سيد ثابت علي شاهه
[۱۷۴۰ع – ۱۸۱۰ع]
ميمڻ عبدالغفور
سنڌي
سيد ثابت
علي شاه ولد سيد مدار علي شاه، ميراڻي دور ۾ سنڌي زبان جو هڪ بلند پايه شاعر ٿي
گذريو آهي. سندس ولادت ۱۴ محرم الحرام ۱۱۵۳ هه مطابق ۱۷۴۰ع تي ٿي آهي. خاص ڪري ”مرثيه“
جي صنف ۾ ته سندس نالو سر فهرست آهي. پاڻ اصل ملتان (پنجاب) جو هو. زندگيءَ جو وڏو
حصو سيوهڻ شريف ۾ گذاريائين، جتي ۷۲ ورهين
جي ڄمار ۾، ۲۷ ربيع الثاني ۱۲۲۵ هه مطابق ۱۸۱۰ع تي راه رباني ورتائين. پاڻ
جيتوڻيڪ پڪو شيعو هو ۽ شيعن حاڪمن (ميرن) جو خاص ماڻهو هو. تڏهن به عقيدت جي لحاظ
کان چئن يارن سڳورن ۽ بادشاه پير دستگير سيد عبدالقادر جيلانيؒ جن جي شان ۾ مداحون به چيون اٿس. نموني طور سندس هڪ
”مرثيه“ مان چند مصرعون هيٺ ڏجن ٿيون.
”شام غربت مثل هو صبح
يتيمان حسين،
وا حسرتا به صبح يتيمان
ڪربلا.
صبح محشر مثل ٿيو شام-
غريبان حسين،
وا غربتا به شام غريبان
ڪربلا.“
سيد ثابت علي شاهه
ڪربلائي
نظير حيات سيوهاڻي
سنڌي ٻوليءَ جو مهان شاعر سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي سن ۱۱۵۳هه مطابق ۱۷۴۰ع ۾ سيوهڻ ۾ پيدا ٿيو، سندن وڏا ملتان کان سيوهڻ ۾آيا هئا، سندن والد
سيد شاهه مدار علي شاهه جي درگاهه هن وقت سيوهڻ ۾ ”سيد مداري شاهه“ جي نالي سان سنڌو
ڪناري مشهور آهي، سيد ڪربلائي پنهنجي شاعري ۾ ثابت ۽ زوار جا تخلص استعمال ڪيا آهن،
سندس ڪلام سنڌي ٻولي کان علاوه پارسي ۽ اردو ۾ پڻ ملي ٿو، هن جي شاعري جي خوبي اها
پڻ آهي ته هن ڪمال جي ڪاريگري سان پنهنجي سنڌي، پارسي توڙي اردو ڪلام ۾ عربي ٻوليءَ
جا لفظ، قرآني آيتون ۽ محاورا آندا آهن، سندن هيٺيون بيت سندن علمي، ادبي ۽ شاعري جي
عظمت جو عڪاس آهي.
رب ارني ثانياً ارض النجف و الڪربلا
يا خدا بنما بمن بار دگر آن روضها
يا خدا پهر بهي دکھا مجهڪو وه ميري مقتدا
اي خدا ٻيهر به مون ڏيکار منهنجا من گهريا
سيد ثابت علي شاهه جو جيترو به ڪلام هن مهل تائين محفوظ ٿي سگهيو آهي
ان ۾ هن وقت سندس مشهوري سنڌي مرثيه گوئي جي ڪري آهي، اڳ واري دور ۾ جنهن به سنڌ جي
شهر ۾ محرم شريف يا ٻين اهم ڏينهن تي مرثيه پڙهيا ويندا هئا، اتي شاهه صاحب جي ڪلام
کي بياض ۾ قلمي نسخن ۾ محفوظ ڪيو ويندو هو پر هاڻي سندس ڪلام کي جديد طرز تي ڪمپيوٽرائيز
ڪيو پيو وڃي ۽ سندن شاعري جا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن.
سندن ڪلام کي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ ۽ محفوظ ڪرائڻ ۾ سندن خاندان جو وڏو عمل
دخل آهي، خاص طور سندن پڙ پوٽو سيد حاجي ثابت علي شاهه ”ثالث“ المشهدي جون پنهنجي وقت
۾ ڪيل ڪوششون قابل تحسين هيون، هن صاحب سموري ڪلام کي آهسته آهسته ڪري سندن سموري ڪلام
کي ٽن ڀاڱن ۾ شايع ڪرايو، ان سلسلي ۾ سندن سان حيدرآباد جي مرزائن ۽ ميرن جو ساٿ رهيو
پر ان کان اڳ جيڪو اهم ڪم ٿيو اهو هو شمس العماءَ مرزا قليج بيگ مرحوم جي طرفان سن
۱۹۰۰ع ۾ ليٿو پريس جي دور ۾ ماسٽر هري سنگهه وٽان سکر
۾ هڪ بياض ڇپائي پڌرو ڪرڻ، ڪلام جي شايع ڪرائڻ جا سبب ڄاڻائيندي مرزا قليج بيگ لکي
ٿو ته سيد ثابت علي شاهه سنڌي شاعرن مان هڪ وڏو ۽ مشهور شاعر هو، خاص طور هن جا سنڌي
مرثيه مشهور هئا، جيڪي هر سال سنڌ ۾ عاشورن جي ڏينهن ۾ ماڻهو پڙهندا هئا پر گهڻن ماڻهن
کي ان جي احوال ۽ ان جي ٻئي شعر جي خبر نه هئي، تنهن ڪري مون مناسب سمجهيو ته هن جو
مختصر احوال سنڌ جي ماڻهن جي واقفيت لاءِ پڌرو ڪجي، مرزا صاحب سيد ڪربلائي جي ڪلام
جي حوالي سان لکي ٿو ته هن شاهه جيڪو شعر، پارسي ۽ سنڌي ۽ هنڌي ۾ چيو آهي، سو تمام
گهڻو آهي، سندس ڪليات هڪڙو وڏو دفتر آهي، جنهن ۾ ۶۶
مرثيه، ۱۱۷ منقبتون، ۸ جنگ ناما فارسي ۾ ۽ سنڌي
۽ پارسي ۾ هجوون، ٽي مذهبي مباحثا، يعني رد الخوارج، شهاب ثاقب ۽ رد المواث ڪتاب ۽
هڪڙو زيارت نامو کانسواءِ ڪيتريون ئي نعتون، قصيدا ۽ ٻيا شعر آهن، جن ۾ هن جي عربي
علم جو مايو به چڱي طرح معلوم ٿئي ٿو، پراسي شعر تمام عمدو ۽ بي عيب اٿس ۽ عربي شعر
به لسو چيو اٿس، سنڌي شعر ۾ ته بحر وانگي پلٽجي پوي ٿو، پاڻ وڌيڪ لکي ٿو ته ثابت علي
شاهه گهڻن قسمن جو شعر چيو آهي پر مشهور مرثين جي ڪري آهي، پهرين ته ڄڻ مرثين جو سنڌ
۾ بنياد به هن وڌو، ٻيو وري هن کي اندر جو درد سچو پڇو هو، تنهن ڪري به سندس ڪلام درد
ناڪ ۽ سوز وارو آهي، ٽيون ته شعر لسو اٿس ۽ دلچسپ اٿس، جنهن ڪري ٻڌندڙ کي وڌيڪ اثر
پيدا ڪري ٿو، شاهه لطيف ڀٽائي جي ڪلام جي خاصيت اها آهي ته اهو نج سنڌي آهي، جهڙو مضمون
تهڙو طرز ۽ وزن ۽ اهڙا لفظ پر ثابت شاهه نئون طرز اختيار ڪيو آهي ۽ طرز ۽ وزن پارسي
عربي بهاريو اٿس، سنڌي سان گڏ پارسي ۽ عربي لفظ ۽ اصطلاح اهڙا ملايا اٿس جو هن جي شعر
کي پڙهي پڻ لذت ٿي اچي، جي شاهه جو ڪلام مٺو آهي ته ثابت شاهه جو ڪلام کٽو مٺو چئي
سگهجي ٿو.
مرحوم مرزا قليج بيگ کانپوءِ ثابت علي شاهه ڪربلائي جي ڪلام تي جناب مرزا
عباس علي بيگ ۽ سندس سموري سٿ تمام گهڻو ڪم ڪيو، نهايت جا نفشاني ۽ محنت سان ثابت عليشاهه
جي سموري سنڌي، عربي، هندي ۽ پارسي ڪلام کي هڪ هنڌ گڏ ڪري ”ڪليات سيد ثابت علي شاهه
ڪربلائي“ جي نالي سان ڪليات آندي، اٽڪل پنج سؤ صفحن کان مٿي اها ڪليات اسلامڪ
ڪلچر اينڊ ريسرچ سينٽر ڪراچي وارن جي طرفان عام ماڻهن جي لاءِ شايع ڪيو ويو، هن ڪليات
۾ ثابت شاهه جي مڪمل سوانح حيات، مرثيو ڇا آهي ۽ مرثيه جي ابتدا ۽ ان جي عهد به عهد
ترقي، سنڌي ادب ۾ رزميه شاعري، سيد ثابت علي شاهه جا همعصر شاعر ۽ ان کانپوءِ جا اهي
شاعر جن مرثيه ۽ ثابت شاهه کانپوءِ ڪم ڪيو، انهن جي بهتر کان بهتر معلومات ڏني اٿن،
مرزا عباس بيگ صاحب شاهه ثابت جي ڪلام لاءِ لکي ٿو ته سندن ڪلام فصاحت ۽ سلاست سان
لبريز آهي، شاهه ثابت ادبي نقطه نگاهه کان مرثين ۾ نيون جدتون ۽ نوان اسلوب پيدا ڪيا،
صحيح معنيٰ ۾ رزميه شعر جي ابتدا ثابت زوار کان ٿي، هن جي ڪلام ۾ سنڌي مرثين ۾ اهڙي
ته فراواني هئي جو سنڌي شاعريءَ جو رخ ئي بدلائي ڇڏيو.
سيد ثابت علي شاهه ۽ سندن ڪلام تي جن سنڌ جي اهم ڏاهن ڪم ڪيو آهي انهن
۾ محمد صديق ميمڻ، لطف الله بدوي، غلام محمد گرامي، ڊاڪٽر قمر جهان آراءَ، ڊاڪٽر حامد
علي خانائي، مرزا امام علي بيگ افسر، سائين غلام علي الانه، مرزا عباس علي بيگ، عبدالقيوم
صائم، مرزا نجم الحسن وغيره شامل آهن، انهن ۾ محترم عبدالقيوم صائم پنهنجي ڪتاب ”سيد
ثابت علي شاهه جي شخصيت ۽ شاعري“ ۾ لکي ٿو ته؛ سيد ثابت علي شاهه پنهنجي ڪلام ۾ واقع
ڪربلا کي اجاگر ڪيو آهي، ڪربلا جو واقعو عرب سر زمين جو آهي پر هن سيد پنهنجي مرثين
۾ ڪن هنڌن تي سنڌ جو مقامي رنگ جنهن خوبيءَ ۽ مهارت سان ڀريو آهي سو هڪ قابل ديد ۽
تحسين جوڳو آهي، ڪربلا ۾ شهزادي قاسم جي شاديءَ جي رسمن ميدان ۾ ٿيل قوس ۽ ظلم، ڪونڌرن
جي ڪسجڻ کي اهڙي نموني پيش ڪيو آهي ڄڻ اهو واقعو عراق نه پر سر زمين سنڌ ۾ ٿيو هجي،
مٿين ذڪر ڪيل ڪتابن کانسواءِ وقت به وقت ننڍا وڏا مضمون ۽ احوال سامهون ايندا رهيا
آهن پر محرم علي محمد چنه جي ڪوششن سان سائين نجم الحسن مرزا جو مرتب ڪيل ڪليات ”رڻ
گجيو، راڙو ٿيو“ هڪ مڪمل ڪليات آهي، جنهن ڪري هڪ جديد بياض جي ضرورت پوري ٿي آهي، بقول
ڊاڪٽر غلام علي الانه جي ته ڪليات ۾ آيل مواد نه صرف نئين سوچ ۽ نواڻ آهي پر ان ۾ تاريخي
واقعات مطابق پڻ ترتيب ڏنو ويو آهي، واقعات کي تاريخوار آڻڻ دراصل هڪ وڏو علمي ۽ ادبي
ڪارنامو آهي، الانه صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته محترم علي محمد چنا ننڍي کنڊ پاڪ، هنڌ جي جيد
عالم ۽ وڏي مرتبي واري شاعر سيد ثابت علي شاهه جي شاعراڻي فن ۽ فڪر کي نئين رنگ ڍنگ
سان سينگارائي سيد صاحب کي ايڪهين صديءَ جي عالمي مرتبت شاعر طور پيش ڪرايو آهي.
سيد ثابت علي شاهه
(سندس ڪلام مرزا قليچ بيگ جي نظر ۾)
نظير حيات
سيوھاڻي
سنڌ ۾ مرثيه
نويسيءَ جو فن قديم آهي، جيڪو پنهنجون ارتقائي منزلون طئي ڪري ٽالپرن جي دورِ
حڪومت ۾ عروج تي رسيو. اڪثر ايران جا عالم ٽالپر حڪمرانن جي درٻار ۾ ايندا رهندا
هئا، جن جو سنڌ جي شاعرن تي به گهڻو اثر پيو. اهڙي طرح هتان جي شعراءِ ڪرام کانئن
متاثر ٿي مرثيه گوئيءَ ۾ طبع آزمائي ڪرڻ شروع ڪئي. سنڌي زبان ۽ ادب جو سڀ کان
پهريون باقاعده ”مرثيه گو“ شاعر سيد ثابت علي شاهه هو، جنهن ان دور ۾ انهيءَ صنف
جو رواج وڌو. سيد ثابت علي شاهه سنڌي شاعريءَ کي تمام گهڻي وسعت ڏني ۽ ڪيتريون ئي
نيون نياريون صنفون سنڌي شاعريءَ ۾ رواج هيٺ آڻي انهن کي سنڌ وارن سان روشناس
ڪرايو. کيس سنڌي، عربي، فارسي ۽ اردو زبانن تي عبور حاصل هو. اها هڪ واضح حقيقت
آهي ته سنڌي زبان ۽ ادب جي هن وقت تائين ڪابه اهڙي مربوط ۽ مستند تواريخ مرتب نه
ڪئي وئي آهي، جنهن مان سنڌي زبان ۽ ادب متعلق ڪو مفصل احوال ميسر ٿي سگهي. سنڌي
ادب جون هن وقت تائين جيڪي به تاريخون لکيون ويون آهن، اُهي اڪثر ڪري محدود آهن ۽
انهن ۾ سنڌي زبان ۽ ادب کي جديد دور جي سائنٽيفڪ نموني ۾ دليلن ۽ اصولن تي پرکيو
نه ويو آهي. اهو ئي مکيه ڪارڻ آهي جو انهن تاريخن مان ڪنهن به قسم جي مڪمل رهنمائي
۽ روشني حاصل نٿي ٿي سگهي. سنڌ جي انهن مڙني تاريخن ۾ سيد ثابت علي شاهه جي شخصيت
۽ شاعراڻي فن تي تمام گهٽ لکيو ويو آهي.
شمس العلماء مرزا
قليچ بيگ
شمس العلماء مرزا
قليچ بيگ پهريون سنڌي عالم آهي، جنهن سيد ثابت علي شاهه جي حياتيءَ جي مختصر احوال
سان گڏ سندس سنڌي مرثين کي گڏ ڪري چئن ڀاڱن ۾ شايع ڪرايو آهي. اهي چارئي ڀاڱا مرزا
صاحب جي زندگيءَ ۾ ئي سنڌ جي مشهور ۽ معروف پبلشر هريسنگهه اينڊ سنز ڪتبخانه سکر
سنڌ واري هڪ ٻئي پوئتان ڇپائي پڌرا ڪيا. پاڻ ۽ سندس خاندان وارا محرم الحرام جي
ڏينهن ۾ عزاداريءَ جي رسم ڪندا هئا. ان عزاداريءَ وارين مجلسن ۾ اڪثر ڪري سيد ثابت
علي شاهه جي سنڌي مرثين کي پڙهيو ويندو هو، سيد ثابت علي شاهه جا سنڌي مرثيا ان
زماني ۾ حيدرآباد، خيرپور ۽ سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي هنڌن تي مجلسن ۾ پڙهيا ويندا هئا.
مرزا قليچ بيگ سنڌي
زبان ۽ ادب کي هر لحاظ کان مالا مال ڪرڻ لاءِ گهڻو پاڻ پتوڙيو آهي. حقيقت ۾ پاڻ
جديد سنڌي نثر جو بنياد رکندڙن مان آهي. مرزا صاحب اڪثر ڪري انگريزي، فارسي، عربي،
هندي ۽ اردو ٻولين مان سنڌي نثر ۾ ترجما ڪري ڪتاب لکيا آهن. مرزا صاحب ان کانپوءِ
سيد ثابت علي شاهه جي شعر تي روشني وڌي آهي. پاڻ لکي ٿو، ۶۶ مرثيه ۽ ۱۱۷ منقبت ۽ ۸ جنگ ناما فارسي، سنڌي ۽ فارسي هجون يا
سٺيون ۽ ٽي مذهبي مباحثي جا ڪتاب شعر ۾ يعني رد الخواج شهاب ثاقب ۽ ردالمواث ۽
هڪڙو زيارت نامو تنهن کانسواءِ ڪيترائي قصيده ۽ ٻيا شعر فارسي، سنڌي ۽ هندي ۾ آهن،
جنهن مان هن جي عربي علم جو مايو به چڱيءَ طرح معلوم ٿئي ٿو.
مٿين سڀني نقادن
کان علاوه هيٺين اسڪالرن سيد ثابت علي شاهه جي ڪلام ۽ ادبي ڪم جي ساراهه ڪئي آهي.
مولانا غلام محمد گرامي، خان بهادر محمد صديق ميمڻ، پروفيسر لطف الله بدوي، ڊاڪٽر
غلام الرسول بلوچ، سيد اظهر گيلاني، پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي الانا، محمد عالم
ڪربلائي، مرزا مراد علي بيگ، سائل مير حسن علي خان ٽالپر، مير فتح علي ”فتح“ مرزا
ٻڏل بيگ حيدرآبادي، محمد هاشم موج، سيد زمان شاهه ساقي ٺٽوي، آخوند محمد احقر، آغا
نور محمد شاهه، نواب ولي محمد خان تاجپور، ڊاڪٽر نذير حسين حيدري، نور افروز
خواجه، جناب مرزا عباس علي بيگ، محترم عبدالقيوم صائب، سيد اعجاز علي شاهه، مرزا
افسر علي بيگ، جناب عبدالستار درس، محترم امداد علي سرور، مرزا نصير صاحب، محترم
نظير حسين سيوهاڻي ۽ ٻيا شامل آهن.
(ڏھاڙي عبرت
حيدرآباد ۾ ۴ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي
سنڌي مرثئي جو باني
زوار عبدالستار
درس
شاعريءَ جو تعلق انساني جذبن
سان آهي ۽ اهو خيالن جي اظهار جو اهڙو موثر ترين ذريعو آهي، جنهن جي معرفت انسان
پنهنجي جذبن ۽ خيالن جو اظهار اثرانداز ٿيندڙ نموني ڪري سگهندو آهي. هي جذبن جي
اظهار جو اهڙو انداز آهي، جنهن جي ذريعي شاعر پنهجي اندر جي اُڌمن کي تخيلق جي
ذريعي شعر جي زبان عطا ڪري ٻين جي آڏو پيش ڪري ٿو، اها ئي جذبات نگاري آهي ۽ واقعه
نگاريءَ جو تعلق به جذبن سان ئي آهي. شاعريءَ جي اصطلاح ۾ جنهن شاعريءَ ۾ جنگ و
جدل جو ذڪر هجي ان کي ”رزميه شاعري“ سڏيو ويندو آهي ڇو جو رزم جي معنيٰ ئي آهي
ويڙهه، جنگ و جدل ۽ خونريزي. مرثيو ۽ نوحو به رزميه شاعريءَ جون ئي صنفون آهن.
مرثيي ۾ ڪنهن مقتول کي ياد ڪري ان جي ڳڻن جو ذڪر ڪري سندس مقتوليءَ تي غم جو اظهار
ڪيو ويندو آهي ۽ ڪنهن مقتول تي روئڻ، پار ڪڍڻ، ويڻ ڪرڻ ۽ سندس صفتون بيان ڪرڻ واري
شاعريءَ کي نوحو سڏيو ويندو آهي.
مرثيو اصل ۾ عربي شاعريءَ جي
قديم ترين صنف آهي. علامه شبلي نعماني پنهنجي تصنيفن ”سيرت النبي صه“ جلد ۱
صفحو
نمبر ۲۳۸ ۽ ”موازنه انيس و دبير“ جي صفحي ۸ کان ۱۰
تي لکي
ٿو ته، عرب ۾ جاهليت واري زماني ۾ مرثيه گوئي تمام گهڻي ترقي ڪري چڪي هئي. عربن ۾
اهو دستور هو ته انهن جون عورتون خاص خاص ايامن ۾ پنهنجي پنهنجي مقتول عزيزن جو
ماتم برپا ڪنديون هيون. اُحد واري جنگ ۾ حضور صه جن جي چاچي حضرت امير حمزه رضه جي
دردناڪ شهادت ٿي ته سندس لاءِ نوحه خواني ۽ ماتم برپا ڪيو ويو ۽ پوءِ طويل عرصي
تائين عربن ۾ اهو دستور بڻيل رهيو ته جڏهن به ڪنهن مقتول جو ماتم برپا ڪيو ويندو
هو ته ان جي ابتدا حضرت امير حمزه رضه جي شهادت واري داستان سان ڪئي ويندي هئي. سن
۶۱ هجريءَ ۾ ڪربلا جي رڻ ۾ امام حسين عه ۽ سندن ساٿين جي
ٿيل مظلوماڻين شهادتن کانپوءِ سڄي دنيا ۾ مرثيو ۽ نوحو ڪربلا واري سانحي سان منسوب
ٿي ويو.
مرثيو عرب مان ايران، هندستان ۽
پوءِ سنڌ ۾ داخل ٿيو. سنڌ ۾ پهرين فارسي مرثيو پهتو. هتان جي مقامي شاعرن به پهرين
فارسي زبان ۾ مرثيه لکيا ۽ پوءِ ۱۱۸۶ هجري بمطابق ۱۷۷۲ع ۾ سيد ثابت علي
شاهه سنڌي زبان ۾ باقاعده مرثيه گوئيءَ جي شروعات ڪئي ۽ پهريون مرثيو ”اي خدا جا
لاڏلا، سردار سرور يا حسين عه“ جي عنوان سان لکيائين. سنڌي مرثيي جي باني شاعر سيد
ثابت علي شاهه کي سنڌي، اردو، فارسي ۽ عربي زبانن تي مهارت حاصل هئي.
سيد ثابت علي شاهه ڪربلائيءَ جي
ولادت اڄ کان پوڻا ۳ صديون اڳ ۱۱۵۳ هجري بمطابق ۱۷۴۰ع ۾ سنڌ تي ڪلهوڙن
جي حڪمرانيءَ واري دور ۾ سيوهڻ شريف ۾ ٿي. هن ۱۸ سالن جي ڄمار ۾ غزل
۽ قصيده چوڻ سان شاعريءَ جي شروعات ۽ پوءِ سنڌي زبان ۾ باقاعده مرثيه لکڻ جو بنياد
وڌائين. اهو ئي سبب آهي جو کيس سنڌي مرثيي جو باني سڏيو ويندو آهي. سچل سرمست رحه،
سامي ۽ ميان سرفراز ڪلهوڙو سندس همعصر شاعر هئا.
سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي،
پهرين ڪلهوڙا حڪمرانن جي درٻار سان ۽ پوءِ ٽالپر حڪمرانن جي درٻار سان منسلڪ رهيو.
مير فتح علي خان ٽالپر اقتدار سنڀالڻ کان ٻه سال پوءِ ۱۱۹۹هجري بمطابق ۸۶-۱۷۸۵ع ۾ خدا آباد بدران
حيدرآباد کي گاديءَ وارو هنڌ مقرر ڪيو ته پنهنجي سپهه سالار ميان فقير محمد جوڻيجو
کي امام حسين عه جي روضي جي شبيهه (ڪاٺيءَ جو تعزيو) ٺهرائڻ جو حڪم ڏنائين. جنهن
تي ترت عمل ڪيو ويو. ان کانپوءِ ان تعزيي کي جنهن هنڌ رکيو ويو ان هنڌ هڪ علم پاڪ
به نصب ڪيو ويو ۽ اهو ميان فقيري خان جو پڙ سڏجڻ لڳو. هاڻي ته حيدرآباد شهر جو اهو
سڄو علائقو ئي فقير جو پڙ سڏجي ٿو.
تاريخ ۾ اهو تذڪرو به ملي ٿو ته
عاشور واري رات ميان فقيرو خان ان تعزيي مٿان اڇي چادر وجهي سڄي رات اتي ويهي
روئندو ۽ تسبيح پڙهندو هو. فجر واري وقت مير فتح علي خان ٽالپر پنهنجي ڀائرن،
اميرن ۽ وزيرن سان گڏجي قلعي مان پيرين پيادو ميان فقير محمد جي پڙ تي ايندو هو ۽
پوءِ ثابت علي شاهه ڪربلائي تعزيي جي اڳيان بيهي مرثيا ۽ روضة الشهداءُ مان مصائب
پڙهندو هو، جنهن تي سڀ گڏجي ماتمداري ڪندا هئا ۽ ماتمداريءَ جو اهو سلسلو صبح ٿيڻ
تائين، جاري رهندو هو.
سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي،
خداداد صلاحيتن جي ڪري نه صرف بهترين شاعر ۽ مرثيه گو هو پر وقت جي حڪمرانن وٽ به
کيس وڏو وقار حاصل هو. کيس ڪلهوڙن جي حڪمرانيءَ واري دور ۾ معزز امير هجڻ سبب
حڪومتي معاملن ۾ به وڏو تجربو هو ان ڪري ٽالپر حڪمرانن سندس ساڳيو مرتبو قائم
رکندي کيس اندروني ذميوارين سان گڏ ٻاهرين سفارتڪاريءَ تي به مقرر ڪيو کيس سرڪاري
طور فيصلا ڪرڻ جا نه صرف اختيار هئا پر ڪيترن ئي معاملن ۾ جاچ ڪري رپورٽ ڏيڻ لاءِ
به کيس ئي مقرر ڪيو ويندو هو، جڏهن ٽالپرن جي حيدرآباد ۽ خيرپور وارين حڪومتن ۾
ڪجهه سرڪاري ڳالهين تان تڪرار شروع ٿيو ته ان تڪرار جي نبيري لاءِ وقت جي حاڪم مير
غلام علي خان ٽالپر جي هدايت تي سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي ۽ سيد عظيم الدين ٺٽوي ۵
ڀيرا
خيرپور جا دورا ڪري مير سهراب خان ٽالپر سان ڳالهيون ڪيون.
۱۲۱۹ هجري بمطابق ۰۴-۱۸۰۳ع ۾ سيد ثابت علي
شاهه کي سفير مقرر ڪري ايران جي بادشاهه فتح علي شاهه قاچار ڏانهن اُماڻيو ويو ۽
فتح علي شاهه قاچار سندس ئي هٿان سنڌ جي حاڪم مير غلام علي خان ٽالپر کي ”قدم گاهه
مولا علي وارو پٿر“ تحفي طور اماڻيو. سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي سڄي زندگي ڪلهوڙا
۽ ٽالپر حڪمرانن جي درٻارن سان مُنسلڪ رهيو ۽ زندگيءَ جي پڇاڙڪي دور ۾ گهڻو بيمار
رهڻ سبب گهڻو ضعيف ٿي چڪو هو، ان ڪري اهو وقت سيوهڻ شريف ۾ ئي گذاريائين، جتي مير
غلام علي خان ٽالپر جي ئي دور حڪومت ۾ ۲۷ جمادي الثاني ۱۲۲۵
هجري
بمطابق ۳۰ جولاءِ ۱۸۱۰ع تي ۷۲ سالن جي ڄمار ۾
انتقال ڪيائين ۽ کيس سيوهڻ جي قديم قبرستان وادي ميدان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو،
جيڪو هاڻي ”ميدانِ ڪربلا“ جي نالي سان مشهور آهي.
سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي
يادگار ڪميٽي جي سال ۱۹۶۵ع واري سالياني رپورٽ ۾ سيد ثابت علي شاهه ثالث
لکي ٿو ته، سيد ثابت علي شاهه ڪربلائيءَ جي خواهش هئي ته هو ڪربلا ۾ مدفون ٿئي پر
جڏهن پاڻ سيوهڻ ۾ بيماريءَ جي بستري تي هو ته کيس خواب ۾ اها بشارت ملي ته ”جنهن
هنڌ تنهنجو مدفن ٿيندو، اهو هنڌ به ڪربلا جي نالي سان مشهور ٿيندو ۽ تنهنجي قبر
کوٽڻ وقت زمين مان ڪربلا وارو طوق ۽ علم نڪرندا.“ ٿيو به بلڪل ائين ئي جو سندس
انتقال کانپوءِ جڏهن سندس تدفين لاءِ قبر کوٽي وئي ته اتان اهي طوق ۽ علم نڪتا جن
تي تير جو سوراخ به آهي. اهي تبرڪات هن وقت ابدال ڪافي سيوهڻ ۾ ابدالي ساداتن وٽ
موجود آهن.
سيد ثابت علي شاهه
ڪربلائيؒ
عظيم مرثيه نگار شاعر
پروفيسر سيد
اعجاز علي شاھ رضوي
سيد ثابت علي شاهه
بن سيد مدار علي شاهه سنڌ جو پهريون ۽ عظيم مرثيه نگار شاعر ٿي گذريو آهي. سيد
ثابت علي شاهه جو جنم سن ۱۱۵۳هه ۾ سنڌ جي اولياءُ خيز سرزمين سيوهڻ شريف ۾ ٿيو. سيد
ثابت علي شاهه ڪربلائيؒ کي ننڍي هوندي کان ئي روضة الشهداءُ پڙهڻ جو شرف حاصل هو.
تنهن ڪري پنهنجي محسن عزيز سيد اسد الله شاهه حُسيني سجاده نشين حضرت لعل شهباز
قلندرؒ جي حڪم تي مرثيي جي ابتدا هنن لفظن سان ڪيائين ته:
مرثيه اهڙا چئي روئي رئاڙيندس جهان،
تون ٻڌي تحسين تهدل ڪندين مون کي سيد!
ان کانپوءِ ”اي خدا
جا لاڏلا سردار سرور يا حُسينؑ “ چئي مرثيه گوئي جي ميدان ۾ قدم رکيائين. ان
کانپوءِ سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي رحه اهڙا ته درد انگيز ۽ غم سان لبريز مرثيه
لکيا جو هر خاص و عام کان دادِ سُخن حاصل ڪيائين. اهڙي طرح هن سنڌي ادب ۾ مرثيي جي
باب کي روشن ڪيو. پاڻ فرمائي ٿو ته:
مرثيو سنڌي اڳهين هو ڪونه اصلي سنڌ ۾،
جي ڪو هو تا پڻ نه مشهور هن پر هر ڪُجا.
سيد ثابت علي شاهه
ڪربلائيؒ نه رڳو مرثيي کي رواج ڏنو پر ان جا سڀ لوازمات جهڙوڪ: ممدوح جي مدح،
اخلاقيات، شجاعت، دليري، بي باڪي، برداشتگي، صبر و رضا، شهادت، جنگ جو نظارو،
مناظرِ قدرت، رِجز، گهوڙي سواري، زَرهه جو بيان، حق و باطل جو تصادم، دشمن جا
عيبَ، ظلم و جبر، غزليات، مطلب ته رُڪَ وَهندي راند جو سمورو نظارو بهترين، مناسب
۽ موزون لفظن ۾ پيش ڪري سنڌي زبان کي لفظي ۽ معنوي موتين سان مالا مال ڪيو. سنڌ ۾
سيد ثابت علي شاهه ڪربلائيؒ ئي پهريون شاعر آهي، جنهن عربي وزنن تي شعر چيو ۽ پاڻ
ئي سنڌ ۾ پهريون شاعر آهي، جنهن سنڌي موزون شاعري جو بنياد وجهي هڪ عليحده نمونو
اختيار ڪري سنڌي سان گڏ فارسي ۽ عربي لفظ ۽ اصطلاح ملائي، ان کي فارسي طرز ۽ وزنن
تي بيهاريو. بقول شمس العلماء مرزا قليچ بيگ صاحب جي ته: سنڌي شعر جا ٻه نمونا
آهن، هڪڙو شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي تتبع تي بيت ۽ ڪافيون وغيره ۽ ٻيو سيد ثابت
علي شاهه ڪربلائيؒ جي تتبع ۽ عروض تي غزل، قصيدا ۽ مثنويون وغيره. عربي وزنن تي
ڪلام چوڻ جيئن ته ايران ۾ رودوڪي کان شروع ٿيو ۽ هندستان ۾ وليءَ کان تيئن سنڌ ۾
سيد ثابت علي شاهه ڪربلائيؒ کان شروع ٿيو. ڪلاسيڪي شاعري کانپوءِ سنڌي شاعري ۾
جيڪو وڏو ڦيرو آيو سو سيد ثابت علي شاهه ڪربلائيؒ جي شاعريءَ کانپوءِ آيو.
سيد ثابت علي شاهه
ڪربلائيؒ جا اڪثر مرثيا، عقيدت جي گلن طور ڪربلا جي معرڪي سان ڳنڍيل ڪردارن ڏانهن
منسوب ٿيل آهن پر فني لحاظ کان معيار جي انتهائي بلندين تي آهن، هونئن ته ڪربلا جي
ڪوس تي مبني، مرثيي جو داستان، داستان جا ڪردار ۽ افراد، دائره عمل، زمان ۽ مڪان.
مطلب ته انهن سڀني جو تعلق عرب جي سرزمين سان آهي پر سيد ثابت علي شاهه ڪربلائيؒ
مسلمانن جي روايتن، ريتن رسمن، رهڻي ڪهڻي، پوشاڪ، طور طريقن، عقيدن ۽ اعتقادن،
ماحول، مزاج ۽ نفسيات کي ڌيان ۾ رکندي ڪردار نگاري، رُڪَ جي راند ۽ جنگي هٿيارن جو
ذڪر پنهنجي خاص انداز ۽ اسلوب ۾ ڪيو آهي. اهڙي طرح مرثيه جي موضوع ۾ مقامي رنگ ڀرڻ
لاءِ ”سنڌي سماجي جيوت“ جي ڪيترن ئي پهلوئن کي نِج سنڌي لفظن ۽ محاورن ۾ سنواري
موزون شاعري ۾ پيش ڪيو اٿس. مرثيي جي موضوع ۾ مقامي رنگ ڀرڻ لاءِ سيد ثابت علي
شاهه ڪربلائيؒ جُونجهارڪَي جهيڙي، سنڌي معاشري، ماحول، مزاج ۽ نفسيات کي ڌيان ۾
رکيو آهي ۽ ڪربلا جي شهيدن جي ڳُڻن کي ڳڻائي، عورتن جو اَوسارڻ، پِٽڻ، روئي پاڻ
پڇاڙڻ بيان ڪري مرثين ۾ ماتمي رنگ ڀريو آهي.
مجموعي طرح سيد
ثابت علي شاهه ڪربلائيؒ جو اندازِ بيان، عام محاوري ۾ سمايل نهايت سلوڻو آهي. هن
سنجيده بيان جي اعليٰ ترين اسلوب کان ڪم ورتو آهي. ڪنهن به ديني عالم لاءِ عربي،
فارسي ۽ ٻين زبانن جي سگهاري ڄاڻ هجڻ لازمي سمجهي ويندي آهي. انهيءَ سلسلي ۾ هيئن
چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته سيد ثابت علي شاهه ڪربلائيؒ عالم ۽ فاضل هو ۽ عربي
۽ فارسي زبانن جو پڻ ماهر هو. انهيءَ ڪري ئي سندس مرثين ۾ عربي ۽ فارسي لفظن ۽
محاورن جو ڀرپور استعمال ملي ٿو. بقول مولانا غلام محمد گرامي صاحب جي ته، سيد
ثابت علي شاهه ڪربلائيؒ جو ڪلام سنڌي علم و ادب جو لاجواب خزانو آهي، ان کي سنواري
۽ سڌاري آئنده نسلن لاءِ پيش ڪيو وڃي. سيد ثابت علي شاهه ڪربلائيؒ پنهنجي ڪلام سان
سڄي سنڌ کي معطر ڪري ۲۷ جمادي الثاني ۱۲۲۵ھ تي هن عالمِ فاني مان عالمِ بقا ڏانهن ڪوچ ڪيو. سندس مقبرو سيوهڻ شريف ۾
ڪربلا سڏجندڙ قديم قبرستان ۾ آهي. سندس اولاد هن وقت ميرن جي قُبن تي رهائش پذير
آهي. سندس اولاد ۾ راقم الحروف، عادل عباس رضوي ۽ ڊاڪٽر محمد علي شاهه رضوي مشهور
شخصيتون آهن.
(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۹ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا