; سنڌي شخصيتون: ساجد چانڊيو، خالد ڪنڀار، محمد بخش ڏاهري، محمد ابراهيم جويو، طارق عزيز شيخ، نصير ميمڻ، گل مورو، جمن دربدر
Showing posts with label ساجد چانڊيو، خالد ڪنڀار، محمد بخش ڏاهري، محمد ابراهيم جويو، طارق عزيز شيخ، نصير ميمڻ، گل مورو، جمن دربدر. Show all posts
Showing posts with label ساجد چانڊيو، خالد ڪنڀار، محمد بخش ڏاهري، محمد ابراهيم جويو، طارق عزيز شيخ، نصير ميمڻ، گل مورو، جمن دربدر. Show all posts

04 May, 2022

بشير خان قريشي - ۲

بشير خان قريشي

ڌرتي تنھنجي ڍل به ڏاڍي ڳري آھي

ساجد چانڊيو

سنڌوءَ جي پوتر پاڻيءَ جهڙي رنگت رکندڙ اکين واري اڳواڻ بشير قريشيءَ جو اچتو وڇوڙو سنڌ جي ساھ کي سٽ جهڙو آهي، سنڌ سڏڪي پئي آهي، پنهنجي انهيءَ سٻاجهڙي ۽ سهڻي پٽ جي لاڏاڻي تي جنهن جي سُتي ۾ ئي سنڌ جو آجپو هو، هن وٽ نه صرف سنڌ جي سرهي سينڌ جو سپنو هيو پر پهاڙن جيڏو حوصلو ۽ سمنڊ جيڏو صبر به هو، هو جيڪو ديوتائن جي ديس وڃڻ واري آخري سفر جي گهڙيءَ ۾ به سنڌ جي آجپي لاءِ نڪتل هو، تنهن کي سنڌ صدين تائين ساريندي رهندي.