ڊاڪٽر محمد يوسف خشڪ
(۲ جنوري ۱۹۶۸ع - سيوهڻ جون ادبي
شخصيتون)
مير حاجن مير
سنڌ جو نامور، اديب،
محقق، ڊاڪٽر محمد يوسف خشڪ تعلقي سيوهڻ جي ڳوٺ ڀنڀڻ ۾ واحد بخش خشڪ جي گھر ۾ پيدا ٿيو.
پرائمري تعليم اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين ميٽرڪ تائين ڀان سعيدآباد ۾ پڙهيو بي اي ۱۹۸۶ع ۽ ايم اي، سنڌ يونيورسٽي جي اردو شعبي مان
سال۱۹۸۹ع ۾ حاصل ڪيائين - پي. ايچ. ڊي جي ڊگري شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان
۲۰۰۲ ع ۾ ”اردو سنڌي جي ادبي روابط“ جي موضوع تي ورتائين. ھي پھريون سنڌي ھيو
جنھن اردو ۾ پي ايچ ڊي حاصلُ ڪئي. ۲۰۰۷ع ۾ جرمني جي يونيورسٽي ھائيڊل برگ مان جرمن اسڪالرز جون
اردو لاءِ ڪوششون جي زير عنوان اردو جي سبجيڪٽ ۾ پھرين پاڪستاني طور پوسٽ ڊاڪٽريٽ
مڪمل ڪيائين ڊاڪٽر يوسف خشڪ ۱۹۹۲ع ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي ۾ اردو جو ليڪچرر مقرر ٿيو.
۲۰۰۳ کان ۲۰۰۶تائين اردو ڊپارٽمينٽ جو چيئرمين پڻ رهيو. اردو شعبي مان ۱۹۹۸ مان ساليانو تحقيقي جرنل الماس جاري ڪيائين
سندس ايڊيٽرشپ ۽ سرپرستي ۾ ۲۲ واليوم شايع ٿيا. الماس تحقيقي جرنل پاڪستان جي يونيورسٽين
جو پھريون آن لائن جرنل ھيو ۽ اردو ۾ ھائر ايجو ڪيشن ڪميشن پاران ايڪس ڪيٽيگري جو
اعزاز حاصلُ ڪيائين. ۲۰۰۸ ۾ ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس افيئرز مقرر ٿيو شاگردن
جو مختلف سوسائٽيون قائم ڪري شاگردن جي بھتر تربيت لاءِ ڪوششون ورتيون۔ ۲۰۱۱ کان ۲۰۱۴ تائين چئيرمين جيم خانه ڪميٽي مقرر ٿيو ء
سندس سرپرستي ۾ آل پاڪستان سطح جا بيڈمنٽن والي بال ء ٽيبل
ٽينس جا راندين جا مقابلا خيرپور يونيورسٽي ۾ منعقد ڪرايائين ۲۰۱۴ع کان ۲۰۱۸ع ڊين فيڪلٽي آف سوشل سائنسز ۽ آرٽس و لنگويجر
مقرر ڪيو. پاڻ اسلامڪ اسٽڊيز، شيخ اياز چيئر، شاه لطيف چيئر، تنوير عباسي مرڪز مان
نوان تحقيقي جرنلز شروع ڪرايائين ته سچل چيئر مان نڪرندڙ آشڪار ء سنڌي شعبي مان نڪرندڙ
ڀٽائي تحقيقي جرنل جيڪي بند ٿي ويا ھئا. انھن ۾ دلچسپي وٺي معروف اديبن جي مدد سان
انهن کي ٻيھر جاري ڪرايائين، اپريل ۲۰۱۸ع کان چئن سالن لاءِ پرو وائس چانسلر شاھ عبداللطيف
يونيورسٽي خيرپور مقرر ڪيو ويو. سندس خدمتون جاري ھيون ته وفاقي حڪومت کيس ايم پي
ون گريڊ ۾ بطور چيئرمين پاڪستان اڪيڊمي طور ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ لاءِ اسلام آباد
سڏي ورتو .۰۴.۰۳.۲۰۲۰ کان پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس جو چيئرمين ٿيو. ڪرونا وبا
جي ڏينھن ۾ دنيا گھرن ۾ بند ٿي ويئي پر پاڻ بطور چيئرمين اڪيڊم جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو
آن لائن ادبي پروگرامن ڪانفرنسن سيمينارن جو سلسلو شروع ڪيو جنھنُ کي ڏيھ توڙي پرڏيھ
ساراھيو ويو. هن ڪيترائي نيشنل ۽ انٽرنيشل سيمينار ڪانفرنسون شاھ عبداللطيف
يونيورسٽي خيرپور ۾ ڪرايا بطور پي ايچ ڊي سپر وائيزر ۽ ڊين فيڪلٽي هن جي سرپرستي ۾
M.Phil
۽ Ph.d جون ڊگريون چاليھ شاگردن حاصل ڪيون.
