پروانو سيوهاڻي
(۲۱جولاءِ ۱۹۵۸ - سيوهڻ جون ادبي
شخصيتون)
مير حاجن مير
سنڌي ٻاراڻي ادب جي
نامور ليکڪ، شاعر، پبلشر، ڪهاڻيڪار مترجم ايڊيٽر، پرواني سيوهاڻي جو جنم سنڌ جي
تاريخي شهر کڏ محلا سيوهڻ شريف ۾ ٿيو. سندس اصل نالو منظور سومرو ولد گل محمد
سومرو آهي سندس ادبي تخلص پروانو سيوهاڻي آهي. هن بنيادي تعليم سيوهڻ مان حاصل ڪئي.
والدين پرواني سيوهڻ کي ديني تعليم ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي هن کي مدرسي ۾ پڙهڻ لاءِ ڇڏيو
ويو پر هن نابري واري ڇڏي پرانو سيوهڻ پنهنجي تعليم جي باري ۾ لکي ٿو ته “آئون هر
روز ڦرهي کڻي مدرسي ۾ ويندو هوس، پر منهنجي پڙهڻ سان دل ڪانه لڳندي هئي. پر مائٽن
جي مار جي خوف کان مدرسي ۾ ويندو هئس، ڪڏهن ڪڏهن سبق ڪچو ٿيندو هو ته سزا ۾ مولوي
صاحب سج لٿي تائين مدرسي ۾ ويهاري ڇڏيندو هو ۽ آءٌ مولوي صاحب کي ڏسي، پيو پنهنجون
اکيون ٽمڪائيندو هئس ته ڪيڏي مهل ٿو گهر وڃڻ جي اجازت ڏئي. جڏهن بابا سائين مغرب
جي نماز پرهڻ لاءِ مسجد ۾ ايندو هو. ته آئون ان کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندو هئس. ۽ دل
ئي دل ۾ چوندو هئس ته هاڻي بابا نماز پڙهي وٺي ته منهنجي هن قيد خاني مان جان آزاد
ٿئي (سيوهاڻي، ۲۰۱۶: ۲۹) هن وڌيڪ تعليم M.A سنڌي ادب ۾ سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪيائين.
