بلقيس ايڌي
هزارين يتيم ٻارن جي
ماءُ جنهن کانسواءِ ايڌي جو مشن ممڪن نه ٿئي ها
رياض سهيل
مسجد ۾ نڪاح لاءِ
ماڻهو پهتل هئا ۽ ڪنوار گهر ۾ڳاڙهو وڳو پائي ويٺي هئي. جيئن ئي ڪنوار جي رخصتي جو وقت
ٿيڻ وارو هو ته گهوٽ کي خبر پئي ته ڪو ٻار زندگيءَ ۽ موت جي جي ٻه واٽي تي آهي،
اسپتال نه پهچايو ويو ته هو مري ويندو.
گهوٽ کي اهو هوش ئي
نه رهيو ته ڪنوار سندس انتظار ۾ آهي.جنهن کي هو ڇڏي آيو هو،گهوٽ نه موٽيو، ڪنوار
شادي جي پهرين رات پنهنجي مائٽن جي گهر ۽گھوٽ اسپتال ۾ گذاري.
