; سنڌي شخصيتون: ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

11 March, 2019

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

املهه انسان

غلام محمد ڪنڀر



سنڌ جو نامور اديب، دانشور، جج، سياستدان، سماج سڌارڪ، صحافي ۽ استاد مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۸ آگسٽ ۱۹۲۴ع تي شهدادڪوٽ ۾ ڄائو، شاگردي واري دؤر کان ئي پاڻ سياست ۾ سرگرم رهيا، پرائمري قمبر ۽ سيڪنڊري لاڙڪاڻي مان ڪرڻ بعد ايل ايل بي ڪراچي مان پاس ڪيائين، شاگردي واري دؤر ۾ سياست ۾ سرگرم رهيا. مسلم ليگ، ڪميونسٽ پارٽي، جيئي سنڌ، سنڌ هاري ڪميٽي، نعپ، پيپلز پارٽي سميت سنڌ عوامي اتحاد کان وٺي جيڪا تحريڪ سنڌ جي ڀلي ۽ آجپي لاءِ هئي، انهيءَ ۾ ڀرپور نموني حصو ورتائين. ايشيا جي سڀ کان وڏي ۾ وڏي ادبي تنظيم سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي باني ميمبرن ۾ سندن جو شمار ڪيو ويندو هو. هن لاڙڪاڻي واري اوطاق، سنڌ ۽ هند جي مشهور اوطاق تي سنڌي ادبي سنگت جو اجلاس ڪوٺرايو، ادب وسيلي انقلاب جي ان تحريڪ روشني جو پهريون ڪرڻو لاڙڪاڻي ۾ مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي اوطاق تان اڀريو ۽ پوري سنڌ ۾ ڦهلجي ويو ۽ سموري سنڌ کي جرڪائي ڇڏيائين. پاڪستان کان پهرين مشهوري سنڌي مسلمانن جي واحد اخبار ’الوحيد‘ جو ڪجهه وقت ايڊيٽر رهيو، جنهن پاڪستان جي تاريخ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو، پاڻ قائداعظم محمد علي جناح جي انگريزي اخبار دان جو سب ايڊيٽر پڻ رهيو. لاڙڪاڻي جي سنڌي ۽ اردو اديبن کي ويجهو ڪرڻ ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيائين ۽ انجمن ترقي اردو پاڪستان لاڙڪاڻي شاخ جو سرگرم ڪارڪن رهيو. لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾ اهو ئي سبب آهي جو انجمن ترقي اردو جي عمارت ۾ جيڪا لائبريري قائم ڪيائين، ان جو نالو شاهه عبداللطيف ڀٽائي رکيائين، جيڪا پهرين سندس گهر جي ڀرسان هئي. لاڙڪاڻي جي تاريخ جي سڀ کان وڏي سنڌ جي لائبريري سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريري جو بنياد به مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو رکرايو، جيڪا اپر سنڌ جي واحد لائبريري آهي، جتان هزارن جي تعداد ۾ اڄ به شاگرد اديب ۽ دانشور فيضياب ٿي رهيا آهن. هي لاڙڪاڻي شهر سان لڳو لڳ بقاپور يونين ڪائونسل جو چيئرمين به رهيو، ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي نيوز ڪاسٽر طور به ڪم ڪيائين ته گڏ قمبر هاءِ اسڪول ۾ انگريزي استاد جي حيثيت سان به پنهنجا فرض انجام ڏنائين، پاڪستان جو واحد اڳواڻ هو، جنهن کي ڪامريڊ جو خطاب مليو، هن کان پهريان خان عبدالولي خان، عطاءُ الله مينگل، مير غوث بخش خن بزنجو، اڪبر بگٽي، خير بخش مري، جي ايم سيد، ذوالفقار علي ڀٽو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، مخدوم طالب الموليٰ، حاڪم علي زرداري ۽ ٻين ملڪ جي ناميارن سياستدانن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي سياست ڪئي، وڏيرا شاهي جي اثر رسوخ رکندڙ ضلعي جيڪب آباد ۾ شيخ المجيد سنڌي، قاضي فيض محمد، جي ايم سيد، غلام محمد لغاري جن جي مدد سان ضلعي ۾ هاري ڪاميٽيءَ جو بنياد وڌو. انهيءَ سلسلي ۾ صدر ايوب خان جي مقابلي ۾ مرڪزي اسيمبلي ۾ هن محترمه فاطمه جناح جو ساٿ ڏنو. سندس جو شمار ۱۹۵۳ع ۾ ڇپيل بايو گرافيڪل انسائيڪلو پيڊيا آف پاڪستان جنهن ۾ پنجن صوبن جي اهم ملڪ جي هڪ هزار وڏين شخصيتن منجهان هڪ قرار ڏنو ويو، انهيءَ کان علاوه پنجاب ڌرتي تان اردو ۾ ڇپجندڙ ڪتاب سنڌ ڪي چند انقلابي دانشور اور عوامي رهنما، جنهن جو ليکڪ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي آهي. ان ۾ سنڌ جي کاٻي ڌر جي ۱۵ اهم شخصيتن منجهان هڪ قرار ڏنو ويو، سندس ادبي هم اثر دوست اياز قادري، انيس انصاري، تنوير عباسي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، نسيم کرل، محمد ابراهيم جويو، جمال ابڙو، رسول بخش پليجو، شيخ اياز، حميد سنڌي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، يوسف لغاري، سوڀو گيانچنداڻي، رشيد ڀٽي، پير حسام الدين شاهه راشدي، پير علي محمد راشدي، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، هري دلگير درياڻي، سراج ميمڻ ۽ ٻيا کوڙ سارا نالا اچي ٿا وڃن.


سندس جي ذاتي لائبريري ۾ هزارين ڪتاب آهن ۽ سنڌ جي وڏين لائبريرين ۾ شمار ڪئي ٿي وئي. سندس اولاد سنڌ جي وڏن اديبن جي صلاح تي لائبريري جا ڪتاب سر شاهنواز لائبريري ۽ سنڌ جي عظيم درسگاهه سنڌالاجي کي عطيي طور ڏنا ۽ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي نالي پويان سنڌالاجي ۾ هڪ الڳ ڪارنر قائم ڪيو ويو آهي، جتي سندن جا يادگار ڦوٽو ملڪ جي وڏي سياسي شخيتن سان ميوزيم ۽ سجائي رکيا ويا آهن. سندن کي سياست سان تمام گهڻو لڳاءُ رهيو. محترمه فاطمه جي ساٿ ڏيڻ تي سنڌ مان پاڻمرادو جلاوطني اختيار ڪيائين. بلوچستان ويو ۽ اتي نعپ جي اڳواڻن جي پناهه ۾ رهيو ۽ بلوچستان جي سردارن جي پناهه ۾ رهڻ دوران انهن کيس ڪوئيٽا ۽ سبي ۾ سرڪاري وڪيل ڪري رکرايو، هن مهل به سنڌ صوبي جو عوام ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي سياسي، سماجي، ادبي، قانوني خدمتن کي مدنظر رکندي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو يادگار ڪاميٽيون ۽ بزم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جا بنياد وجهي سندن جون هر سال سنڌ صوبي ۾ ورسيون ۽ سالگرهون ملهائي رهيا آهن ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سندس جي نالي پويان لائبريريون، روڊ ۽ باغ منسوب ٿيل آهن، اهڙيون شخصيتون زنده قومن جو اهڃاڻ هونديون آهن ۽ نوجوان ٽهيءَ لاءِ مڪمل مشعل راهه هونديون آهن، اهڙن مهمان انسانن جي خدمتن ڪارڻ ئي سنڌ جيئي ٿي ۽ انهن جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي.


 

تاج محمد ابڙو

سنڌ جو روشن ضمير قومي ڪارڪن

نفيس احمد شيخ

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، سنڌ ۾ قومي جاڳرتا لاءِ جاکوڙ واري دلڪش گُلشن جو، هڪ نهايت ئي مَهڪندڙ ۽ شگفته گُلاب جو گُل هو!

۱۹۶۳ع ڌاري، جڏهن مون کي سنڌي ادبي بورڊ ۾ علمي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو، تڏهن اُن زماني ۾ ترقي پسند جديد سنڌي ادب جي تاريخي ترويج سان گڏ سنڌ ۾ قومي جاڳرتا لاءِ جرئتمندانه جدوجهد به پنهنجي عروج ۽ اوج اقبال تي هئي. هڪ طرف ون يونٽ جي سنڌ دشمن قهري نظام ۾ مظلوميت جو دؤر دؤرو هو ته ٻئي طرف بدترين آمريت تي مشتمل ايوب شاهي حڪومت، سنڌ جو ساهه سوڙهو ڪري رکيو هو. گهُٽ ٻُوسٽ جي اهڙي اذيتناڪ ماحول ۾ سنڌ جي سُڄاڻ ۽ باهمت عالمن ۽ محققن، روشن ذهن اديبن ۽ شاعرن، بي باڪ صحافين ۽ ليکڪن جتي ادب ۽ صحافت جي ميدانن ۾ بلند حوصلي سان سنڌ ڌرتيءَ جو پيغام پئي عام ڪيو، اُتي ساڳئي وقت سياست ۽ سماجي سُڌار شعبن ۾ وري نهايت ئي بي باڪ ۽ مخلص قومي خدمت گذارن وقت جي اسٽئبلشمينٽ سان مُنهن مقابلا ٿي قومي جاڳرتا لاءِ پاڻ پتوڙيندي جدوجهد ۽ جاکوڙ سان ڪيئي نوان قابل فخر ڪارناما پئي قائم ڪيا، جن مان تقريباً سڀني اهل دل ڪارڪنن جو تعلق کاٻيءَ ڌُر سان هو. اهڙين نيڪ نام هستين جا مبارڪ نالا اڄ هتي تحرير هيٺ آڻڻ ڄڻ هڪ وڏي شان ۽ شرف وارو خوشگوار فريضو پيو محسوس ڪريان. اول اول سائين جي ايم سيد جي چوڏهينءَ چنڊ شخصيت ۽ اُن کان پوءِ روشن ستارا: شيخ عبدالمجيد سنڌي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، قاضي فيض محمد، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، باقر شاهه، ڪامريڊ عبدالقادر، ڪامريڊ برڪت علي آزاد، ڪامريڊ نذير حسين جتوئي جلالي، مولانا عزيز الله جروار، ڪامريڊ عبدالخالق آزاد، ڪامريڊ نور محمد پليجو، ڪامريڊ پوهُو، ڪامريڊ عزيز سلام بخاري، محمد صالح عاجز، حفيظ قريشي، علي احمد قريشي، رسول بخش پليجو ۽ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو. (منهنجي خوش قسمتي آهي جو اِنهن سمورين هستين جو منهنجي مٿي تي پيار جو هٿ رهيو.)

سنڌي ادبي بورڊ جي بانيڪار جي حيثيت ۾، سائين جي ايم سيد جي رهنمائي ته مستقل طرح هونءَ ئي بورڊ ۾ ڪم ڪندڙ ڪارڪنن لاءِ اُتساهه جو سبب هئي، پر بورڊ ۾ سائين محمد ابراهيم جويي، غلام رباني آگري ۽ مولانا غلام محمد گرامي جهڙن ٽن مخلص ڏاهن جي ”ٽِمورتيءَ“ کي اُن زماني ۾ هڪ خاص ”قومي چقمق“ جي حيثيت حاصل هئي، جنهن جي ڇِڪ ۽ سِڪ سبب سڄيءَ سنڌ جي محب وطن جاکوڙي قومي ڪارڪنن جو رُخ سدائين اِن ”ٽِمورتيءَ“ ڏانهن هوندو هو ۽ اُهي بورڊ کي پنهنجو هڪ ”فڪري مرڪز“ تصور ڪندا هئا. بورڊ ۾ اچي انهن تجربيڪار ۽ سينئر صلاحيتمند دوستن سان ويچار ونڊڻ ۽ صلاح مشورو ڪرڻ سندن معمول جو دستور هوندو هو. توڙي جو عملي ڪم جا موضوع اڪيچار هوندا هئا، پر مقصد جو ”مرڪزي نقطو“ فقط هڪ ئي هوندو هو: ”روشن، خود اختيار ۽ خوشحال سنڌ“.

لاڙڪاڻي مان مخلص قومي ڪارڪن ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، گاهي گاهي بورڊ ۾ ايندو هو. جويي صاحب سان ملاقاتون، رباني صاحب سان خيالن جي ڏي وٺ ۽ گرامي صاحب سان طويل ڪچهريون. ياد اٿم ته اهو روح پرور سلسلو ۱۹۶۳ع کان وٺي ۱۹۷۳ع تائين، منهنجي اکين اڳيان جاري رهيو ۽ ڪامريڊ تاج کي ڏسڻ پسڻ ۽ ملڻ جلڻ جا لاتعداد موقعا فراهم ٿيا. سچ! ته سراپا ”اخلاص“ هو.

اهڙين ملاقاتن دوران، سائين تاج جي جنهن نمايان خوبين مون کي خاص طرح سان متاثر ڪيو، سا هئي سندس ”ذهانت ۽ سنجيدگي“ (۽ اها به ايتري قدر جو ڪامريڊ مون کي هميشه گهٽ-ڳالهائو محسوس ٿيندو هو) جويي صاحب، رباني صاحب ۽ گرامي صاحب وٽ ڪامريڊ تاج لاءِ غير معمولي طرح، بي انتها احترام هوندو هو ۽ هُو کيس جيءَ ۾ جايون ڏيندا هئا. ان حقيقت مان چٽيءَ طرح سان ثابت ٿيندو هو ته ”گهڙو ڀَريل آهي ۽ خوب ڀريل آهي!“ خاص طرح سان گرامي صاحب وٽ ڪامريڊ جون جيڪي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچهريون جاري رهنديون هيون، تن جو تات-پرج هوندو هو: ”سنڌ جي عظمت جو احساس ۽ سنڌ جي روشن مستقبل لاءِ جرئتمندانه جاکوڙ ۽ جدوجهد.“ ٻئي طرف سائين تاج جو مطمع نظر سندس سنجيده روشن چهري مان پيو بُکندو هو: ”سنڌ جي ڏتڙيل ۽ پيڙهيل طبقن، خاص ڪري هارين جي ڇوٽڪاري لاءِ پاڻ پتوڙڻ ۽ اُنهن جي خوشحال مستقبل لاءِ جَتن ڪرڻ.“ فڪر و نظر جي اها مماثلت ئي کاٻيءَ ڌُر جي مزاحمتي آدرش وادي ٻين قومي ڪارڪنن وانگر ڪامريڊ تاج کي بورڊ ۾ وٺي ايندي هئي.

۱۹۷۰ع ڌاري، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي وفات ٿي. اُن کان اڳ سانده ست سال، شايد ئي ڪا شام اهڙي خالي گذري هجي جو ”هاري حقدار“ پريس ۽ ”حيدر محفل“ (اوطاق) تي منهنجو ڀيرو نه ٿيو هجي. شام جو روزانو، گرامي صاحب ۽ ”ڪراچي هوٽل“ پاڻ ۾ لازم ملزوم هوندا هئا. گڏجي گهران هيٺ لهبو هو ته چند قدمن تي ”حيدر محفل“! (باباءِ سنڌ جي وفات کانپوءِ به اهو سلسلو قائم رهيو.) ڪامريڊ جي وڏي فرزند مظهر حيدر ۽ گرامي صاحب جي دوستي مثالي هئي. ان ڪري ”حيدر محفل“ سدائين گهر وانگر ئي هو. اهڙي پس منظر ۾، سڄيءَ سنڌ جي سمورين آفتاب ۽ ماهتاب هستين کي بار بار ڏسڻ، بار بار ساڻن ملڻ جلڻ، اُٿڻ ويهڻ ۽ سندن خيالن کي ٻُڌڻ جا اڪيچار يادگار موقعا ملندا رهيا. اُتي ڪامريڊ تاج کي ”حيدر محفل“ ۾ باباءِ سنڌ وٽ، هڪ مستقل عقيدتمند جي حيثيت ۾ مون گهڻو ڏٺو ۽ خوب ڏٺو. دستور موجب، ڪامريد وٽ سائين تاج لاءِ جيءَ ۾ جايون هيون ۽ باباءِ سنڌ سندس ججهي عزت ڪندو هو. مون کي ياد آهي ته جتوئي صاحب جي وفات کانپوءِ به سائين تاج حيدر محفل تان ڀيرو ڪو نه ڀڳو ۽ سندس فرزندن مظهر حيدر وٽ گاهي گاهي سندس اچڻ پيو ٿيندو هو. ان طرح گرامي صاحب، ڪامريڊ غلام حسين سومري، ڪامريڊ عبدالمجيد لغاري ۽ ٻين هاري ڪارڪنن سان سندس محبت جو رستو قائم رهيو. ان ڳالهه مان ثابتي ٿي ملي ته ڪامريڊ تاج کي ”هاري ڪاز“ لاءِ هڪ مستحڪم ۽ مڪمل ”ڪمٽمينٽ“ هئي، جنهن تي هُو سدائين ڪاربند ۽ پختو رهيو.

اڳتي هلي جڏهن ۱۹۷۳ع ڌاري بورڊ جون آفيسون شهر مان شفٽ ٿي، ڄامشوري ۾ قائم ٿيون ته اديبن، شاعرن ۽ قومي ڪارڪنن ۽ بورڊ جي وچ ۾ ڪجهه ماٺائي ۽ فرق پيدا ٿيا. جويو صاحب بورڊ ۾ نه رهيو ۽ گرامي صاحب جهان ڇڏيو. بدليل ماحول ۾، بورڊ به تبديل ٿيل رُخ اختيار ڪيو. سائين تاج وري بورڊ ۾ ڪڏهن نظر ڪو نه آيو.

ڪامريڊ تاج سان آخري ملاقات ياد اٿم، لاڙڪاڻي ۾ سندس اوطاق تي سندس يادگار دعوت ۽ علمي ڪچهري شايد ۱۹۷۴ع جو سَن آهي، جو محمد علي جوهر آل سنڌ ادبي ڪانفرنس ۽ شاعري جو انتظام ڪيو هو. ٻن ڏينهن جي ان يادگار اجتماع کان پوءِ، گرامي صاحب کي سندس عقيدتمند ۽ نامياري محقق ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ، وڏيءَ سڪ سان پاڻ وٽ ٽِڪايو ۽ ڏاڍي خدمت ۽ خاطرداري ڪيائين. دعوتن جي ان سلسلي ۾ هڪ شام ڊاڪٽر شيخ عبدالقيوم ”طراز“ چانهه پارٽي ڪئي ۽ ڪامريڊ تاج پنهنجي اوطاق تي هڪ شاندار ضيافت جو اهتمام ڪيو. اهو به ياد اٿم ته اُن عشائيه ۾ مڇيءَ جا مختلف ڊشز ۽ خاص طرح بيهَن جو پُلاءُ مکيه اسم هئا. مقامي اديبن شاعرن سان گڏ سائين تاج پنهنجا دوست عبدالرزاق سومرو، چاڪر علي جوڻيجو، پروفيسر عبدالمنان چانڊيو، عبدالحق سولنگي ۽ ڪامريڊ جمال الدين بخاري به سڏيا هئا. ڪامريڊ تاج جهڙي عُمدي ڊنر کارائي، وري اهڙي ئي شاندار علمي ڪچهري به برپا ڪيائين. سندس محبت آفرين وسيع دسترخوان، وسرڻ جو ناهي.

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صحيح معنيٰ ۾ هڪ اهلِ دل ۽ روشن ضمير ”سنڌ سڄڻ“ مخلص قومي ڪارڪن هو، جنهن جي سيني ۾ قدرت واري سنڌ جي خوشحاليءَ لاءِ هڪ مستقل تڙپ واري دردمند ۽ پُراُميد دل رکي هئي.


 

تاج محمد ابڙو مرحوم

منهنجو هم پيشه، هم مشرب ۽ همراز

محمد ابراھيم جويو

انگريزيءَ جي مشهور چوڻي آهي ته “مئن ازنون فرام دي ڪمپني هي ڪيپس.” مطلب ته “ماڻهو سڃاپجي ٿو سندس سنگت مان.” تاج محمد ابڙي جي سنگت ۾ سائين جي ايم سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، شيخ اياز، شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کان وٺي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، پير حسام الدين راشدي، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، حفيظ قريشي، ضاضي فيض محمد، جمال الدين بخاري، برڪت علي آزاد، مولوي نذير حسين سنڌي، رشيد ڀٽي، گوبند مالهي، نسيم کرل، ڪيرت ٻاٻاڻي، هري دلگير درياڻي، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، سراج الحق ميمڻ حميد سنڌي، نور الدين سرڪي ۽ ٻيا سندس دور ۽ عمر جا ڪيئي مڻيادار، محبتي، ڀلارا ۽ ڀلمانس ڳڻيا وڃن ٿا، انهن مان گهڻن سان ۽ خود ساڻس سڌو سنگ منهنجو به رهيو آهي، ۽ انهن مان ڪيترن ئي ٻين سان نياز مندي جو شرف مون کي به نصيب ٿيل هو.

پاڻ جڏهن صديءَ جي چاليهن وار ي ڏهاڪي جي شروع ۾ لاڙڪاڻي مان نڪري ڪراچيءَ پڙهڻ آيا، تڏهن کان وٺي تاحيات منهنجو ساڻس سڌو سنگ رهيو. ۱۹۴۱ع ۾ آءُ بمبئيءَ مان تدريسي تربيت وٺي، بي ٽيءَ جي ڊگري حاصل ڪري موٽيو هئس ۽ اچي پنهنجي مادر علمي سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچيءَ ۾ پنهنجي ماستريءَ جي منصب تي دخلڪار ٿيو هئس. بندر روڊ تي، سعيد منزل جي ڀرسان، حاجي چانڊو بلڊنگ ۾ هڪڙو فلئٽ مسواڙ تي وٺي، اسين پنج ڄڻا، دادو ضلعي جا ويٺل ٽي، سنڌ مدرسي جا ماستر حاجي خان لغاري، شير محمد راهوجو ۽ آءُ، ڪراچي لوڪل بورڊ جو اڪائونٽنٽ ڪلارڪ عبدالرحمان سومرو ۽ پنجون سکر ضلعي جو ويٺل جنرل پوسٽ آفيس ڪراچيءَ جو ڪلارڪ ڌڻي بخش دايو صاحب ان فليٽ ۾ رهائش ڪلب ٺاهي، ٿانيڪا ٿيا ويٺا هئاسين.

هڪ ڏينهن محمد صالح مشوريءَ نالي خيرپور ناٿن شاهه جو هڪ جوشيلو اڌڙوٽ عمر جو همراهه حاجي خان لغاريءَ جو مهمان ٿي، اسان وٽ آيو. پاڻ فوج جي ڪنهن آفيس ۾ سينيئر ڪلارڪ هو. ڏاڍو ٿي ڳالهائين. ڪافي ڪي احوال هئس. آءُ پاڻ جيڪو بمبئيءَ مان پارٽيءَ جي باني اڳواڻ، ڪامريڊ ايم اين راءِ جا لکيل انگريزي مضمون پڙهي آيو هيس، سو محمد صالح مشوريءَ جي ملڪي ۽ عالمي ڳالهيان ۾ وٺجي ويس. ڳالهين ڳالهين ۾ هن مون کي ڪامريڊ برڪت علي آزاد جو ترجمو ڪيل سنڌي ڪتاب جو “نوجوانن” ڏانهن ۽ اصلي پرنس ڪروپاتڪن جو روسي زبان ۾ لکيل ۽ پوءِ انگريزيءَ ۾ آيل، ڪڍي ڏنو. ۽ پڻ علامه عنايت اللھ مشرقيءَ جي اردو ڪتاب “تدڪره” جو ڏاڍن دل لڀائيندڙ لفظن ۾ ذڪر ڪيائين، جيڪو ٻئي ڏينهن مون وٺي اچي پڙهڻ شروع ڪيو. نوجوانن ڏانهن ڪتابچو ته پهرين ڏينهن يڪساهي پڙهي پورو ڪيم. اهو ڪتابچو پهرينءَ ئي پڙهڻيءَ ۾ منهنجي دل ۾ ائين ويهي ويو، جو عمر ڀر منهنجو اهو بنهه ڄڻ “بائيبل” بڻجي ويو. علامه مشرقيءَ جو “تذڪره” ۽ جيڪو مذهب الاسلام جو سندس پنهنجو علقمنداڻو تعبير Rational interpretation سان رستي ۾ پڙهيم ۽ ان جي انيڪ معقول ڳالهين مان هڪ ڳالهه منهنجي ذهن تي پائدار اثر ڪيو. ڪنهن جو نالو عبداللھ هجي ۽ ٻئي جو گوپالداس وغيره!

انهن ڏينهن ۾ ڊي، جي، سنڌ، ڪاليج، اين اي ڊي انجنيئرنگ ڪاليج، شهاڻي لاءِ ڪاليج جي مسلمان شاگردن دادو ضلعي جي شيخ انصاريءَ ۽ ٿرپارڪر جي ضلعي مان عبدالستار شيخ (۽ ٻين) مسلم ليگ ڏانهن مائل، “سنڌ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن” ٺاهي هئي، اهي ٻيئي ڄڻا هڪ ڏينهن اسان جي ڪلب ۾ اچي نڪتا، ساڻن گڏ تاج محمد ابڙو به هو. جنهن کي ان ڏينهن مون پهريون ڀيرو ڏٺو هو. ٽنهي مان تاج محمد ابڙو مون کي ڳالهين ۽ مامرن جي تور تڪ ۽ ڇنڊڇاڻ ۾ وڌيڪ چست ۽ باخبر لڳو. ويندي ويندي هن کي مون محمد صالح مشوريءَ وارو ڪتابچو پڙهڻ لاءِ ڏنو. ٻئي ڏينهن هو هلي مون وٽ آيو، پر ڪتابچي جي تاثر ۾ مونکي هو بنهه سرشار ڏسڻ ۾ آيو، اهو ڏينهن ۽ سندس سڄي عمر پوءِ، اسين ٻيئي هڪٻئي جي سنگ ۾ ائين گڏ رهياسين جيئن يڪ ڪالب دو جان، ۽ اڄ به جڏهن هو پنهنجي ياد ۾ هو مون سان گڏ آهي.

۱۹۴۷ع تائين جيسين هو ڪراچيءَ ۾ پنهنجي تعليم ۾ جتيل هو، خاص ٻيا ٻه ڪتاب به مون هن کي سعيو ڪري پڙهڻ لاءِ ڏنا، هڪڙو ڪامريڊ ايم اين راءِ جو ڪتاب The Historical Role of Islam جنهن جو تن ڏينهن مون سنڌي “اسلام جو تاريخي ڪارنامو” نالي سان ڪيو هو ۽ ٻيو منهنجو پنهجو ۱۹۴۷ع ۾ شايع ڪيل انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب “Save Sindh save the continent from feudal lords capitalists & their communication” (سنڌ بچايو وڏو کنڊ بچايو. جاگيردارن ۽ سرمائيندارن ۽ سندن فرقيوار گهوٽالن کان)، جنهن جي سزا ۾ مون کي سنڌ مدرسي مان پنهنجي ڏهن سالن جي نوڪريءَ تان هٿ کڻڻو پيو هو. پر ماڻهوءَ جو سنگ رڳو ماڻهن سان نه پر ٻين شين سان پڻ تاحيات جڙجي ٿو ۽ جتيو رهي ٿو. مثال طور ڪتابن سان تاج محمد ابڙي ۽ منهنجو ٻيو سنگ ڪتابن جي ڌاڳي سان ڳنڍيل هو. ان جو هڪڙو مثال اهو آهي، جو انهن ڏينهن ۾ ٿنڪرس لئبرريءَ جي سلسلي جا انگريزي ڪتاب ولايت مان ڇپجي، سڄي دنيا ۾ شايع ٿيڻ لڳا هئا، ۽ سنڌ ۾ به اچڻ لڳا هئا. قيمت اهي اٺ آنا في ڪتاب، وڌ ۾ وڌڪ روپيو به ۽ جيستائين ۱۹۴۷ع تائين تاج محمد ڪراچي ۾ رهيو ۽ پوءِ به جيستائين انهن ڪتابن جو سلسلو جاري رهيو تيستائين اسين ٻيئي پاڻ ۾ انهن ڪتابن جي عشق ۾ ڀائيوار رهياسين، تان جو جڏهن پاڻ ۱۹۸۵ع ۾ نوڪريءَ تان رٽارئڊ ڪيائين تڏهن ٻنهي پاڻ ۾ ٿنڪرس لئبرريءَ جي ڪتابن جي لسٽن جي ڀيٽا ۽ مٽاسٽا ڪري ڏٺوسين ته مون وٽ ٽيهارو کن اهي ڪتاب موجود هئا ۽ وٽس به ڪجهه اوترا ئي هئا. ايئن ٻيا اهڙا منهنجا دوست مثال طور شيخ اياز، جمال صديقي، ڊاڪٽر نجم عباسي، سوڀو گيانچنداڻي ۽ ٻيا وقت بوقت هڪٻئي سان فخر ۽ خوشيءَ ۾ ڀرجي انهن بابت پيا حالي حوالي ٿيندا هئاسين.

ٻيو سنگ ماڻهو جو ماڻهن سان زندگيءَ جي ڪن اهڙن مامرن جي حوالي سان پڻ ڳنڍجي ٿو ۽ محڪم بڻجي ٿو. مثال طور هم پيشگيءَ جو سنگ جيئن مون شروع ۽ آخر تائين ماستري ڪئي ته تاج محمد ابڙي به شروع ۾ سهي پر ماستري ضرور ڪئي! هيءُ ماستري جو، استاديءَ جو منصب به منهنجي تجربي ۽ مشاهدي ۾ اهڙو لڳڻو ۽ نه ڇڏڻو پڪو ۽ پختو رنگ ٿئي ٿو. جو ٿوري مدت ئي هجي پر ماڻهن جي طبيعتن کي سڄي عمر جي سڃاڻپ ۽ ساڳيائپ ڏيئي ٿو ڇڏي. ماستري، استادي، يعنيٰ سکڻ ۽ سيکارڻ، پڙهن ۽ پڙهائڻ، پنهنجي پورهئي مان پرائڻ ۽ پراپت ڪرڻ ۽ پوءِ سڀڪجهه ڏيئي ڇڏڻ جو اتساهه مون تاج محمد ابڙي ۽ منهنجن اهڙيءَ طبعيت رکندڙ سڀني ساٿين، سنگتين ۽ دوستن ۾، پاڻ کان چار رتيون ڪثر موجود ۽ عمل پيرا ڏٺو. پنهنجي پنهنجي پيشي جي سان لاڳاپيل فرض ادائي جي دائري ۾ ۽ ان کان ٻاهر زندگيءَ جي ٻين عام معاملن ۾ به، هن سر گهور ۽ من اڇل جي عادت کي پنهنجي من ورونهن ڪري ڇڏڻ کي اعليٰ اديبن، شاعرن، فنڪارن، استادن ۽ پڻ اعليٰ مقصدي سياست ۽ پبلڪ توڙي پرائيويٽ سروس جي دائري ۾ ماڻهو جي چاهي ته پنهنجي خاص سڃاڻپ بڻائي سگهي ٿو. ان لاءِ سڀ کان وڌيڪ ماڻهوءَ جو سنگ، فرد (Individual) جي حيثيت ۾، پنهنجي پاڻ سان، پنهنجي ذهن ۽ ضمير سان، پنهنجي مقصد حيات سان هئڻ لازم آهي. ائين ماڻهوءَ لاءِ تڏهن ئي ممڪن آهي، جو هو پاڻ کي پاڻ ڏانهن ذميدار، پاڻ وٽ جوبداه، سمجهي ۽ سو تڏهن ٿيندو جڏهن اوتري قدر پاڻ کي هو آزاد به ڄاڻي. ماڻهو ڪروڙين صدين ۽ لاتعداد جڳن کان ان آزاديءَ جي احساس ۽ ماڻهن لاءِ پنهنجي ڪائناتي آسپاس سان برسر پيڪار رهيو آهي، ۽ پنهنجي فطري عقل جي آڌار تي پنهنجي ان تخليقي جدوجهد ۾ همه تن ومن مصروف پڻ رهندو آيو آهي. تاج محمد ابڙي مرحوم ۽ منهنجي سنگ سڄي عمر انهيءَ اتساهه ۽ امنگ تي هم آواز ۽ اهڙي مقصد ۽ مشرب جي همراز هجڻ ۽ رهڻ تي پڻ قائم رهيو.


 

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

 منير چانڊيو

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب، سنڌ جو هڪ محب وطن ۽ انسان دوست اديب، سياستدان، صحافي، استاد ۽ سماج سڌارڪ هو. جنهن سنڌ ۾ پورهيت، مظلوم ۽ محڪوم عوام جي حقن لاءِ ۽ جاگيرداراڻي ۽ طبقاتي نظام جي ظلم، جبر، ڏاڍ، ڏهڪاءَ ۽ ٻين سمورين بڇڙاين جي خلاف جدوجھد ڪئي. هن سنڌ ۾ علمي، ادبي، سياسي، سماجي ۽ قومي نئين سجاڳيءَ لاءِ ۽ سماجي انصاف ۽ برابريءَ لاءِ پنهنجو پاڻ ارپي ڇڏيو.

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۲ آگسٽ ۱۹۲۴ع تي لاڙڪاڻي ضلعي جي هڪ زميندار قادر بخش خان ابڙي جي گھر ۾ پيدا ٿيو. اولاد ۾ سڪيلڌو پٽ هو. اڃا ننڍو ئي هو ته سندس والد گذاري ويو. جنهن کان پوءِ مٿس وڏيءَ ڀيڻ ۽ ڀيڻيوي جي شفقت ۽ محبت رهي. سندس ڀيڻيوو محمد عثمان ميمڻ هڪ پوليس آفيسر هو، جنهن کي پنهنجي اولاد نه هئي، ان ڪري هن کيس پنهنجي اولاد جيئن پاليو ۽ پنهنجين محبتن جو مرڪز بڻائي ڇڏيائينس.

ڪامريڊ تاج محمد ابڙي صاحب پنهنجي ابتدائي تعليم، پنهنجي ان ئي عالم فاضل ڀيڻ وٽان پرائي، جيڪا سنڌيءَ سان گڏ فارسيءَ جي به سٺي ڄاڻو هئي. پرائمري تعليم قمبر مان حاصل ڪيائين. جنھن بعد گورنمينٽ هاءِ اسڪول قمبر ۾ داخل ٿيو، جيڪو ان وقت پنهنجي تعليمي معيار جي ڪري گھڻو مشهور هو، جتي ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ۽ ٻيا ڪيترا ئي ناليوارا سياسي ۽ سماجي اڳواڻ ۽ اديب تعليم پرائي چڪا هئا. سندس ڀيڻيوي جي پوليس کاتي ۾ نوڪري هجڻ جي ڪري، مختلف شهرن ۾ بدلي ٿيندي رهندي هئي. ان ڪري هن قمبر هاءِ اسڪول جي هاسٽل ۾ رهي ترتيب سان تعليم پرائي.

ان کان پوءِ هن مدرسه هاءِ اسڪول ۾ سيڪنڊري تعليم حاصل ڪئي، ۽ وڌيڪ تعليم پرائڻ لاءِ ڊي. جي ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيو. ڪراچيءَ ۾ رهندي هو ريڊيو ڪراچيءَ تي نيوز ڪاسٽر مقرر ٿيو ۽ ڪيتري ئي وقت تائين پنهنجي وڻندڙ، صاف ۽ گونجدار آواز ۾ خبرون پڙهندو رهيو. ڪراچيءَ مان واپسيءَ کان پوءِ ميونسپل هاءِ اسڪول قمبر ۾ انگريزيءَ جو استاد مقرر ٿيو، پر سندس شخصيت کي اهو شعبو راس نه آيو.

بعد ۾ ڪراچيءَ مان ايل ايل بي ڪرڻ کان پوءِ، لاڙڪاڻي ۾ وڪالت ڪرڻ شروع ڪيائين. ڪجهه وقت کان پوءِ اسسٽنٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر ۽ پوءِ ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر مقرر ٿيو. انهيءَ عرصي ۾ هو سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪيترن ئي شهرن ۾ بدلي ٿي، پنهنجا فرض سرانجام ڏيندو رهيو. هر هنڌ، قانون جي گھري ڄاڻ جي ڪري، پنهنجو اهڙو ڌاڪو ڄمائيندو رهيو، جو کيس ان جي ڄاڻ جي ڪري ۱۹۷۲ع ۾ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشنس جج بڻايو ويو. ۱۹۷۸ع ۾ ترقي ڪري ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشنس جج مقرر ٿيو.

ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي شادي، بيگم حاڪمزادي ميمڻ سان ٿي. جنهن مان کيس چئن نيڪ نياڻين ۽ پنجن پٽن جو صالح اولاد ٿيو.

سندس وڏي نياڻي خالده ابڙو آهي، جنهن گريجوئيشن تائين تعليم حاصل ڪئي. سندس شادي محمد صديق ميمڻ سان ٿي، جيڪو ڀان سيد آباد جو زميندار آهي ۽ گذريل بلدياتي اليڪشن ۾ ناظم پڻ رهيو آهي.

سندس ٻي نياڻي ڊاڪٽر عابده ابڙو آهي، جيڪا سر ڪائوسجي جھانگير انسٽيٽيوٽ آف سائيڪياٽري حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر آهي. سندس شادي ڊاڪٽر نجيب ميمڻ سان ٿي، جيڪو لياقت يونيورسٽي آف هيلٿ اينڊ ميڊيڪل سائنس ڄامشوري ۾ پروفيسر آهي.

سندس ٽئين نياڻي شاهده پروين آهي، جيڪا سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي ۾ حيدرآباد ريجن جي پرائيويٽ اسڪولس ۽ ڪاليجز جي ڊپٽي ڊائريڪٽر آهي. هن جي شادي ڪوآپريٽيو هائوسنگ سوسائٽي جي رجسٽرار ساجد سرهيي سان ٿي.

ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي چوٿين نياڻي سنڌ جي نوجوان شاعره، ڪالم نويسه ۽ مهراڻ ٽي وي جي عورتن جي پروگرام ’بنتِ هوا‘ جي ميزبان زاهده تاج ابڙو آهي. هوءَ حيدرآباد جي هڪ گرلس هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ مسلم هسٽري مضمون جي سبجيڪٽ اسپيشلسٽ آهي. سندس شادي ڊاڪٽر محمد اسماعيل ميمڻ سان ٿي، جيڪو سول اسپتال حيدرآباد ۾ ايڊيشنل ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ آهي.

ان کان پوءِ سندس صالح پٽن ۾ سنڌ جو نوجوان ڪالم نويس ۽ اديب مير نادر علي ابڙو آهي. جيڪو سنڌ جي ۵۰ کان مٿي معروف ۽ ڪُنڊائيتن شخصيتن ۽ ايتري ئي تعداد ۾ ٻين سماجي ۽ ادبي موضوعن تي لکي چڪو آهي. جيڪو اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ سرڪل آفيسر آهي.

ان کان پوءِ سندس ٻيون پٽ حيدر علي ابڙو آهي، جيڪو لاڙڪاڻي ۾ وڪالت ڪري ٿو.

سندس ٽيون پٽ گوهر علي ابڙو گورنمينٽ ڪاليج مٽياري ۾ پوليٽيڪل سائنس مضمون جو ليڪچرار آهي.

سندس چوٿون فرزند مظهر علي ابڙو آهي، جيڪو ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جو ڊپٽي ڊسٽرڪٽ اٽارني آهي.

سندس آخري فرزند ذوالفقار علي ابڙو آهي، جيڪو پڻ لاڙڪاڻي ۾ ئي وڪالت ڪري ٿو.

ان مان چڱيءَ ريت معلوم ٿئي ٿو ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙي صاحب، پنهنجي ٻارن جي تعليم ۽ تربيت تي خاص ڌيان ڏنو.

جيئن جيئن ڪامريڊ جي شخصيت جا علمي، ادبي، سياسي، صحافتي ۽ سماجي پاسا وڌيڪ نروار ٿيندا ويندا، ساڻس بي پناهه محبت ۽ احترام پيدا ٿيندو ويندو. هو پنهنجي سوچ ۽ عمل ۾ ڏاڍو نرالو انسان هو، ۽ سندس سنڌ ۽ سنڌي قوم جي نجات لاءِ جدوجھد ته غير معمولي هئي، پر سندس ذاتي سڀاءُ ۽ طبعيت جي وڏائي به ڏسڻ ۽ خراج تحسين پيش ڪرڻ جي لائق آهي. ڊاڪٽر اياز قادري لکي ٿو ته:

تاج محمد کي شاگرديءَ واري زماني ۾ اخبار ڪڍڻ جو ڏاڍو چاهه هو. ان بابت مون سان صلاح ڪندو هو. مان هميشه چوندو هيومانس؛ ”تيل کانسواءِ ڏيئو نه ٻرندو. پاڻ تڪڙا ماڻهو آهيون، پيٽ ئي مشڪل سان ٿا پاليون. اخبار جي عياشي نه ڪري سگھنداسين. هن ڪجهه پئسا پاڻ ۽ ڪجهه پئسا دوستن کان هٿ ڪري ’نوجوان‘ نالي سان هڪ اخبار شروع ڪئي. ان جو ايڊيٽر مون کي مقرر ڪيائين.“

ان مٿئين ٽڪري کي پڙهڻ سان گڏ، ڊاڪٽر اياز قادري صاحب جي ئي لکيل هن ٻئي ٽڪري کي پڙهو ۽ ڪامريڊ تاج محمد جي وڏائي ۽ عظمت جو اندازو لڳايو.

”تاج محمد ابڙي جي ڪوشش سان، سال ۱۹۵۶ع ۾ لاڙڪاڻي جي تجر باغ ۾ شاهه عبداللطيف جي ورسي ملهائي وئي. جيتوڻيڪ ورسيءَ جو سڄو سمورو بندوبست هن پنهنجي هڙون توڙي وڙون ڪيو، پر جيڪي دعوت نامه جاري ڪيا ويا سي منهنجي نالي سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت جي حيثيت سان ويا. مان سمجھان ٿو ته لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾ ڀٽائيءَ جي اهڙي شاندار ورسي اڳ ڪڏهن به نٿي هئي.“

تنوير عباسي صاحب لکي ٿو ته: ”ون يونٽ جو اونداهو دور هيو. ادب ذريعي انقلاب جي ان تحريڪ جي روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو لاڙڪاڻي ۾ تاج محمد ابڙي جي اوطاق مان اسريو ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ ڦهلجي ويو. .... تاج محمد ابڙو وڪيل هيو پر وڪيل کان وڌيڪ دانشور هيو. ادب، تاريخ، فلسفو سڀ پڙهندو هو. دوستن سان بحث ڪندو هو. هو رڳو پڙهڻ وارو نه هو بلڪ ڪڙهڻ وارو به هو. هاري تحريڪ، نيشنل عوامي پارٽي، سنڌ عوامي محاذ، ۽ بعد ۾ پي پي، مطلب ته جيڪا به تحريڪ سنڌ جي پيڙهيل طبقن جي بحالي ۽ آجپي جي لاءِ اٿي، ان ۾ ڀرپور حصو ورتائين.“

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو انسانذات سان روح جو اٽوٽ رشتو هو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو پنهنجي زندگيءَ جو سمورو شعوري عرصو غريب ۽ مظلوم، پورهيت ۽ هاري عوام لاءِ عملي جدوجھد ڪندي گذاريو. ھن پنهنجي هڙان وڙان ادبي ۽ صحافتي شعبن ۾ خدمتون سر انجام ڏنيون. محمد ابراهيم جويو صاحب لکي ٿو ته: ”منهنجي نظر ۾ تاج محمد ابڙو انساني معاشري جي هر ڀَلان ڀَل ڀلمانَس وانگر، پنهنجي مثالي زندگيءَ ۾ سڄو شعوري عمر جو عرصو ٽن ڳالهين کان پرهيز ۾ رهيو ــ ذاتي ۽ گروهي حرص هَوس کان، نفرت ۽ وڏائيءَ کان ۽ تاريڪ خياليءَ جي هر مونجھاري ۽ انتشار کان، ۽ خالص ان ٽنهين منفي فڪر ۽ عملي آزار کان آزاد هجڻ سبب ئي سڄو وقت هو سنڌ ۽ سنڌي قوم جي نجات لاءِ عوام دوست قومي انقلاب جي مقصد سان پوريءَ محڪمتا سان واڳيل رهيو.“ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب، شخصي حوالي کان پڻ انتهائي اعليٰ ۽ وڏ ماڻهپي وارو انسان هيو. سائين انيس انصاري صاحب لکي ٿو ته: ”پنهنجي در تي ڪم ڪندڙن جي پيو پرگھور لهندو هو. کين سٺي کاڌي سان گڏ سٺا ڪپڙا وٺي ڏيندو هو. کين سٺي سواريءَ لاءِ سائيڪلون ۽ وقت ڏسڻ لاءِ واچون به وٺي ڏيندو هو.“

اها ڳالهه پڙهي سوچيو ته اڄ جي دور ۾ جتي ڪنهن غريب کي رڳو غربت جي ڪري انسان ئي نٿو سمجھيو وڃي ۽ ساڻس بلڪل نامناسب رويو اختيار ڪيو وڃي ٿو ۽ اهڙا رويا اسان جا ڪيترا ئي نام نهاد اديب ۽ شاعر وغيره پڻ رکندا اچن. اتي هن ماڻهوءَ جو ماڻهپو ڪيترو عظيم آهي. ان ئي حوالي سان سائين انيس انصاري صاحب جون لکيل ٻه ڳالهيون ٻيون به ڏاڍيون اعليٰ آدرشي لڳيون: ”سکر ۾ ابڙي صاحب جي گھر مان چوري ٿي وئي. چور سڄو گھر ٻهاري ويا. چوريءَ ۾ تاج محمد ابڙي جي گھر واري، والده ۽ ڀيڻ جا سونا زيور به شامل هئا. اها چوري پڪڙجي نه سگھي. البته پوليس جڏهن ڪجهه پڪڙيل زيور سڃاڻپ لاءِ سندس گھر آندا ته تاج محمد پنهجي گھر تاڪيد سان چيو ته هو صرف پنهنجا زيور، پنهنجا ڪن. پروان تي هٿ نه رکن. انهن زيورن ۾ ڪو به زيور سندس ڪو نه هو، ان ڪري پنهنجو نه ڪيائون.“

ان واقعي کي پڙهڻ کان پوءِ پڙهي سچ ته ڪيترو ئي وقت هن عظيم انسان جي باري ۾ سوچيندو رهجي ٿو. سندس سچائيءَ تي بي پناهه پيار ايندو رهي ٿو.

اڄ جي دور ۾ جڏهن ڪنهن مسجد مان ڪو هيروئني ڪنهن نمازيءَ جي چپل چورائي ايندو آهي ته اهو وري ٻئي جماعتيءَ جي چپل پائي ايندو آهي، پر هن اڏول شخص جي اخلاقي سطح ته ڏسو! گھر آيل زيور موٽائي ڇڏيائين. هينئر جي سوچجي ته اسان مان اهڙا گھڻا ماڻهو اهڙو اخلاقي مظاهرو ڪري سگھن ٿا! هو پنهنجي وصيت نامي ۾ پنهنجي عيال کي هدايت ڪندي لکي ٿو ته؛ ”منهنجا دوست ڪافي آهن، پر هر ڪنهن کي پنهنجا مسئلا در پيش آهن. تنهنڪري انهن کي ڪا تڪليف نه ڏيندا. البته پاڻ ۾ اختلاف يا ڪنهن مسئلي تي سندن صلاح ضرور وٺندا. انهن جي هر وقت عزت ڪرڻ اوهان جو فرض آهي ۽ سندن اولاد سان پڻ تعلق رکڻ جي ڪوشش ڪندا. کانئن ڪڏهن به مالي مدد جي طلب نه ڪندا. ها البت ضرورت وقت اخلاقي مدد ضرور وٺندا ۽ مون کي يقين آهي ته هو ان ۾ پوئتي پير نه ڏيندا. مون تي منهنجا محسن ۽ دوست سدائين مهربان رهيا آهن، جن جو آئون شڪر گذار آهيان.“

سچ ته هن عظيم انسان جو هر عمل بنهه حيرت ۾ وجھندڙ آهي. اسان پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيترن ئي نالي چڙهيل اديبن، شاعرن ۽ ڪامريڊن کي سندن شخصي زندگيءَ ۾ جيترو ننڍڙو ڏٺو آهي، اهو ڪنهن به نوجوان ليکڪ جي مايوس ٿيڻ لاءِ ڪافي آهي، پر ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب الاءِ ته ڪهڙي جُڳ جو ماڻهو هو! لطيف جي سر رامڪليءَ جو ڪو جيئرو جاڳندو ۽ حقيقي ڪردار هو؟ حضرت محمد صلعم جي انساني ڀلائيءَ واري پيغام جو عملي روپ هو؟ يا مارڪس جي پورهيت دوست فڪر جي عمل جو سچو پچو نادر شخص هو! هو اصل ۾ هو ڇا؟ پر يقيناَ هو اهو سڀ هو.

نوري ۽ ناري، جوڳيئڙا جھان ۾،

ٻري جن ٻاري، آئون نه جيئندس ان ري. (شاهه)


 

تاج محمد ابڙو

سندس شخصيت جا مختلف پاسا

رئوف نظاماڻي

سنڌ جو امله هيرو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو. هي ڪتاب محمد ابراهيم جويو جو ترتيب ڏنل آهي ۽ ۲۰۰۶ ۾ شائع ٿيو هو. هن وقت هي ڪتاب سنڌ سلامت جي ويب سائيٽ تي موجود آهي. هن ڪتاب ۾ مختلف ليکڪن، جن مان ڪي تاج محمد ابڙو سان ذاتي طور لاڳاپيل ۽ سندس دوست رهيا آهن ۽ ڪن رڳو سندس نالي ۽ ڪم متعلق ٻڌو آهي، سندس زندگي جي گھڻن پاسن متعلق لکيو آهي.

تاج محمد پاڻ ڪڏهين ڪجھ به نه لکيو. جيڪڏهين ڪير کيس لکڻ لاء چوندو هو ته هو هٿ مٿي ڪري بيهي رهندو هو. پر ڪتاب جي مختلف مضمونن مان خبر پئي ٿي ته هو پاڻ هڪ گھڻ پاسائتي شخصيت جو مالڪ ۽ گھڻو پڙهيل لکيل ماڻهو هو. شروع ۾ ڪجھ عرصو استاد به رهيو. ان ڪري محمد ابراهيم جويو کيس پنهنجو هم پيشه چئي ٿو. صحافت سان سندس واسطو رهيو. هن ڪراچي ۾ ڪجھ عرصو الوحيد ۾ سب ايڊيٽر جي حيثيت ۾ نوڪري ڪئي ۽ ريڊيو ۾ انائونسر ٿي رهيو. نوجوان جي نالي سان پنهنجي هفتيوار اخبار به جاري ڪيائين جنهن جو ايڊيٽر اياز قادري هو پر مالي ڏکيائين جي ڪري گھڻي عرصي تائين ان کي جاري نه رکي سگھيو. ڪراچي ۾ سندس واسطو ڪميونسٽ پارٽي سان رهيو. هو اڳوڻي لائيٽ هائوس سينيما ويجھو پارٽي جي آفيس ۾ به ويندو هو. اتي هو. جمال بخاري، سوڀو گيانچنداڻي ۽ ٻين سان مليو. هو قادر بخش نظاماڻي کي پنهنجو استاد ڪري ليکيندو هو. هن مزدورن ۾ پارٽي جو ڪم به ڪيو پر قانون جي تعليم حاصل ڪرڻ کاننپوء لاڙڪاڻي هليو ويو جتي مختلف وڪيلن سان انهن جي جونيئرطور ڪم ڪيائين. لاڙڪاڻي ۾ جيئن ته گھڻا ڪارخانا ۽ مزدور نه هئا ان ڪري هتي موٽڻ کانپوء هن هارين ۾ ڪم ڪرڻ کي ترجيح ڏني ۽ حيدر بخش جتوئي سان سندس تعلق ٿيو. ساڳي وقت ڪميونسٽ پارٽي سان ڄڻ سندس واسطو هوندو ئي هو ۽ اهي مٿس اعتماد ۽ ڀروسو ڪندا هئا. اياز قادري پنهنجي مضمون ۾ ٻڌائي ٿو ته جڏهين مشهور ڪميونسٽ اڳواڻ حسن ناصر عتاب هيٺ ۽ روپوش هو ته ڪجھ ڏينهن لاء تاج محمد ابڙو جي اوطاق تي رهيو هو ۽ هن ڪنهن ڊپ ڊاء کانسواء کيس اتي رهايو هو. پر لڳي ائين ٿو ته لاڙڪاڻي موٽڻ کانپوء ان جي باوجود ته سندس تعلق حيدربخش جتوئي سان هو عملي سياست سان سندس واسطو ختم ٿي ويو هو. شروع ۾ ڪجھ عرصو سياست ۾ سرگرم رهڻ کانپوء هن وڪالت جو پيشو اختيار ڪيون. ائين چئي سگھجي ٿو ته تنظيمي طور سندس ڪنهن به سياسي ڌر ۽ جماعت سان واسطو نه رهيو.

سنڌي ادبي سنگت کي هڪ مرڪز ڏيڻ ۾ به هن هڪ ڪردار ادا ڪيو. تنوير عباسي پنهنجي مضمون ۾ ٻڌائي ٿو ته هن رشيد ڀٽي ۽ مقبول ڀٽي اهو سوچيو ته مختلف جاين تي ڌار ڌار ادبي گڏجاڻيون ٿين ٿيون پوء ڇو نه انهن کي هڪ مرڪز تي گڏ ڪجي. ان وقت کين اهو موقعو لاڙڪاڻي ۾ جميعت الشعراء جي ڪانفرنس جي دعوت ملڻ سان هٿ اچي ويو. ان ڪانفرنس ۾ گھڻا هم خيال ليکڪ وغيره موجود هئا. ڪانفرنس کانپوء تاج محمد ابڙو اسان جي گڏجڻ جو انتظام پنهنجي جاء تي ڪيو جتي اسان گڏ ٿياسين ۽ سنگت جي نئين سر تنظيم ڪئيسين. اهڙي ريت اياز قادري ٻڌائي ٿو ته انهن ڏينهن ۾ لاڙڪاڻي ۾ لطيف ڊي جو هڪ شاندار پروگرام ڪيوسين جنهن جو سڄو خرچ ته تاج محمد پاڻ ڪيو پر ان جو سڄو ڪريڊٽ اياز قادري کي ڏنائين. .

ان وقت لاڙڪاڻي ۾ سياسي ۽ ثقافتي لحاظ کان گھڻي سرگرمي ۽ گهما گهمي هوندي هئي. اياز قادري ٻڌائي ٿو ته شام جو مختلف جاين تي مختلف ماڻهن جون ڪچهريون ٿينديون هيون جن ۾ شهر ۽ ٻاهر جا گھڻا ماڻهو شريڪ ٿيندا هئا. لاهورين ۾ حاجي امير علي جي ڪچهري، پوسٽ آفيس جي سامهون عبدالغفور ڀرڳڙي جي ڪچهري، اسٽيشن جي ڦاٽڪ لڳ قاضي فضل الله جي ڪچهري، ٿورو هيٺ عبدالفتاح ميمڻ جي ڪچهري ۽ اهڙي ئي هڪ ڪحهري ٽائون ٿاڻي لڳ تاج مجمد ابڙو جي به هوندي هئي جيڪا انهن سڀني کان منفرد ۽ نرالي هوندي هئي. ان ڪچهري ۾ نه رڳو لاڙڪاڻي پر ٻين شهرن ۽ علائقن جا مختلف خيالن ۽ طبقن جا ماڻهو اچي شريڪ ٿيندا هئا ۽ چانه جي ديڳڙي هميشه گرم هوندي هئي. ان ڪچهري ۾ ڪڏهين ڪڏهين ذوالفقار علي ڀٽو، جنهن جي تاج محمد سان ويجھڙائي هوندي هئي ۽ هو مختلف معاملن ۾ ساڻس صلاح مشورا به ڪندو هو، اچي ويهندو هو.

پڙهڻ سان کيس شروع کان ئي دلچسپي هئي. ڪراچي ۾ محمد ابراهيم جويو سان سندس تعلق جڙيو. هن کيس مختلف ڪتاب پڙهڻ لاء ڏنا. هو ٻڌائي ٿو ته ان وقت ٿنڪرس لائبريري جي سلسلي جا انگريزي ڪتاب ولايت ۾ ڇپجي سڄي دنيا ۾ شائع ٿيڻ لڳا هئا ۽ سنڌ ۾ به اچڻ لڳا هئا. انهن جي قيمت هوندي هئي اٺ آنا، ٻارنهن آنا في ڪتاب ۽ وڌ ۾ وڌ روپيو، ٻه ۽ جيستائين ۱۹۴۷ تائين تاج محمد ڪراچي ۾ رهيو ۽ پوء به جيستائين انهن ڪتابن جو سلسلو جاري رهيو تيساتئين اسين ٻيئي پاڻ ۾ انهن ڪتابن جي عشق ۾ ڀائيوار رهياسين. جڏهين پاڻ ۱۹۸۵ ۾ نوڪري تان رٽائر ڪيائين ته ڀيٽ ڪرڻ سان خبر پيئي ته ثنڪرس لائبريري جا جيترا ٽيهارو کن ڪتاب مون وٽ موجود هئا اوترا وٽس به هئا.

اهڙي ريت ٽائيم ميگزين وٽس باقاعدي ايندو هو. وٽس ڪتابن جو چڱو خاصو ذخيرو هو.

هو پوء وڪالت ڇڏي ذوالفقار علي ڀٽو جي چوڻ تي ايڊيشنل سنشن جج ۽ پوء سيشن جج ٿي رٽائر ٿيو. جج ٿيڻ کانپوء به سندس پنهنجن دوستن ۽ ٻين ماڻهن سان ساڳيو ورتاء هوندو هو. اياز پنهنجي مضمون ۾ ٻڌايو آهي ته جڏهين تاج محمد جي سکر ۾ تعيناتي هئي ته سندس ساڻس ڪجھ ذاتي ڳالهين تي اختلاف ٿيا هئا جيڪي پوء حل ٿي ويا هئا. جج هئڻ دوران به سندس طور طريقن ۾ گھڻو فرق نه آيو هو. سندس ڪوشش هوندي هئي ته عام ماڻهو کي انصاف ملي ۽ فائدو پهچي. ساڳي ريت شام جو سندس ڪچهري ٿيندي هئي. رٽائر ٿيڻ کانپوء آبهوا جي ڪري هن ٺٽي ۾ رهائش اختيار ڪئي پر لاڙڪاڻي سندس اچ وڃ هوندي هئي. هڪ ڀيري ٺٽي ۽ لاڙڪاڻي جي وچ ۾ سندس گھر وارن کان ڦر ٿي. ملزمن جي پڪڙجڻ کانپوء جڏهين تاج محمد جي گھر وارن کي سامان ڏيکاريو ويو ته هن کين خاص هدايت ڪئي ته رڳو اهو سامان کڻو جيڪو اوهان جو آهي. ان سامان مان ڪجھ به انهن جو نه هو ۽ اهو سامان ائين واپس ٿي ويو.

ائين چئي سگھجي ٿو ته هو اهڙو شخص هو جنهن کي هڪ مثال طور پيش ڪري سگھجي ٿو.

 

(رئوف نظاماڻيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۴ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي کنيل)


 

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

تاريخ جو سرمايو

فقير محمد سنڌي

سنڌ جي اهم شخصيت ڪامريڊ تاج محمد ابڙو پنھنجي زندگيءَ ۾ قومي ۽ ثقافتي اهڃاڻن کي دلي داد به ڏنو ۽ ان قومي ڪردار کي تاريخ ۾ نئون موڙ به ڏنو. تاريخ ۾ تمام ٿورا فرد آهن جن قومن جي جاڳرتا کي پنھنجي زندگيءَ جو حصو سمجهي حقيقي رخن کي سماج اندر تبديليءَ، خوشحاليءَ جو پيڪر ڏئي سجاڳي جي دڳ لاٿو آهي. هي سر موڙ انسان جيڪو سدائين سنڌ جي تاريخ جو سرمايو رهندو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۲- آگسٽ ۱۹۲۴ع تي ضلعي لاڙڪاڻي جي اڳوڻي تعلقي شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو. بنيادي طور هر انسان پنھنجي علائقي مان تعليم حاصل ڪندو آهي، اهڙي ريت ڪامريڊ تاج محمد ابڙو به قنبر، لاڙڪاڻي ۽ ڪراچيءَ مان تعليم حاصل ڪئي. ماحول جي اثر ڪري ڪامريڊ کي سياست طرف قدم وڌائڻو پيو۽ اها دلچسپي وڌندي رهي جنھن جي ڪري ڪامريڊ تاج محمد ابڙي پنھنجي ديس واسين جي آسانيءَ سان خدمت ڪرڻ جو رستو ڳوليو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۱۹۴۷ع ۾ لاڙڪاڻي مان وڪالت شروع ڪئي. تاريخ جا ورق ٻڌائين ٿا ته ڪامريڊ گهڻي ڀاڱي فوجداري ڪيسن کي اهميت ڏيندو هو، رنگ نسل کان هٽي ڪري هر آيل ماڻهوءَ جي دل کولي مھمان نوازي ڪندو هو.

شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ سيشن جج مقرر ٿيو ۽ اهڙي عھدي هوندي هن مڙس مٿير ڪڏهن به پنھنجي فرض ۾ ڪوتاهي نه ڪئي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو بنيادي طرح سوشلسٽ ۽ جمھوري خيالن جو حامي رهيو، ان ڪري هاري ڪميٽيءَ ۽ ٻين ترقي پسند جماعتن ڏانھن رخ رکندو هو. ان لاءِ ڪامريڊ جي روح ۾ پنھنجي وطن جي حُب، زبان يعني ٻوليءَ جو اُلڪو مستقل طور تي رهندو هو. ڪلچر، قومي ڪردار تي سدائين سرخرو رهيو، سياسي ۽ اقتصادي مفاد جي اصولن تي ڪڏهن به سوديبازي ڪونه ڪيائين. سماجي زندگيءَ جا طور طريقا قومي ڪردار، آرٽ ادب ۽ فن لطيف ذريعي عام انسانن تائين بھتر نموني سان پھچايا ۽ پاڻ به سماجي زندگيءَ جي ڇانوَ ۾ تربيت حاصل ڪندو رهيو. هي لاڙڪاڻي جو انمول انسان، جديد ادب جي سجاڳي جي دولت، جج، وڪيل ۽ بھترين سياستدان جو تاج پنھنجي سِرَ تي رکي قوم جي خدمت ڪئي.

سنڌ جي ڏاهي محمد ابراهيم جويو جا ڪامريڊ تاج محمد ابڙي لاءِ لکيل ڪجهه سِٽون اوهان جي نظر ته:

”منھنجي نظر ۾ تاج محمد ابڙو انساني معاشري جي هر ڀَلان ڀل ڀلمانس وانگر، پنھنجي مثالي زندگيءَ ۾ سڄو شعوري عمر جو عرصو ٽن ڳالهين کان پرهيز ۾ رهيو. ذاتي ۽ گروهي حرص هَوس کان نفرت ۽ وڏائي کان ۽ تاريڪ خياليءَ جي هر مونجهاري ۽ انتشار کان ۽ خالص ان ٽنهين منفي فڪر ۽ عملي آزار کان آزاد هجڻ سبب ئي سڄو وقت هُو سنڌ ۽ سنڌي قوم جي نجات لاءِ عوام دوست قومي انقلاب جي مقصد سان پوري محڪمتا سان واڳيل رهيو.“

تنوير عباسيءَ جون سِٽون جيڪي ڪامريڊ لاءِ لکيل آهن، مختصر طور تي: سنڌي ادبي سنگت جو ڪنوينشن سڏائجي، جنھن ۾ سڀني ادبي سنگتن ۽ سندن شاخن کي گڏ ڪري سنڌ سنگت کي زور وٺائجي ۽ ان جو دستور وغيره منظور ڪرائجي. اهوو روشنيءَ جو پھريون ڪرڻو هو، جيڪو ون يونٽ جي اونداهي دؤر ۾ تاج ابڙي جي اوطاق مان ڦُٽو ۽ سڄي سنڌ کي جرڪائي ڇڏيائين. تاج محمد ابڙو وڪيل هو، پر وڪيل کان وڌيڪ دانشور هو. ادب، تاريخ، فلسفو سڀ پڙهندو هو، دوستن سان بحث ڪندو هو، لکيائين هڪ لفظ به ڪونه، پر پڙهيو به گهڻو ته ڪڙهيو به گهڻو. هو نه رڳو پڙهڻ وارو هو، پر ڪڙهڻ وارو به هو. هاري تحريڪ، نيشنل عوامي پارٽي، سنڌ عوامي محاذ ۽ بعد ۾ پ پ ۾، مطلب ته جيڪا به تحريڪ سنڌ جي پيڙهيل طبقن جي ڀلائيءَ ۽ آجپي جي لاءِ هئي، ان ۾ ڀرپور حصو ورتائين.

ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي زندگيءَ مان صاف ظاهر آهي ته هو سنڌي ڪلچر، جمھوريت جي رستي جو حامي هو، جنھن موجب هرهڪ انسان، قوم، مذهب ملڪ ۽ نسل جي جداگانه وجود ۽ حق خوداريءَ جو طرفدار ٿي رهيو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي پنھنجي زندگيءَ ۾ سمجهي ورتو هو ته جنھن وٽ طاقت آهي اهو تشدد جو حامي آهي. ان لاءِ ڪامريڊ کي طاقت هوندي به انسان ذات لاءِ گڏيل ڀائپي وارو پيڙهه جو پٿر رهيو. اهو پيڙهه جو پٿر سندس اوطاق هئي جتان سياسي ۽ ادبي دوست پنھنجي راهه هموار ڪري اڳتي وڌندا هئا. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي اوطاق شعور جي لاٽ کان گهٽ ڪونه هئي.

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو پنھنجي پيءُ ماءُ جو سڪيلڌو پُٽ هو پر پيءُ جي پرورش نه ملي سگهيس. ڀيڻ فاطمھ جي گهر گُذاريو. دنيا جا اُهي ٻارَ عظيم ٿيندا آهن، جن کي پيءُ ماءُ جي پرورش نه ملندي آهي، تمام گهڻا مثال منھنجي نظر ۾ آهن پر مضمون ۾ ڊيگهه گهڻي ٿي ويندي.

مولانا جلال الدين رومي جي مثنوي مان ڪامريڊ تاج محمد ابڙي لاءِ ته، دل جو آئينو صاف ڪراءِ، ۽ ڪامريڊ جي دل جو آئينو بلڪل صاف هو. روميءَ چيو ته، جيڪي ڪنھن به ڪتاب پڙهڻ ۽ هنر سکڻ جا محتاج نه آهن، مگر انساني دلين کي لوڀ، ڪنجوسائي ۽ کوٽاين کان پاڪ ڪري ڇڏيندا آهن. جيئن سِپَ پنھنجي اندر ۾ سچا موتي سمائي چپ چاپ آرام ۾ پيئي رهي ٿي. تيئن اهڙي ڀرپور دل به راحت جي سمنڊ ۾ بي فڪري سان پيئي رهي. سپ کي ٽوٻن جي دست درازيءَ جو کٽڪو رهي ٿو، پر ان ڀرپور دل تي موت به غالب پئجي نٿو سگهي. واقعي ڪامريڊ تاج محمد ابڙي تي موت غالب نه رهي سگهيو، جسماني طور تي ڪامريڊ ۱۰- مارچ ۱۹۸۶ع تي لاڏاڻو ڪيو، پر پنھنجن دوستن ۽ تاريخ ۾ ڪامريڊ امر انسان آهي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۱ مارچ ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)


 

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

ساڃاهوند ساربان

منظور ڪوهيار

لاڙڪاڻي جو اڄوڪو جناح باغ، جيڪو ميرن جي زماني ۾ چانڊڪا پرڳڻي جي گورنر نواب ولي محمد جو باغ هو. سندس وفات ۱۸۳۸ع کان پوءِ نعش امانت طور رکرائي، مٿائنس تجر ٺهرائي وئي. جنهن جي ڪري اهو باغ تجر باغ نالي به سڏجڻ لڳو.

انگريزن جي ايامڪاريءَ ۾ لاڙڪاڻي جي هڪ هڏڏوکي انسان ’ريجهو مل لاهوري‘ وبائي بيماري ۾ مبتلا ماڻهن جي خدمت ڪندي پراڻ ڏنا، ته سندس ياد ۾ ان دؤر جي ميونسپل ڪاميٽي، تجر باغ جو نالو ڦيرائي ريجهو مل پارڪ رکي ڇڏيو. ۱۹۴۷ع کانپوءِ اهو پارڪ به پاڪستاني بڻجي جناح باغ بڻجي ويو. پر اهو هنڌ انگريزن جي دؤر کان وٺي اڄ تائين لاڙڪاڻي واسين لاءِ هائيڊ پارڪ جهڙي حيثيت رکندو آيو آهي، جتي سياسي، سماجي، ثقافتي، مذهبي ۽ ادبي ميڙاڪا مچندا رهيا آهن.

۱۹۶۵ع ۾ آءٌ ڏهن سالن جو هيس، پاڪستان ۽ هندستان جي جنگ لڳي، سترهن ڏينهن کان پوءِ لاڙڪاڻي جي سڀني اسڪولن جي ٻارن کي جناح باغ ۾ آڻي، ’ايمان افروز جلسن‘ ۾ زوري شرڪت ڪرائي وئي، جيئن اڄڪلهه ڪرائي ويندي آهي، مون به پرائمري اسڪول جي شاگرد جي حيثيت سان شرڪت ڪئي، اڄ تائين اهو قومي گيت ياد آهي، جيڪو بک ۽ اُڃ تي استادن دڙڪا ڏئي ياد ڪرايو هو.

اي خطئه لاهور تيري جانثارون ڪو سلام

جڏهن ٻارهن تيرهن سالن جي عمر ٿي، ته گھر جا ڀاتي سودو سلف، گوشت مڇي وٺڻ لاءِ شهر موڪلڻ لڳا. جيڪڏهن پاڪستاني چونڪ يا مڇي مارڪيٽ وڃڻو هوندو هيو، ته لاهوري محلي کان گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڏانهن رخ ڪبو هو، پوءِ سول اسپتال ۽ آخر ۾ جناح باغ مان وچ ڪري منزل مقصود تي پهچبو هو. جناح باغ مان گذرندي رنگ وار (تاش راند جو هڪ قسم) کيڏندڙ ٽولن جا هوڪرا، مدارين جا ڪرتب، مشڪرن جو مشڪريون، سياسي، سماجي، ۽ ادبي جلسن کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جا موقعا فراهم ٿيندا هيا.

ڪڏهن ڪڏهن اهڙن جھميلن ۾ ڀاڄي وٺڻ به وسري ويندي هئي. پوءِ جڏهن خالي ڇلي سان گھر پهچبو هو ته گھر وارن جي دڙڪن ۽ دهمانن سان منهن ڏيڻو پئجي ويندو هو.

مون جن شخصيتن کي جناح باغ ۾ ڏٺو ۽ ٻڌو، انهن ۾ قاضي فضل الله، محمد ايوب کهڙو، مولانا محمد قاسم مشوري، نصير الجتهادي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، عبدالغفور ڀرڳڙي، ممتاز علي ڀٽو، عبدالوحيد ڪٽپر، عبدالرزاق سومرو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو وغيره وغيره.

ٻن شخصيتن جي تقرير جو انداز ڏاڍو منفرد هيو، هڪ ڪامريڊ جمال الدين بخاري جي تقرير،جيڪا باهه جي شعلي جيان ڀڙڪيلي هوندي هئي، ۽ ٻيو ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي تقرير جيڪا نار جي لوٽين جيان ٿڌي ۽ مٺي پاڻيءَ جهڙن لفظن جي پالوٽ ڪندي هئي.

ايوبي آمريت جي خلاف جناح باغ يا غريب مقام ۾ پرجوش ۽ ٽوڙ ڦوڙ وارا جلسا ٿيندا هيا، پيپلز پارٽي جي جيالي مقرر عبدالوحيد ڪٽپر جي تقرير ٻڌڻ کان پوءِ، نوجوان واپس گھر ورندي ڪنهن نه ڪنهن سرڪاري دفتر جو بورڊ پٽيندا يا تعليمي ادارن جي دروازن ۾ لڳل شيشن کي پٿرن يا سروٽن سان چٽي پنهنجي نفرت جو اظهار ڪندا هيا. پر ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي تقرير ڏاڍي مدلل ۽ ملڪ جي ٻرندڙ مسئلن تي هوندي هئي، جيڪا جوش کان وڌيڪ هوش ۾ رهڻ ۽ سوچڻ تي مجبور ڪندي هئي.

صدر ايوب ويو، يحيٰ آيو. ۱۹۷۰ع واري اليڪشن ٿي. اوڀر پاڪستان ۾ شيخ مجيب الرحمان کٽي ۽ اولهه ۾ ذوالفقار علي ڀٽي صاحب. پوءِ سياسي رساڪشي شروع ٿي. فوجي آپريشن شروع ٿيو. اوڀر پاڪستان جي بنگالين مزاحمت ڪئي. الشمس و البدر ۽ مڪتي باهني ٺهيون. اڳتي هلي۱۹۷۱ع ۾ هندستان ۽ پاڪستان جي جنگ لڳي ته جناح باغ ۾ چهل پهل وڌي وئي.

خاڪسار تحريڪ قوم کي هوشياري وٺرائي، ’آگي چل پيڇي چل‘ واري پريڊ ٿيڻ لڳي، ٻيو ته ٺهيو شاهي بازار جي شيخ دوڪاندارن به جناح باغ ۾ ٽريننگ وٺڻ شروع ڪئي ۽ ظاهر ظهور گھاٽي جو سودو ڪيو.

پر يحيٰ ميدان ڇڏي، جهنگلن ۽ درياهن ۾ وڙهڻ جو اعلان ڪيو ته شيخ صاحبن جو جوش ۽ جنون به ختم ٿي ويو . پر جي اها جنگ وڌيڪ هلي ها ته وڏو ڪِنُ ٿي ها. منهنجو ڪو ٻيو مطلب ڪانهي، سواءِ انهي جي ته شاهي بازار جا شيخ هڪ سياڻا ڪانوَ ۽ ٻيو ٿين ها جنگجو شاهين ته ڇا ٿا سمجهو!؟

جنگ جي خاتمي کان پوءِ ڀٽو صاحب اول صدر بڻيو ۽ پوءِ وزيراعظم ٿيو. جناح باغ ۾ شور وڌي ويو. جهڙوڪ ابن الوقت برساتي ڏيڏرن جو زمانو اچي ويو، جنهن جو گھر ۾ وٽي تي به نالو نه هوندو هو، سو جناح باغ جي اسٽيج تي چڙهي گھٽ ۾ گھٽ ڏيڍ لک برادري يا پنهنجي قوم سان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيندو هو.جناح باغ جي اندر ٽائون هال جي عمارت نيشنل سينٽر بڻي. مرحوم خادم حسين شاهه بخاري ريزيڊيٽ ڊائريڪٽر ٿيو. هفتي ۾ گھٽ گھٽ ٽي چار سياسي سماجي پروگرام ٿيندا رهيا. انهيءَ دؤران مون ٻن ماڻهن ۾ تبديلي نه ڏٺي، هڪڙو هيو ڪامريڊ جمال الدين بخاري ۽ ٻيو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو.

مون ڪڏهن به ڪامريڊ تاج محمد ابڙي کي درٻاري انداز ۾ تقرير ڪندي يا گٿا لفظ ڳالهائيندي نه ٻڌو ۽ سندس انداز اهو ئي مختصر مگر جامع ۽ پرفضيلت رهيو. جڏهن ته برساتي ڏيڏر ان زماني ۾ آپي کان ٻاهر هوندا هيا، اجايو سجايو پيا واڦيندا ۽ ٽان ٽان ڪندا رهندا هيا. جيڪڏهن انهن تي لکجي ته اها به جهڙوڪ لاڙڪاڻي جي سياسي ۽ سماجي تاريخ بڻبي.

تاج محمد ابڙي جي ڪچهرين جو چوٻول اُن دؤر ۾ چڱن ماڻهن جي وٽان ٻڌبو هيو ته سندس اوطاق لاڙڪاڻي جو علمي ۽ ادبي مرڪز آهي. پر شرڪت ڪرڻ جو ڪڏهن به موقعو نصيب نه ٿيو، البت کيس نوڙي سلام ڪرڻ ۽ ملڻ جا ڪيترائي موقعا نصيب ٿيا ۽ ڪامريڊ هميشه مشفقانه ۽ پدرانه انداز ۾ ملندو رهيو.

۱۹۷۲ع جي دؤران نيشنل سينٽر جي آڊيٽوريم هال ۾، جڏهن مون ڪامريڊ تاج محمد کي مسلسل غير حاضر ڏٺو ته ڪامريڊ جمال الدين بخاري کان پڇيم:

’سائين ڪامريڊ تاج محمد صاحب نظر نه ٿو اچي اڄ ڪلهه؟‘

ٻڌايائين ته ڪامريڊ جج ٿي سکر پهتو آهي. پوءِ لاڙڪاڻي ۽ خصوصن جناح باغ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ڪمي کي ڏاڍو محسوس ڪيو.

۱۹۷۹ع جو پرآشوب دؤر هيو. ضيائي مارشل لا عروج تي هئي، لاڙڪاڻي ۾ ڪنهن مسڪين جو اڳٺ اتفاق سان لڙڪي پوندو هو ته مارشلائي قانون جي ضد ۾ اچي ويندو هيو. اسٽيشن روڊ تي هڪ عجيب و غريب هوٽل کليو، نالو هيس تماچي ــــ اندرگھڙبو هو ته چار پنج ٿري چوئنرا ٺهيل هوندا هيا.۽ هر چوئنري اندر ڏهه ٻارنهن ڪرسيون پيون هونديون هيون شهر جا اڪثر کاٻي ڌر سان سلهاڙيل جوشيلا نوجوان ۽ نام نهاد ڪامريڊ پنهنجا پنهنجا ٽولا ٺاهيو ويٺا هوندا هيا. سندن ڀرسان انٽيليجنس جا ماڻهو به ڪن اوپڙا ڪيون ويٺا هوندا هيا. انهن چوئنرن جي اندر تيز تند ۽ ڪڏهن ڪڏهن سنجيدگي سان ستايل قوم کي جاڳائڻ جون تدبيرون ٿينديون هيون . انهن ٽولن ۾ هڪڙو ٽولو ڪامريڊ روشن شيخ جي ارد گرد به ويٺو هوندو هيو. ڪامريڊ روشن شيخ به عجيب اڌ راتي ڪردار هيو. جيڪو رات جو جاڳندو ۽ ڪم ڪرڻ جي مهل سمهي پوندو هيو. جنهن تي ڪڏهن نه ڪڏهن ضرور لکبو، اُهو هميشه اُنهن ماڻهن کي پنهنجي تنقيد جو نشانو بڻائيندو هيو، جن ڀٽي صاحب جي دؤر ۾ نوڪريون ورتيون. انهن ۾ خاص ڪري شيخ اياز ۽ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ٽارگيٽ هوندا هيا. مون به جڏهن سندس تنقيد ٻڌي ته اثر ورتو.

هڪ ڏينهن بيڪر روڊ، پوءِ قائد عوام روڊ ۽ هاڻي عرف عام قائم شاهه بخاري روڊ تان لنگھندي ڪامريڊ جمال الدين جي منهن چڙهي ويس. مون تي ڪامريڊ روشن شيخ جو نئون نئون اثر هيو، سو ان حوالي سان سوال ڪري وڌم. ڪامريڊ جمال الدين نڪا ڪئي هم، نه ڪا ڪئي تم، هٿ کان ڇڪي گھر وٺي ويو، گھر جي بيٺڪ ۾ ويهاري چيائين؛

”هاڻي چئو.“

مون چيو: ”سائين اڄڪلهه اِها عام تنقيد آهي ته ترقي پسندن ڀٽي صاحب جي زماني ۾ نوڪريون وٺي نظرياتي غداري ڪئي آهي.“

”مثلن؟“

”شيخ اياز ۽ تاج محمد ابڙي وغيره“

”ٻڌ، ڪامريڊ تاج محمد ابڙي مون کان پڇيو هو ته ذوالفقار علي ڀٽو چاهي ٿو ته آءٌ ڪو منصب وٺان، تنهنجي ڇا راءِ آهي؟خبر ٿي مون ڇا چيو؟“

”ڇا چيو؟“

”مون چيو وڃي جج ٿيءُ، غريب ۽ مظلوم ماڻهن جي داد رسي ڪر، پوءِ هو جج ٿي ويو.“

مون وراڻيو؛ ”ڪامريڊ، پوءِ ته اُهو کاٻي ڌر وارن تي ليبل لڳندو ته هو پنهنجيون خدمتون ڪيش ڪرائن ٿا“.

ڪامريڊ وراڻيو: ’اها ڳالهه ته ٻڌاءِ، جي ساڄي ڌر وارا پنهنجا ماڻهو سرڪاري ادارن ۾ موڪلن ته صحيح، جي اسان موڪليون ته غلط!؟ هن وقت سرڪاري شعبن ۾ وڌ ۾ وڌ ساڄي ڌر جا ماڻهو ويٺا آهن. ان ڪري جيڪي به پاليسيون ٺهن ٿيون، اُهي رجعت پسندانه آهن. اِن جو ٽوڙ اِهو آهي ته اسان جا ماڻهو به هر شعبي ۾ هجڻ گھرجن.“

مون کي ڪامريڊ روشن جو ڏنل بخار هيو، ڦيرائي سوال ڪيو مانس:

”پر جيڪڏهن اُهي موڪليل ماڻهو سرڪاري يا درٻاري ٿي وڃن ته ڇا اُهي نظريي سان سچا رهي سگھن ٿا؟“

”اڙي ...! جڏهن رجعت پسندن جا ماڻهو پنهنجن سان سچا آهن، ته اوهان پنهنجن تي شڪ ڇو ٿا ڪيو...؟ ۽ ڪن کولي ٻڌي ڇڏ، ته هي جيڪو به ڀٽي صاحب سان ٿئي پيو، ان جو سبب اهو ئي آهي، ته اهم ادارن ۾ رجعت پسندن جو تعداد وڌيڪ آهي.“

ڪامريڊ اهو ٻڌائيندي جڏهن مونکي سواليه نگاهن سان ڏٺو ته مان لاجواب ٿي ويس. ۽ ذوالفقار علي ڀٽي سان ٿيندڙ عقوبتن جو سبب سمجهه ۾ اچي ويو.

۽ پوءِ مون کي احساس ٿيو ته ان وقت اِها ترقي پسندن جي حڪمت عملي هئي ته ائين ڪجي ۽ اُن حڪمت عملي سان ڪيترو نڀايو ويو، اِهو هڪ الڳ بحث آهي. پر اِها حقيقت آهي ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙي خوب نڀايو ۽ ابڙو وڏوڙو ٿي ڏيکاريو.

ان جي شاهدي سنڌ جي معتبر شخصيت ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي به ڏئي ٿو:

”ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي زندگي جو مقصد هيو، ستل معاشري کي جاڳائڻ ۽ مظلوم ماڻهن جي داد رسي ڪرڻ ــ هُـو وڪيل هيو ته به ان راه تي گامزن هيو ۽ جج ٿيو ته به ساڳي مقصد جي تحت زندگي گذاريائين. سنڌ ۾ جيڪڏهن اهڙا ڪميٽيڊ ماڻهو سؤ کن به هجن ها ته معاشري ۾ انقلاب برپا ٿي سگھي پيو.“

مرحوم اياز قادري پنهنجي نجي ڪچهرين ۾ اسان کي ٻڌائيندو هيو ته لاڙڪاڻي ۾ جيڪا ترقي پسند ادب جي شمع روشن آهي، سا سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جي پهرين سيڪريٽري جي حيثيت سان ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ٻاريل آهي.

ڪي ماڻهو اِهو به ڍيڪ ڏيندا آهن ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙي سنڌي ادبي سنگت جي باني مباني هوندي به ڪجهه نه لکيو.

ته اِن جو تز جواب اِهو آهي ته ڪامريڊ ادب دوست ۽ ادب پرور اڳواڻ هيو. جتي ادب دوست ۽ ادب پرور اڳواڻ هوندا آهن، اُتي ئي سرجڻهارن ۽ تخليقارن جا قافلا روان دوان هوندا آهن.

۸ آگسٽ ۱۹۲۴ع ۾، هي شهدادڪوٽ ۾ ڄائو، زندگيءَ جي آخري گھڙين تائين پنهنجي ذهن ۽ ضمير سان سچو رهيو. سچ پڇو ته لاڙڪاڻي جي ترقي پسند اديبن کي ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي سندس وڇوڙي کان پوءِ اِهو شدت سان احساس ٿيو ته ساڃاهوند ساربان کان سواءِ معاشرتي رڃ جو سفر ڪيڏو نه ڏکيو هوندو آهي.

**


 

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

هڪ امر انسان جي امر ڪهاڻي

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

اڄ بحرانن جي دؤر ۾ ويچاري انسان کي جنهن ڳالهه سڀ کان وڌيڪ حيران ۽ پريشان ڪيو آهي، اها سندس ”نظرياتي بيهڪ“ آهي. اسان مان هرڪو صبح جو هڪ خيال جو آهي ته منجهند جو ٻي ڳنڍ ٻڌي بيهي ٿو. چيو ويندو آهي ته سانڊو گهڙيءَ پل ۾ رنگ بدلائي ٿو، ليڪن اڄ جو انسان نظرياتي حوالي سان ويٺي ويٺي الائي ڪيترا رنگ بدلائي وڃي ٿو! هيءَ ڳالهه اسان کي سياستدانن ۾ چٽيءَ طرح نظر ايندي. سياستدان جنهن پارٽيءَ ذريعي سياست جي ميدان ۾ ايندو، اها ڪپڙن بدلائڻ واريءَ ويرم کان به اڳ مٽائي، ڪنهن ٻيءَ پارٽيءَ ۾ شامل ٿي ويندو. اهو ئي سبب آهي، جو سياستدانن کي اڪثر ڪري ”ڍنڍ جا پکي“ به چيو ويندو آهي، جيڪي ڪڏهن هڪڙيءَ ڀر تي هوندا آهن ته ڪڏهن ٻيءَ ڪنڌيءَ تي هوندا آهن.

هي نظرياتي خلفشار ڇو پيدا ٿيو آهي؟ ماڻهو پنهنجن پيرن تي بيهڻ لاءِ تيار ڇو نه آهي؟ انسان جو پنهنجي نظريي ۾ ايمان ڇو نه رهيو آهي؟ هي اسان جي دؤر جو اهم سوال آهي. جڏهن اڳواڻن جو اهو حشر وڃي رهيو آهي ته عام ماڻهوءَ جي نظرياتي بيهڪ ڪهڙي هوندي؟

هن سوال جو هڪڙو ئي جواب آهي. اهو هيءُ ته عوام اڳيان ”آدرش“ جو تصور آهي ئي ڪونه. ماڻهن کي ڪو اهڙو مثال ئي نٿو ملي، جنهن کان متاثر ٿي هُو پنهنجي حياتي انهيءَ انسان وانگر گذارين.

پر هن ۾ ڏوهه ڪنهن جو؟ ڇا سنڌ ڀلا انسان پيدا ڪونه ڪيا آهن، جن کي ”مثالي“ چئي سگهجي؟ نه، ائين ڪونه آهي. سنڌ ته هر دؤر ۾ اهڙا آدرشي انسان پيدا ڪيا آهن، جيڪي پنهنجي وجود ۾ انجمن هئا، پر بد قسمتيءَ سان نه ته اسين انهن جا وارث ٿيڻ لاءِ تيار آهيون ۽ نه وري وس وارن اسان کي انهن آدرشن جي حياتيءَ کان باخبر ڪيو.

ڪيڏي نه ڏک جي ڳالهه آهي ته مغربي ملڪن ۾ شخصيتن تي ڪم ڪرڻ لاءِ بين الاقوامي اهميت ۽ نوعيت وارا ادارا قائم ڪيا ويا آهن ۽ انهن ۾ دنيا جهان جي عالمن، اديبن، شاعرن، دانشورن ۽ مفڪرن وغيره بابت احوال ڪٺا ڪري شايع ڪيا وڃن ٿا، ليڪن سنڌ ۾ ڪوبه اهڙو ادارو ڪونهي، جيڪو اسان کي ٻڌائي سگهي ته هن ڌرتيءَ ڪهڙا ڪهڙا نه وڏا ماڻهو پيدا ڪيا آهن.

جنهن قوم کي آدرش اکين ۾ نه هوندا آهن، اها قوم بي دڳي ٿي پوندي آهي. اها قوم اهڙي حال کي پهچندي آهي، جنهن کي اسين پهچي چڪا آهيون.

هن وقت اسان اڳيان ”ڪامل شخصيت“، ”ڀلي انسان“ ۽ ”آدرشي ماڻهوءَ“ جو ڪوبه تصور ڪونهي، ان ڪري ڌارين آدرشن مان ڪنهن جي مُنڍي، ڪنهن جي زبان، ڪنهن جو دماغ ته ڪنهن جون اکيون کڻي اسين پاڻ کي ٺاهيون ٿا ۽ پوءِ حشر اهو ٿئي ٿو ته اسين ڪجهه به ٿي نٿا سگهون.

سنڌ کي نظرياتي ڀونچال مان ڪڍڻ جو واحد طريقو هي آهي ته اسين نئين نسل اڳيان انهن انسانن کي مثال طور پيش ڪيون، جيڪي بي لوث ۽ پُرخلوص هئا، جيڪي هڪ ئي وقت تي وطن دوست به هئا ته عوام دوست به هئا، جن پنهنجيون حياتيون مثالي حيثيت ۾ گذاريون ۽ جن کي پڙهڻ ۽ محسوس ڪرڻ سان اسين به مثالي، ڀلا ۽ آدرشي انسان ٿي سگهون ٿا. اسان جا هي انسان اهڙا آهن، جن جي جتيءَ ۾ پير پئجي سگهي ٿو، ڇوته هو اسان مان هئا، اسان لاءِ هئا ۽ اسان جا هئا. پوءِ هيءَ ٻي ڳالهه آهي ته اسين کين پنهنجو نٿا ڪيون ۽ پنهنجو نٿا سمجهون.

دنيا جهان جي ”وڏن انسانن“ تي نظر ڦيرائبي ته اهي هڪ يا وڌ ۾ وڌ زندگيِءَ جي ٻن شعبن ۾ سرگرم عمل نظر ايندا، ليڪن سنڌ اهڙا ماڻهو پيدا ڪيا آهن، جيڪي پنهنجي وجود ۾ انجمن هئا ۽ جن هڪ ئي وقت تي ڪيترن شعبن ۾ پاڻ ملهايو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو به انهن ۽ اهڙن ماڻهن مان هڪ هو. مرحوم هڪ ئي وقت تي ماهرِ قانون، علم دوست، سياسي شعور جو ڌڻي ۽ سماجي ڪارڪن ٿي رهيو ۽ هرهڪ شعبي ۾ مثالي ڪردار ادا ڪيائين.

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اهڙيءَ مقبول شخصيت جو مالڪ هو، جو سندس وفات کان پوءِ کيس ڪيترن دوستن ياد ڪيو آهي. نه فقط ايترو، پر انهن ماڻهن به قلم کنيو آهي، جن کيس تمام ويجهو ڪونه ڏٺو هوندو. ڪنهن به شخصيت جي مقبوليت جي ان کان وڌيڪ ٻي شاهدي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته کيس هن جهان ڇڏڻ کان پوءِ ياد ڪرڻ وارا گهڻا ماڻهو هجن. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي تي مون کان اڳ ڪيترن ئي قلم کنيو آهي، جن مان ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي، ڊاڪٽر اياز قادري، ڪامريڊ برڪت آزاد، انيس انصاري، ڊاڪٽر غلام علي سانگي، هدايت منگي، امان شيخ، شرف صديقي، محمد علي پٺاڻ، ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ، جي ايم سيد، ڪامريڊ ڄام ساقي، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، انور پيرزادي، ادل سومري، جسٽس نعيم الدين ۽ عنايت وارث جا نالا ذڪر لائق آهن.

ٿيڻ ته ائين گهربو هو ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جهڙن انسانن جو ذڪر اسان جي نصابي ڪتابن ۾ هجي ها، پر نڌڻڪيءَ قوم جا اهڙا نصيب ڪٿي، جو ڪتابن ۽ اخبارن ۾ پنهنجي آدرشن جا احوال پڙهي سگهن. پر هيءَ ڳالهه به ڪنهن غنيمت کان گهٽ ڪانهي ته ڪامريڊ جي وفات کان پوءِ سندس مداح ۽ دوست مرحوم جي سوانح خواهه خدمتن تي ڪجهه نه ڪجهه لکندا اچن ٿا ۽ اهو اخبارن ۾ ڇپبو رهي ٿو. منهنجي خيال ۾ هاڻي ”تاج محمد ابڙو يادگار ڪاميٽي“ کي اهي سمورا مضمون ميڙي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرائڻ گهرجن، پر شايد هن ڪاميٽيءَ لاءِ اهو مسئلو پيدا ٿئي ته ڪهڙو فرد يا ادارو ان جي مالي يا اخلاقي مدد ڪندو؟

ڪامريڊ تاج محمد ابڙي کي مون ڪڏهن به روبرو ڏٺو ٻڌو نه، پر سنڌ جي تاريخ جي عاشق هئڻ جي ناتي سان مرحوم مون لاءِ اوپرو ڪونهي. مون کي ائين ٿو لڳي ته آءٌ سندس انهن ويجهن مان هڪ آهيان، جن ساڻس گڏ گذاريو هجي. جيڪڏهن مون کي سندس ڪا صحبت نصيب نه ٿي ته منهنجا بزرگ اديب ۽ شاعر ته ساڻس گڏ رهيا. محمد ابراهيم جويي، جمال ابڙي، شيخ اياز، رشيد ڀٽيءَ، ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌيءَ، مقبول ڀٽيءَ، اياز قادريءَ، ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ، انيس انصاريءَ، ڊاڪٽر سنديلي، شمشير الحيدريءَ ۽ نسيم کرل جيڪي ساڻس رهاڻيون ڪيون، انهن رهاڻين مان مون هن ريت رس ۽ چس ورتو، جو هنن مهربانن مان ڪنهن ته مون سان ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جا حوال ڪيا هوندا. ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي ۽ هري دلگير درياڻي هن وقت هتي ڪونه آهن، نه ته هُو به هن مرحوم ڪامريڊ بابت ڪيتريون ڳالهيون ٻڌائين ها، ڇوته اهي به سندس دوست رهيا.

اديبن، شاعرن ۽ عالمن جون ڳالهيون نڪتيون آهن ته آءٌ اهو عرض ڪندو هلان ته اسان جي ڪامريڊ تاج محمد ابڙي ”ترقي پسند ادب“ جي تحريڪ ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو، اهو اسان جي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ آهي. سندس ئي ڪوششن سان لاڙڪاڻي ۾ ”سنڌي ادبي سنگت“ جي شاخ هلي. نه فقط ايترو، پر ”سنڌي ادبي سنگت“ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي بنائڻ، سنڌي ثقافت کي بچائڻ ۽ ون يونٽ کي ٽوڙڻ لاءِ جيڪو به تحرڪ ورتو، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو هر موڙ تي هن سنگت جو پهرين صف وارو ساٿي رهيو. ڪامريڊ ڪٿي به رهيو، هن علم ادب جي شمع کي ٻاري رکيو. لاڙڪاڻي ۾ رهيو ته ڊاڪٽر اياز قادري، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، انيس انصاري ۽ خادم حسين شاهه سندس ادبي حلقي جا رتن رهيا. پاڻ جڏهن سکر ۾ رهيو ته شيخ اياز، رشيد ڀٽيءَ ۽ فتاح ملڪ ساڻس ادبي روح رهاڻيون ڪيون. جڏهن خيرپور ۾ رهيو ته ڊاڪٽر تنوير عباسي سندس ساٿ ساٿي رهيو. ڪامريڊ جڏهن حيدرآباد ۾ آيو ته محمد ابراهيم جويو، زيب عاقلي، رسول بخش پليجي ۽ ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جهڙا دانشور سندس اڱڻ تي ادبي محفلن مچائڻ وارن مان ٿي پيا.

لاڙڪاڻي جي حوالي سان ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جا ادبي ڪارناما کيس لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾ هميشه جاودان ۽ زنده رکندا. سر شاهنواز ڀٽو لائبريري ٺهرائڻ ۾ سندس جستجو ۽ لگن شامل رهي، ان کان اڳ پاڻ لاڙڪاڻي ۾ ”لطيف ڪانفرنس“ جو اهتمام ڪيائون ۽ ”لطيف دوستي“ جي جذبي تحت لاڙڪاڻي ۾ شاهه لطيف لائبريري قائم ڪرايائون، جيڪا هن وقت حالتن ۽ حادثن جو شڪار ٿي چڪي آهي. نه لطيف جي وارثن جي هٿ هيٺ رهي آهي ۽ نه ڪنهن فعال ادبي تنظيم جي نگرانيءَ هيٺ آهي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي هن ياد کي قائم رکڻ ۽ ڪارنامي کي باقي رکڻ جي تقاضا اها آهي ته لائبريري وري فعال ٿئي ۽ اهو ادارو اهڙن هٿن ۾ اچي، جيڪي شاهه لطيف لائبريريءَ کي سنڌ جي هڪ فعال ۽ مثالي لائبريري بڻائي سگهن، ته جيئن ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي انهن مقصدن ۽ منزلن کي ماڻي سگهجي، جن کي اڳيان رکي هن مرحوم اهڙي ڪوشش ڪئي.

لاڙڪاڻي ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي ٻيو اهم ڪم هيءُ ڪيو ته سندس ڪوششن سان سنڌي اردو اديب ۽ شاعر هڪٻئي جي ويجهو آيا ۽ ”انجمن ترقي اردوءَ“ جي شاخ کلي.

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو علم دوست انسان هئڻ سان گڏ ترقي پسند شعور جو مالڪ پڻ هو. پڙهڻ واري زماني ۾ هن مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ حصو ورتو. پاڪستان جڙڻ کان اڳ ئي هو ”انقلابي سياست“ جو قائل ۽ مبلغ بڻجي چڪو هو. شاگرد سياست کان وٺي مزدور سياست تائين، انهن جي هر تحريڪ ۾ مدد ڪيائين. هاري تحريڪ ۽ نيشنل عوامي پارٽي ۽ سنڌ عوامي محاذ جي تاريخ جا ورق ورائي ڏسبا ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جون خدمتون نمايان طور نظر اينديون. ون يونٽ خلاف جيڪا تحريڪ هلي، هن مرحوم انهيءَ ۾ به ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. ڪامريڊ برڪت علي آزاد جو چوڻ آهي ته هن ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي تعاون سان ئي جيڪب آباد ۾ هاري تحريڪ جي شاخ کولائڻ ۾ پنهنجي سنگت جو ساٿ ڏنو هو. تاج محمد ابڙي جي دوست سياستدانن ۽ شاگرد سياستدانن جو حلقو تمام وسيع هو. چيو ويندو آهي ته جڏهن مرحوم ذوالفقار علي ڀٽو تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ لاڙڪاڻي آيو هو، ته سندس ڀاءُ سڪندر علي ڀٽي کيس ڪامريڊ تاج محمد ابڙي وٽ آڻي، سندس ڏيٺ وائٺ ڪرائي هئي، جتي نه فقط سياسي ڪچهريون ٿيون، پر اهڙين ڪچهرين ٻنهي کي هڪٻئي جي ويجهو آڻي ڇڏيو ۽ ٻئي هڪٻئي جا دوست بڻجي ويا. ڪامريڊ ڄام ساقي، رسول بخش پليجي ۽ امان الله شيخ، ڪامريڊ تاج محمد ابڙي وٽان سياست جا داؤ پيچ سکيا. مرحوم جي شاگرد سياستدانن جو تعداد گهڻو آهي، پر جيتري قدر سندس دوست سياستدانن جي حلقي جو تعلق آهي، ان لاءِ ايترو چئي سگهجي ٿو ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙي ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي جن سياستدانن سان گڏجي ڪم ڪيو، تن مان سائين جي ايم سيد، ولي خان، ايوب کهڙو، قاضي فضل الله، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، سوڀو گيانچنداڻي، عطاءَ الله مينگل، غوث بخش بزنجو، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، شيخ عبدالمجيد سنڌي، قاضي فيض محمد، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، مير رسول بخش ٽالپر، مير علي احمد ٽالپر، فاضل راهو، رسول بخش پليجو، حاڪم علي زرداري ۽ ڪامريڊ جمال الدين بخاري وغيره جا نالا ذڪر لائق آهن.

ڪامريڊ تاج محمد ابڙي بي ڊي نظام ۾ ميمبر ٿيڻ کان وٺي يونين ڪائونسل جي چيئرمين ٿيڻ تائين ۽ ون يونٽ ٽوڙڻ واريءَ تحريڪ کان ايوب شاهيءَ خلاف تحريڪ تائين پنهنجي دور جي هر عوام دوست ۽ ترقي پسند سياسي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. اهڙيءَ ريت هُو پنهنجي زندگي قوم لاءِ ڪارائتي بڻائي ويو. هُو انهن آدرشن ۽ ڀلن انسانن مان هڪ هو، جن جي حياتي اسان لاءِ اتساهه جا انيڪ مثال ڇڏي ٿي. جيڪڏهن اسين چاهيون ته پاڻ کي انهن انسانن جهڙو بڻائي، تاريخ جي ورقن ۾ امر ٿي سگهون ٿا.

(روزانه هلال پاڪستان، عوامي آواز، جاڳو، سنڌو، مهراڻ، سنڌ نيوز)


 

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

سنڌ جو درد رکندڙ

حاڪم علي چانڊيو

اسان جي سنڌ ڌرتيءَ تي ڪيترن ئي ليڊرن، عالمن، اديبن، شاعرن ۽ دانشورن جنم ورتو آھي جن پنھنجي سموري زندگي عوام جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي انھن مان ڪامريڊ تاج محمد ابڙو به ھڪ آھي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۰۸ آگسٽ ۱۹۲۴ع ڌاري شھدادڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي پرائمري تعليم قمبر مان حاصل ڪئي، سيڪنڊري تعليم لاڙڪاڻي مان حاصل ڪري ايل ايل بي ڪراچيءَ مان پاس ڪئي، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو شاگردي واري دور کان وٺي سياست ۾ سرگرم رھيو. مسلم ليگ ڪميونسٽ پارٽي جيئي سنڌ سنڌ ھاري ڪاميٽي نعپ پيپلزپارٽيءَ سميت سنڌ عوامي اتحاد کان وٺي جيڪا تحريڪ سنڌ جي ڀلي ۽ آجپي لاءِ بھتر محسوس ڪيائين، انھيءَ ۾ ڀرپور نموني حصو ورتائين، سنڌ جي نامور اديب دانشور جج سياستدان سماج سڌارڪ ۽ صحافي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي ۳۲ ھين ورسي آھي ھن مختلف شعبن ۾ اڻ ڳڻيون ۽ شاندار خدمتون سرانجام ڏنيون آھن ايشيا جي وڏي ادبي تنظيم سنڌ ادبي سنگت سنڌ جي باني ميمبرن ۾ شمار ڪيو ويندو آهي. ھن جي لاڙڪاڻي واري، سنڌ ۽ ھند جي مشھور اوطاق تي سنڌي ادبي سنگت جو اجلاس ڪوٺايو ويو. ون يونٽ خلاف تحريڪ دوران روشنيءَ جو پھريون ڪرڻو لاڙڪاڻي ۾ مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي اوطاق تان اڀريو ۽ پوري سنڌ ۾ ڦھلجي ويو ۽ سموري سنڌ کي جرڪائي ڇڏيائين

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو قائد اعظم محمد علي جناح جي انگريزي اخبار جو ايڊيٽر پڻ رھيو لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾ انجمن ترقي اردو جي عمارت ۾ جيڪا لائبريري قائم ڪيائين ان جو نالو شاھ عبداللطيف ڀٽائي رکيائين دنيا ۾ اھڙا ماڻهو گهٽ ھوندا آھن جيڪي ٻين ڪاڻ جيئن خاص طور تي ڪو وڏو عھدو رکندڙ ماڻهو پنھنجي خوشيءَ بدران ٻين جي خوشيءَ کي ترجيح ڏئي مايا جو موھ ۾ پوڻ بدران غريبن جي خدمت ڪري جيڪڏهن ڪو اھي گڻ رکي ٿو ته اھو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو آھي جيڪو جج جي عھدي تي ھجڻ باوجود تمام سادگيءَ سان پنھنجي زندگي گذاري ماڻهو سندس فقير طبعيت ۽ حساسيت تي حيرت کائيندا ھئا.

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ڪنھن کي به جيڪڏهن ڏکيو ڏسندا ھئا ته پاڻ به ڏکارا ٿي ويندا ھئا ڪامريڊ تاج محمد ابڙو نرم دل، نرم مزاج، نرم لھجي ۽ نرم طبعيت جا مالڪ ھئا ڪامريڊ تاج محمد ابڙو غريبن جي ھڙوان وڙان مدد ڪندو ھيو ۽ جيڪڏهن قلب جي اک سان ڏسجي ته اھا ئي انسانيت آھي جو ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جو ننڍي ھوندي کان ئي ادب ۽ سياست طرف لاڙو ھيو، ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي سياسي سماجي ادبي ۽ قانوني خدمتن کي مد نظر ۾ رکندي پوري سنڌ ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ورسي ملھائي ويندي آھي ۽ سندس نانءُ اڄ به چڱن ماڻهن جي فھرست ۾ مٿڀرو آھي ۽ سندس اولاد لاءِ ڄڻ ته ھو اھو وڏو خزانو ڇڏي ويو ھجي جو ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ڪري ھن معاشري ۾ مان مريادا آھي ماڻهن جي دلين ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي لاءِ تمام گهڻو مان آھي ڇاڪاڻ ته ھوءَ پنھنجي زندگي پيار پاٻوھ انسانيت واري جذبي ۽ ھڏ ڏوکيءَ طور زندگي گذاري ويو آھي، ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي زندگيءَ ۾ حرس حوس نفرت ۽ وڏائيءَ کان پري ۽ بالاتر رھيو ۽ عوام دوستي وارا عنصر سندس سڃاڻپ بڻجي ويا جنھن جي ڪري سندس نالو اڄ به پيو ڳائجي اھڙا ماڻهو امر ھوندا آھن ۽ جڳ جڳ جيئندا رھندا آھن.

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي اسان کان هميشه هميشه لاءِ وڇڙي وڃي مالڪ حقيقيءَ سان مليو سندس تدفين لاڙڪاڻي جي ابوبڪر قبرستان ۾ ڪئي وئي پر سنڌ لاءِ ڪيل سندس خدمتون صدين تائين ياد رکيون وينديون ۽ اھڙا ماڻهو تاريخ بڻجي هميشه لاءِ جيئندا رھندا آھن.


 

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

انسان دوست ۽ فرض شناس شخصيت

امداد علي اوڍو

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جي تاريخ جو املهه ڪردار آهي، جنهن پنهنجي مختصر زندگيءَ ۾ ڀرپور قومي جدوجهد ۾ نڀائڻ جي ڪوشش ڪئي. ۸ آگسٽ ۱۹۲۴ع ۾ هن جو جنم شهدادڪوٽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. پرائمري تعليم قمبر علي خان ۾ حاصل ڪيائين ۽ سيڪنڊري تعليم لاڙڪاڻي ۾ پرايائين. لاڙڪاڻي ۾ پڙهائي دوران هن جو هم ڪلاسي ڊاڪٽر اياز قادري لکي ٿو ته: تاج محمد ابڙو منهنجو پيارو دوست هو. اسين هڪٻئي جي ڏک سک جا ساٿي هياسون، حال ڀائي ۽ همدرد هياسون. ڪامريڊ کي سياست سان دلچسپي هئي، انهيءَ دؤر ۾ مسلمانن جو لاڙو مسلم ليگ ۽ هندن جو لاڙو ڪانگريس ڏانهن هو. مسلم شاگردن وڏي سرگرمي سان مسلم ليگ لاءِ ڪم پئي ڪيو. هي دؤر ۱۹۴۲ع جو هيو. ان زماني ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو پورهيتن جي حقن جي ڳالهه ڪندو هو، غريبن جي مسئلن کي سمجهڻ ۽ انهن کي حل ڪرڻ متعلق ويچاريندو هو، مسڪين ماڻهو جي ڏکايل صورتحال تي ڏکارو ٿي ويندو هو ۽ آسائتو هوندو هو ته غريبي جو خاتمو ڪيئن آڻجي؟ انهيءَ جذبي هن ۾ سوچڻ واري ذات پيدا ڪئي. انهيءَ سوچ هن کي پڙهڻ ڏي راغب ڪيو. جيئن جيئن هن پڙهائي تي زور ڏنو، تيئن هن ۾ قومي جذبي تحت جدوجهد ڪرڻ وارو جذبو اجاگر ٿيو. هن اهو سمجهيو هو ته علم حاصل ڪري ئي شعوري طرح پنهنجي مسڪين ماڻهو جي تقدير بدلائڻ لاءِ جاکوڙ ڪري سگهجي ٿي.

ڪامريڊ تاج محمد ابڙي ۱۹۴۳ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪئي. مسلمانن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو رجحان گهٽ هيو. وڏن ماڻهن جا ٻار پڙهندا هئا، مسڪين ماڻهن لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ ڄڻ ممڪن ڪونه هو. هندو گهڻو ڪري شهرن ۾ رهندا هيا ۽ ڪاروبار سان انهن جو تعلق هو، ان ڪري پڙهائي ۾ به هو دلچسپي وٺندا هئا. ڪامريڊ ميٽرڪ کان پوءِ اعليٰ تعليم لاءِ ڪراچي ۾ ايس.ايم ڪاليج ۾ داخلا ورتي. ۱۹۴۳ع ۾ پير الاهي بخش وزيرِ تعليم جي ڪوشش سان هي ڪاليج کليو، جتي مسلمان شاگردن لاءِ اسڪالرشپ، داخلا ۽ هاسٽل جي فين ۾ خصوصي رعايت ملندي هئي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي سان گڏ ٻين شاگردن سان گڏ ڊاڪٽر اياز قادري به گڏ هو. ڪاليج جا شاگرد پنهنجو ۽ تعليم جو خرچ پورو ڪرڻ لاءِ نوڪريون ڪندا هئا. مسلمان شاگردن لاءِ نوڪريون به جام هيون جو سنڌ ۾ نوڪرين جي ڪوٽا ۾ ۶۰ سيڪڙو مسلمانن لاءِ هوندو هو، ۴۰ سيڪڙو هندن لاءِ ڪوٽا هوندي هئي.

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو کي صحافت سان دلچسپي هجڻ ڪري هن تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ جڳ مشهور روزاني اخبار ”الوحيد“ ۾ سب ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ڪم ڪيائين. بعد ۾ ريڊيو پاڪستان ڪراچي ۾ نيوز ڪاسٽر جي حيثيت ۾ ڪم ڪيائين. هن جا هم ڪلاس محمد هارون (جيڪو سنڌ جو گورنر ٿيو)، سندس وڏو ڀاءُ سعيد هارون، اڳوڻو روينيو جو وزير قاضي عبدالمنان، علي گوهر کهڙو جن هئا. پڙهائي دوران هن کي پنهنجي اخبار ڪڍڻ جو شوق ٿيو. ڪامريڊ اخبار وسيلي سنڌ جي مسڪين، خصوصًا هارين جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ چاهي پيو، پر مناسب رقم نه هجڻ ڪري شروع ۾ اخبار نه ڪڍي سگهيو. ارادي جو پختو هيو، جيڪو فيصلو ڪري وٺندو هو، پوءِ ڏينهن رات اڻ تڻ هوندي هيس ته هر حال ۾ ان کي پورو ڪجي. اهڙي سوچ ۽ جذبي هيٺ ”نوجوان“ نالي سان اخبار شروع ڪئي، جنهن جو ايڊيٽر ڊاڪٽر اياز قادري کي مقرر ڪيائين. اخبار مواد جي حوالي سان انتهائي معياري هئي، پر مالي وسيلن جي نه هجڻ ڪري اخبار جو سلسلو بند ٿي ويو.

۱۹۴۷ع ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو وڪالت پاس ڪري لاڙڪاڻي واپس پهتو. وڪالت جي شروعات عبدالفتاح ميمڻ سان ڪيائين، پر پوءِ شمس الدين ابڙي سان پارٽنر جي حيثيت ۾ پريڪٽس ڪيائين. وڪالت دوران پاڻ سرڪاري وڪيل به ٿيو. هي صاف سٿري ڪردار جو مالڪ هو. وڪالت مقصد وارو پيشو سمجهي ڪئي. اڪثر مسڪين ماڻهن جا ڪيس مفت ۾ وڙهندو هو. گهڻن جون ته ڪورٽ جون فيون به پاڻ ڀريندو هو. ٿوري عرصي ۾ پيشي جي لحاظ کان مان مرتبي وارو مقام حاصل ڪيائين. وسيع مطالعي ڪري وڪالت سان گڏوگڏ سياست ۾ به دلچسپي هوندي هيس. شام جو هن جي اوطاق تي سياسي ڪچهريون ٿينديون هيون. هن جي ڪچهرين ۾ مختلف سوچ رکندڙ سياستدان، اديب، زميندار، پورهيتن سان تعلق رکندڙ دوست گڏ ٿيندا هئا. وڏو مهمان نواز هو، چانهه جو ڪيٽلو مستقل چڙهيل هوندو هو. هن جي ڪچهري جا روح روان ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ علي محمد عباسي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، عبدالخالق آزاد، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، مولوي نذير حسين جتوئي، حاجي محمد پيرزادو، سائين جمال ابڙو، ڪامريڊ عبدالقادر جوڻيجو، عبدالخالق آزاد، ڪامريڊ برڪت علي آزاد، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، قاضي فيض محمد، شمس الدين شاهه وڪيل، شيخ اياز ۽ ٻيا ناليوارا دوست هئا. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي دوستن سان گڏ ”هاري پارٽي“ ٺاهي، جنهن هارين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي. هن کي سنڌي ادب ۽ زبان سان وڏو لڳاءُ هيو. سنڌي ادبي سنگت جي بنيادي ميمبرن ۾ شامل هيو ۽ سنڌي ادبي سنگت جي لاڙڪاڻي ۾ شاخ قائم ڪئي، جنهن جو هُو ڳچ وقت سيڪريٽري رهيو. سنگت جي ڪچهرين ۾ علم ۽ ادب دوست وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيندا هئا، جن ۾ ڪامريڊ جمال الدين بخاري، سائين جمال ابڙو، حاجي محمود خادم، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، عبدالمجيد ميمڻ، انيس انصاري، ڊاڪٽر اياز قادري ۽ ٻيا شامل هئا. ۱۹۵۶ع ۾ لاڙڪاڻو ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ورسي ملهائي وئي، جنهن جو سمورو خرچ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي ڪيو. سنڌ ۾ ڪٿي به ادبي ڪانفرنس ٿيندي هئي ته ڪامريڊ ان ۾ شرڪت ڪندو هو. هن جي سنگت جو حلقو وسيع هو. سموري سنڌ ۾ هن جا دوست هئا.

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان به هن جي قرب وارو رستو هو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سان رابطي ۾ رهندو هو. ڀٽو صاحب، ڪامريڊ جي علمي، ادبي صلاحيتن کان متاثر هو. سياست متعلق هن سان صلاحون ڪندو هو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي اقتدار دوران ۱۹۷۲ع ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو کي ايڊيشنل سيشن جج مقرر ڪيو. اڳتي هلي سيشن جج ٿيو. امانتي عهدي سنڀالڻ کان پوءِ انصاف سان فيصلا ڪيائين. حيدرآباد، سکر، جيڪب آباد، نوابشاهه، ڪراچي ۽ آخر ۾ ٺٽي ۾ نوڪري ڪيائين. ۱۹۸۵ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. ڪجهه وقت ٺٽي ۾ رهيو، پر مستقل ناچاڪي جي ڪري پنهنجي زندگيءَ جو باقي حصو لاڙڪاڻي ۾ گذاريائين. ذيابيطس جي مرض ۽ دل جي تڪليف ڪري ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع ۾ ڪراچي جي جناح اسپتال جي Cardio vascular ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين. هن جي وفات سبب علم، ادب، صحافت، سياست جي هڪ شاندار باب جي پڄاڻي ٿي. سنڌ جي تاريخ هن عظيم سنڌ جي عاشق ۽ همدرد کي هميشه ياد رکندي.

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو پنهنجي حياتي دوران ۱۹۴۶ع کان وٺي ۱۹۸۶ع تائين پنهنجي ڊائري مستقل مزاج سان لکندو هو، جيڪا سندس ڪٽنب وٽ محفوظ آهي. چاليهن سالن جو لکيل هي ڊائري وارو مواد وڏو تاريخي آهي. سنڌ جو ڪو اشاعتي ادارو يا سندس فرزند جيڪي انتهائي لائق آهن، انهيءَ کي ڪتاب جي صورت ۾ آڻين ته جيئن مرحوم جي ذهانت، سوچ ۽ فهم مان سنڌ جو عوام لاڀ حاصل ڪري سگهي. مرحوم جيئن ته وسيع مطالعي جو مالڪ هو، ان جون لکڻيون به اهميت ۽ مڻيا واريون هونديون.


 

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

سنڌ جو املهه ماڻهو

حميد سنڌي

پنهنجي پيارن، همسفرن ۽ سنڌ جي ماڻهن، مٽيءَ ۽ پاڻيءَ سان پيار ڪندڙن لاءِ لکڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. مان پنهنجي والد ۽ امڙ لاءِ به نه لکي سگهيو آهيان، زماني جي ڏکن ۽ ڏکيائين کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ڪندڙ هستين جيجي بيگم زينت چنا ۽ عبدالله چنا يا پنهنجي علمي ادبي رهبرن، مولانا غلام محمد گرامي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، محمد عثمان ڏيپلائي، رشيد ڀٽي ۽ ٻيا ڪيترائي سڄڻ سجاڳ ساٿي جن جي باري ۾ به دل کولي نه لکيو اٿم. تاج محمد ابڙي، نئين سنڌ جي نئين تاريخ جوڙيندڙ، همٿ ۽ صبر نه ڇڏيندڙ جاکوڙي انسان لاءِ ڪيئن لکان. تاج محمد ابڙي سان جيڪي به ڪچهريون ٿيون، انهن مان ايترو ته لاڀ پرايم جو اڄ تائين محسوس ڪندو آهيان ته تاج محمد ابڙي جنهن جي حياتي جا ڪيترائي رخ مون ۾ سمائجي ويا آهن. سندس جيڪي جاما يا ويس هئا، مون کڻي پاتا، سندس سماج سڌارڪ يا هڪ سوشلسٽ جي حيثيت هجي يا روشن خيالي ۽ ترقي پسندي هجي يا ايڊيٽر ۽ صحافي هجڻ جي حيثيت، ڪتاب پڙهڻ جو شوق هجي يا اوطاقن تي ڪچهرين وارو رنگ هجي يا ڏک سک ۽ ڀائيوار ڪرڻ هجي يا وڪالت، ماستري ۽ سرڪاري نوڪري واري ڪرت هجي، سڀئي اهي ويس وڳا هئا جيڪي مون کي نصيب ٿيا. ٿي سگهي ٿو سندس پورهيتي اجرن وڳن کي ڪنهن داغدار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هجي پر هن پنهنجي فڪر، ڏاهپ ۽ ذهني آزادي وسيلي پنهنجي دامن کي اجرو رکيو. تاج محمد ابڙي عملي ۽ مثالي طرح سان هڪ مبلغ ۽ سنت وارو ڪم پئي ڪيو پر هن اُن جي لکا نه ڏني. هو حياتي کي سونهن ۽ سوڀيا جو ويس سمجهندو هو، ڪنهن به ماڻهو سان شڪايت نه هوندي هيس، هُـو هر ماڻهو کي سهڻو ۽ ڏيا وارو سمجهي پيار ڪندو هو، هن کي مون ڪڏهن به ڪنهن سان شڪايت ڪندي نه ڏٺو هو، پنهنجي گڻن ۽ ڏيا کان ڄڻ واقف ئي نه هو، هن حياتي ائين گهاري ڄڻ حياتيءَ جو ٻيڙو سولو ۽ سنئون هو. سڙهه به سنوان ته رفتار به تکي ۽ تيز ڪيئن وقت واري جيان هٿن مان وهي پئي ويو، پر هن جي سچائي، ايمانداري ڄڻ ته کيس جيئڻ لاءِ ڪيئي جتن سولا ڪري پئي ڏنا.

شيخ اياز جي ڪتاب ”ڪٿي ته ڀڄيو ٿڪ مسافر“ ۾ هڪ هنڌ شيخ اياز ۽ ڪامريڊ تاج محمد جي اڻبڻت جو واقعو بيان ڪيل آهي، جنهن بعد ڪجهه عرصي کانپوءِ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي وڃي کيس پرچايو. منهنجي خيال ۾ ڪامريڊ تاج محمد جڏهن سرڪاري نوڪري ۾ گهڙيو ته هو دوستن ۽ ڪامريڊ شپ جي بنيادي اصول تي عمل پيرا رهيو، نوڪريءَ هن کي ڪجهه وڌيڪConscious ڪري ڇڏيو هو. ڪامريڊ نظريو هجي يا سوشلسٽ، هو هڪ ڳالهه کان چڱي پر آگاهه هو، اها هئي انسان دوستي، جو پاڻ وڏو انسان دوست هو، ٻي ڳالهه هئي بحيثيت هڪ سماج سڌارڪ جي ڇاڪاڻ ته هو هن معاشري جي اوڻاين ۽ بندشن کي ڀلي ڀت ڄاڻندو هو ۽ سمجهندو هو، ان ڪري هن سڄي حياتي هڪ (Conscious) فرد طور معاشري جي عائد ڪيل بندشن خلاف جاکوڙ ڪئي. ان لاءِ هن جو بنيادي نقطو هو ته ايمانداري سان زندگي گذارجي ۽ (Personal Integrity) يعني پهريائين پنهنجي ذاتي طور ايمانداري هجڻ سان گڏ Integrity ۾ شامل عنصرن جهڙوڪ سچائي، راستبازي، سپتائيءَ ۽ سٺائيءَ کي پنهنجي جيئڻ جي ڍنگ سان شامل ڪري پاڻ کي هڪ مثال طور جڳ آڏو پيش ڪري ته جيئن پوءِ ئي معاشري جون اوڻايون، برايون پٽ پڌريون ٿي پونديون، پوءِ ئي انهن سان جنگ جوٽي سگهجي ٿي. تاج محمد ان لاءِ پاڻ Integrity جو وڏو مثال هو،Integrity رڳو ائين نه پر ان ۾ موجود سڀني عنصر جهڙوڪ سچائي، سربستائي، بي غرضائي، ايمانداري، راستبازي، سپتائي، اصليت، نرملتا ۽ سٺائيءَ جهڙا جزا سڀ شامل هجڻ کپن. منهنجي پياري رشيد ڀٽي جي اوطاق تي منهنجو تاج محمد سان جيڪي به ملاقاتون ٿيون ته هو کلي عام چوندو هو ته “يار سڀني انساني برائين جو حل اهو آهي ته هڪجهڙائي هجي، انصاف ۽ حق لاءِ آواز بلند ڪرڻ کانپوءِ اڳ ضروري آهي ته پنهنجي سپتائي ۽ مقصد ڏانهن سچي هجڻ جو ثبوت ڏجي، جنهن لاءِ ڪيترن ئي سکن، ذاتي مسرتن، تمنائن کي مارڻو پوندو“ هن جي سڄي حياتي جاکوڙ، پورهئي، سکن ۽ سهولت کان عاري زندگيءَ جي جيتوڻيڪ هڪ اهم ڪهاڻي آهي، پر اهڙي حياتي گهارڻ ۾ ڄڻ ته هن کي مزو پئي آيو جو مون کيس هميشه کِلندو ۽ ٻهڪندو ڏٺو، سوڀي گيانچنداڻي پنهنجين لکڻين ۾ کيس ”منهنجو ساٿي ڪامريڊ تاج محمد“ ڪري سڏيو آهي، سوڀو پاڻ ڪامريڊ آهي، هنن لفظن سان ڄڻ کيس ڪامريڊي جي سندَ ڏني اٿائين، هونئن به ڪامريڊ معنيٰ ئي آهي سنگتيءَ ساٿيءَ جي. ساٿي به اهو جيڪو دوستن عام ماڻهن ۽ پوري سماج لاءِ همدرد ۽ هڏ ڏوکي هجي. ڪامريڊ گهڻو تڻو ڪميونسٽن جي ساٿيءَ يا اشتراڪي ڪميونسٽ لاءِ ڪتب آندو ويندو آهي پر تاج محمد اهڙو ڪامريڊ هو جنهن جو مول متو ئي هو انسان دوستي ۾ Integrity گهرائپ يا ويجهڙائپ ۽ هڪ Association ڳنڍڻ واري ناتي کي ئي اهميت ڏيندو هو، سڪ، قرب، محبت، همدردي، هڏ ڏکائپ جو تاڃي پيٽو ائين اڻندو هو جيئن ڪو ڪاريگر ڪوري اڻت ڪري. ههڙا نينهن نپائڻ ۽ نڀائڻ وارو ماڻهو اڄ ڪو ڪو ملندو، مون کيس سکر ۾ سنڌي ادبي سنگت جي سالياني ميڙ ۾ ڏٺو، هو هڪ سرگرم ڪارڪن پئي لڳو پر هن ڪا به تقرير نه ڪئي نه پيپر پڙهيو. ادبي ڪچهرين جو ڪوڏيو هو، مون کيس گهڻو تڻو رشيد ڀٽي جي اوطاق تي ڪچهرين ۾ شريڪ ٿيندي ۽ ڳالهائيندي ڏٺو، سندس ڄاڻ ۽ حاصل ڪيل عمل جي وسعت کي ڏسي حيرت ٿيندي هئي، اها به اهم ڳالهه هئي ته ايترو پڙهيل ڳڙهيل هوندي به هو لکي نه سگهيو، مون کانئس لاڙڪاڻي واري اوطاق ۾ چانهه جون سرڪيون ڀريندي کانئس اها ڳالهه هڪ سوال جي صورت ۾ پڇي هئي، هو پهريائين چپ رهيو ۽ پوءِ اٿي بيٺو، پنهنجي سفيد پينٽ کي ڇڪي مٿي ڪيائين، پوءِ پنهنجي وڻندڙ مک تي دلپذير مشڪ آڻيندي مون ڏي ۽ ٻين دوستن ڏانهن نهاريندي، ڪجهه هيئن چيائين ته “پوءِ ڇا مان اوهان جي ادبي برادري مان نڪري وڃان، پيارا حميد ۽ دوستو! مان عمل ۽ ادب جو عاشق ۽ اوهان جي هر اول دستي جو جهنڊو کڻي هلندڙ هڪ فرد آهيان، ادب ۽ اديبن جو فهم ۽ ادراڪ وارو پيغام پهچائيندڙ آهيان، ڇڏيو ته مان زبان وسيلي مبلغي ڪريان ۽ توهان لکڻ وسيلي مبلغي ڪريو، مون کي توهان ڌار ڪري ئي نه ٿا سگهو، جو مان اوهان جي جسم ۽ روح جو حصو آهيان.”

