; سنڌي شخصيتون: هري درياڻي دلگير - ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي

14 April, 2015

هري درياڻي دلگير - ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي

هري درياڻي دلگير
سنڌيءَ جو ٻهڳڻو شاعر
ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي
شمار ٿئي ٿو چڱن شاعرن ۾ اڄ دلگير
ڪمال آهي سو ”بيوس“ ۽ نياز پارن جو
هري گرڏنومل درياڻيءَ جو جنم ۱۵ جون ۱۹۱۶ع ۾ لاڙڪاڻي شهر جي هڪ عامل خاندان ۾ ٿيو، هن ابتدائي تعليم سرڪاري اسڪول لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي. بي ايس سي، ڊي جي سنڌ ڪاليج، ڪراچيءَ مان پاس ڪيائين. پوءِ اين اي ڊي انجنيئرنگ  ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا وٺي، بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي اِي BE سيول ڊگري حاصل ڪري سرڪاري نوڪريءَ ۾ گهڙيو. هري دلگير سن ۱۹۵۸ع ۾، ورهاڱي کان پوءِ سڄا سارا يارهن سال پاڪستان ۾ رهڻ بعد سنڌ کي هميشه لاءِ الوداع ڪري، ڀارت آيو، هوائي جهاز مان لهندي، پهرين بمبئيءَ پوءِ پونا پهتو ۽ پوءِ آديپور اچي وسائي. سن ۱۹۵۹ع کان تولاڻي انجنيئرنگ ڪاليج ۾ پرنسپال جي عهدي تي رهي سن ۱۹۷۹ع ۾ رٽائر ڪيو.


عروضي علم جي ڄاڻ به، شاعر لاءِ نهايت ضروري آهي. شاعريءَ جي فني نڪتن جي علم بنا ڪلام ۾ گهربل تاثير پيدا ڪرڻ ممڪن ڪونهي. ان ڏس ۾ هري دلگير اُستاد شاعر نواز علي جعفري نياز جي شاگردي قبول ڪئي، جنهن کيس شعريه نفيس نڪتا ۽ زبان جي اهميت کان روشناس ڪرايو. موجوده دور ۾، علم عروض جي ڄاڻ رکندڙ، آڱرين تي ڳڻڻ جيترن شاعرن مان هري دلگير هڪ آهي موزون شاعري ڪندڙن ۾ هن کي چڱو رتبو حاصل آهي. هري دلگير جي شاعري گهڻو ڪري فني ڪچاين جي عيب کان آجي رهي آهي سندس شاعريءَ ۾ بندش جي چستي ۽ دلڪشي سميٽجي ويئي  آهي.
هري دلگير سنڌيءَ جي ٿورن اهم شاعر مان هڪ آهي، شاعريءَ جي اهڙي ڪابه صنف ڪانهي جنهن تي هن طبع آزمائي نه ڪئي هجي. هن جي ڪوتا جي ٻولي سرس، سليس ۽ روانيءَ سان پُرِ آهي. هن جا مکيه شعري مجموعا آهن، ڪوڏ (۱۹۴۲)، ماڪ ڦڙا- نارائڻ شيام سان گڏ (۱۹۵۳)، موج ڪئي مهراڻ (۱۹۶۶)، پل پل جو پرلاءُ (۱۹۷۷)، رولو آواز (۱۹۸۴) جهنگلي گل (۱۹۸۸)، لهرن لک لباس (۱۹۹۳)، اڪيلو چنڊ (۱۹۹۸)، جيءُ جيءُ ڙي جيءُ (۲۰۰۱)،  گاه کليا گس گس (۲۰۰۲) وغيره، ”پل پل جو پڙلاءُ“ شعري مجموعي تي هري دلگير کي ۱۹۷۹ع ۾ مرڪزي ساهتيه اڪاڊميءَ جو ايوارڊ به عطا ٿيل آهي.
هري دلگير جي ابتدائي دور ۾ ئي اعليٰ شاعرن سان صحبت ۽ محبت رهي، انهن جي ويجهو سري، بلند شاعريءَ جي پروڙ حاصل ڪئي. هري دلگير گونا گون موضوعن تي قلم هلايو آهي، سڌي سنواٽي، بلڪل چٽي، موسيقيت سان پُر، سلاست ۽ روانيءَ سان ڀرپور طرز بيان ۾ جنهن ۾ ڪو گهماءُ ڦراءُ ڪونهي. ڪلام جون تمام وصفون هري دلگير جي شعر جي زينت بڻيون آهن. هري دلگير جا غزل پڙهو، وايون پڙهو، نظمون پڙهو، ٽيڙو پڙهو، رباعيون يا گيت پڙهو يا سندس ٻيون صنفون کڻو، ڪٿي به توهان کي منجهائيندڙ اظهار يا ڌنڌلو عڪس جو پروليءَ جيان ڀاسي، نظر نه ايندو. اُها ئي سرل ٻوليءَ جي خوشبو، موضوع سان ٺهڪندڙ انداز بيان، جيڪو خيال کي حسين ۽ رنگين ڪيو ڇڏي، جنهن مان شاعر جي احساسات کي سولائيءَ سان محسوس ڪري سگهجي ٿو، هر دلگير جي غزلن تي پارسيءَ جو اثر نه برابر آهي. شروعاتي دور ۾ سنڌي غزل کي فارسي يا اردو ماحول مان ٻاهر ڪڍڻ ۾ هري دلگير نمايان رول ادا ڪيو آهي. هري دلگير جا گهڻا غزل مسلسل آهن، جن کي پنهنجي نزاڪت آهي، هو خيال کي دهرائڻ کانسواءِ، غزل ۾ مرڪزي خيال جو سلسلو برقرار رکندو اچي ٿو. هو غزل جي راويتن جو به برابر خيال رکي ٿو.
هند ۾ اچڻ سان، هري دلگير هيءُ غزل لکيو
ڪنهن به هاڃي تي ڪڏهن هياءُ نه هاري ويٺس
هاءِ هن ويل مگر پاڻ  وساري ويٺس
هيءَ غزل شاعر جي دلي درد جو اظهار ڪري ٿو، وزن، بحر وغيره غزل جي ٻاهرين اڏاوت آهي پر انجي اصلي سونهن خيال، زبان، ۽ انداز بيان ۾ آهي. هن غزل ۾شاعر پنهنجي خيال ۽ احساس جو اظهار تمام جذباتي پر فنائتي نموني ڪيو آهي. غزل ۾ ڪم آندل ٻولي سرل، سپڪ، سلوڻي ۽ تجنيس حرفيءَ سان سينگاريل آهي،جنهن مان روز مره جي سنڌي ٻوليءَ جو هڳاءُ اچي ٿو. هري دلگير جا هيٺيان غزل به ڪوٽ ڪرڻ جهڙا آهن.
پيار جي موٽ گهرڻ، پيار نه آهي دلگير
سو مزو ناهه وٺڻ ۾،  جو ڏيڻ ۾ آهي
جڏهن سچ چئون ٿا، آڪڙ جي پون ٿا
سچائيءَ جي گردن مروڙي ڇڏيون ڇا؟

هري دلگير، گيت جو گهاٽو ڇايادار درخت  آهي. مان سمجهان ٿو هري دلگير سنڌيءَ  جو پهريون جديد شاعر آهي، جنهن سنڌيءَ ۾ ڪيترائي سهڻا، سٺا گيت تخليق ڪيا آهن، ۽ موسيقي، ميٺاج، سلاست ۽ رواني، هري دلگير جي گيتن جي خاص وصف آهي. گيتن ۾ مصراعن جو جوڙ ۽ قافين جي بناوت به عمدي اٿس:

او مٺڙي او پياري جيجل،
او ٻهڳڻ باجهاري
تنهنجي ڇلندڙ ڇاتيءَ تي مون
پنهنجي ٻيڙي تاري سنڌو،
هري دلگير ”للت پد“ به تخليق ڪيا آهن، ان صنف کي اهو نالو به هري دلگير ئي ڏنو آهي  للت پڌ ۾ هڪ مڪمل خيال هوندو آهي. هر هڪ سٺ ۾ ستاويهه ماترائون ٿينديون آهن، پر جي ڇويهه ماترائون ڪتب آڻبيون، ته به ڪا غلطي نه ليکبي آهي.

سنڌوءَ جي ڪنٺي تي، من ۾ گنگا لاءِ هئي پياس
هاڻي سنڌو درشن جي لاءِ، گنگا تان ارداس

باز ڏٺم جئن اوچو اُڏندو جرڪي منهنجي جند،
گول گول ڦرندي ڄڻ اُڀ تي لکندو ويو ٿي ”سنڌ“
(لهرن لک لباس)
شاعر هن پد ۾، وطني حب جو اظهار تمام فنائتي رنگ سان ڪيو آهي.
”ترائيل“ شاعري صنف کي سنڌي زبان ۾ متعارف ڪرائڻ جو شرف هري دلگير کي آهي. چئن چئن سٺن جي ٻن بندن واري هن صنف ۾ ڪُلُ اٺ سٽون هونديون آهن. هن ۾ پهرين، ٽئين ۽ پنجين سٽ هم قافيه هونديون آهن، ٻين ۽ ڇهين سٽ وري پاڻ  ۾ هم قافيه ٿينديون آهن. پهرين سٽ ۽ چوٿين سٽ ساڳيون هونديون آهن ۽ وري پڇاڙيءَ ۾ پهرين ۽ ٻئي سٽ، ستين ۽ اٺين سٽ ورجايون وينديون آهن، ان دهراءَ مان مضمون کي هٿي به ملندي آهي ته ان ۾ خوبصورتي به ايندي آهي. هري دلگير جو هيٺيون ترائيل ڪافي مشهور آهي.

لطف خود لئه نه، ٻين لاءِ جيئڻ ۾ آهي
چنڊ اوندھ ۾ رهي، جڳ کي ڏئي ٿو چانڊاڻ
جو پيارڻ، ۾ مزو، سونه پيئڻ ۾ آهي
لطف خود لاءِ نه، ٻين لاءِ جيئڻ ۾ آهي،

دل ٽٽڻ سان به گل ڪيئن نه ڏئي ٿو سرهاڻ
سو مزو ناهه وٺڻ ۾ جو ڏيڻ ۾ آهي
لطف خود لئه نه، ٻين لاءِ جيئڻ ۾ آهي
چنڊ اوندهه ۾ رهي، جڳ کي ڏئي ٿو چانڊاڻ
۸۸ سالن جي عمر ۾ قلمڪار هري دلگير جو قلم اوچتو يارهين اپريل ۲۰۰۴ع تي ماٺ ٿي ويو. انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي اڱڻ ۾ نيشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لئنگويج طرفان منعقد هڪ پروگرام ۾ پنهنجي زندگيءَ جي آخري ڏينهن صدارتي تقرير ۾ چيو هئائين. “ سنڌي ٻولي فونڪس پکيءَ جيان آهي جيڪو آڪاش جي اوچاين ۾ سج جي تپش ۾ جلي، ڀسم ٿي زمين تي ڪري پوندو آهي پر وري پنهنجي ئي رک مان نئون جنم وٺي. اڏامڻ لڳندو آهي، سنڌي ٻولي به هميشه زنده رهندي.

سچ پچ اسان جو هي بزرگ شاعر زندگي جو هڪ هڪ پل جيئندي، ماڻيندي، مسڪرائيندي اگم ديش ڏانهن روانو ٿي ويو.

No comments:

راءِ ڏيندا