; سنڌي شخصيتون: ميان مير چانڊيو، اعظم ڀٽي، محمد علي مھيري،
Showing posts with label ميان مير چانڊيو، اعظم ڀٽي، محمد علي مھيري،. Show all posts
Showing posts with label ميان مير چانڊيو، اعظم ڀٽي، محمد علي مھيري،. Show all posts

02 May, 2022

ميان مير چانڊيو

ميان مير چانڊيو

اعظم ڀٽي



سنڌي ٻولي جي ڀلوڙ ليکڪ ميان مير چانڊيو جو اصل نالو مير خان چانڊيو آهي. سندس والد جو نالو محمد خان چانڊيو آهي. سندس جنم ۲۳ جنوري ۱۹۶۸ع تي ٽنڊو محمد خان ضلعي جي تعلقي بلڙي شاھ ڪريم جي ڳوٺ ٻانهون چانڊيو ۾ ٿيو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين، مئٽرڪ مير غلام محمد ٽالپر هاءِ اسڪول ٽنڊو باگو مان پاس ڪري، انٽر مير غلام علي ٽالپر گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ٽنڊو محمد خان مان پاس ڪيائين. بي اي ۽ ايم اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ڪيائين.