”بس سهڻا سائين بس! مون ڪڏهن اهڙي ڳالهه نه ڪئي آهي، تون اسان جو رڳو جهنڊي بردار نه پر اهڙو اڳواڻ آهين، جنهن جو همٿ سان نه رڳو لاڙڪاڻي پر سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به تنهنجي قائم ڪيل منڊلين تي وڏو مچ مچايو آهي” مان اڄ جڏهن ماضي ۽ حال جو جائزو وٺان ٿو ته اهڙن مقصدن سان واڳيل ماڻهو ۽ اهڙا مچ منڊليون گهٽ ٿو ڏسان. اڄ جي ادبي ميڙن، مجلسن کي ڏسجي ٿو ته ائين لڳي ٿو ته جيئرا جسم ضرور آهن پر اهي روح ڪينهن، اهو مقصد ئي ڪونهي جنهن سان اسين واڳيل هجون، ڪامريڊ تاج محمد اسان سڀني اديبن جو ساٿي، سنڌي سماج جي سڌاري لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ، هڏ ڏوکي ۽ همدرد هڪ اهڙو انسان هو، جيڪو يقينن فرشته خصلت هوندي به فرشتو نه هو، جو هن کي مسئلن جي حل ڪرڻ جي طاقت يا Authority ڪين هئي، هو رڳو هن ناانصافي واري جهريل سماج جو جهريل پر مردم شناس انسان دوست فرد هو، انهي سماج اندر ٿيندڙ اڻبرابرين، زور زبردستين، ناحق ۽ ناانصافين جي مسلسل جهولن ڪري سندس ٻيڙي جا سڙهه گهڻي دير سٽ نه جهلي سگهيا، جهريل دل سگهو ئي ڏري پئي ۽ اهو اسان کان ڌار ٿي ويو ۽ اهڙين ساٿين ۽ مسافرن لاءِ مون ڪنهن هنڌ پڙهيو هو،

ڄڻ ته هو هاڻ هت ويٺو هو،

گهڙيءَ پل لاءِ ڪاڏي اُٿي ويو آهي!؟


 

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

سنڌ جي گهڻ رخي شخصيت

ساگر جبار سومرو

اڄ سنڌ سميت پوري ملڪ ۾، سنڌ جي ان بيباڪ باڪردار، گھڻ رخي شخصيت کي ياد ڪيو ويندو، جنهن شخصيت پوري زندگي، زندگيءَ جي هر طبقي سان واسطو رکندڙ ماڻهن سان، ائين نڀايو جيئن ڪو پنهنجي جيون ساٿين سان نڀائيندو آهي. هن کي سماجي ڪارڪن چئجي، سياسي شخصيت چئجي، اديب، ليکڪ، صحافي وڪيل يا جج چئجي جنهن جي شخصيت انهن سڀني ڪردارن سان ڀرپور نڀائيدي سنڌ لاءِ اهو نياپو ڇڏيو، ته سنڌ لاءِ صرف هڪ فورم تان جاکوڙ نه ڪبي آهي سنڌ لاءِ هر فورم تان ائين جاکوڙ ڪبي آهي، جو سنڌ جو آئيندو روشنين جي ضمانت ڏئي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي زندگيءَ ۾ هوش سنڀاليندي ئي شعور ۽ خدمت جا اهي سڀ مورچا سنڀاليا، جنهن سان سنڌ جي شعور کي چارچنڊ لڳائي سگهجن هو ڪراچيءَ ۾ شاگرديءَ واري دور کان ئي سياست، ادب، صحافت جو اهم حصو رهيو. هن هر ميدان ۾ پاڻ ملهايو. هو جڏهن استاد ٿي، قمبر شهر جي اسڪول ۾ آيو هو ته هن جي ٻارن جي تربيت ڏسي، قمبر واسي حيران ٿي ويا هئا.

هي اهو استاد هو، جيڪو ٻاهران آيل شاگردن کي، پاڻ سان گڏ، پنھنجي مليل ڪواٽر ۾ رهائيندو هو. جڏهن هن جا ٻاهريان شاگرد ڏينهن تتي ۾ ٻاهر ويندا هئا، ته انهن کي روڪي پنهنجي جڳهه تي ويهاري ڇڏيندو هو ته مان اوهان کي ههڙي گرميءَ ۾ ڳوٺ ڪو نه ڇڏيندس. اوهان منهنجي ڪواٽر ۾ ويهو، شام ڳوٺ وڃجو. جڏهن هن جا شاگرد، هن جي ڪواٽر ۾ گرميءَ سبب، ويهڻ ايندا هئا ته انهن کي هو ماني هٿن سان کارائيندو هو. هو استاد هوندي، اهو استاد ٿيو جو هن اهو مثال قائم ڪيو ته استاد هيئن ٿيندو آهي. هن جي اسڪول واري خدمتن کي ساراهيندي، سنڌ سرڪار قمبر جو مين روڊ، هن جي نالي سان منسوب ڪيو هو، جيڪو اڄ تائين ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو چوندو هو ته؛ جيڪڏهن اسان تعليم جون راهون روشن ڪنداسين ته روشني اسان جو مقدر رهندي. هو تعليم جي حوالي سان، تمام وڏو جاکوڙي ڪردار هو.

هو ڪڏهن به سک سان ڪين ويٺو هو. هن پوري زندگي جدوجهد ۾ گذاري. هن لاڙڪاڻي ۾ پهريون لائبريريءَ جو بنياد وڌو. جنهن بنياد وجهڻ کانپوءِ، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، شهيد ذالفقار علي ڀٽو سان مليو، ته اوهان لائبريءَ کي اڃا به وڌائڻ لاءِ مدد ڪيو. جنهن تي شهيد ذالفقار علي ڀٽو هن کي چيو هو ته؛ اوهان پنهنجو گهر ڏيو ته مان لائبرري قائم ڪيان. جنهن تي ڪامريڊ تاج محمد ابڙي فوري طور، پنهنجو گهر لائبرري کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو. هو حيرانگيءَ جي ڳالھ اها ته پنهنجو گهر لائبريريءَ لاءِ ڏيندڙ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، پنهنجو ذاتي گهر آخر تائين به نه ٺاهي سگهيو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سياست ۾ تمام سگهارو هو. هو شهيد ذالفقار علي ڀٽو سان تمام ويجهو هو، ۽ شهيد ذالفقار علي ڀٽو به هن کي تمام گھڻو ڀانئيندو ھيو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جو بنياد رکندڙن مان هو. هن جي ساٿ ۾ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ۽ ٻيا نالي وارا اديب پڻ رهيا. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، سنڌي ادبي سنگت جو تمام سرگرم ساٿي رهيو. هر گڏجاڻي، هن جي اوطاق تي ٿيندي هئي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، پنهنجي دور ۾ نالي وارو صحافي به رهيو هو. جڏهن ڪراچيءَ ۾ پڙهندو هو ته الوحيد اخبار ۾ هن صحافت جي شروعات، سب ايڊيٽر هجڻ سان ڪئي. محنتن سبب، تمام ٿوري وقت ۾ وڃي ايڊيٽر جي حيثيت تي پهتو هو. ڪراچيءَ واري رهائش دوران، دنيا جي نالي واري سماجي ڪارڪن عبدالستار ايڌي ۽ ملڪ جي ناليواري ليکڪا فاطمه ثريا بجيا جي تمام ويجهو رهيو. هو ڪراچيءَ ۾ تمام گھڻو سرگرم رهيو.

هو سنڌ جو خاموش خادم هو. هن ڪڏهن به ڪو ڪم، ڪري اخبار ۾ نه ڏنو ۽ هن ڪڏهن به ڪنهن جي مدد ڪري ڪو اخبار ۾ فوٽو نه ڏنو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، لاڙڪاڻي جو پهريون مسلمان وڪيل هو. هن جڏهن ايل ايل بي ڪري، لاڙڪاڻي ۾ وڪالت شروع ڪئي ته ان وقت وڪالت ۾ هڪ مافيا سرگرم هئي، جيڪي صرف عوام کان ڳريون فيون وٺڻ ۾ مشهور هئا. پر ڪامريڊ تاج محمد ابڙي غريبن لاءِ مفت انصاف جا در کولي ڇڏيا هئا، ۽ هو هميشه اهو چوندو هو ته مان انهن جو وڪيل آهيان، انهن جو نمائندو آهن جن جو ڪو به نه آهي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي، جڏهن ايل ايل بي ڪئي هئي ته ان وقت قائد اعظم محمد علي جناح مئٽرڪ تي ايل ايل بي ڪيل ايل ايل بي هولڊر هو ۽ ڪامريڊ انٽر تي ايل ايل بي ڪئي هئي ۽ وڪالت دوران ٿيندڙ اليڪشن ۾ جڏهن ڪامريڊ محترمه فاطمه جناح جو ساٿ ڏنو هو ته ان وقت جي ڊڪٽيٽر صدر ايوب خان ڪامريڊ ڏي ملڪ جي اهم شخصيت جي معرفت پيغام موڪليو هو ته ڪامريڊ فوري طور تي محترمه فاطمه جناح جو ساٿ ڇڏي ڏي، ۽ فوري طور پريس رليز جاري ڪر. جنهن تي ڪامريڊ، ايوب خان کي اهو نياپو موڪليو هو ته؛ مان مرڻ گهڙيءَ تائين فاطمه جناح جو ساٿ نه ڇڏيندس. جنهن تي ان وقت جي ڊڪٽيٽر، ايوب خان ڪامريڊ لاءِ ڌرتي تنگ ڪري ڇڏي هئي.

ڪامريڊ، بلوچستان ۾ پنهنجن گهاٽن دوستن اڪبر خان بگٽي، سردار عطاءُ الله مينگل، خير بخش مري، مير غوث بخش بزنجي وٽ وڃي سياسي پناهه ورتي هئي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، جڏهن بلوچستان ۾ پنهنجي سردار دوستن وٽ رهندو هو. تڏھن ڪامريڊ، کين چيو هو ته؛ مان اوهان جي ڪيل خدمت آڏو شرمسار آهيان. ڇو جو مان پاڻ وڪيل آهيان. پاڻ ڪمائي کائيندس. جنهن کان پوءِ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي، بلوچستان ۾ ڊي پي پي يعني سرڪاري وڪيل طور جوائن ڪيو هو. صدر ايوب جي وڃڻ کانپوءِ، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ آيو ھيو. موٽي اچي، هن پنهنجي اوطاق آباد ڪئي ھئي.

ڪامريڊ تاج محمد ابڙي ۾ هزارين خوبيون هيون. پر هن جي هڪ خوبي، هزارن جي مثال هئي. اھا، اھا ته پوري سنڌ ۾ اوطاقي طور مشهور هو. هن جي پوري زندگي، هن جي اوطاق آباد رهي. هو، يارن جو يار هو. هن جي اوطاق، هميشه آباد رهي. هو اوطاقن ۾ سياسي، سماجي ۽ ادبي ميڙاڪا مچائڻ جو ماهر هو.

ائين کڻي چئجي جيڪو اڃا بهتر لڳندو ته؛ هو اوطاقن کي آباد رکڻ ۾، سنڌ جو مثالي ڪردار هو، جنهن سنڌ جي ثقافت کي هميشه لاءِ جياريو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، تعليم جي ميدان ۾، وڏي سوچ رکندڙ، اها شخصيت هو، جو هن نياڻين کي تعليم ڏيارڻ ۾ وڏي جاکوڙ ڪئي. جنهن جو وڏو ثبوت هي آهي ته ڪامريڊ جون چار نياڻيون آهن. اڄ چار ئي سنڌ جي اهم عهدن تي آهن. هن جو چوڻ هو ته؛ نياڻيون پيءُ ۽ ماءُ جو نالو روشن ڪنديون آهن. مان چاهيان ٿو ته سنڌ جون نياڻيون، سڀ کان اڳ ۽ اڳ هجن. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي شخصيت جا هزارين پاسا آهن. هن جي شخصيت جو هر رخ، سنڌ کي جيئاريندڙ ۽ ملڪ کي اڳتي وٺي ويندڙ آهي. اڄ هن جي ۳۱ هين ورسي آهي. جيئن ڪامريڊ تاج محمد ابڙي پنهنجو فرض سمجهي سنڌ جي هر فورم تي مثالي خدمت ڪئي، ان ڪري اسان مٿان به اوترو ئي فرض آهي ته هن جي شخصيت تي اهي ڪي سنجيده ڪوششون ۽ پرگرام ڪيون جو هن جي شخصيت جا سڀ رخ، سنڌ تائين آسانيءَ سان پهچي سگهن.


 

تاج محمد ابڙو

سنڌ جو درد رکندڙ انسان

الطاف شيخ

لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو، سنڌ جو تاريخي شهر آهي، جنهن هر دؤر ۾ اسان کي اهڙا ته ليڊر، عالم، اديب ۽ شاعر ڏنا، جن پنهنجي ڏاهپ سان سنڌ کي واسي ڇڏيو. مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب به انهن مان هڪ آهي. پاڻ سنڌ جا نامور اديب، دانشور، جج، سياستدان، سماج سڌارڪ، صحافي ۽ استاد هئا. سندن جنم ۸ آگسٽ ۱۹۲۴ع تي شهدادڪوٽ ۾ ٿيو. پرائمري تعليم قمبر مان ۽ سيڪنڊري تعليم لاڙڪاڻي مان حاصل ڪرڻ بعد ايل ايل بي ڪراچيءَ مان پاس ڪيائون.

شاگردي واري دؤر کان ئي پاڻ سياست ۾ سرگرم رهيا. مسلم ليگ، ڪميونسٽ پارٽي، جيئي سنڌ، سنڌ هاري ڪميٽي، نعپ، پيپلز پارٽيءَ سميت سنڌ عوامي اتحاد کان وٺي جيڪا تحريڪ سنڌ جي ڀلي ۽ آجپي لاءِ بهتر محسوس ڪيائين، انهيءَ ۾ ڀرپور نموني حصو ورتائين. سندن شمار سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي باني ميمبرن ۾ ٿئي ٿو. سنڌي مسلمانن جي پاڪستان کان به پهرين جي مشهور واحد اخبار ’الوحيد‘ جنهن پاڪستان جي تاريخ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو، ان جو ڪجهه وقت لاءِ ايڊيٽر ۽ قائد اعظم محمد علي جناح جي انگريزي اخبار ڊان جو سب ايڊيٽر پڻ رهيو. لاڙڪاڻي جي سنڌي ۽ اردو اديبن کي ويجهو ڪرڻ ۾ پاڻ وڏو ڪردار ادا ڪيائون ۽ انجمن ترقي اردو پاڪستان لاڙڪاڻي شاخ جا سرگرم ڪارڪن ٿي رهيا.

لاڙڪاڻي جي تاريخ جي سڀ کان وڏي سنڌ جي لائبريري ”سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريري“ جيڪا اتر سنڌ جي واحد اهم لائبريري آهي، جتان هزارن جي تعداد ۾ اڄ به شاگرد، اديب ۽ دانشور فيضياب ٿي رهيا آهن، ان جي بنياد لاءِ چيو وڃي ٿو ته مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب رکرايو. پاڻ لاڙڪاڻي شهر سان لڳو لڳ بقاپور يونين ڪائونسل جو چيئرمين پڻ رهيو. پاڻ ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي نيوز ڪاسٽر طور ڪم ڪرڻ کان علاوه قمبر هاءِ اسڪول ۾ انگريزي استاد جي حيثيت سان پڻ پنهنجا فرائض سرانجام ڏنائون.

ڪامريڊ تاج محمد پاڪستان جو واحد جج هو، جنهن کي ڪامريڊ جو خطاب مليو. وڏيرا شاهي جي اثر رسوخ رکندڙ ضلعي جيڪب آباد ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، قاضي فيض محمد، جي ايم سيد، غلام محمد لغاري جن جي مدد سان ضلعي ۾ هاري ڪاميٽيءَ جو بنياد وڌو. انهيءَ سلسلي ۾ صدر ايوب خان جي مقابلي ۾ هن محترمه فاطمه جناح جو ساٿ ڏنو. ۱۹۵۳ع ۾ ڇپيل بايوگرافيڪل انسائيڪلوپيڊيا آف پاڪستان ۾ پنجن صوبن جي اهم هڪ هزار وڏين شخصيتن مان کين هڪ قرار ڏنو ويو. سندن ادبي همعصر دوستن ۾ اياز قادري، انيس انصاري، تنوير عباسي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محمد ابراهيم جويو، جمال ابڙو، رسول بخش پليجو، شيخ اياز، سوڀو گيانچنداڻي، پير حسام الدين ۽ علي محمد راشدي، گوبند مالهي، هري دلگير درياڻي ۽ ٻيا کوڙ سارا نالا اچي ٿا وڃن.

سندن ذاتي لائبريري ۾ هزارين ڪتاب هئا ۽ سنڌ جي وڏين لائبريرين ۾ شمار ڪئي ٿي ويئي. سندن اولاد سنڌ جي وڏن اديبن جي صلاح تي لائبريري جا ڪتاب سر شاهنواز لائبريري ۽ سنڌ جي عظيم درسگاهه سنڌالاجي کي عطيي طور ڏنا ۽ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي نالي پويان سنڌالاجي ۾ هڪ الڳ ڪارنر قائم ڪيو ويو آهي. سندن سياست سان تمام گهڻو لڳاءُ رهيو. محترمه فاطمه جناح جي ساٿ ڏيڻ تي سنڌ مان پاڻمرادو جلاوطني اختيار ڪري بلوچستان ويو ۽ اتي نعپ جي وڪالت به ڪندو رهيو. هن مهل به سنڌ جو عوام ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي سياسي، سماجي، ادبي، قانوني خدمتن کي مدنظر رکي کيس مختلف طريقن سان ياد ڪندو رهي ٿو.


(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۸ آگسٽ ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)


 

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

’مون سي ڏٺا ماءُ، جنين ڏٺو پرينءَ کي‘

ارشاد ڪاغذي

انسان ۽ انسانيت لاءِ جيڪي ماڻهو محبت ۽ خدمت جي جذبي سان سرشار ٿين ٿا، تاريخ تن جي نانءُ کي هميشه لاءِ روشن رکي ٿي. جيڪي شخص مسڪين، محروم ۽ مظلومن جا همدرد ۽ هڏڏوکي ٿين ٿا، اهي امر بڻجي وڃن ٿا. سنڌ ۾ ڪيترا ئي اهلِ علم ۽ قلم ۽ مانجهي مڻيادار پيدا ٿيا آهن، جن پنهنجي پورهئي ۽ پگھر، سوچ ۽ لوچ سان سنڌ جي سينڌ سنواري آهي . ڪامريڊ تاج محمد ابڙو به اهڙين عظيم هستين منجهان هو، جنهن سنڌ جي مسڪين، هارين ۽ مزدورن جي بهتري ۽ ڀلائيءَ لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو هو. ڪامريڊ تاج محمد سنڌ جي قسمت بدلائڻ لاءِ علم، ادب، تعليم ۽ سماجي ڪمن ۾ جيڪي خدمتون سرانجام ڏنيون سي ڪڏهن به وسارڻ جوڳيون ناهن. ڪامريڊ ابڙو هڪ نهايت ئي مهربان، شفيق ۽ هڏڏوکي انسان هو، جنهن پنهنجي سموري ڄمار اصولن جي پاسداري ڪئي، ڪڏهن به پنهنجي نظرئي ۽ فڪر کان نه ڦريو ۽ هميشه حق ۽ سچ جي راهه تي رمندو رهيو. هن پوري حياتي لوڪ جي خدمت لاءِ ارپي ڇڏي هئي. ڪامريڊ روشن خيال ۽ مخلص شخص هو، جنهن پورهيت پنهوارن جي لاءِ پنهنجي وت ۽ وس کان وڌيڪ خدمت ۾ گذاري. پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جي ملڪ ۾ اهڙن املهه هيرن جو قدر نٿو ڪيو وڃي.

خدا ڄاڻي ته ڪنهن رنگين چمن ۾ ڇو نه ڄاياسين؟

ٽڙياسين دامنِ صحرا ۾، خوشبو ئي اجائي وئي. (شيخ اياز)

ڪامريڊ تاج محمد جي ٻاريل ڏياٽيءَ جي بدولت سنڌ جي سياست ۾ جاگيرداري جي گپ اوندهه ۾ روشني جو ترورو روشن ٿيو ۽ جاگيرداري جي غلامي کي چئلينج ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪامريڊ پيش پيش هو ۽ ان جي ڪري ٻيا غريب هاري ناري ڪامريڊ جي فڪر ۽ فلسفي سان سلهاڙجي ويا. ڪامريڊ تاج محمد ڪميونسٽ پارٽي ۾ شامل هو ۽ مظلومن جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو. ڪامريڊ جي ياري دوستي وڏن وڏن ليڊرن سان هوندي هئي. ڪامريڊ جا مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻهن سان به تعلقات هئا پر هو انهن مان نه هو جيڪي پنهنجي لاءِ ذاتي فائدو حاصل ڪن پر هو غريبن جي مدد ڪندو رهيو. ڪامريڊ تاج محمد، اوطاقي مڙس هو، هن جي بيٺڪ امير ۽ غريب لاءِ کليل هوندي هئي. هن جي اوتاري تي حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، ذوالفقار علي ڀٽو ۽ لاڙڪاڻي جا اديب، شاعر ۽ سڄاڻ ميڙو مچائي علم، ادب، سياست ۽ انقلاب جا مچ مچايو ويٺا هوندا هئا، فيض جي پالوٽ ٿيندي هئي. هو تاريخ ساز شخصيت هو، جنهن سياست کان علاوه سماجي کيتر ۾ به گھڻو ڪم ڪيو. جج جي نوڪري دوران به پنهنجي ڪرت ۾ مشغول رهيو ۽ پاڻ کي هڪ اهڙو ادارو بنايو، جنهن جي ذريعي عوام کي فائدو ئي فائدو مليو.

ڪامريڊ تاج محمد ابڙي سنڌ هاري ڪميٽي ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سان گڏجي ڪم ڪيو. لاڙڪاڻو ۽ جيڪب آباد ضلعن ۾ هاري ڪميٽي جا يونٽ کولڻ ۽ سرگرمي سان هارين جي حقن لاءِ جدوجهد هلائڻ جي ڪري پوري سنڌ ۾ هن جو نالو مشهور ٿيو. ان زماني ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جي سرواڻي ۾ جتي ڪامريڊ تاج جهڙا هاري ورڪر سرگرم هئا، اتي ٻيا هاري ورڪر غلام محمد لغاري، قاضي فيض محمد، برڪت علي آزاد، مير محمد ٽالپر وغيره به ڪامريڊ ابڙي جا دوست ۽ ساٿي هئا. هُن هاري ڪميٽي اليڪشن ۾ وڏيرن ۽ جاگيردارن جو مڙسيءَ سان مقابلو ڪيو.

ڪامريڊ علم ۽ ادب سان گھڻو شوق ۽ شغف رکندو هو ۽ گھڻو پاڙهو هو. انگريزي جا ڪتاب تمام گھڻا پڙهندو هو ۽ ان ڪري سندس ذهانت اتم ۽ اعليٰ هئي. هو دانشور هو، سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جو سيڪريٽري رهيو، پر ۵۰ واري ڏهاڪي ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي، رشيد ڀٽي ۽ ٻين جڏهن نئين سري سان سنڌي ادبي سنگت کي فعال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪامريڊ ان ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سنڌي اديبن کي هڪ هنڌ متحد ۽ منظم ڪرڻ ۾ هن جون ڪوششون ساراهڻ جوڳيون آهن. ڪامريڊ يارويش ماڻهو هو، سنڌ جي اديبن شاعرن، سياستدانن، هاري ورڪرن ۽ شاگردن سان هن جا واسطا رهيا، هو سڀ جي خدمت ڪندو هو. هو نياز ۽ نمرتا جو نمونو هو، تمام گھٽ ڳالهائو هو. هن جي اوتاري تي اچڻ وارا اديب ٿي ويا، ڇو جو اتي ڪيئي نامور اديب شاعر ۽ محقق ۽ سياستدان ايندا ويندا هئا ۽ اتي جيڪي بحث مباحثا ٿيندا هئا تن جي اثر جي ڪري نوجوان علم ۽ ادب سان چاهه رکڻ لڳا ۽ مشهور اديبن جي ميل ملاقات ۽ عليڪ سليڪ جي ڪري ڪامريڊ جي آشرم مان علم، ادب، شاعري ۽ ادراڪ جون وٽيون پي پرباش ٿي پنهنجي علم و ادب جا واهڙ وهائي ڇڏيا. نوجوانن انهن ڪچهرين مان گھڻو پرايو. هن جو تعلق گھڻن ئي ليڊرن سان هوندو هو، ملڪ جي سياسي جماعتن جي ويجهو هيو، هن جا خيال الڳ هوندا هئا. ڪامريڊ هوندي به ملڪ جو صدر ۽ وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو هن جي عزت ڪندو هو ۽ هن جي آشرم تي اچي ڪچهري ڪندو هو ۽ ڪامريڊ جو سنگتي هو.

ذوالفقار علي ڀٽو جي چوڻ آکڻ تي نوڪري ۾ گھڙيو ۽ اتي به غريبن جي مدد ڪندو رهيو. هن دوستن سان به اهڙو ورتاءُ ڪيو جيڪو اڳ ۾ هوندو هو. جڏهن رٽائر ٿيو تڏهن به ايمانداري جو نمونو قائم ڪري سبڪدوش ٿيو. ڪامريڊ تاج محمد جي ياري باشي ته هر هڪ سان هئي پر پنهنجي ڪهول سان جهڙي نموني هليو ۽ انهن جي تعليم ۽ تربيت تي پورو ڌيان ڌريو، تنهن جي ڪري سندس پونئير به پنهنجي وڏڙي جي واٽ تي هلن ٿا ۽ واقعي اها هڪ خوش بختي چئبي جو اڄوڪي هن دور ۽ نفسا نفسي واري ماحول ۾ هن جا پويان به پنهنجي بابي جي ڇڏيل ورثي جي پوئيواري ڪندي انسانيت ۽ ماڻهپي ۾ آهن. وڏن عهدن تي رهندي به غريبن جو خيال رکڻ واقعي وڏي ڳالهه آهي. اهڙن ڌيئرن ۽ پٽن کي جس هجي! ڪامريڊ جي تربيت ۽ پالنا جي ڪري سندس گھرڀاتي ۽ ٻار ٻچا به ان روش جي ڪري ڪامريڊ جي دڳ تي هلي رهيا آهن. سندس فرزند ۽ ڌيئرن علم ۽ ادب جي ميدان ۾ پاڻ ملهايو آهي ۽ پنهنجي والد صاحب جي ڪم کي وڌايو آهي ۽ ان جي ياد ۾ ڪيئي ڪتاب شايع ڪرايا آهن ۽ يونيورسٽي وغيره ۾ ڪامريڊ جي ياد ۾ چيئر قائم ڪرائي تحسين لائق ڪم ڪيو آهي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جهڙا نيڪ بخت انسان ورلي پيدا ٿيندا، جيڪي پنهنجي ذات ۽ ڏات ۾ هڪ انجمن جو درجو رکندا آهن!

مون سي ڏٺا ماءُ، جنين ڏٺو پرينءَ کي،

رهي اچجي راتڙي، جنگن سندي جاءِ،

تنين جي ساڃاءِ، ترهو ٿئي تار ۾. (شاهه لطيف)


 

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

لاڙڪاڻي جو هڪ عظيم اوطاقي ماڻهو

ولي رام ولڀ

سنڌ سونهاري ڪيترن ئي حوالن سان هيري جهڙن ماڻهن جي کاڻ رهي آهي، جنهن ۾ لاڙڪاڻو سڀ کان وڌيڪ ڀاڳوند آهي. اهڙن هيرن ۾ مدبر، دانشور، اديب، سياستدان ۽ زندگيءَ جي هر ميدان ۾ ملهه ماريندڙ ڪيتريون ئي شخصيتون شامل آهن. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو به پنهنجي دﺂر جي اعليٰ پايي جي انسانن جي جهرمٽ ۾ لاڙڪاڻي جي روايتي اوطاق ذريعي ڪيترن ئي حلقن ۾ محبوب هو. سندس اوطاق تي هيٺئين سطح کان وٺي مٿئين سطح جي طبقي جا ماڻهو وٽس اوطاقي ٿيندا هئا، جن سان هو سماجي، سياسي، ادبي ۽ علمي موضوعن تي بحث ڪندو هو ۽ اهڙي طرح گفتگوءَ ذريعي ترقي پسند سوچ، فڪر ۽ نظرياتي دڳ طئه ٿيندا هئا.

لاڙڪاڻو هڪ عرصي کان وٺي وزيرن، وڪيلن، وڏيرن سان گڏ عام ماڻهن جو شهر پڻ رهيو آهي. اتان جو هر ماڻهو پنهنجي رويي مان سياست جي سُتي پيل لڳندو آهي، جنهن ۾ اوطاق ڪلچر جو وڏو ڪردار رهيو آهي. گذريل صديءَ دوران، نواب حاجي امير علي لاهوري، عبدالغفور ڀرڳڙي، قاضي فضل الله، عبدالفتاح ميمڻ، ميان غلام عباس قادري، فقير محمد انڙ ۽ تاج محمد ابڙي جون ڪچهريون مشهور هونديون هيون، جن ۾ تاج محمد ابڙي جي ڪچهري سڀ کان سرس ۽ سونئالي هوندي هئي. سندس ڪچهريءَ ۾ مختلف قسمن، طبيعتن، مسلڪن، سماجي تنظيمن، مڪتبه فڪرن، سياسي پارٽين، رجعت پسندن، ترقي پسندن، سوشلسٽن، ادبي گروهن، زميندارن، هارين ۽ مزدور طبقي جي ماڻهن جي اچ وڃ رهندي هئي. هُو ساڻن سندن سطح مطابق ڪچهري ڪندو هو ۽ کين مانُ ڏيڻ سان گڏ چاهه ڀري چانهه به پياريندو هو. پر سندس مسلڪ ”ترقي پسندي“ هو، جنهن جو هُو پختو پرچارڪ هو.

ابڙو صاحب پاڻ ليکڪ ته نه هو، پر هُو نوجوان ٽهيءَ کي اتساهي کين لکڻ لاءِ آماده ڪندو هو. سندس دوستن ۾ سنڌ جا چوٽيءَ جا اديب، سياستدان ۽ ڪارڪن شامل هئا، جن لاءِ سندس اوطاق بيشڪ هڪ ڪلاس روم مثل هئي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، سوڀو گيانچنداڻي، جمال ابڙو، شيخ اياز ۽ محمد ابراهيم جويي جهڙيون شخصيتون سندس محبتن ۾ شامل هيون ۽ وٽس ٻيا به ڪيترا ئي برک ماڻهو اوطاقي ٿيندا هئا. افسوس جو نئين صديءَ ۾ سنڌ جو اهو ”اوطاقي ادارو“ پنهنجو وقت پورو ڪري کڄي ويو ۽ هاڻي نڪا اوطاق، نه اوطاقي ۽ نه وري ٿري اصطلاح ۾ اوتارا.

اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين،

جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا. (شاهه ڀٽائي)

محمد ابراهيم جويي جي سهيڙيل ڪتاب ”سنڌ جو املهه هيرو: ڪامريڊ تاج محمد ابڙو“ (۲۰۰۴ع) ۾ پروفيسر اياز قادري پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو ته: ”وٽس لائبريريءَ ۾ ڪافي سارا ڪتاب ڪٺا ٿيل هئا، جن ۾ بايوگرافي ۽ تاريخ بابت ڪافي ڪتاب هئا. هو انگريزي هفتيوار رسالي ‘Time’ (ٽائيم) جو هڪ عرصي کان خريدار هو، جن جا ٻڌل جلد سندس لائبريري جي زينت آهن.“

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سندس دل گهريو دوست هو. هُو وٽس به هليو ويندو هو ۽ بنا حجاب کيس پاڻ وٽ به گهرائيندو هو. انهيءَ دوستيءَ جي رشتي هن کيس ايوبي دﺂر جو بي ڊي (بيسڪ ڊيموڪريسي) جو ميمبر ۽ پوءِ چيئرمين بڻايو. ادب سان دلچسپيءَ سبب هن سنڌي ادبي سنگت جي شاخ قائم ڪئي، جنهن ۾ قلم قبيلي وارن جو وڏو تعداد شريڪ ٿيندو هو، جن ۾ حاجي محمود خادم، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ، انيس انصاري، جمال الدين بخاري، ڊاڪٽر اياز قادري ۽ ٻيا شامل هئا.

۱۹۷۲ع ۾ شهيد ڀٽي جي چوڻ تي تاج محمد ابڙو سيشن جج مقرر ٿيو، پر پوءِ به سندس معمول ۾ ڪو ڦيرو نه آيو. ۱۹۸۵ع ۾ رٽائر ڪيائين ۽ ۱۹۸۶ع ۾ دل جي دﺂري سبب ڪراچيءَ ۾ انتقال ٿيس. سندس اکيون ٻوٽجڻ کان پوءِ لاڙڪاڻي جي ڪچهرين جا دﺂر به ٻوٽجي ويا.

هو بيشڪ لکاري نه هو، پر لکارين جي لاءِ وڏي اتساهه جو ڪارڻ هو، بلڪه ائين چئجي ته هو اديب ساز شخصيت هو. ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي لکيو آهي ته: ”.... هن سنڌي ادب تخليق ته نه ڪيو، پر پنهنجي تنظيمي صلاحيتن سان سنڌي ادبي سنگت وسيلي ادب ۾ جديد لاڙن جي جاڳرتا پيدا ڪئي. کيس سنڌي ادب جو خاموش خدمتگار سڏجي ته بهتر ٿيندو. هن ڪڏهن به پنهنجي نالي ڪڍرائڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي، پر خاموشيءَ سان جديد ادب کي رواج ڏيڻ لاءِ ڪم ڪندو رهيو.“

انيس انصاريءَ سندس خاڪي ۾ ڄاڻايو آهي ته: ” تاج محمد ابڙو پنهنجي شخصي ڊائري به لکندو رهندو هو. سندس ڊائريون ۱۹۴۶ع کان ۱۹۸۶ع تائين يعني ۴۰ سالن تي مشتمل هيون، جيڪي سندس ڪٽنب وٽ رکيل آهن.“ منهنجي سندس ڪٽنب وارن کي گذارش آهي ته اهي ڊائريون ايڊٽ ڪري ڇپرائڻ جو انتظام ڪيو وڃي، ته جيئن عمومي طور سنڌ جو ۽ خاص ڪري لاڙڪاڻي جو منظر نامو، منظرِ عام تي اچي سگهي. اهي ڊائريون يقينًا تاريخ جي ٽٽل ڪڙين کي جوڙڻ ۾ مدد ڪنديون.

انيس انصاري مذڪوره مضمون ۾ تاج محمد ابڙي طرفان سندس اولاد کي وصيت جي حوالي سان لکي ٿو ته: ”.... سندس دوستن کي ڪا تڪليف نه ملڻ گهرجي، البت پاڻ ۾ اختلاف يا ڪنهن منجهيل مسئلي تي سندن صلاح ضرور وٺندا. انهن جي هر وقت عزت ڪرڻ اوهان جو فرض آهي ۽ سندن اولاد سان تعلق پڻ رکڻ جي ڪوشش ڪندا. کانئن ڪڏهن به مالي مدد جي طلب نه ڪندا.“

انهيءَ مان لڳي ٿو ته پنهنجي عزتِ نفس کي محفوظ رکڻ لاءِ پنهنجن دوستن کي ڪا تڪليف نه ڏيڻ لاءِ ڪيڏو نه تاڪيد ڪيو اٿس، ته جيئن سندس اولاد پنهنجن پيرن تي خود اعتماديءَ سان بيهي، اڏول بڻجي ۽ پنهنجي والد جي روايت کي قائم رکي.

مذڪوره ڪتاب ”سنڌ جو املهه هيرو“ ۾ شامل ٻه مضمون اهڙا آهن، جيڪي سندس شخصيت جي اهڙن پهلوئن تان پردو کڻن ٿا، جن مان سندس اعليٰ ظرف، مٿڀري رتبي ۽ ترقي پسند سوچ رکندڙ ڪامريڊ هئڻ جو ڏس ملي ٿو. شيخ اياز پنهنجي لکيل مضمون ”صاف گو ۽ صاف دل انسان“ ۾ سندس ذاتي قرب ۽ دوستيءَ جو مانُ رکيو آهي ۽ ٻيو آهي حميد سنڌيءَ جو لکيل ”سنڌ جو املهه ماڻهو“، جنهن ۾ هن سندس ذاتي ايماندارانه زندگي ۽ ساک قائم ڪرڻ ۾ سچائي، سربستائي، بي غرضائي، ايمانداري، راست بازي، سڦتيائي، اصليت، نرملتا ۽ سٺائي جهڙا جزا بيان ڪيا آهن.

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو دوستن جو دوست، سياست سان لڳاءُ رکندڙ، اديبن جو يار، ترقي پسند نظريي جو پڪو پوئلڳ، رک رکاءُ وارو، سنڌ جي ثقافت جو مجسمو ۽ قدامت ۽ روايتن کي مانُ ڏيندڙ، انصاف پسند ۽ انصاف ڪندڙ منصف هئڻ سان گڏ هڪ مخلص ماڻهو هو. اهڙو شخص، جنهن ۾ ايتريون ساريون خوبيون هجن ۽ پاءُ صدي اڳ هن جهان کي ڇڏي، پنهنجن پرستارن جي دلين ۾ دائمي جاءِ ڇڏي وڃي ته يقينًا اهڙين خوبين واري شخص لاءِ هن دﺂر ۾ اعتبار ئي نه ايندو ته اهڙو شخص به هن خطي ۾ زندگي گذاريندو هو ۽ گذاري ويو.

هاڻي سندس ڳالهيون ڪندڙ دوست، سندس گهر ڀاتي ۽ سائين ابراهيم جويي جو سلهاڙيل ڪتاب ”سنڌ جو املهه هيرو“ اسان وٽ رهجي ويا آهن، جن مان پتو پوي ٿو ته ههڙا ماڻهو به هن ڌرتيءَ کي دان ۾ مليا هئا، جن جي صدقي هن ڌرتيءَ جو مانُ مٿانهون آهي.

(روزانه ڪاوش، آچر ۱۷ اپريل ۲۰۱۱ع)


ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

جاڳر جوڳيئڙن جو

زيب نظاماڻي

ڪڙو منجهه ڪڙي، جيئنءَ لهار لپيٽيو،

سندم جيءُ جڙي، سُپيريان سوگهو ڪيو. (شاهه لطيف)

ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين ۽ ڪيٽي بندر کان ڪشمور تائين سنڌ جي خمير ۽ ضمير جي چيڪي مٽيءَ جي سُڳنڌ وقت کي واسيندي رهي آهي. هن مٽيءَ مان ڳوهيل املهه وجود جڏهن ساهن ساڻ سينگاري موڪليا ويا ته مٽيءَ مٽيءَ جي هڳاءَ سان وفا جا نوان باب لکيا، اهي رتيون وڌيون جن جنم کان جنمن تائين پنهنجي سڀاويڪ سوچ ۽ عمل ذريعي سنڌ ڌرتي جي سڃاڻ کي سڄاڻائيءَ جي سڳي ۾ پوئي محبتن جون مالهائون جوڙيون.

اهو راڄ، اهو ڀاڳ، اهو تر، اهو بي ڳڻو ليکبو هو، جنهن جي تڏي ڪو ڪهي اچي ۽ مانُ نه لهي. ڏورانهون ڪهي ايندڙ يا ڏينهن لاءِ گڏجي ويهي نبيرا ڪرڻ، پريت ونڊڻ ۽ ڏاهپ جا واهڙ وهائڻ لاءِ جنهن آڳنڌ کي عزت بخشي ويندي آهي، ان کي سنڌي ٻوليءَ ۾ اوطاق چئبو آهي. معنيٰ اوري پري کان ڪهي، رلجي سلجي هڪٻئي سان گڏجي ڪانڀا ٻڌي ويهي ڏاهپ جا نوان گس، نبيري جا نوان لاڙا ڳولي لهڻ، سنڌ جي اوطاقن جي سڃاڻپ رهي آهي. جنهن تر جي راڄ ۾ اوطاقون نه هجن ته اتي سڃ ليکبي ۽ جنهن راڄ ۾ اوطاقون نه هجن ته اتي ڏاهپ جا واهڙ وهندي ڀاسبا. هڪ راڄ وارا ٻي راڄ ۾ ڪهي وڃي مهمان ٿيندا هئا، مچ ٻرندا هئا، سياري جون ٿڌيون ڊگهيون راتيون ائين پل ۾ وهامي وينديون هيون.

هڪٻئي سان رابطي جو اهو سگهه وارو ذريعو نه رڳو هڪٻئي سان ميل ميلاپ وڌائڻ ۾ مدد ڏيندو هو، پر ڏات، ڏاهپ ۽ سُگهڙ پائيءَ جا نوان باب کوليندو هو. بزرگن واتان ڏور، پهاڪا، ڳجهارتون، بيت ۽ داستان ٻڌي ائين ڀاسبو هو، ڄڻ ته عمل جي عميق مان ٽٻي ڏئي موتي ميڙي آيا هجون. ٻوليءَ جي سکيا جا فطري مرڪز سنڌ جون اوطاقون ئي رهيون آهن. ماءُ جي جهوليءَ کان پوءِ جيڪڏهن پُٽ ٻاهر علم پرائيندو هو ته اهو ذريعو اوطاقون ئي هونديون هيون. پر جيئن جيئن وقت گذرندو رهيو ته اوطاقون، جيڪي سماجي رابطي جو اهم ذريعو رهيون، پنهنجي اهميت وڃائڻ لڳيون. هاڻ اوطاقن ۾ ڏاهپ جا واهڙ وهڻ جي بجاءِ رڇ ڪتن جي ويڙهه، ڪڪڙن جا ميل ۽ ڪارو ڪاريءَ جي فتويٰ جا فيصلا، هڪٻئي تي حاڪميت هلائڻ ۽ سرڪاري پئسا کائڻ لاءِ سٽون سٽڻ لاءِ وڃي رهيون آهن، پر اهڙي پُر آشوب دؤر ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اهو واحد مردِ مجاهد هو، جنهن علم جي لاٽ ٻاري پنهنجي اڱڻ تي اها جوت جلائي، جنهن جو تجلو صدين کان صدين تائين سنڌ جي اتهاس ۾ روشن باب بڻجي نسل در نسل سرت، ساڃاهه ۽ ڏات منتقل ڪندو رهندو.

پنهنجي تڏي کي ٻين جي آڌر لاءِ اڱڻ اجاري انتظار جا ڏيئا ٻاري رکجن! اها ريت سنڌ واسين جي سڃاڻپ رهي آهي ۽ ايندڙ کي چوندي آءُ، ويندڙ کي چوندي ويهه! ته پوءِ ڏوري ڏيهه، سچ ته انهيءَ قربن وارين ڪچهرين ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي اڱڻ ڪهي وڃڻ جي ريت، سنڌ ۽ سنڌ جي سرحدن کان پري کان ڪهي ايندڙ شخصيتن جي قدمن جا نشان اڄ به ان اوطاق ۾ پسي سگهجن ٿا. سندن آڌرڀاءُ ڪرڻ لاءِ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي پيار ۽ خلوص جي خوشبوءِ سان انهيءَ اوطاق جون ديوارون اڄ به مهڪي رهيون آهن، پر اڄ اهو جوڳين جو جاڳر هڪ خواب وانگر ٿو لڳي ۽ اها اوطاق جتي سچ ۽ پيار جا سوين سج اڀرندا ۽ خوشيون ۽ محبتون کڻي ايندا هئا ته الهندا به خوشيون ۽ محبتون کڻي ايندا هئا. پر اڄ ها!

اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين

آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين

جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا. (شاهه لطيف)

۱۹۴۷ع ڌاري وڪالت جي تعليم حاصل ڪري قانون جا ڳاٽي ڀڳا ڳرا ڪتاب پڙهندي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو قانوني پيچيدگين ۽ قانون جو ڄڻ ياد حافظ بڻجي وڃي ٿو ۽ پوءِ پنهنجي ساٿي ۽ استاد شمس الدين ابڙي سان گڏجي وڪالت ڪرڻ لڳي ٿو. ايماندار وڪيل هر ايماندار ڪاموري جيان ڏوڪڙ ته نه، پر واهه واهه جا جهول ڀري ٿو ۽ ماڻهن جي محبت تاڙين جي روپ ۾ گڏ ڪري پنهنجي بينڪ بيلنس ۾ واڌارو ڪرائي ٿو، پر هو اهو به ڄاڻي ٿو ته انهيءَ بينڪ بيلنس مان نه ته سندس ٻارن ٻچن جو پيٽ ڀربو ۽ نه ئي پنهنجو خرچ هلندو ۽ نه ئي جيڏن، سرتن ۽ يارن دوستن جو آڌر ٿي سگهندو! انهيءَ لاءِ ڪامريڊ سنڌي اخبار الوحيد ۽ انگريزي اخبار ڊان جي سب ايڊيٽر جي حيثيت ۾ پنهنجو پاڻ مڃايو. مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي سرگرم رڪن جي حيثيت ۾ پاڻ مڃائيندڙ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جڏهن جج جهڙي حساس ۽ ذميداريءَ واري منصب تي فائز ٿيو، ته به سندس ذاتي مصروفيتن تي ڪوبه فرق نه پيو.

هن طالب جي دوستي هر عام ۽ خاص، ننڍي توڙي وڏي سان هئي. مطلب ته هن وٽ دوستيءَ جو معيار عام رواجي نه، پر صوفين وارو يعني انسان ذات سان سنگت ساٿ واري ريت جيان رهيو. سياست، علم وادب سان واسطو رکندڙ ۽ واپاري، صنعتڪار، مزدور، هاري، رئيس ۽ وڏيرا، مطلب ته هر مڪتب فڪر ۽ هرهڪ طبقي جا ماڻهو سندس اوطاق تي وٽانئس محبت جا موتي ميڙي پنهنجا پالها جهول ڀريندا رهيا.

ذوالفقار علي ڀٽو، اياز قادري، قاضي فضل الله، شيخ اياز، تنوير عباسي، فتح الله عثماني، رشيد ڀٽي، ڪامريڊ مولوي نظير حسين جتوئي، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، ڪامريڊ برڪت علي آزاد، جمال ابڙو، حفيظ قريشي، قاضي فيض محمد، سائين جي ايم سيد، پير حسام الدين راشدي، پير علي محمد راشدي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، ڪيرت ٻاٻائي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، گوبند مالهي، نسيم کرل، هري دلگير، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، سراج الحق ميمڻ، حميد سنڌي، نور الدين سرڪي جي پيار جا بادل مٿس برسندا رهيا.

ابڙو وڏ-وڙو سُوڙو، سمو سونهن سڀن،

تنهن در سڀ اچن، ڪنڌ نه ڪڍي ڪڇ ڌڻي. (شاهه لطيف)

ها انهيءَ ڪڇ ڌڻي ابڙي جهڙي شخصيت جو مالڪ هي تاج محمد ابڙو به وڏي وڙ وارو ٿي گذريو آهي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو پاڻ ڪڏهن به تخليقي ادب، تخليق نه ڪيو، پر سنڌي ادب سان سندس بي پناهه محبت ۽ عقيدت جو عملي ثبوت سنڌي ادبي سنگت مرڪز جي بنيادي ڪارڪن جي حيثيت ۾ سنڌي ادبي سنگت مرڪز جو بنياد وجهڻ آهي. اها هڪ تاريخي حقيقت آهي، جنهن جي شاهدي روزانه هلال پاڪستان ڪراچي جي اربع ۲۷ آگسٽ ۲۰۰۳ع ۾ لکيل مونس بخاري جو مضمون: ”سنڌ جو املهه هيرو: ڪامريڊ تاج محمد ابڙو“ مان ملي ٿي. مونس بخاري لکي ٿو ته: تاج محمد ابڙو جي اوطاق ۾ سنڌ جا ڏاها ۽ سرموڙ ليکڪ گڏ ٿين ٿا، جن ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي، سائين تاج محمد صحرائي، جمال ابڙو، رشيد ڀٽي ۽ ٻيا جن جي کاڌي پيتي جو انتظام به تاج محمد ابڙو پنهنجي هڙان وڙان ڪندو رهيو. اهڙيءَ ريت انهيءَ عظيم اوطاق ۾ سنڌي ادبي سنگت مرڪز جو بنياد رکيو ويو، جيڪا اڄ تائين ايشيا جي سنڌي اديبن جي واحد تنظيم آهي، جيڪا پنهنجي سگهاري حيثيت وقت جي لاهن چاڙهن ۾ به برقرار رکيو اچي، پر افسوس ته سنگت جي مرڪزي عهديدارن ڪڏهن به ڪنهن به دؤر ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي شخصيت ۽ ڪارنامن تي نه ته ڪو سيمينار ڪوٺايو، نه سندس جنم ڏينهن ملهايائون ۽ نه ئي وري سندس تي لکيل آرٽيڪل ڇپرائڻ جو ڪو خيال ڪيو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي شخصيت سندن سڀاءُ ۽ سندن علمي ڪردار ادب، سياست ۽ سماج لاءِ هڪ مشعل راهه کان گهٽ نه رهيو آهي.

تون چؤ مون کان پوءِ ڪنهن جو ٿيندين ڪينرا!

واڪا ڪندي ووءِ، صديون تو لاءِ سنڌڙي. (اياز)

اڄ نه پسان سي، آتڻ ڪتيم جن سين

هاڻي تنين کي، ڪنڌيءَ ڪاڪ نهاريان. (شاهه لطيف)

ون يونٽ ختم ڪرائڻ جي ڏس ۾ عملي تحريڪ جو هي خاموش هيرو پنهنجي عمل ۾ ظاهري نماءُ ڪندڙ نام ڪٺين، جيڪي سدائين ون يونٽ ٽوڙڻ جو ڪارنامو نرڙ تي چنبڙائي قوم تي ٿورا ٿڦيندي وتن واڦيندا ٿاڦيندا ۽ ٺڙڪو ڪارنامن کي ڪيش ڪرائيندا آهن، پر ڪامريڊ تاج محمد ابڙو نه ئي ڪڏهن پاڻ پڏايو ۽ نه ئي پنهنجا ڪارناما ورجايا ۽ نه ئي انهن کي ڪيش ڪرايو. مون کي ته افسوس اسان جي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي به ٿئي ٿو، جن وٽ هاڻي جڙتو مقابلن واري ڳجهارتي روش عمل ۾ آهي. اسان جي نوجوان نسل وٽ ويجهڙائي ۾ هيروز جي اهڙي ڪابه لسٽ نه آهي، جن کي سچائي ۽ ايمانداريءَ جي ڪسوٽي تي رکي پرکي سگهجي. اسان وٽ ته پُڇ ٻَڌي مهري ڪرڻ واري روش تحت جڙتو هيرو، جن جي ساک جَــر تي ڦوٽي جهڙي آهي، جام آهن. سنڌ جي کسجندڙ وسيلن ۽ وڪامجندڙ سنڌو درياءَ جي سُڏڪندڙ صورت ڏسندي رڳو چند ڏات ڌڻين جي اکين ۾ لڙڪ تري ايندا آهن، نه ته رڳو ٻه چار مضمون، نظم، گيت، غزل، وايون، دوها ۽ ٽيڙو بس! سياستدان احتجاج ڪندا، بيان ڏيندا، پوءِ نون سودن سان مارڪيٽ جا نوان اگهه! هاڻي سنڌ ماءُ کي ائين سستي اگهه وڪڻندڙن جي هٿن کي هٿي ڏيندڙ بيحس ماڻهو سنڌ جي آئنده نسل کي ڪهڙو تاريخي آئينو ڏيکاريندا؟ ها پر اهڙي ڀڃ ڊاهه جي دؤر ۾ وري ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جهڙي شخصيت جو عملي ڪردار سندس اوطاق جي در ۽ ديوارن تي وڏي واڪي چئجي ۽ پنهنجن سچن هيروز جي سڃاڻپ پنهنجي ڌرتي جي مستقبل لاءِ ڪنهن نه ڪنهن آءِ ڊي ۾ آڻي انٽرنيٽ لاءِ منتقل ڪجي ته جيئن سنڌ جو مستقبل پنهنجي هيروز جي عملي ڪارنامن مان ڪو عملي سبق حاصل ڪري سگهي.

محبتي ميڙي، ڳوٺ ٻڌجي هڪڙو

تنين جي ويڙهي، پاڻهي ايندو بادشاهه. (شاهه لطيف)

 لاڙڪاڻو جنهن لاءِ کوڙ ساريون چوڻيون ۽ پهاڪا مشهور آهن: لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو يا هجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو وغيره، انهيءَ لاڙڪاڻي جي لعلن ۾ هڪ لعل ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اسان کان ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي هميشه لاءِ جسماني طور جدا ٿي وڃي ٿو، پر سندس عملي ڪردار پوري سنڌي قوم لاءِ هڪ ڏيئي جي حيثيت رکي ٿو، جنهن جي لاٽ ۾ امن، پيار ۽ محبت جي واٽ پسي سگهجي ٿي. لاڙڪاڻو اڄ جنهن بدامني ۾ غرق ٿيل آهي، انهيءَ مصيبت مان ڪڍڻ لاءِ ڪامريڊ تاج محمد جو نينهن نياپو گهر گهر، در در پهچائڻ اسان لاءِ اولين فرض جي حيثيت رکي ٿو، ته جيئن اتي اسان پنهنجي پياري لاڙڪاڻي ۽ سونهاري سنڌ ڌرتيءَ جي کيتر ۾ پيار ڪڻيون پوکي، سک، سلامتي ۽ امن جا سنگ اپايون. اچو ته عهد ڪريون ته اتي ڪڏهن به ڪارو ڪاري رسم نه دهرائجي، جتي ڪڏهن به ڪنهن جي لڄالٽ نه ٿئي، جتي ڪڏهن به ڪنهن ٻار سان زيادتي نه ٿئي، جتي ڪڏهن به ڌاڙيل ڪچي جي حسن کي بارود جي بوءِ ۾ لوڙهي نه ڇڏين، جتي سهاڳڻين جي چوڙين جا ٽڪرا گهٽين ۾ وکرڻ بجاءِ سندس کڻڪي تي گيتن جا گلزار سجن، جتي مينديءَ جي مهڪار تي موڙ ۽ نئن جا ڳيچ ڳايا وڃن، جتي علم، ادب ۽ ڏاهپ جو سنڌو پنهنجي ڦوهه جوانيءَ جي مست ڇولين سان جهومي نچي! ها ان مٿان ڪي به ريتن رسمن جا ٿل ڪئنال ۽ ڪالاباغ يا اهڙا ڪي به ڪئنال ۽ بند نه ٿڦيا ۽ نه مڙهيا وڃن. ٻار ماءُ جي لوليءَ جي ٻولن کان ڪنائي پنهنجي سنڌي ٻولي ڳالهائڻ سکن. نئون نسل اجرڪ جي ڦلڙي، گج جي ٽوئنرن، ٽوپيءَ جي ٽڪن ۽ رليءَ جي ٽڪَ ۾ سمايل سونهن ۽ سچ جي واٽ پسي سگهي.

پر اڄ اهي ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جهڙا ڪردار ڪٿي آهن! اچو ته انهن جي اوطاقن جا گس ڳوليون، جت جوڳيئڙن جو جاڳر ٿيندو هجي ۽ ڏاهپ ۽ محبت جا واهڙ وهندا هجن. پر افسوس جو:

اڄ نه اوطاقن ۾، جاڳر جوڳيئڙن جو

ساري سناسين کي، روئيندين يتئان رو

پس پارئان تو، لاهوتي لڏي ويا. (شاهه لطيف)

(روزانه عوامي آواز، جاڳو، سَچ، تعمير سنڌ، هلچل، سنڌ، مهراڻ، عبرت)


 

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

آزاديءَ جي شمع جو پروانو

برڪت علي آزاد

تاج محمد ابڙي سان منهنجي واقفيت قاضي فضل الله سابق وزيراعليٰ سنڌ مرحوم جي معرفت ۱۹۴۸ع ڌاري ٿي. قاضي صاحب جا تاج محمد ابڙي سان انتهائي گهرا تعلقات هئا. تاج محمد ابڙي کي مون سياست ۽ ادب جو بيحد جنوني، شوقين، پيارو ۽ همدرد انسان دوست ڏٺو، تڏهن ئي مان سندس لاڙڪاڻي واريءَ اوطاق ۾ اچڻ وڃڻ لڳس. مان تاج محمد ابڙي جي اوطاق ۾ اڪثر اچي قيام پذير ٿيندو هئس. مون کي ابڙي صاحب وٽان چڱي آڌرڀاءُ، عزت، ماني ٽڪي ۽ خاطر تواضح ملندي هئي. تاج محمد ابڙي کي سوشلزم سان شروع کان ئي وٺي دلچسپي هئي. انهيءَ زماني ۾ مون کي به سوشلزم سان دلچسپي وڌڻ لڳي. انهيءَ دوران تاج محمد ابڙي لنڊن مان سوشلزم آئيڊيالاجيءَ جو هڪڙو ماهوار رسالو ”ليبر منٿلي“ جي نالي سان لنڊن مان گهرائي، مون کي تحفو ڪري ڏنو. اهو رسالو هاڻي به منهنجي لئبريريءَ ۾ محفوظ ۽ سانڍيل آهي، جيڪو تاج محمد ابڙي جي اسان دوستن لاءِ محبت جي يادگيري ڏياريندو رهندو آهي.

تاج محمد ابڙو مرحوم ۱۹۷۰ع ۾ وڪالت ڇڏي سيشن جج ٿي، سکر آيو. مان به شيخ اياز جي چوڻ تي جيڪب آباد ڇڏي، سکر ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي. تاج محمد ابڙي جو سرڪاري بنگلو اسلاميه ڪاليج لڳ هو. مان ڏانهنس اچڻ وڃڻ لڳس. مان ۽ ابڙي صاحب جا ٻيا ڪافي دوست شام جو تاج محمد ابڙي جي بنگلي تي اچي، ڪچهري ڪندا هئاسين. تاج محمد ابڙو سرڪاري نوڪري ۾ هوندي به اهو ساڳيو ئي تاج محمد ابڙو هو، جو ججيءَ کان اڳ ۾ هو. ساڳيون ئي ڪتابن واريون ڳالهيون، ساڳيون هاري تحريڪ ۽ ترقي پسنديءَ جون صلاحون ۽ مشورا، ساڳيو آزاد منش، ترقي پسند، انسان دوست. سکر ۾ ان سلسلي ۾ اسان جو حلقو هو رشيد ڀٽي، شيخ اياز، فتح الله عثماني ۽ فتاح ملڪ وغيره. اهڙي نموني اسان جون سياسي ۽ ادبي ڪچهريون تاج محمد ابڙي جي نوڪريءَ دوران به ٿينديون رهيون. ڪجهه عرصي کان پوءِ تاج محمد ابڙي جي بدلي سکر کان حيدرآباد ٿي، پر اتي به تاج محمد ابڙي جو ساڳيو ئي شوق رهيو، يعني شام جو حيدرآباد ۽ پسگردائيءَ جي دوستن سان سندس ڪچهريون متل رهيون.

حيدرآباد ۾ مان حيدر بخش جتوئيءَ جي هاري پارٽي واريءَ آفيس ۾ ايندو هئس، پر رهندو تاج محمد ابڙي وٽ هئس.

تاج محمد ابڙي جون سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بدليون ٿينديون رهيون ۽ مان هن ڏانهن هر شهر ويندو رهيس. تاج محمد ابڙي جي بدلي خيرپور ميرس به ٿي، جتان ڪڏهن ڪڏهن ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ کي وٺي ۽ رشيد ڀٽي مرحوم کي ساڻ کڻي، مون وٽ اچي منهنجي لئبريريءَ ۾ ابڙي صاحب وارا ويندا هئا، جا منهنجي گهر ۾ موجود آهي. هڪ دفعي تاج محمد ابڙي مون کي داراشڪوه جو مشهور لکيل ڪتاب تصوف تي مجمع البحراين وٺڻ لاءِ چيو، جيڪو ناياب ڪتاب هو. جڏهن مان ورلڊ سنڌي ڪانگريس انڊيا ويس ته اهو ڪتاب دهليءَ مان خريد ڪري اچي تاج محمد ابڙي کي ڏنو، جنهن کي ڏسي تاج محمد ابڙو، رشيد ڀٽي ۽ ڊاڪٽر تنوير عباسي ڏاڍا خوش ٿيا.

تاج محمد ابڙي کي دل جو عارضو رهندو هو، پر ڊاڪٽر جي هدايت باوجود هو جڏهن به سکر ايندو هو ته مون وٽ منهنجي فليٽ تي ڪافي وڏي ڏاڪڻ چڙهي مٿي ايندو هو. هڪ دفعي مون کيس چيو ته: مهرباني ڪري اگر توهان مون سان ملڻ چاهيو ٿا ته نوڪر کي مون ڏانهن موڪليندا ڪريو ته مان خود توهان سان هيٺ اچي گاڏيءَ ۾ ملان، توهين ڇو تڪليف ڪري بيماريءَ ۾ مون ڏانهن مٿي اچو ٿا! ابڙي صاحب انهيءَ تي چيو ته: ”تنهنجو گهر منهنجي لاءِ هڪ درگاهه آهي، جنهن کان مان ڪنهن به قيمت تي پاڻ کي محروم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيان.“ اهو هو تاج محمد ابڙي جي اسان دوستن، ڪامريڊن لاءِ قربت ۽ پيار جو احساس، جنهن مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو. اهڙا عظيم ماڻهو مون پنهنجي زندگيءَ ۾ تمام گهٽ ڏٺا آهن.

جهڙيءَ طرح مان ابڙي صاحب کي دنيا جي هر موضوع تي گوناگون ڪتاب پهچائيندو هئس، تهڙي طرح ابڙو صاحب به مون کي پنهنجا ناياب ۽ قيمتي ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏيندو هو. سندس وفات کان ڪجهه عرصو اڳ تاج محمد ابڙي مون کي هڪ اهڙي ڪتاب ڏيڻ جو چيو، جو اهو ڪتاب هڪ اڻ لڀ ۽ انتهائي ناياب قسم جو هو، پر افسوس اهو ڪتاب ابڙي صاحب جي وفات ڪري مون کي ملي نه سگهيو، پر اڄ ڏينهن تائين مون ڏاڍي ڪوشش ڪئي آهي، پر اهو ڪتاب مون کي دستياب نه ٿي سگهيو آهي، جنهن جي پڙهڻ جي مون کي اڄ به بيحد تمنا ۽ تڙپ آهي.

تاج محمد ابڙو پنهنجن دوستن يارن کي پاڻ وٽ رهائڻ پنهنجي وڏي خوش قسمتي سمجهندو هو. منهنجي تاج محمد ابڙي جي معرفت ڪافي وڏين وڏين اهم شخصيتن سان واقفيت ٿي. ابڙي صاحب جو پنهنجن گهروارن ۽ نوڪرن کي بيحد سختيءَ سان چيل هو ته ڪوبه اگر منهنجو دوست اچي ته ان کي هميشه سٺي ماني ٽڪي ۽ ايئر ڪنڊيشن ڪمرو، گهمڻ لاءِ ڪار ۽ ڊرائيور وغيره ڏيندا ڪريو ۽ منهنجي غير موجودگيءَ ۾ به انهن جي خاطر تواضح کان سواءِ نه ڇڏيندا ڪيو ۽ کين مجبور ڪندا ڪيو ته رهن. تاج محمد ابڙو سنڌ جي سياست ۾ منهنجي شموليت جو بيحد منتظر هوندو هو ۽ سندس مرضي هئي ته مان ڪوئٽه واري اردو اخبار ”زمانه“ ڇڏي سنڌ واپس اچي پنهنجي قومي ڪاز هاري تحريڪ کي وڌيڪ منظم ڪرڻ لاءِ هتي اچي ڪم ڪريان. سندس چوڻ هو ته: ”ڇاڪاڻ ته تو زندگيءَ جو گهڻو حصو جيڪب آباد ۾ گذاريو آهي، هاڻي به موٽي سنڌ ۾ اچ ۽ پنهنجي پسند جي ڪم کي وڌاءِ.“ آخرڪار مان تاج محمد ابڙي جي صلاح سان پنهنجي اردو اخبار ”زمانه“ کي هڪ دوست حوالي ڪري جيڪب آباد آيس.

مون ۽ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي اهو محسوس ڪيو ته جيستائين هن وڏيرا شاهيءَ جي اثر رسوخ رکندڙ ضلعي جيڪب آباد ۾ ڪجهه عوامي طاقت جي ذريعي وڏيرا شاهيءَ جي زور کي پوئتي نه ڪيو ويندو، تيستائين اسين عوام جي ڪابه خدمت ڪري ڪونه سگهنداسين ۽ نه ئي هتي ضلعي جيڪب آباد مان اسيمبليءَ اندر ڪي عوامي نمائندا آڻي سگهنداسين. هن سلسلي ۾ پوءِ جيڪو پهريون عوامي طاقت جو مظاهرو هن ضلعي جيڪب آباد ۾ ڪيوسين، ان ۾ جن بزرگن منهنجي دعوت تي قدم رنج فرمايو ۽ منهنجي جيڪب آباد ضلعي ۾ سياسي سرپرستي ڪئي، سي هئا: شيخ عبدالمجيد سنڌي، قاضي فيض محمد، جي ايم سيد، تاج محمد ابڙو ۽ غلام محمد لغاري. انهيءَ سڄي ڪم ۾ تاج محمد ابڙو اڳيان اڳيان رهيو ۽ اهڙيءَ طرح ضلعي جيڪب آباد ۾ تاج محمد ابڙي جي مدد سان هاري تحريڪ جو بنياد پيو. درحقيقت اها ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ٻاريل هڪ شمع هئي. هڪ اهڙي بنيادي روشنيءَ جي شمع، جنهن پيڙهيل هاري طبقي کي پنهنجي حقوق وٺڻ جو شعور بيدار ڪيو ۽ ورهين کان مٿن وڏيرا شاهيءَ جي غلاميءَ کان آزاديءَ جو دڳ ڏسيو ۽ ضلعي جيڪب آباد ۾ تاج محمد ابڙي هاري آفيس جو بنياد رکرايو. هن سلسلي ۾ صدر ايوب جي مقابلي ۾ مرڪزي اسيمبليءَ ۾ صدر ايوب جي مخالفت ۾ فاطمه جناح جو ساٿ ڏنو.

هيءَ اسان جي خوش قسمتي هئي، جو هيڏي ساري عوام دشمن ماحول ۾، سياست جي هيڏي ساري طاقت جي موجودگيءَ ۾ به ڪي عوامي ذهن ۽ فڪر جا تعليم يافته ۽ ترقي پسند دانشور اسان وٽ موجود هئا، جن مان تاج محمد ابڙو به هو، جن کي جڏهن به موقعو مليو، انهن عوامي طاقت کي هٿي ڏيڻ ۾ پنهنجي وسئون نه گهٽايو. هڪ جاگيردارانه نظام ۽ ڳڙهه ۾ هاري تحريڪ جو بنياد رکي عوامي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ جو ثبوت ڏنو ۽ پنهنجي وت آهر پنهنجي وسان نه گهٽايو. اهڙو هو هيءُ اسان جو محبوب دوست ۽ هم خيال ساٿي مرحوم ۽ مغفور ڪامريڊ تاج محمد ابڙو.

اهڙي جابرانه نظام جي ماحول ۾ قدرت طرفان دنيا ۾ ڪي اهڙا عظيم انسان به جنم وٺندا آهن، جيڪي بغير ڪنهن نالي ڪڍرائڻ جي پنهنجي ڌرتي ماتا ۽ ان جي غريب پيڙهيل طبقي جي خدمت لاءِ پنهنجي سڄي حياتي وقف ڪري ڇڏيندا آهن.

تاج محمد ابڙو به اهڙن ماڻهن منجهان هڪ هو، جنهن کي تاريخ ۾ ڪڏهن به وساريندي به وساري نه سگهبو. سنڌ جون اهڙيون مها قومي هستيون تاريخ جو عظيم سرمايو آهن ۽ اسان جي ايندڙ نسل لاءِ مشعل راهه آهن.

 

(عوامي آواز، عبرت، هلال پاڪستان، سنڌ سجاڳ، الوحيد)


 

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

 سندس ڪيل سياسي، سماجي ۽ ادبي خدمت

عبدالخالق شيخ/ لاڙڪاڻو

سنڌ جو نامور اديب، دانشور، جج، سياستدان، سماج سڌارڪ ۽ صحافي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو شاگرديءَ واري دور کان ئي سياست ۾ سرگرم رهيو. مسلم ليگ ڪميونسٽ پارٽي، جيئي سنڌ، سنڌ هاري ڪاميٽي، نعپ ۽ پيپلز پارٽيءَ سميت سنڌ عوام اتحاد کان وٺي جيڪا تحريڪ سنڌ جي ڀلي ۽ آجپي لاءِ هئي، انهيءَ ۾ ڀرپور نموني حصو ورتائين، ايشيا جي سڀ کان وڏي ۾ وڏي ادبي تنظيم سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي باني ميمبرن ۾ سندس شمار ڪيو ويندو هو. هن لاڙڪاڻي واري اوطاق، سنڌ ۽ هند جي مشهور اوطاق تي سنڌي ادبي سنگت جو اجلاس ڪوٺرايو، ون يونٽ خلاف تحريڪ دوران روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو لاڙڪاڻي ۾ مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي اوطاق تان اُڀريو ۽ پوري سنڌ ۾ ڦهلجي ويو ۽ سموري سنڌ کي جرڪائي ڇڏيائين. پاڪستان جي پهرين مشهور سنڌي مسلمانن جي واحد اخبار ”الوحيد“ جو ڪجهه وقت ايڊيٽر رهيو. لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾ اهو ئي سبب آهي جو انجمن ترقي اردو جي عمارت ۾ جيڪا لائبريري قائم ڪيائين، ان جو نالو شاهه عبداللطيف ڀٽائي رکيائين، جيڪا پهرين سندس گهر جي ڀرسان هئي.

لاڙڪاڻي جي تاريخ جي سڀ کان وڏي سنڌ جي لائبريري سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريريءَ جو بنياد به مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو رکرايو.

هي لاڙڪاڻي شهر سان لڳو لڳ بقاپور يونين ڪائونسل جو چيئرمين به رهيو. ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي نيوز ڪاسٽر طور به ڪم ڪيائين، ته گڏ قمبر هاءِ اسڪول ۾ انگريزي استاد جي حيثيت سان به پنهنجا فرائض سرانجام ڏنائين.

پاڪستان جو واحد اڳواڻ هو، جنهن کي ڪامريڊ جو خطاب مليو. هن جو شمار ۱۹۵۳ع ۾ ڇپيل بائيوگرافيڪل انسائيڪلو پيڊيا آف پاڪستان ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ ملڪ جي هڪ هزار وڏين شخصيتن کي شامل ڪيو ويو آهي. انهيءَ کان علاوه پنجاب ۾ اردوءَ ۾ ڇپجندڙ ڪتاب ”سنڌ ڪي چند انقلابي دانشور اور عوامي رهنما“ ۾ ۱۵ اهم شخصيتن ۾ شامل ڪيو ويو.

سنڌ صوبي جو عوام ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي سياسي، سماجي، ادبي، قانوني خدمتن کي مدنظر رکندي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو يادگار ڪاميٽيون ۽ بزم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جا بنياد وجهي سندس جون هر سال سنڌ ۾ ورسيون ۽ سالگراهون ملهائي رهيو آهي.

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. کيس ابوبڪر قبرستان، لاڙڪاڻي ۾ دفنايو ويو. جڏهن ته اڄ سندس ۲۸ هين ورسي ملهائي ويندي.


 

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

هڪ دؤر جو نقيب

انعام شيخ

انسان جي تخليق، ڪائنات جي ڪل تخليقات کان اتم، افضل ۽ اتانهين آهي ۽ ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته آدم جي اولاد پنهنجي پروردگار طرفان عطا ڪيل ان شرف جو خوب ڀرم رکيو ۽ اهڙا اهڙا شاندار ڪارنامه سرانجام ڏنا ۽ اهڙيون اهڙيون شهڪار ايجادون ڪيون، جو عقل دنگ رهجي وڃي ۽ ڏندين آڱريون اچيون وڃن. ان ڳالهه تي ڪي به رايا ڪونه آهن ته انسان ذات پنهنجي اعليٰ صلاحيتن باوجود عيبن کان آجي، صاف سٿري يا رڳو پاڪ آهي، پنهنجي تمام تر خوبين باوجود هڪ انسان جو معاشرتي ڪردار نهايت اهم ليکيو وڃي ٿو. جيڪڏهن هو سماج لاءِ متحرڪ ۽ لاڀائتي سوچ رکي ٿو ۽ سندس مجموعي سوچ جا سرا پنهنجي قوم ۽ وطن سان واڳيل آهن ۽ اهو پنهنجي فردن ۽ سماج جي ترقيءَ جو اونو رکي ٿو ته سچ ته ان جو ڪو مٽ يا ثاني نه آهي.

جيستائين سنڌ ۾ سٺن ڪردارن جو تعلق آهي، آءٌ بنا هٻڪ اهو چئي سگهان ٿو ته ماضيءَ جي خوشحال سنڌ جي شاندار جهولي ان کان خالي نه هئي ۽ اڄ انهن ڪردارن جو اهڙو ڏڪار ڪاهي پيو آهي، جو دل جي اک رت جا ڳوڙها ڳاڙڻ تي مجبور آهي. ڪاڏي ويون اڳوڻي دؤر جون شاندار روايتون، ڪاڏي ويا اهي مانجهي مڙس، جن جي دم سان اسان جي تهذيب ۽ تمدن جون صحتمند روايتون دنيا ۾ اسان جي لاءِ فخر جو سبب بڻيون آهن ۽ هيون! انهن شاندار ڪردارن جي تخليق جو سلسلو منقطع ٿي ويو. سنڌ جو ڀاڳ، نڀاڳ ۾ اجڙي ويو ۽ اڄ حالت اها آهي جو سنڌي سماج پنهنجي جوهر ۾ نهايت ويڳاڻو، معصوم، يتيم ۽ بي يارو مددگار بڻجي چڪو آهي. هر ماڻهو پنهنجي خواهشن جو غلام، هوس ۽ حرص جو پوڄاري بڻجي ويو، قوم ۽ وطن جي خوشحاليءَ واري سوچ جي جاءِ تي پنهنجا ڀڀ ڀرڻ، عزتِ نفس تين وال ڪري به پئسو گڏ ڪرڻ جهڙي مڪروهه ڪرت والاري آهي. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو اڄ اسان جو سماج برائين جي اهڙي ڪُن ۾ اچي ڦاٿو آهي، جتي سندس تنزليءَ جا نشان واضح نظر اچي رهيا آهن.

فقط ڪجهه وقت اڳ سنڌ ۾ ائين نه هوندو هو، بلڪه ماڻهن کي پنهنجي اوڙي پاڙي بعد قوم ۽ وطن جو اونو هوندو هو. عزت جي نگاهه سان به اهڙن ماڻهن کي ڏٺو ويندو هو، جيڪي هيڻن جي همراهي ڪندا هئا، سندن دل کي سڪون ۽ روح کي راحت تڏهن ملندي هئي، جڏهن ٻئي جي ڪم ايندا هئا يا اجتماعي ڀلائيءَ جو ڪم سندن مبارڪ هٿن سان ٿيندو هو ۽ عوام جي خدمت کي افضل تر عبادت جو درجو حاصل هوندو هو. تنهن وقت جي ڀيٽ اڄ جي حالتن سان ڪندي سچ پچ ته بي ساخته تاج محمد ابڙي جهڙن اورچ ۽ بااصول استادن جي ياد جا رنگ ذهن جي ڪئنواس تي ڦهلجندي محسوس ٿين ٿا. مرحوم تاج محمد ابڙو لاڙڪاڻي جي مردم خيز مٽيءَ مان پيدا ٿيو، لاڙڪاڻي جي اها مردم خيز مٽي، جنهن منجهان سر شاهنواز ڀٽي، ذوالفقار علي ڀٽو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ شهيد بينظير ڀٽو جهڙن عظيم ڪردارن جنم ورتو، جن پنهنجي ڪردار ۽ خداداد صلاحيتن وسيلي پنهنجن پنهنجن دؤرن تي اڻ مٽ اثر ڇڏيا.

مرحوم تاج محمد ابڙي جي شروعاتي زندگي گهڻي سٺي نه گذري، ڇو ته ننڍپڻ ۾ ئي کيس يتيميءَ جو عذاب پلئه پيو ۽ سندس والد محترم گذاري ويو. پر مرحوم حوصلو نه هاريو، پنهنجي تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ تنهن وقت جي انقلابي سوچ رکندڙ قبيلي سان سلهاڙجي زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪيائين ۽ هڪ فرد مان اداري جو روپ اختيار ڪري ورتائين. هونئن به تاريخ ٻڌائي ٿي ته کيس تبديل فقط انهن انسانن ڪيو آهي، جن پنهنجي زندگيءَ جو مهڙيون حصو تڪليفن کي سهندي گذاريو هوندو آهي. لاڙڪاڻي جي هن يتيم ٻار پنهنجي زندگي تمام ڏکين حالتن ۾ گذاري، پر سندس محبت جو سڳو سنڌ جي مهندارن سان سلهاڙيو رهيو. تاج محمد ابڙو مرحوم پنهنجي دؤر جي نامور شخصيتن سائين جي ايم سيد، محمد ايوب کهڙو، قاضي فضل الله، ذوالفقار علي ڀٽو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ سوڀي گيانچنداڻي، محمد امين کوسي، قاضي فيض محمد شيخ، عبدالمجيد سنڌي، غلام محمد لغاريءَ ۽ ٻين سان تعلق ۾ رهيو ۽ سندن صحبت ۾ سياسي، ادبي ۽ انقلابي شعور حاصل ڪيائين.

ون يونٽ جي زماني ۾ جڏهن غلاميءَ جو ڳٽ سنڌ جي ڳچيءَ ۾ وڌو ويو هو، تاج محمد ابڙي مرحوم پنهنجو ڪردار خوب نڀايو ۽ ان اونداهي دؤر خلاف پنهنجن دوستن سان گڏجي ڀرپور جدوجهد ڪئي. مختلف شهرن ۾ جلسا ۽ جلوس منعقد ڪيا، جڏهن ته مرحوم ون يونٽ متعلق منعقد ٿيندڙ ڪيترن ميڙن جي ميزباني پڻ جهلي، جنهن ڪري کيس سرڪاري عتاب جو نشانو به بڻجڻو پڻ پيو. ان جي باوجود هُو دوستن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هليو. بلڪه سنڌ ۾ ان ڪاري دؤر خلاف شعور پيدا ڪرڻ جي سلسلي ۾ هڙان ۽ وڙان هر قرباني پڻ ڏني، جنهن جي ڪري کيس پنهنجن دوستن جي حلقن ۾ ممتاز نظر سان ڏٺو ويندو هو.

ساڳيءَ جاءِ تي جيڪڏهن کيس ادبي سرگرمين جو روح روان چئجي، ته به ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي بنيادڪارن ۾ سندس شمار ٿيندو هو. سنڌي ادبي سنگت جون گڏجاڻيون هجن يا ترقي پسند ادب جي پليٽ فارم تان منعقد ٿيندڙ سيمينار، ورڪشاپ ۽ پروگرام هجن، مرحوم تاج محمد ابڙو سڀني کان اڳرو هوندو هو. سندس اوطاق تي ته اديبن ۽ سندس دوستن جو ميڙو متل رهندو هو. اهي ئي سنڌ جي خوشحاليءَ ۽ ماڻهن جي ڀلائيءَ جون ڳالهيون، رٿون يا منصوبا ويچار هيٺ رهندا هئا. لاڙڪاڻي جي اديبن مان ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر اياز قادري، انيس انصاري، خادم حسين شاهه، سکر ۽ شڪارپور مان شيخ اياز، رشيد ڀٽي، فتاح ملڪ، خيرپور مان ڊاڪٽر تنوير عباسي، حيدرآباد مان محمد ابراهيم جويو، زيب عاقلي، ڄام ساقي ۽ نه ڄاڻ ٻيا ڪيترا دوست سندس حلقي ۾ شامل رهيا. اهي سڀ جا سڀ پنهنجي پنهنجي وقت جا وڏا باشعور ۽ انقلابي سوچ رکندڙ ماڻهو هئا. انهن جي صحبت ۽ سنگت ۾ رهندي، اوهين مرحوم تاج محمد ابڙو جي شخصيت ۽ سوچ بابت آسانيءَ سان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته هُو ڪهڙي ساهه جو مسافر هو.

هونئن به چوندا آهن ته ماڻهو پنهنجن دوستن ۽ سنگتين مان سڃاتو ويندو آهي. توهان مٿين نالن جي سنڌ سان ڪمينٽمينٽ جو جائزو وٺو ۽ پوءِ پاڻ ئي فيصلو ڪريو ته مرحوم ڪهڙين خوبين ۽ خصلتن جو ڌڻي هو. اها ٻي ڳالهه آهي ته مٽيءَ ۾ مٽي ٿي رهندڙ هن شخص کي نالي ۽ واهه واهه کان وڌيڪ وطن ۽ ان جي واسين سان ويجهڙائپ هئي. مرحوم تاج محمد ابڙي جي شخصيت تمام گهڻ پاسائين هئي. مان نٿو سمجهان ته ڪنهن هڪ مضمون ۾ ساڻس انصاف ڪري سگهجي ٿو. هي ماڻهو پنهنجي ڪردار ۾ تاريخي حيثيت رکن ٿا، هنن ماڻهن جا پنهنجي دؤر تي اڻ مٽ نقش چٽيل آهن، هنن تي لکڻ جي لاءِ تڏهن ئي قلم آرائيءَ جي سگهه ساري سگهجي ٿي، جڏهن سندن دؤر ۽ زماني جو مڪمل مطالعو ڪجي ۽ تنهن وقت جي حالتن ۽ واقعن کي ميڙي چونڊي يڪجاءِ ڪري سندن ڪم سان نهايت ايمانداريءَ ڀرئي انداز ۾ تقابلي جائزو وٺجي. مان سمجهان ٿو ته تڏهن ئي مرحوم تاج محمد ابڙي جهڙين شخصيتن سان حقيقي انصاف ٿي سگهي ٿو. بهرحال، اهو انصاف اسين ڪريون يا نه ڪريون، اڄوڪو دؤر ڪري يا نه ڪري، پر تاريخ پنهنجي جوهر ۾ اهڙي انصاف لاءِ نهايت بي چين آهي ۽ اها ضرور اهڙو انصاف ڪندي.

(روزانه خبرون، اربع ۱۰ مارچ ۲۰۱۰ع)


 

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

ماڻهو گل گلاب

نصير مرزا

لاڙڪاڻو سنڌ جي تهذيب جو آسمان آهي، جنهن سنڌ جي سينڌ ۾ ازل کان ئي رڳو چنڊ ستارن جهڙا ماڻهو ئي پئي ٽانڪيا آهن ۽ ڪير آهي، جيڪو انهن جرڪندڙ ستارن جي نالن کان آگاهه ناهي! ڪشنچند بيوس، نياز علي نياز، هري دلگير، مولانا قاسمي، جمال ابڙو، سوڀو گيانچنداڻي، ذوالفقار علي ڀٽو، بينظير ڀٽو، طارق عالم ۽ تاج محمد ابڙو وغيره.... اڄ اٺين آگسٽ، لاڙڪاڻي ساهه سيباڻي جي آدرشي انسان تاج محمد ابڙي جي جنم جو ڏينهن آهي. مٿن عقيدت ۽ محبت جا ڪجهه سرها گل نڇاور ڪرڻ لاءِ جڏهن قلم هٿ ۾ اڄ کنيو اٿم ته پاڻ کان پڇان پيو: ميان محمد نصير! تاج محمد ابڙي صاحب جهڙي هاڪاري سماج سڌارڪ ۽ انصاف پسند جج کي تون سڃاڻين ٿو، ڪڏهن کان؟ تڏهن ٺهه پهه پاڻ کي پاڻ ئي آگاهه ٿو ڪريان ته: تڏهن کان جڏهن کان مون کي ماڻهوءَ سڃاڻڻ جي ساڃهه آئي آهي. تاج محمد سائينءَ جو جنم، هن ئي مهيني ۾ اڄوڪي ڏينهن تي ۱۹۲۴ع ڌاري، شهدادڪوٽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو هو ۽ انهن ئي سالن جي آس پاس هي ڏسو ته شڪارپور جي شيخ محلي ۾. شيخ اياز، کاهي قاسم نوشهري فيروز ۾ نارائڻ شيام ۽ لاڙڪاڻي ۾ هري دلگير صاحب جهڙا جيءُ جيارا ۽ هاڪارا انسان به ساڳئي وقت جنم وٺي رهيا هئا. لاڙڪاڻي، ڪراچي، سکر ۽ ٺٽي جي هوائن دشائن ۾ شعور جون منزلون طئه ڪندي، تاج محمد ابڙي، سائين جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ سلام بخاري ۽ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي صحبت ۽ ساٿ مان ڄاڻي ورتو هو ته ”سنڌ کي جيارڻو آهي، ته پوءِ پاڻ کي وسارڻو پوندو.“ تڏهن سنڌ جي آجپي لاءِ، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي وانگر سائين تاج محمد کي به اشتراڪي نظريي ۾ نجات نظر آئي هئي ۽ پاڻ ان ازم جي پرچار لاءِ لاڙڪاڻي ۾ ”اوطاق-ڪلچر“ کي فروغ ڏنو ۽ هر وقت ۽ هر ويلي تي دوستن، ساٿين لاءِ دل ڪشادي ۽ ويڪرو دسترخوان وڇائي رکيو. هارين، مزدورن ۽ پورهيتن جي حقن جي حاصلات لاءِ سرخ پرچم کي بلند ڪيو ۽ نياڻين کي تعليم يافته ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهرين پنهنجين ئي نياڻين ۽ پوءِ پاڙي اوڙي جي ٻارڙين جي هٿن ۾ ڪتاب ۽ قلم فراهم ڪيا. آس پاس ۽ اوريان پريان ۽ جتي جتي به ۽ جنهن جنهن سان ناانصافي ٿيندي ڏٺائون ٿي، ان جي مدد لاءِ اتي پهچي ٿي ويا ۽ ڪٿي به سماج کي پٽڙيءَ تان لهندي ڏسندا هئا ته ڪامريڊ بڻجي، اڳتي وڌي، پنهنجو ڪلهو پيش ڪري، ان کي پٽڙيءَ تي چاڙهڻ لاءِ جاکوڙ ۾ جُنبي ويندا هئا. سندن ديرينه دوست ۽ هم خيال ساٿي محمد ابراهيم جويو ته کين سڏيندو ئي هو ”تاج محمد ابڙو سنڌ جو ڀرجهلو ۽ املهه هيرو.“ بقول جويي صاحب جي: ”هن حياتيءَ جا ۶۲ ورهيه ماڻيا هئا ۽ ان مان شعور واري سڄي زندگيءَ جا، سڀ ورهيه پاڻ سنڌي قوم جي نجات لاءِ ۽ عوام دوست قومي انقلاب لاءِ وقف ڪري ڇڏيا هئائون.“ ڊاڪٽر اياز قادري جي چوڻ مطابق، سماجي جاڳرتا لاءِ ۱۹۴۳ع ۾ پاڻ هفته وار اخبار ”نوجوان“ پڻ جاري ڪئي هئي، جنهن ادب سان گڏوگڏ سوشلزم ۽ ڪميونزم جي پرچار لاءِ پڻ گهڻو پتوڙيو. سنڌي ادب سان سندن چاهه جو اندازو هن ڳالهه منجهان به لڳايو، ته پاڻ لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي اوطاق اندر سنڌي ادبي سنگت جي شاخ قائم ڪيائون، جنهن جا پاڻ سيڪريٽري ٿيا. اياز قادري صاحب لکيو آهي ته: ان حيثيت سان پاڻ ”تجر باغ“ لاڙڪاڻي ۾ شاهه لطيف جو ڏهاڙو اهڙي ته شاندار انداز ۽ ڌام ڌوم سان ترتيب ڏنائون، جو ان کان اڳ ڀٽائي صاحب بابت اهڙو ميڙاڪو لاڙڪاڻي اندر، ڪڏهن به نه ٿيو هو. ڀٽائي صاحب سان سندن عشق جي انتها هيءَ به ڏسو، جو سندن پيارين نياڻين مان شاهده ابڙو هجي، خالده يا زاهده ... امتحانن ۾ سٺن نمبرن سان پاس ٿينديون هيون ته کين وڏي عقيدت سان ڀٽائي صاحب جو رسالو، اکين تي رکي گفٽ ڪندو هو. ڪيڏو نه خوش نصيب رهيو سائين تاج محمد ابڙو، جنهن کي پنهنجي دؤر جي هر همعصر، هر سينيئر ۽ هر جونيئر، سندس بي لوث خدمتن تي رڳو سلام ئي پيش پئي ڪيو آهي. تڏهن اڄ سندس مبارڪ نقشِ قدمن کي ڏسندي ۽ کيس خراجِ تحسين پيش ڪندي، ڇو نه گڏجي سڏجي، سندن ۸۷ هين سالگرهه تي مرزا قليچ بيگ جا هي شبد هم آواز ٿي، کيس پيش ڪريون ٿا ته:

ڇڏي جيئن نامور ويا پنهنجو نالو

ڪريون تن جيئن اسين پڻ اڄ ڪشالو

وٺون موٽي جڏهن رستو رباني

ڇڏيون ڪا پاڻ پَوين لئه نشاني

ته من ڪو رهگذر ان ڏي نهاري

لنگهي هن رُڃ مان پهچي ڪناري

 

روزانه ڪاوش سومر ۸ آگسٽ ۲۰۱۱ع


 

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

ناميارو وڪيل

عبدالرزاق سومرو

مرحوم تاج محمد ابڙو صاحب وڏو يار ويس، ڪچهري جو ڪوڏيو ۽ نهايت چڱو ماڻهو هو. مان جڏهن لاڙڪاڻي وڪالت ڪرڻ لاءِ آيو هيس ته پهرين رات تاج محمد ابڙي وٽ رهيو هيس. پهرين مئي ۱۹۵۳ع تي مان لاڙڪاڻي پهتس. جيئن ئي ريل مان لٿس ته سڌو مرحوم عبدالفتاح جي فرم جي آفيس تي آيس، جتي سندس ڀاءُ مرحوم نظام الدين به ويٺو هيو. آچر جو ڏينهن هيو. مون کيس احوال ڏنو ۽ عبدالفتاح ميمڻ صاحب جي ريفرنس سان ڪم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي. مرحوم نظام الدين چيو ته ٺيڪ آهي. سندس ٻه منشي هيا: هڪ غلام رسول سومرو، ٻيو عبدالرحيم آخوند. انهن ٻنهي کي سڏ ڪري چيائين ته سڀاڻي ريزيڊنٽ ميجسٽريٽ وٽ جيڪو ڪم رکيل آهي، اهو سومري صاحب کي ڏيو. هنن مون کي چار فائيل ڏنا، جن مان ٽن لاءِ چيائون ته هنن ۾ ۱۹۳ جون ڪاروايون آهن ۽ هي ڪيس نه هلندا، باقي چوٿون ڪيس چوري جو آهي ۽ هلائڻو پوندو. ان ڪيس جو ٽائيٽل هو ڪرائون بمقابلا عنايت.

مون کي جڏهن هنن ڪيس ڏنا ته ان وقت مون سان گڏ ٽين جي صندوق هئي، جنهن جي رکڻ لاءِ اچي ڦاٿس، جيڪا مان سڌو ڳوٺ وڃي اتي رکي آيس. ڪارو ڪوٽ ۽ ٽاءِ به مون وٺي ڇڏي هئي. ڪجهه ڪم جا ڪتاب به مون خريد ڪري ڇڏيا هئا، جيڪي مون سان ساڻ هئا. هاڻي مان اهو سوچي رهيو هيس ته هي سامان ڪيڏانهن ڪيان ۽ رات ڪٿي رهان؟

سوچي سوچي مسٽر تاج محمد ابڙي وڪيل جي اوطاق تي هليو ويس. کيس احوال ڪيم ته ”هنن نموني هتي پهتو آهيان، سڀاڻي مون کي ڪيس هلائڻا آهن ۽ توهان وٽ رهڻ آيو آهيان.“ تاج محمد ابڙي چيو ته: ”ڀلي ڪري آئين، ڪا ڳالهه ئي نه آهي. تنهنجو پنهنجو گهر آهي، تون ڳڻتي نه ڪر، هتي رهي پؤ.“ مان به خاطري سان اتي رهي پيس. رات رهي سڀاڻي تي نڪري پيس. رات جو ڪيس به اسٽڊي ڪري ورتم. منهنجو پهريون ڏينهن هيو. ان دور ۾ هڪڙو ڪتاب هوندو هيو، جيڪو اڄ به استعمال ۾ اچي ٿو. اهو ڪتاب هيو ”پريمس آڏي پڇا ۽ دليل“ (Prem’s cross Examination & Arguments) ڇوته مون اهڙا ضروري ڪتاب وٺي ڇڏيا هئا. ان ڪتاب مان تياري ڪيم. ان ڪيس ۾ عنايت جوابدار هيو ۽ غلام صديق جاگيراڻي فريادي هو، جڏهن ته سندس ڀاءُ غلام عمر جاگيراڻي شاهد هيو. ٻنهي جي شاهدي هلي، پر شاهدي اهڙي هلي جو ٻنهي جي بيانن ۾ تضاد هيو، جيڪو منهنجي آڏي پڇا سان وڌيڪ ظاهر ٿي پيو. مسٽر ”ليلارام“ ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ هيو. ان چيو ته باقي ڪيس سڀاڻي تي رکو ۽ مشير سان گڏ جاچ آفيسر کي به گهرايو. تاريخ ملڻ کان پوءِ مئجسٽريٽ مون کان انگريزيءَ ۾ پڇيو ته: ”توکي پريڪٽس ڪندي گهڻو وقت ٿيو آهي؟“ مون چيو: ”سر! اهي ئي ٻه ڪلاڪ، جيڪي تنهنجي اڳيان پيش ٿيو آهيان.“ سڀاڻي تي وري مان تياري ڪري ويس. مشير جي شاهدي هلي، آرگيومينٽس ٿيا ۽ مئجسٽريٽ ڪيس مان جوابدار کي ڇڏي ڏنو. مون کي زندگيءَ ۾ جيڪي خوشيءَ جا لمحا ياد آهن، هيءُ به هڪ اهڙو لمحو هيو، جيڪو مون کي اڄ به ذهن تي آهي. منهنجو پهريون ڪيس هيو ۽ مان ڀرپور تياري ڪري ويو هيس، ڇاڪاڻ ته منهنجي بقا جو سوال هيو.

مون وٽ رڳو پنج روپيا هڙ ۾ هيا. مان تاج محمد ابڙي صاحب وٽ ٻه ڏينهن رهي پوءِ وري دوست محمد ابڙي وٽ رهيس. تاج محمد ابڙو پهريائين استاد شمس الدين ابڙي جو جونيئر ٿي رهيو. شمس الدين ابڙو دل جو ڪشادو، يار باش قسم جو ماڻهو هوندو هيو. سندس شام جي بيٺڪ تاج محمد ابڙي جي اوطاق تي هوندي هئي. تاج محمد ابڙو ڪيترا ئي ورهيه وڪالت ڪرڻ کان پوءِ سرڪاري نوڪري ڪيائين. اول ٿرپارڪر ضلعي ۾ اسسٽنٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر ٿيو. پوءِ بلوچستان جي ضلعي ڍاڍر ۾ ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر ٿيو. ڀٽي صاحب جي دؤر ۾ ايڊيشنل سيشن جج ٿيو ۽ پوءِ ڊسٽرڪٽ سيشن جج ٿي رٽائر ڪيائين. رٽائرمينٽ کان پوءِ لاڙڪاڻي آيو ۽ وڪالت جي پريڪٽس ڪيائين.

تاج محمد ابڙي جهڙو يار ويس ماڻهو ڪو ورلي هوندو. شام کان وٺي سندس اوطاق تي ماڻهن جي اچ وڃ شروع ٿيندي هئي ته رات جو دير تائين کل ڀوڳ ۽ ڪچهري هلندي هئي. سياسي طور تي کاٻي ڌر ۽ ڪميونسٽ خيالن جو ماڻهو هيو. هاري تحريڪ ۾ به سرگرم رهيو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، مولوي نذير حسين جتوئي ۽ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي سميت ڪيترائي ليفٽسٽ ۽ نيشنلسٽ اڳواڻ وٽس ايندا هئا ۽ ميٽنگون به ڪندا هيا. پاڻ جڏهن جج هيو ۽ لاڙڪاڻي ايندو هيو ته مون وٽ گيسٽ روم ۾ ترسندو هيو. ڏاڍو ڪميٽيڊ انسان هيو. منهنجو ساڻس سٺو واسطو رهيو.

عالمي سياست تي به سندس گهري نظر هوندي هئي. مشهور رسالو ”ٽائيم“ به هر مهيني گهرائيندو هيو. سندس لائبريري ۾ ڪيترائي ڪتاب هوندا هيا. منهنجي مشهور هاري اڳواڻ ڪامريڊ غلام محمد لغاري سان ملاقات به تاج محمد ابڙي جي اوطاق تي ٿي. تاج محمد ابڙو ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي وفات ڪري ويو.

 

(قانوندان، سياستدان ۽ سفارتڪار عبدالرزاق سومرو جون يادگيريون ڪتاب ’يادن جي ڳڙکيءَ مان‘ ورتل)


 

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

ڪو جو ڪالهه هئوم سوڍو منهنجيءَ سنڌ جو

عبدالغفار تبسم

اُها ستاويهين يا اٺاويهين فيبروري ٻه هزار اٺ جي ڪچڙي منجهند هئي جو منهنجي نئين ديري واري گهر ۾ ٽي جوان مون سان گڏ ويٺل هئا. تعارف ڪرائڻ تي هڪ ته منهنجي پاڙي جو احترام لائق قاضي شرف الدين ۽ ساڻس گڏ ٻه لاڙڪاڻي کان ڪهي آيل سنڌ جي عظيم ۽ املهه ڪردار مرحوم تاج محمد ابڙي صاحب جا ٻه فرزند هئا. نئين ديري ۾ پنهنجي والد بزرگوار جي نالي سان سلهاڙيل هڪ تنظيم جو بنياد رکڻ لاءِ پهتل ۽ ڳوٺ ۾ منهنجي هئڻ جو ٻڌي مون وٽ ڪهي آيا هئا.

نهايت وضع دار ۽ اعليٰ سڀاءُ رکندڙ هي ٻئي ۽ مان حال احوال اورڻ ويٺاسين ته ماضيءَ جي کوڙ ساترين ساروڻين کي کن ۾ سهيڙي کڻي اڳيان رکيوسين. لاڙڪاڻي جي پراڻي ٽائون ٿاڻي ڀرسان مرحوم تاج محمد ابڙي صاحب جي گهر لڳ منهنجن عزيزن جو گهر هيو، جتي منهنجي ننڍپڻ جو ڳپل حصو گذريو. ان گهر کان باقراڻي روڊ ڏي ويندي يا ٻه چار وکون ٻاهر ڀريندي منهنجي هميشه نظر ان گهر جي مکيه در مٿان ٽنگيل ان اڇي بورڊ تي ڪارن لفظن ۾ لکيل تاج محمد ابڙو وڪيل تي ضرور ويندي هئي. تڏهن مون کي اُن گهر ڌڻيءَ جي انهيءَ ادب پروريءَ، سندس ثقافتي، سماجي، علمي ۽ آدرشي ڪردار جي امين هئڻ جي ڪا به پروڙ ڪونه هئي. منهنجي تنهن ساڃاهه مطابق ته لاڙڪاڻي جي گهٽين ۾ کوڙ سارن وڪالت ڪندڙن جي سڃاڻپ وارين تختين جيان هن گهر تي لڳل وڪيل تاج محمد ابڙو جي ڄڻ ته بنهه ڪابه الڳ ۽ منفرد سڃاڻپ ڪونه هئي.

ائين ئي ڪي ٻه چار دفعا هن گهر اندر ڪنهن ڪم سانگي ويندي مون کي هڪ وڏي هال ۾ سامهون ويٺل شخصيت جي ٻنهي طرفن فريادي ۽ جوابدار ڌرين کان سواءِ ٻين به ڪيترين ئي علمي ادبي شخصيتن ۽ تر جي اهم زميندارن يا ڪامورن جو مجموعو هميشه نظر آيو هئم. اڄ ايڏن سالن پڄاڻان جڏهن نادر علي ابڙي صاحب جي سندس بابا تي مختلف مضمونن سان سهيڙيل ڪتاب مان جڏهن ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي تحرير هن ڪتاب بعنوان ”سنڌ جو املهه هيرو“ مان کولي پڙهان ٿو ته پنهنجي اُن اڻڄاڻائي ۾ هٿن مان نڪري ويل وقت تي ڏاڍو رنج ۽ افسوس ٿئي ٿو. خاص ڪري جڏهن ڪامريڊ سوڀي جي مضمون ”جو اپنی ذات میں ایک انجمن تھے“ جون صفحي نمبر ۱۳۱ تي لکيل سٽون پڙهان ٿو ته: ”جب سے تاج محمد کی شام والی محفلیں ختم ہوئی ہیں، میں وہاں کسی اور دوست کی طرف مائل نہیں ہوسکا، کیونکہ لاڑکانہ میں تاج محمد کی محفلوں کے بعد کوئی ایسی محفل باقی نہیں رہی۔

اهي سٽون پڙهي روح مان محروميءَ جون هزارون سٽون اُڀرن ٿيون ته ايڏو ويجهو هوندي به مان هن اڪابر ۽ اديب ماڻهوءَ جي فهم ۽ فراست ڀرين محفلن ۾ ڇو نه وڃي سگهيس؟ هن بلند ڪردار ماڻهوءَ جي مثالي صحبتن مان ڇو ڪو لاڀ نه ماڻي سگهيس؟ پر ان اٿاهه مايوسين ۾ ”اياز“ جڏهن نراس ماڻهوءَ جي ڀرجهلي لاءِ هيئن چوي ٿو ته:

مايوس نه ٿي تاريخ ڪنان، جو ٿيڻو ئي هو سو ٿي ويو

هي هٿ هـٿـوڙا اڄ به اٿـئي ۽ دنـيـا ڏاري سگهجـي ٿـي

سوچيان ٿو ته ماضيءَ جي مزار تي ڪنهن جو مجاور ٿيڻ بجاءِ ان وهي ويل گهڙين تي ماتم ڪرڻ بدران ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جهڙن اڏول ۽ اڻٿڪ ڪردارن کي جيڪڏهن رستي جي مشعل بڻائي ساڻ کڻجي ته هوند هر جند ۽ منهنجي هن سنڌ جون هڙئي اونداهه ٿيندڙ واٽون نين جوتن سان جرڪي سگهن ٿيون ۽ وري اُهي اجڙيل سماجي، ثقافتي، علمي، ادبي اوطاقون ايندڙ نسل لاءِ مثالي ادارا بڻجي سندن پرورش ڪري سگهن ٿيون. وري سنڌ جي سينڌ اجري سگهي ٿي، صرف هي عزم ورجائجي ته:

هي جيون توڙي مايا آ، پر جو پل ان جي ڇايا آ

ٿا ان ۾ پنهنجا پير وڌن ۽ اُس اڀاري سگهجي ٿي. (اياز)

اڄ ان آدرشي ۽ امل انسان جي ۲۲ هين ورسيءَ تي سندس ڳالهيون ۽ ڳڻ ورجائي جيڪڏهن اهو پڪو عزم ڪيون ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جيان هميشه پنهنجي ڌرتيءَ، سماج ۽ ورثي جي پوئلڳيءَ ۾ باقي ڏينهن بسر ڪنداسين ته مون کي سنڌ جو سُنهن، اسين وري ٻنهي بي مثال وڃايل شان شوڪت، مانَ مريادا جا امين ٿي جڳ ۾ اوچي ڳاٽ سان جِــي سگهون ٿا.

 

(روزانه عوامي آواز، سومر ۱۰ مارچ ۲۰۰۸ع)


 

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

هڪ سدا بهار شخصيت

يار محمد پلي چڱاڻي

پنجاهه جي ڏهاڪي جو پهريون پور شايد اڻويهه سؤ چوونجاهه هو. آءٌ عمرڪوٽ هاءِ اسڪول ۾ زيرِ تعليم هئس ۽ هاسٽل ۾ رهندو هئس. هڪ لڙيءَ منجهند جو مير خان پٽيوالي سان ڪو نوجوان هڪ هٿ ۾ ٿري ڪيسل پاڪيٽ ۽ ٻئي هٿ ۾ چمڙي جي ڀوري بئگ لوڏيندي، اچي منهنجي ڪمري ۾ پهتو. انتهائي شاندار نوجوان، بدن تي اڇو ايس.او هرک جو بي داغ وڳو، مٿي تي مهانگي ڪراڪلي ٽوپي ۽ پيرن ۾ فلئڪس جو ولائتي بوٽ! آءٌ اٿيس، هٿ ملائڻ شرط چيائين: ”ادا! آءٌ آهيان قاضي محمد عالم معصوم هالائي ۽ اوهان يقينًا يار محمد چڱاڻي آهيو؟“ ڪنڌ لوڏيم. هڪ خط ڪڍي ڏنائين، هفتيوار ”همدرد“ جي مالڪ حاجي محمود هالائي مرحوم لکيو هو ته: ”هي نوجوان نوابشاهه مان نڪرندڙ ”ادا“ رسالي جو ايڊيٽر به آهي. سنڌي ادبي سنگت جي عمرڪوٽ ۾ شاخ کولڻ لاءِ سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل اياز قادريءَ ڪراچيءَ مان موڪليو آهي. عمرڪوٽ ۾ سڄاڻ ماڻهن کي ڪٺو ڪري، ميمبر ٺاهي، سنڌي ادبي سنگت جي برانچ قائم ڪندا. اها قوم ۽ زبان جي خدمت آهي ۽ اوهان جي به خواهش.“ معصوم هالائيءَ کي جذبو ئي عمرڪوٽ وٺي آيو هو ۽ سندس ڪم ئي هو شعر وشاعري ۽ زبان جي واڌ ويجهه لاءِ هٿ پير هلائڻ. ٻئي ڏينهن عمرڪوٽ جي ميونسپل آفيس جي ڪميٽي هال ۾ شهر جا لکيل پڙهيل نوجوان ۽ پوڙها ته آيا، پر ان وقت جي مختيارڪار واحد بخش سرهيو ۽ ڪٽ مست صوبيدار شير شاهه بادشاهه کي به آڻي، ميمبر بنائي، چندو وصول ڪري ڏنوسون، سيٺ ڏيارام کي، جيڪو خزانچي مقرر ٿيو ۽ آءٌ سنگت جو جنرل سيڪريٽري ٿياسين. ان کان پوءِ اياز قادريءَ جون تجويزون ۽ تحريرون پهچنديون رهيون. هڪ دفعي لکيائين: ”سنگت“ جي ساٿ سان لطيف جون ورسيون ملهائي، سنڌي ادب کي ايترو اجاگر ڪيو، جيئن لاڙڪاڻي ۾ مسٽر تاج محمد ابڙو جاکوڙي رهيو آهي.

اڌ صديءَ جي وٿيءَ سان، هڪ ڏينهن، اياز قادري مرحوم جا ڪنن ۾ ٻرندڙ لفظ ته: ”ان جذبي ۽ جاکوڙ سان سنگت لاءِ سرگرم ٿيو، جيئن لاڙڪاڻي ۾ مسٽر تاج محمد آهي“ ساري، وڃي ٽاؤن هال پهتس. ٻه ڏينهن اڳ گهر ۾ ڪتاب اٿلائي رهيو هئس ته پٽ اچي ڪجهه پنا ۽ دعوت نامو ڏنو ۽ چيائين: ”عمرڪوٽ جي ائنٽي ڪرپشن جي سرڪل آفيسر مسٽر نادر علي ابڙي جو ڪو ماڻهو ڏئي ويو آهي.“ نادر علي ابڙي پنهنجي والد مرحوم تاج محمد ابڙي جي ميراث کي ڪيترو نه مضبوطيءَ سان پڪڙيو آهي! مون سوچ جي سمنڊ ۾ ٽٻي هنئين، پروفيسر ڊاڪٽر اياز قادريءَ کي ڏٺو ته مون سان هم ڪلام هو ته اوهان عمرڪوٽين جي دل جي بند دريچن تي مون آڳاٽو دستڪ ڏني، پر اوهين ستل ئي رهيا! ان ئي زماني ۾ تاج محمد لاڙڪاڻي ۾ ادبي سنگت جي برانچ قائم ڪري، جنرل سيڪريٽري بنجي، لطيف جون ورسيون ملهائي، زبان ۽ ادب جي ڏياٽيءَ کي وسامڻ ڪونه ڏنو هو. ان روشنيءَ جو هڪ ڪرڻو سندس پٽ نادر علي آهي، جيڪو ۴۸ سالن کان پوءِ اوهان کي تاج محمد ابڙي جي زباني اها نويد سڻائي رهيو آهي ته: ”جي لوچين سي لهن جڏهن تڏهن پرين کي!“ ڏکاريءَ دل ڏوراپو ڏنم ته: ”شامتِ اعمال ما، صورت نادر گرفت.“

هو عمرڪوٽ ٽائون هال ۾ اپر سنڌ جي مردم خيز علائقي جي هڪ سدا بهار شخصيت جي نالي ”بزم تاج محمد ابڙو“ جو بنياد رکي رهيو هو. سندن هوش پوش تعليم يافته مکڙيءَ مان کلي گلاب ٿيندڙ نوجوان پٽ نادر علي! واقعي ”نادر الوجود“ انسان ئي ”نادر“ کي جنم ڏيندا آهن. پيغمبر وانگر ننڍيءَ اوستا ۾ ئي پيءُ جي شفقت ڀرئي هٿ کان محروم ٿي ويل رهبرن ۽ رشين جي عمر تي پهچي، هن دولابڻ دنيا کي تياڳ ڏيندڙ تاج محمد مرحوم جي زندگيءَ جي فلم جو رول اکين آڏو هلڻ شروع ٿي ويو، جنهن جون اڪثر شامون ٽريڊ يونين ڪراچيءَ جي ڪميونسٽ آفيس ۽ ڪامريڊن سان گذريون. جمال الدين بخاري، ڪامريڊ عبدالقادر، سوڀو گيانچنداڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ حيدر بخش جتوئي ويجها رهيس، پر انهن جي خيالن ۽ قول و قرار کان وڌيڪ ترجيح مولانا تاج محمود امروٽيءَ جي تفسير ۽ ترجمي کي ڏنائين، جيئن ڀلارو ڀٽائي، مولانا روم جي مثنوي، سيرانديءَ رکي سمهندو هو، تيئن بزرگ امروٽيءَ جو تفسير لائبريريءَ جي مٿانهين خاني ۾ رکيائين. دل ۾ مونجهه وقت رهنمائي ۽ رفاقت ڪلام پاڪ کان وٺندو هو. دنياوي زندگيءَ جي رنگ آميزيءَ لاءِ پنجن پٽن ۽ چئن نياڻين کي جديد تعليم جي زيور سان آراسته ڪيائين ته مولويءَ جون خدمتون به ڪونه وساريائين. صبح سان ڪلام پاڪ جي تنوار ۽ ملان جي ڪار. ان ڪري ڪچيءَ وهيءَ ۾ اولاد جو صاف ذهن حق ۽ سچ کي سڃاڻي، پٿر تي لڪير وانگر بنائي ڇڏيو. سندن پراڻي ساٿيءَ عبدالمجيد ميمڻ مرحوم جون ساروڻيون ساريندي، ڪنهن لکيو آهي ته: هو هڪ روشن دماغ ۽ وسيع القلب انسان هو. انسانيت لاءِ پيار هن جي سرشت ۾ سمايل هو ۽ وٽس امير، غريب، ناستڪ، دهريو، هندو خواهه مسلمان عزت ۽ احترام جي لائق هئا. مولوي حاجي قادر بخش ٺيٺ مذهبي ۽ تهجد گذار انسان هو. ان کي تاج محمد مرحوم پنهنجي پيار ۾ ايترو پروئي ڇڏيو هو، جو هن جي اعليٰ اخلاق ۽ انسان ذات سان محبت ۽ خدمت جي ڳالهين مان ڍاپندو ئي ڪونه هو. مقصد ته هو پنهنجي ڪامريڊ سنگت سان به گڏ هو ته پراڻي ثقافت ۽ مقصدِ حيات جو پڪو پابند به رهيو. ائين چئجي ته جدت ۽ قدامت جي آميزيشن جي زنده تصوير هو. اهو ئي سبب هو جو پراڻين رسمن جون پاسداريون وڃائجي ويل وضعداريون وڙئون ڪو نه وڃايائين. پيءُ جو پاڇو ته اٿاڪل ۾ ئي وکريل ڪڪر وانگر واچوڙو ٿي اڏامي ويو، پوءِ پرورش ڪيس بختاور وڏي ڀيڻ، جيڪا قرآن ڪريم سنڌي زبان کان سواءِ پارسي به پڙهيل هئي. ائين اڳتي وڌندو، ترقيون ڪندو رهيو. الوحيد جي ايڊيٽوريل اسٽاف ۾ شامل ٿي ڪامياب صحافت ڪيائين. ريڊيو پاڪستان تي شوقيه ويو. صاف آواز ۽ لفظن جي ادائگي ۽ لهجو اهڙو وڻندڙ، جو آڊيشن ڏيڻ سان نيوز ڪاسٽر ٿي ويو. قمبر ۾ استاد به رهيو. بقاپور يونين جو چيئرمين چونڊيو ويو. سياست ڪيائين، عشق جي حد تائين مطالعي سان من لڳايائين. اڳتي هلي عزت ڀريءَ عدالت جو سيشن جج ٿيو. ملڪ جي انتهائي مڃيل ڪامريڊن، ڪميونسٽن ۽ سوشلسٽن سان ساٿ رهيس. سندس سڃاڻ به ان حوالي سان مشهور ٿي. هاري تحريڪ، نيشنل عوامي پارٽي، سنڌي عوامي محاذ يا ائنٽي ون يونٽ ۾ به نمايان رهيو. حقوقِ نسوان يا عورتن جي آزاديءَ لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪيائين، پر مسڪين خلق کي به آڏو رکيائين. هڪ دفعي ڪٿي عورتن جي آزاديءَ تي زوردار بحث ڪري رهيو هو ته سندس عزيز ۽ دوست جمال ابڙي صاحب اڳتي وڌي آهستگيءَ سان چيس ته: ”تون پنهنجي گهرواريءَ کي اهڙي آزادي ڏيڻ لاءِ تيار آهين؟“ هڪدم چيائين: ”ميان! توبهه ڪر.“ حقيقت ۾ پرده داري ۽ پراڻا پيوند نه هن ٽوڙڻ چاهيا ٿي، نه وري سندس گهرواري ان لاءِ آماده هئي. اهو اڪبر اله آباديءَ جي دؤر جو اثر هو. چراغ خانه بجاءِ شمع محفل ٿيڻ هن عقيفه لاءِ به عيب هو. سيشن جج جي گهرواري هئڻ جي حيثيت سان نه ڪڏهن ڪنهن مينا بازار جو افتتاح ڪيائين، نه رنگ برنگي لباس جي نماءَ سان دعوتون ۽ ڪارنر ميٽنگون اٽينڊ ڪيائين، پوري زندگي پردي ۾ رهي. اهي پابنديون صرف پاڻ تائين محدود رکيائون، پر پنهنجن پنجن پٽن وانگر چئن ئي نياڻين کي جديد تعليم کان محروم ڪونه رکيائون. ڪن نياڻين ايم بي بي ايس ڪري بيمار انسانيت ۽ دم ٽوڙيندڙ مريضن تي مسيحائيءَ جو هٿ رکيو ته ڪن وري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ تعليم جو درس ڏنو. لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو ته هونئن سنڌ جي شهه رڳ آهي، رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجي کان ويندي ذوالفقار علي ڀٽي جهڙا اڏول انسان به لاڙڪاڻي پيدا ڪيا. ايوب کهڙي، قاضي فضل الله ۽ سر شاهنواز ڀٽي جا بنگلا سياسي جوڙ توڙ جا مرڪز هئا. طاقتن جو ٽڪراءُ هڪٻئي ۾ عناد پيدا ڪيو. هرڪو شاڪي ۽ شڪي، پر تاج محمد مرحوم جي اوطاق ئي هڪ اهڙي بيٺڪ هئي، جنهن ۾ شڪ شبهي، ڪدورت ۽ ڪيني کي داخل ٿيڻ لاءِ ڪو دروازو هو ئي نه. اصل ڳالهه آهي اخلاص جي. مرحوم پاڻ مخلص هو. کهڙو هجي خواهه قاضي، ابڙي جا سڀ احسانمند ۽ پاڻ سڀني جو سڄڻ. قاضي فضل الله سنڌ جو وزيرِاعليٰ ٿيو، پر لاڙڪاڻي جي ٽوئر دوران تاج محمد جي دلين جي دڪان تي حاضري ڀرڻ کان سواءِ ڪراچيءَ ڪونه موٽندو هو. سڪندر ڀٽو وڏو وضعدار ۽ يار ويس انسان هو. تاج محمد جي قرب ڀري ڪچهريءَ ۽ غم غلط ڪرڻ وارن ٽهڪن ۾ شريڪ ٿيندو هو. ذوالفقار علي جيڪڏهن لاڙڪاڻي آيل هوندو هو ته شام جو وڏي ڀاءُ سان گڏ اچي ابڙي صاحب جي اوطاق جي سڳنڌ ۽ سرهاڻ ۾ واسبو هو. گهڻو وقت پوءِ ڀٽو صاحب، ايوب خان جي ڪابينه ۾ قدرتي وسيلن جو وزير ٿيو. ايوب جي ورڪ لاءِ تاج محمد تي حجت هلايائين، پر مرحوم ضمير کي ترجيح ڏئي ووٽ ڏنو مس فاطمه جناح کي، ان ڪري ارباب اقتدار مٿس ڏاڍو ڏمريا، پر سون کي ڪٽ نه ڪو ڪس! ڀٽي جي چوڻ تي بيسڪ ڊيموڪريسيءَ جو ميمبر چونڊجي بقاپور يونين ڪائونسل جو چيئرمين به رهيو. وقت جي وهڪري ذوالفقار علي ڀٽي کي مارشل لا ائڊمنسٽريٽر ۽ صدر پاڪستان بنائي ڇڏيو. هن جو شمار دنيا جي وڏن مدبرن ۾ ٿيڻ لڳو. چيئرمين مائوزيتنگ ۽ چواين لائيءَ مغرب جو مفڪر برٽينڊرسل ۽ ترڪيءَ جو عصمت انونو ۽ ٻيا ان پايي جا تاريخ ساز اڳواڻ به ڀٽي جا گڻ ڳائڻ لڳا. لازمي طور اها حالت انسان کي مغرور بنائي ڇڏي ٿي. ڀٽي صاحب جو غرور ۽ انانيت به انتها تي پهتي هوندي. ان حيثيت ۾ هُو لاڙڪاڻي جي دوري تي آيو. المرتضيٰ هائوس سڄو اهلڪارن ۽ ادارن جي گهيري ۾ هو. تاج محمد صاحب به ملاقات ۽ مبارڪ لاءِ حاضر ٿيو. نگاهه پوڻ سان ئي اهي پراڻيون محبتون، حجتون ۽ اوطاقي مجلسون ياد اچي ويس. محبت سان ملي پراڻيءَ حجت سان چيائين: ”ڪامريڊ تاجو! آءٌ تنهنجي لاءِ ڇا ڪريان؟“ مرحوم مسڪرائي چيو: ڪافي وقت وڪالت ڪيم، اي پي پي ٿي ڪم ڪيم، اڃا به ڪريان پيو. ائڊيشنل جج ٿيڻ ۾ ڪوبه ڏوهه ڪونهي.“ ڀٽي جي حڪم سان تاج محمد هڪ هفتي اندر پبلڪ پراسيڪيوٽر مان سکر سيشن ڪورٽ ۾ اچي عدالت جي ڪرسيءَ تي ويٺو. شيخ مبارڪ علي اياز جيڪو وڏو شاعر، وڏي دانشور هئڻ سان گڏوگڏ وڪيل به هو، جمال ابڙو ۽ تاج محمد خاص دوست هئس، سکر ۾ وڪالت ڪندو هو، سو پنهنجين يادگيرين جي ڪتاب: ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“ ۾ لکي ٿو ته: ”غلطي منهنجي هئي يا تاج محمد جي غلط فهمي، بهرحال مون کان ناراض ٿي پيو. آءٌ هميشه جي دستور موجب بنا اطلاع يا پيشگي اجازت جي هليو آيس سندس چئمبر ۾. ”ائين بنا اجازت جي نه ايندو ڪر مون وٽ.“ ابڙي صاحب جو ڳنڀير آواز گونجيو. آءٌ ماٺ ٿي ويس. بعد ۾ توانايون بحال ڪري چيم: ”انشاءَ الله اڄ کان پوءِ مون کي ڪونه ڏسندا ۽ پنهنجا ڪيس به اتان منتقل ڪرائي ٿي سگهيس، پر ائين نه ڪيم. چار پنج مهينن کان پوءِ هڪ دفعي ڪورٽ ۾ هئس ته بيلف چيو ته اندر چيمبر ۾ صاحب اوهان کي سڏايو آهي. ٿورو سوچي هليو ويس. تاج محمد اٿي بيٺو، هٿ ملائي چيائين: ”اياز! تون مون کان ناراض آهين؟“ چيم: ”هائو!“ چيائين: ”ڳالهه ٻڌ، آءٌ جج ٿي جڏهن ڪرسيءَ تي ويٺس ته مون سوچيو ته آءٌ پنهنجي قلم جي نوڪ سان ڪنهن جي گردن اڏائي سگهان ٿو، ڪنهن کي ڦاسي ڏئي سگهان ٿو. ان سوچ مون کي ٽرڙو بنائي ڇڏيو ۽ تو سان به ٽرڙائي ڪري ويٺس، مون کي معاف ڪري ڇڏ.“ مون هڪدم ڳالهه ڪٽي چيو: ”بس بس، اڳتي ڪجهه به نه چئج، تون مون لاءِ ساڳيو ڪامريڊ تاجو آهين.“ اهو آهي عظيم هئڻ جو ثبوت. غلطي ڪا ڪانه هئس، اصولي ڳالهه هئي، هلندڙ عدالت جا ڪي قاعدا ۽ ضابطا آهن. سچي دوست ۽ گڏوگڏ قانوندان کي ته وڌيڪ محتاط رهڻو آهي، ان جي باوجود مرحوم جي دل تي بوجهه رهيو، جيسين نه دوست جي دلجوئي ڪيائين، تيسين قرار ڪونه آيا.“ شيخ اياز هن جي نيڪ دليءَ ۽ معامله فهميءَ تي لکندي آخر ان جملي تي پڄاڻي ڪئي آهي: ”هن جهڙا صاف گو، صاف دل انسان مون زندگيءَ ۾ ٿورڙا ڏٺا.“

جمال ابڙو صاحب پنهنجي چئن جلدن واريءَ ڪٿا ۾ مرحوم تاج محمد جو اڪثر ذڪر ڪندو رهيو آهي. هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”حيدر بخش جتوئي هاري تحريڪ جو بانيڪار هو، تحريڪ لاءِ جان نثار ۽ ڌُن جو پڪو. هاري تحريڪ ۾ اختلاف ٿي پيو، پارٽي ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي. طاقت جو توازن بگڙيو ته تاج محمد بي چين ٿي پيو. مولوي نذير حسين جا هل هڪلون سهي، ڏيپلائيءَ وٽان اڳين تاريخن ۾ اخبار ڇپرائي، فرضي چونڊون ڪرائي، سڀني کي حيرت زده ڪري ڇڏيائين. حيدر بخش جتوئي جيل مان آزاد ٿي اچي هاري حقدار پريس ۾ ويٺو هو. هي نين چونڊن ۽ ڪاميٽيءَ جي ٻين ڪمن جا پنا کڻي وڃي هاري حقدار جي آفيس ۾ پهتو. ڪامريڊ جتوئيءَ جي ڪمزوريءَ مان پوريءَ طرح واقف هو، ان ڪري وڃڻ وقت لينن جي تصوير به کڻي ويو. صحيحن جي پوءِ ڳالهه ڪيائين، پهرين لينن جي تصوير حيدر بخش آڏو آندائين. ڪامريڊ لينن اڳيان اچي ۽ جتوئي حواسن ۾ رهي، ائين ٿيڻو ڪونه هو. هن کي حواسن مان ڪڍي يا هيپناٽائيز ڪري نفسياتي مار سان سڀ صحيحون وٺي ڇڏيائين. ان طريقي سان ڪم وٺڻ به دانائي ۽ انساني نفسيات جي ڄاڻ آهي. ان اٽڪل بازيءَ کان علاوه مرحوم ۾ همٿ ۽ حوصلو هو، جوان مرديءَ ۽ جفاڪشيءَ جو اهو عالم جو مولوي نظير حسين جيل ۾ هو، پويان ڪي برده فروش هن جي ۵، ۷ سالن جي ناسمجهه نياڻي اغوا ڪري ويا. هو سک تڏهن ستو، جڏهن جهر جهنگ جهاڳي، ڳوٺن ۾ رلي، وڃي نياڻي هٿ ڪيائين ۽ جوابدارن کي ڳٿڙ مان پڪڙي، اچي ڪورٽ حوالي ڪيائين.“

(روزانه سنڌ، هلال پاڪستان)


 

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

قومي سياستدانن، دانشورن ۽ ليکڪن جي نظر ۾

هدايت منگي

اٺين آگسٽ ۱۹۹۴ع تي سنڌ جي هڪ سدا حيات شخصيت محترم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو (مرحوم) جي ۶۹ هين سالگرهه آهي. هو سنڌ جي تاريخ ۾ سياسي، ادبي، سماجي ۽ عدالتي خدمتن جي حوالي سان هميشه ياد رهندو، ڇاڪاڻ ته انهن حلقن سان سندس وابستگي سڄي حياتيءَ دوران رهي. سندس زندگي ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کان وٺي امان الله شيخ تائين سنڌ جا سمورا آدرشي انسان سندس رهائشگاهه (اوطاق) تي ميڙا لڳايو ويٺل نظر ايندا هئا ۽ انهن ميڙاڪن ۾ سنڌي سماج جي ڪنهن بنهه معمولي سرگرمي کان وٺي آفاقي، انساني، سياسي قدرن، انقلابن، تبديلين ۽ سرگرمين بابت انتهائي سنجيده بحث مباحثا ٿيندا هئا، جن کي لاڙڪاڻي ۾ ههڙين سرگرمين جي حوالي سان انتهائي وڏي اهميت حاصل هئي. انهن سرگرمين ۽ بحث مباحثن جي محرڪ، هن سنڌ جي منفرد شخص بابت سنڌ جي قومي سياستدانن، آزادي جي ويڙهاڪن، دانشورن ۽ ليکڪن مختلف وقتن تي جيڪي تاثرات لکيا آهن، تن جا ٿورڙا ٽڪر هن موقعي تي اختصار سان پيش ڪجن ٿا.

جي ايم سيد:

ميان تاج محمد ابڙو لاڙڪاڻي جو انسان دوست، خوش خلق ۽ رلڻو ملڻو ماڻهو هو. افسوس جو جوانيءَ ۾ وفات ڪيائين. ان جو اسان کي ارمان آهي. مخلص دوست، يارن جو يار، ايماندار ۽ قابل ماڻهو هو. آخر ۾ وڪالت ڇڏي جج ٿيو. خدا جنت ۾ جايون ڏئيس.

ڪامريڊ ڄام ساقي:

سائين تاج محمد ابڙي کي اڃا تائين نه مرحوم لکڻ جي همٿ اٿم ۽ نه ئي سائين کي ڪڏهن تاج محمد سڏيم. اسين گهڻو جونيئر هوندي به سائين کي ”سائين تاج“ ئي سڏيندا هئاسين. سائين سنڌي ادبي سنگت هجي يا هاري ڪاميٽي، شاگردن جي سرگرمي هجي يا سنئين سڌي انقلابي هلچل، اسان کي هميشه ۽ هر طرح همٿائيندو رهيو. دنيا جي تازي ۾ تازي انقلابي ۽ سياسي لٽريچر هٿ ڪرڻ، پڙهڻ ۽ نوجوان دوستن کي پڙهائڻ جي ڪوشش ۾ سدائين رڌل هوندو هو. جهڙو هو صورت ۾ سهڻو ۽ سيرت ۾ صادق، اهڙو ئي محبت ۽ مڻيا وارو مانجهي مڙس هو.

تمام ٿورن ماڻهن کي خبر هوندي ته هن مزدورن جي يونينن کي منظم ڪرڻ ۾ لاڙڪاڻي ليول تائين ۽ سنڌ هاري ڪاميٽي کي منظم ڪرڻ لاءِ سنڌ سطح تي ڪوششون به ڪيون ۽ هميشه وس آهر مدد به ڪئي.

ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي:

تاج محمد ابڙو هڪ ئي وقت پنهنجي ذات ۾ هڪ انجمن هو. هن وٽ سياسي ليڊر، روپوش سياسي ڪارڪن، هاري، مزدور، شاگرد، ڪارڪن ۽ اديب ايندڙ ويندڙ هئا. سندس تعلق ان وقت جي سمورين سياسي شخصيتن؛ محمد ايوب کهڙو، قاضي فضل الله، جي ايم سيد ۽ اڀرندڙ شخصيت ذوالفقار علي ڀٽو سان به هو. هاري ۽ مزدور تحريڪن سان تاج محمد ابڙي جو گهرو لاڳاپو هو ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، مولوي نذير حسين ۽ ٻيا ڪيترا ئي هاري ورڪر هن وٽ ايندڙ ويندڙ هئا. تاج محمد ابڙو ڏاڍو پڙهيل ۽ ادبي تنظيم جو منتظم هو. ون يونٽ قائم ٿيڻ بعد جيڪي سياسي سرگرميون رهيون، تن ۾ به تاج محمد ابڙو خاصو رول ادا ڪندو رهيو. سياسي ۽ ادبي ڪتابن جو تاج محمد شوقين هيو ۽ پوءِ حقيقت ۾ تاج محمد ابڙي ئي بحيثيت خود لاڙڪاڻي واري سنڌي ادبي سنگت به قائم ڪري ورتي.

ذوالفقار علي ڀٽي سان تاج محمد جو خاصو Equation (ويجهائي) هئي.

مان تقريبًا پنج سال ۱۹۵۹ع کان مارچ ۱۹۶۴ع تائين نظربنديءَ ۾ گذاريا. مون تان نظربندي جي پابندي ختم ٿي. ان ۾ به وڏو ڪردار تاج محمد ابڙي جو هو، جنهن ذوالفقار علي ڀٽي کي چئي اها پابندي هٽرائي.

تاج محمد جي موت کان چند ڪلاڪ اڳ جناح اسپتال ۾ جڏهن مون ساڻس ملاقات ڪئي ته مون کي بيحد حيرت ٿي ته مون کي همٿائيندو رهيو، بجاءِ ان جي جو مون کي ڪو موقعو ڏئي ته ڪا کيس تسلي ڏيان. ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي تاج محمد ابڙو وفات ڪري ويو.

تنوير عباسي:

تاج محمد ابڙو کلڻو ملڻو، جڏهن ملوس ته ٽهڪ ڏيندو، دوست کي ڏسي خوش ٿيندو. هن سان پهريون دفعو ملاقات ۱۹۵۶ع ۾ ٿي.

ون يونٽ جو اونداهو دؤر هو. ادب ذريعي انقلاب جي ان تحريڪ جي روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو لاڙڪاڻي ۾ تاج محمد ابڙي جي اوطاق مان اُسريو ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ ڦهلجي ويو.

اسان سنڌي ادبي سنگتن کي هڪ مرڪز تي گڏ ڪرڻ لاءِ پهرين ميٽنگ لاڙڪاڻي ۾ رکي ۽ تاج محمد ابڙي ميزبان ٿيڻ قبوليو. سڀني تاج محمد ابڙي جي اوطاق تي گڏ ٿي فيصلو ڪيو ته ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت جو ڪنوينشن سڏائجي، جنهن ۾ سنڌ جي سڀني ادبي سنگتن کي هڪ مرڪز تي گڏ ڪري سنڌ سنگت ٺاهجي ۽ ان جو دستور وغيره منظور ڪرائجي. اهو روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو هو، جيڪو ون يونٽ جي اونداهي دﺂر ۾ تاج محمد ابڙي جي اوطاق مان ڦٽو ۽ سڄي سنڌ کي جر جر، جرڪائي ڇڏيائين. هاري تحريڪ، نيشنل عوامي پارٽي، سنڌ عوامي محاذ، مطلب ته جيڪا به تحريڪ سنڌ جي پيڙهيل طبقن جي ڀلائيءَ ۽ آجپي جي لاءِ هئي، ان ۾ ڀرپور حصو ورتائين.

نواب نبي بخش خان ڀٽو:

تاج محمد خان ابڙو منهنجو ڀائن جهڙو دوست، مون تي ڏاڍو مهربان ۽ همدرد هو. منهنجو ڪم پنهنجو سمجهندو هو. هن جي گذاري وڃڻ جو مون کي سخت ڏک آهي. مون کي هُو هر وقت ياد هوندو آهي.

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي:

جن شخصيتن مون کي متاثر ڪيو ۽ انهن کي وساري نه سگهيو آهيان، اهڙين ئي شخصيتن مان هڪ تاج محمد ابڙو مرحوم به هو. تاج محمد ابڙي مرحوم لاڙڪاڻي ۾ ادبي سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي ۽ لاڙڪاڻي جي اديبن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ بنيادي ڪم ڪيو. سندس شمار اهڙن ماڻهن ۾ ڪري سگهجي ٿو، جن اديبن کي ميدان تي آندو ۽ جديد سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ بنيادي ڪم ڪيو.

لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد پيو، جنهن جي بانين ۾ تاج محمد ابڙي مرحوم، جمال ابڙي ۽ اياز قادريءَ جا نالا اچي وڃن ٿا. پهريون محرڪ ان جو تاج محمد ابڙو مرحوم هو.

ڪامريڊ مير محمد ٽالپر:

لاڙڪاڻي، ذوالفقار علي ڀٽو، بئريسٽر جان محمد جوڻيجو، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۽ ٻيون بيشمار شخصيتون پيدا ڪيون. تاج محمد ابڙو من کي موهيندڙ شخصيت هو. تاج محمد ابڙو ڪير سڏائي! سندس سونهن، سوڀيا ۽ هر دلعزيزي ڪڏهن ڪانه وسرندي. منهنجي مرحوم سان پراڻي نيازمندي هئي. مرحوم منهنجو هاري ڪميٽيءَ کان وٺي دوست هو. سندس ٽڪر منهنجي پيٽ ۾ آهن. سندس قرب ڪڏهن ڪونه وساربا. لاڙڪاڻي جا اڪابر ’ابڙا‘، جن مان مون کي سرهاڻ آئي، انهن مان موتي داڻو ابڙو تاج محمد. هي صاحب وڪالت ڪندو هو. سندس اوطاق ڪامريڊن جو اجھو هوندي هئي. سڀ ڪم ڪارين وارا وٽس اچي ٿاڪ ڏيندا هئا. بسترو ماني به ملندي هئي، آفيسن جا ڪم، ڪورٽن جا قانوني ڪم به ٿيندا هئا. منهنجو جڏهن به لاڙڪاڻي وڃڻ ٿيندو هو، تڏهن سندس آشياني تي ضرور حاضري ڀربي هئي. ڪچهري ٿيندي هئي ۽ لنگر به گڏ ڪبو هو. مرحوم تاج محمد پوءِ سيشن جج ٿيو. بيحد انصاف پسند ثابت ٿيو. سندس وڇوڙو اسان سڀني ڪامريڊن لاءِ وڏو حادثو آهي. سندس اولاد آهي. مون کي ياد ڪندا آهن.

ڊاڪٽر اياز قادري:

تاج محمد ابڙو منهنجو هاءِ اسڪول کان وٺي ڪاليج تائين ڪلاس فيلو، هاسٽل ۾ روم ميٽ ۽ زندگيءَ ۾ پيارو دوست هو. اسين هڪٻئي جي ويجهو رهياسين. تاج محمد ابڙي کي ننڍپڻ کان ئي سياست سان دلچسپي هئي. ۱۹۴۲ع وارو زمانو هو، مگر تاج محمد ابڙو ان وقت به هارين ۽ غريبن جي ڳالهه ڪندو هو. سياسي طرح هُو ڪامريڊ قادر بخش نظاماڻيءَ کي ئي پنهنجو استاد سمجهندو هو.

تاج محمد کي شاگرديءَ واري زماني ۾ اخبار ڪڍڻ جو ڏاڍو چاهه هو. هن ڪجهه پئسا پاڻ ۽ ڪجهه پئسا ٻين دوستن کان هٿ ڪري ”نوجوان“ نالي سان هفتيوار اخبار شروع ڪئي. ان وقت نه سنڌي مسلمانن ۾ هو مڊل ڪلاس نه تعليم، نه وري اخبار پڙهڻ جو چاهه، تنهنڪري ”نوجوان“ جا فقط ڪجهه پرچا نڪتا، پوءِ اخبار مالي مشڪلاتن سبب بند ٿي وئي. تاج محمد ابڙي شاگرديءَ واري دؤر ۾ مختلف هنڌن تي نوڪري به ڪئي. ڪجهه عرصو ان وقت جي مشهور اخبار ”الوحيد“ ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر ٿي ڪم ڪيائين. پوءِ ريڊيو پاڪستان ۾ سنڌي خبرن جو انائونسر (Announcer) ٿي رهيو.

تاج محمد ابڙو ۴۸-۱۹۴۷ع ڌاران وڪالت پاس ڪري لاڙڪاڻي هليو آيو. شيخ اياز سکر مان جڏهن به لاڙڪاڻي ايندو هو، ته وٽس اچي مهمان ٿيندو هو. ڀارت مان اتم ۽ سندري اتمچنداڻي جڏهن لاڙڪاڻي آيا، ته تاج محمد ابڙي انهن جي دعوت ۽ ميزباني ڪئي. سياست تاج محمد ابڙي جي رڳ رڳ ۾ سمايل هئي. هن سنڌ جي وڌ ۾ وڌ ڏتڙيل ۽ پٺتي پيل طبقي هارين لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. تاج محمد ابڙي جا سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ سرحد جي ڪيترن ئي سياستدانن سان انتهائي گهرا تعلقات هئا. سنڌ جي سياستدانن ۾ جي ايم سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، محمد امين کوسو، شيخ عبدالمجيد سنڌي، قاضي فيض محمد، غلام محمد لغاري ۽ بي شمار ٻين سان هن جا گهرا تعلقات هئا، پر اهي ٻئي هن جي سياست ۽ ضلعي جي ماڻهن جي نفسيات جي ڄاڻ سبب ضلعي جي ڪيترن مسئلن بابت کانئس هميشه مشورا وٺندا رهندا هئا. مون کي ياد آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو خاص طرح اليڪشن واري زماني ۾ هن وٽ ايندو هو يا هن کي پاڻ وٽ گهرائيندو هو.

تاج محمد ابڙي کي سنڌي ادب ۽ زبان سان بيحد گهڻي دلچسپي هئي. هُو چاهيندو هو ته سنڌي ادب کي پراڻي پيچري تان هٽائي نون ترقي پسند راهن ۽ رستن تي هلائجي.

هن جي وفات سان لاڙڪاڻي ۾ ڪچهرين جو دؤر ختم ٿي ويو، ڄڻ هي آخري ڏئيو هو، جو گُل ٿي ويو.

انيس انصاري:

منهنجي واقفيت ساڻس پهريائين ۱۹۳۹ع ۾ ٿي. تاج محمد دل جو درياهه ۽ مُنهن جو ملوڪ هو.

شروع کان وٺي تاج محمد غريبن جي پيڙا ۽ ڏک کي پنهنجو ڏک ڪري سمجهندو هو. ان سبب ڪري هن هڙئون ۽ وڙئون غريبن جي پئي مدد ڪئي. سندس همٿائڻ ۽ مالي مدد ڏيڻ تي ڪافي غريب پڙهي وڃي چڱين نوڪرين کي لڳا.

تاج محمد ابڙي جي ڪمزوري دوست هئا، جن کان سواءِ پاڻ کي اڌورو سمجهندو هو. ياري باشيءَ ۾ سندس ڪچهري مشهور هوندي هئي، جتي علم ادب کان سواءِ سياست تي به وڏا بحث پيا ٿيندا هئا. وڪالت جي عرصي ۾ ته ٺهيو، خود جج هئڻ دوران به اهي ڪچهريون قائم رهيون. باوجود ايماندار ۽ سچي هئڻ جي، ڪن ماڻهن سندس نالي بد ڪرڻ ۾ به ڪين گهٽايو، پر سندس آئيني جهڙي صاف شخصيت اجري جي اجري رهي.

انور پيرزادو:

ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ٻاريل ڏياٽيءَ جي روشني سنڌ جي اونداهي جاگيرداري ثقافتي قدرن واري ڌُنڌ کي چيريندڙ ۽ ڦاڙيندڙ آهي. اسين سڀ سمجهون ٿا ته ”ايجها ڪم ڪريجي، جنهن وچ الله آپ بڻيجي“ ۽ هي سڀ ڪجهه ڪامريڊ تاج محمد ابڙي پنهنجي مختصر عمر ۾ ڪيو. هن تي سڄي سنڌ ۾ مظلوم انسانيت ناز ڪري ٿي.

امان شيخ:

هڪ بي بها عظيم انسان مون پنهنجين اکين سان ڏٺو، جيڪو انساني گڻن ۽ خوبين جو ته ڳٽڪو هو، پر ان سان گڏوگڏ لاڙڪاڻي ساهه سيباڻي جي ماضيءَ جي شام جي آخري جهلڪ هو. مون حياتيءَ جي ڊوڙ ۾ ڳچيءَ پٽ تائين اختلاف رکندڙ هستين کي يڪجا ٿيندي ڪنهن هنڌ ڏٺو، ته اهو هو لاڙڪاڻي جي شام جو آخري اوتارو يعني سائين تاج محمد ابڙي جي اوطاق. انهيءَ اوتاري تي مون ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ، ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ، مولوي نذير حسين، ڪامريڊ جمال الدين بخاريءَ، حاجي محمد پيرزادي کان وٺي اياز قادري، سيد خادم حسين شاهه، ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌيءَ ۽ کوڙ سارين لائق هستين سان روح رهاڻيون ٿيون. انهيءَ اوتاري تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو به شام جو خنڪي هڻي اچي ويهندو هو، جنهن سان ڊگها ۽ اڻ کٽ بحث ٿيندا هئا.

مير علي احمد ٽالپر مرحوم:

مون کي پنهنجي انتهائي پياري دوست تاج محمد ابڙي جي موت تي ڏاڍو ڏُک ٿيو آهي. مان ۽ منهنجي فيملي اوهان جي ڏک ۾ شريڪ آهيون. الله مٿس رحم ڪري.

ادل سومرو:

سنڌي ادبي سنگت جو ٻوٽو، جيڪو هن وقت وڌي وڻ ٿي ويو آهي، ان جي آبياريءَ ۾ جن شخصيتن پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪيو، تن ۾ محترم تاج محمد ابڙي جون خدمتون وسارڻ جهڙيون نه آهن. سنڌي ادبي سنگت جي جڏهن به تاريخ لکي وئي ته تاج محمد ابڙي صاحب جو ذڪر ان ۾ نمايان طور ايندو ۽ ائين سنڌي ٻوليءَ جو هي گمنام ساٿي اسان جي ايندڙ نسل جي دلين ۾ هميشه زنده رهندو.

ڪامريڊ برڪت علي آزاد:

تاج محمد ابڙو اهڙن ماڻهن منجهان هڪ هو، جنهن کي تاريخ ۾ ڪڏهن به وساريندي به وساري نه سگهبو. جيڪب آباد ضلعي ۾ تاج محمد ابڙي جي مدد سان هاري تحريڪ جو بنياد پيو. درحقيقت اها ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ٻاريل هڪ شمع هئي. ضلع جيڪب آباد ۾ تاج محمد ابڙي هاري آفيس جو بنياد پاڻ رکرايو.

سنڌ جون اهڙيون مها قومي هستيون تاريخ جو عظيم سرمايو آهن ۽ اسان جي ايندڙ نسل لاءِ مشعلِ راهه آهن.

چيف جسٽس نعيم الدين:

مون کي مشهور ۽ نامور شخصيت تاج محمد ابڙو رٽائرڊ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي غمگين ڪندڙ وفات جو ٻڌي بيحد گهڻو ڏُک ۽ سخت صدمو رسيو آهي. مان پنهنجي ڏک جو اظهار لفظن ۾ نٿو ڪري سگهان.

محمد علي پٺاڻ:

تاج محمد ابڙو سنڌ جي تاريخ ساز شخصيت هو. سنڌي ادبي سنگت جي پايو وجهندڙن جي سٿ ۾ شامل ٿي، ترقي پسند ادب جي واڌاري لاءِ به هن جي عملي ڪوشش ادبي تاريخ جي ورقن ۾ سونهري اکرن سان سانڍيل آهي.

 

(عبرت، پڪار، آفتاب، بخت ور، جاڳو، هلال پاڪستان، خادم وطن، سنڌ نيوز، برسات ۽ سنڌو )


 

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

فڪري راھن کي روشن ڪندڙ

ڊاڪٽر ادل سومرو

زندگيءَ جو سلسلو صدين کان جاري آهي. هتي لکين آيا ۽ هليا ويا، ڄڻ ته هئا ئي ڪين، سگهه سونهن، مايا، سڀئي سايا. دائميت رهي ته فقط پيار ۽ نيڪيءَ کي، پر اها ڳالهه تمام ٿورا ماڻهو سمجهي سگهيا، جن اهو رستو ورتو دنيا انهن کي ديوانو سڏيو، اهڙن عاشقن حياتيءَ جو فلسفو سمجهيو ۽ ايئن گهاريو جيئن گذارڻ گهريو هو. اهو فلسفو آهي:

ڪجهه ڏئي وينداسين، ڪجهه نه کڻي وينداسين،

ٻورُ آهيون، ڏئي ميوو ۽ ڇڻي وينداسين.

(تنوير عباسي)

ڪي گيت ڏئي ويا، ڪي فڪر فلسفا، نيتون، واٽون، آدرش ۽ اميدون ڏئي ويا، ڪي پنهنجون حياتيون ئي قرباني ڪري ويا. اهڙا انسان ئي سدائين عزت وارن لفظن سان ساريا ويندا آهن. سنڌ جي ويجهي اتهاس ۾ پنهنجي ٻولي، علم، ادب ۽ فڪري بيداريءَ وارين تحريڪن کي سڌي طرح ترقي وٺرائڻ وارو هڪ عظيم فرد هو تاج محمد ابڙو، جنهن جي زندگيءَ جو جڏهن اڀياس ڪجي ٿو ته سندس ڪردار، هڪ وطن دوست انسان جي روپ ۾ اسان کي بلندين تي نظر اچي ٿو. هن پنهنجي حياتيءَ جو گهڻو وقت هن ڌرتي جي خوشحاليءَ لاءِ ٿيندڙ سرگرمين کي ڏنو. هن طبقاتي نظام خلاف ڪم ڪندڙ ڌرين کي همٿايو. ڪامريڊ برڪت علي وٽ پاڻ لڙي وڃي ٿو. هن اديبن ۽ عالمن جي عزت ۽ همٿ افزائي ڪئي. سنڌي ٻولي تي جڏهن ڏکيا ڏينهن آيا ته هن پنهنجون صلاحيتون ارپيون. هڪ روشن خيال ۽ ترقي پسند انسان جي روپ ۾ هن غلط سماجي رسمن خالف پاڻ پتوڙيو، اديبن جي وڏي جماعت سنڌي ادبي سنگت، لاڙڪاڻي ۾ بنياد رکڻ جو اعزاز به کيس ئي حاصل ٿيو. انهيءَ سلسلي ۾ تنوير عباسي لکي ٿو ته: اهو روشنيءَ جو پهريون ڏيئو جيڪو ون يونٽ جي اونداهي دور ۾ تاج محمد ابڙي جي اوطاق مان ڦٽو ۽ سڄي سنڌ کي جرڪائي ڇڏيائين.

جنهن شخص ۾ ايتريون خوبيون هجن، ان جي عزت ۽ اهميت کان ڪير ٿو انڪار ڪري سگهي! هن جو شمار اهڙين شخصيتن ۾ ٿئي ٿو، جن پس منظر ۾ رهي بنا ڪنهن شهرت ۽ نماءَ جون اهڙيون فڪري راهون روشن ڪيون، جن تي نئين نسل جي رهنمائي ٿي ۽ مجموعي طرح سنڌ ۾ روشن خيالي وارين تحريڪن کي فائدو رسيو، علم، ادب ۽ سياست جي ميدان ۾ سهپ ۽ رواداريءَ جا لاڙا متعارف ٿيا، جنهن ڪري سنڌ تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهي هئي. سنڌي سماج ۾ انتشار جو هڪ وڏو ڪارڻ فردن ۾ ميل ميلاپ جي کوٽ، هڪ ٻئي سان ڪچهري يا ڳالهه ٻولهه (ڊائيلاگ) نه ڪرڻ آهي. ڳوٺن مان اجتماعي اوطاقون ختم ٿي ويون، جنهن ڪري انائيت ۽ خود پرستيءَ جي مرضن ۾ واڌارو ٿيو. ڏاهن ماڻهن هڪ جاءِ تي ويهڻ ڇڏي ڏنو ته سوچ ويچار ۽ خيالن جي ڏي وٺ جا رستا بند ٿيا، تاج محمد ابڙي جي اوطاق تي ٿيندڙ ڪچهريون جڏهن نه ٿيون ٿين ته ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ڪنهن وٽ لڙي وڃڻ پسند نه ٿو ڪري، اها ڪهڙي ڳالهه هئي جيڪا عالمن، اديبن، دانشورن ۽ سياستدان کي تاج محمد ابڙي جي اوطاق تي گڏجڻ لاءِ اتساهيندي هئي. اها ئي ابڙي صاحب جي شخصيت جي سحر انگيزي، هن جي محبت ۽ هن جو رويو. اها ڳالهه تڏهن پيدا ٿيندي آهي جڏهن ماڻهو ”پاڻ“ کي پاسيرو ڪري سامهون واري کي اهميت ڏيندو آهي. لاڙڪاڻي ۾ اوطاقن جي کوٽ ناهي، پر اسان جي سڄاڻ دوست امان شيخ ابڙي صاحب جي اوطاق کي لاڙڪاڻي جي شام جو ”آخري“ اوتارو سڏيو آهي. اهو ابڙي صاحب جي شخصيت جو ڪمال جو هڪ ٻئي سان سخت اختلاف رکندڙ فرد به سندس اوطاق تي گڏجي ويهڻ پسند ڪندا هئا. هاڻ لاڙڪاڻي ۾ اهڙي صورتحال نه رهي آهي. جنهن ڪري امان شيخ جي راءِ سان سهمت ٿيڻو پوي ٿو. تاج محمد ابڙي صاحب پنهنجي سڄي حياتي هڪ آدرشي انسان وانگر گذاري ۽ پنهنجن نظرين يا اصولن تي ڪڏهن به سودي بازي نه ڪئي، هو چاهي ها ته عام ڪامورن وانگر پنهنجي اولاد لاءِ مال ملڪيت ڇڏي وڃي ها. پر کيس سڌ هئي ته اهي سڀ عارضي شيون آهن، بنيادي ڳالهه ڪردار جي آهي ۽ ان کي دائميت آهي، باقي مايا اچڻي وڃڻي نچڻي آهي.

تاج محمد ابڙي، ساڌو واسواڻيءَ جي چواڻي مطابق هن واقعي پنهنجي حياتي ايئن گذاري جيئن هن چاهيو پئي. هو ذهني طرح هڪ آزاد انسان هو ۽ زماني سازيءَ کان پري هو، جنهن ڪري هو هر قسم جي روحاني بيمارين کان آجو، آزاد، اجرو ۽ مهربان هو.


 

تاج محمد ابڙو

سنڌ جي گهڻ رُخي شخصيت

ستار ڀٽي

تاج محمد ابڙو ولد قادر بخش خان ابڙو لاڙڪاڻي جي اعليٰ شخصيتن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. هيءُ هردلعزيز شخصيت وارو انسان ۸ آگسٽ ۱۹۲۴ع تي شهدادڪوٽ تعلقي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم قمبر علي خان ۾ حاصل ڪيائين. ۱۹۴۳ع ۾ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو مان پاس ڪرڻ بعد اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هو ڪراچيءَ ويو. ايس.ايم لا ڪاليج ڪراچيءَ مان ۱۹۴۷ع ۾ قانون جي ڊگري حاصل ڪري ۱۹۴۷ع ۾ وڪالت شروع ڪيائين. ڪراچيءَ ۾ رهڻ واري عرصي ۾ سنڌ جي مشهور اخبار ”الوحيد“ ۾ بحيثيت سب ايڊيٽر، علاوه ان جي انگريزي روزانه ”ڊان“ ۾ سب ايڊيٽر سان گڏ ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ ۾ نيوز ڪاسٽر به رهيو. هن جا ان وقت ڪراچيءَ ۾ ٽريڊ يونين اڳواڻ ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ جمال الدين بخاريءَ سان لاڳاپا ٿيا. پوءِ پاڻ ڪراچي ڪميونسٽ پارٽي ۽ ٽريٽ يونين ورڪرن سان گڏجي، ان وقت هاري مزدور جدوجهد ۾ سوشلسٽ انقلاب لاءِ پاڻ پتوڙيائين. جوانيءَ ۾ ئي هُو روشن خيال، غريبن جو هڏ ڏوکي هو. هر وقت سندس هڏ مسڪينن لاءِ ڪرڪندو هو. هن دنيا جي انقلابن جو گهرائيءَ سان مشاهدو به ڪيو ته سوشلسٽ اڳواڻن سان دوستي به قائم ڪئي. سوشلسٽ تنظيمن ۾ سندس ڀرپور ڪردار رهيو آهي.

سال ۱۹۴۷ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ وڪالت جو آغاز ڪيائين. گهڻو عرصو سرڪاري وڪيل به رهيو هو. ڪرمنل Criminal ڪيسن جي حوالي کان گهڻو مشهور ۽ وڏو هوشيار وڪيل تصور ڪيو ويندو هو. لاڙڪاڻي ۾ اچڻ بعد به هاري تحريڪ، پي پي پي، نيشنل عوامي پارٽي ۽ سنڌ عوامي محاذ کان علاوه سنڌ جي پيڙهيل ۽ ڏتڙيل مسڪين عوام لاءِ ڏاڍ، ڏهڪاءَ ۽ ظلم کان آزادي، غلاميءَ کان آجپي يا طبقاتي بنيادن تي ڪابه تحريڪ، تنظيم ۽ جهاد ٿيو ته هن ان ۾ ديني فريضو سمجهي حصو ورتو.

حقوق العباد ئي انسان ذات جي ڀلائيءَ جو اهو رستو ٻڌائي ٿو. تاج محمد ابڙو هن راهه ۽ منزل جو اڻ موٽ ساٿاري هو. سندس زندگيءَ جو مقصد ئي ٻين جي ڪم اچڻ هو. مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهن جي ڪمن ڪارين ۾ گهڻي دلچسپي وٺندو هو. بنان لالچ جي دوستن، يارن جو ڪم ڪري کيس گهڻي خوشي حاصل ٿيندي هئي. سندس اوطاق گهڻو ڪري غريب طبقي ۽ عام ماڻهن لاءِ هڪ ”سراءِ“ طور استعمال ۾ هئي. هر روز شام جو سندس اوطاق تي چڱي چؤياري لڳندي هئي، جنهن ۾ سياسي، ادبي، سماجي ورڪرن وچ ۾ بحث مباحثا ۽ خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي نظر آئي. اهو ٻڌائڻ به ضروري آهي ته سندن وڏن سياستدانن جهڙوڪ: خان عبدالولي خان، سردار عطاءَالله مينگل وغيره سان ويجها تعلقات هئا، پر ذوالفقار علي ڀٽي سان ذاتي دوستي ۽ ويجهڙائپ هيس. هن جي پرڏيهي وزير جي عهدي تان لهڻ بعد، پيپلز پارٽيءَ جي قيام دوران تاج محمد سنڌ ۾ وڏي ڪوشش وٺي ڪيترن ئي سياستدانن جهڙوڪ: مير رسول بخش ٽالپر ۽ مير علي احمد ٽالپر کان علاوه ڪيترن ئي ڪامريڊ ساٿين کي پارٽيءَ ۾ شامل ڪرايو. سندس سياسي دائرو به وسيع هو. هُو ڪميونسٽ خيالن جو سچو ورڪر هو. قانوندان، سياستدان ۽ سماجي ورڪر کان وڌيڪ دانشور هو. فلسفي، ادب ۽ تاريخ جي وڏي ڄاڻ هيس. لکيائين هڪ لفظ به ڪونه، پر پڙهيو به گهڻو ته ڪڙهيو به گهڻو. سياست ۾ به صرف هڪ دفعو يونين ڪائونسل بقاپور جو سال ۱۹۶۵ع ۾ چيئرمين چونڊيو ۽ خدمت ڪيائين. ادب ۾ سندس ڪردار ٻن ڪنارن کي ملائڻ واري پل وارو هو. ادب سان کيس وڏي چاهت هئي. جڏهن ۱۹۵۴ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جو لاڙڪاڻي ۾ بنياد پيو ته هُو ۽ سندس اوطاق ئي سنگت لاءِ پيش پيش هئي. ائين الڳ سنڌ ۾ ادبي سنگت جو قيام ٿيو. جڏهن ۱۹۵۶ع ۾ جمعيت الشعراءَ سنڌ پاران لاڙڪاڻي ۾ آل سنڌ ادبي ڪانفرنس ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي، تاج محمد صحرائي، رشيد ڀٽي، جمال ابڙي، اياز قادريءَ جهڙا ناميارا اديب شريڪ ٿيڻ آيا، ته ان وقت تاج محمد ابڙي پنهنجي گهر ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي صدارت ۾ سڀني اديبن جو اجلاس ڪوٺائي، ميزبانيءَ جا فرض انجام ڏنا. اتي ئي اهو فيصلو ڪيو ويو ته سنڌي ادبي سنگت جي سمورين شاخن جو اجلاس يا ڪنوينشن ڪراچيءَ ۾ منعقد ڪري، مرڪز جي تنظيم ۽ منشور جوڙيو وڃي. اهو ون يونٽ جي اونداهي دؤر ۾ روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو هو، جيڪو تاج محمد ابڙي جي گهران ٻَريو ۽ سڄيءَ سنڌ کي جرجر ڪري ڇڏيائين. سڄي سنڌ جي سنگتن کي هڪ لڙيءَ ۾ سموئي، ون يونٽ خلاف ”ادبي جهاد“ جو آغاز ڪيو ويو. پاڻ ڪيترن ئي غريب شاگردن کي مالي مدد ڪرڻ ۽ لاڙڪاڻي ۾ سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريريءَ جهڙي سنڌ جي عظيم ادبي تحقيقي اداري جي بانيڪارن مان هو.

سندس صلاحيتن ۽ تجربي کي ڏسندي ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ۾ کيس ايڊيشنل سيشن جج مقرر ڪيو ويو، جنهن عهدي تي ۱۹۷۲ع کان ۱۹۸۵ع تائين ڪم نهايت ايمانداريءَ ۽ سچائيءَ سان ڪرڻ کان پوءِ ڊسٽرڪٽ سيشن جج جي عهدي تي پهچڻ کان پوءِ رٽائرمينٽ حاصل ڪري، وري واپس پنهنجي لاڙڪاڻي واري عوامي ادبي اوطاق آباد ڪيائين ۽ وڪالت جي پيشي سان منسلڪ ٿي ويو. پاڻ طبيعت جو سادو، سٻاجهڙو، محبتي ماڻهو هو. جڏهن به ملندو ته وڏا ٽهڪ ڏئي، پر دوستن سان ملي ڏاڍو خوش ٿيندو هو. آخرڪار هي موتين جهڙو ماڻهو، پورهيت دوست، دانشور، قانوندان، سياسي ورڪر ۽ علم ادب پرور شخصيت ۶۲ سالن جي ڄمار ۾ تاريخ ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي هن دنيا ۾ يارن دوستن جي لڏي کي ڇڏي ٻيءَ دنيا ڏانهن راهي ٿيو.

اولاد ۾ کيس مير نادر علي، انجنيئر حيدر علي، گوهر علي، انجنيئر مظهر علي، ذوالفقار علي، جيڪي تعليم، انجنيئرنگ، پوليس ۽ وڪالت جي شعبي سان لاڳاپيل آهن ۽ نياڻين ۾ خالده، ڊاڪٽر عابده، پروفيسر شاهده ۽ پروفيسر زاهده، جيڪي پڻ تعليم، صحت، علم ۽ ادبي شعبي سان لاڳاپيل آهن.

مددي مضمون: ڊاڪٽر تنوير عباسي، ڪامريڊ سوڀو، علي احمد بروهي ڪتاب: لاڙڪاڻو امر شخصيتون

(اخبار: روزانه عوامي آواز، جاڳو، سَچ، تعمير سنڌ، هلچل، سنڌ، مهراڻ، عبرت)


 

تاج محمد ابڙو

تاريخ جي روشن راهه

عبدالقادر جوڻيجو

هونئن ته عام طور چڱن ماڻهن جي چڱائي جي وصف بيان ڪرڻ ڏاڍي ڏکي آهي، ڇاڪاڻ ته انساني تاريخ ۾ ڪيئي ٺڳيءَ جا ٺاهه پاتا وڃن ٿا. ڪلهه به ائين هو ته اڄ به ائين آهي. زماني تي ميارون اجايون آهن. پر هڪڙي ڳالهه هٿَ جي تريءَ وانگيان صاف بيٺي آهي ته سنڌ جي اصلي ۽ املهه هيرو، تاج محمد ابڙو پنهنجيون، پنهنجي گھر ٻار جون ۽ پنهنجن يارن پيارن جون تڪليفون وساري، پنهنجي ملڪ جي بکئي ڏکئي، ڏتڙيل ۽ بي وس عوام جي ڏکن ۽ تڪليفن ۾ جئين جو تئين شرڪت ڪئي. هو پنهنجي زندگي داءَ تي هڻي، ٻين جي غمن ۽ ڏکن جو ساٿاري رهيو. خودغرضين جي گھاٽن ڪڪرن ۾ بي غرضيءَ جي کنوڻ بڻجي، روشنين جا لامارا ڏيڻ، جيڪڏهن ڪنهن ڄاتو ته اهو تاج محمد ابڙي ڄاتو. اها صورتحال ٻڌائي ٿي ته تاج محمد ابڙو چڱائيءَ جي عمل ۾ نه رڳو نشاني هو، پر خود چڱائيءَ جي عمل کي چوٽ تي چاڙهي ڇڏيائين. چڱائيءَ جي وڏي اها ئي وصف هئي، جيڪا تاج محمد ابڙي جي شخصيت جي روپ ۾ اسان جي سامهون اچي ٿي.

ايڏو خلوص، ايڏي عواميت، ايڏي جدوجھد، خلقِ خدا جي چڱائيءَ لاءِ ايڏي محبت تمام گھٽ ماڻهن ۾ پاتي وڃي ٿي، جن ۾ تاج محمد ابڙو سر فهرست رهيو. هن ليڊر بڻجي، ٻين کي قربانين جو سبق ڏيڻ جي بدران، قربانين جو اهو بار پاڻ ئي پنهنجي مٿي تي کنيو. هو هڪ عام ورڪر وانگيان ڪم ڪندو رهيو ۽ پنهنجن خوابن جي تعميل لاءِ سڄيءَ سنڌ ۾ ڀٽڪندو رهيو. جيڪو ماڻهو پاڻ کي وساري، پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جو ٿي وڃي، انهيءَ کان وڌيڪ ڀلا ٻيو ڇا ٿي سگھي ٿو.

مون کي اها به خوشي آهي ته سندس صالح اولاد سندس ڇڏيل ورثي جي ايڏي سار سنڀال لڌي آهي، جنهن جو نتيجو هيءُ ڪتاب آهي. نه ته هونءَ ته حقيقت اها آهي ته چڱا چڱا ماڻهو تاريخ جي دز ۾ لٽجي ويندا آهن. پر شابس آهي تاج محمد ابڙي جي اولاد کي، جن کيس تاريخ جي دز کان بچائي ورتو آهي ۽ سندس شخصيت هڪ روشن تاريخ وانگيان نه رڳو اسان جي اڳيان آهي پر ايندڙ نسل لاءِ به هڪ روشن راهه بڻيل رهندي.

 

(روزانه سوڀ، ڪاوش، هلال پاڪستان، تعمير سنڌ، عبرت، سچ، عوامي آواز، سنڌ، هلچل، سنڌو، پڪار)


 

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

سنڌ جي تاريخ ساز شخصيت

محمد علي پٺاڻ

اي سنڌو! تو کي ڀـيٽ ڏنا، ڪنهن لـڙڪ-ڦـڙا، ڪنهن ماڪ-ڦــڙا

جن تو کي پنهنجو خون ڏنو، سي سڀ کان پاڻ ملهائي ويا.

شيخ اياز جي هن شعر جي روشنيءَ ۾ اسين جڏهن سنڌ جي آجپي لاءِ بيشمار تاريخ ساز شخصيتن کي پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي جي آڌار تي، سندن ڪيل جدوجهدن جي حوالي سان ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، تڏهن مايوسيءَ ۽ نااميديءَ بدران همٿ ۽ حوصلي جا سُتل جذبا ڄڻ ته نئين سر جاڳي پوندا آهن ۽ نئين سر پنهنجي وڃايل منزل جي پيچرن تي سفر جي سانباهي جو اتساهه ڪر موڙي اٿي پوندو آهي ۽ ماڻهو پنهنجي سوچ جون سڀئي واڳون ان جي حوالي ڪري ڇڏيندو آهي.

مرحوم تاج محمد ابڙي جي شخصيت به اهڙن ئي املهه ماڻڪ شخصيتن مان هڪ هئي، جنهن پنهنجي سموري عمر ڏکويل ماڻهن جي اهنج گهٽائڻ لاءِ ادبي، سياسي، صحافتي ۽ قانوني مورچن تي ثابت قدميءَ سان ويڙهه ڪندي گذاري ۽ ان ڊگهي ويڙهه ۾ سرت ۽ سجاڳيءَ جي لاٽ جيڪا هو پنهنجي وک وک تي ٻاريندو آيو، تنهن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ چانڊاڻ پکيڙڻ ۾ خوب پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪيو. اڄ ان چانڊاڻ ۾ نه رڳو ڏاڍايون ڪندڙ قوتن جا ڪوڙهيل چهرا ڏينهون ڏينهن پوءِ وڌيڪ چٽا پسجي رهيا آهن، پر مظلومن کي به پنهنجي مظلوميت جا ڳجها اسرار آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي رهيا آهن ۽ هو انفرادي توڙي قومي طور ”پاڻ سڃاڻڻ“ واري عمل جي پيشقدميءَ ۾ اڳرا نظر اچي رهيا آهن.

سنڌ جي هن باڪمال هستيءَ جو جنم ۸ آگسٽ ۱۹۲۴ع ۾ شهدادڪوٽ، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. پرائمري تعليم قمبر ۾ حاصل ڪيائين ۽ سيڪنڊري لاڙڪاڻي ۾. ان کان پوءِ وڪالت جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ کيس ڪراچيءَ جي ياترا ڪرڻي پئي.

۱۹۴۷ع ۾ هن قانوندان جي حيثيت سان بي پهچ ۽ بي وس ماڻهن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ ڪورٽ جي ڪٽهڙي ۾ پير ڌريو ۽ عوام دوست سياست کي فروغ ڏيڻ لاءِ سوچي سمجهي اهڙي ڪنڊائين راهه تي هلڻ شروع ڪيو، جنهن جي آخري موڙ تائين هن کي ڪو سک ۽ شانتي ته پلئه ڪانه پئي، پر ٻين هزارين ۽ لکين ماڻهن جي سک ۽ شانتيءَ جون راهون ضرور ظاهر ٿيون.

وڪالت کان اڳ تاج محمد ابڙي ڪيتريون ئي نوڪريون ڪيون، جن ۾ ”الوحيد“ اخبار ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر جي حيثيت سان سندس ڪيل خدمتون وسارڻ جهڙيون نه آهن. ريڊيو پاڪستان تي به نيوز ڪاسٽر جي حوالي سان هن چڱو نالو ڪمايو هو. ان باري ۾ هن جو هڪ ويجهو دوست ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ڪهاڻيڪار محترم انيس انصاري لکي ٿو ته: ”سندس خبرون پڙهڻ جو انداز وڻندڙ ۽ اثر انگيز هوندو هو. خبرن جي مناسبت ۾ لچڪ پيدا ڪري، هو ٻڌندڙ جي دل تي خبر جي ڇاپ ڇاپي ڇڏيندو هو.“

پاڻ جڏهن ۱۹۷۲ع ۾ سيشن جج مقرر ٿيا ته عدليه ۾ به پنهنجي مخصوص مزاج ۽ انداز جي گهري ڇاپ ڇڏيائون.

اها سندن وڏي جرئت ۽ بيباڪي هئي، جو عدليه سان لاڳاپيل هجڻ جي باوجود هو پنهنجي سياسي ۽ ادبي دوستن جي حلقي ۾ سدائين موجود رهندا هئا ۽ انهن سان وابستگيون به ساڳئي نموني سان ئي روا رکيون ايندا هئا.

وڏيرڪي سرشتي هيٺ پيڙجندڙ هارين جي نجات لاءِ سنڌ جي دلير ۽ جرئتمند هاري اڳواڻ حيدر بخش جتوئيءَ سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو موقعو پڻ ملين ۽ پاڻ ان ذميواريءَ کي نڀائڻ لاءِ عوامي هلچل ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيائون. سرڪاري نوڪري سندن سوچ آڏو ڪڏهن به رڪاوٽ نه بڻي.

تاج محمد ابڙو گوناگون شخصيت جو مالڪ هو. نه صرف پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ۾ ۽ علم دوستيءَ جي شعور جي ورڇ ڪرڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو، پر سنڌي ادبي سنگت جو پايو وجهندڙن واري سٿ ۾ شامل ٿي، ترقي پسند ادب جي واڌاري لاءِ به سندن عملي ڪوشش ادبي تاريخ جي ورقن ۾ سونهري اکرن سان سانڍيل آهي.

لاڙڪاڻي ۾ سندن اوطاق تي هر هفتي سنڌي ادبي سنگت جا ميڙ ٿيندا هئا. سندس دسترخوان سدائين دوستن يارن لاءِ کليل رهندو هو، جتي پاڪستان جون سياسي، سماجي ۽ ادبي شخصيتون اچي قيام پذير ٿينديون هيون، ائين جيئن اڄڪلهه ننڍي کنڊ جي وڏي دانشور ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي اوطاق تي آهي. تاج محمد ابڙي وٽ ماڻهو الائي ڪٿان ڪٿان ڪهي ايندا هئا. هو عزت ڏئي ۽ وٺي ڄاڻندو هو. قربائتو اهڙو هوندو هو، جو هڪڙو ڀيرو ڪو ساڻن ملندو هو ته هميشه لاءِ سندن قرب جي ڪڙي ۾ قابو ٿي ويندو هو.

ابڙي مرحوم جي ويجهن دوستن کان معلوم ٿيو آهي ته سهپ، رواداري ۽ بُردباريءَ جو هو زنده مثال هوندو هو. وڏي کان وڏيءَ ڳالهه کي به پنهنجي بُردباريءَ سان حل ڪري ويندو هو. ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ڪڏهن به سندن ويجهو نه آيا. سندن ملڻ جي اهڙي قربائتي انداز بابت محترم تنوير عباسي لکي ٿو ته: ”تاج محمد ابڙو کلڻو ملڻو، جڏهن ملوس ته ٽهڪ ڏيندو، دوست کي ڏسي خوش ٿيندو.“

تاج محمد ابڙي جي شخصيت جو اهو جادوئي اثر هو، جنهن جي ڪري سدائين هن وٽ ميڙو متل هوندو هو. سندس دوستن جي تمام ڊگهي فهرست آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کان وٺي سوڀي گيانچنداڻي، اياز قادري، جمال ابڙو، انيس انصاري، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، قاضي فضل الله، تنوير عباسي، عبدالحميد ابڙو، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو ۽ ٻيا ڪيترا ئي سياسي اڳواڻ، شاعر، اديب ۽ فيلسوف هن جي صحبت مان ذهني آسودگي ماڻيندا هئا.

تاج محمد ابڙو اڄ اسان وٽ نه آهي، پر هُو پنهنجي انسان دوست روين جي ڪري اسان لاءِ هميشه زنده رهندو ۽ سندس ٻاريل سرت ۽ سجاڳيءَ واري لاٽ ڪڏهن به نه اُجهامندي.

 

(روزانه عبرت، پڪار، آفتاب، بخت ور، جاڳو، هلال پاڪستان، خادم وطن، سنڌ نيوز، برسات ۽ سنڌو)


 

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو (۸۶-۱۹۲۴ع)

آئيڊيل شخص

تاج بلوچ

سنڌ اهو عظيم خطو آهي، جيڪا وڏن وڏن ماڻهن کي جنم ڏيندي رهي آهي. اهڙن ماڻهن، سنڌ جي هر طرح سان آبياري ڪري، ان تان جند گهوري ۽ سنڌين جي سماجي، اقتصادي ۽ فڪري مٿڀرائي لاءِ گهر ٻاري ڏياري ڪئي. ڪامريڊ تاج ابڙي جو نالو به انهن عظيم اڳواڻن ۾ شامل آهي، جن هڙان وڙان پنهنجي قوم ۽ خطي جي بي پهچ ۽ مسڪين ماڻهن لاءِ پاڻ پتوڙيو.

منهنجي ئي تر جو (چيچڙو پنو عاقل) عظيم انسان ۽ بي مثال راڳي فقير ڀڳت ڪنور رام، سکر ضلعي جو هيمون ڪالاڻي، پني عاقل جي مائي پار پتي، مهراج سيتل داس ۽ ٻيا اهڙا ڪيئي ڪردار آهن، جن پٺتي پيل علائقي جي بي خبر ماڻهن جي موڳي جيون لاءِ پنهنجو رت ست ڏئي ڪنهن متڀيد کان سواءِ ماڻهپي جو مانُ مٿانهون ڪيو. پنهنجي ئي گهر جي وڏڙن مان بابا سائين مرحوم عبدالقادر خان بُلو، جنهن سِر تري تي رکي مولانا عبيدالله سنڌي کي ظالم سامراج جي جبر کان آزاد ڪرائڻ لاءِ گڏيل هندوستان جي بارڊر تان افغانستان منتقل ڪيو، بابا سائين وڏو سردار محمد مراد خان بُلو (اول)، ادو مرحوم سردار محمد حسن خان بُلو، جنهن جا راڄوڻي فيصلا سڄي اتر سنڌ ۾ مشهور ۽ مثال طور پيش ڪيا وڃن ٿا. مرحوم سؤٽ خاوند بخش خان بُلو، جنهن جي سماجي خدمتن جو پڙاڏو مون سنڌي اديبن جي وفد سان لکنؤ ۾ اتان جي گرو چانڊو رام جي واتان ٻُڌو. انهن ماڻهن جهالت جي ڌٻڻ ۾ غرق ٿيل ماڻهن ۾ سياسي شعور پيدا ڪيو ۽ سماجي خدمتن لاءِ هڪٻئي جا واهرو بڻجي بيٺا.

اسان جي رهبرن مان شهيد الله بخش سومرو، قاضي فيض محمد، رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، عبدالقادر کوکر، سائين جي ايم سيد، مرحوم مولوي نذير حسين جتوئي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، مرحوم غلام محمد لغاري، غلام حيدر لغاري، قادر بخش نظاماڻي، جهان خان کوسو، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، مرحوم قادر بخش بڪڪ، مرحوم نبي بخش کوسو ۽ مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۽ ٻيا ڪيترا ئي نامور ۽ گمنام شخص آهن، جن اونداهين جو سينو چير ڪري معاشري کي هڪ نئون موڙ ڏنو.

ڏُک اٿم ته مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب سان روبرو ملاقات نه ٿي سگهي، پر هاري حقدار پارٽي ۽ ڪميونسٽ پارٽي ۾ هڪ معمولي ڪارڪن جي حيثيت ۾ ڪم ڪندي، ڪامريڊ جي فڪري ۽ عملي خدمتن ۽ سندس ذات جي رهنمائي کان مون وڏي رهنمائي حاصل ڪئي. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جيل ياترا کان پوءِ سنڌ ۾ هاري پارٽي ۾ ڏار پئجي ويا ۽ ڪميونسٽ پارٽي کي ٽڪرن ۾ ورهائڻ لاءِ سانباها ٿيڻ لڳا. تڏهن ڪامريڊ تاج محمد ابڙي پنهنجي حڪمت عملي، سياسي بصيرت ۽ نفسياتي ڪيفيتن جو ادراڪ رکندي اختلافن کي جَهڪو ڪيو ۽ گهڻو گهڻو اڳ کان سٽيل سامراجي سازشن موجب، سوويت يونين کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ کان گهڻو اڳ ملڪ ۾ پارٽي کي ٽڪرن ٿيڻ کان بچائي ورتو. مرحوم تاج صاحب هڪ برجستو، ڏاهو ۽ زيرڪ سياسي ڪارڪن هو. مارڪسزم جي مطالعي ۽ لينن ازم جي تشريحن هن جي ذات کي هڪ مارڪسوادي طور انجمن جو روپ ڏنو ۽ هن پنهنجي فڪري طاقت سان سنڌ ۾ قوم پرست ترقي پسندي کي وڏو زور وٺرايو ۽ رجعت پسنديءَ کي ڌڪي ڌوڙ داخل ڪيو، جنهن جا نتيجا پاڪستان پيپلز پارٽي جي صورت ۾ ظاهر ٿيا. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۽ ٻين بزرگن جي اسٽيبلشمينٽ جي خلاف زبردست سياسي مزاحمت نه هجي ها ته هوند شهيد ذوالفقار علي ڀٽو صاحب پيپلز پارٽي وجود ۾ نه آڻي ها، ڇاڪاڻ ته گرائونڊ ورڪ سنڌ ۽ ٻين ننڍن صوبن جي قوم پرست اڳواڻن اڳواٽ ئي ڪري ڇڏيو هو، جنهن جو کٽيو ڀُٽي صاحب کاڌو.

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اجتماعي شعور جو هڪ ٻرندڙ شعلو هو، جنهن جي روشني پارٽي ڪارڪنن سميت عام ماڻهن جي شخصي ڀلائي لاءِ به ڪارآمد ثابت ٿي. ان ڏس ۾ اسان جي هڪ دوست بدر ابڙي جي بس وارو واقعو آهي، جيڪا هن هڪ ’ڊان‘ ٽائيپ دائود پٺاڻ کان قسطن تي حاصل ڪئي هئي. قسطون پوريون نه ٿيڻ جي صورت ۾ دائود پٺاڻ اها بس زوري ڪاهي هليو ويو هو. مرحوم تاج ابڙي اها بس جهڙي ريت موٽرائي، اهو هن دﺂر ۾ کڻي معمولي واقعو چئجي، پر اڄ کان ۴۰ سال اڳ اهو هڪ ڪارنامو هو، سماجي خدمت ۾ وڏو ڪارنامو!

تاج صاحب جي زندگي بهادري ۽ ڏاهپ جو خوبصورت سنگم هئي. سڄي سنڌ ۾ سياسي ۽ دانشور حلقن ۾ بي انتها مقبوليت ۽ شهرت باوجود هن ڪڏهن به ليڊر ٿيڻ جو تصور نه ڪيو، پر هڪ عام سياسي دانشور ۽ ڪارڪن جيان خدمت ڪندو رهيو. نه رڳو انگ اگهاڙن ۽ پيٽ بکين جو واهرو ۽ ڀرجهلو ٿي رهيو، پر هن ذهني طور اپاهج ماڻهن جي به تربيت ڪئي ۽ هڪ شعوري هلچل جو بنياد وڌو. پروفيشنلي وڏو وڪيل هوندي به هن غريب عوام جي سپنن جي ساڀيان لاءِ گهڻو پتوڙيو.

اسان جي بزرگ دوستن مان مرحوم شيخ اياز جي شخصي ڪردار بابت ڪڏهن به سٺي راءِ آڏو نه آئي آهي. بزرگ ته ڇڏيو، هلندڙ دﺂر ۾ نوجوان ساٿين کي به شيخ صاحب مرحوم لاءِ نرم گوشو پيدا ٿي نه سگهيو آهي.

شيخ اياز پنهنجي آتم ڪٿا ’ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر‘ ۾ مرحوم تاج ابڙو ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج سکر جي حيثيت ۾ کانئس سکر کان لاڙڪاڻي وڃڻ لاءِ موٽر ڪار گهرڻ بابت جيڪو قصو منسوب ڪيو آهي، ان ۾ ڪابه صداقت نه آهي، ڇاڪاڻ ته ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج ان دﺂر ۾ يا اڄوڪي دﺂر ۾ هڪ بلند مرتبت ادارو آهي، جنهن کي اڄ جيان ڪالهه به وڏيون سهولتون ۽ مراعات حاصل هيون. تاج صاحب مرحوم پاران شيخ اياز کان گاڏي گهرڻ هڪ مفروضو آهي. بعد ۾ شيخ اياز کي ڊينٽ پيل ڪار جي واپسي وارو مسئلو به اعتبار جوڳو نه آهي، ڇاڪاڻ ته ڪامريڊ ابڙي جهڙو حساس، ايماندار ۽ ٻئي جو خيال رکندڙ ماڻهو ائين ڪيئن به ڪري سگهيو. سمورو قصو غير منطقي ۽ پاڻ کي پڏائڻ واري ڳالهه آهي.

اسين يا اسان کان اڳ واري ادبي ۽ سياسي لڏي هميشه تاج صاحب کي سچائي، ايمانداري ۽ شعوري هلچل جو علمبردار ڏٺو ۽ محسوس ڪيو. تضادن کان آجو، همدرد ۽ هرهڪ جو اونو رکندڙ، سنڌ جي ايندڙ پيڙهين لاءِ مشعلِ راهه بڻيو. باوقار، بُردبار ۽ سهپ وارو انسان، ڏاڍو سچار.

ڪوڙي سماج جي ڪوڙن ڪردارن تي ڪاوڙ ته ممڪن ٿي سگهي ٿي، پر ڪنهن نامعقول ڳالهه تي رنجش ڪامريڊ ابڙي جو وڙ ئي نه هو.

مرحوم شيخ اياز هڪ وڪيل هو. اسين ۽ اسان جا مٽ مائٽ مختلف راڄوڻن معاملن ۾ سندس اصيل رهي چڪا آهيون ۽ آءٌ ذاتي طور ڄاڻان ٿو ته هن جو پروفيشنلي سول ججن سان به هيٺانهين (خوشامد) وارو رويو هوندو هو. اهو ڪٿي ممڪن آهي ته هُو سيشن جج، سو به تاج ابڙي جهڙي مهربان ۽ شفيق سان کهرو ٿي ڳالهائڻ جي همٿ رکندو هجي!!

شيخ اياز بابت سنڌ ۽ هند کي خبر آهي ته هو ڪنهن کي سکڻي چانهه جي به صلاح نه هڻندو هو. ڪمال آهي جو هن پنهنجي ڪٿا ۾ جمال ابڙي ۽ تاج ابڙي جي مانَ ۾ رات جي ماني جهلي. آءٌ انهيءَ ڳالهه تي موران وسهڻ لاءِ تيار ناهيان ۽ دعوت کان پوءِ ڪامريڊ تاج صاحب جي موڪلائڻ وقت وارا جملا غير معقول، غير منطقي ۽ شيخ اياز جي خواهش ته ٿي سگهن ٿا، پر ان ۾ تِر جيتري به حقيقت ناهي.

لفظ ’ٽرڙائپ‘ ڏاڍو ڏکوئيندڙ لفظ آهي، سو به ڪامريڊ تاج جهڙي فرد لاءِ، جيڪو خلوص، وفا ۽ محبتن جو سرچشمو هو. پرائي درد تي ڦٿڪي پوڻ وارو شخص ڪامريڊ تاج اهڙين ياوا گوين کان ڏاڍو مٿانهون هو.

سنڌ ۾ مئل ماڻهن تي ڪوڙ هڻڻ تي مرحوم پير علي محمد شاهه راشدي جو ڪو ثاني ئي نه هو. پر ان جي وفات کان پوءِ مرحوم غلام رباني آگري ۽ مرحوم شيخ اياز سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا.

مرحوم تاج محمد ابڙي صاحب لاءِ اسان جو محترم استاد، شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ تعليمي ماهر (تاج ابڙي جو ويجهو دوست) مرحوم پروفيسر ڊاڪٽر اياز قادري صاحب چوندو هو: ”تاج محمد ابڙو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پُر زور اسرار تي ڊائريڪٽ ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج مقرر ٿيو ۽ نوڪري واري دﺂر ۾ هن جي وضع قطع، مزاج ۽ طبيعت ۾ نوڪري کان اڳ واري مريادا موجود هئي. خلق جي خدمت جو جذبو اڳ کان به اڳرو هو. هن جي ذات ۾ نرمي ۽ گدازيت سيشن ججيءَ جي عهدي کان به وڌيڪ هئي.“

هن سنڌ جي نوجوانن ۾ پنهنجي پُر عزم ارادن، جذبي، مطالعي ۽ بي باڪ طبيعت سان ترقي پسند ادب ۽ عوامي سياست لاءِ ڪيئي دلچسپيون پيدا ڪيون ۽ سنڌ جي بي پناهه خدمت ڪئي.

لاهيان جي نه چِتان، الا اُن مَ وِسران

مڙهيو منجهاران، جيءُ منهنجو جِن سين

 (شاهه)

ڏهين مارچ ڪامريڊ جي وفات جو ڏينهن آهي ۽ هي ٻه چار سٽون کيس ڀيٽا طور پيش ڪري رهيو آهيان.

سرها ڏٺم سي، جن ساڃاهه سراڻ سين

تيغ تنين جي کي، ڪٽ نه لڳي ڪڏهين. (شاهه)

 

(ماهوار سوجھرو مارچ ۲۰۱۰ع تان ورتل)


 

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

سنڌ جو سچو خدمتگار

پروفيسر مهرالنساءِ لاڙڪ /حيدرآباد

سنڌ ڌرتيءَ جي ڪک مان سوين اهڙن هيرن جنم ورتو آهي، جن چؤطرف شعور جي روشني پکيڙي، سماج ۾ مثبت تبديليون آنديون، سماج کي سڌارڻ لاءِ بي بها خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ تاريخ جي ورقن ۾ پنهنجو نالو، سونهري اکرن ۾ لکائي ڇڏيو. اهڙن املهه ماڻهن ۾ هڪ نالو ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جو به آهي.

لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو، سنڌ جو تاريخي شهر آهي، جنهن هر دور ۾ اسان کي اهڙا ته ليڊر، عالم، اديب ۽ شاعر ڏنا، جن پنهنجي ڏاهپ سان سنڌ کي واسي ڇڏيو. ڪشنچند بيوس، هري دلگير، جمال ابڙو، ذوالفقار علي ڀٽو، محترمه بينظير ڀٽو، سوڀو گيانچنداڻي ۽ تاج محمد ابڙو وغيره. سڀني سياڻن سنڌ سان، ائين ناتو نڀايو، جيئن ڪو ڪم فرض سمجهي ڪيو ويندو آهي.

تاج محمد ابڙي ۸ آگسٽ ۱۹۲۴ع تي، شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو. لاڙڪاڻي، ڪراچي، سکر ۽ ٺٽي جي هوائن ۾ شعور جون منزلون طئي ڪندي، ڏاهپ جا ڏاڪا چڙهندو اڳتي وڌندو هليو. پاڻ ۱۹۴۳ع ۾ مئٽرڪ گورنمنٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان پاس ڪرڻ بعد، اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ ويو. ۱۹۴۷ع ۾ ايس ايم لا ڪاليج مان قانون جي ڊگري حاصل ڪري، ۱۹۴۷ع ۾ وڪالت شروع ڪيائين. ڪراچيءَ ۾ رهڻ دوران، سنڌ جي مشهور اخبار ’الوحيد‘ ۾ بحيثيت سب ايڊيٽر، ان کان سواءِ انگريزي روزانه ’ڊان‘ ۾ سب ايڊيٽر سان گڏ، ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ ۾ نيوز ڪاسٽر به رهيو. هن جا ان وقت ڪراچيءَ ۾ ٽريڊ يونين اڳواڻ ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي مرڪزي اڳواڻن سان لاڳاپا ٿيا. پوءِ پاڻ ڪميونسٽ پارٽي ۽ ٽريڊ يونين ورڪرن سان گڏجي، ان وقت هاري مزدور جدوجهد ۽ سوشلسٽ انقلاب لاءِ پاڻ پتوڙيائين. کيس زماني جو ڳوڙهو تجربو هو. سندس سوشلسٽ تنظيمن ۾ ڀرپور ڪردار رهيو آهي. سندس دوستيءَ جو دائرو تمام وسيع هو. لاڙڪاڻي ۾ سندس اوطاق، غريب توڙي امير مطلب ته عام ماڻهن لاءِ سراءِ طور استعمال ٿيندي هئي. هر روز شام جو سندس اوطاق تي ڪچهري لڳندي هئي، جنهن ۾ سياسي، ادبي، سماجي ورڪرن وچ ۾ بحث مباحثا ۽ خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي هئي. سندس ويجهڙائپ وڏن سياستدانن سان رهي آهي، خان عبدالولي خان، سردار عطاءُ الله مينگل وغيره سان گهڻو ويجها هئا، پر ذوالفقار علي ڀٽي سان ذاتي دوستي ۽ ويجهڙائپ هُئس. هو قانوندان، سياستدان ۽ سماجي ورڪر کان وڌيڪ دانشور پڻ هو، کيس ادب ۽ تاريخ تي وڏي دسترس حاصل هئي. سياست ۾ به صرف هڪ ڀيرو يونين ڪائونسل بقا پور جو سال ۱۹۶۵ع ۾ چيئرمين چونڊيو ۽ خوب خدمت ڪيائين. سنڌي ادبي سنگت جو ٻوٽو، جيڪو هن وقت وڌي وڻ ٿيو آهي، اُن جي آبياريءَ ۾، مرحوم تاج محمد ابڙي جو ڀرپور ڪردار آهي. جڏهن ۱۹۵۶ع ۾ جميعت الشعراء سنڌ پاران لاڙڪاڻي ۾ آل سنڌ ادبي ڪانفرنس ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي، تاج محمد صحرائي، رشيد ڀٽي، جمال ابڙي ۽ اياز قادريءَ جهڙا ناميارا اديب شريڪ ٿيڻ آيا ته ان وقت تاج محمد ابڙي، پنهنجي گهر ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي صدارت ۾ سڀني اديبن جو اجلاس ڪوٺائي ميزبانيءَ جا فرائض سرانجام ڏنا. اتي ئي اهو فيصلو ڪيو ويو ته سنڌي ادبي سنگت جي سمورين شاخن جو اجلاس، ڪراچيءَ ۾ گهرائي، مرڪز جي تنظيم ۽ منشور جوڙيو وڃي. اهو ون يونٽ جو اونداهو دور هو ۽ هي فيصلو اُن اونداهي دور ۾ اميد ۽ روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو هو. سڄيءَ سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن کي هڪ مالها ۾ پوئي، ون يونٽ خلاف، ادبي جهاد جو آغاز ڪيو ويو ۽ انهيءَ جهاد آخرڪار پنهنجو رنگ ڏيکاريو ۽ وَن يونٽ ٽٽي ويو. ٻڌيءَ جي طاقت اڳيان حڪومت کي گوڏا ٽيڪڻا پيا. اياز قادري لکيو آهي ته، تاج محمد ابڙي، جڏهن لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ قائم ڪئي، ته پاڻ اُن جو سيڪريٽري ٿيو، اُن حيثيت سان پاڻ ”تجر باغ“ لاڙڪاڻي ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ڏهاڙو اهڙي ته شاندار انداز سان ترتيب ڏنائين، جو ڏسڻ وارا واهه واهه ڪرڻ کانسواءِ رهي نه سگهيا، ڇاڪاڻ جو هِن کان اڳ لاڙڪاڻي ۾ شاهه سائينءَ بابت ايڏو وڏو ميڙاڪو ڪو نه ٿيو هو. اهو سندس لطيف سرڪار سان محبت جو ثبوت آهي. تاج محمد ابڙو ڪجهه وقت استاد پڻ ٿي رهيو، سائين محمد ابراهيم جويي پنهنجي هڪ مضمون ’تاج محمد مرحوم، منهنجو هم پيشه، هم مشرب ۽ همراز‘ ۾ لکي ٿو ته، ”مون شروع ۽ آخر تائين ماستري ڪئي ته تاج محمد ابڙي به شروع ۾ سهي، پر ماستري ضرور ڪئي. هي ماستريءَ جو منصب به تجربي ۽ مشاهدي ۾ گهڻي اضافي جو سبب بڻجي ٿو ۽ هن جو رنگ تمام پڪو ۽ پختو ٿئي ٿو ۽ ماڻهوءَ کي سڄيءَ عمر جي سڃاڻپ ڏئي ٿو. ماستري، استادي، يعني سِکڻ ۽ سيکارڻ، پڙهڻ ۽ پڙهائڻ، پنهنجي پورهئي مان پرائڻ ۽ اُپت (لاڀ) حاصل ڪرڻ آهي ۽ پوءِ سڀ ڪجهه ڏيئي ڇڏڻ جو اتساهه مون تاج محمد ابڙي ۾ ڏٺو ۽ منهنجي اهڙي طبيعت رکندڙ سڀني ساٿين ۽ دوستن ۾ تاج محمد کي پاڻ کان چار رتيون بدرجه اُتم ۽ ڪثرت سان ڏٺم.“ سنڌ جو هي برک اديب، وڪيل، دانشور ۽ سماجي خدمتگذار، سنڌين جو هڏ ڏوکي، سن ۱۹۸۵ع ۾ سيشن جج جي عهدي تان رٽائر ٿيو ۽ ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي دل جي دوري سبب هِن فاني دنيا کي الوداع چئي ابدي دنيا ڏانهن روانو ٿيو. کيس سندس اباڻي قبرستان لاڙڪاڻي ۾ دفنايو ويو.


 

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

شوڪت حسين شورو

تاج محمد ابڙو استاد، صحافي، سياستدان، سوشلسٽ، وڪيل ۽ جج هجڻ سان گڏ پنهنجي ذات ۾ هڪ انجمن ۽ يار ويس شخص هو. سندس جنم ۸ آگسٽ ۱۹۲۴ع تي تعلقي شهدادڪوٽ، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. هن ۶۲ سالن جي عمر ۾، ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي، دل جي دوري پوڻ سبب، وفات ڪئي.

ڪامريڊ تاج محمد ابڙي ۱۹۴۷ع ڌاري ايل ايل بي پاس ڪري، لاڙڪاڻي ۾ شمس الدين ابڙي وڪيل جو پارٽنر ٿي، وڪالت جي پيشي جي شروعات ڪئي. کيس سياست سان تمام گھڻي دلچسپي هئي. هو سوشلزم، ڪميونزم جو نظريو رکندڙ هو. ان ڪري هن سنڌ جي، وڌ ۾ وڌ ڏتڙيل ۽ پوئتي پيل پيل طبقي، هارين جي لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. هارين کي سجاڳ ڪرڻ جي شروعات ڄيٺمل پرسرام ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڪري چڪا هئا.

تاج محمد ابڙي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، غلام محمد لغاري، قاضي فيض محمد ۽ ٻين ڪيترن ئي دوستن سان گڏجي، هارين کي سندن حقن ڏيارڻ جي لاءِ جاکوڙ ڪئي.

لاڙڪاڻي جي سياستدانن مان قاضي فضل الله ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سان هن جا گھرا تعلقات هئا. ڪراچيءَ ۾ رهڻ دوران اسسٽنٽ ايڊيٽر جي حيثيت سان پڻ ڪم ڪيو.

کيس ۱۹۷۲ع ۾ ائڊيشنل سيشن جج مقرر ڪيو ويو ۽ ۱۹۷۸ع ڌاري، کيس ترقي ڏيئي، سيشن جج بنايو ويو. جج بنجڻ کان پوءِ به ھو، پنهنجي سياسي ۽ ادبي سنگت ساٿ سان، ڪچهريون قائم رکندو آيو.

کيس ادب سان بيحد چاهه هو. لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي شاخ قائم ڪيائين ۽ ان جي طرفان ۱۹۶۵ع ڌاري، شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي ورسي شاندار نموني سان ملهائي وئي.

هن جا سنڌيءَ جي ڪيترن ئي اديبن سان دوستاڻا ناتا هئا، جن ۾ محمد ابراهيم جويو، سوڀو گيانچنداڻي، جمال ابڙو، اياز قادري، رسول بخش پليجو، تنوير عباسي، رشيد ڀٽي، انيس انصاري وغيره شامل آهن.

ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ذاتي لائبريريءَ ۾، ادب کان وٺي علم جي هر شاخ تي ڪتاب موجود هئا. اها شاندار لائبريري سندس پونئيرن سنڌ الاجي کي عطئي طور ڏني. جتي سنڌ الاهي لائبريريءَ ۾ ’تاج محمد ابڙو ڪارنر‘ قائم ٿيل آهي.

(روزانه ڪاوش ۱۰ مارچ ۲۰۱۱)


 

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

سنڌ جو خاموش خادم

امان شيخ

تاريخ پڙهڻ، ان منجهان رهنمائي حاصل ڪرڻ ۽ لاڀ پرائڻ کي مان پنهنجي زندگيءَ جي مکيه مقصدن ۽ مرادن منجهان سڀ کان مٿانهون ۽ مقدس سمجهندو آهيان، ڇوته حقيقي تاريخ کي انسان ذات جو هڪ محفوظ رڪارڊ سمجهندو آهيان، جنهن ۾ انسانيت جون چڱايون، ڀلايون، مندايون، ڪچايون، ڦڪايون ظاهر ظهور ملنديون آهن. ائين کڻي چئجي ته تاريخ انساني اوسر ۽ واڌاري جو رڪارڊ آهي. اهو رڪارڊ جيڪو انسان ذات جي جدوجهد ۽ ترقيءَ جو رڪارڊ هجي، جيڪو انساني شعور، سمجهه ۽ سچائيءَ کي ماڻهپي ۽ محبت سان ڳانڍاپي ۾ رکي سگهي. انهيءَ سموري ڪار گذاريءَ ۾ اٿل پٿل جو ڪاريگر ۽ ڪرشمه ساز پاڻ حضرت انسان جي ذات آهي ۽ اهڙا انسان ئي تاريخ ۾ ٻهڳڻ ۽ شاندار هستيون بڻجي رهنمائيءَ جو ڪردار ادا ڪندا آهن. اهي انسان تاريخ جي وهڪري ۾ اونها ۽ عميق هوندا آهن. اهي تاريخ جا خاموش، لائق ۽ وفادار سپوت ليکي سگهجن ٿا، جيڪي ماٺ ميٺ ۽ چپ چاپ ۾، بنان ڪنهن نالي وڌائڻ جي، انسان ذات، سو به پيڙهيل انسانن جي خدمت چاڪريءَ ۾ پاڻ لاءِ سُڪون ۽ پنهنجي سڦلتا سمجهندا هجن. اهڙا املهه ماڻڪ انسان گمناميءَ ۾ غائب ٿيل هجن، پر انهن کان سواءِ انسانيت جي تاريخ اڻ پوري چئي سگهجي ٿي.

اهڙو هڪ بي بها عظيم انسان مون پنهنجين اکين سان ڏٺو، جيڪو انساني گڻن ۽ خوبين جو ته ڳٽڪو هو، پر ان سان گڏوگڏ لاڙڪاڻي ساهه سيباڻي جي ماضيءَ جي شام جي آخري جهلڪ هو، جتي وڻ وڻ جي ڪاٺي گڏ اچي ٿيندي هئي. لاڙڪاڻي جي شام جي آخري جهلڪ، انساني خوبين جو ڳٽڪو ۽ تاريخ ۾ خاموش ۽ وفادار سپوت لاڙڪاڻي جي ليکي ۾ نالو کڻبو ته امالڪ چئي سگهبو ته اهو سائين تاج محمد ابڙو هو.

لاڙڪاڻي جي انهيءَ شام جي دؤر ۾ جنهن ماڻهوءَ جي اوتاري تي مون شاعر، اديب، دانشور، سياستدان، قومي ڪارڪنن ۽ ڪامورن تائين سڀني کي گڏ ٿيندي ڏٺو، مون حياتيءَ جي ڊوڙ ۾ ڳچيءَ پٽ تائين اختلاف رکندڙ هستين کي يڪجا ٿيندي ڪنهن هنڌ ڏٺو، ته اهو هو لاڙڪاڻي جي شام جو آخري اوتارو يعني سائين تاج محمد ابڙي جي اوطاق.

مان ته انهيءَ اوتاري کي پاڻ لاءِ هونئن به ڀاڳ وارو ليکيان ٿو، جتي مون نه رڳو سياسي ميدان ۾ پنهنجي ديس جي گرن گنجن ۽ اٻوجهه انسانن سان ڀائپيءَ جو درس سکيو، پر سموري انسان ذات سان محبت جو پيچ پائڻ پرايم. انهيءَ اوتاري تي مون ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ، ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ، مولوي نذير حسين، ڪامريڊ جمال الدين بخاريءَ، حاجي محمد پيرزادي کان وٺي اياز قادري، سيد خادم حسين شاهه، ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌيءَ ۽ کوڙ سارين لائق هستين سان روح رهاڻيون ڪيون. انهيءَ اوتاري تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو به شام جو جهڪي هڻي اچي ويهندو هو، جنهن سان ڊگها ۽ اڻ کٽ بحث ٿيندا هئا. اسان گهڻو ڪري قوم پرستيءَ جي رءُ تي، ته وري ڀٽو صاحب اقتدار وسيلي سڀني مونجهارن کي نبيرڻ جو طرفدار رهيو. بهرحال انهيءَ سموريءَ ڪايا پلٽ جو مرڪز سائين تاج محمد ابڙي جي اوطاق يا اوتارو هو، ڇوته سائين تاج محمد ابڙو سنڌ جي روايتن ۽ انسانيت جي روشن پهلوئن جو امين هو ۽ انهيءَ روشن پهلو جو هڪ مکيه نقطو هو، هن وٽ محبت جو هڪ اڻ کٽ سلسلو هو، جنهن هيترا سارا عظيم انسان هڪ جاءِ تي گڏ ڪيا هئا، جنهن لاءِ چئي سگهجي ٿو ته:

”تنهن عشق کي شاباس، جنهن محبتي ميڙيا“.

لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو، منهنجي جنم ڀومي، سياسي لحاظ کان سنڌ جي جفادري سياستدانن، معتبر وڏيرا شاهي ۽ ورهين کان قابض سياسي بازيگرن جو مرڪز رهيو آهي. ان ۾ سائين تاج محمد ابڙو هڪ اهڙي دؤر جو نمائندو هو، جيڪو پنهنجي بنيادي نقطي تان ڦرڻ جو ويچار ڪري به نه پئي سگهيو. ان ڪري سائين تاج محمد ابڙو سنڌ جي روايتي جهلڪ جي آخري شام به هو ته هڪ اهڙي دؤر جو نمائندو به هو، جنهن جي ڀيڄ ڀني ٿيڻ جي ابتدا ٿي رهي هئي. ان ڪري تاريخ جي هن خاموش ۽ وفادار سپوت سان انصاف تڏهن ٿي سگهندو، جڏهن سنڌ جي گود ۾ دائمي طور ستل اڏول انسان جي خوبين کي انسانيت جي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ وارو سمو ايندو ۽ انهن انسانن ۾ سائين تاج محمد ابڙو مٿانهون ۽ مانائتو نظر ايندو.

مان هينئر به لاڙڪاڻي جي شام جي آخري جهلڪ واري اوتاري، پنهنجي سياسي سکيا جي اوطاق وٽان لنگهندو آهيان، پر اکيون کڻي تڪڻ جي همٿ ساري نه سگهندو آهيان، ڇوته:

”هنڌ اهي ماڳ، جَت نه رهيا جُوءِ ۾“

 

(روزانه ڪاوش، عوامي آواز، جاڳو، هلال پاڪستان، پڪار، آفتاب ۽ مهراڻ)


 

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

سنڌ جو سجيلو سپوت

يوسف لغاري

سائين تاج محمد ابڙو صاحب لاءِ ٻه اکر لکڻ منهنجي لاءِ اعزاز آهي، پر اهو نڀائي سگهندس يا نه؟ انهيءَ جو فيصلو ته سندس دوست، ساٿي ۽ نظرياتي دوست ئي ڪري سگهندا.

ان زماني ۾ جڏهن سنڌ تي ڏاڍ جا بادل پيا لامارو ڏيندا هئا، ڪجهه سنڌ جا سڄڻ، حيدر بخش جتوئي، جي ايم سيد، غلام محمد لغاري ۽ سوڀو گيانچنداڻي جيلن جي حوالي ته باقي ويچارا پاڻ نڀائڻ ۾ پورا.

اهڙي ڪاري دؤر ۾ سنڌي ادبي سنگت ۽ ترقي پسند دوست، ويچارا ۽ بيوس هوندي به جاگيرداري، آفيسر شاهي، نوڪر شاهي ۽ صوبيدار شاهي جي خلاف پيا لڇندا هئا. سائين تا ج محمد ابڙو به انهن سنڌ جي سڄڻن مان هو، جيڪي سنڌ لاءِ پيا اٿندي ويهندي اڻهي سوچيندا هئا. حقيقت ۾ سنڌ جي تاريخ سياسي توڙي ثقافتي انهن دوستن ۽ ڪامريڊن کانسواءِ نامڪمل هوندي سائين تاج محمد جڏهن ۱۹۷۶ع ۾ سيشن جج ٿي ميرپورخاص ۾ آيو ته مون کي اڳئين به وڌيڪ برجستو ۽ پيارو محسوس ٿيو، پاڻ چوندو هو ته پهرين نه رڳو سنڌ جي ماڻهن کي انصاف نٿو ملي اهو پيو سوچيندو هئس، هاڻ ته اهو بارُ مٿي تي اچي پيو اٿم، شال نڀائي سگهان! اُن پنهنجي عهدي سان به نڀايائين ته اُن سوچ سان به نڀايائين. وطن، ڌرتي، ادب، ثقافت،، ٻوليءَ ۽ سچ سان کيس دل هوندي هئي. ياري نه رڳو رکي سگهندو هو پر نڀائڻ به ايندي هيس. مون کيس هن ملڪ ۾ هڪ ترقي پسند سوشلسٽ خيالن جو حامي ۽ ڌرتيءَ جي مسڪين ماڻهن جو حامي ڏٺو.

دوستي ۽ مهمان نوازي سندس عادت بنجي چڪي هئي. ڪنهن به ڳالهه تي منطق کانسواءِ اعتبار نه آڻيندو هو. جيتوڻيڪ پاڻ دل ۽ ذيابيطس جي عارضي ۾ مبتلا هو پر اها بيماري سندس لاءِ وڏي بيماري ڪانه هئي، پنهنجي بيماري کان وڌيڪ سنڌ جي مسڪين ماروئڙن، ڏتڙيل ماڻهن، مظلومن جي لاءِ پيو پچرندو هو. ’’اسين ته وياسين گذاري ايندڙ نسل جو ڇا ٿيندو؟‘‘ هر دوست کان سندس سوال هوندو هو.

جيتوڻيڪ پاڻ اسان وٽ موجود نه آهن پر هن موجوده دؤر جي سجاڳي ۽ شعورآڻڻ ۾ سندس ڪافي حصو رهيو آهي ۽ سندس نالي کان سواءِ سنڌ جي سياسي ادبي ۽ شعوري جدوجهد جي ڳالهه نامڪمل هوندي، جڏهن به ڪنهن دوست سنڌ جي سجاڳي ۽ شعور تي لکيو ته سندس نالو پهرين شعور آڻيندڙن ۾ هوندو.

وقت ڪنهن جو ساٿ ڪونه ڏيندو آهي پر وقت سائين تاج محمد جهڙن جاکوڙي ۽ شعوري انسانن جي اڳيان مجبور به ته هوندو آهي ۽ سندس جدوجهد کي سدائين پيو نوڙي سلام ڪندو آهي. سائين تاج محمد وقت کي به هارائي ڇڏيو ۽ پنهنجي سچائيءَ، ايمانداريءَ ۽ شعوريءَ جدوجهد ذريعي پاڻ کي امر بڻائي ڇڏيو ۽ ايندڙ نسل لاءِ مشعل راهه ٿي ويو.

 

(روزانه سوڀ، ڪاوش، هلال پاڪستان، عبرت، سچ، عوامي آواز)


 

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

سندس منزل - انقلاب جي منزل

ڄام ساقي

تاريخ انهن کي ڪڏهن به فراموش ناهي ڪندي، جيڪي ماڻهو خود تاريخ کي مرتب ڪندا آهن. معاشري ۾ هي ماڻهو ڪوبه ڪم مانَ مرتبي حاصل ڪرڻ لاءِ ناهن ڪندا، پر ان ڪم ۽ محنت، جدوجهد کي مڃتا سان نوازڻ معاشري جي مجبوري بڻجي پوندي آهي. ان فرد جي هر تخليق معاشري ۾ تبديلي جو باعث بڻجندي آهي، پر معاشري تي مسلط خيالات، حڪمران طبقي جا قدر، عام رواجي اخلاقيات ان فرد مٿان هر پل جبر طور لاڳو ٿيندا رهن ٿا، پر بغاوت جي عمل ۾ هي جبر اُن ماڻهو جي ارادن ۽ نظرين ۾ اڃا به طاقت پيدا ڪندا آهن، ته هو معاشري مان انهيءَ غلاظت کي ختم ڪري، هر جبر کي چئلينج ڪري ۽ عام عوام کي خوشحالي جي ضمانت ڏياري. ائين هن خطي به عظيم ذهن ۽ جدوجهد کي زندگي ارپيندڙ فرد ڏٺا آهن، پر انهن فردن هن خطي جي ڪنهن به اصول تي سودو نه ڪيو ۽ تيزي سان نوان محاذ تعمير ڪندي، انقلابي مقصدن کي پورهيت تائين پهچائيندي هڪ سوشلسٽ تبديلي لاءِ هن طبقي کي متحرڪ ڪندا رهيا. ائين ۸ آگسٽ ۱۹۲۴ع ۾ هڪ انقلابي جو جنم ٿيو، جيڪو اڳتي گهڻ رخي شخصيت جو حامل رهيو ۽ هي سڀ مثبت رخ ان ساٿي کي اڄ به زنده رکيو اچن، جيڪي شخصي طور تي اڄ اسان سان گڏ ناهن، پر اڄ ان جي سچائي، جدوجهد اسان سان گڏ آهي. اهو هو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، جنهن جو جنم ته لاڙڪاڻي ۾ ٿيو، پر ان جا آدرش پوري سنڌ توڙي پاڪستان ۾ گردش ڪندي پورهيت عوام لاءِ هڪ رهنمائي جو ڪم ڏيندا رهيا. اڄ ۸ آگسٽ تي ڪامريڊ تاج ابڙو جي سالگرهه آهي. ائين سمجهجي ڪامريڊ تاج جي جدوجهد کي سُرخ سلام پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي. جيئن ته اڄ جون حالتون جنهن ڪيفيت ۾ آهن، اهي هڪ وڏي تبديلي جون گهرجائون آهن. اها تبديلي ڪامريڊ تاج ۽ اسان سڀني گڏجي ڏٺي هئي، پر ان کي منزل نه ملي سگهي. اهي ڏينهن ۱۹۶۷ع، ۱۹۶۹ع جي تحريڪ جا هئا، جڏهن مڪمل پورهيت طبقو ميدان تي لٿل هو. ان عرصي ۾ ڪامريڊ تاج ڪميونسٽ پارٽي ۾ انتهائي سرگرم هو. هيءَ تحريڪ ايوبي آمريت جي دﺂر ۾ شروع ٿي هئي، جنهن نه صرف آمريت، پر سموري سماج جي ملڪيتي رشتن کي به چئلينج ڪري ڇڏيو هو. پوري پيداوار تي قبضو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو هو. انهيءَ عرصي ۾ ۱۹۵۰ع کان ۱۹۶۰ع تائين ڪامريڊ تاج ڪميونسٽ پارٽي ۾ وڏي جانفشاني سان ڪم ڪندا رهيا. انهيءَ مارڪسي فڪر جي ڪري ڪامريڊ هر محاذ تي سرگرم رهيا. هاري ڪميٽي ۾ رهي ڪري هارين کي وڏي پئماني تي متحرڪ ڪندا رهيا. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سان به گڏجي ڪامريڊ وڏي جدوجهد هلائي ۽ ساڻس گڏ به هوندا هئا.

ڪامريڊ تاج محمد هڪ جج جي حيثيت ۾ جج وارو فرض ته نڀائيندا رهيا، پر پنهنجي سڃاڻپ وارو عام سادگي واري زندگي جو طبقو هميشه ساڻس گڏ رهيو. پاڻ وڪالت کي به وڏي زندگي ڏنائون، جنهن ۾ هنن مظلوم پورهيتن جا ڪيس مفت ۾ ڪورٽن ۾ پيش ڪيا ۽ ڪاميابي ماڻيائون. عام طرز جي سادگي هن ڪڏهن به پنهنجي شخصيت کان جدا نه ڪئي.

اسين ڍاٽڪي ٻوليءَ ۾ جهونجهار ان کي چوندا آهيون، جيڪو مرڻ کان پوءِ به وڙهي سگهي، پوءِ اها ويڙهه هو پنهنجي تحريرن ذريعي جاري رکي، تنظيم جي ذريعي جاري رکي، اولاد جي ذريعي جاري رکي يا سنگت ساٿ جي ذريعي جاري رکي ته ان کي جهونجهار يا شهيد سڏي سگهجي ٿو. ايشيا ۾ اديبن جي وڏي ۾ وڏي تنظيم سنڌي ادبي سنگت آهي، جيڪا سنڌي ٻوليءَ لاءِ وڙهي ۽ ون يونٽ جي قهري ڪوٽ ڪيرائڻ ۾ ان جو وڏو هٿ آهي. ان سنڌي ادبي سنگت جي قيام جو پهريون ميڙ لاڙڪاڻي ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي گهر ٿيو. ائين ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ٻاريل لاٽ اڃا تائين ٻرندي اچي. جيستائين سنڌي ادبي سنگت رهندي، ان جا آندل نوان ادبي لاڙا رهندا. ڪامريڊ تاج محمد کي وساري نه سگهبو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جو ڊسٽرڪٽ سيشن جج هجڻ هن جي انقلابيت کي ماٺو ڪري نه سگهيو هو. سُٺا ۽ نوان ڪتاب پڙهندو ۽ پڙهائيندو هو ۽ سياسي روپوش ساٿين کي بنا کٽڪي گهر رهائي سگهندو هو. آءٌ به ضياءَ حڪومت جي ڏينهن ۾ وٽس ڪافي دفعا ويس. مالي مدد توڙي ماني ٽڪي کان سواءِ ڪڏهن به وڃڻ نه ڏيندو هو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو هاري ڪاميٽي جي ڏينهن ۾ پارٽي جو ڪُل وقتي انقلابي ساٿي به رهي چڪو هو. هن جي ڪمينٽمينٽ ۾ ڪڏهن به ڪمي ڪانه آئي. هُو سنڌي ادبي سنگت جو بنياد رکڻ وقت توڙي سياسي روپوش ساٿين کي ترسائڻ جي خطرن کان به ڀلي ڀت واقف هو، پر پوءِ به اهو سڀ ڪجهه ڪندو هو. سائين تاج محمد ابڙي کي اڃا تائين نه مرحوم لکڻ جي همٿ اٿم ۽ نه ئي سائين کي ڪڏهن تاج محمد سڏيم. اسين گهڻو جونيئر هوندي به سائين کي ”سائين تاج“ ئي سڏيندا هئاسين. سائين سنڌي ادبي سنگت هجي يا هاري ڪاميٽي، شاگردن جي سرگرمي هجي يا سنئين سڌي انقلابي هلچل، اسان کي هميشه ۽ هر طرح همٿائيندو رهيو. دنيا جي تازي ۾ تازي انقلابي ۽ سياسي لٽريچر هٿ ڪرڻ، پڙهڻ ۽ نوجوان دوستن کي پڙهائڻ جي ڪوشش ۾ سدائين رڌل هوندو هو. جهڙو هو صورت ۾ سهڻو ۽ سيرت ۾ صادق، اهڙو ئي محبت ۽ مڻيا وارو مانجهي مڙس هو. تمام ٿورن ماڻهن کي خبر هوندي ته هن مزدورن جي يونينن کي منظم ڪرڻ ۾ لاڙڪاڻي ليول تائين ۽ سنڌ هاري ڪاميٽي کي منظم ڪرڻ لاءِ سنڌ سطح تي ڪوششون به ڪيون ۽ هميشه وس آهر مدد به ڪئي. هاڻي سندس صالح اولاد پٽ توڙي نياڻيون سنگت ۽ ادب جي ذريعي هر جدوجهد ۾ شامل آهي ۽ تا دنيا رهندو. تڏهن ئي اسين هن کي صحيح معنيٰ ۾ جهونجهار چئي سگهون ٿا.

چوندا آهن ته ماڻهو جي شخصيت جو دارومدار ان ماحول تي به هوندو آهي، جنهن ۾ هو پيدا ٿيندو آهي. ائين ڪامريڊ تاج جي پيدائش جنهن وقت ۾ ٿي، ان وقت روس اندر هڪ سوشلسٽ انقلاب به ٿي چڪو هو، جنهن جا اثرات هن برصغير تي به وڏي پئماني تي پيا هئا. اهو مارڪسي فڪر ۽ انقلاب ڪامريڊ تاج محمد ابڙو کي به ننڍپڻ کان ئي متاثر ڪندو رهيو. تنهن ڪري ئي ڪامريڊ پنهنجي وابستگي پورهيت طبقي سان هميشه برقرار رکي. پاڻ لاڙڪاڻي جي اندر سياسي، ثقافتي، ادبي سرگرمين ۾ به سرگرم رهيا، بلڪه اڳواڻي به ڪندا رهيا. لاڙڪاڻي اندر سنڌي ادبي سنگت جو بنياد رکندڙ به ڪامريڊ تاج هيا. ڪامريڊ هن سنگت جا جنرل سيڪريٽري به رهيا ۽ ادب ۾ تعلق کي اجاگر ڪندا رهيا. شاعري، نثر، نظم ۾ به پورهيت طبقي جي حالتِ زار جي ترجماني ڪندي ان کي وڌيڪ نکاريندا رهيا. ڪامريڊ تاج ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع کان ۱۹۸۳ع جي ايم.آر.ڊي تحريڪ به عروج تي هئي، جنهن ۾ پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن به وڏي قربانين سان آمريت کي چئلينج ڪيو. هڪ عظيم جدوجهد جو آغاز ڪيو، هيءَ جدوجهد به ڪامريڊ تاج لاءِ انتهائي اهم هئي، جنهن ۾ ڪامريڊ جو ڪردار آخري ڏينهن ۾ به رهيو، پر مجموعي تبديلي نه اچي سگهي. نظام اهو ئي رهيو، حالتون بدستور خراب ٿينديون رهيون. انهيءَ جو ڪارڻ ڪا مضبوط نظرياتي پارٽي نه هئي، جنهن جو ادراڪ ڪامريڊ تاج به رکيو پئي، پر ڪامريڊ جي زندگي اجازت نه ڏني، نه ته هيءَ کوٽ به ڪنهن نتيجي تي پهچي ها. ڪامريڊ تاج جو مقصد رائيگان ناهي ويو، ڇو ته ڪامريڊ تاج جيڪي حالتون ۱۹۵۰ع ۾ محسوس ڪيون، ۱۹۷۰ع کان ۱۹۸۰ع تائين ڏٺيون، اهي اڄ به موجود آهن. اهي آدرش اڄ جا نوجوان اڄ به سانڍيو اچن، جيئن مٿي جنهن تحريڪ جو ذڪر ڪيوسين، ان تحريڪ چيئرمين ذوالفقار علي ڀٽي کي به پيپلز پارٽي جي صورت ۾ نمودار ڪيو هو. اهي ۱۹۶۷ع کان ۱۹۶۹ع جي تحريڪ جا ڏينهن هئا، جنهن پاڪستان پيپلز پارٽي کي هڪ سوشلسٽ سماج جو منشور ڏيڻ تي مجبور ڪيو ۽ ڀٽي صاحب جي قيادت کي پيش ڪيو ۽ وڏي ڳالهه ته انهيءَ پروگرام جي ڪري ڀٽي صاحب ۽ ڪامريڊ تاج جي گهري وابستگي رهي ۽ دوستي به، جنهن ۾ هن خطي جي حالتن تي کوڙ سير حاصل بحث به ٿيا. ڀٽي صاحب ۽ ڪامريڊ تاج جو سفر به هڪ ئي رستي تي ٿيو، جنهن رستي تي پورهيت، هاري، شاگرد، نوجوان موجود هئا.

ڪامريڊ تاج هڪ ئي وقت هڪ سياستدان، اديب، دانشور، وڪيل، جج ۽ هڪ عام انسان به هو، جنهن پنهنجي عمر جو وڏو عرصو جدوجهد کي ارپيو. ڪامريڊ جو مؤقف طبقاتي هو. هر مسئلي جو حل به ڪامريڊ تاج طبقاتي نظر سان ڏسندا هئا. اڄ ۸۶ هين سالگرهه هيءَ نويد ڏئي ٿي ته سماج کي تبديل ڪجي. ڪميونسٽ پارٽي گهڻن ئي مسئلن جو شڪار رهي ۽ ڪامريڊ تاج جهڙا ڪردار مسئلن جو شعور رکندي درست واٽ تي هلندا رهيا. ان واٽ جي چونڊ اسان سڀني ڪئي سين، جنهن ۾ تڪليفون به آيون، نظرين سان جٺ ٿيندي به ڏٺي سين، ماحول ۾ انقلاب کي ايندي به ڏٺوسين، پر منزل اڌوري ئي رهي، تنهن ڪري ڪامريڊ تاج محمد جي وابستگي ڪنهن ڪميونسٽ ليڊر سان ايتري نه رهي، جيتري ڀُٽي سان رهي. ان جو واحد سبب پيپلز پارٽي جي عوام ۾ حمايت هئي، بلڪه هڪ روايت بڻجي چڪي هئي، پر پيپلز پارٽي انهيءَ عوامي حمايت جو ادراڪ نه رکي سگهي، جنهن ڪارڻ ڀٽو صاحب کان وٺي بينظير تائين قربانين جو سلسلو جاري رهيو. هاري ڪميٽي ۾ تاج جون خدمتون اڄ به هارين لاءِ مشعلِ راهه آهن. سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي ۾ جيڪي پير پاتا، اهي به ڪامريڊ تاج جون سرگرميون هيون. هڪ انسان ايترو ڪجهه به ڪري سگهي ٿو، اهو اندازو لڳائڻ لاءِ ڪامريڊ تاج ابڙو کان وڌيڪ مثال مشڪل سان ملندو. هونئن به ڪنهن جي وڃڻ سان ڪو گڏجي ناهي ويندو، پر ان سان گهاريل ڏينهن ۽ قربانيون ڪڏهن به ناهن وسرنديون. اهي هميشه ساٿين جي ذهنن تي زنده رهن ٿيون. ڪامريڊ تاج سميت کوڙ انقلابين جي جدوجهد جاري آهي. اها تيستائين رهندي، جيستائين ظالم، مظلوم، امير، غريب، مزدور، سرمائيدار رهندو. انهيءَ لاءِ زندگي سڀ گذاريندا آهن، پر ڪي ڪي ماڻهو زندگي انقلاب کي، جدوجهد کي ارپيندا آهن. انهن مان ڪامريڊ تاج محمد ابڙو به هڪ آهي. روس انقلاب جي عظيم ليڊر ليون ٽراٽسڪي، ڪامريڊ تاج جهڙن لاءِ ئي لکيو هو ته: ”زندگي گذارڻ آسان ناهي، جيستائين انسان وٽ ڪو عظيم مقصد نه هجي، جيڪو انسان کي نيچ پڻي کان، ذلت کان بلند ڪري.“ انسان ڪٿي نه ڪٿي مري وڃي ٿو، کپي وڃي ٿو، جهڪي وڃي ٿو، وڪامجي وڃي ٿو، تنهن ڪري ڪامريڊ تاج محمد جا مقصد هر شيءِ کان مٿانهون هيا، جيڪي پوري تاريخ ۾ هميشه روشن مقام تي رهندا.

(روزانه سوڀ، هلال پاڪستان، عبرت، سچ، عوامي آواز، سنڌ، هلچل، سنڌو، پڪار، سڪار)


 

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

سنڌ جي ناقابلِ فراموش شخصيت

عبدالغفور ڀرڳڙي

تاج محمد ابڙو ۱۹۲۴ع ۾ ڄائو. قمبر، لاڙڪاڻي ۽ ڪراچيءَ ۾ تعليم ورتائين. مون کان اٽڪل ٽي سال ننڍو هو. مان کيس شاگرديءَ جي دؤر کان سڃاڻيندو هوس. مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ پُرجوش بهرو ورتائين. ان وقت هندستان جا نوانوي سيڪڙو شاگرد سياست جي تحريڪ ۾ هئا. ڀلا اهڙي وقت ۾ تاج محمد ابڙو ڪٿي پئي سياست کان ٻاهر رهي سگهيو!

۱۹۴۷ع ڌاري لاڙڪاڻي ۾ وڪالت شروع ڪيائين. اوائل ۾ مرحوم شمس الدين ابڙي سان گڏ ڪم ڪيائين، جو لاڙڪاڻي ضلعي جو مشهور فوجداري وڪيل هو. ڪجهه عرصي بعد الڳ ٿي ڪم ڪيائين. سندس وڪالت اڪثر ڪري فوجداري ڪيسن سان تعلق رکندڙ هئي، مگر ائين هرگز نه آهي ته سول قانون کان اڻڄاڻ هو. ڪيترن موقعن تي هُو سول ڪيس به هلائيندو هو ۽ ڪاميابيءَ سان هلائيندو هو، مگر فوجداري معاملن تي وڌيڪ دسترس هيس. هو وڏيءَ سنگت ساٿ وارو انسان هو. پئسي سان پيار به گهٽ هيس. تنهنڪري دوستيءَ ۾ ڪيترا ڪيس مفت ۾ کڻندو هو. جيڪا ڪمائي هوندي هيس، سا گهڻي قدر مهمان نوازيءَ تي خرچ ڪندو هو، تنهنڪري بچت ڪانه هوندي هيس. هن ۾ اها وڏي خوبي هوندي هئي جو اصيلن کي نه غلط مشورا ڏيندو هو، نه وري اجايا ڏٽا ۽ نه ئي ڪوڙا دلاسا ئي ڏيندو هو. سندس هٿ آئيني جيان صاف رهيا ۽ پنهنجي عزت ڀرئي ڌنڌي کي ڪوبه داغ لائڻ ڪونه ڏنائين.

جج:

جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو وزيراعظم ٿيو، ته کيس سيشن جج مقرر ڪيو ويو. سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ رهيو. ڪافي وڪيل ۽ سياسي ورڪر ۽ ليڊر هر شهر ۾ سندس دوست هئا. عدليه ڪنهن به ملڪ جو اهم ترين ٿنڀو آهي ۽ ويچارا مظلوم ٻين سڀني کاتن ۽ وڏن ماڻهن جي زيادتين کان پناهه لاءِ عدليه جو دروازو کڙڪائيندا آهن. تاج محمد ابڙي پنهنجي ججيءَ دوران فرض ادائيءَ ۾ ڪوتاهي ڪانه ڪئي. ڪنهن کان به مرعوب ٿي يا ڪنهن به لالچ ۾ اچي يا سفارش جو شڪار ٿي، بي انصافي نه ڪيائين، جيڪا مون کي ذاتي ڄاڻ آهي. هُو انهن سڀني ڳالهين کان تمام گهڻو مٿانهون رهيو ۽ نه وري ڪنهن کي جرئت ئي ٿيندي هئي جو کيس ڪو آڇ ڪري سگهي. البته اها ٻي ڳالهه آهي، جو ڪنهن ساده لوح ڌر ڪنهن جي وڪڙ ۾ اچي پاڻ ڦرايو هجي. جج جي حيثيت ۾ مسٽر تاج محمد ابڙو ڌرين خواهه وڪيلن سان تمام سٺي نموني پيش ايندو هو ۽ ڪنهن کي به شڪايت ڪانه هوندي هئي. هو سڀني کي غور ۽ صبر سان ٻڌندو هو. حقائق ۽ قانوني پوزيشن تي پوري غور بعد ئي فيصلو ڏيندو هو. عزت ۽ آبروءَ سان رٽائر ڪيائين، مگر پئسي جي معاملي ۾ ساڳيو ئي غريب رهيو. تاج محمد ابڙي عزت کي دنيا ۽ دولت مٿان ترجيح ڏني.

معاشري ۾ مقام:

 اسان جو معاشرو ڪو سولو معاشرو ته نه آهي. هر قسم جا ماڻهو ان ۾ موجود آهن. اسان وٽ خوشامد، منافقي ۽ ڪوڙ عام جام رهيو آهي ۽ اڃا به ايتري نقصان باوجود اسين سکيا ڪونه آهيون. جيئن ٿڌ تيئن وڌ. تاج محمد ابڙي جو واسطو هر طبقي سان پيو، مگر پاند نه پسايائين، ڪنهن کي نه رنجايائين، نه ڪنهن جي شڪايت ڪيائين. هر ڪنهن سان چڱائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين. وٽس تهذيبي اخلاق جا انبار هئا. اٿڻ، ويهڻ جو طريقو ۽ گفتگو جو انداز ڪو هن کان سکي. ڪنهن کي برو ڀلو چوندي مون هن جي زبان مان ڪڏهن به ڪونه ٻڌو. پنهنجي محدود وسائل باوجود هن مهمان نوازيءَ جا فرض خوب بجا آندا. جيڪڏهن سرمائيدار هجي ها ته سخاوت جو وڏو ڌاڪو ڄميس ها. مگر هن عوامي ۽ سچائيءَ واري زندگي بسر ڪرڻ مناسب سمجهي.

فقير راهه نشين است ودل غني دارد

(دل جو غريب نه هو مگر غني هو.)

ذهانت ۽ مطالعو:

تاج محمد ابڙي جهڙا ذهين انسان مون پنهنجي حياتيءَ ۾ ڏاڍا گهٽ ڏٺا آهن، مگر هن ۾ جيڪا ڪمي مون محسوس ڪئي، سا اها هئي جو هن پنهنجي گهري مطالعي ۽ ذهانت جو مظاهرو ۽ نمائش ڪانه ڪئي. سندس معلومات وسيع هئي. سندس ذهن تعميري هو ۽ سندس مطالعو سطحي نه هو. جيڪڏهن ڪو ساڻس خيالن جي ڏي وٺ ڪري ها ته ان کي پتو پوي ها ته تاج محمد ابڙو نه صرف پڙهيو هو، پر ڪڙهيو به هو. هن کي نه صرف ڪتابي علم هو، پر کيس زماني جو عملي تجربو به هو. هن زندگيءَ ۾ سرديون، گرميون ۽ لاها چاڙها سڀ ڏٺا هئا، جنهن جي روشنيءَ ۾ هو راهه متعين ڪري سگهندو هو. پر منهنجي نظر ۾ هن جي روشن خياليءَ ۽ اعليٰ ذهانت مان ڪنهن گهٽ ئي فائدو ورتو. هن دؤر ۾ جڏهن هرڪو پاڻ کي ارسطو ۽ افلاطون کان گهٽ ڪونه ٿو سمجهي، اتي ڪنهن کي سمجهائڻ، قبرستان ۾ آذان ڏيڻ جي برابر آهي. اها جدا ڳالهه آهي ته ڪنهن وٽ ايترا وسائل ۽ اهڙا طريقا هجن، جو پنهنجن خيالن جي مشهوري ڪرائي، پاڻ کي جڳ مشهور دانشور سڏائي. پر تاج محمد ابڙي وٽ اهي طريقا هئا ئي ڪونه. لاڙڪاڻي ۾ هو سنڌي ادبي سنگت جو به روح روان هو. سندس علم ۽ عقل مان ڪنهن فائدو نه ورتو. هُو ته بيابان ۾ هڪ خوشبودار گُل هو، جنهن جي سڳنڌ جي سُڌ ٿورن کي نصيب ٿي هوندي.

من مثل لالئه صحرا هستم

سياست:

اگرچه سياست سان سندس گهڻو واسطو هو، تاهم سياست جي افق تي گهڻو اُڀري نه سگهيو. جنهن انسان کي پنهنجا اصول ۽ اقدار پيارا آهن، ان جو گهڻو اسرڻ ڏکيو آهي. جتي سياست ۾ پئسي جي راند هجي، جتي سياست جو ٻيو نالو لالچ هجي، جتي سياست منافقي ۽ بي اصولي هجي، جتي سياست ۾ دلالي ۽ رشوت هجي، جتي سياست ۾ غنڊا گردي ۽ ڊڪٽيٽري هجي، اتي تاج محمد ابڙي جهڙن انسانن جي ضرورت ڪهڙي آهي!

تاج محمد ابڙو بنيادي طرح سوشلسٽ ۽ جمهوري خيالن جو زبردست حامي هو. اهو ئي سبب هو، جو هُو هاري ڪاميٽي ۾ ٻين ترقي پسند ٽولن ڏانهن گهلي ويو. اتي هن اصلاح آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ باهمي ڪشيده ليڊرشپ کي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪيائين، تاڪه پروگرام کي اڳتي وڌائي سگهجي، پر سندس بهترين ڪوششون به هن سلسلي ۾ ناڪام رهيون. لاڙڪاڻو ضلعو سياسي ليڊرن جي سرزمين رهي آهي، اتي مختلف خيالن جا مخالف سياستدان پئي رهيا آهن. اقتدار جي سياست ۾ تاج محمد ابڙي جي وقت ۾ محمد ايوب کهڙو، قاضي فضل الله ۽ ذوالفقار علي ڀٽو اعليٰ مقام تي رهيا هئا. خاص ڪري ڀٽو صاحب ته هڪ بين الاقوامي ليڊر جي حيثيت اختيار ڪري چڪو هو. مسلم دنيا ۽ ٽينءَ دنيا جو مڃيل ليڊر هو، مگر ٽنهي سياستدانن جي باهمي رقابت ۽ ڪشمڪش جو به سڀني کي اندازو آهي. پر اها ڳالهه وڏي تعجب واري آهي، جو ٽنهي صاحبن سان تاج محمد ابڙي جا تمام گهرا ۽ ويجها تعلقات هئا. شايد ڪو اڻ واقف ماڻهو ائين چوي ته تاج محمد ابڙو هڪڙي جي سامهون ٻئي جي گلا ڪري سرخرو ٿيندو هوندو ۽ فائدن وٺڻ جي ڪوشش ڪندو هوندو. ائين چوڻ حقيقت کان دور ئي ٿيندو. لاڙڪاڻي جي انهن ليڊرن کي چڱيءَ طرح ڄاڻ هئي ته تاج محمد صاحب جا تعلقات سڀني ليڊرن سان هئا. سندس گفتگو ۾ اها مٺاڻ ۽ حقيقت هئي، جو تاج محمد ابڙي جي سچائي ۽ ذهني پختگيءَ کان ڪوبه انڪار ڪونه ڪري پئي سگهيو. ان کان سواءِ هن ڪنهن کان به پرمٽ، پلاٽ، لائسنس ۽ فائدن جي گُهر ڪڏهن به ڪانه ڪئي، تنهنڪري سندس خلوص تي ڪوبه شڪ ڪري ڪونه پئي سگهيو. ڀٽو صاحب تنهنڪري مناسب سمجهيو ته اهڙي ديانتدار، اصول پرست ۽ اهليت رکندڙ شخص کي سيشن جج بڻايو وڃي، تنهنڪري هُو سيشن جج ٿيو.

اها حقيقت ٻڌائڻ به ضروري آهي ته ڀٽي صاحب سان گهرا تعلقات هجڻ باوجود تاج محمد ابڙي ۱۹۶۵ع جي صدارتي انتخاب ۾ ايوب خان جي بجاءِ محترمه فاطمه جناح جي مدد ڪئي. مگر هن جي ڪم ڪرڻ جو طريقو پنهنجو هوندو هو. هُو سکڻي ڪُني وانگر ڪونه اڀامندو هو، مگر هن اندران ئي اندران هڪ ڊڪٽيٽر خلاف مقصد حاصل ڪرڻ جو طريقو اختيار ڪيو. شهيد ذوالفقار علي ان وقت وزير هجڻ جي حيثيت ۾ ايوب خان جي مدد ڪئي.

بيماري ۽ وفات:

تاج محمد صاحب جڏهن جج هو، تڏهن ناچاق رهندو هو. کيس دل جي تڪليف ۽ ذيابيطس جا مرض لاحق هوندا هئا. مون ڏٺو ته هُو کاڌي جي پرهيز به گهڻي ڪندو هو ۽ علاج جاري رهندو هوس، مگر انهن بيمارين کيس نه ڇڏيو. مون کي عجب ٿيندو هو ته پنهنجين بيمارين ۽ تڪليفن جو ذڪر گهڻو ڪونه ڪندو هو. ورنه ڪيترن ماڻهن جي اها طبيعت هوندي آهي، جو تڪليف ده ذڪر شروع ڪري ڏيندا آهن. تاج محمد صاحب وانگر بيمارين باوجود ماڻهن سان خنده پيشاني سان ملڻ هر ڪنهن جي وس ۾ نه آهي، مگر تاج محمد صاحب جي طبيعت ان جي برعڪس هئي، هر ڪنهن سان پنهنجي تڪليف جو ذڪر ڪري مغموم ڪرڻ نه پئي چاهيائين. نيٺ بيماري وڌندي وئي، ڦڪين ڪو فرق نه ڪيو، ڇوته حڪم الاهي ائين ڪونه هو.

تون حبيب تون طبيب، تون دارون کي دردن

تون ڏئين تون لاهين، ڏاتر کي ڏکندن

تڏهن ڦڪيون فرق ڪن، جڏهن امر ڪيو ان کي

نيٺ قضا مٿان اچي بيٺي. ڪنهن به ڊاڪٽر جي علاج مان فائدو ڪونه پيو. آخرڪار ۱۰ مارچ تي وڃي پنهنجي حقيقي خالق سان مليو. سنڌ هڪ دانشمند ۽ مهمان نواز دانشور انسان کان محروم ٿي وئي. ڪاش هن موت کي شل موت اچي، جو اهڙن عظيم انسانن کي ايڏو جلد جدا ٿو ڪري. الله تعاليٰ جون مٿس بيشمار رحمتون هجن.

 

(روزانه عوامي آواز، هلال پاڪستان، سنڌ سجاڳ، تعميرِ سنڌ، عبرت)


 

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

هڪ آدرشي انسان

ڊاڪٽر غلام علي الانا

ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جو نالو سنڌ واسين جي ذهين تان ڪجهه جهڪو ٿي ويو آهي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سچ پچ ته ڪو معمولي ماڻهو نه هو. سندس دوستن ۾ جڳ مشهور شخصيتون شامل هيون، جن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي، سائين جي ايم سيد، جمال الدين بخاري، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کانسواءِ خان عبدالولي خان، محترم عطاءَ الله مينگل ۽ حيدرآباد جي امير برادران مير علي احمد خان ٽالپر ۽ ميرل رسول بخش خان ٽالپر جا نالا وڏي فخر سان وٺي سگهجن ٿا. هو پنهنجي زماني جو هڪ مثالي ماڻهو ۽ آدرشي انسان هو، هو هڪ ايماندار جج ۽ هڪ دانشور طور سڄي سنڌ ۾ ڄاتو ۽ سڃاتو ويندو هو. مرحوم سان منهنجي ملاقات، مرحوم ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي صاحب جي اوطاق تي لاڙڪاڻي ۾ ٿي، آءٌ تڏهن سنڌ يونيورسٽي طرفان ٿيندڙ امتحانن جي سلسلي ۾ لاڙڪاڻو ويو هوس، مرحوم کي سنڌو تهذيب جي باري ۾ وڏي ڄاڻ هئي، پاڻ جڏهن مون کي موهن جي دڙي ڏيکارڻ لاءِ وٺي ويو هو. تڏهن هڪ ماهر، سنڌ شناس وانگر سنڌو تهذيب جي باري ۾ تمام گهڻي معلومات ڏنائين. ائين پئي محسوس ٿيو ته موهن جي دڙي جون ڀٽون ڀڙا، ديوارون، ڳليون ۽ ناليون ساڻس ڳالهائي رهيون هيون ۽ هو اهي ڳالهيون مون کي ٻڌائيندو رهيو، هو جڏهن مون وٽ سنڌالاجي گهمڻ آيو. تڏهن مون سنڌالاجي جي مستقبل جي پروگرامن جي باري ۾ کيس ڄاڻي ڏني. جنهن تي هو ڏاڍو خوش ٿيا ۽ سنڌالاجي جي مدد جون وڏيون اُميدون ڏيکاريائون.

سندن سياسي سوچ مان محسوس ٿيندو هو ته هو سنڌ جو هڪ سڄاڻ ۽ ڏاهو شخص هو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي صحبت جو مٿس گهرو اثر ٿيل هو، سندس دل ۾ سنڌي قو م لاءِ جيڪو درد ۽ احساس هو، ان مان ائين محسوس ٿيندو هو ته مرحوم چاهي ٿو ته سنڌ جا ماڻهو سستي ڇڏين ۽ پنهنجي وطن لاءِ اڻٿڪ ڪوشش ڪن ۽ سنڌ کي بين الاقوامي درجي ڏيارڻ لاءِ پاڻ پتوڙين.

مون کي اها خبر نه آهي ته سندس وڏا ڪير هئا ۽ انهن جي مالي حالت ڪهڙي هئي، پر پاڻ هميشه خوش پوش ۽ خوشحال نظر ايندا هئا.

مرحوم ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو چوندو هو ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جي نياڻين جي تعليم لاءِ هميشه سرگردان هوندو هو. مرحوم تاج محمد ابڙي هڪ اصول ٺاهيو هو. جنهن موجب هو چوندو هو ته جيستائين سنڌي مائرون اڻ پڙهيل هونديون، تيستائين سنڌي معاشرو نه سُڌري سگهندو ۽ نه ئي وري ترقي ڪري سگهندو. انهيءَ اصول تحت هن سڀ کان پهرين پنهنجي پاڙي جي نياڻين کي تعليم جي زيورن سان سينگارڻ جي مهم شروع ڪئي، سندس انهيءَ جذبي جو ماڻهو به گهڻو قدر ڪيو. ساڻس ساٿ ڏنائون ۽ پنهنجين نياڻين کي پڙهائڻ جو عزم ڪيائون، ڪيتريون ئي نياڻيون پڙهي پيون. انهن مان ڪي ڊاڪٽرياڻيون بڻيون ته ڪي وري ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ استاد بڻيون ۽ ٻين نياڻين کي علم جي نور سان منور ڪيائون.

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جيئن اسان سڀني کي معلوم آهي ته هو هڪ صحافي پڻ هو ۽ روزانه الوحيد اخبار جو ڪجهه ڏينهن ايڊيٽر پڻ رهيو، مرحوم هڪ مشهور سماج سُڌار شخصيت به هو، پنهنجي چوڌاري واري سماجي ماحول ۾ رائج اڍنگين ۽ خراب رسمن ۽ برين عادتن کي وڌندو ڏسي پنهنجي هڪ هفتيوار اخبار به ڪڍيائين، جنهن جو نالو رکيائين ”نوجوان“ پر اها اخبار گهڻو وقت هلي ڪا نه سگهي.

آءٌ جڏهن اوپن يونيورسٽي اسلام آباد ۾ هوس تنهن زماني ۾ ۱۹۸۵ع ۾ لاڙڪاڻي ويس، ڇاڪاڻ ته مون کي فاصلائي نظام تعليم جي سلسلي ۾ اُتر سنڌ ۾ اوپن يونيورسٽيءَ جو ريجل دفتر ۽ مطالعاتي مرڪز قائم ڪرڻا هئا. ان سلسلي ۾ مون پنهنجي سفر جو آغاز گھوٽڪيءَ کان ڪيو ۽ پوءِ سکر، شڪارپور، جيڪب آباد، خيرپور ۽ آخر ۾ لاڙڪاڻي ويس. لاڙڪاڻي ۾ مرحوم تاج محمد ابڙي سان سندس اوطاق تي ڪافي وقت گذاريو. ٻيا دوست به اتي ئي آيا اسان جي اها ملاقات ڪافي سالن کانپوءِ ٿي هئي، هو مون کي گهڻو نئون نظر آيو، زندگي ۾ ڊگهو سفر ڪيو هئائين. ماستريءَ جهڙي پيغمبرانه ڌنڌي کان شروعات ڪئي هئائين پوءِ وڪيل بڻيو، سياست ۾ سرگرم رهيو، سماجي ڪارڪن رهيو ۽ آخر ۾ سيشن ڪورٽ جو جج مقرر ٿيو.

سندس ڳالهين مان ظاهر هو ته هن پنهنجي انهيءَ پوري سفر کي هڪ ڪامياب سفر ٿي تصور ڪيو. هو پنهنجي زندگيءَ مان بيزار اصل نه هو پنهنجي ڪيل پورهئي ۽ ڪمائي تي گهڻو فخر هوس. البته آخري ڏينهن مٺي پيشاپ ۽ دمه جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويو، پر تنهن هوندي به ٿڪو نه هو، همت ڪا نه هاري هئائين، هو دلشڪستو هرگز نه هو، پنهنجي ايماندارانه ۽ بي داغ زندگي تي ناز هوس، هو ڏاڍو مطمئن هو، ان ملاقات ۾ هن مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو هو. اهو تاج محمد ابڙو نه هو جيڪو مون ڪجهه عرصو اڳ ڏٺو هو، هو پنهنجي سر هڪ انجمن هو، هڪ ادارو هو، هو مون کي هڪ صحيح مڻيادار انسان نظر آيو، منجهس ڪئين گڻ هئا جيڪي بکي رهيا هئا. اهڙا ماڻهو مرندا نه آهن، اهي هميشه زنده هوندا آهن، ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جهڙا آدرشي انسان اصل مرندا نه آهن، اهي هميشه زنده رهندا آهن. اهڙن امر انسانن جا ڇڏيل اصول سندن اولاد جي رهنمائي ڪندا آهن. مرحوم جو اولاد به، سندن والد جيان لائق ۽ فائق آهي. منهنجي دعا آهي ته موليٰ ڪريم مرحوم جي اولاد کي پنهنجي لائق ۽ آدرشي پيءُ جي نقش قدم تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ سندس اولاد کي اها همٿ ۽ سگهه ڏئي ته جيئن اهي به پنهنجي عظيم پيءُ جي اميدن تي پورا رهندا اچن.

 

(روزانه سوڀ، ڪاوش، هلال پاڪستان، عبرت، سچ، عوامي آواز، سنڌ، مهراڻ، مقدمو، هلچل)


 

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

منهنجو دوست، منهنجو ڀاءُ

جمال ابڙو

چڱن ماڻهن جي کوٽ ڪانهي. علامه دائود پوٽو، تاج محمد ابڙو، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، قاضي فيض محمد، تاج صحرائي، مولوي احمد ملاح ۽ ٻيا اڪيچار، جن مان هرهڪ تي جدا جدا ڪتاب لکي سگهجي ٿو، پر حياتيءَ تي ڀروسو ڪونه اٿم ته ڪو ايڏو وڏو ڪم ڪري سگهندس. تاج محمد ابڙو تمام ذهين ۽ اونهي سوچ وارو ماڻهو هو. هڪڙو تاج محمد ابڙو ئي هو، جنهن سان مان کلي ڳالهائي سگهندو هئس. حالانڪه تاج محمد اسان جو ڪو مائٽ ڪونه ٿي لڳو، پر تعلقات ڀائرن جهڙا هئس. امڙ جي وفات تي تاج محمد ابڙو پهتو ته جنازو روڪرائي چيائين ته: مان منهن ڏسندس، سو کيس منهن ڏيکاريو ويو. امڙ تاج محمد ابڙي سان به اسان پٽن جهڙو پيار ڪندي هئي. تاج محمد ابڙي سان ياراني پڪي هيم، جو مان کاٻيءَ ڌر جي تحريڪن، هاري پارٽيءَ ۽ مزدور يونين ۾ ڪم ڪرڻ لڳس. مون پنهنجي وڪالت جي آفيس ۾ پاڪ سوويت دوستيءَ جي انجمن کولي. اهو آئيڊيا به تاج محمد جو هو ۽ همٿائڻ به ان جو هو. سوويت لٽريچر جي لئبرري به اتي ئي قائم ڪيم. مون تي ايڏو ڀروسو ڪيو ويو، جو ڪميونسٽ پارٽيءَ جون ميٽنگون به اتي ڪيون وينديون هيون. اهو ڪرشمو به تاج محمد ابڙي جو هو. سرڪار مير علي احمد ٽالپر، شيخ اياز ۽ تاج محمد ابڙو ڪتابن جا عاشق هئا ۽ ڪنهن کي به ڪتاب ڪونه ڏيندا هئا. تاج محمد ابڙو، ذوالفقار علي ڀٽي کي ڪافي ويجهو هو ۽ سندس نجي محفلن جو رڪن هو. مون تاج محمد کي چيو ته ڇو نه ڀٽي صاحب کي چئي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي کي جيل مان آزاد ڪرائجي. تاج محمد کي اها ڳالهه پسند آئي ۽ هن ڀٽي صاحب سان ڳالهايو. ڀٽو صاحب خود ان خيال جو هو ته روس سان لاڳاپا وڌائجن، سو هڪدم هائو ڪيائين. سوڀو گيانچنداڻي جيل مان نڪري گهر آيو. ذوالفقار علي ڀٽي بعد ۾ تاج محمد کي چيو ته هو ڪميونسٽ پارٽيءَ تان بندش لاهي پيو ۽ ڀلي پارٽي کلم کلا پنهنجي منشور مطابق ڪم ڪري. ڀٽي صاحب ائين ڪري به ڏيکاريو، پر پارٽيءَ وارا ٻاهر ڪونه نڪتا. سو ذوالفقار علي ڀٽي، تاج محمد کي چيو ته هاڻي چئه نه پنهنجي دوست کي ته هو ڪميونسٽ پارٽيءَ کي بي ڌڙڪ منظم ڪري. تاج محمد به تمام ذهين ۽ اونهي سوچ وارو ماڻهو هو، سو مون سان صلاح ڪيائين. مون چيو ته بظاهر ته اها ڳالهه ٺيڪ ٿي لڳي، باقي فيصلو ڪامريڊ سوڀو ڪندو. مان ۽ تاج محمد ابڙو ڪامريڊ سوڀي سان سندس ڳوٺ ٻنڊي ملڻ وياسون. ڪامريڊ سوڀي ٺهه پهه جواب ڏنو ته واهه جو ٿا ڏس ڏيوم ته هٿ وٺي سڀ پارٽي ميمبر ۽ ڪارڪن ظاهر ڪري پليٽ تي رکي ڀٽي صاحب کي ڏيان ته جڏهن وڻين، تڏهن کين واڙي جيل ۾ وجهي ڇڏين. اسين ٻئي ماٺ تي وياسون. پنهنجي وزن جو پتو پئجي ويو ته سوڀي گيانچنداڻيءَ جي ڀيٽ ۾ اسين ڇوڪراٽ يا سيکڙاٽ هئاسين.

هڪ ٻيو واقعو ياد ٿو اچيم. ٿيو ائين جو حيدر بخش جتوئي جيل ۾ واڙجي ويو. ڪامريڊ عبدالقادر وري چڱو مڙس، نرم مزاج ۽ اختلافي راءِ کي ريٽڻ وارو ماڻهو، انهيءَ صورتحال جو فائدو وٺي هاري پارٽيءَ جي ڪن جوشيلن حقيقت ۾ پاڻ هرتڙن پارٽيءَ اندر سٽل، ڪي پنهنجا من پسند صدر، سيڪريٽري ۽ ٻيا عهديدار چونڊي بالم ٿي ويهي رهيا. مولوي نذير حسين جتوئي به ساڻن شامل هو ۽ عهدو به قبول ڪيو هئائين. پارٽيءَ فيصلو ڪيو ته انهيءَ صورتحال جو توڙ ڪيو وڃي ۽ بلڪل زائل ڪيو وڃي. انهيءَ ڪم لاءِ تاج محمد ابڙي ۽ مون کي ذميواري سونپي وئي. پتو ئي نه پوي ته ڇا ڪجي؟ هنن يارن ڇا ڪيو جو اخبارن ۾ خبرون ڇپائي پاڻ عهدن تي قابض ٿي ويهي رهيا. تاج محمد تمام گهڻو ذهين ماڻهو هو، سو حل ڪڍي آيو. چيائين ته هاري ڪميٽيءَ جي ميٽنگ ۽ ڪاروائيءَ جا من پسند فيصلا لکي هاري حقدار اخبار ۾ ڇپائي ٿا ڇڏيون. انهيءَ جڙتو ميٽنگ جي ڪاروائي، بحث مباحثا ۽ سوال جواب اهڙي نموني لکياسون، جو سود پود سچ ٿي لڳو. هاري حقدار جو پرچو ڇپائڻ لاءِ حيدرآباد هاري آفيس ۾ وڃڻو هو. ڏهه پندرهن روپيا مون کي ۽ ڏهه پندرهن روپيا تاج محمد کي، ريل جي ٿرڊ ڪلاس گاڏيءَ ۾ حيدرآباد لاءِ چڙهي پياسون. تاج محمد چوي ته ڪو مسئلو ئي ڪونهي، سڀاڻي هلنداسون هاري حقدار پريس، اتي فلاڻا فلاڻا منهنجا واقف آهن، بس موادMatter ڪمپوز ڪري هڪ ڏينهن ۾ پرچو ڪڍي ڏيندا. ٻئي ڏينهن صبح جو تاج محمد ۽ مان نيرانو نڪري پياسون. نيرن يا ناشتي جو آسرو به ڪونه هئو. ڀيڙيوسين پيرين پنڌ کي. اچي گاڏي کاتي ۾ حقدار پريس تي پهتاسون ته ٻه ويون ڇهه به ويون. هاري حقدار پريس توڙي آفيس کي تالو لڳو پيو هو. ٻڌايائون ته گورنمينٽ بندش وجهي ڇڏي آهي. چيائين: جمال! ٻيلي ڪا واهه ڪڍ، پرچو ضرور ڪڍڻو آهي. مون کي محترم محمد عثمان ڏيپلائي سمجهه ۾ آيو. انهيءَ جي پريس به ڀرسان ئي کوکر پاڙي ۾ هئي، جتان عبرت اخبار ڪڍندو هو. تاج محمد کي چيم ته هل ته ڏيپلائي صاحب وٽ ٿا هلون. سرهائيءَ سان چيائين ته يار وارو ڪر! ڏيپلائي صاحب وٽ وياسون ته کلي کيڪاريائين. جڏهن احوال ٻڌايوسونس ۽ مدد لاءِ چيوسونس ته بنا للي چپيءَ جي صاف انڪار ڪيائين. چي: اهو بلڪل غير قانوني ڪم آهي، اخبار رڳو اتي ڇپجي سگهي ٿي، جتان سرڪاري طرح ڇپائي Publish ڪئي ويندي هجي. تاج محمد مون ڏي منهن ڪري چيو: ابا ٻڌو؟ چيومانس: ڏيپلائي صاحب! ڪا واٽ ڪڍي ڏيو. گنڀير ٿي چيائين ته: توهان کي اها خبر به ڪانهي ته هاري حقدار پريس توڙي هاري حقدار اخبار تي بندش پيل آهي. اول ته اها بندش لهرايو، پوءِ ڇپائڻ جي ڳالهه ڪيو. مون پڇيو ته بندش ڪير لاهيندو؟ چيائين ته ڊي.سي جنهن کي ڊي.ايم يعني ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ چئبو هو. چيم واهه! واٽ ته نڪري آئي. پڇيم ته ڏيپلائي صاحب! ٻڌاءِ ته ڇا اي.ڊي.ايم (ائڊيشنل ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ) کي به اهي اختيار آهن؟ چيائين: ساڳي ڳالهه آهي، جهڙو هو تهڙو هو. مون کي خبر پئي ته اي ڊي ايم هئو نذير محمد ٽڳڙ جو تمام يار گهاٽو ۽ فيض وارو ماڻهو هو. مان ۽ منهنجو ننڍو ڀاءُ ڪمال ڄڻ ته سندس گهر ڀاتي هئاسين. آياسين ٽڳڙ صاحب وٽ. سڄي ڳالهه چڱيءَ طرح پڇي پڪ ڪيائين. چيائين ته ڪم آهي ته ڏکيو، پر جمال! توکي ڪونه موٽائيندس. چيائين: بندش ڪونه لاهيندس، پر رڳو پرچو ڪڍڻ ڏيندس، سو به بندش پوڻ واري تاريخ کان هڪ ڏينهن اڳ واريءَ تاريخ ۾، پر حڪومت خلاف ڪجهه به نه لکندؤ. اهڙي خاطري ڏياريسونس. مون چيومانس ته هفتيوار اخبار آهي، سو تاريخ ڪابه نه لکنداسون. ٽڳڙ صاحب به دير ئي ڪانه ڪئي، ڪلارڪ گهرائي هڪ ۽ آخري پرچو ڪڍڻ جو اجازت نامو ٽائيپ ڪرائي صحيح ڪري مهر هڻي ڏنائين. تاج محمد ڏس ته بهار بهار پيو ٿئي. آياسون محمد عثمان ڏيپلائيءَ وٽ. کيس اجازت نامو ڏيکاريوسون. حيران ٿي چيائين ته ڪهڙو جادو ڪيوَ؟ پوءِ به اخبار ڇپڻ کان صاف انڪار ڪيائين. ڏيپلائي صاحب! هيءَ ته زور آوري آهي. چيائين ته: نه، قاعدو آهي ته اخبار رڳو اتي ئي ڇپبي، جتان شايع ٿئي ٿي. ڳالهه ته سچي هئي. منٿ ڪئي سونس ته ڪو ڳٿو ڪڍ. اٿيو وڃي هاري حقدار اخبار جو پرچو کڻي آيو. وري انهيءَ ماپ ۽ رنگ جو خالي پنو کڻي آيو. چيائين ته هن خالي پني تي هاري حقدار اخبار جي ڪنهن به سب ايڊيٽر، ڪمپوزر يا ڪارندي کان لکرائي اچو ته هي پرچو هاري حقدار پريس ۾ ڇاپيو ويو. اهو ڪم ڪري اچو ته مان ٿو اخبار ڇاپي ڏيان. تاج محمد ٽڙي پيو، چيائين ته فلاڻو ڪارڪن منهنجو دوست آهي، ان کان بيٺي پير لکرائي ٿو اچان. تاج محمد هڪدم ٽانگو روڪائي حڪم ڏنو ته هل الهداد چنڊ ڳوٺ. جڏهن تلڪ چاڙي مارڪيٽ چونڪ اوريان پهتاسون ته مون ٽانگي واري کي چيو ته هلُ ٽنڊي ولي محمد. تاج محمد جوشيلو ۽ جذباتي ماڻهو هو، سو خار باز اکين سان مون ڏانهن نهاريائين. چيومانس ته ڀائو! خار نه کاءُ، هن مهل ڌرتتيءَ جو ناواقف گهٽين ۾ ڪيترو رلنداسين؟ هلي ٿا آرام ڪريون، ڪم ته ائين ئي سڀاڻي صبح جو ٿيندو. تاج محمد تمام ذهين، سمجهدار ۽ خبردار ماڻهو هو، جهٽ ڳالهه ڀانپي ورتائين. سندس ڪاوڙ ڪافور ٿي وئي. اسان به ننڊ آرام ڪري پوياڙيءَ جو گهربل ماڻهوءَ جي در تي پهتاسون. تاج محمد در کڙڪائي نالو وٺي سڏ ڪيو. اندران ئي ڪنهن پڇيو ڪير؟ تاج محمد نالو ٻڌايو ته هڪ ماڻهو چمڪدار اکين سان، وڏي اڪير سان اچي تاج محمد کي ٻک وڌو. تاج محمد جو واقعي عقيدتمند ٿي ڏٺو. ڇو ڪينَ، نيٺ ته پارٽيءَ جو ڪارڪن هو. تاج محمد کيس ڪم ٻڌايو ته ڇاتيءَ تي هٿ هڻي چيائين ته سرُ به حاضر آهي. خالي پني تي اتي ئي لکي ڏيڻ لاءِ تيار هو، پر چيوسونس ته بهتر اهو آهي ته ڏيپلائي صاحب جي روبرو لکي ڏي. چيائين حاضر، سڀاڻي صبح جو ڏهين وڳي توهان کان به اڳ ۾ عبرت پريس پهچي ويندس. ٻئي ڏينهن عبرت آفيس پهتاسون ته هو شخص (نالو وسري ويو اٿم) اڳ ۾ ئي اتي بيٺو هو. لنگهي وياسون ڏيپلائي صاحب وٽ، جنهن هڪدم ان ماڻهوءَ کي سڃاتو. اخباري دنيا جا ماڻهو هڪٻئي جا واقف ٿين ٿا. ڏيپلائي صاحب هن کان خالي پني تي لکرائي ورتو ته هي پرچو هاري حقدار پريس مان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. ڏيپلائي صاحب چيو ته شام تائين جيترا به پرچا چئو ڏيان. چيوسونس: پنج سؤ. چيائين: هيترا پيسا لڳندا. پئسا ته اسان وٽ هئا ڪونه، سو مون ۽ تاج محمد صلاح ڪري چيو ته ٻه سؤ پرچا. ڏيپلائي صاحب چيو ته ڪو خاص فرق ڪونه پوندو، توهان کان رڳو پني جا پئسا ٿو وٺان، مزدوري ۽ منافعو ڪونه ٿو وٺان. شام جو کانئس ٻه سؤ پرچا وٺي اسان جو ڳاٽ اونچو ٿي ويو. ڪجهه پرچا حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ نوابشاهه لاءِ پنهنجي دوست هاري ڪارڪن جي حوالي ڪياسون ۽ کين تاڪيد ڪيوسون ته هڪدم ورهائي ڇڏين. دادو، لاڙڪاڻي، سکر، جيڪب آباد لاءِ سؤ کن پرچا پاڻ کڻي روانا ٿياسون. ڏيپلائي صاحب جي صدقي سستي ۾ ڇٽاسون. لاڙڪاڻي پهچي چپ چاپ ۾ راتئون رات پرچا اهم ماڻهن جي گهر پهچائي ڇڏياسون ۽ هڪ مخلص ڪارڪن سکر موڪليوسون، جنهن ڏينهن وچ ۾ پرچا سکر، شڪارپور ۽ جيڪب آباد هٿيڪن ماڻهن هٿان ورهائي ڇڏيا. مزو ٿيو، ٻئي ڏينهن مولوي نذير حسين جتوئي ڳاڙهو پيلو ٿيندو دفتر ۾ گاريون ڏيندو اچي اوطاق تي نڪتو. کيس سمڪ ئي ڪونه هئي ته اهو ڪم تاج محمد ۽ مون جهڙي ڳوڀ جو ڪيل هو. تاج محمد معصوم بڻجندي مولوي صاحب کي پرچو ڏيکاري پڇيو ته: ڪامريڊ! هي هاري حقدار جو پرچو پڙهيو اٿوَ؟ مولوي صاحب جو بند ٽٽي پيو. چي: مٺا! ڏس ته هي سنئين سڌي ڀيڻچوتائي، اهو سڄو ڪارنامو انهن ڀيڻ (....) مادر (....) ڪميونسٽن جو آهي. ظاهر ظهور ڪوڙ، حرامپائيءَ جي به ڪا حد ٿيندي آهي. تاج محمد سان سندس ٻٽيهه دليون هيون ۽ کيس لينن ثاني سڏيندو هو. تاج محمد به کيس کٿ ڪرڻ لاءِ چوڪيون ڏيندو رهيو ته؛ ڪامريڊ! سڄي ڪاروائي تفصيل سان لکي پئي آهي، توهان جي تقرير ۽ دليل به لکيا پيا آهن. مولوي صاحب وهلور پيو وڃي، اهي ههڙا تهڙا (ڪچيون گاريون) ڪميونسٽ ائين ئي ڪوڙ کي سچ ڪندا آهن. ڀلا ڏس حيدر بخش جتوئي ته جيل ۾ پيو آهي، اهو ڪيئن چونڊيو؟ اهو عبدالقادر ڏنڊي، (ڪامريڊ عبدالقادر کوکر پريس وارن جهڙي ننڍي ڏنڊي ڪڇ ۾ کڻندو هو، سو مولوي صاحب کيس سڏيندو ئي ڏنڊي هو) اهو ته هٿ کڻي ويو هو، اهو ڪيئن صدر چونڊجي ويو؟ تاج محمد اطمينان سان چيس ته ڪامريڊ! اخبار ائين ٿي چوي. مولوي صاحب آپي کان ٻاهر نڪري ويو. چي: کوهه ۾ پوي اخبار، هن تي چڙهي اخبار، ڏسي وٺنداسون. تاج محمد ڪمال صبر سان چيس: مرضي جا مالڪ آهيو. وڏو چوٻول ٿيو، پر ڳالهه اها ئي بيٺي جا تاج محمد سوچي هئي. حيدر بخش جتوئي جيل مان نڪتو ته کيس هار پارائي، جلوس ڪڍي اچي هاري حقدار آفيس ۾ صدارت جي ڪرسيءَ تي ويهاريائون.

نفسيات جو به وڏو عمل دخل آهي هر ڳالهه ۾. پارٽيءَ جو حڪم مليو ته حيدر بخش جتوئي کان ههڙو بيان ڏيارڻو آهي. ڪم وري به سونپيو ويو تاج محمد کي. تاج محمد هئو واچوڙو، ڪنهن ڪم پٺيان پوندو هو ته مڇڏو ٿي لڳندو هو. مون کي چيائين ته جمال! هل حيدرآباد، حيدر بخش کان هي ڪم وٺڻو آهي. مون جهٽ چيو هائو، پر چيم ته مون کي ڇو ٿو پنڌ وجهين. تنهنجو هم خيال، دوست ۽ پارٽي ميمبر اٿئي، مون کي ڇو ٿو هروڀرو وچ ۾ آڻين؟ چيائين: هڪ کان ٻه چڱا، ٻن جو وڌيڪ دٻاءُ پوندس ۽ يقين به ايندس. بس ائين بيٺي پير تيار ٿي وياسين. پوءِ به ڏٺم ته تاج محمد هڪ ڪتاب کولي وري ٻيو پيو ڪڍي! مون چيو: ڇا ٿو ڪرين؟ وقت ٿو وڃائين. چي: اهڙو ڪتاب ٿو ڳوليان، جنهن ۾ لينن جو صاف، سٺو ۽ وڏو فوٽو هجي! انهيءَ جو ڀلا ڪهڙو سود؟ اها حيدر بخش جتوئيءَ جي ڪمزوري آ. ڏسجانءِ ڪيئن ٿو ڪم وٺانس. سڄي رات ريل جو سفر ڪري صبح جو پهتاسين حيدرآباد. سڌو وياسون هاري آفيس، جتي حيدر بخش جتوئي قرب سان مليو. ڏاڍو معصوم ۽ پيارو ماڻهو هو. تاج محمد جلد ئي مدعا بيان ڪئي ۽ لکيل بيان کيس هٿ ۾ ڏئي چيو ته: ڪامريڊ! صحيح ڪري ڏي. حيدر بخش عينڪ چاڙهي سڄو بيان غور سان پڙهيو ۽ پوءِ ڪجهه بحث مباحثو ڪرڻ لڳو. تاج محمد ڪو به جواب ڏيڻ بجاءِ لينن جو فوٽو سندس اڳيان ڪري چيو ته ڪامريڊ پارٽيءَ جو آهي. حيدر بخش جتوئيءَ جا سڀ دليل ختم ٿي ويا. کاٻي هٿ جي مٺ ڀڪوڙي مٿي ڪري لينن کي سلام ڪيائين ۽ بيان تي صحيح ڪري ڇڏيائين. هي هئو نفسيات جو جادو، جنهن لاءِ تاج محمد ابڙو پنهنجي ذهانت سان اڳواٽ اهتمام ڪري آيو هو. هي ٻه واقعا مون تفصيل سان بيان ڪيا آهن، جن جي تاريخي اهميت آهي.

ٻيو به هڪ اهڙو واقعو ٿيو. منهنجو پٽ بدر، دائود پٺاڻ کان هڪ بس قسطن تي وٺي حيدرآباد کان ڪراچي هلائيندو هو. هيءَ ۷۰-۱۹۷۱ع جي ڳالهه آهي. اسين ناظم آباد ۴ ۾ رهندا هئاسين. بدر رڪشا مان ترقي ڪري بس جو مالڪ ٿي ويو هو. ويهه هزار روپيه وڏي پڦيءَ کان قرض طور ورتا هئائين. بدر جي ماءُ ڏاڍي خوش هئي، جو کيس روزانو سؤ روپيا روڪ ملندا هئا. اسين غريب پگهار تي گذر ڪرڻ وارا، تن لاءِ روڪ سؤ روپيا روز وڏي ڳالهه هئي. پر ٿيو ائين جو دائود پٺاڻ کي ڪجهه قسطون نه ڏئي سگهياسون ۽ هن بس ضبط ڪري پنهنجي اڏي تي گانڌي گارڊن راڻي باغ يا چڙيا گهر وٽ بيهاري ڇڏي. بدر پاڻ پنهنجي سر گاڏيءَ ۾ هلندو هو ۽ ڊرائيوري سندس ماسات ڪوٽڙيءَ جو آفتاب شاهه ڪندو هو. ٻئي هٿ مليندي رهجي ويا. ڀلا ڪير دائود پٺاڻ سان مهاڏو اٽڪائي؟ سڀني ٻڌو هوندو، هو اهڙو مڙس هو جو پوليس تي به گوليون هلائي نڪري ويندو هو. مون ساڻس فون تي ڳالهايو ۽ تکا مٺا به ٿياسون، پر هُو ڪونه مڙيو ۽ بس حيدرآباد جي مزدور يونين جي صدر کي هلائڻ لاءِ ڏئي ڇڏيائين. اسان جا بس تي چاليهه پنجاهه هزار خرچ ٿي چڪا هئا. مون مزدور ليڊرن سان به ڳالهايو ۽ دائود پٺاڻ سان به تيز پيس، پر حق جي ڳالهه ڪيائين ته جيسين کيس سڀ قسطون نه ملنديون، تيسين هو بس واپس نه ڪندو. مان چوان ته اول بس موٽاءِ ته پوءِ ڪمائي توکي پئسا ڏيندا وڃون، پر هن نه مڃيو. مون فيصلو ڪري ورتو ته بس اڏي تان کڻي پنهنجي قبضي ۾ ڪجي، پوءِ پاڻهي ڪا واٽ نڪري ايندي. هاڻي سوال هو ته دائود پٺاڻ جي اڏي تان بس ڪير کڻي اچي. نه بدر کي همٿ ٿئي، نه آفتاب شاهه کي. ائين اوچتو تاج محمد ابڙو اچي نڪتو. مٺ جيترو مڙس پر وڄ جا پاڻي هئس. ڏاڍو دل گڙدي ۽ جگر وارو مڙس هو، شينهن جي دل هيس. پاڻ مرادو چيائين ته چاٻي ڪنهن وٽ آهي؟ آفتاب شاهه چيو ته وٽس. چيائين ته: هلو، مان ٿو بس کڻي اچان. آفتاب شاه ۽ بدر ساڻس گڏ ويا ۽ هُو رات جو يارهين ٻارهين بجي بس اڏي تان کڻائي آيو. بدر سياڻپ ڪئي جو بس کڻائي ويو نارٿ ناظم آباد، جتي رئيس روشن علي خان اسراڻ گرمين ۾ بنگلو مسواڙ تي وٺي باقبائل اچي رهندو هو. ٻئي ڏينهن دائود پٺاڻ وٺ پڪڙ ڪئي، پر خبر ڪانه پيس. هفتو کن ڪراچي، حيدرآباد ۾ ڳولا ڦولها ڪيائين، پر بس کي ڄڻ ڪو راڪاس ڳهي ويو هو، سو خبر ڪانه پيس. نيٺ مون کي فون ڪيائين. مون ٺڪ چيومانس ته بس مون کڻائي آهي، مون وٽ آهي ۽ ڏيندس ڪونه. مڙس مٿير هو، چيائين: ”شير ڪا بچا هو، اب مين ڪيا ڪهون؟“ اهو به چيائين ته بس ۽ پئسا ته وصول ڪري ويندس، رڳو اهو ٻڌاءِ ته کنئي ڪنهن ۽ بيهاري ڪٿي اٿئي؟ چيم: اهو ڪونه ٻڌائيندس، باقي پئسا تنهنجا موٽائيندس. چيائين ته: پئسا وصول ڪرڻ پٺاڻ ڄاڻي ٿو، باقي پٺاڻ جي عزت جو مسئلو آهي. مون به چار چڱا اکر ڳالهايا ۽ چيو ته: لالا! تنهنجي عزت منهنجي عزت آهي، سڏ ۾ سڏ ڏيندس، پٺتي نه پوندس. سلام دعا تي فون بند ڪيم.

مون هٿان جيڪي مرحوم تاج محمد ابڙي جا ڪم ڪاريون ٿيا ۽ مددگاريون ٿيون، سي مرحوم پاڻ سان قبر ۾ کڻي ويو.

 

(”ڏسي ڏوهه اکين سين“، ”اونهي ڳالهه اسرار جي“، ”ٿوهر ۾ ڳاڙها گل“ ۽ ”ايندو نه وري هي وڻجارو“ تان ورتل) (روزانه سچ، هلچل)


 

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

سنڌ جي ناليواري سياسي ۽ ادبي شخصيت

رسول بخش پليجو

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو تمام گهڻو پڙهيل لکيل ماڻهو هو ۽ مختلف تنظيمن ۽ ليڊرشپ جي ويجهو رهيو. سنڌ هاري ڪميٽي کان سواءِ ڪميونسٽ پارٽي، سنڌي ادبي سنگت، عوامي نيشنل پارٽي، جيئي سنڌ، پيپلز پارٽي، سڀني جي نقطه نظر سان ڪنهن نه ڪنهن حد تائين ويجهو رهيو. ان ڪري ئي سندس جڳ مشهور ڪچهريءَ ۾ هر قسم جي سياسي عقيدي، ذوق ۽ سطح جي ماڻهن کي انتهائي گهڻو مزو ايندو هو. سنڌ اندر سندس مقبوليت ۾ ان ڳالهه کي ڪافي وڏو دخل هو. ۵۲-۱۹۵۱ع ڌاري (سال پورو ياد ناهي) ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي قمبر، شهدادڪوٽ تڪ مان سنڌ اسيمبليءَ جو اميدوار بيٺو. تن ڏينهن ۾ ڪراچيءَ ۾ علم دوست، ادب دوست، روشن خيال ۽ ترقي پسند خيالن وارن دوستن جو هڪڙو وڏو حلقو هوندو هو. آءٌ انهن جو هم خيال هوندو هوس. صبح شام سرگرم ادبي، علمي ۽ نظرياتي بحث مباحثن ۾ گذرندو رهندو هو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي ۽ دوستن چيو ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ترقي پسند هاري اڳواڻ آهي، ان جي اليڪشن ۾ ڀرپور مدد ڪرڻ کپي. جيڪي هلن، سي نالا لکائين. ان اليڪشن ۾ ڇا ڇا نه ڏٺوسين، ٻڌوسين ۽ ڪيوسين! اسان اليڪشن هارائي پر کٽيوسون جهڙو ڪر! اسان سبق سکيو ته ڌانڌليءَ سان ته ڪنهن کي به کٽائي سگهجي ٿو!

آءٌ سنڌ هاري ڪميٽيءَ ۾ شامل ٿيس ۽ ان جي ورڪنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر ٿيس. اتي ڪامريڊ تاج محمد ابڙي سان ملاقات ۽ ساٿ ٿيو ۽ توڙ تائين دوستي قائم رهي. چوندا آهن ته جيڪو سڀني جو دوست هوندو، اهو ڪنهن جو به دوست ڪونه هوندو. تاج محمد ابڙي جي روشن خياليءَ ۽ ترقي پسنديءَ ۾ مضبوطيءَ سان گڏ لچڪ جي ڪا حد ئي نه هئي. جي ايم سيد، ذوالفقار علي ڀٽي سميت هر طبقي جي ماڻهن سان سندس دعا سلام، رهائي سهائي ۽ گهري ويجهڙائي هئي. پر اسين جيڪي سندس شروعاتي دؤر وارو ڪامريڊي لڏو هئاسون، تن سان سندس هلت مجموعي طور سدائين ساڳي اصلوڪي رهي. يارن جهڙو يار رهيو. سيشن ججيءَ واري دؤر ۾ آءٌ ساڻس نوابشاهه ۽ سکر ۾ مليس. عوامي تحريڪ جي چندي جي باقاعدي وصولي ڪبي هئي. حيدرآباد ۽ ٺٽي ۾ پڻ ساڻس ملاقاتون ۽ ڪچهريون رهيون. هڪڙا ساٿي سندن گهڻي عوامي سرگرميءَ يا نظرياتي جدوجهد ڪري ياد رهندا آهن ته ٻيا وري ذاتي قرب ۽ ياري باشيءَ ڪري ياد رهندا آهن. منهنجي لاءِ تاج محمد ابڙي جي مکيه سڃاڻپ سندس ذاتي قرب ۽ دوستي هئي.

(روزانه سنڌ،مهراڻ، مقدمو، سوڀ، هلال پاڪستان، عبرت، سچ، عوامي آواز، هلچل)


 

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

صاف گو ۽ صاف دل انسان

شيخ اياز

تاج محمد ابڙو، جمال ابڙي جو گهرو دوست ۽ شايد مائٽ به هو. هُو ڪامريڊ ماڻهو هو ۽ ڪامريڊ نذير جتوئي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جو دوست هو. منهنجي به هن سان ڪافي گهرائپ هوندي هئي. هُو لاڙڪاڻي ۾ وڪالت ڪندو هو ۽ جڏهن به مان لاڙڪاڻي ويو هوس ته هن فراخدليءَ سان ٻه ٽي ڀيرا منهنجي ماني ڪئي هئي. مانيءَ تي جمال ابڙي جو وڏو ڀاءُ شمس الدين ابڙو به آيو هو، جو ڪجهه سال پوءِ گذاري جمال ابڙي کي ڏاڍي غم ۾ ڇڏي ويو. في الحال مون تاج محمد ابڙي جي ڳالهه ٿي ڪئي. جڏهن ڀٽو صاحب چيف مارشل لا ائڊمنسٽريٽر ٿي آيو، تڏهن تاج محمد ابڙي کي سيشن جج ڪيو هئائين ۽ تاج محمد جي پهرين تقرري سکر ۾ ٿي هئي. هو ته اڳي ئي مون سان گهايل مايل هوندو هو، تن ڏينهن ۾ مون وٽ ٻه موٽرون هونديون هيون، ٽويوٽا ڪارونا ۽ ٽويوٽا ڪرولا. تقرريءَ کان ڏهه پندرهن ڏينهن پوءِ تاج محمد لاڙڪاڻي وڃڻ لاءِ مون کان هڪ ڏينهن لاءِ ڪار گهري، جيتوڻيڪ مون کان ڪار گهرندي ڪنهن کي ورلي همٿ ٿيندي هئي. مون خوشيءَ سان تاج محمد ابڙي کي پنهنجي ٽويوٽا ڪرونا ڏني، فقط ان ڪري جو هُو مون لاءِ ”ڪامريڊ“ هيو ۽ ان ڪري نه ته هو سکر جو سيشن جج هو. تاج محمد ٽي چار ڏينهن لاڙڪاڻي بنا اطلاع جي ڪار روڪي ڇڏي ۽ جڏهن موٽي آيو ته ڪار کي وڏو چٻ هو. مون ڊرائيور کي چيو ته ڪار ڌوئاري ڪارخاني ۾ ٺهرائڻ لاءِ ڏئي اچي. پندرهن ڏينهن پوءِ تاج محمد مون کان وري لاڙڪاڻي لاءِ ڪار گهري. مون کيس چيو ته: ”ڪرولا ۾ ڪجهه خرابي آهي ۽ ان جي ٺيڪ ٿيڻ ۾ ٻه ٽي ڏينهن لڳندا، باقي ڪارونا تي آءٌ پاڻ ڪورٽن ۾ ويندس.“ تاج محمد سمجهيو ته مان کيس ڄاڻي واڻي انڪار ٿو ڪريان. بهر صورت جڏهن لاڙڪاڻي مان موٽي آيو ته مان هن جي چيمبر ۾ ويس ته هن تڙي ڏئي چيو: ”منهنجي چيمبر ۾ اچين ته اطلاع ڏئي ايندو ڪر!“ مون به غصي ۾ کيس چيو: ” تاج محمد صاحب! تون يقين ڪر ته مان نه رڳو تنهنجي چيمبر ۾ بنا اطلاع جي نه ايندس، پر اطلاع سان به نه ايندس ۽ تنهنجي ڪورٽ ۾ نئون ڪيس به نه کڻندس ۽ جيڪي تو وٽ پراڻا ڪيس آهن، اهي به ڪوشش ڪري منهنجو جونيئر تو وٽ هلائيندو يا ٻئي ڪنهن وڪيل کي سپرد ڪندس.“

ڪجهه مهينن کان پوءِ جمال ابڙي مون کي فون ڪيو ته هُو سکر آيو آهي. هُو غالباََ ان وقت سنڌ پراونشل اسيمبليءَ جو سيڪريٽري هو. مون هن کان پڇيو: ”ڪٿان ٿو ڳالهائين؟“

جواب ڏنائين ته: ”هتي تاج محمد جي بنگلي تي لٿل آهيان.“

مون کيس چيو ته: ”رات جي ماني تاج محمد سوڌو مون وٽ کائجانءِ.“ رات جو هُو مون وٽ تاج محمد سان گڏجي پراڻي سکر آيو. هن کي خبر نه هئي ته تاج محمد ۽ منهنجي وچ ۾ ڪائي به رنجش آهي. رات جو اٽڪل هڪ بجي هو مون وٽان کل خوشيءَ سان ويا. ڪجهه مهينن کان پوءِ مون ٻڌو ته تاج محمد جو ٽرانسفر ٿيو آهي. هن جي پٽيوالي مون کي اچي چيو ته: ” تاج محمد صاحب اوهان کي سڏي ٿو.“ مون کي دل ۾ آيو ته هن کي انڪار ڪيان، پر مان هن وٽ چيمبر ۾ هليو ويس.

هو اٿي بيٺو ۽ مون سان هٿ ملائي چيائين: ”اياز! تون مون سان ناراض آهين؟“ مون کيس چيو ته: ”هائو!“ ان تي چيائين: ”معاف ڪجانءِ جو مان توسان ٽرڙائپ سان پيش آيو هوس.“ مون سندس ڪلهي تي هٿ رکي چيو: ”وڌيڪ ڪجهه نه چئجانءِ! اهو ڪافي آهي. تون منهنجي لاءِ ساڳيو ڪامريڊ تاجو آهين، مون کي ڪابه غلط فهمي نه آهي.“

تاج محمد پوءِ خيرپور ۾ سيشن جج مقرر ٿيو ۽ غالبًا ٺٽي ۾ سيشن جج هو ته هن رٽائر ڪيو ۽ پوءِ جلد ئي گذاري ويو.

اِنَّا لِلہ وَ اِنَّا اِلَيْهِ رٰجِعُوْنَ

تاج محمد ابڙي جهڙا صاف گو ۽ صاف دل انسان مون زندگيءَ ۾ ٿورا ڏٺا آهن.

(”ڪٿي ته ڀڃبو ٿَڪُ مسافر“ تان ورتل)


 

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو

تنوير عباسي

تاج محمد ابڙو کلڻو ملڻو، جڏهن ملوس ته ٽهڪ ڏيندو، دوست کي ڏسي خوش ٿيندو. پهريون دفعو مون سان هو ۱۹۵۶ع ۾ مليو. سنڌي ادبي سنگت سنڌ جون شاخون مختلف شهرن ۾ قائم ٿيل هيون، پر انهن جو رابطو نه هو. مون، مقبول ڀٽيءَ ۽ رشيد ڀٽيءَ فيصلو ڪيو ته سڀني سنگتين کي هڪ لڙيءَ ۾ پوئجي ۽ پوءِ سڄيءَ سنڌ ۾ وڌيڪ سنگتون قائم ڪجن، جيئن سنڌين جو پيغام ادب ذريعي سڄيءَ سنڌ ۾ ڦهلائي سگهجي. ون يونٽ جو اونداهو دؤر هو. ادب ذريعي انقلاب جي ان تحريڪ جي روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو لاڙڪاڻي ۾ تاج محمد ابڙي جي اوطاق مان اُسريو ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ ڦهلجي ويو. ٿيو ائين جو لاڙڪاڻي ۾ ان سال ۱۹۵۶ع ۾ جمعيت الشعرا جي سالياني ادبي ڪانفرنس ٿي هئي. ان ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ سڄيءَ سنڌ جي شاعرن ۽ اديبن کي سڏ هو (پر دعوت نامي ۾ موسم آهر بستري آڻڻ جي هدايت ڪيل هئي). ان ڪانفرنس ۾ اسان جي گهڻن هم خيال اديبن ۽ شاعرن کي دعوت مليل هئي. ان ڪري ”هڪ ڪم ٻه ڪاڄ.“ اسان سنڌي ادبي سنگتن کي هڪ مرڪز تي گڏ ٿيڻ جي تياريءَ لاءِ پهرين ميٽنگ به لاڙڪاڻي ۾، ان ڪانفرنس جي موقعي تي رکي ۽ تاج محمد ابڙي ميزبانيءَ جا فرائض انجام ڏنا.

ائين لاڙڪاڻي مان اياز قادري ۽ جمال ابڙو، حيدرآباد مان مقبول ڀٽي، سکر مان رشيد ڀٽي، ڪراچيءَ مان عبدالغفور انصاري، دادوءَ مان تاج صحرائي، ٻيا ڪجهه دوست، جن جا نالا ياد نٿا اچن، سڀئي لاڙڪاڻي ۾ تاج محمد جي اوطاق تي گڏ ٿيا ۽ فيصلو ڪيو ويو ته ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت جو ڪنوينشن سڏائجي، جنهن ۾ سنڌ جي سڀني ادبي سنگتن کي گڏ ڪري، سنڌ سنگت کي زور وٺائجي ۽ ان جو دستور وغيره منظور ڪرائجي.

اهو روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو هو، جيڪو ون يونٽ جي اونداهي دؤر ۾ تاج محمد ابڙي جي اوطاق مان ڦُٽو ۽ سڄيءَ سنڌ کي جرڪائي ڇڏيائين.

تاج محمد ابڙو وڪيل هو، پر وڪيل کان وڌيڪ دانشور هو. ادب، تاريخ، فلسفو سڀ پڙهندو هو، دوستن سان بحث ڪندو هو. لکيائين هڪ لفظ به ڪونه، پر پڙهيو به گهڻو ته ڪڙهيو به گهڻو. هُو نه رڳو پڙهڻ وارو هو، پر ڪڙهڻ وارو به هو. هاري تحريڪ، نيشنل عوامي پارٽي، سنڌ عوامي محاذ ۽ بعد ۾ پي پي ۾، مطلب ته جيڪا به تحريڪ سنڌ جي پيڙهيل طبقن جي ڀلائيءَ ۽ آجپي جي لاءِ هئي، ان ۾ ڀرپور حصو ورتائين.

اڳتي هلي وڪالت ڇڏي جج ٿيو، پر سنگت سان اها ئي محبت ٽائم رکيائين. جڏهن دوست آڏو آيو ته ڇا جي ججي ڇا جي وڏائي، ساڳيا ٽهڪ، ساڳيون ڪتابن جون ڳالهيون، ساڳيون هاري تحريڪ ۽ ترقي پسنديءَ جون صلاحون ۽ مشورا. ائين لڳندو هو ته ڄڻ نوڪريءَ ۾ آهي ئي ڪونه. ساڳيو آزاد منش، ترقي پسند ۽ انسان دوست تاج محمد ابڙو آهي، جيڪو نوڪريءَ ۾ اچڻ کان اڳ هئو. اهڙن دلبرن کي وساري نه ٿو سگهجي. هن جي ياد ۾ منهنجا هي ڪجهه جملا ڪافي نه آهن، پر تڏهن به هن جي ياد ته تازي ڪن ٿا.

 

(روزانه عبرت، پڪار، آفتاب، بخت ور، جاڳو، هلال پاڪستان، خادم وطن، سنڌ نيوز، برسات ۽ سنڌو)


 

تاج محمد ابڙو

لاڙڪاڻي ۾ جديد ادب جي سجاڳي آڻيندڙ

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

ادب جي اوسر ۾ ڪي اهڙيون شخصيتون به اهم ڪردار ادا ڪنديون آهن، جيڪي پاڻ ته نه لکندڙ هونديون آهن، پر لکندڙ پيدا ڪنديون رهنديون آهن. هو ادب جي آبياري ڪنديون آهن ۽ اديبن ۽ شاعرن کي پنهنجيون صلاحيتون ظاهر ڪرڻ لاءِ ميدان مهيا ڪري ڏينديون آهن. اهڙيءَ طرح هو پسمنظر ۾ رهي اديبن جي صلاحيتن کي نکيرڻ ۽ اڀارڻ ۾ بنيادي خدمت سرانجام ڏينديون آهن. ادبي تنظيمون انهن جي ئي دم سان قائم هونديون آهن ۽ انهن جي ئي ڪوشش جو نتيجو هونديون آهن. اهڙين شخصيتن مان لاڙڪاڻي جو هڪ باصلاحيت ۽ وسيع مطالعي جو مالڪ تاج محمد ابڙو مرحوم به هو. تاج محمد ابڙي سان جنهن زماني ۾ منهنجي واقفيت ٿي، ان زماني ۾ هُو لاڙڪاڻي ۾ وڪيل هو ۽ سندس اوطاق شام جي وقت ۾ اديبن، سياستدانن ۽ سماجي ڪارڪنن جو خاص مرڪز هوندي هئي.

ابڙو صاحب وڏي مطالعي جو مالڪ هو ۽ سندس لئبريريءَ ۾ قانون جي ڪتابن سان گڏ هر علم جي شاخ تي ڪتاب موجود هوندا هئا. هُو سياست، فلسفي، ادب ۽ ٻين لاڳاپو رکندڙ علمن تي ڪتاب پڙهندو رهندو هو. خاص طرح سان انگريزي ٻوليءَ ۾ ڪيترا ئي ڪتاب پڙهيا هئائين ۽ هميشه پڙهندو رهندو هو. لاڙڪاڻي جا شاعر ۽ اديب، خاص طرح سان اهي اديب جيڪي جديد لاڙن موجب ادب تخليق ڪري رهيا هئا، انهن سان سندس دوستي هئي. منهنجو اشارو جمال ابڙي ۽ اياز قادريءَ ڏانهن آهي. هن پاڻ ته سنڌي ادب جي سلسلي ۾ قلم کان ڪم ڪونه ورتو، پر پنهنجي تنظيمي صلاحيتن سان سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جي ذريعي جديد سنڌي ادب جي لاڙن جي جاڳرتا پيدا ڪيائين. مطلب ته تاج محمد ابڙي مرحوم سنڌي ادب جي خدمت هڪ تحريڪ جي ذريعي ڪئي. اها تحريڪ آهي سنڌي ادبي سنگت، جنهن اڳتي هلي سنڌي زبان ۽ ادب جي سلسلي ۾ اهم خدمتون سرانجام ڏنيون. يعني سنڌي جديد ادب جي آبياري تاج محمد مرحوم ڪئي، جنهن جي سڳنڌ ۽ سرهاڻ هينئر سڄيءَ سنڌ کي واسي ڇڏيو آهي.

تاج محمد مرحوم سان منهنجي ڄاڻ سڃاڻ اياز قادريءَ ۽ خادم حسين شاهه مرحوم جي ذريعي ٿي. محترم ڊاڪٽر اياز قادري صاحب جي تمام گهري دوستي تاج محمد ابڙي مرحوم سان هئي. ساڻس گڏجي آءٌ ڪيترا ڀيرا تاج محمد ابڙي مرحوم سان ملڻ ويس ۽ انهن ڪچهرين کي ٻڌندو رهيس، جيڪي تاج محمد مرحوم جي اوطاق تي ٿينديون هيون.

انهن ڏينهن ۾ يعني ۱۹۵۰ع جي ڏهاڪي ۾ تاج محمد ابڙي مرحوم جي اوطاق علمي، ادبي ۽ سياسي شخصيتن جو مرڪز هئي. لاڙڪاڻي ضلعي جون شخصيتون جهڙوڪ مولوي نذير حسين، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ علي محمد عباسي ۽ ٻيون ڪيتريون شخصيتون اتي اوطاق تي اينديون هيون ۽ وڏيون ڪچهريون ٿينديون هيون. سياسي بحث ٿيندا هئا، ملڪ جي حالتن تي ويچار ٿيندو هو ۽ علمي ادبي مجلسون منعقد ٿينديون هيون. جمال ابڙي صاحب سان به اتي ئي ملاقات ٿي ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ کي به ابڙي صاحب جي اوطاق تي ئي گفتگو ڪندي مون ٻڌو. حيدر بخش جتوئي مرحوم مون کي ڏاڍو سچو، مخلص ۽ پنهنجي نظريي سان وفادار انسان نظر آيو. ڪڏهن ڪڏهن آءٌ اتي ويندو هيس ۽ انهن شخصيتن کي ٻڌندو هيس. اهڙيءَ طرح منهنجي ذهني اوسر ٿي ۽ سنڌي ادب ۽ سنڌي ادب جي لاڙن کان واقف ٿيس. جيئن ته محفل ۾ شرڪت ڪندڙ گهڻا دوست اشتراڪي فلسفي جي سياسي، تاريخي ۽ ادبي لاڙن تي گفتگو ڪندا هئا، انهيءَ ڪري مون کي به سياسي ڳالهين جي واقفيت حاصل ٿي ۽ ادب جي جديد لاڙن کان متعارف ٿيس.

بهرحال، تاج محمد ابڙي مرحوم جي اوطاق هڪ اهم مرڪز هو، جنهن سياستدانن، اديبن ۽ سماجي ڪارڪنن کي هڪ ميدان مهيا ڪري ڏنو. مون ڏٺو ته هُو پاڻ جيتوڻيڪ اشتراڪي نظريي جو قائل هو، پر هن ڪڏهن به بحث ۾ سخت رويو اختيار نه ڪيو، بلڪه گهڻي قدر بحث ۾ الجهندو ئي نه هو. ذاتي شرافت، خلوص ۽ هر انسان لاءِ محبت جو جذبو سندس طبيعت مان نمايان هوندو هو. سندس ملڻ جي انداز ۽ ٻهڪندڙ چهري مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ چاهيندو هئس ته ابڙي صاحب جي محفل ۾ وڃجي ۽ ان سان ڪجهه گهڙيون گذارجن.

لاڙڪاڻو علم، ادب جو مرڪز رهيو آهي. هتان ئي ادبي ڪانفرنسن ۽ شاعرن جي ابتدا ٿي. هتان ئي ”اديبِ سنڌ“ رسالو نڪرندو هو، جنهن سنڌي عروضي شاعريءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. انهيءَ تحريڪ جو باني ۽ جمعيت الشعراءَ جو هلائيندڙ حاجي محمود خادم هن ئي شهر ۾ رهندو هو. ان سان به منهنجيون ادبي ڪچهريون ٿيون.

البت جنهن دؤر جو آءٌ ذڪر ڪري رهيو آهيان، يعني ۵۰ع جو ڏهاڪو، انهن ڏنهن ۾ حاجي محمود مرحوم وٽ ٿيندڙ ڪچهريون ماٺيون ٿي ويون هيون. اهو خال تاج محمد ابڙي جي جاءِ تي ٿيندڙ محفلن ڀري ورتو. انهيءَ ئي دؤر ۾ لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد پيو، جنهن جي بانين ۾ تاج محمد ابڙي مرحوم، جمال ابڙي ۽ اياز قادريءَ جا نالا اچي وڃن ٿا. پهريون محرڪ ان جو تاج محمد ابڙو مرحوم هو، ڇاڪاڻ ته اهو ئي لاڙڪاڻي ۾ رهندو هو. انهيءَ لحاظ کان صحيح معنيٰ ۾ سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جو باني تاج محمد ابڙو هو. سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري به تاج محمد ابڙو ئي هو. هُو جيتوڻيڪ پاڻ اهلِ قلم يا سنڌي زبان جو ليکڪ نه هو، پر سنڌي ادب جو پرستار ۽ سٺو ادبي ذوق رکندڙ هو. هو ادب جي ترقي پسندانه لاڙن جو قائل هو ۽ انهن کي عام ڪرڻ لاءِ سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جي ذريعي اهم خدمت سرانجام ڏنائين. کيس سنڌي ادب جو خاموش خدمتگار سڏجي ته صحيح ٿيندو. هن ڪڏهن به پنهنجي نالي ڪڍرائڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي، پر خاموشيءَ سان سنڌي جديد ادب کي رواج ڏيڻ لاءِ ڪم ڪندو رهيو.

انهن ڏينهن ۾ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي هر هفتي شام جو مدرسه هاءِ اسڪول واريءَ بلڊنگ ۾ ٿيندي هئي، جتي هينئر گورنمينٽ گرلس ڪاليج آهي. انهن گڏجاڻين ۾ آءٌ به شريڪ ٿيندو هيس. تاج محمد صاحب مرحوم باقاعدگيءَ سان انتظام ڪندو هو. سندس ذاتي دلچسپيءَ جي ڪري ئي لاڙڪاڻي جا ڪيترا ئي اديب ۽ شاعر انهن گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندا هئا. انهن ڏينهن ۾ جيتوڻيڪ آءٌ ملازمت ڪري لاڙڪاڻي کان ٻاهر هوندو هئس، پر گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ لاڙڪاڻي ايندو هئس. مون انهن ئي گڏجاڻين ۾ جمال ابڙي جا سنڌي افسانا زباني ٻڌا، جيڪي پوءِ سه ماهي ”مهراڻ“ ۾ ڇپيا. بعد ۾ اهي ڪتابي صورت ۾ ”پشو پاشا“ جي نالي سان ڇپيا. ٿيو ائين جو انهن ڏينهن ۾ جمال ابڙو موڪل تي هو ۽ لاڙڪاڻي ۾ رهندو هو. مون به پنهنجي ادبي سفر جي ابتدا انهن گڏجاڻين کان ڪئي. مون پنهنجا ڪجهه تحقيقي مقالا انهن گڏجاڻين ۾ پڙهيا، جيڪي پوءِ سه ماهي ”مهراڻ“ مان ڇپيا. خاص طرح سان سنڌ ۽ بلوچستان مقالو انهن محفلن ۾ پڙهيو هيم. سڀني دوستن جو انهيءَ ڪري به هن مقالي توجه ڇڪرايو، ڇاڪاڻ جو ان مقالي ۾ بلوچستان جي مشهور اهلِ قلم گُل خان نصير جي تاريخ کي بحث هيٺ آندو ويو هو.

مطلب ته تاج محمد ابڙي مرحوم لاڙڪاڻي ۾ ادبي سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي ۽ لاڙڪاڻي جي اديبن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ بنيادي ڪم ڪيو. سندس شمار جيتوڻيڪ سنڌي اديبن ۾ نٿو ٿئي، پر سندس شمار اهڙن ماڻهن ۾ ڪري سگهجي ٿو، جن اديبن کي ميدان تي آندو ۽ جديد سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ بنيادي ڪم ڪيو.

تاج محمد ابڙو مرحوم هڪ مخلص انسان هو ۽ انسانيت جو عملي نمونو هو. هن کي ڪنهن سان نفرت ڪندي نه ڏٺم، پر هرهڪ سان خلوص ۽ محبت سان ملندي ڏٺم. منهنجا عزيز ۽ دوست سندس دوست هئا، جيڪي سندس محبت، اخلاص ۽ شرافت جون ڳالهيون ٻڌائيندا هئا ۽ سندس بي داغ ڪردار جي تعريف ڪندا هئا.

گهڻي وقت کان پوءِ ساڻس ملاقاتون ۱۹۷۲ع ۾ سکر ۾ ٿيون، جڏهن هو سکر ۾ سيشن جج هو. سندس بنگلو اسلامڪ ڪاليج جي استادن جي گهرن جي لڳ هوندو هو. مان به انهن گهرن مان هڪ گهر ۾ رهندو هئس. شام جو وٽس ويندو هئس ۽ ڪيترو وقت ويهي ڪچهريون ڪندا هئاسون، پر اهي ڪچهريون به گهڻو وقت نه هليون، ڇاڪاڻ جو ۱۹۷۲ع جي آخر ۾ منهنجي سکر مان بدلي ٿي وئي.

دنيا ۾ هونءَ ته ڪيترن ئي ماڻهن سان انسان جو ملڻ ٿئي ٿو، پر انهن مان تمام ٿوريون شخصيتون هونديون آهن، جيڪي ٻين کي متاثر ڪنديون آهن ۽ ٻين کي پاڻ ڏانهن ڇڪينديون آهن. انهن جي گفتگو ۾ اهڙو ته تاثير ٿئي ٿو، جو ماڻهو ان ڏانهن ڇڪجي اچي ٿو. اهڙين ئي شخصيتن مان هڪ شخصيت تاج محمد ابڙو مرحوم به هو. جن شخصيتن مون کي متاثر ڪيو ۽ انهن کي وساري نه سگهيو آهيان، انهن مان تاج محمد ابڙو مرحوم به هو. جيتوڻيڪ ساڻس ملاقاتون وقفي کان پوءِ ٿينديون رهيون، تڏهن به کيس وساري نه سگهيو آهيان. شاهه صاحب جي لفظن ۾:

ڪي اوڏا ئي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين،

ڪي چڙهن نه چت تي، ڪي وسرن نه مور،

جيئن مينهن ڪنڍيءَ پور، تيئن دوست وراڪو دل سين.

 

تاج محمد مرحوم اهڙو ئي شخص هو، جيڪو وسري نه سگهندو آهي. اهو فقط منهنجو رايو نه آهي، پر انهن سڀني ماڻهن جو رايو آهي، جن جا تعلقات تاج محمد مرحوم سان هئا. تاج محمد ابڙي مرحوم جا تعلقات نه فقط آزاد خيال ۽ اشتراڪي نظريو رکندڙ ماڻهن سان هئا، پر هُو ڪن ٺيٺ مذهبي ماڻهن جو دوست به هو. انهن مان هڪ منهنجو عزيز، دوست، شاگرد ۽ سيڻ حاجي قادر بخش مرحوم به هو. هُو ٺيٺ مذهبي ماڻهو هو، پر تاج محمد مرحوم سان هن جي بي انتها محبت هئي. هو جڏهن به مون سان ملندو هو ته تاج محمد مرحوم جون ڳالهيون ٻڌائيندو هو ۽ ان جو ذڪر ڏاڍي سهڻي انداز ۾ ڪندو هو. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته تاج محمد مرحوم کي انسان ذات سان محبت هئي ۽ دوستن سان تمام گهڻو خلوص ۽ محبت جو رستو هو. ان مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته هو فراخ دل انسان هو ۽ وسيع قلب جو مالڪ هو. هُو انهن آزاد خيال ماڻهن مان نه هو، جيڪي مذهبي ڳالهيون ڇيڙي، مذهبي ماڻهن جي دل آزاري ڪندا آهن. مطلب ته هو هڪ سچو، کرو ۽ شريف النفس انسان هو، جنهن کي پنهنجي وطن سان، پنهنجي زبان ۽ ادب سان ، پنهنجي وطن جي مسڪين ۽ پيڙيل طبقي سان محبت هئي، جنهن جي پنهنجي دوستن سان بي انتها محبت هئي ۽ جنهن کي پنهنجي ٻارڙن سان مشفقانه پيار هو. هُو بحيثيت هڪ انسان جي به هڪ عظيم انسان هو ته وفادار دوست به هو. پنهنجي نظريي سان به سچو هو ته پنهنجي ثقافت ۽ قديم روايتن سان به مخلص هو. بحيثيت جج جي به ڏاڍو سخت قسم جو منصف هو. جڏهن هُو عدالت جي ڪرسيءَ تي ويهندو هو ته ان وقت ڪنهن جو به رياءُ نه رکندو هو. حق ۽ سچ جو فيصلو ڪندو هو. انهيءَ ڪري سندس ڪوبه دوست يا وڪيل کانئس ناجائز فائدي حاصل ڪرڻ جي سڌ به نه ڪري سگهندو هو. عدل جي سلسلي ۾ هُو نه ڪنهن جي سفارش ٻڌندو هو، نه ڪنهن لالچ ۾ اچي سگهندو هو. انهيءَ لحاظ کان به هو صحيح معنيٰ ۾ انصاف ڪندڙ منصف هو.

اهڙيون شخصيتون سنڌ لاءِ فخر جو باعث آهن ۽ اسان سنڌ واسين لاءِ هڪ مثالي نمونو آهن.

 

(هلال پاڪستان، ڪاوش، عوامي آواز، جاڳو، الوحيد، پڪار)


 

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

هڪ عظيم انسان

انيس انصاري

منهنجي واقفيت ساڻس پهريائين ۱۹۳۹ع ۾ ٿي. مان مدرسي هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي جي والي بال ٽيم سان قمبر ۾ ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺڻ ويو هيس. راند ڏسڻ لاءِ قمبر جا ماڻهو وڏي تعداد ۾ ايندا رهيا، جن جي ويهڻ لاءِ گرائونڊ تي ڪرسيون ۽ بينچون رکيون ويون هيون. راند جي پوري ٿيڻ بعد هڪ شرميلي مسڪرائيندڙ ڇوڪري اچي سڀني کي هٿ ڏنو ۽ پڇيائين: ”ٽيم سان محمد مقيم ڪونه آيو آهي ڇا؟“ ۽ جواب مليو ته پنهنجي والده جي بيماريءَ سبب هو اچي نه سگهيو! ان شرميلي ڇوڪري اکيون زمين ۾ کپائيندي اسان جي ٽيم جي ڪئپٽن کي چيو: ”اوهين محمد مقيم جي اسڪول ۾ پڙهندا آهيو. هو منهنجو دوست آهي، ان ڪري اوهان به منهنجا دوست آهيو. هلو ته گڏجي چانهه پيئون.“

پهرئين ڏينهن ئي واقفيت دوستيءَ ۾ تبديل ٿي وئي. اهو لڄاڙو، دل جو درياهه ۽ مُنهن جو ملوڪ ڇوڪرو تاج محمد ابڙو هو، جنهن اسڪول جي هاسٽل ۾ مٺائي سان گڏ پنهنجي ڳالهائڻ جي مٺاڻ سان دل کي موهي ڇڏيو.

تاج محمد جا وڏا شهدادڪوٽ جا ويٺل هئا. ننڍپڻ ۾ ئي سندس والد قادر بخش خان گذاري ويو. باوجود پنهنجي زمين هوندي به کيس مهر ۽ شفقت جي ضرورت هئي، جا سندس وڏي ڀيڻويي محمد عثمان ميمڻ پوري ڪئي، جو پوليس کاتي ۾ هڪ آفيسر هو. محمد عثمان کي پنهنجي اولاد ڪانه هئي، ان ڪري سندس محبت ۽ توجه جو مرڪز تاج محمد ئي رهيو.

تاج محمد پنهنجي تعليم جي ابتدا اهڙي مڪتب ۾ ڪئي، جتي ٻار جي صحيح يا غلط تربيت ڪري سندس ايندڙ زندگي اثر وٺندي آهي. اهو مڪتب هو سندس گهر، جتي سندس تعليم ۽ تربيت سندس عالم فاضل همشيره ڪئي، جا نه رڳو پڙهيل هئي، پر فارسيءَ تي به سٺو عبور هيس. گهرو مڪتب بعد پرائمري تعليم قمبر ۾ حاصل ڪيائين، جتي باوجود ميان محمد عثمان جي بدلين جي، هاسٽل ۾ رهي يڪسوئيءَ سان تعليم حاصل ڪندو رهيو ۽ سيڪنڊري تعليم مدرسه هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو ۾ پڙهيو. ان بعد هو ڪراچي ويو، جتي ڊي.جي سنڌ ڪاليج ۾ تعليم وٺڻ لڳو.

اهو ٻڌڻ تي ته ڪراچي ريڊيو تي نيوز ڪاسٽر جي مقرريءَ لاءِ آڊيشن ٿي رهي آهي، هو ويو ۽ شامل ٿيو. سندس صاف ۽ گونجدار آواز جي ڪري هو چونڊيو ويو ۽ ڪافي وقت ڪراچي ريڊيو تي نيوز ڪاسٽر جي حيثيت ۾ ڪم ڪندو رهيو. سندس خبرن پڙهڻ جو انداز وڻندڙ ۽ اثر انگيز هوندو هو. خبرن جي مناسبت سان آواز ۾ لچڪ پيدا ڪري، هو ٻڌندڙ جي دلين تي خبر جي اهميت جي ڇاپ ڇاپي ڇڏيندو هو. باوجود ٻاهرين سرگرمين جي، هو پنهنجي پڙهڻ سان سچو رهيو.

ڪراچيءَ ۾ رهڻ دوران سندس واقفيت هڪ اهڙي ڪٽنب سان ٿي، جنهن وٽ هو اچڻ وڃڻ لڳو. ان گهر جي هڪ ڇوڪريءَ تاج محمد سان محبت جو اظهار ڪيو، پر خانداني شرافت، گهرو تربيت ۽ وڏيءَ ڀيڻ جي مشورن هن کي سنڀالي ورتو ۽ هن باوجود ان گهراڻي سان ڪافي وقت تعلقات هوندي به پنهنجي قدم کي ٿڙڪڻ ڪونه ڏنو. تاج محمد جي اها خصوصيت هئي، جو باوجود موقعن ملڻ جي ۽ سٺين نوڪرين تي رهڻ جي، براين جي ويجهو ڪونه ويو. نه ڪڏهن سگريٽ پيتائين ۽ نه شراب، دڳ سير ڪنهن ڌاريءَ عورت کي ڏسندو هو ته اکيون زمين ۾ کُپائي ڇڏيندو هو.

ايل.ايل.بي ڪرڻ بعد تاج محمد ڪراچيءَ کي خيرباد ڪيو. ڪجهه وقت اچي قمبر ۾ ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ انگلش ٽيچر ٿيو، پر سندس طبيعت کي اهو ميدان راس نه آيو. ايل.ايل.بي ڪري وڃي شمس الدين ابڙي وڪيل سان جونيئر پليڊر جي حيثيت سان ڪم سکڻ لڳو، جو ٿورڙي وقت ۾ حاصل ڪري ورتائين. ٻنهي جي هڪٻئي سان محبت ۽ لاڳاپي کي ڏسي ماڻهو کين ڀائر سمجهندا هيا. شمس الدين سان گڏ وڪالت جي دوران ئي سندس دوستي جمال ابڙي سان ٿي. ان وقت تائين هلندي رهي، جيسين تاج محمد جي ساهه جو سڳو پئي سُريو.

تاج محمد جهڙو ڪرمنل ڪيسن (Criminal Cases) جي ڪاميابين ۾ مشهور هو، اهڙي ئي سول لا (Civil Law) جي کيس ڄاڻ هئي. گهڻو ڪري هو ڪرمنل ڪيسن کي ترجيح ڏيندو رهيو ۽ جرح ۾ شاهدن جون متيون منجهائي ڇڏيندو هو. ڪرمنل ۽ سول لا جي ڄاڻ ڪري کيس پهريائين اسسٽنٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر بنايو ويو ۽ بعد ۾ ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسڪيوٽر. ان نوڪريءَ دوران سنڌ جي اڪثر ۽ بلوچستان جي ڪن شهرن ۾ مقرر ڪيو ويو. جتي به مقرر ڪيو ويو، اتي پنهنجي قانون جي ڄاڻ جي ڌاڪ ڇڏيائين. ان قاعدي ۽ قانون جي ڄاڻ سبب قدر ڪري کيس سڌو سنئون ائڊيشنل ڊسٽرڪٽ جج بڻايو ويو ۽ بعد ۾ سيشن جج. سال ۱۹۷۲ع ۾ کيس سکر ۾ پهريون دفعو ائڊيشنل سيشن جج مقرر ڪيو ويو. بعد ۾ ڪراچي، نوابشاهه، حيدرآباد ۽ جيڪب آباد وغيره ۾ به ان پوسٽ تي رهيو. سال ۱۹۷۸ع ڌاري کيس ڊسٽرڪٽ سيشن جج بنايو ويو.

ڊسٽرڪٽ سيشن جج جي نوڪريءَ دوران ابڙو صاحب خيرپور، نوابشاهه، حيدرآباد ۽ ٺٽي ۾ رهيو. ٺٽي جي آبهوا ۽ ماحول کان هو ايترو ته متاثر ٿيو، جو خواهش ڏيکاريائين ته پينشن تي وڃڻ بعد هو مستقل طور اتي رهندو.

شروع کان وٺي تاج محمد غريبن جي پيڙا ۽ ڏک کي پنهنجو ڏک ڪري سمجهندو هو. ان سبب ڪري هن هڙئون ۽ وڙئون غريبن جي پئي مدد ڪئي. سندس همٿائڻ ۽ مالي مدد ڏيڻ تي ڪافي غريب پڙهي وڃي چڱين نوڪرين کي لڳا. ابڙي صاحب کي پنهنجن نوڪرن ۽ پٽيوالن جي گهرجن ۽ ضرورتن تي هميشه نظر هوندي هئي. ان ڪري هُو کين وقت بوقت مالي ۽ ٻي مدد پيو پهچائيندو هو.

پنهنجي در تي ڪم ڪندڙن جي پيو پرگهور لهندو هو. کين سٺي کاڌي سان گڏ سٺا ڪپڙا وٺي ڏيندو هو. کين سواريءَ لاءِ سائيڪلون ۽ وقت ڏسڻ لاءِ واچون به وٺي ڏيندو هو. البت ڌنڌي طور پنندڙ فقيرن کي هُـو ڪونه ڀائيندو هو. چوندو هو ته اهڙيءَ طرح پني نه رڳو هُو معاشري تي بوجهه بڻجن ٿا، پر ساڳئي وقت هو حقدارن جو حق به مارين ٿا. ان غريبن جي همدرديءَ ڪري مسٽر تاج محمد هاري موومينٽ ۾ فعال حصو ورتو. هن جا ان سلسلي ۾ دوست ۽ همراهه هيا، ڪامريڊ نذير حسين جتوئي، حاجي محمد پيرزادو ۽ بعد ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي. ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ سان سندس صحبتون ۽ ملاقاتون به ان سلسلي جون ڪڙيون هيون.

مرحوم تاج محمد ابڙو نيمن ۽ اصولن جو پابند هو. صبح سوير هُو پنهنجي جاءِ جي نم مان ۽ جي ٻئي هنڌ هوندو هيو ته ڀرواريءَ نم مان تازو ڏندڻ پٽائي ڏندن کي هڻندو هو. ان ڪري سندس ڏند موتين وانگر پيا جرڪندا هئا ۽ پڇاڙيءَ تائين سلامت رهيا. ان کان سواءِ صبح جو پنهنجي بدن جي صفائي، ڪپڙن جي صفائي ۽ بوٽ جي پالش جو خاص خيال رکندو هو. گهر ۾ سلوار قميص استعمال ڪندو هو ۽ آفيس ۾ ڪوٽ، پتلون ۽ ٽاءِ سان ويندو هو.

تاج محمد پنهنجي شخصي ڊائري پڻ بنا ناغي لکندو رهندو هو. سندس ڊائريون سال ۱۹۴۶ع کان وٺي ۱۹۸۶ع تائين سندس ڪٽنب وٽ محفوظ آهن.

سندس نيمن مان B.B.C ٻڌڻ به هوندو هو، جنهن لاءِ صبح جو پنجين وڳي جاڳڻو پوندو هيس. بي.بي.سي ٻڌڻ کان سواءِ هو صاحب شيوَ وقت پنهنجي گراموفون تي پراڻا گانا پڻ ٻڌندو هو. وٽس رڪارڊ ڪافي انداز ۾ موجود هئا.

تاج محمد صاحب جي نيمن ۾ وقت تي دوا جو استعمال پڻ هوندو هو. وڪالت جي دوران مسلسل دماغي ڪم ڪرڻ سبب هو ڪن بيمارين جو شڪار ٿي پيو، جن مان هڪ هئي دم جي بيماري ۽ ٻي ذيابيطس (Diabetes). پوئين مرض جي سبب سندس خوراڪ تي خاص نظر هوندي هئي. باوجود ترغيبن ملڻ جي هن ڪڏهن پرهيز ڪانه ٽوڙي. انسولن (Insulin) جي انجيڪشن پڻ بنا ناغي پاڻ هڻندو هو. هڪ دفعي بيماريءَ دوران ڊاڪٽر حيران رهجي ويا، جڏهن کين ٽيهه سالن جي عرصي جا بيمارين جا نسخا هٿ ۾ ڏنا ويا.

هڪ اهڙي مجلس جتي ڪافي معزز ماڻهو هڪ وڏي هستيءَ جي محفل ۾ اچي گڏ ٿيا هئا، کيس شراب پيئڻ جي آڇ ڪئي وئي، پر هن ان کي واپرائڻ کان بنهه انڪار ڪيو ۽ چيو ته هُو شراب استعمال ڪري پنهنجو اصول نه ٽوڙيندو.

منجهند جي ننڊ مسٽر تاج محمد کي ڏاڍي عزيز هئي. ان جو سبب هو رات جو دير تائين مطالعو ڪرڻ، جو صبح جو ٻين ٽين وڳي تائين هلندو هو. منجهند جي ننڊ دوران ڪنهن به صورت ۾ کيس سجاڳ ڪونه ڪيو ويندو هو ۽ نه ڪنهن کي اهڙي همٿ ٿيندي هئي، سواءِ هڪ محترم هستيءَ جي، جا وٽس محترم به هئي ۽ پياري به. اها هئي سندس والده! جا به اهڙين حالتن ۾، جن ۾ سندس جاڳائڻ ضروري سمجهيو ويندو هو، کيس بيدار ڪندي هئي.

دوستن سان بنا ناغي ڪچهري به سندس اصول هوندو هو. شام جو سندس دوست مقرر وقت تي اچي سندس اوطاق ۾ ڪٺا ٿيندا هئا، جتي ڪافي وقت چانهه جي پيالن تي ساڻن روح رهاڻ ڪندو رهندو هو. پنهنجن دوستن بابت جو خيال تاج محمد پنهنجي وصيت نامي ۾ ڪيو آهي، سو هيٺ ڏجي ٿو:

”منهنجا دوست ڪافي آهن، مگر هرڪنهن کي پنهنجا مسئلا درپيش آهن، تنهنڪري انهن کي ڪا تڪليف نه ڏيندا. البت پاڻ ۾ اختلاف يا ڪنهن منجهيل مسئلي تي سندن صلاح ضرور وٺندا. انهن جي هر وقت عزت ڪرڻ اوهان جو فرض آهي ۽ سندن اولاد سان پڻ تعلق رکڻ جي ڪوشش ڪندا. کانئن ڪڏهن به مالي مدد جي طلب نه ڪندا. ها البته ضرورت وقت اخلاقي مدد ضرور وٺندا ۽ مون کي يقين آهي ته ان ۾ هو پوئتي پير نه ڏيندا. مون تي منهنجا محسن ۽ دوست سدائين مهربان رهيا آهن، جنهن لاءِ آءٌ سندس شڪرگذار آهيان.“

ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي لکڻ مطابق سندس ئي چوڻ تي تاج محمد علمي ۽ ادبي ڪتابن ڏانهن راغب ٿيو. بعد ۾ ان جو اهڙو چسڪو آيس، جو پنهنجي آفيس جي ڪم ۽ دوستن جي ڪچهريءَ بعد ٽين ترجيح سندس ادبي ڪتاب هوندا هئا. رات جو جيڪو ڪتابن جو مطالعو ڪندو هو، ان ۾ علمي ادبي ڪتابن جو به حصو هو. علم ۽ ادب جي ان شوق ڪري تاج محمد ئي لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت قائم ڪئي، جن جا سرگرم ڪارڪن جمال ابڙو، هري درياني دلگير، انيس انصاري ۽ وڏيرو علي محمد عباسي هئا. هيءَ سنگت ڪافي وقت فعال رهي.

تنوير عباسيءَ لکيو آهي: ”تاج محمد ابڙو وڪيل هو، پر وڪيل کان وڌيڪ دانشور. ادب، تاريخ، فلسفو سڀ پڙهندو هو. دوستن سان بحث ڪندو هو. لکيائين هڪ لفظ به ڪونه، پر پڙهيو به گهڻو ته ڪڙهيو به گهڻو.“

تاج محمد ابڙي جي ڪمزوري دوست هئا، جن کان سواءِ پاڻ کي اڌورو سمجهندو هو. ياري باشيءَ ۾ سندس ڪچهري مشهور هوندي هئي، جتي علم ادب کان سواءِ سياست تي به وڏا بحث پيا ٿيندا هئا. وڪالت جي عرصي ۾ ته ٺهيو، خود جج هئڻ دوران به اهي ڪچهريون قائم رهيون. باوجود ايماندار ۽ سچي هئڻ جي، ڪن ماڻهن سندس نالي بد ڪرڻ ۾ به ڪين گهٽايو، پر سندس آئيني جهڙي صاف شخصيت اجري جي اجري رهي. تاج محمد دوستن کي ڪافي ڪم آيو. انهن کي هڙئون وڙئون گهرج وقت مدد ڏيندو رهيو. هڪ اهڙي دوست کي (جنهن جو نالو کڻڻ مناسب نٿو سمجهان) بيماريءَ جي حالت ۾ اسپتال ۾ داخل ٿيڻ بعد هڪ ئي وقت سندس علاج لاءِ ويهه هزار روپيا ڏنائين.

تاج محمد عيالدار هو. کيس پنج پٽ ۽ چار نياڻيون آهن. نياڻين ۽ پٽن جي تعليم تي خاص ڌيان ڏيندو هو. انهن کي همٿائڻ لاءِ سٺن نمبرن کڻڻ تي انعام ڏيندو هو. پنهنجين نياڻين کي گربخشاڻيءَ جا شاهه جا رسالا سندن پوزيشن حاصل ڪرڻ تي ڏنائين ۽ انهن تي رسالي کي تحفي طور ڏيڻ جو سبب به لکي ڏيندو هو. هُو پٽن سان گڏ نياڻين کي اعليٰ تعليم ڏيڻ جي حق ۾ هو.

ٻارن کي دنوي تعليم سان گڏ ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ همٿائيندو رهندو هو ۽ کين قرآن مجيد پڙهڻ لاءِ جتي جتي بدلي ٿيندي هيس، هڪ ملان رکي ڏيندو هو. پاڻ به مولانا تاج محمد امروٽيءَ جو قرآن مجيد جو ترجمو ۽ بائيبل مطالعي هيٺ رکندو ايندو هو.

سندس هڪ پٽ سندس نئين ڪار جو ايڪسيڊنٽ (Accident) ڪيو. ڪار کي ڪافي نقصان پهتو، پر سندس پٽ کي ڪو زخم ڪونه آيو. تاج محمد پُٽ کي هڪ حرف به ڪونه چيو. هُو ان تي خوش هو ته سندس فرزند ايڪسيڊنٽ مان بنا ڌڪ لڳڻ جي بچي نڪتو.

پنهنجي گهرواريءَ سان ڪافي پيار هوندو هئس. کيس ڏک سک جو ساٿي سمجهندو هو، پر پنهنجي والده ۽ وڏيءَ ڀيڻ سان سندس ڪافي عقيدت هوندي هئي. ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جو به گهڻو مداح هو. ساڻس سندس ڪافي ڪچهريون ٿيون. تاج محمد جي اکين ۾ پاڻي ٽن وقتن تي ڏٺو ويو. اهي وقت هئا: سندس والده، ڀيڻ ۽ ڀٽي صاحب جي فوت ٿيڻ جا ڏينهن.

تاج محمد ابڙو سير شڪار جو شوقين هو. هُو ميلن جا ميل پنڌ گهمندو هو. ان کان سواءِ وٽس بيلجم (Belgium) جي ٺهيل دو نالي بندوق هئي، جنهن سان شڪار ڪندو هو. ان بندوق کي صاف به پاڻ ڪندو هو ۽ پاڻ ئي حفاظت سان رکندو هيس. ان بندوق جو ڪنداڪُ هڪ نانگ کي مارڻ دوران لٺ طور استعمال ڪرڻ سان ٽُٽي پيو. مرمت جي باوجود ان بندوق ۾ اها اڳين ڳالهه نه آئي. تاج محمد کي بندوق جي خراب ٿيڻ جو احساس ته هو ئي، پر ان کان وڌيڪ خوشي ان ڳالهه جي هيس ته ان بندوق سان ئي نانگ ماري سندس پٽ کي بچايو ويو هو.

تاج محمد ڪڏهن ڪڏهن خيالن ۾ اهڙو ته گُم ٿي ويندو هو، جو پنهنجو پتو ڪونه پوندو هيس. هڪ دفعي پنهنجي فرزند سان گڏ ادبيات حيدرآباد ۾ ڪتاب وٺڻ ويو. ڪتاب وٺي ڪار تي چڙهڻ وقت پٽ جي بجاءِ هڪ ٻئي ڇوڪري کي ٻانهن کان وٺي گاڏيءَ ۾ چاڙهڻ لڳو. پُٽ جي آواز تي پنهنجي غلطي محسوس ڪيائين ۽ پنهنجي بي خياليءَ تي ڏاڍو کِليو.

اهڙيءَ طرح ٻئي وقت هو ساڳئي نموني پنهنجي چپل جو هڪ پادر ڇڏي وڃي گاڏيءَ ۾ چڙهيو. ٿيو ائين جو سفر دوران هڪ هوٽل ڀرسان گاڏي بيهاري، ٻاهر ڪرسيءَ تي چانهه پيئڻ وقت هن چپل جي هڪ پادر مان پير ڪڍي ڇڏيو. وڃڻ وقت چپل جي ان پادر ڏي ڌيان ئي نه ويس ۽ اچي گاڏيءَ ۾ چڙهيو، پر ڪجهه وقت کان پوءِ هن محسوس ڪيو ته سندس هڪ پير ۾ چپل ڪانه آهي ۽ وري گاڏي واپس ورائي اچي چپل کنيائين.

قانون جي ڪتابن کان سواءِ ٻيا ڪتابَ به شوق سان پڙهندو هو. وٽس ڪتابن جو وڏو ذخيرو موجود هو، جنهن مان ڪجهه ته سندس ٻاهر نوڪريءَ جي دوران گهر ۾ بند هئڻ سبب اڏوهيءَ جو شڪار ٿيا ۽ ڪافي ڪتاب سندس ڪٽنب سر شاهنواز ميموريل لئبرريءَ (Sir Shah Nawaz Memorial Library) کي عام ماڻهن جي فائدي لاءِ ڏنا ۽ ڪي ڪتاب سندس دوستن کي تحفي طور پڻ ڏنا ويا آهن. ڪجهه ڪتاب جن کي مصنفن پنهنجن دستخطن سان تحفي طور تاج محمد کي ڏنا هئا، سي ڪٽنب وٽ موجود آهن. اهي ڪتاب محترم جويي، شيخ اياز، رشيد ڀٽي، جمال ابڙي، رسول بخش پليجي ۽ ڪافي ٻين جا آهن. هن وقت به گهر ۾ ڪافي تعداد ۾ ڪتاب موجود آهن، جن مان ڪجهه قاعدي قانون جا آهن ۽ باقي علم ادب، تاريخ، مذهب ۽ ٻين علمن بابت ڪتاب آهن. انهن ڪتابن مان اڃا تائين گهرجائو پنهنجو ڪم حاصل ڪندا رهن ٿا.

اهي ڪتاب يادگيريءَ طور گهر جي ڀاتين پاڻ وٽ رکيل آهن. تاج محمد جا پويان ڪتابن ڏيکارڻ ۽ مطالع ۾ ڏيڻ ۾ بخل ڪونه ڪندا آهن.

سال ۱۹۸۵ع ۾ پينشن تي اچڻ بعد هن پنهنجي آئندي جي پروگرام تي عمل ڪرڻ لاءِ اچي ٺٽو وسايو، جتي پنهنجي رهڻ لاءِ بنگلو ۽ گذر سفر لاءِ هڪ سروس اسٽيشن ٺهرائي هئائين. ٺٽي جي آبهوا ۽ کليل فضا ته کيس راس آئي، پر اهي دوست جن سان دل جون ڳنڍيون هيس، سي ته هئا لاڙڪاڻي ۾. ان طرح هو هفتي ۾ ڪجهه ڏينهن لاڙڪاڻي پنهنجي دوستن سان ملڻ ايندو هو. اهڙيءَ طرح هڪ دفعي موٽندي ڌاڙيلن سندس گاڏي بيهاري ۽ ڦر ڪري ويا، پر هن اها ڳالهه پنهنجن گهروارن سان نه ڪئي. ڪجهه ڏينهن بعد جڏهن مسٽر غلام محمد راجپوت ڊسٽرڪٽ سيشن جج دادو چوري ٿيل سامان هٿ ڪري کيس پهچائڻ آيو ته گهر وارن کي ان ڳالهه جو پتو پيو.

ڦر جو ذڪر نڪتو آهي ته هيءَ ڳالهه ٻڌائڻ مناسب ٿيندي ته سکر ۾ ابڙي صاحب جي گهر مان چوري ٿي وئي. چور سڄو گهر ٻهاري ويا. چوريءَ ۾ تاج محمد جي گهرواري، والده ۽ ڀيڻ جا سونا زيور به شامل هئا. اها چوري پڪڙجي نه سگهي، البته پوليس جڏهن ڪجهه پڪڙيل چورين جا زيور سڃاڻپ لاءِ سندس گهر آندا ته تاج محمد پنهنجي گهر تاڪيد سان چيو ته هُو صرف پنهنجا زيور پنهنجا ڪن، پراون تي هٿ نه رکن. انهن زيورن ۾ سندن ڪوبه زيور ڪونه هو، ان ڪري ڪوبه زيور پنهنجو نه ڪيائون.

ڦر جي واقعي ۽ تاج محمد جي لاڙڪاڻي ۽ ٺٽي جي وچ ۾ اچڻ وڃڻ سبب سندس گهر جي ڀاتين اهو فيصلو ڪيو ته هُو سڀ لاڙڪاڻي وڃي رهندا، حالانڪه ٺٽو سندن طبيعت ۽ تندرستيءَ لاءِ بهتر هو. ان بعد سڀ گهر جا ڀاتي ابڙي صاحب جي خوشيءَ خاطر لاڙڪاڻي اچي رهيا.

باوجود نيمن ۽ اصولن جي پالنا ۽ دوائن جي بلا ناغي استعمال ۽ پرهيزي کاڌي جي، ذيابيطس جي بيماري سندس اندر کوکلو ڪري ڇڏيو. کيس دل جو سور (Angina Pectoris) به ٿي پئي.

فيبروريءَ ۱۹۸۶ع ۾ سندس بيماري وڌي وئي. پهريائين مقامي ڊاڪٽرن کان علاج ڪرايائين ۽ آخر جڏهن ڳالهه وڌي وئي ته جمال ابڙي ڪراچيءَ مان فون ڪري کيس اتي اچڻ لاءِ چيو. کيس جناح اسپتال جي Cardio Vascular ۾ داخل ڪيو ويو، جتي باوجود علاج جي هو تاريخ ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي الله کي پيارو ٿي ويو. سندس لاش لاڙڪاڻي آندو ويو، جتي ابوبڪر مقام ۾ پنهنجن عزيزن جي قبرن ڀرسان کيس دفنايو ويو.

(هلال پاڪستان، عوامي آواز، عبرت، جاڳو، ڪاوش، سرواڻ، پڪار)


 

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

۽ مچ ڪچهريون

مير نادر علي ابڙو

لطيف سائين جي ڌرتي سنڌ جيڪا مختلف روايتن ڪهاوتن ڪارڻ هر وقت ڪنهن لاءِ ڪنهن حد تائين پر ڪشش رهي آهي. ان سر زمين تي هميشه محبت جا ميلا متل رهيا آهن، اهي ميلا مختلف روين ۾ سجندا رهندا آيا. ميلن ملاکڙن کان ويندي اوطاق ڪچهريون سنڌ جون پراڻيون روايتون ۽ هڪ ٻئي جا سور سٽڻ جو جتي مرڪز بڻيل رهيون آهن ته اتي وري سياري جي سرد هوائن ۾ سنڌ اندر ٿيندڙ مچ ڪچهريون مشهور آهن. توڙي جو اتي اڄوڪي دؤر ۾ اهو رواج گهٽ ٿيندو وڃي پر تنهن باوجود سنڌ ۾ اڃا تائين مچ ڪچهريون ٿيندو اچن. انهن ڪچهرين ۾ ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن کان ويندي دوستن تائين باهه جي چوطرف محبتن جا ميلا مچايا ويندا آهن. هڪ ٻئي سان جتي گلائو ۽ شڪوائون هجتن جا پل پسڻ لاءِ ملن ٿا. لاڙڪاڻو ضلعو انهيءَ حوالي سان تمام گهڻو زرخيز رهيو آهي. اتي مچ ڪچهرين جي روايت ۽ سلسلو تمام آڳاٽي زماني کان هلندو اچي ۽ اڃا تائين اهوئي مچ ڪچهرين جو جوڀن جاري آهي.

هتي جڏهن به مچ ڪچهرين جو تذڪرو ٿيندو ته اتي ڀلا ڪيئن مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي لاڙڪاڻي واري اوطاق کي وساري ٿو سگهجي، جتي سموري سنڌ جا ڏاها اچي مچ تي محبتن جا ميلا مچائيندا هئا. اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀُٽو کان ويندي سوڀي گيانچنداڻي تائين هر مڪتبه فڪر جو ماڻهو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي مچ ڪچهريءَ جو روح روان هوندو هو. انهن ڪچهرين ۾ جتي باهه جي شعلن تي عظيم اراده سرجيا ويندا هئا ته هتي وري ايندڙ صبح جي ڀليڪار جا جتن ڪيا ويندا هئا ۽ هڪ ٻئي جا لڙڪ اگهي کين آٿت ڏني ويندي هئي. انهيءَ مچ ڪچهري ۾ جيڪو شرڪت ڪندو هو تنهن جي اٿڻ لاءِ دل نه ڪندي هئي. اهي مچ ڪچهريون ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سجائي انهن وسيلن علم ادب جو درس ڏيندو هو ۽ سموري سنڌ کان سواءِ بلوچستان، سرحد ۽ پنجاب جا سلجهيل اديب ۽ سماج سڌارڪ انهن مچ ڪچهرين ۾ اچي ڪجهه پرائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ۽ اتي تمام وڏو سياسي سماجي ۽ادبي بحث ٿيندا هئا، پر اڄ سيٽلائيٽ دؤر جا ڪجهه آثار ضرور هن مچ ڪچهرين تي اثر انداز ٿيا آهن ۽ ماڻهن ۾ انهيءَ حوالي سان اڳيون چاهه ناهي رهيو ۽ سماجي قيد خاني ۾ بند ٿي رهجي ويا آهن پر تنهن پڄاڻا به ڪي آهن جيڪي انهن مچ ڪچهرين کي آباد رکيو اچن ۽ هر ڪنهن کي سڏي گڏ ڪري مچ مچائيندا اچن.

انهن مچ ڪچهرين کي لاڙڪاڻي ۾ آباد رکڻ ۾ جتي ٻيا طبقا سرگرم آهن، اتي وري لاڙڪاڻي ضلعي ۾ مچ ڪچهرين جو رواج وجهندڙ مرحوم تاج محمد ابڙو جو فرزند ايڊووڪيٽ مظهر علي تاج ابڙو به ڪنهن کان پٺتي ڪونهي ساڳيو علم هٿ ۾ کڻي لاڙڪاڻي ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو درس ڏيندو ۽ ادبي سماجي ميلا مچائيندو اچي. اهوئي ڪارڻ آهي جو اڄ لاڙڪاڻي جي عوام ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي لاڏاڻي کانپوءِ سندس جي سڪ مظهر علي تاج ابڙو مان لاهي ٿي جيڪو انهن مچ ڪچهرين ۾ پاڻ ملهائيندو اچي، جيڪا ڳالهه انتهائي ڀلوڙ آهي.

 سنڌ جي سمورن نوجوانن کي اهي مچ ڪچهريون ۽ پراڻن جي ڇڏيل روايتن کي پاڻي ڏئي اڳتي وڌائڻ گهرجي، ڇو جو پراڻن جون ڇڏيل انهن روايتن ۾ اسان جي سماج لاءِ هڪ محبتن جو سنديسو سمايل آهي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اڪثر اها ڳالهه ڪندو هو ته جن به قومن پنهنجن وڏن جو ڏنل درس ڇڏيو ته اهي تباهه برباد ۽ نقصان ۾ ويون آهن. انهي لاءِ اسان ماڻهن کي هن وقت تائين انهن مامرن کي ويجهائي کان وٺي ڪم ڪري پنهنجو پاڻ ۾ ڪنهن حد تائين متحرڪ ٿيڻ جي قوت پيدا ڪرڻ کپي ته جيئن اسان وڏن جي ڇڏيل روايتن کي قائم ۽ دائم رکي سگهون.

اڪثر طور تي وقت نه هجڻ واري عام ۽ غيرذميواري ڪارڻ انهي جا اثرات اسان تي ڀاري نموني اثرانداز ٿيندا رهندا آهن. هاڻ جڏهن سياري جا پڇاڙڪا پل ماضي بڻجي گذري رهيا آهن، ته مچ ڪچهريون به پڄاڻي تي پهچي چڪيون آهن.

 

(خبرون، سنڌو ڊائجسٽ، هلچل، سنڌ، مهراڻ، عوامي آواز، مقدمو، فيصلو، عبرت، سڪار، تعمير سنڌ، هلال پاڪستان، نوائي وقت، خبرين، وکٽوريه)


 

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

جج، اديب، وڪيل، سياستدان ۽ سماجي شخصيت

ڊاڪٽر اياز قادري

هڪ پارسي زبان جي شاعر چيو آهي:

”تون اسان وٽان هليو وئين، مگر تنهنجي ياد اسان جي دلين ۾ سمايل آهي.“

تاج محمد ابڙي کي اسان کان جدا ٿئي ڏينهن، ڏينهن مان مهينا ۽ مهينن مان سالَ ٿي ويا آهن، پر هُو اسان کان جدا نه ٿيو آهي. هن جون يادگيريون، هن جون ڳالهيون، ائين تازيون آهن، جيئن بهار ۾ ٽڙندڙ تازا گل.

تاج محمد ابڙو منهنجو هاءِ اسڪول کان وٺي ڪاليج تائين ڪلاس فيلو، هاسٽل ۾ روم ميٽ ۽ زندگيءَ ۾ پيارو دوست هو. اسين هڪٻئي جي ويجهو رهياسين. ڏک سک جا ساٿي، حال ڀائي ۽ همدرد، اسان ۾ ڪڏهن به هڪٻئي سان ڪاوڙ پيدا نه ٿي، نه جهيڙو ئي ٿيو. هڪ ڀيري مون کي هن جي ڪنهن ڳالهه جو ڏُک ٿيو ۽ مان ٽي چار ڏينهن ناراض رهيس. تڏهن مون ڏانهن چٺي لکيائين:

Make new friends but keep the old ones; for one is silver another is gold.

ناراضپو ختم ٿي ويو ۽ اسين کير کنڊ ٿي وياسين.

تاج محمد ابڙي کي ننڍپڻ کان ئي سياست سان دلچسپي هئي. اسين جڏهن مدرسه هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ پڙهندا هئاسين ته ڪڏهن ڪڏهن سياست تي به ڳالهائيندا هئاسين. اهو ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جو دؤر هو، هندو مسلم ڇڪتاڻ جا ڏينهن هئا. هندن جو لاڙو ڪانگريس ڏانهن ۽ مسلمانن جو مسلم ليگ ڏانهن هو. ڪٽر هندو جماعت ”هندو مهاسڀا“ سنڌ جي صوفي ماحول کي بگاڙي، هندو مسلمانن ۾ وڏا ويڇا وجهي رهي هئي. هندن ۾ مسلمانن خلاف ان جماعت نفرت جو وڌيڪ زهر وڌو. مسلمان شاگردن جو لاڙو مسلم ليگ ڏانهن هو. اهو زمانو ۱۹۴۲ع وارو زمانو هو، مگر تاج محمد ابڙو ان وقت به هارين ۽ غريبن جي ڳالهه ڪندو هو. ننڍپڻ ۾ سندس گهرو تربيت اعليٰ نموني ٿي هئي. سمجهه ۾ ائين ٿو اچي ته سندس گهر جي ماحول جو هن تي گهرو اثر هو.

انهن ڏينهن ۾ سنڌ جون مکيه روزانه اخبارون هيون : (۱) ”هندو“ جنهن جو پوءِ نالو مٽائي ”هندستان“ رکيو ويو. هيءَ ڪانگريس جي اخبار هئي. (۲) ”سنسار سماچار“ هيءَ مهاسڀاين (ڪٽر هندن) جي اخبار هئي ۽ (۳) ”الوحيد“ هيءَ مسلم ليگ جي خيالن جي اخبار هئي. انهن کان سواءِ ڪيتريون هفتيوار اخبارون نڪرنديون هيون. تاج محمد ابڙو ۽ مان اخبارون وڏي چاهه سان پڙهندا هئاسين. پوءِ سياسي حالتن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي هئي.

۱۹۴۳ع ۾ مئٽرڪ ۾ پاس ٿياسين. ان وقت مسلمانن جي تعليم جو هي حال هو، جو مان لاڙڪاڻي شهر جو واحد مسلمان شاگرد هوس، جو مئٽرڪ ۾ پاس ٿيو هوس. اسين گهڻو ڪري سڀ سنگتي پاس ٿياسين. انهيءَ زماني ۾ ۱۹۴۳ع ۾ پير الاهي بخش سنڌ جي تعليم جي وزير جي ڪوشش سان سنڌ مسلم ڪاليج کليو هو. مسلمان شاگردن لاءِ ان ڪاليج ۾ في، هاسٽل جي رهائش، کاڌي ۽ اسڪالرشپ جون وڏيون سهوليتون هيون. انهيءَ ڪري تاج محمد ابڙو ۽ مون به ايس.ايم ڪاليج ۾ داخلا ورتي ۽ گڏ هاسٽل جي روم ۾ رهڻ لڳاسين.

تاج محمد ابڙي کي ڪراچيءَ ۾ پنهنجي سوشلسٽ خيالن وارن ماڻهن سان ملڻ ۽ سوشلزم کي سمجهڻ جو وڏو موقعو مليو. لائيٽ هائوس سئنيما سامهون (جا هينئر ڊهي وئي آهي) ڪچهري روڊ جي شروعات تي ٽريڊ يونين ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي آفيس هئي. تاج محمد ابڙي باقاعده اُتي وڃڻ شروع ڪيو. ڪميونسٽ پارٽي سنڌ جو سيڪريٽري ڪامريڊ جمال الدين بخاري هو ۽ سرگرم ڪارڪنن ۾ سوڀو گيانچنداڻي، پوهو، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، قادر بخش نظاماڻي ۽ ٻيا هندو مسلمان جوشيلا جوان هئا. ڪميونسٽ پارٽيءَ طرفان سوشلزم ۽ ڪميونزم کي سمجهڻ لاءِ ڪلاس ٿيندا هئا. تاج محمد ابڙو انهن ڪلاسن ۾ باقاعدي ويندو رهندو هو. سياسي طرح هُو ڪامريڊ قادر بخش نظاماڻيءَ کي ئي پنهنجو استاد سمجهندو هو. قادر بخش نظاماڻيءَ پهريان سنڌين ۾، پوءِ بلوچن ۾ نئشنلزم ۽ سوشلزم جي تربيت جو ڪم شروع ڪيو. ڪجهه سالن کان هاڻي هو لنڊن ۾ مقيم آهي.

اسين جڏهن ڪراچيءَ ۾ تعليم لاءِ پهتاسين ته ورلڊ وار سيڪنڊ (Scond World war) جي خاتمي جا ڏينهن هئا. ته به انگريز سپاهي ڪارين ڪرسچن ڇوڪرين کي ڀاڪر پايو صدر جي بازارين ۾ عام جام گهمندا ڏسڻ ۾ ايندا هئا.

ايس.ايم ڪاليج، سنڌ مدرسه هاءِ اسڪول جي احاطي اندر قائم ڪيو ويو هو. مدرسه هاءِ اسڪول جي بورڊنگ هائوس جو هڪ حصو ڪلاسن لاءِ، باقي حصو ڪاليج جي شاگردن جي رهائش لاءِ مخصوص ڪيو ويو هو. ڪاليج ڇا هو؟ ان وقت ته ڪنهن ننڍي هاءِ اسڪول جي ئي برابر هو.

مدرسه هاءِ اسڪول جي ٻاهرئين وڏي دروازي جي مٿان، جيڪو ڪاليج جو به دروازو هو، وڏن اکرن ۾ لکيل هو:

Enter to learn, go forth to serve!

تڏهن شاگرد نوڪريون به ڪندا هئا ۽ پڙهندا به هئا. ان زماني ۾ نوڪريون جام هيون. مسلمان ڇوڪرا تمام گهٽ پڙهيل هئا. سنڌ سرڪار نوڪرين ۾ هندن ۽ مسلمانن جي ڪوٽا مقرر ڪئي هئي: ۶۰ سيڪڙو مسلمان ۽ چاليهه سيڪڙو هندو. مسلمان ڇوڪرا هڪ نوڪري ڇڏي ٻي نوڪري ڪندا هئا. تاج محمد ابڙي به مختلف هنڌن تي نوڪري ڪئي. ڪجهه عرصو ان وقت جي مشهور اخبار ”الوحيد“ ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر ٿي ڪم ڪيائين. پوءِ ريڊيو پاڪستان ۾ سنڌي خبرن جو انائونسر (Announcer) ٿي رهيو.

ڪاليج لائيف ۾ هن اسٽوڊنٽ تحريڪن ۾ پس پرده وڏو ۽ اهم حصو ورتو. محمود هارون (پوءِ جو اڳواڻ سنڌ جو گورنر)، سندس ڀاءُ سعيد هارون، قاضي عبدالمنان (پوءِ جو سنڌ جو روينيو منسٽر) علي گوهر کهڙو، سڀ مسلم ليگي ۽ مسلم شاگردن ۾ پنهنجي ليڊري قائم ڪرڻ گهرندا هئا.

تاج محمد کي شاگرديءَ واري زماني ۾ اخبار ڪڍڻ جو ڏاڍو چاهه هو. ان بابت مون سان صلاح ڪندو هو. مان هميشه چوندو هومانس: ”تيل کان سواءِ ڏيئو نه ٻرندو.“ پاڻ تڪڙا ماڻهو آهيون، پيٽ ئي مشڪل ٿا پاليون، پوءِ اخبار جي عياشي ڪيئن ڪري سگهنداسين؟ ۽ هن ڪجهه پئسا پاڻ ۽ ڪجهه پئسا ٻين دوستن کان هٿ ڪري ”نوجوان“ نالي سان هفتيوار اخبار شروع ڪئي. ان جو ايڊيٽر مون کي مقرر ڪيائين. ان وقت نه سنڌي مسلمانن ۾ هو مڊل ڪلاس نه تعليم، نه وري اخبار پڙهڻ جو چاهه، تنهنڪري ”نوجوان“ جا فقط ڪجهه پرچا نڪتا، پوءِ اخبار مالي مشڪلاتن سبب بند ٿي وئي.

تاج محمد ابڙو ۴۸-۱۹۴۷ع ڌاران وڪالت پاس ڪري لاڙڪاڻي هليو آيو. ان وقت قاضي فضل الله، حنيف صديقي، خانبهادر يار محمد جوڻيجو، شمس الدين ابڙو، عبدالوحيد ڪٽپر، عبدالفتاح ميمڻ ۽ ٻيا لاڙڪاڻي جا برک وڪيل هئا. هن پهريان عبدالفتاح ميمڻ سان گڏ وڪالت شروع ڪئي، پر طبيعت جي فرق سبب ان کي ڇڏي شمس الدين ابڙي جي چوڻ تي ان جو پارٽنر ٿي وڪالت ڪيائين.

مان هر روز شام جو چانهه تاج محمد وٽ سندس اوطاق ۾ وڃي پيئندو هوس. شام جو تاج محمد ابڙو پنهنجي اوطاق تي ڪچهريءَ ۾ مست رهندو هو. مون هن کي بلڪل ويجهائيءَ کان ڏٺو. هن جو دامن دنيا جي آلودگين کان بلڪل صاف ۽ شفاف رهيو.

لاڙڪاڻي جون ڪچهريون ايامن کان مشهور هيون. لاڙڪاڻو وڏيرن، وزيرن ۽ وڪيلن جو شهر هو. شهر ۾ ڪيتريون ڪچهريون قائم هيون:

لاهورين ۾ نواب حاجي امير عليءَ جي ڪچهري، پوسٽ آفيس سامهون عبدالغفور ڀرڳڙيءَ جي ڪچهري، اسٽيشن جي ڦاٽڪ لڳ قاضي فضل الله جي ڪچهري، ٿورو هيٺ عبدالفتاح ميمڻ جي ڪچهري، ٽائون ٿاڻي (اڳيون) لڳ تاج محمد ابڙي جي ڪچهري، مارڪيٽ لڳ ميان غلام عباس قادري جي ڪچهري، قافله سراءِ ۾ خان صاحب فقير محمد انڙ جي ڪچهري، اهي ڪچهريون سڀ بلي بلي هيون.

پر انهن سڀني مان تاج محمد ابڙي جي ڪچهريءَ جي ڪهڙي ڳالهه ڪري ڪهڙي ڪجي. هن جي ڪچهريءَ جو رنگ ئي پنهنجو هو. هن ڪچهريءَ ۾ مختلف قسمن، طبيعتن، سياسي پارٽين، ادبي گروهن، زميندارن ۽ هارين سان واسطو رکندڙ ۽ مذهبي طبقي سان واسطو رکندڙ ماڻهو ايندا هئا، جن ۾ ڪامريڊ علي محمد عباسي (بيگم اشرف عباسي جو وڏو ڀاءُ)، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، عبدالخالق آزاد (نوابشاهه)، ڪامريڊ عبدالقادر جوڻيجو، مولوي نذير حسين جتوئي، حاجي محمد پيرزادو، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، جمال ابڙو، مان ۽ ٻيا ڪيترا حباب شريڪ ٿيندا هئا. هر ماڻهوءَ جو آڌرڀاءُ چانهه سان ٿيندو هو. چانهه جي ديڳڙي هميشه گرم رهندي هئي.

تاج محمد ابڙي جو دسترخانو نهايت ئي ڪشادو هوندو هو. سنڌ توڙي پاڪستان جي مختلف حصن مان مختلف قسمن جا ماڻهو وٽس اچي مهمان ٿيندا هئا، جن ۾ وڏو تعداد سياسي ماڻهن جو هوندو هو. شيخ اياز سکر مان جڏهن به ڪنهن ڪيس جي سلسلي ۾ لاڙڪاڻي ايندو هو، ته وٽس اچي مهمان ٿيندو هو. ڀارت مان اتم ۽ سندري اتمچنداڻي جڏهن لاڙڪاڻي آيا، ته تاج محمد ابڙي انهن جي دعوت ۽ ميزباني ڪئي.

سياست تاج محمد ابڙي جي رڳ رڳ ۾ سمايل هئي. هُو سوشلزم ۽ ڪميونزم سان ڪميٽڊ (Committed) هو. جيئن ته لاڙڪاڻي ۾ ڪوبه ڪارخانو ۽ فيڪٽري ڪانه هئي، تنهنڪري هتي مزدور طبقو ڪونه هو. هن سنڌ جي وڌ ۾ وڌ ڏتڙيل ۽ پٺتي پيل طبقي هارين لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. هارين جي بيداريءَ جي ڪم جي شروعات ڪجهه سال اڳ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڪري چڪو هو.

تاج محمد ابڙو، مولوي نذير حسين جتوئي، عبدالواحد سومرو (رتيديري وارو)، ڪامريڊ علي محمد عباسي، عبدالخالق آزاد (نوابشاهه)، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، قاضي فيض محمد، شمس الدين شاهه وڪيل (سکر)، ڪامريڊ عبدالقادر جوڻيجو (ڌامراه) ۽ ٻين ڪيترن دوستن ”هاري پارٽيءَ“ جي نالي تنظيم قائم ڪئي ۽ هارين جي بهبود لاءِ ڪم شروع ڪيو. لاڙڪاڻي ۾ تاج محمد ابڙي ان ڏس ۾ پاڻ چڱو موکيو.

هڪ ڀيري مشهور ڪميونسٽ ليڊر ۽ شاعر ناصر زيدي، تاج محمد ابڙي وٽ لاڙڪاڻي اچي نڪتو. ايوب جو آمر شاهي دؤر هو. هن جي پٺيان سي.آءِ.ڊيءَ وارا لڳل هئا. تاج محمد ابڙي جي اوطاق عام ماڻهن لاءِ کليل هوندي هئي. خطرو اهو هو ته سي.آءِ.ڊيءَ وارن کي سندس لاڙڪاڻي ۾ آمد جو پتو نه پوي ۽ کيس گرفتار نه ڪري وڃن، ان ڪري هن کي تاج محمد ابڙي منهنجي اوطاق ۾ رهايو، جتي هڪ اڌ ڏينهن رهي، هو خير سلامتيءَ سان روانو ٿي ويو.

ڪجهه وقت کان پوءِ کيس گرفتار ڪري لاهور جي قلعي ۾ بند ڪيو ويو، جتي مٿس گهڻيون سختيون ڪيون ويون ۽ هُو مري ويو.

تاج محمد ابڙي کي ڪتابن پڙهڻ ۽ ڪٺي ڪرڻ جو بي انتها گهڻو چاهه هو. هو زياده تر سياسي، بايوگرافي (سوانح حيات) ۽ تاريخي ڪتاب پڙهندو هو. سواءِ ڪنهن اعتماد واري دوست جي، ٻئي کي ڪتاب نه ڏيندو هو. مون کانئس جو ڪتاب گهريو، سو ڏيندو هو. مون ”ڪنفيشنس آف روسو“، ”تاريخ بلوچستان (هوتورام)“، ”ٿنڪ اينڊ گرو رچ“، ٻيا ڪيترائي ڪتاب سندس لائبريريءَ مان وٺي پڙهيا.

هن کي هفتيوار ”ٽائيم“ ۽ رسالي پڙهڻ جو نه صرف شوق هو، پر هو باقاعدگيءَ سان انهن کي سنڀالي رکندو هو ۽ جلدَ چاڙهائي ڇڏيندو هو. جيڪڏهن ڪو پرچو پوسٽ وارا گُم ڪري ڇڏيندا هئا ته پوءِ مان اهو پرچو کيس ڪراچيءَ جي اسٽالن يا فوٽ پاٿن تان هٿ ڪري ڏيندو هوس.

تاج محمد ابڙي کي انگريزيءَ ۾ هڪ هفتيوار اخبار View and Review نالي ڪڍڻ جو ڏاڍو شوق هو. هو چوندو هو: ”جيستائين سنڌ جي ماڻهن ۾ سياسي حالتن تي تنقيدي جائزي وارو مواد نه پهچندو، انهن ۾ سياسي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ جي سمجهه نه پيدا ٿيندي.“

تاج محمد ابڙي جا سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ سرحد جي ڪيترن ئي سياستدانن سان انتهائي گهرا تعلقات هئا، جن سان هن جون شخصي ۽ سياسي ملاقاتون ٿينديون هيون. سنڌ جي سياستدانن ۾ جي ايم سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، محمد امين کوسو، شيخ عبدالمجيد سنڌي، قاضي فيض محمد، غلام محمد لغاري ۽ بي شمار ٻين سان هن جا گهرا تعلقات هئا.

لاڙڪاڻي جي سياستدانن مان قاضي فضل الله ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سان نه فقط هن جا گهرا تعلقات هئا، پر اهي ٻئي هن جي سياست ۽ ضلعي جي ماڻهن جي نفسيات جي ڄاڻ سبب ضلعي جي ڪيترن مسئلن بابت هن کان هميشه مشورا وٺندا رهندا هئا. مون کي ياد آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو خاص طرح اليڪشن واري زماني ۾ هن وٽ ايندو هو يا هن کي پاڻ وٽ گهرائيندو هو ۽ ضلعي جي ماڻهن ۽ ضلعي جي وڏيرن بابت جن جو ماڻهن تي اثر هوندو هو، هن سان صلاح مصلحت ڪندو هو.

ڀٽو صاحب تاج محمد ابڙي تي ايترو ته مهربان هو، جو هن کي بقا پور واري تڪ مان نه صرف بي ڊي ميمبر چونڊرايائين، پر اتي جو چيئرمين پڻ مقرر ڪيائين.

تاج محمد ابڙي کي سنڌي ادب ۽ زبان سان بيحد گهڻي دلچسپي هئي. اسان جڏهن ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت قائم ڪئي ته ڏاڍو خوش ٿيو ۽ اسان سان پيش پيش رهيو. هُو چاهيندو هو ته سنڌي ادب کي پراڻي پيچري تان هٽائي نون ترقي پسند راهن ۽ رستن تي هلائجي. هو سنڌي ادبي سنگت جي ميڙن ۾ پيش ٿيندڙ نئين روشنيءَ واري ادب کان ايترو متاثر ٿيو، جو هن پاڻ لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي شاخ قائم ڪئي. سنگت جو سيڪريٽري پاڻ هو. سنگت جي ميڙن ۾ لاڙڪاڻي جا پراڻا ۽ نوان اديب سڀ شريڪ ٿيندا هئا، جن ۾ حاجي محمود خادم، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ، انيس انصاري، جمال الدين بخاري، جمال ابڙو ۽ مان گهري دلچسپي وٺندا هئاسين.

تاج محمد ابڙي جي ڪوششن سان سال ۱۹۵۶ع ۾ لاڙڪاڻي جي تجر باغ ۾ شاهه عبداللطيف جي شاندار ورسي ملهائي وئي. ان وقت عبدالله چنو لاڙڪاڻي جو ڪليڪٽر هو. هن کي شاهه جي ڪلام سان گهڻي دلچسپي هئي. ان ڪري صدارت ان کان ڪرائي وئي. ورسيءَ جي خرچ جو بار سڄو تاج محمد ابڙي برداشت ڪيو. جيتوڻيڪ ورسيءَ جو سمورو بندوبست هُن پنهنجي هڙون توڙي وڙون ڪيو، پر جيڪي دعوت ناما جاري ڪيا ويا، اهي منهنجي نالي سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت جي حيثيت سان ويا. ورسي نهايت ڪامياب رهي. مان سمجهان ٿو ته لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾ ڀٽائيءَ جي اهڙي شاندار ورسي اڳ ڪڏهن نه ٿي هئي.

تاج محمد ابڙي کي ۱۹۷۰ع ڌاران نوڪري ڪرڻ جو خيال پيدا ٿيو. سڀني دوستن ان ڳالهه جي مخالفت ڪئي، مگر هُو پنهنجي ڳالهه تي قائم رهيو.

شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي زور ۽ اسرار تي هو ۱۹۷۲ع ۾ سيشن جج مقرر ٿيو. نوڪريءَ واري زماني ۾ به هو ساڳيو يار ويس ۽ مهمان نواز رهيو ۽ سندس اهي ئي ڪچهريون رهيون. سال ۱۹۸۵ع ۾ نوڪريءَ تان رٽائر ٿي لاڙڪاڻي آيو، ته بلڪل کيسين خالي آيو. اهڙي سادي، ايماندار ۽ هيري جهڙي ماڻهوءَ وٽ پئسي جو ڪٺو ٿيڻ ڏکيو هو. هُو جڏهن لاڙڪاڻي واپس آيو ته پاڻ سان دل جو مرض به کڻي آيو. ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي ڪارڊيو ويسڪيولر اسپتال ڪراچيءَ ۾ سندس انتقال ٿيو ۽ اسان کان هميشه هميشه لاءِ دور ٿي ويو ۽ اڪيلو ڪري ويو. هن جي وفات سان لاڙڪاڻي ۾ ڪچهرين جو دؤر ختم ٿي ويو، ڄڻ هي آخري ڏئيو هو، جو گُل ٿي ويو.

**

 

(هلال پاڪستان، بختاور، برسات، عوامي آواز، عبرت، سنڌو، جاڳو، آفتاب، پُڪار، مهراڻ ۽ الوحيد)



مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

منهنجو دوست

ڪامريڊ روچي رام

ڪامريڊ تاج محمد تاج محمد ابڙو سياست صحافت ۽ ادب جو هڪ جاکوڙي ڪردار هو پر زاتي طور جنهن کي تاج محمد جي محبت جي سِکِ لڳل هوندي سو کيس کيس ڪنهن به صورت ۾ وساري ڪين سگهندو. هو منهنجو پيارو دوست محسن ۽ استاد هو. اها شمع ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ تي اُجهامي ويئي پر منهنجي دل ۽ دماغ ۾ انجي جوت اڃان تائين روشن آهي.

تاج محمد ابڙو جي قابليت مطالع عمل جي صلاحيت مهمانوازي ۽ پيار هر وقت هر دور ۾ مقدر رهندي آئي آهي. ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي چوندو هو ته تاج محمد ابڙو بذات خود هڪڙي انجمن هو ان وٽ سياسي، ليڊرن روپوش ڪارڪنن ۽ اديبن جي هميشه امدرفت رهندي هئي سنڌ جي چوٽي جي سياست دانن ورڪرن ۽ اديبن جو مرڪز ڪامريڊ تاج محمد جي اوطاق هوندي هئي جيڪا سندس آفيس ۽ ميل ميلاپ، سياسي عمل ۽ گفتگو جو مرڪز به هئي جنهن جو سمورو خرچ تاج محمد ابڙو زاتي طور ڀريندو هو.

مون ۱۹۵۲ع ۾ ايل ايل بي پاس ڪئي هئي ۽ حيدرآباد ۾ ديوان ڌرمداس مولچند هيراننداڻي سينئر وڪيل جي فورم ۾ جونيئر وڪيل طور شامل ٿيو هوس. ان وقت وڪيلن جي پيشي ۾ هڪ نئون نمونو شروع ٿيو هو. رجسٽريشن ۽ ڪسٽوڊين جا کاتا کوليا ويا هئا جتي گهڻو ڪري هندوستان مان لڏي آيل مسلمان آفيسر رکيا هئا جيڪي هتان سنڌ مان نه لڏي ويندڙ هندوئن کي تنگ ڪندا هئا جيڪو هندو لڏي ويا هئا تن تي به هتي سنڌ ۾ ڪو ڪيس نه هلي سگهندو هو پر هتي ويٺلن پاڪستان جي شهري ٿيلن کي به تنگ ڪندا هئا ته توهان لڏي ويا هئا وري آيا آهيو انهن جا ڪيئي ڪيس ديوان ڌرمداس وڪيل وٽ هئا. اهڙن ڪيسن ۾ هو مونکي لاڙڪاڻي ڪسٽوڊين جي ڪورٽ ۾ موڪليندو هو اتي ان دور ۾ لاڙڪاڻي جو ڀلوڙ وڪيل ڪٽپر صاحب هو جو مونکي پنهنجي اوطاق ۾ رهائيندو هو اها اوطاق سندس آفيس به هئي ۽ مهمانوازي ڪرڻ جي جڳهه به.

لاڙڪاڻي ۾ وڪيلن جي آفيس جي خاص خصوصيت هوندي هئي ته اها آفيس به هئي، اوطاق به ۽ مهمانوازي ڪرڻ جي جڳهه به ائين هڪ آفيس اوطاق تاج محمد ابڙي صاحب جي به هئي اهو وڪيل جي اوطاق جو رواج اسان وٽ حيدرآباد، ڪراچي ۽ ميرپورخاص ۾ ڪين هو. ۱۹۷۲ع ڌاري جڏهن تاج محمد ابڙو صاحب سيشن جج مقرر ٿيو ته شايد پهرين نوڪري حيدرآباد کان شروع ڪيائين اسان وٽ ميرپورخاص بار روم ۾ اها ڳالهه هلي ته تاج محمد ابڙو صاحب وڏي شخصيت آهي اها نوڪري نه وٺڻ کپيس ها.

تاج محمد ابڙو صاحب جي آفيس جيڪا اوطاق وانگيان هئي جيڪا سندس سموري مشغولين جو مرڪز هئي اتي سنڌ دوست وڪيل ڪيسن وارا اسير سياستدان ۽ سياسي ورڪر ۽ ڪامورا ۽ سندس لاڳاپيل شخص گڏبا هئا ڪچهريون ٿينديون هيون جنهن جو زڪر مختلف دوستن پنهنجي لکڻين ۾ ڪيو آهي اهو ڏيکاري ٿو ته لاڙڪاڻي جو وڪيل ۽ سياستدان باقي سنڌ جي شهرن جي وڪيلن کان مختلف ۽ الگ هو.

تاج محمد ابڙو کي سندس ڪرم فرمائن زور ڏئي جج ٿيڻ تي مجبور ڪيو ۽ هو سڌو سيشن جج ٿيو پنهنجي پهرين مقرري جي دور ۾ هو حيدرآباد مان پنهنجي موٽر ۾ چڙهي مون وٽ ميرپورخاص آيو جو عمل هڪ سيشن جج لاءِ عام نه هو هو ته وڪيل جي گهر وڃي تاج محمد ابڙو جي اها خصوصيت هئي ۽ ان جي ذهن ۾ اهو ڊپ بنجيو ڪين هو ته ان جي هن عمل تي ڪو اعتراض ٿيندو هو سنگت ۽ دوستي ۽ ذاتي تعلق کي پروٽوڪول کان مٿانهون سمجهندو هو.

سيشن جج تاج محمد ابڙو ساڳيو ئي ڪامريڊ دوست ۽ سياسي ساٿي هو. ايئن هو پنهنجي سڀني لاڳاپن ۽ دوستن سان تعلق قائم رکندو آيو انهيءَ ڳالهه کان انڪار ڪونهي تنهن جي انهي عمل تي ڪنهن به ڪا ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ جي همت نه ٿيندي هئي.

جڏهن ڪو دوست ڪنهن غلط فهمي سبب ناراض ٿيندو هو ته انهيءَ کي پاڻ لنگهي وڃي پرچائيندو هو. ايتري غير معمولي زندگي جي تجربن کان پوءِ به هو حياتي کي سونهن ۽ سوڀيا جو ويس سمجهندو هو ڪنهن ماڻهو سان شڪايت نه هوندي هئي هو هر ماڻهو کي سونهن ۽ ديا وارو سمجهي پيار ڪندو هو. هن ڪڏهن به ڪنهن سان شڪايت نه ڪئي هن زاتي طرح ايمانداري سان گڏ سچائي، سبتازي، سپتائي ۽ سٺائي سان پنهنجي جيئڻ جي ڍنگ سان شامل ڪري پاڻ کي مثالي بنايو. منهنجو ساٿ سدائين سندس مشغولين سان رهيو. تاج محمد ابڙو سچو سوشلسٽ ۽ سنڌ پرست هو. هن جو ڪردار هڪ مثالي ڪردار هو. هن جي هڪ جج طور حيثيت به Up to the Mark هئي هن جا فيصلا انصاف جي معيار تي پورا لهندا هئا.

تاج محمد جي ڪيل فيصلن جي ايپيليٽ ڪورٽن به سدائين قبوليت ڪئي ۽ ڪي به ريمارڪ نه ڏنا هئا هن جي انصاف ۽ عدل ۾ يقينن ساراهه جوڳو آهي. اسانجو دوست تاج محمد ابڙو هڪ سخي مرد، وطن دوست اوطاق هلائيندڙ مهمانواز، پڙهڻ لکڻ ۽ ڪتابن جي شوقين، قلم جي اهميت سمجهڻ وارو، روشن خيال پڙهيو لکيو وڪيل ۽ هڪ انصاف پسند جج هو.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۰ مارچ ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا