; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر محمد يوسف خشڪ

02 May, 2022

ڊاڪٽر محمد يوسف خشڪ

ڊاڪٽر محمد يوسف خشڪ

(۲ جنوري ۱۹۶۸ع - سيوهڻ جون ادبي شخصيتون)

مير حاجن مير



سنڌ جو نامور، اديب، محقق، ڊاڪٽر محمد يوسف خشڪ تعلقي سيوهڻ جي ڳوٺ ڀنڀڻ ۾ واحد بخش خشڪ جي گھر ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين ميٽرڪ تائين ڀان سعيدآباد ۾ پڙهيو بي اي ۱۹۸۶ع ۽ ايم اي، سنڌ يونيورسٽي جي اردو شعبي مان سال۱۹۸۹ع ۾ حاصل ڪيائين - پي. ايچ. ڊي جي ڊگري شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ۲۰۰۲ ع ۾ ”اردو سنڌي جي ادبي روابط“ جي موضوع تي ورتائين. ھي پھريون سنڌي ھيو جنھن اردو ۾ پي ايچ ڊي حاصلُ ڪئي. ۲۰۰۷ع ۾ جرمني جي يونيورسٽي ھائيڊل برگ مان جرمن اسڪالرز جون اردو لاءِ ڪوششون جي زير عنوان اردو جي سبجيڪٽ ۾ پھرين پاڪستاني طور پوسٽ ڊاڪٽريٽ مڪمل ڪيائين ڊاڪٽر يوسف خشڪ ۱۹۹۲ع ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي ۾ اردو جو ليڪچرر مقرر ٿيو. ۲۰۰۳ کان ۲۰۰۶تائين اردو ڊپارٽمينٽ جو چيئرمين پڻ رهيو. اردو شعبي مان ۱۹۹۸ مان ساليانو تحقيقي جرنل الماس جاري ڪيائين سندس ايڊيٽرشپ ۽ سرپرستي ۾ ۲۲ واليوم شايع ٿيا. الماس تحقيقي جرنل پاڪستان جي يونيورسٽين جو پھريون آن لائن جرنل ھيو ۽ اردو ۾ ھائر ايجو ڪيشن ڪميشن پاران ايڪس ڪيٽيگري جو اعزاز حاصلُ ڪيائين. ۲۰۰۸ ۾ ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس افيئرز مقرر ٿيو شاگردن جو مختلف سوسائٽيون قائم ڪري شاگردن جي بھتر تربيت لاءِ ڪوششون ورتيون۔ ۲۰۱۱ کان ۲۰۱۴ تائين چئيرمين جيم خانه ڪميٽي مقرر ٿيو ء سندس سرپرستي ۾ آل پاڪستان سطح جا بيڈمنٽن والي بال ء ٽيبل ٽينس جا راندين جا مقابلا خيرپور يونيورسٽي ۾ منعقد ڪرايائين ۲۰۱۴ع کان ۲۰۱۸ع ڊين فيڪلٽي آف سوشل سائنسز ۽ آرٽس و لنگويجر مقرر ڪيو. پاڻ اسلامڪ اسٽڊيز، شيخ اياز چيئر، شاه لطيف چيئر، تنوير عباسي مرڪز مان نوان تحقيقي جرنلز شروع ڪرايائين ته سچل چيئر مان نڪرندڙ آشڪار ء سنڌي شعبي مان نڪرندڙ ڀٽائي تحقيقي جرنل جيڪي بند ٿي ويا ھئا. انھن ۾ دلچسپي وٺي معروف اديبن جي مدد سان انهن کي ٻيھر جاري ڪرايائين، اپريل ۲۰۱۸ع کان چئن سالن لاءِ پرو وائس چانسلر شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مقرر ڪيو ويو. سندس خدمتون جاري ھيون ته وفاقي حڪومت کيس ايم پي ون گريڊ ۾ بطور چيئرمين پاڪستان اڪيڊمي طور ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ لاءِ اسلام آباد سڏي ورتو .۰۴.۰۳.۲۰۲۰ کان پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس جو چيئرمين ٿيو. ڪرونا وبا جي ڏينھن ۾ دنيا گھرن ۾ بند ٿي ويئي پر پاڻ بطور چيئرمين اڪيڊم جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو آن لائن ادبي پروگرامن ڪانفرنسن سيمينارن جو سلسلو شروع ڪيو جنھنُ کي ڏيھ توڙي پرڏيھ ساراھيو ويو. هن ڪيترائي نيشنل ۽ انٽرنيشل سيمينار ڪانفرنسون شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ڪرايا بطور پي ايچ ڊي سپر وائيزر ۽ ڊين فيڪلٽي هن جي سرپرستي ۾ M.Phil ۽ Ph.d جون ڊگريون چاليھ شاگردن حاصل ڪيون.


ڊاڪٽر يوسف خشڪ کي ڪيترائي ايوارڊ سرٽيفڪيٽ ۽ ميڊل مليا آهن جن ۾ سچل سرمست ايوارڊ، ٻه ڀيرا بهترين يونيورسٽي ٽيچر ايوارڊ (هائير ايجوڪيشن اسلام آباد) اهم آهن.

 بطور چيئرمين پاڪستان اڪيڊمي گذريل سوا ٻن سالن ۾ اڪيڊمي جو مڪمل ۴۰ سالن جون پبليڪيشنز کي ڊجيٽلائيز ڪرائي پاڪستان جي پھرين مڪمل ڊجيٽلائيزڊ ادبي اداري جو اعزاز اڪيڊمي سندس سرپرستي م حاصل ڪري ورتو، پاڪستاني اديبن جي سماج سڌارڪ ڪوششن کي مڃتا ڏيندي حڪومت پاڪستان جي مدد سان اڪيڊمي ۾ جديد شاندار ادبي ھال آف فيم ٺاھي مڪمل ڪيائين۔ نومبر ۲۰۲۱ ۾ ان وقت جي وزير اعظم ھن ايوان اعزاز جو افتتاح ڪيو. پوري پاڪستان مان ۵۰۰ اديبن ۽ انھن جي خاندان ھن تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ھن تقريب ُ۾ راقم پڻ شرڪت ڪئي. سندس سوا ٻن سالن جي دور سرپرستي ۾ ۶۰ کان مٿي ڪتاب شايع ٿي چڪا آھن جن ۾ ادبيات انٽرنيشنل، ادبيات سنڌ، ادبيات بلوچستان، ادبيات پنجاب، ادبيات خيبرپختونخوا جن ۾ ھر صوبي ۾ لکي ويندڙ ٻولين جو ادب انھي رسم الخط ۾ شايع ڪيو پيو وڃي. اھڙي طرح غير ملڪي ادب جا اردو ۾ ۽ ملڪي ٻولين جي ادب جا انگريزي ۾، ترجمن جي سيريز، پاڪستاني ٻولين جي ۷۵ سالن جي ڌار ڌار ادبي تاريخن جو سلسلو وغيره منفرد آهي.

ڊاڪٽر يوسف خشڪ انگريزي، سنڌي ۽ اردو ۾ ڪيترائي مقالا لکي چڪو آهي جيڪي ملڪي ۽ بين الاقوامي ريسرچ جرنلن ۾ ڇپجي چڪا آهن. سندس مختلف مقالن جو وچور هن ريت آهي.

(۱)اردو زبان و ادب کي ترويج مين پاڪستان اسٽڊي سينٽر جامع ڪراچي کا حصه.

(۲) سنڌ يونيوسٽي جامشورو کي اساتذه کي اردو خدمات (قيام ۱۹۷۰ تڪ، اکيسوين صدي مين معدوم هوني والي زبانين: مسائل اور امڪانات، معاشري کي تعمير نو مين سنڌي ادب کا ڪردار، افسانوي، ادب مين خواتين قلم کارون کا تاريخي و تهذيبي شعور، کثير ثقافيت عالمگيرت نسليت اور سرائڪي عوام، ۱۱ــ ۹ کي بعد ڪي دنيا اور کلام فيض، ضرب کليم: نظمون ڪي غير مطلوبه مخذوف مصري، اردو افسانه نگاري مين بلوچ اهل علم ڪي خدمات، پاڪستان زبانون ڪي ڪلاسيڪي شعر ادب ڪي تدريس: ايڪ نيا تناظر، اسلامي معاشره اڪيسوي صدي اور اقبال، قصص هند اور تاريخ نويسي ڪي تقاضي، يورپ مين اردو ڪا بطور زبان بين القوامي حلقه، آسٽرين اسڪالر اشپنگر اردو مخطوطات اور جرمني، سچل سرمست ڪي اردو شاعري اور اس ڪي مرتبين، پاڪستان خواتين افسانه نگارون ڪي افسانون مين مشاهداتي عنصر و مقصديت، سچل سرمست شاعري هفت رنگ، عالمگيريت اور ادب پڙهاني ڪي جديد رجحانات، سچل سرمست اور سائنسي علوم، ڍهائي سو برس قبل سنده مين عورت ڪي آزادي ڪي علمبردار شاعر شاه عبداللطيف، سندھ ڪي درسگاهين اور علامه اقبال، سر سيد ڪي علمي ادبي تحريڪ ڪي سنڌ اور سنڌي ادب پر اثرات، سنڌ مين اقبال فهمي، اردو سي سنڌي تراجم (تحقيقي جائزه)، ميدان محبت ڪي سات رنگ شيخ اياز ڪا شوخ محبوبه اور اياز ڪي مستقل مزاجي، اهميت فلسفه مخطوطات، ربائي ڪا سفر، فن تدوين مين مقدمي ڪي اهميت، شعبه اردو شاه عبداللطيف يونيورسٽي خيپور ڪا بي ايس (چار ساله) اردو پروگرام آغاز و مقاصد، انفارميشن ٽيڪنالاجي اور پاڪستاني جامعات ڪي شعبه اردو، اردو اور ديگر پاڪستاني زبانون مين تحقيق ڪي صورتحال اور جديد تقاضي، اردو سنڌي غزل، ارتقا و مماثلت، قيام پاڪستاني سي قبل تجارتي، و تعليمي حالات سکر، تحقيق ۽ ان جا بنيادي مسئلا: تنقيد ۽ ان جون ضرورتون، ادب، ادبي تحقيق اور اڪيسوين صدي، سورٺ راءِ ڏياچ ڪي نثري قصي دو رخي ڪردسر شاه لطيف ڪا حسن انتخاب، سنڌيءَ ۾ مومل ڪي ماڙي ڪي آثار، عورتون ڪي آزادي ڪي قديم گواهي شامل آھن. سندس لکڻ جون فن عالماڻو آهي. هن جي لکڻ جو انداز الڳ آهي. ۽ سندس بيان جو اسلوب وڻندڙ ۽ دلپذير آهي.

 

(مير حاجن مير جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲ مئي ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا