رکيل مورائي
(ادا جنم ڏينهن مبارڪ)
انور ابڙو
اڄ، ۹ اپريل، رکيل مورائيءَ جو جنم ڏينهن آهي.
رکيل اول شاعر آهي،
پوءِ نثرنويس، ۽ پوءِ ٻيو ڪجھ.
اسان جون ڪمزور معاشي
حالتون اسان جي بلا جي تخليقي صلاحيتن جون وڏيون ويري آهن.
رکيل پاڻ سان وڙهندي،
داڻو پاڻي هٿ ڪرڻ لاءِ سفر ڪندي به، لکڻ جو اهو ڪم ڪيو آهي، جيڪو لازمي طور سنڌي ادب
جو گڏيل ورثو آهي.
هن کان وِسرندو ڪجھ
به ناهي. نه ڳوٺ مالڪ ڏنو سولنگي، نه مورو، نه اُن جو جتوئي مارڪيٽ، نه اُتان جا درزي
دوست، نه سائين راشد مورائي، نه سائين شجاع محمد شاھ ۽ نه ٻيا ڪردار.
هاڻي ڪراچي هِن جو،
اسان جيان ڳوٺ آهي.
ڪراچيءَ ۾ هن جي
ادبي ڪم ۾ وڏي ڇلانگ آئي. ۽ اهڙي ڇلانگ ڏيندي هو ڪي ٻه سال اڳ شاهراه فيصل تي هڪ وڏي
حادثي جو شڪار ٿيو هو. اسان، ائين روز حادثن مان پاڻ کي بچائيندا اڳتي وڌيا آهيون،
پر ڪو آخري حادثو انتظار ۾ هوندو شايد.
رکيل مورائيءَ جا سهيڙيل،
۽ ڏاڍا اهم ڪتاب ته شايع ٿيا آهن (شايد اهي سندس مزدوريون هيون) پر سندس شاعريءَ
جو ڪتاب اڃا تائين شايع ناهي ٿيو، جنهن جو افسوس آهي.
دوستي نڀائڻ ۾، رکيل
مورائيءَ جهڙا ماڻهو مون گهٽ ڏٺا آهن. اسان سندس ڏک سک ۾ ساڻس پيرَ ڀري نه سگهيا هونداسين
پر هن جا پيرَ، اسان ڏانهن ايندي ڪڏهن به نه رُڪيا هوندا.
رکيل مورائي اسان
جي وچ ۾ جيئن گهمي ڦري پيو، ان کي اسان عام ماڻهوءَ جيان ڏسون ۽ روز جو عام وهنوار
سمجهون ٿا. ۽ جيڪا اسان جي، ڪنهن جي حيثيت کي گهٽ سڃاڻڻ واري وڏي ڪوتاهي آهي.
ڪجھ ڏينهن اڳ ۾ هڪ
ملاقات وقت، ڳالهين ئي ڳالهين ۾ زندگيءَ کان شڪايت سندس زبان تي ايندي ايندي اڌ ۾
رهجي ويئي. ڇا اسان ائين ئي پنهنجون شڪايتون پاڻ سان گڏ کڻي وينداسين؟
پر رکيل مورائيءَ
پنهنجي روشن اکرن جي جيڪا سيڙپ ڪئي آهي، سا هِن، اسان ۽ اسان جي ادب جو هڪ وڏو سرمايو
آهي.
اڄ، دعا آهي ته
رکيل مورائي شال وڏي حياتي ماڻي. ۽ ان دعا سان گڏ کيس جنم ڏينهن جون تمام گهڻيون مبارڪون
هجن.
(جمع، ۹ اپريل، ۲۰۲۱)
(تصوير ڪجھ مهينا
اڳ ۾ سرواڻ سنڌي ۽ ٻين دوستن سان سمنڊ ڪناري گهمڻ ويل ورتل، جنهن ۾ سائين ضياءُ ابڙو
پڻ نّظر اچي رهيو آهي. )
(انور ابڙو جي
فيسبڪ وال تي رکيل پوسٽ، ۰۹ اپريل ۲۰۲۱ع تي کنيل)
رکيل مورائي
سندس ادبي ڪاوشون ۽ ڪجھ
ساروڻيون
انور ساگر
ٻانڌي روڊ مورو گھڻن
قصن سان مشھور آھي، ھڪ قصو ڪاڪ محل سينما ۾ پھرئين فلم “گولي تيري نام کي” ڏسڻ جو
آهي، ڪاڪ محل اسان لاءِ مومل جي ماڙيءَ مثل ھوندي ھئي، ڪيتريون ئي فلمون ڏٺيوسين، خير
اڳتي ان رستي سان ٻانڌي ۽ منھوڙي طرف وڌبو ته سنڌ جي خوبصورت ڳوٺ حاجي مالڪ ڏني
سولنگي ۾ ۹ اپريل ۱۹۶۵۾ جنگ واري زماني ۾ رکيل مورائي نالي الھرکيو سولنگيءَ جاڙو خان سولنگي جي
گھر ۾ جنم ورتو، مون سندس ڳوٺ وارا پنڌ پيچرا به ڏٺا آھن ۽ موري ڀرسان درگاھ تي وڏي
اڪير سان پنڌ ڪري اچڻ جو ذڪر به ٻڌو آهي.
۶ سالن جي عمر ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ غلام محمد سولنگي ۾ پرائمري
تعليم حاصل ڪري، گورنمينٽ ھائي اسڪول غلام محمد پنھور مان ميٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪيائين،
موري ۾ ھنر بادشاھ واري قول تي عمل ڪندي جتوئي مارڪيٽ ۾ درزڪو ڪم شروع ڪيائين، جتي
ادبي سنگت شاخ موري جو ٻه ڀيرا سيڪريٽري به ٿيو، سائين راشد مورائي سان ويجھڙائي
سبب کيس شاعريءَ جي صنفن تي پڻ ملڪو حاصل ٿيو، بعد ۾ روزگار سانگي کيس ڪراچي اچڻو
پيو، جتي ڪيترا سال ڪارخانن ۾ مزدوري ڪندي گذريس، سندس مالي حالتون بھتر نه ٿيون، نه
ٿيون، پر پوءِ به ڪراچيءَ کي نه ڇڏيائين، سندس گھرواري ڪلثوم سولنگي جيڪا پاڻ به ھڪ
ليکڪا آهي، ان سندس ڀرپور ساٿ ڏنو، هڪ ڀيري جڏھن ڳوٺ ۾ گھڻو وقت رھي پئي ته ڪيفي
اعظمي وانگر مياري شعر لکي موڪليائينس ته:
ڳوٺ ۾ ڏينهن ڪيترا
لاتئِه،
ڄڻ ته وسري ويئه شهر
ڪلثوم!
تو بنا گھر رهيو نه
آهي گھر،
آءُ گھر کي بڻاءِ
گھر ڪلثوم
۽۲۰۰۸ع کان هن عملي صحافت جي ميدان ۾ قدم رکيو. صحافت
جي دنيا ۾ اچي ڪيترن ئي رسالن/اخبارن جي سٿ ۾ شامل ٿيو، عوامي آواز جي رسالي۽
اخبار ۾ پڻ ڪم ڪيائين جيڪو اڄ تائين جاري آهي.
جڏھن مان ۱۹۹۶ ۾ سنڌي ادبي سنگت موري جو سيڪريٽري ٿيس ته
سڪندر سانوڻ جي درزڪي دڪان تي شاھ ڀٽائي لطيف ٽيلر تي پياري رکيل مورائي سان پھريون
ڀيرو ملاقات ٿي ھئي، تڏھن سڪندر ليڊيز ٽيلر طور مشھور ھو، ڊسمبر جو مھينو ھو
شاندار ٿڌي موسم ھئي، رکيل قد جو پورو پنو ڪڻڪ رنگو، جسماني بيھڪ مناسب چپن مٿان سھڻيون
سھڻيون مڇون، جيڪي ھاڻي چانديءَ جھڙيون لڳن ٿيون ھلڻ جو خاص انداز، ملڻ مھل چپن تي
مرڪ ۽ والھانه انداز جنھن سان ملندو، لڳندو سالن جو تعلق آهي ماڻھن کي پنھنجو ڪرڻ
ته ڪو رکيل کان سکي پر سڀني کي نه، جيڪو وڻندس ان کي پنھنجو ڪندو آهي، ان وقت خاص
موضوع فقير رمضان نول جي نثري شاعري ھو، رکيل سان تاجل بيوس ھڪ ڀيرو ھندستان جو چڪر
به ڏئي آيو ھو، بعد ۾ مرحوم خادم ٻگھيو به اچي ڪچھريءَ ۾ شامل ٿيو، سڪندر ۽ خادم
سان رکيل جي گھڻي لڳندي ھئي ۽ پوءِ ڪتابن جو ڳالھيون نڪتيون، ٻنھي جو مطالعو وسيع
ھو پر خادم اسان سڀني کان زور ھو.
خير بعد ۾ ۲۰۰۰ ع ۾ جڏھن مان ليڪچرار ٿيس ته ھير آباد ۾ نثار و نياز پلازه ۾ ڪرائي تي ھڪ
فليٽ ورتم اتي نامور اديب ادريس جتوئي به مون سان رھندو ھو، ھڪ ڀيري احمد سولنگي ۽
رکيل مورائي گڏجي اسان جي فليٽ تي آيا، خوب ڪچھري ٿي، احمد سولنگيءَ پنھنجو ڪليات
کڻي کوليو، ڄڻ مئڪدي جا دروازا کولي ڇڏيا ھجن، پوءِ اُن شاعريءَ جي واکاڻ به ٿي ۽
تبصرا به ٿيا، رکيل کيس ڪجھ صلاحون به ڏنيون.
رکيل، ھندستاني سنڌي
ادب جو وڏو پاڙھو آهي، ان ڪري سندس تبصرا به ڪمال جا ھوندا آھن، اصل ڪتاب جي ڳُر ڪڍي
سامھون رکندو آهي. ھن ۾ اھا قابليت آهي ته رکيل ڏن نه لاھيندو آهي پر ڪتاب پڙھي، ان
تي دل و جان سان لکندو آهي ۽ ھڪ ذھين انسان وانگر ڪتاب جون ڪارائتيون ڳالهيون بحث
ھيٺ آڻيندو آهي ان ڪري ته ھر ليکڪ چاھيندو آھي ته اسان جي ڪتاب تي تبصرو رکيل ڪري
ته مزو اچي ويندو، ڪاڪي ڀيرومل، علي محمد راشدي، غلام رباني آگري وانگر رکيل جو
نثر به ڪھڪشائن جي جھرمٽ وانگر نظر ايندو اٿم، لفظ تڪي توري ائين ڪتب آڻيندو آهي، ڄڻ
ھنن لفظن کي پھريون ڀيرو ڪتب آندو پيو وڃي، ھاءِ ھاءِ ڇا ته نثر آھي رکيل جو، نثر ڄڻ
فردوسي جي شاعري پڙھي رھيا ھجون ڄڻ جھڙا گل گلاب جي چمن ۾ ٽڙي پيا ھجون.
رکيل ٻه ڀيرا ھندستان
وڃي چڪو آهي ھڪ ڀيرو ۲۰۰۱ع ۾ هندستان جي دهلي، آگري، ممبئي، پونا، لونا ولا، کنڊالا ۽ الهاس نگر ۽ ٻيون
ڀيرو ۲۰۰۷ع ۾ ممبئي، احمد آباد، اجمير، انڊور، اُجين ۽ دهليءَ جا سفر ڪيا ھئائين ۽ ڪانفرنسن
۾ شرڪت ڪئي ھئائين، اسان کي ان سفرنامي جي سڪ سدائين رھندي آھي، سندس چوڻ موجب فقط،
نارائڻ شيام، گوبند مالھي ۽ موھن ڪلپنا سان ملاقات نه ٿي سگھي، ڇو ته اھي دھانت ڪري
چڪا ھئا، باقي سمورن ھندستاني سنڌي اديبن سان ملاقات ٿيل آهي ھيري ٺڪر ۽ لڇمڻ ڪومل
جي گھر مھينو کن رھيو، لڇمڻ ڪومل کيس روحاني پٽ سڏيندو هو.
۱۴ ڊسمبر ۱۹۹۸ع جي خط ۾ لڇمڻ ڪومل رکيل لاءِ لکي ٿو، “منهنجا
مربي پٽ رکيل، تون منهنجي هر شيءِ ۾ امانتدار ۽ وارث آهين، منهنجا پنج هزار کن ڪتاب
۽ هزارين سنگيت جون ڪيسٽون، دنيا جي هر مشروب سان ڀريل بار، گهر جون ڇتيون، ڀتيون
در ديوارون سڀ تنهنجون آهن، گوپي، رجني، سنڌو ۽ لاليءَ سان تنهنجو رتائون رشتو آهي،
منهنجي آخرين رسومات جو فرض به اتي تون نباهجانءِ ڌڻي ڪري ها، تون منهنجي گهر ۾ ڄمين
ها، هينئر به هليو اچين ته اکين تي، توکي جيءَ ۾ جايون ڏيندس، تون منهنجو روحاني
اولاد ته آهين ئي، جسماني به هجين ها ته مان نصيب وارو هجان ها.
منھنجي خيال ۾ احمد
سولنگي جي ڪتاب “خواب آوارا” پکي جي مھاڳ لکرائڻ ۾ يقنن رکيل جو ڪردار ھوندو، مون ٻڌو
آهي آڪاش انصاري ۽ احمد سولنگي جا ڪتاب تقريبن گڏ گڏ لڇمڻ ڪومل وٽ پھتا ھئا پر
احمد سولنگي جي شاعراڻي سگھ ۽ رکيل جي بيان ڪيل تعارف سبب ھن ڪتاب جو مھاڳ لکجي
ويو، جنھن مھاڳ جي جيتري تعريف ڪجي گھٽ آهي يقينن ان ۾ رکيل به شاعري ۽ نقاد جي
وچم پل جو ڪردار ادا ڪيو ھوندو، سڳن آهوجا ۽ سائين محمد ابراھيم جوئي کان پوءِ ڪنھن
ڪتاب جو پر مغز ۽ ڪارائتو مھاڳ سنڌي ادب جي جھولي ۾ پيو آهي ته ان کي نظر انداز نٿو
ڪري سگهجي.
رکيل ۾ شاعري جي
چوس تڏھن پئي جڏھن موري ۾ درزڪو ڪم شروع ڪيائين بعد ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ موري جو
سيڪريٽري ٿيو ته راشد مورائي جي باقائده گڏجاڻين ۾ شرڪت سان رکيل کي وڏو فائدو پيو
جنهن کيس مڪمل شاعر بڻائي ڇڏيو، رکيل غزل سان گڏ وايون به ڏاڍيون دل پزير چيون آهن
جيڪي ھوند ڳائجن ته وھوا ٿي وڃي، مان جڏھن به ڊاڪٽر محمد لائق زرداريءَ جي ورسيءَ
جي تقريب ۾ رکيل کي سڏيندو آھيان ته سندس ھي غزل دل جان سان پڙھندو آھيان.
تنهنجي گهر جا سڀئي
رستا ڀلجي ويو هان،
تو سان منهنجا ڪهڙا
رشتا ڀلجي ويو هان.
ڪنهن چوراهي تان ڪو
رستو توڏي ويندو پر،
مان تنهنجي پاڙي جا
نقشا ڀلجي ويو هان.
هيءُ ڪمرو به ڪتاب،
ڪٻٽ ۽ راڳ ٻڌڻ،
وهنجڻ، شيو ڪرڻ ۽ ڇا
ڇا ڀلجي ويو هان.
هاڻي منهنجو حال پڇو
ٿا هم سفرو،
جڏهين سڀئي زخم سفر
جا ڀلجي ويو هان.
تون آئي آن آئي
گلابن جي موسم،
آنءُ ته سرءُ، بسنت
۽ برکا ڀلجي ويو هان،
دوست چون ٿا شايد
کيڏاري آهيان،
سچ ته باشا، راڻيون،
گولا ڀلجي ويو هان.
رکيل وايون به ڏاڍيون
سھڻيون چيون آهن رکيل ڪيترن ئي ڪتابن جا مھاڳ لکيا آهن جن کي گڏائي ڇپرائجي ته ھڪ
سھڻو ۽ ڪارائتو تنقيدي ڪتاب ملي سگهي ٿو
رکيل جو اصل ڪم
مرتب ڪيل ڪتاب آھن
(۱)ڪوڙين ڪن سلام “ڀٽائيءَ کي منظوم ڀيٽا” (ثقافت
کاتو سنڌ ۲۰۰۸ع)(۲)سنڌي ٻولي ۽ لپيءَ جو اتهاس “جيرام داس دولترام” (سنڌي لئنگئيج اٿارٽي ۲۰۰۹ع)(۳)سنڌ جو سرمست “سچل سرمست بابت مقالن جي ترتيب” (ثقافت
کاتو سنڌ ۲۰۰۹ع)(۴)مان جي مُئس پنڌ ۾ “بينظير ڀٽو کي منظوم ڀيٽا” (ثقافت کاتو سنڌ ۲۰۱۰ع)(۵)سنڌي شاعريءَ جو وهائو تارو شاھ ڪريم (ثقافت کاتو سنڌ ۲۰۱۲ع)(۶)شاھ لطيف هڪ تخليقي ۽ تحقيقي اڀياس (ثقافت کاتو سنڌ ۲۰۱۵ع)(۷)بيدل هڪ اڀياس (بيدل يادگار ڪميٽي۲۰۱۷ع)(۸)شاعريءَ ۾ جيئندڙ هڪ شخص (۹) احمد سولنگي فن ۽ شخصيت (سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
۲۰۱۸ع)(۱۰) لڇمڻ ڪومل جا خط (ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد۲۰۱۶ع)
رکيل مورائي اڪثر
فون ڪري حال احوال وٺندو رھندو آھي ملاقاتون به ٿينديون رھنديون آھن رابطي ۾ ھوندا
آهيون مان اڪثر موري جي اديبن جون ڳالھيون ڪندو آھيان منھنجو موضوع فقط مورو ھوندو
آھي رکيل چوندو آهي، ھاڻي اسان جو موضوع مورو نه سنڌ ھجڻ گھرجي.
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۹ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
رکيل مورائي
اسان جو ڏاهو دوست
ڊاڪٽر عابد مظهر
”زندگي جهڙي
به آهي، جيئن به آهي ڏاڍي پياري آهي“، رکيل مورائي به زندگيءَ کي ائين ئي سمجهيو
آهي. زندگي سان هي پيار ڪندڙ شخص ڏاڍو پرخلوص ۽ دوستن کي جيءَ ۾ جايون ڏيندڙ
خوبصورت انسان آهي، انهيءَ سان گڏوگڏ جديد غزل جو بهترين تخليقڪار آهي.
اڌ صديءَ جو هي شخص
جڏهن ڊسمبر جي يخ سردين ۾ اڄ کان ڪيترا سال اڳ ڪراچي پهتو هو ته لڳاتار پگهر جي
پورهئي مان پنهنجي ٻچن جو پيٽ پاليندو رهيو ته علمي ۽ ادبي تخليقن سان پنهنجو
نانءُ به ڪمائڻ لڳو.
اهڙي طرح هڪ سگهاري
شاعر جي حوالي سان سڄي سنڌ ۾ رکيل مورائي جي نالي سان سڃاڻپ پيدا ڪيائين. هاڻ ته
هن کان سواءِ ڪراچي جو ڪو به ادب سان سلهاڙيل فنڪشن ٻسو ۽ اڻ پورو لڳندو آهي.
رکيل مورائي سان
منهنجي سڃاڻپ سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخ جي هفتيوار گڏجاڻين ۾ رمپا پلازا بندر روڊ
تي ٿي. ان وقت جفاڪش رسالي جي آفيس ۾ ٽين فلور تي سنگت ڪراچي جون گڏجاڻيون ٿينديون
هيون. سنڌ جا نامور اديب هن شاخ جا سيڪريٽري رهيا. مثال طور انور پيرزادو، فقير
محمد لاشاري، نقاش، رئوف نظاماڻي، شاهه محمد پيرزادي ۽ جان خاصخيلي وغيره.
سنڌي ادبي سنگت ڪراچي
شاخ سڄي سنڌ ۾ واحد شاخ هئي جا سنڌي ادبي سنگت مرڪز جا سيڪريٽري جنرل به هن شاخ جي
تنقيدي معيار کان ڪن هڻندا هئا ۽ هن شاخ کان متاثر هوندا هئا. سنگت جون هفتيوار
تنقيدي نشتون هڪ پروقار ادبي اجلاسن کان گهٽ ڪو نه هونديون هيون. خاص طرح سنڌ جا اديب
جڏهن ڪراچي شهر ۾ ڪنهن ڪم سانگي ايندا هئا ته هن شاخ جي گڏجاڻي ضرور اٽينڊ ڪندا
هئا.
سنڌي ادبي سنگت ڪراچي
شاخ جو مان به ٻه ڀيرا سيڪريٽري رهيو آهيان. رکيل مورائي منهنجي پهرئين دفعي سنگت
جي سيڪريٽري وقت ڪاروباري ڪاميٽي جو ميمبر هو. اسان ٻنهي جا سنگت جي ڪاروباري ڪاميٽي
۾ سخت اختلاف رهيا پر سنگت شاخ جي ڪاروباري ڪاميٽي کان ٻاهر اسان هڪ ٻئي جا دوست
هئاسين.
ائين رکيل مورائي
سان دوستيءَ جو عروج سائين ڊاڪٽر اسحاق انصاري جي انيس انصاري اڪيڊمي جي حوالي سان
ٿيو. انيس انصاري اڪيڊمي جو روح روان هونئن ته انيس انصاري جو سڀ کان ننڍو فرزند ڊاڪٽر
اسحاق انصاري آهي پر ان جا سرگرم ڪارڪن مون سميت رکيل مورائي، ضيا ابڙو، ارشاد سرڪي
۽ محمد علي قادري صاحب آهن.
ايئن رکيل مورائي
منهنجي بهترين دوستن ۾ شامل ٿي ويو. اهڙي طرح اسان انيس انصاري اڪيڊمي جا نه صرف سٺا
ڪارڪن پر سٺا دوست به ٿي وياسين. ڌڻي در دعا آهي اسان سڀن جي دوستي اسحاق انصاريءَ
سميت تاحيات رهي. ڪنهن به بدنظر کان خدا بچائي.
رکيل مورائي هڪ سٺو
نقاد، شاعر، نثر نگار ۽ اديب آهي. هو ڀل پاڻ کي فقط هڪ شاعر سمجهي پر مان هن کي هڪ
سٺو صحافي، سنڌي ادب جو هڪ ذهين ليکڪ ۽ شعوري طور هڪ سٺو ڳالهائيندڙ سمجهان ٿو.
مان جڏهن به رکيل مورائي سان ڪجهه علمي، ادبي مسئلا شيئر ڪيا آهن ته هو انهن مسئلن
کي حل ڪرڻ جو مسيحا پڻ بڻيو آهي.
هن وقت به اسان ريڊيو
پاڪستان ڪراچيءَ تان هفتيوار ادبي رسالو پروگرام ڪندا آهيون. ان پروگرام جو پروڊيوسر
ثناءُ الله ابڙو صاحب آهي ۽ ڪمپيئر ڪهاڻي جو ڄاتل سڃاتل نانءُ علي راز شر آهي.
رکيل مورائي ان پروگرام جي شهه رڳ آهي. هو جڏهن به راز شر سان ڪنهن موضوع تي پروگرام
۾ ڳالهائيندو آهي ته مان هن کي ڏسندو ئي رهندو آهيان ته لفظن ۽ موضوع تي دسترس
هوندي اٿس. ڪيڏي نه ذميواري سان هي داناءُ شخص ڏاهپ سان ادبي ويچار ونڊيندو آهي.
جنهن ڏينهن اتفاق سان هي نه ايندو آهي ته ڄڻ پروگرام ٻُسو ٻُسو لڳندو آهي.
سچ ته اهو آهي ته
رکيل مورائي اسان دوستن جي اتساهه جو ڪارڻ ان ڪري به آهي جو هي هڪ ئي وقت هڪ اديب،
شاعر، سماج سڌارڪ، سٺو دوست ۽ پنهنجي ٻچن جو ذميوار والد آهي ۽ هو ايترو ته سٺو لکندو
۽ ڳالهائيندو آهي جو جهڙا تهڙا اديب هن جي آڏو ڪجهه به ڪو نه آهن، مون کي ته هڪ ڏاهو
اسڪالر لڳندو آهي.
منهنجي رب پاڪ کان
دعا آهي ته ساهتي پرڳڻي جو هي شاعر رکيل مورائي اڃا به وڌيڪ زندگي جي مشڪلاتن کي
منهن ڏيڻ جو هڪ سگهارو ڪردار بڻجي مون جهڙن زندگي کان ڊڄڻ وارن جي ڪردارن جو
اتساهه بڻجي سامهون ايندو رهي، هڪ باشعور اديب ۽ شاعر جي حوالي سان سڃاتو وڃي ۽
سندس شاعري ۾ سدائين رواني، تازگي ۽ نواڻ هجي.
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۹ اپريل ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
رکيل مورائي
عزيز گوپانگ
رکيل مورائي آڱرين
کي ئي نہ، حياتيءَ کي به ميڻ وانگر ڳاريو آھي. سندس اکيون ڏسبيون ته لڳندو ڄڻ
ھينئر ھينئر ڪنھن محفل مان روئي اٿيو آھي. پنھنجا لڙڪ لڪائڻ به ائين آھي جيئن ڪو
ماڻھو پنھنجو خون لڪائي. اھڙي ماڻھوءَ کي خبر ھوندي آھي ته بي داد دنيا ۾ لڙڪن جي
آبرو، لڪائڻ ۾ ئي محفوظ ھوندي آھي.
منھنجي ۽ رکيل جي
دوستي اھڙي ٿڌي ٿانو وانگر آھي جنھن جا ڪنا ڪڏھن به ڪونه ڀڳا.
توڻي جو سالن کان
پوءِ ملبو، تڏھن به سندس حب جي ھٻڪار ائين محسوس ٿيندي، ڄڻ ڪنھن ھٿ تري تي نازبو
مھٽي اوھان کي ڳراٽڙي پاتي ھجي.
اسان ٻيئي ھڪ ٻئي
جا ھمعصر ئي نہ، ھمدرد به آھيون، ان ڪري سورن جي بجاءِ سڪ تي ڳالھائيندا آھيون.
مون جيان ھو به ڄاڻي ٿو تہ مرم مٿان مرھم ناھي رکبي.
اسان اڄ ڏينھن
تائين ھڪ ٻئي کان اھو سوال ناھي پڇيو تہ؛ ”اڄ ڪلھہ تون ڇا پيو ڪرين....!؟“
کيس خبر آھي آئون
وري ڇڏڻ لاءِ، وري بہ ڪا نوڪري ئي ڪندو ھوندس، اھڙي طرح مون کي به خبر آھي تہ ھو
جيئڻ لاءِ ڪي جتن ئي ڪندو ھوندو.
اڄڪلھہ ڇا ڪرڻ ۽ ڇا
نه ڪرڻ وارا سوال ڏکائيندا آھن.
اسان کي خبر آھي تہ
شروع کان وٺي سورن جا سودا ڪندڙ، اڄڪلھہ ڇا ڪندا ھوندا....!
رکيل سور ۽ سڱ ھڪ
ئي وقت سڃاتا، ٻاروتڻ جون محروميون سندس choice نه ھيون، پر
ھن انھن سان به واھہ جو نڀايو.
جڏھن جوانيءَ جي ٿڌي
باھہ مٿس لٿي ته ھن پنھنجي سڳي ڦڦاٽ جي گھران سوڙ ڇڪي پنھنجي مٿان تاڻي. جيڪا اڄ
به سندس اکين مٿان وڇايل آھي.
ھو سمجھي ٿو ته
وفا، ڪو ڪم ناھي جيڪو ڪجي، ھي ته اھڙو ڳڻ آھي جيڪو ماڻھوءَ ۾ ھوندو آھي، يا ناھي
ھوندو.
سندس ماسات جي ڌي
مان کيس ٽن پٽن ۽ ٻن نياڻين جو اولاد آھي. جن جي سٺي آئيندي لاءِ ھن پنھنجين آڱرين
کي ئي نه، حياتيءَ کي به ڳاريو آھي.
ھن سڄي حياتي
اخبارن ۾ نوڪري ڪئي آھي. ھن بي انتھا لکيو آھي. ھن وڏي ماڻھو ٿيڻ لاءِ ھميشہ ننڍي
ماڻھو بنجڻ جا جتن ڪيا. ۽ پوءِ اسان سڀني ڏٺو ته ھو وڏو ماڻھو ٿيو...!
اڄ جڏھن ماڻھن جي ڄمڻ
۽ سندن وڪامي وڃڻ جي شرح ھڪ جيتري آھي، ۽ ماڻھن جو قد سندن پيرن کان مٿي نظر نٿو
اچي، تڏھن بيوفائي جي بار سان، رکيل جو ڳاٽ جتن جي ڪنڌ وانگر جھڪيل نه پر سسئي جي
وفا وانگر بلند آھي.
منھنجي ھن درويش
دوست کي خبر آھي تہ حياتي جو حسن، ضمير جي زندھہ رھڻ تائين قائم رھي سگھندو آھي. ڪنھن
گھاٽي وڻ جي ٿڌي ڇانو واريون خوبيون ۽ گھرائي تائين وڍجڻ واريون خاميون کڻي، رکيل
مورائي، ۹ اپريل، ۱۹۶۵ع ۾ جاڙي خان سولنگي جي اھڙي گھر ۾ جنم ورتو، جيڪو رھڻ لاءِ ٺاھيو
ويو ھئو.
اڳي گھر رھڻ لاءِ
جوڙيا ويندا ھئا ۽ ھاڻي ڏيکارڻ لاءِ ٺاھيا ويندا آھن....! سندس ڏاڏو، حاجي مالڪڏنو
سولنگي، نبض شناس کان وڌيڪ خود شناش انسان ھئو، کيس خبر ھئي ته ھن جو خون دانگيءَ
تي ورڻ کان اڳ ۾ اکين منجھه لھي ايندو، شايد انھيءَ ڪري ڪنھن ٻئي راڄ ڀاڳ سان گڏ
رھڻ جي بجاءِ، ھن سال ۱۹۳۰ ڌاري، موري شھر جي ڀرسان پنھنجو ھڪ ننڍڙو ڳوٺ اڏيو، جيڪو
اڄ به سندس نالي سان اتي موجود آھي.
ڳوٺ مالڪڏني سولنگي
۾ جنم وٺندڙ رکيل مورائي دوستن سان رھيل ٻاروتڻ جون سڀ رانديون، ھارائڻ لاءِ کيڏيون.
ھو اھڙيون رانديون اڄ تائين کيڏندو اچي. ائين ناھي ته کيس راند رھڻ نٿي اچي، مگر
کيس دوستن کي ھارائڻ نٿو اچي...!
رکيل پنھنجو ٻاروتڻ
ڳوٺ ۽ موري شھر ۾ گذاريو. ھن پنھنجي چؤڌاري ڏک ڏٺا. ھن شعور جي اک ضياءُ الحق جي فسطائي دور ۾ کولي.
ھن نوجوانن کي ڦاھين
تي جھولندي ڏٺو، ھن ڏٺو تہ جياپي جي حق گھرڻ جي پاداش ۾ ماڻھن کي ڪيئن ٽڪٽڪين تي
چاڙھي، سندن پٺين تي ڦٽڪن جو مينھن وسايو ٿو وڃي...!
مارشل-لا جي جبر ھٿان
سماج کي مرندو ڏسي، ھن گيت لکڻ شروع ڪيا. ھن گيتن جا ھار پوئيا ۽ انھن ڳچين ۾ وڌا،
جن جي ڦاھين جي ڦندڻ لاءِ روز ماپ ورتي پئه ويئي...!
رکيل پيرن ھيٺان کسڪندڙ
زمين مٿان ڄمي بيھڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو، اھڙي ڪوشش ۾ ھڪ ڀيري ھو ڪراچي اچي پھتو، ۽
ھميشہ لاءِ ڪراچي جو ٿي ويو. بلڪه ائين چئجي ته ڪراچي سندس ٿي ويئي.
رکيل، سال ۱۹۸۸ع ۾،
بھارين جي آبادڪاري خلاف نڪتل ھڪ جلوس سان گڏجي ڪراچي آيو ھئو. جلوس دوران ھن نعرا
ھنيا ھئا، ھن ٻين سان گڏجي ڪراچي ۾ آباد ٿيڻ واري قرارداد جي حق ۾ ھٿ مٿي کنيو
ھئو. جلسي ختم ٿيڻ تي ٻيا سڀيئي پنھنجن پنھنجن گھرن ڏانھن موٽي ويا ھئا، مگر ھي ڪونه
موٽيو ھئو، ھن کي ڪراچيءَ ۾ رات پئجي ويئي ھئي. ڏينھن ٿيڻ جي انتظار ۾ ھي اڃان
تائين ڪراچي ۾ رھيل آھي.
(ڏھاڙي ڪاوش
حيدرآباد جي ڪاوش دنيا ۾ ۹ اپريل ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا