بلقيس ايڌي
هزارين يتيم ٻارن جي
ماءُ جنهن کانسواءِ ايڌي جو مشن ممڪن نه ٿئي ها
رياض سهيل
مسجد ۾ نڪاح لاءِ
ماڻهو پهتل هئا ۽ ڪنوار گهر ۾ڳاڙهو وڳو پائي ويٺي هئي. جيئن ئي ڪنوار جي رخصتي جو وقت
ٿيڻ وارو هو ته گهوٽ کي خبر پئي ته ڪو ٻار زندگيءَ ۽ موت جي جي ٻه واٽي تي آهي،
اسپتال نه پهچايو ويو ته هو مري ويندو.
گهوٽ کي اهو هوش ئي
نه رهيو ته ڪنوار سندس انتظار ۾ آهي.جنهن کي هو ڇڏي آيو هو،گهوٽ نه موٽيو، ڪنوار
شادي جي پهرين رات پنهنجي مائٽن جي گهر ۽گھوٽ اسپتال ۾ گذاري.
پاڪستان جي جڳ
مشهور سماجي اڳواڻ عبدالستار ايڌي ۽ سندس زال بلقيس ايڌي جي زندگيءَ ۾ اهو ڪو
پهريون واقعو نه هو، پر ان کانپوءِ به انهن جي زندگيءَ جو ڪتاب اهڙن واقعن سان ڀريل
هو.
بيوه ماءُ ۽ شرارتي
بلقيس؛
بلقيس ايڌي جي ماءُ
رابعه ورهاڱي کانپوءِ ۱۹ سالن جي عمر ۾ بيواهه ٿي وئي. بلقيس ايڌي کان علاوه کيس ٻه پٽ هئا. رابعه
پنهنجي ماءُ، ڀيڻ ۽ ڀاءُ سان پاڪستان آئي. بلقيس جي مامي هتي ڪاروبار شروع ڪيو پر ڪامياب
نه ٿيو. بلقيس جي ماءُ ٻي شادي نه ڪئي ۽ خاتون استاد وٽ ۲۰ روپين تي نوڪري ڪئي. هي خاندان ڪراچي جي
علائقي کارادر ۾ ٻن ڪمرن واري گهر ۾ رهندو هو.
عبدالستار ايڌي جي
سوانح عمري “اي مرر ٽو دي بلائنڊ” ۾ تهمينه دراني لکي ٿي ته بلقيس کي فلمون ڏسڻ جو
شوق هو ۽ هوءَ پنهنجين سهيلين سان گڏ منجهند جا شو به ڏسندي هئي. ان کان سواءِ هوءَ
کارادر ۽ مٺادار جي گهٽين ۾ ويٺل گهورڙين کان به ڪا نه ڪا شيءِ وٺي کائيندي هئي.
اسڪول ۾ جي ڪو کيس ڪاپي
نه ڏيندو هو ته هوءَ ڪاپيون کڻي اڇلائي ڇڏيندي هئي، هن سان تڪرار ڪندڙ ڇوڪريون جون
پينون، ڪاپيون ۽ ٿيلها کڻي ڦٽو ڪري ڇڏيندي هئي جنهن تان ماسترياڻيون روز سندس ڪن
مهٽينديون هيون ۽ ڪلاس کان ٻاهر ڪڍي ڇڏينديون هيون.
ايڌي ڊسپينسري ۾
نرس؛
بلقيس ۱۶ سالن جي هئي ته سندس ماسي کيس ايڌي جي ڊسپينسري
۾ ڪم ڪرڻ لاءِ وٺي وئي. ايڌي پنهنجي سوانح عمري ۾ تهمينه دراني کي ٻڌايو ته هن
بلقيس جي ماسي کان پڇيو هو ته ڇوڪري جي عمر ته اڃان ننڍي آهي ڇا هي اسڪول نٿي وڃي؟
بلقيس جي ماسي ٻڌايو ته هن جي عمر ته ۱۶ سال آهي پر کيس پڙهڻ جو شوق ناهي،هي ڪم ڪرڻ چاهي ٿي.
بلقيس ايڌي موجب ته
ڊاڪٽرن ايڌي کي نرسنگ اسڪول شروع ڪرڻ جو مشورو ڏنو هو، جنهن جي سخت ضرورت هئي،
جنهن کانپوءِ هن سميت ڪيترن ئي ڇوڪرين کي اتي داخل ڪيو ويوبلقيس ٻڌايو ته هو سلائي
سکڻ ويندي هئي هڪ ڏينهن استادياڻي کيس مار ڏني جنهنڪري هن اتي وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيوان
بعد مان نرسنگ سکڻ شروع ڪئي.
بلقيس سان رشتو؛
عبدالستار ايڌي
شوخ، چنچل ۽ حسين بلقيس آڏو بيوس بڻجي ويو. ڪتاب ۾ هن چيو آهي ته ڪيترين ئي نرسن
ساڻس شادي کان انڪار ڪيو، ان ڪري هن جي همت نه ٿي، آخرڪار هن بلقيس سان ڳالهايو ۽
هوءَ راضي ٿي وئي، جنهن کانپوءِ هن بلقيس جي ماءُ کي اهو پيغام پهچايو، جنهن ۾ ڳڻتي
ڏيکاري ته منهنجي ڌي کائيندي ڇا؟.ان تي ايڌي صاحب جواب ڏنو ته مان ڪنهن ٻئي جي ڀروسي
تي ناهيان رهيو ۽ نه ئي ڊسپينسري مان ڪجهه کڻان ٿو، ذاتي آمدنيءَ سان سڄي خاندان
کي سنڀالي سگھان ٿو.
بلقيس ايڌي جو چوڻ
هو ته ايڌي صاحب ۽ منهنجي عمر ۾ گهڻو فرق هو. گهڻين ئي ڇوڪرين رڳو ان ڪري انڪار ڪري
ڇڏيو هو ته ايڌي جي ڏاڙهي رکيل هئي.
جڏهن منهنجي ماءُ
مون کان پڇيو ته مون کيس چيو ته ان سان منهنجي شادي ڪرائي ڇڏيو..
بلقيس جي ماءُ کيس
نون ڪپڙن لاءِ ۵۰۰ رپيا ۽ ۱۵ تولا سون ڏاج ۾ ڏنا.ڏنو جڏهن ته ٻا ٿانوَ ٿپا اڳ ئي گڏ ڪيل هئا. پر ايڌي ڪجهه
به وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ اهڙي طرح ۹ اپريل ۱۹۶۶ع تي شادي ٿي وئي.
لاوارثن جي ماءُ؛
عبدالستار ايڌي کي
ماڻهن چيو هو ته جيڪڏهن هو “بلقيس” سان شادي ڪندو ته سندس مشن ختم ٿي ويندو پر بعد
۾ ان ئي شرارتي ۽ چنچل ڇوڪريءَ به سندس مشن ۾ ڀپرو ساٿ ڏنو۽ پنهنجو هڪ مقام به جوڙي
ورتو.
بلقيس ايڌي جو چوڻ
هو ته جڏهن ايڌي ڪراچي ۾ ڊسپينسري قائم ڪئي ته هن ماڻهن کي اپيل ڪئي ته “ٻارن کي ڪچري
جي ڍيرن تي ڦٽو نه ڪريو پر اسان جي حوالي ڪيو. انهيءَ مقصد لاءِ هنن دواخاني ٻاهران
هڪ پينگهو لڳايو هو. پوءِ پاڪستان جي سمورن مرڪزن ۾اهڙا پينگها لڳايا ويا هئا. جتي
ماڻهو پنهنجن ٻارن کي ڇڏي وڃن ٿا ۽ ان بابت هنن کان ڪو به سوال نٿو ڪيو وڃي..بلقيس
ايڌي کي پنج ٻار آهن، پر سندس حيثيت هزارين ٻارن جي ماءُ جهڙي هئي، جن کي انهن جا
پنهنجا ئي ايڌي سينٽر ۾ پالڻ لاءِ يا ڪچري جي ڍڳن تي ڇڏي ويا هئا.
ايڌي هومز ۾ اسان
معذور ٻارن کي به ڏٺو، جن کي سندن مائٽن ڇڏي وڃن ٿا ۽ جن کي بلقيس ايڌي پاليندي
هئي “مون ڪڏهن به محسوس نه ڪيو آهي ته اهي منهنجا ٻار نه آهن،جڏهن اهي ٻار مو نکي
ماءُ چون ٿا ته دل وڏي ٿي ٿي وڃي”
سمورا ٻار ۽ ايڌي
اسٽاف کيس “ممي” ڪري سڏيندا هئا. اهڙي پيار ۾ سندس حقيقي اولاد به شامل هو. بلقيس
چيو ته سندس پنجن ٻارن مان ڪڏهن اها شڪايت نه ڪئي ته مون کين وقت نه ڏنو، بلڪه هنن
منهنجي مدد ڪئي.
بلقيس ايڌي انهن بي
سهارا ۽ يتيم نياڻين جي به ماءُ هئي جيڪي ايڌي هومز ۾ رهنديون هيون. انهن جي شادي
۽ تعليم کي به هو پنهنجو فرض سمجهندي هئي.انهن سان ڪو شادي جو خواهمند ايندو هو ته
ان کان ان جو تعلق باقاعده تفصيلي معلومات ورتي ۽ ان جي ڇندڇاڻ ڪئي ويندي هئي هوءَ
ڇوڪرين جي نه انهن سان ملاقات ڪرائندي هئي ته جيئن اهي به کين ڏسن ۽ سمجهن.
بلقيس ايڌي جو چوڻ
هوندو هو ته “اسان چاهيون ٿا ته ڇوڪرو مهذب هجي ۽ ڪم ڪار ڪندڙ هجي،” اسان ڇوڪريءَ
کي ڇوڪرو ۽ سندس گهر ڏيکاريندا آهيون، ڇوڪريءَ جي ها ڪرڻ تي ڳالهه اڳيان وڌائي
ويندي هئي.
بلقيس ايڌي موجب جڏهن
به انهن ڇوڪرين جي شادي ٿيندي هئي ته انهن جا ونواهه ۽ ميندي وغيره جون سڀ رسمون
ادا ڪيون وينديون هيون، ڇوڪريون دهل وڄائي سندن خوشين ۾ شريڪ ٿينديون هيون، جن ۾
بزرگ بلقيس به شامل هوندي هئي.
پنهنجي گهر جي خواهش؛
بلقيس ايڌي ان ئي ڊسپينسري
واري ڪمري ۾ رهندي هئي جتي هوءَ سکڻ لاءِ آئي هئي. ٽي ماڙ عمارت جي پهرين ماڙ تي
انتظامي آفيس ۽ مردن جي ڊسپينسري، ٻي ماڙ تي ميٽرنٽي هوم ۽ بلقيس ايڌي جو ڪمرو ۽ ٽين
منزل تي ٻارن جو ڪمرو، ڪلاس روم ۽ رڌڻو آهي.
بلقيس ايڌي جو
پنهنجي گهر جو خواب هو، هن چيو ته هن ايڌي کي بار بار چيو ته هو هڪ گهر وٺي ڏئي جيڪ
ٽن ڪمرن وارو هجي. اتي گيلري به هجي جتي هو ڌوتل ڪپڙا سُڪائي به سگهي. پر هن ڪڏهن
به اها ڳالهه نه مڃي.
بلقيس ايڌي جو چوڻ
هو ته “هو شادي کان پوءِ، اڪثر وڙهندي رهندي هئي ڇاڪاڻ ته ايڌي صاحب ڪڏهن به رواجي
گهريلو زندگيءَ اختيار نه ڪئي، پنهنجو گهر وٺي نه ڏنو.. مان هن سان گڏ رهندي هيس
ته اسان جا ٻار منهنجي ماءُ جي گهر ۾ رهندا ها.’
بلقيس ٻڌايو ته
شروعات ۾ اهي ڊسپينسري جي ڇت تي رهندا هئا. جڏهن کين ٽي ٻار ٿيا ته ايڌي صاحب اتي ٽي
بي وارڊ کوليو. ڊاڪٽرن چيو ته توهان جا ٻار ننڍا آهن، هاڻي ٽي بي وارڊ کليل آهي،
توهان ٻاهر وڃو ته، هن مون کي منهنجي ماءُ ڏانهن موڪلي ڇڏيو.
ايمبولينس ۾ گھمڻ؛
ڏتڙيل ۽ بيمار ماڻهو،
يتيم ٻار ۽ يتيم لاش، جن کي ڪو به نه سنڀاليندو هو ، انهن جي سنڀال هن خاندان ڪئي.
بلقيس ايڌي جو چوڻ هو ته ايڌي صاحب جڏهن به لاش ڪراچي کان ٻاهر ايمبولينس ۾ کڻي
ويندو هو ته کيس پاڻ سان وٺي ويندو هو.”اهو ئي اسان جو گهمڻ ڦرڻ هوندو هو.ان کانسواءِ
ڪٿي نه ايندا ويندا هئاسين، انهن ڏينهن ۾ مون کي سمجهه ۾ نه ايندوهو ته ميت سان ٻارن
کي گڏ ويهارجي يا نه .
مشڪلات باوجود بلقيس
ايڌي، عبدالستار ايڌي جو ساٿ نه ڇڏيو.جڏهن هن ٻي شادي ڪئي ۽ جيڪا ختم ٿي وئي ته هن
کي ڪو ساڙ نه هو..
گذريل سال بلقيس ايڌي
سان ملاقات ٿي. هوءَ پاڪستاني ڊراما شوق سان ڏسندي هئي ۽ تبصرا ڪندي هئي، ان ڏينهن
هڪ عورت ساڻس ملڻ آئي، جنهن جي هنن پرورش هئي ۽شادي ڪرائي هئي ۽ هوءِ پنهنجي پٽ
لاءِ رشتوڳولڻ آئي هئي.
بلقيس ايڌي کيس صاف
صاف چيو ته ڀلي تنهجو ئي پٽ هجي، پر ڪردار ٺيڪ هوندو، ڪم ڪارڪندو هوندو ته پوءِ
مان ’پنهنجي‘ ڌيءَ جي شادي ڪرائينديس.
هنن جي هڪ شرطن ۾ هڪڙو
شرط اهو به هوندو هو ته مڙس زال کي مهيني ۾ هڪ ڀيرو سمنڊ تي وٺي ويندو ۽ کيس آئيس ڪريم
کارائيندو يا ڪولڊ ڊرنڪ پياريندو.
ائين محسوس ٿيو ته
هوءَ چاهي ٿي ته جيڪي محروميون هن ڏٺيون آهن سي اهي نه ڏسن.
(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۷ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا