; سنڌي شخصيتون: ناصر مورائي - عظيم سنڌي

20 April, 2015

ناصر مورائي - عظيم سنڌي

ناصر مورائي
سنڌ لاءِ هڪ ويڙھ جو نالو
عظيم سنڌي
ناصر مورائي ادب، سياست ۽ سماجي حوالي سان مورو مان جنم وٺندڙ عظيم شخصيت سان گڏ بهترين ڪهاڻيڪار به هو. سنڌ ۾ ۴ مارچ جي حوالي سان شاگرد تحريڪ ۾ سندس اڻ ڳڻيون خدمتون آهن. مورو جي مشهور سيد خاندان تعليم جي ميدان ۾ هڪ وڏي نانءُ سائين جعفر شاھ مرحوم جو پٽ هو. سندس هڪ ڀاءُ پروفيسر اشرف شاھ، ٻيو معصوم علي شاھ سيڪريٽري تعليم هڪ ڀاءَ نثار شاھ آمريڪا ۾ اليڪٽريڪل انجنيئر ۽ محبوب علي شاھ ”محبوب مورائي“ شاگرد سياست جو متحرڪ ڪردار طور سڃاتو وڃي ٿو.


ناصر مورائي موري جي خوشحال سيد گهراڻي جو هڪ باغي ڪردار هو. جنهن هميشه حق جي حمايت ڪندي ڏکن ڏاکڙن جي زندگي گذاري.موري جي تاريخ ۾ سڀ کان اول فاطمه جناح جي حمايت ۾ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن جو جلوس ڪڍي موري ۽ آسپاس جي نه رڳو نظر ۾ رهيو. پر سرڪار جي عتاب جو شڪار به رهيو. نامياري رسالي روح رهاڻ ۾ حميد سنڌي جو ٻانهن ٻيلي رهيو. ان وقت بسنت هال حيدرآباد ۾ جشن روح رهاڻ رچائڻ ۾ ناصر جو ڪردار وسارڻ جهڙو نه پر هميشه ياد رکڻ جهڙو ۽ ساراهڻ جهڙو ڪردار رهيو.
ڪميشن پاس ڪري ان وقت جيلر ٿيو پر سي آءِ اي جي رپورٽن جي آڌار تي هن کي ڪڏهن به نوڪري نه ملي سگهي مختلف اختبارن ۽ رسالن ۾ پورهيا ڪري علم ۽ ڄاڻ جي جوت جلائيندو رهيو. ان وقت جي چاچي عبدالڪريم گدائي، شمشير الحيدري، شيخ اياز، حميد سنڌي، نسيم کرل، تاج بلوچ، حسام الدين راشدي  سميت سنڌ جي ڪيترن ڪهاڻيڪارن، شاعرن ۽ سياستدانن سان گهريون گهاٽيون دوستون رهيون. سڄي سنڌ ناصر مورائي جو گهر هو. سچي ۽ ارڏي طبعيت ڪري ڪنهن جاءِ تي ٽڪي نه سگهيو. ۱۹۳۷ع اپريل تي جنم وٺندڙ ناصر مورائي  ۳۱ مارچ ۲۰۰۱ ۾ وفات ڪئي،هو جڏهن به مورو ايندو هو ته هلچل مچي ويندي هئي بهترين پوشاڪ سونهن،قدبت ۽ ڳالهائڻ جو انداز هن جي شخصيت کي اڃا به وڌيڪ ڪشش پيدا ٿري پيس ۾ جناح ڪيپ ۾ ڏاڍو معتبر لڳندو هو.  سڄي شهر ۾ سندس آمد جو چرچو هوندو هو پوءِ هونديون هيون،ناصر مورائي جو دعوتون، اڄ محمد عرس ميمڻ جي دعوت اڄ رئيس نجم الدين شيخ جي دعوت انهن دعوتن ۾ ناصر مورائي جي ڪچهرين جون ڳالهيون پيون هلنديون هيون، ناصر هي ڳالهه ڪئي ناصر هوءَ ڳالهه ڪئي.
مون کيس پهريون دفعو سال ۱۹۶۴ع ۾ ڏٺو هن پرڪشش شخصيت ڏاڍو متاثر ڪيو. سالن جا سال هو مورو کان پري رهيو. پر عيد براد يا ٻين خاص موقعن تي ايندو هو. ته ائين لڳندو هو ڄڻ ڪا بهار جي آمد ٿي هجي. فاطمه جناح جي ۽ ايوب خان جي اليڪشن ۾ سنڌ سان گڏ خاص مورو ۽ ان جي آس پاس جو سڄو ڪم ناصر مورائي وڏي همت ۽ جرئت سان سنڀاليو. ان وقت اسان جي تر جا زميندار امان الله ٻگهيو وڪيل حاجي امداد شاھ. جھاڪي رحمت الله بهڻ، رئيس قلندر بخش مبيجو، اسد الله کيڙو، اصغر کيڙو، ظفر شاھ، ناصر مورائي جا مددگار ۽ همدرد هئا. ناصر مورائي جهڙو عقل جو اڪابر، مدبر ۽ دلير سنڌ دوست موري جو املهه ماڻڪ هو. ان وقت جي ضلعي نوابشاھ جي سياست تي نوابشاھ جي سيد ۽ موري وارن جتوئي صاحبن جو اوج هو. ناصر جو تعلق ان وقت جي کاٻي ڌر سان هو. ان دور وچ ۾ جو وهيو واپريو  اهو تاريخ جي صفحن ۾ محفوظ آهي. تي ناصر مورائي خليق مورائيءَ جي سندري ناول کان پوءِ جديد ترقي پسند ناول ”راتيون جاڳن جي“ لکيو. هي ٻئي سنڌي ادب جا پهريان ناول آهن. ناصر مورائي ان کان پوءِ ڪالم موري جون چار ڪنڊيون لکيو. جنهن کانپوءِ جلدي پ پ جي حڪومت آئي ۽ ناصر لاءِ باھ ٻري وئي هو، ۱۹۷۶ تائين موري ۾ ڄڻ ته روپوش هو. ۱۹۷۶ع دوران پارس رسالي ۾ ناصر جي حوالي سان هڪ فوٽو ڇپيو ته هاءِ هاءِ قسمت، ناصر مورائي موري جي ٻڪرا منڊي تي.
هن صاحب هاڻي موري جي مال پڙي تي مال جي واپار سان گڏ کير جو واڙو به کوليو، جتي هر روز پڙهيل لکيل عالمن اديبن هر هڪ قاضي نذير، پروفيسر استاد بخاري، سيد علي بخش شاھ، صلاح الدين پنوهر، مشتاق قاضي، راشد مورائي سان ڪچهرين ۾ ڪڏهن ڪڏهن سندس ڀائر، اشرف شاھ، محبوب مورائي، محمد هاشم ملنگ وڪيل، صاحب خان چانڊيو، بلوچ ايس ڪي ۽ ٻيا  پڙهيل لکيل نوجوان شامل ٿيندا هئا. ڇا ته انهن ڪچهرين جو انداز هو. علم، ادب ،سياست، تاريخ ۽  مذهب جا واهڙ وهندا هئا، مان به پروفيسر قاضي نذير انهن ڪچهرين ۾ شامل ٿيندا هئاسين پر مان انهن ڪچهرين ۾ ائين هوس جن لاءِ لطيف چيو ”ڪڏهن ٿجي ڪن، ڪڏهن ٿجي وات، ڪڏهن ٿجي ڪات، ڪڏهن ٿجي ٻڪرو“ هي ڪچهريون ته هنيون جن مونکي هئين چوڻ تي مجبور ڪري وڌو ته
گهر کان به گهڻو، مان ڏنو موري
ان مٽيءَ جي ٿوري، سڃاپان ٿو سنڌ ۾
شهيد عبدالرزاق جي شهادت ڄڻ ته سنڌ مٿان وڄ ڪري هئي. اسان موري وارن سنڌي ادبي سنگت کي ان دور جي چواڻي مئل گهوڙو سمجهي شهيد عبدالرزاق سومري جي نالي شهيد عبدالرزاق ادبي سنگت جو بنياد وجهي ڪچهرين جو سلسلو شروع ڪيو. ناصر چئي بابا سنڌي ادبي سنگت کي زنده رکڻو آهي. ان جي وڏي تاريخ ۽ پس منظر جي روشني ۾ موري کي ڪردار ادا ڪرڻو آهي. تاج جويو، عبدالحڪيم ارشد، حافظ محمد بخش، استاد بخاري، اختر مورائي وغيره به اسان جي ڪچهرين ۾ شامل ٿيندا هئا. اسان سنڌي ادبي سنگت جي هاءِ پروفائيل اديبن جي ڊپ کان ته ڪٿي هو اسانجي هن عمل کي غير قانوني سمجهي ڪو مسئلو نه ڪري وجهن. ناصر مورائي اسان جو اهو سڀ خوف ختم ڪندي اسان کي نسيم کرل، رشيد ڀٽي، فتاح ملڪ، تنوير عباسيءَ سان ملايو، جتي پنهنجي پياري هم عمر ادل سومري سان به ملاقات ٿي. ادل هاڻي ته سڄي سنڌ جو ادل آهي پر ان وقت  هو اياز گل جو ادل هو. ان موقعي تي اسان هڪ رات نسيم کر، هڪ رات فتاح ملڪ وٽ گذاري. ۽ فتاح ملڪ کي موري ۾ شام ملهائڻ جي دعوت عرض رکيسين. سکر اچڻ کان ڪجهه وقت اڳ ادل سومري سان موري شهيد عبدالرزاق ادبي سنگت طرفان ڪچهري ٿي ته هن به اسانکي  سنڌ ادبي سنگت قائم ڪرڻ لاءِ زور ڀريو.
سال ۱۹۷۶ع ۾ مورو سنڌي ادبي سنگت قائم ٿي. جنهن جو مان پهريون سيڪريٽري ناصر مروائي راشد  مورائي سميت جملي دوستن جي مهربانين سان چونڊس، سنڌي ادبي سنگت کي تاج جوئي، ادل سومري، علي نواز ڦل جي ڪوششن ٻيهر زنده ڪيو اڄڪلهه سنڌي ادبي سنگت مشتاق ڦل جي سيڪريٽري واري دور تائين اوج تي آهي.ناصر مورائي بهترين ڪهاڻيڪار سان گڏ وڏي مطالعي ۽ مشاهدي وارو سنڌ دوست عالم اديب هو. آخر هو وڃي اسٽيل مل جي پبلڪ رليشن آفيسر جي عهدي تي  پهتو، مستقل رهائش اسٽيل مل ڪراچي کان پوءِ شنگريلا اپارٽمينٽ ۾ ڪيائين.
مون سان سندس وري ۱۹۹۲ع ۾ سنڌ ادبي سنگت پاران آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ استاد بخاري جي ملهايل ورسي جي موقعي تي ان مهل ٿي جڏهن آءٌ تقرير ڪري اسٽيج تان لٿس هن هٿ وٺي چيو  واھ عظيم واھ وڏو مقرر ٿي ويو آهين، مان ته توکي اڄ ٻڌو آهي. هن زندگيءَ جي آخري دور ۾ ناصر مورائي منهنجي اها ئي آخري تقرير ٻڌي، مان ان سمي زري گهٽ ناصر مورائي کي سڃاڻن کان قاصر رهيس. مون کيس سندس آواز کان پوءِ سڃاتو، ٻڌوندو هوس ته ناصر اسٽيل مل جي نوڪري پاڻ مرادو ڇڏي شيخ زيد بن سلطان ٽرسٽ، ننڍڙي هوٽل، ڪيبن کولي آهي. هڪ دفعو هندستان به ويو هو. پنهنجي وڇڙي ويل سڀني اديبن سان ڪچهريون به ڪري آيو ته وڏا وڏا دلچسپ بحث به ڪري آيو. جي هو. اسانکي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٻڌائيندو رهندو هو. سندس ڳالهائڻ ۾ ايڏي ته لطافت هئي جو چوندا هئاسين ته ٻيو ڪير به نه ڳالهائي رڳو پاڻ ڳالهائي. هن جا برسات رسالي ۾ ورتل تاريخي انٽرويو جن ۾  غلام مصطفيٰ شاھ، حسام الدين راشدي، مولانا غلام محمد گرامي، غلام مصطفيٰ قاسمي، وغيره ڪير ڪو نه ٿو سهيڙي، هن جون لکيل املهه ماڻڪ ڪهاڻيون، به ڪير سهيڙڻ وارو ڪونهي. افسوس  هن هندستان جو سفر نامو به ڪو نه ڇپي سگهيو. بدقسمتي چئجي يا خوشقسمتي جن کي لکڻ اچي ٿو.  اهڙا
ڪي ٿورا، باقي کوڙ سارا ڪونه ٿا لکن

زندگي جي آخري حصي ۾ لطيف کي ڏاڍو دل جي حضور سان پڙهندو رهيو ۽ ان جون روحاني رمزن واريون معني ڪڍي پيو تشريح ڪندو هو.مذهب ڏانهن به سندس لاڙو وڌندو رهيو. شايد اهو ئي سبب هجي جو هن امام بارگاھ مڪلي ٺٽي ۾ دفن ٿيڻ جي وصيت ڪئي. ۳۱ مارچ ۲۰۰۱ع تي سندس وڇوڙي کي ۱۴ سال گذري ويا.

No comments:

راءِ ڏيندا