڻس سنڌ جي ٻين وڪيلن به ساٿ ڏنو جن ۾ خاص طور تي بئريسٽر عبدالرحمان، بئريسٽر حافظ، مسٽر عبدالقادر وڪيل ۽ ڪجهه ٻيا دوست شامل هئا. هي اُهو دؤر هو، جنهن وقت سنڌ جي هڪ ٻي اعلى شخصيت شيخ عبدالمجيد سنڌي مسلمان ٿي سنڌ جي سياست ۾ حصو وٺڻ لڳو. هي نو مسلم هو ۽ ڀرڳڙي صاحب سندس ڪافي مدد ڪئي. ان وقت سنڌ ۾ ڀرڳڙي صاحب جي دوستيءَ ۾ سنڌ جو ناميارو وڪيل ۽ دانشور سيٺ هرچند راءِ وشنداس، سنت داس منگهارام، جيٺمل پرسرام، جئرام داس دولترام به اچي ساڻس شريڪ ٿيا ۽ سنڌ ۾ هڪ سياسي ۽ سماجي هلچل هلڻ لڳي. انهن ئي ڏينهن ۾ مولانا عبدالله سنڌي به پير جهنڊي ۾ اچي رهيا هئا ۽ پنهنجي تعليم جو هڪ مدرسو قائم ڪيو. انهن ئي ڏينهن ۾ شيخ عبدالمجيد، ڀرڳڙي صاحب جو سياسي اسسٽنٽ ٿيو ۽ ڀرڳڙي صاحب طرفان جاري ڪيل اخبار الامين جو ايڊيٽر ٿيو، جتان شيخ صاحب وڌي هڪ اعلى پائي جو سياستدان ٿيو.
شيخ صاحب ۽ ڀرڳڙي صاحب ننڍي کنڊ جا اعلى ڪردار ۽ اعلى پائي جا سياستدان ٿي اڀريا. انهن ڏينهن ۾ ڀرڳڙي صاحب آل انڊيا نيشنل ڪانگريس ۾ شامل ٿيو. ان وقت ڪانگريس جو ليڊر جناب فيروز شا مهتا هو. ۱۹۰۸ع ۾ ڪانگريس طرفان سنڌ ۾ هڪ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي جيڪا لاڙڪاڻي شهر ۾ منعقد ٿي. هن ڪانفرنس جي صدارت سيٺ هرچند راءِ وشنداس ڪئي. انهيءَ ڪانفرنس ۾ تمام گهڻا قومي مسئلا ۽ سوال اُٿاريا ويا خاص طور تي سنڌ جي بمبئي کان آزادي وارو معاملو ان ڪانفرنس سنڌ ۾ ڪافي هلچل پيدا ڪئي ۽ ڀرڳڙي صاحب ان سلسلي ۾ سنڌ جي حقن جي حفاظت بابت تمام اهم ۽ سٺو ڪردار ادا ڪيو. ڪانگريس ان وقت هندستان جي تمام وڏي مضبوط ۽ فعال تنظيم ٿي وئي هئي ۽ سنڌ ۾ به ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ لڳي. سنڌ جا ڪيترائي مسلمان ليڊر هن ۾ شامل ٿي ويا هئا، ڇو ته ڪانگريس هندستان جي آزاديءَ لاءِ وڙهي رهي هئي ۽ پنهنجي مختلف هنڌن تي  انگريزن جي ڪردار جي نفي ڪئي پئي وئي. ۱۹۰۸ع کانپوءِ ڪراچيءَ ۾ ۱۹۱۳ع ۾ ساليانو ميڙ ٿيو، ان بعد ۱۹۱۴ع ۾ مدراس ۾، ۱۹۱۵ع ۾ بامبي ۾ ساليانو ميڙ ٿيو. انهن سڀني ۾ غلام محمد خان صاحب جو مرڪزي ڪردار رهيو. ڪراچيءَ واري ميڙ جو سڄو بندوبست ته ڀرڳڙي صاحب ڪيو. انهيءَ کانپوءِ ٽيون صوبائي ميڙ وري لاڙڪاڻي ۾ ۲۱ اپريل ۱۹۱۶ع ۾ ٿيو، جنهن ۾ پڻ ڀرڳڙي صاحب جو وڏو ڪردار هو. انهيءَ ڪانفرنس ۾ سيٺ هرچند راءِ، غلام محمد ڀرڳڙي صاحب کي انهيءَ ڪانفرنس جي صدارت لاءِ ڪوٺايو هو ۽ ڀرڳڙي صاحب جي شان ۾ هڪ ڀرپور تقرير ڪئي، جنهن ۾ هن چيو ته ”ڀرڳڙي صاحب سنڌ جي ماڻهن لاءِ ڪم پيو ڪري ۽ ٻيو ته هو سڄي سنڌ جي مسلمانن ۽ هندن لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ کين ويجهي آڻڻ ۾ سندس وڏو ڪردار آهي. هو هڪ انسان آهي ۽ انسانيت جو علمبردار آهي ۽ هو انسانن ۾ ڪنهن به ورهاست جو حامي ناهي ۽ ڀرڳڙي صاحب انڊين نيشنل ڪانگريس جي ڪا به ميٽنگ يا ڪانفرنس هجي ۽ ڪٿي به هجي ته هو ان ۾ اچي شامل ٿيندو آهي ۽ هن ڪڏهن به نه گسايو آهي.“ انهيءَ تي سڄو حال اُٿي بيٺو ۽ ڀرڳڙي صاحب جي ايڏي عزت افزائي تي تمام گهڻيون تاڙيون وڄايون.  بعد ۾ انهيءَ لاڙڪاڻي واري ڪانفرنس جي صدارت ڀرڳڙي صاحب ڪئي ۽ هڪ ڀرپور تقرير ڪئي. انهيءَ ۾ هن هندستان ۽ سنڌ جي ماڻهن جي اهنجن جو ذڪر ڪيو ۽ برطانوي راڄ جي سٺن ماڻهن جي تعريف پڻ ڪئي. ڀرڳڙي صاحب جي اها تقرير تمام ڀرپور هئي ۽ تقرير انگريزي ۾ موجود آهي ۽ اسان جي محقق سائين محمد هاشم لغاري جي ڀرڳڙي صاحب تي لکيل ڪتاب ۾ موجود آهي.
ڀرڳڙي صاحب ڪجهه وقت آل انڊيا ڪانگريس جو جنرل سيڪريٽري پڻ رهيو. ڪجهه وقت کانپوءِ هن محسوس ڪيو ته ڪانگريس طرفان مسلمانن جي آزاديءَ جو ڪيس ڀرپور نموني نه کنيو پيو وڃي ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ ڀرڳڙي صاحب جي چوڻ تي آل انڊيا مسلم ليگ ۽ آل انڊيا ڪانگريس جو گڏيل اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڀرڳڙي صاحب سنڌ جو بمبئي کان جدائي جو ٺهراءُ پيش ڪيو ۽ هن ڏٺو ته قائداعظم هڪ وڏو مدبر آهي ۽ ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ جو سعيو ڪيو. ڪجهه وقت کانپوءِ ڀرڳڙي صاحب آل انڊيا مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ پوءِ محمد علي جناح صاحب ۽ ٻين سان گڏ ڪم ڪيو. ڀرڳڙي صاحب مسلم ليگ ۾ ڪيترن ئي اهم عهدن تي رهيو. هن پنهنجي سڄي جواني جديد سنڌ جي ماڻهن جي خدمت ڪئي. انگريزن سان هارين ۽ زميندارن بابت رسائي ۽ لاپي تي جهيڙو ڪيو. ڀرڳڙي صاحب هڪ باڪردار، روشن خيال سياستدان هو. هن سنڌ ۾ پنهنجو نالو ڇڏيو. پاڻ ڪم ڪم ڪندي، ڪندي جوانيءَ ۾ ئي راهه رباني وٺي ويو. پر سندس ڪم اڄ اسان وٽ موجود آهي. اسان جي نوجوانن کي سندس ڏسيل واٽ تي هلڻ گهرجي، ڇو ته سنڌ کي هن مهل اهڙن ماڻهن جي ضرورت آهي.


آنربل غلام محمد خان ڀرڳڙي
[۱۸۷۸ع ــ ۱۹۲۴ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
سنڌ جي آزاديءَ، خوشحاليءَ ۽ ترقيءَ ۾ جن بزرگن، عالمن ۽ بي باڪ شخصيتن حصو ورتو هو، انهن ۾ آنربل رئيس غلام محمد خان ولد خانبهادر ولي محمد خان ڀرڳڙيءَ جو نالو به سر فهرست آهي سندس ولادت ضلعي ٿرپارڪر، تعلقي جيمس آباد جي ڳوٺ ڊينگاڻ ۾ ۱۹ ذوالقعد ۱۲۹۵ هه مطابق ۲۳ جولاءِ ۱۸۷۸ع تي ٿي. ابتدا ئي تعليم ڳوٺ مان ورتائين. پوءِ حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ به ويو. آخر عليڳڙهه مان مئٽرڪ پاس ڪري وطن واپس وريو ۽ اچي پنهنجي زمينداري سنڀالڻ لڳو. انهيءَ دوران شادي به ڪيائين. هوشيار به حد درجي جو هو، جنهنڪري انقلابي ذهن رکندي، خدا داد ڏنل ڏات سببان آرام نه آيس. پوءِ ۱۹۰۵ع ۾ انگلنڊ ويو، جتان ٽن سالن ۾ بئريسٽري جو اعليٰ امتحان پاس ڪيائين.
واپسيءَ تي رئيس غلام محمد خان، حيدرآباد ۾ وڪالت جي پيشي کي اختيار ڪيائين. هي سياسي سجاڳيءَ جو دور هو، ۽ سياسي جماعتون سنڌ کي آزاد ڪرائڻ لاءِ سخت جدوجهد ۾ مشغول هيون پاڻ به آزاديءَ جو ڪوڏيو هو، جنهنڪري ستت ئي آزاديءَ جي هلچل ۾ پنهنجن سمورن ساٿين سميت شامل ٿي، تحريڪ کي تقويت ڏنائين. حالانڪ تحريڪ کي تيز ڪرڻ لاءِ کيس جاني ۽ مالي قربانيون ڏيڻيون پيون، ايتري تائين جو انهيءَ ڏس ۾ وڪالت جو ڌنڌو به هميشہ هميشہ لاءِ ترڪ ڪرڻو پيس. بالاخر سنڌ پاران بمبئي ڪائونسل تي ميمبر جي حيثيت مليس. هو وڏن ماڻهن جيان عياش نه هو، بلڪل سنڌين جو سچو خادم ۽ وطن وارن جو هڏ ڏوکي هو. اهو ئي سبب هو جو وقت بوقت ڪائونسل ۾ سنڌ جي حقن لاءِ سخت جدوجهد ڪندو لڙندو رهيو.
هي پهريون شخص هو، جنهن هارين ۽ زميندار جي سک سهنج لاءِ سنڌ ۾ جديد اوزار مهيا ڪيا ۽ ڦٽين ٽاڻڻ جا ڪارخانا به سنڌ ۾ برپا ڪرايا. تعليم طرف به سندس وڌيڪ ڌيان هو؛ انهيءَ لاءِ ته ملڪ مان ناخواندگي گهٽجي. انهيءَ سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ نيشنل ڪاليج برپا ڪرائڻ ۾ پاڻ بمبئيءَ جي گورنر کان منظوري وٺي آيو هو. ازانسواءِ تعليم جي راهه ۾ غريب ۽ مسڪين شاگردن کي ڳجهه ڳوهه ۾ وضيفا ڏيئي، سندن همت افزائي ڪندو رهيو. حيدرآباد مان پنهنجي ذمي ”الامين“ نالي هفتيوار اخبار به جاري ڪرايائين.
مطلب ته رئيس صاحب، امير هوندي به غريبن جو مددگار يتيمن جو يار ۽ بي سهارن جو سهارو بڻيو رهيو. ريل گاڏيءَ ۾ فرسٽ ڪلاس جي ٽڪيٽ هوندي به ٿرڊ ڪلاس ۾ عام ماڻهن سان گڏ سفر ڪندو هو. سندس ڪيترا ئي هندو خواه مسلمان دوست هئا، جن مان سيٺ هرچندراءِ وشنداس ۽ سيٺ غلام چاڳلا جا نالا نه وسارڻ جهڙا آهن- ۱۹۲۰ع ۾ کيس ”آل انڊيا خلافت ڪانفرنس“ جو صدر پڻ چونڊيو ويو. رات ڏينهن جي مسلسل محنت سببان، پاڻ ۱۹۲۴ع ۾ سخت بيمار ٿي پيو. حالانڪه بمبئيءَ مان به معالج گهرايا ويا، مگر افسوس! کيس موت مهلت نه ڏني، جنهن ڪري ۱۷ شعبان ۱۳۴۳ هه مطابق ۹ مارچ ۱۹۲۴ع تي حيدرآباد ۾ راه رباني ورتائين. سندس جنازي پٺيان هزارين هندو ۽ مسلمان سرد آهون ڀريندا، ريلوي اسٽيشن تائين ويا، جتان ريل رستي کيس ڊينگاڻ ڀرڳڙي پهچائي دفنايو ويو.
رئيس ڀرڳڙي صاحب، هڪ خود دار انسان هو. وڏي ۾ وڏي ماڻهوءَ جي به ڪڏهن ڪاڻ نه ڪڍيائين، حالانڪ پاڻ تي قيد جا ڪپڙا به چاڙهايائين؛ مگر پنهنجي اصولن تي آخري دم تائين قائم رهيو. وقت جا انگريز آفيسر به کانئس ڪو کائيندا هئا.


بئريسٽر رئيس غلام محمد ڀرڳڙي
غلام حسين قائمخاني
بئريسٽر غلام محمد ڀرڳڙي هڪ ڳوٺ ڊينگاڻ ڀرڳڙي ۾ جنم ورتو. سندس والد محترم جو نالو رئيس مولوي ولي محمد ڀرڳڙي هو. برصغير جي هن عظيم انسان رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ابتدائي تعليم سندس ئي ڳوٺ جي مدرسي مان حاصل ڪئي. بعد ۾ پاڻ مشنري اسڪول ڪراچي سنڌ مدرسي ڪراچي مان مئٽرڪ پاس ڪري واپس ڳوٺ ڊينگاڻ ڀرڳڙي اچي زمين سنڀالي.
بئريسٽر رئيس غلام محمد ڀرڳڙي سڄي علائقي ۾ سڀ کان وڏو زميندار هو ۽ سندس زمين ۶۰ هزار ايڪڙ هئي. بئريسٽر غلام محمد  ڀرڳڙي ٻين زميندارن کان مختلف هو ۽ هُن هميشه غريب، مسڪينن ۽ ڏکويل ماڻهن جي مدد ڪئي ۽ انهن سان تمام گهڻي محبت ڪندو هو. هڪ ڀيري بئريسٽر غلام محمد ڀرڳڙي پنهنجي ٻارن سان گڏ ريلوي اسٽيشن شادي پلي تي رات جو ريلوي جي جي ڊاڪ بنگلي ۾ گاڏي جي انتظار ۾ ترسيل هو ته اوچتو اسٽيشن ماستر آيو ۽ کيس چيائين ته اسان جو ايس ڊي ايم صاحب اوچتو اچي ٿو، جيڪو هن ڊاڪ بنگلي ۾ رهندو ۽ توهان بنگلو خالي ڪريو. ان وقت ٻاهر برسات وسي رهي هئي، جنهن ڪري غلام محمد ڀرڳڙي ايئن چوندي ڊاڪ بنگلو خالي ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته مون وٽ فرسٽ ڪلاس جو ٽڪيٽ آهي. مون کي قانون موجب حق آهي ته آئون هن بنگلي ۾ رهان. ايتري ۾ ريلوي جا سڀ آفيسر گڏجي ويا ۽ غلام محمد ڀرڳڙي سان قانوني پوائنٽس تي بحث ڪرڻ لڳا. انهن کي غلام محمد ڀرڳڙي جواب ڏيندي چيو ته اوهان جو قانون ديسي ماڻهن لاءِ هڪڙو آهي ۽ گورن لاءِ ٻيو آهي. تنهن ڪري آئون انگلينڊ ويندس اوهان جو ئي قانون پڙهي اوهان سان ئي اوهان جي ئي قانون سان قانوني ويڙھ ڪندس. بهرحال پوءِ به غلام محمد ڀرڳڙي بنگلو خالي نه ڪيو. بعد ۾ ترت ئي هن لنڊن وڃڻ جي تياري ڪئي ۽ لنڊن هليو ويو. غلام محمد ڀرڳڙي پنهنجي پوشاڪ کي برقرار رکندي پٽڪو ۽ پهراڻ پهري بئريسٽر-ان-لا جو امتحان ڏنو. غلام محمد ڀرڳڙي، واحد شخص هو، جنهن ۳ سالن اندر بئريسٽري جو امتحان پاس ڪيو. ولايت ۾ بئريسٽري جو امتحان پاس ڪري هو واپس وطن موٽي آيو ۽ ايندي ئي حيدرآباد ۾ وڪالت شروع ڪيائين ۽ وڪيلن جي هڪ انجمن ٺاهي انهن کي قانوني ٽريننگ ڏيڻ لڳو.
هن زراعت جي ميدان ۾ پڻ وڏو ڪم ڪيو. غلام محمد ڀرڳڙي زميندارن سان گڏجاڻيون ڪري سڀ کان پهرين جيمس آباد ۽ هاڻوڪي ڪوٽ غلام محمد شهر سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ ڪاٽن فيڪٽريون تعمير ڪرايون. غلام محمد ڀرڳڙي ماڻهن کي تعليمي ڏيارڻ لاءِ بمبئي اسيمبلي ۾ بل پاس ڪرايو. جنهن ۾ هڪ روپئي تي آنو زميندارن کان ٽيڪس وصول ڪرڻ جي تجويز هئي. ان ٽيڪس جي پئسن مان ڪاليج ۽ يونيورسٽيون ٺاهيون وڃن ها پر پيرن ۽ وڏيرن ان بل جي مخالفت ڪئي ته اهو بل پاس نه ٿي سگهيو. غلام محمد ڀرڳڙي بمبئي ۾ ٿيندڙ اجلاس جي صدارت پڻ پاڻ ڪئي هئي. غلام محمد ڀرڳڙي لوڪل گورنمينٽ جو اسيمبلي مان بل پڻ پاس ڪرايو هو.
بئريسٽر غلام محمد ڀرڳڙي ۹ مارچ ۱۹۲۴ع ۾ نمونيا هئڻ سبب حيدرآباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
جڏهن سندس مڙهه جهلوري اسٽيشن تي پهتو ته ڊينگاڻ کان جهلوري اسٽيشن تائين ۱۵ ڪلوميٽر جي فاصلي اندر رڳو ماڻهو ئي ماڻهو هئا.
هند سنڌ جي سورهيه اڳواڻ مرحوم بئريسٽر غلام محمد ڀرڳڙي جي قيمتي ٻن بنگلن اباڻي قبرستان جي سارسنڀال ڪرڻ لاءِ ۽ ڊينگاڻ واسين جي لاءِ تعليم ۽ سڌارو آڻڻ لاءِ غلام محمد ڀرڳڙي جي فرزند ۳۷۷  ايڪڙ زرعي زمين اوقاف کاتي کي ڏني.
برئيسٽر غلام محمد ڀرڳڙي پنهنجي حياتي ۾ پنهنجي والد مرحوم مولوي ولي محمد ڀرڳڙي جي مزار تي مقبرو ٺهرايو.
رئيس غلام محمد ڀرڳڙي جي زندگي تي روشني وجهندي شهر جي سماجي اڳواڻ رئيس عبدالرحمان خان ڀرڳڙي، محمد موسيٰ ڪنڀر، ايڊووڪيٽ شيام سندر ۽ ماستر نيڪ محمد ڪنڀر چيو ته بئريسٽر غلام محمد ڀرڳڙي هڪ تمام وڏي شخصيت هو، جنهن صحت، تعيلم جي سلسلي ۾ تمام گهڻي جدوجهد ڪئي. غلام محمد ڀرڳڙي ايترو وڏو ماڻهو هئڻ جي باوجود غريب، مسڪين ماڻهن کي اوليت ڏيندو هو. انهن کي پاڻ سان گڏ ويهاريندو هو.
غلام محمد ڀرڳڙي جي وفات جو قائد اعظم محمد علي جناح ٻڌي پنهنجا ڳوڙها روڪي نه سگهيو ۽ چيائين ته کوٽا سڪا ته کيسي ۾ گهڻا آهن پر هڪ سچو ۽ محبتي همدرد اسان کان تمام گهڻو پري هليو ويو. قائم اعظم محمد علي جناح تعزيتي ميڙاڪو پڻ ڪوٺايو جنهن ۾ چيائين اها رڪارڊ جي ڳالهه آهي مون زندگي ۾ تمام ٿورا دوست ٺاهيا پر انهن مان وڌيڪ دوست مون کي غلام محمد ڀرڳڙي هو ۽ هاڻي هر اجلاس ۾ صدارت بئريسٽر غلام محمد ڀرڳڙي جي خالي ڪرسي ڪندي. ان بعد ۾ ٿيندڙ هر اجلاس ۾ غلام محمد ڀرڳڙي جي ڪرسي خالي هئي.
بئريسٽر غلام محمد ڀرڳڙي سياست به ڪئي ته صحافت به ڪئي غلام محمد ڀرڳڙي اخبار پڻ ڪڍي جنهن جو پهريون ايڊيٽر عبدالمجيد سنڌي هو. جيڪو غلام محمد ڀرڳڙي جو ساٿي هو. غلام محمد ڀرڳڙي ڪانگريس ۾ ايترو سرگرم هو جو هو ڪانگريس جو جنرل سيڪريٽري مقرر ٿيو هو.
هڪ ڪانگريس جي جلسي جي صدارت پڻ ڪئي هئي. جڏهن ته خلافت تحريڪ هئي ان ۾ غلام محمد ڀرڳڙي حصو ورتو. جڏهن ته خلافت تحريڪ جو سلسلو شروع ٿيو تنهن وقت ڳوٺ ڊينگاڻ ڀرڳڙي پهچي سندس بنگلي ۾ قائم اعظم ۽ ٻيا هڪ ڪمري ۾ گڏجاڻيون ڪندا هئا.

No comments:

راءِ ڏيندا