سائينداد ساند
اسحاق مڱريو
مٺيءَ جو اهو شھر، جنھن کي اسان
سڃاڻندا هئاسين، سو سٺ سيڪڙو ته تڏهن گذاري ويو هو، جڏهن ڀلي پار تان ڪويل جي ڪوڪ
صادق فقير جي لاڏاڻي جي خبر آئي هئي، سائينداد ساند جي موت، مٺيء جي ڪلاسيڪل تعارف
جي موت کي اڄ مڪمل ڪيو.
هڪ اهڙو شاعر، جنھن جو نه ڪتاب ڇپيو،
نه ڪنھن مشاعري ۾ ٻانهون کنجي شعر پڙهندي نظر آيو، نه هن کي پبلڪ رليشننگ ۾ ڪا
دلچسپي هئي، نه ڪنھن اخبار۾ هن جو انٽرويو پڙهيوسين، نه ڪنھن رسالي هن جو نمبر ڪڍيو...
پر اسان جي نسل جي دل ۾ هن سان ملڻ جي حسرت وڌي وڻ ٿيل هئي. سبب؟ سبب هن جا آهي حسين
۽ رومانس جي مٽيءَ ۾ ڳوهيل دليون ڌڙڪائيندڙ غزل هئا، جيڪي صادق فقير سنڌ جي هر
محفل ۾ وڏي پيار سان ڳائيندو هو. “دردن جو داستانو، ڀلا ڪير ٿو ٻڌي” ۽ “دل کي ڌوڏيندڙ
هيء گهڙي آهي” ته هرهڪ کي برزبان هوندا هئا. پر اها اسان کي پوء خبر پئي ته فوزيه
سومري جو ڳايل هانءَ ۾ هٿ وجهندڙ غزل “ڪنھين هٿ هلايا ته ڳوڙها ڳڙي پيا” ۽ وحيد
عليءَ جو غزل “ڳاڙهو جوڙو پاتل هوندو” به سائينداد ساند جو ئي آهي. اياز گل کان
پوء هن جي همعصرن ۾ ايتري شھرت ٻئي ڪنھن شاعر جي غزلن کي نه ملي، جيتري سائينداد
کي ملي. پر پنھنجيءَ طبيعت جي ٻي پرواهيءَ سبب هن کي ان سان به ڪا گهڻي دلچسپي نه
هئي.
مٺيء جا اڌ نوجوان هن جا شاگرد
هئا، ان ڪري جنھن گھٽيء مان لنگهندو هو، هر ڪو هن کي ‘سائين سائين’ پيو ڪندو هو.
سمورو شهر هن جي محبت ۽ احترام ۾ ورتل هو. پر هو محبوبن وانگر بي پرواهه پيو گهمندو
هو. بلڪ لوڪ کان لڪندو نظر ايندو هو. هو شرميلي طبيعت رکندڙ، ڪنڊ ۾ جيئڻ وارو ۽ ميڙ
کان پري ڀڄندڙ شاعر هو. صادق فقير ۽ سائينداد ساند ئي آهي ٻه ڪردار هئا، جن کي مٺيءَ
جي هر گهر جو هر ڀاتي سڃاڻندو هو، ۽ هر گهر هنن جي مهمانيءَ ۾ خوشي محسوس ڪندو هو.
جڏهن هن جو پھريون شعري مجموعو “ڳوڙهن ڳالهايو” ڇپيو، ته ڏينھن اندر وڪامي ويو، ۽
پوءِ سالن جا سال اهو مجموعو ٿر ڪتاب گهر تي فوٽو اسٽيٽ ٿي وڪامندو رهيو. مون
پنھنجي ڪتاب صدا بي چين آهي جون فوٽو ڪاپيون به اتان ئي ورتيون هيون.
سائينداد هڪ گهٽ ڳالهائو، پر گهڻو
محسوس ڪندڙ شاعر هو. ماڻهن سان ملڻ کان لنوائڻ ۽ گهٽ ڳالهائڻ سندس شخصيت ۾ هڪ
پراسراريت به پيدا ڪري ڇڏي هئي. جڏهن ۲۰۰۱ ۾
منھنجو پهريون شعري مجموعو “صدا بي چين آهي” ڇپيو، ته ان جو مھورت سائينداد ٿر
ادبي سنگت پاران مٺيء ۾ ڪرايو هو،جيڪا هنن سنڌي ادبي سنگت جي ضد ۾ ٺاهي هئي. ان ڪتاب
جي صدقي اسان جي واقفيت دوستيءَ جي درجي کي پھتي. ان ڪتاب ۾ شامل نظم “ڇا تون ندي
آهي” هن کي بيحد وڻندو هو.
سائينداد سان پھرين ملاقات صادق
ڪرائي، جڏهن مٺيءَ ۾ رائچند راٺوڙ جي پھرين شاندار ورسي ملهائي ٿي وئي. ان رات
شديد بارش ۽ گجگوڙ پروگرام درهم برهم ڪري ڇڏيو. صادق ۽ مان پسڻ کان بچڻ لاءِ ڊوڙي
وڃي هڪ هوٽل جي ڇاپري هيٺان بيٺاسين، ته جيڪو شخص اڳ ئي اتي موجود هيو، سو
سائينداد هيو. اوندهه، وڄ، هوائن ۽ شديد بارش ۾ هن سان ملي دل ۾ بيٺل ملڻ جي حسرت
واري وڻ تي بھار چڙهي آئي. سائينداد سان آخري ملاقات مٺيءَ ۾ هڪ پروگرام ۾ شرڪت
وقت ٿي، جنھن ۾ هو آيو ته نه هو، پر اسان کي شهر ٻاهران هڪ هوٽل تي زبردستي روڪي
هن ماني به کارائي ۽ نصير مرزا سان يونيورسٽيءَ جي ڏينهن جون يادگيريون، ماٺيڻي اوٺي
جي خودڪشي، طارق عالم جي عشق سميت ڪئين موضوعن تي مزا وٺي ڳالهايو ۽ چرچا گهٻا به ڪيا.
اهڙي کليل ڪچھري ان کان اڳ سائينداد سان ڪڏهن نه ٿي. شايد ان ڪري به ته اها آخري ڪچهري
هئي.
ھاڻ جڏهن هن جي ڇڄڻ واري باهه
جهڙي خبر ملي آهي، تڏهن خليل ڪنڀار ۽ مان مريءَ جي برفن مان نڪري، اسلام آباد پهتا
آهيون. اڪيڊمي ادبيات جي رائيٽرس هائوس واري چنار جي ڇڻي ويل وڻ هيٺان بيهي، آسمان
۾ ٽمٽمائيندڙ ستارن کي ڏسي سوچيان ٿو، ڇا ڪنھن شاعر جي موت واري ڏينھن به فطرت
پنھنجو معمول تبديل نٿي ڪري سگهي؟ اڄ جڏهن مٺيءَ جي گڊي ڀٽ تان شھر آرتيءَ جي ٿالهي
نه لڳندو هوندو، ڇا تڏهن به آسمان جو ڏيئا ٻاري رکڻ ضروري آهي؟
سائينداد جو ئي
غزل، سائينداد جي نالي.
ھُو
روانو ٿي چُڪو - مُون اکيون پُوري ڇڏيون
ڪو
زمانو ٿي چُڪو - مُون اکيون پُوري ڇڏيون
تون جي
ناھين ڇا ڏسان تُون جي ناھين ڇو ڏسان
بس
بھاُنو ٿي چُڪو - مون اکيون پُوري ڇڏيون
مُون
کي آھي پنھنجي ھِن خُوش نصيبي تي خُوشي !!
غم،
ترانو ٿِي چُڪو - مُون اکيون پُوري ڇڏيون
ھھڙي
ھاڻُوء دؤر مٍ ڪوئي جاھل ئي جِئي
نيھن
نشانو ٿي چُڪو - مُون اکيون پُوري ڇڏيون
داد اھڙو
ماڻھَو ھو، جنھن جو متبادل نہ ھو
پر
دِوانو ٿي چُڪو- مون اکيون پُوري ڇڏيون
عشق
مُنھنجي تي چڙھي وقت جي واري وَئي
ڦَٽ،
فسانُو ٿي چُڪو - مُون اکيون پُوري ڇڏيون۔
پروفيسر سائينداد ساند
سگهارو شاعر ۽ استاد
ڀارومل امراڻي
سانوري رنگ ۽ سٻاجهي سڀاءُ وارو
شاعر جنهن جي شاعري ۾ ڳوڙها ڳالهائيندا آهن ۽ دل جي تاريخ لکبي آهي. جنهن جي ڪلا
صديون سميٽي ڪروکيتر جو ڪرڀ سنڌو ڌارا جي ڪنارن تي محسوس ڪندي آهي. جنهن جي قلم جي
‘ڪرڻ ڦل’ مان غم جي گلابن جو عرق ٽپڪندو آهي. جنهن وٽ شاعري جي ٻولن سان ٻڌندڙ جي
روح کي گرمائڻ جي سگهه آهي. جنهن جي شاعري کي واريءَ جي ڀٽن جي ديس ۾ ‘وهائو تاري’
جو ويس ڌارڻ اچي ٿو.جنهن جي شاعري مان معلوم ٿيندوآهي ته، درد کي لفظن ۾ ڪيئن
لهرائي سگهجي ٿو.
جنهن ڪوي سو دکن دردن، اڪيلاين
۽ اداسين مان گذري ڪوتا سان نڀايو آهي. روز جنهن جي روح ۾ پيار جو تاڙو تنواريندو
آهي. محبت جا مور ٽهوڪندا آهن. هُو قرب جي مينهن ڦڙي جي لاءِ واجهائي شاعري سان
رسول حمزا توف جي لفظن ۾ مخاطب ٿيندو آهي ته؛
“شاعري ڇا تون نٿي ڄاڻين ته آئون
توکي ڪڏهن به ترڪ نٿو ڪري سگهان، ڇا آئون پنهنجي زندگي ۾ ايندڙ خوشين ۽ پنهنجي
اکين ۾ اُٿلي ايندڙ ڳوڙهن جي درياه کان ڪيڏانهن ڀڄي سگهان ٿو؟”
هن کي پتو آهي ته مومل کان
سواءِ مينڌرو ڪجهه نه آهي. سارنگا جي سڪ بن سڏونت جو سارو پنڌ اڪارٿ آهي. ملير جي
مٽي جي تانگهه سان مارئي ابديت پاتي آهي.
سنڌي ٻولي جو هي سگهارو شاعر
سائينداد ساند جنهن جي شاعري جي ٻي مجموعي ‘دل جي تاريخ’ جو مهاڳ لکندي مون واضع
لفظن ۾ لکيو آهي ته؛’سائين سائينداد ساند جي شاعري جو سرور من ۾ ماڻڻ کان اڳ ۾
سندس اباڻي خطي ٿر جي لوڪ شاعري جي حسناڪي جو لطف دل ۾ اُتارڻ ضروري آهي. جنهن ۾
وطن سان محبت ۽ بيپناهه جماليات جا جذبا سمايل آهن،جنهن جو پرتوو هن جي شاعري تي
آهي.
۱. اڄ
صبح جو سوير تلاءُ جي ڀرسان ڏٺو، ته زمين جي ٽڪري کي ديوتا سجدو ڪري رهيا هئا، آئون
حيران ٿي ويس، مون اُها جاءِ وڃي ڏٺي، معلوم ٿيو ته تون اسر ويل پاڻي ڀرڻ ويئي
هئين تنهنجي پيرن تي جيڪا مهيندي لڳل هئي تنهن جا نشان اُتي هئا. ديوتا اُنهي پوتر
زمين کي سجدو ڪري رهيا هئا.
۲. رات
امراڻي ۽ ڍاٽ جي پاسي وڄ جي چمڪاٽ جهڙي روشني ٿي، آئون پرديس ويل هئس، مون پرديس ۾
اها روشني ڏسندي ڀانيو وسڪارو ٿر تي وريو آهي. انهي مهل نڪتس، وچ رستي ۾ هڪ واٽهڙو
گڏيو تنهن چيو ته مينهن ته نه وسيو آهي، ان وقت مون سوچيو ته تون شايد پينگهه لڏي
هوندينءَ تنهنجي بدن تان پولڪو پري ٿيو هوندو، جنهن جي اُهاءُ سان اها چمڪاٽ ٿي
آهي.
۳. اي منهنجا
پٽ اُٿ مٽي جي پڪار ٻڌ، هن قومي ويڙهه واري موقعي تي پري هٽندين ته منهنجي ٿڃ تو
لاءِ زهر برابر آهي.
۴. اي
سکي مون کي ڪانئرن جو پاڙو ڪڏهن پسند نه آهي، آئون انهن جوڌن تان ٻلهار وڃان جيڪي
سرن جو سودو ڪندا آهن.
۵. ملڻ ڀلو
آهي نه وڇڙڻ، ٻنهي کي ڇڏي ڏي، وڇڙندي مڇي مري ويندي آهي، ملڻ سان پتنگ موت جو کاڄ ٿيندو
آهي.’
سنڌ جي ڪڙم قبيلن ۾ سوڍا قبيلو
نامور قبيلو رهيو آهي. جنهن سچائي، سورهيائي ۽ سخاوت ۾ پاڻ ملهايو آهي. چارڻ ڪوي چوي
ٿو ته؛
ڪڇوا
جهالا ڪم ڌج، جگ سسوڏيا جو،
مڇري ڪو
جادم ملي، سوڍي سمهو نا ڪو.
(ڪڇوا، جهالا، ڪم ڌج (هجن) يا جڳ
جا (واکاڻيل) سسوڏيا نهار، مڇري جا جادم ملن، پر انهن مان ڪو به سوڍن جو ڪڏهن مٽ
نه ٿو ٿي سگهي.)
سنڌ جي سوڍن پٽن رحمڪي بازار جي
رڻ ۾ دودي سومري تان گهورڻ کان وٺي ٽلٽي ميدان ۾ جونجهارڪو جهيڙو مچائڻ تائين پاڻ
ملهايو آهي.هانسي سوڍي کان رڻمل سوڍي تائين تاريخ جا صفحا سچن سوڍن جي تاريخي ڪارنامن
سان ڀريل آهن. سنڌ جي ڪلاسيڪل توڙي جديد ادب ۾ ‘سوڍا’ لاکيڻا ڪردار رهيا آهن.
ساند قبيلو جنهن کي ٿري ٻولي ۾ ‘سائوند’
سڏيو ويندو آهي.سوڍا قبيلي جي پنجٽيهه شاخن مان هڪ شاخ آهي. چيو وڃي ٿو ته گجو راڻي
کان ٽي پيڙهيون اڳ ۾ ساوند سوڍو ٿيو هو. جنهن جو اولاد ساوند/ساند سڏجي ٿو.
نسل در نسل تلوار جي طاقت رکندڙ
سوڍن جي قبيلي ۾ ساند نک جي سڃاڻپ سنڌ ۾’تلوار ڌڻي’ کان وڌيڪ ‘قلم ڌڻي’ جي رهي
آهي. ڪوتا جي ڪاڪ جي راڻن ۾ ماما جمن دربدر، حليم باغي ۽ سائينداد ساند کان وٺي
حاجي ساند، انور ساند ۽ اسحاق ساند تائين ڪيترائي نامور نالا آهن. جن مڃتا جي مومل
کي ماڻيو آهي.
اسلام ڪوٽ لڳ ڳوٺ متاري ساند جي
رهواسي محمد حسن ساند جي پنجن پٽن ۾ سائين سائينداد ننڍو پٽ آهي.سائينداد کان وڏن ڀائرن
۾ لونگ، امام بخش، پيرڏنو ۽ منڱيو شامل آهن.سائين سائينداد ساند جي جنم تاريخ اسڪول
جي رڪارڊ مطابق پهرين مارچ ۱۸۶۰ع آهي.
جڏهن ته اصل ۾ سال ۱۸۶۱ع آهي.
سائينداد ساند پڙهائي ۾ ننڍپڻ کان وٺي ذهين رهيو آهي. پڙهائي جي لاءِ هن مختلف ڳوٺن
جي اسڪولن جو سفر ڪيو. تن ۾ جوگلار، وينجهڻياري، اسلام ڪوٽ، جوڳي مڙهي، فضل ڀنڀرو
۽ نئون ڪوٽ شامل آهن. ميرپورخاص جي شاهه عبداللطيف ڪاليج مان فرسٽ ايئر جو امتحان ڏيئي
انٽر جي لاءِ سچل ڪاليج حيدرآباد ۾ داخل ٿيو. ائين پڙهائي جو پنڌ ڪري سنڌ يونيورسٽي
جي اولڊ ڪئمپس ۾ پهتو. هن پرائمري کان وٺي ايم اي سنڌي تائين هن سدائين نمبر
کنيو.ايم اي سنڌي فرسٽ ڪلاس مان پاس ڪيائين.
سائينداد ساند پڙهائي جي ڏينهن
جي ساروڻين ۾ اڪثر فضل ڀنڀري جو ذڪر ڪندو آهي. جتي فقير شير محمد بلالاڻي ۽
سائينداد ساند گڏ رهندا ۽ پڙهندا هئا. نامور ڪهاڻيڪار، ڊراما نويس عبدالقادر جوڻيجو
۽ پريم شيواڻي استاد هوندا هئا. جيڪي نصاب سان گڏ ڪهاڻين، شاعري ۽ مصوري جي موضوعن
تي پڙهائيندا هئا. سائينداد ساند عبدالقادر جوڻيجي جو تذڪرو ڪندي ماضي ۾ ٽٻي هڻي ٻڌائيندو
آهي ته، عبدالقادر هڪ استاد کان سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر تائين ڪيئن سفر ڪيو آهي.
عبدالقادر جوڻيجي جو چاچو رمضان وقت جو ڏاهو ماڻهو هو. رمضان جي ڳالهين ۾ تشبيهون
منفرد هونديون هيون. عبدالقادر جوڻيجو به سائينداد ساند کي اهڙي ئي الفت سان
ساريندو آهي.
سائينداد ساند ۱۸۷۸ع کان ۱۸۸۶ع تائين سنڌ الاجي ۾ ملازم ٿي
رهيو. جتي سائينداد ساند جي بقول ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ ميڊم مهتاب اڪبر راشدي
کان لڪي شاعري جي فن تي ڪتاب پڙهندو هو. پر انهن ڪتابن مان حاصلات غير عملي هئي.
سنڌالاجي ۾ ماٺيڻو اوٺو هن سان
گڏ ڪم ڪندو هو. ڄامشوري ۾ سائينداد ساند عبدالقادر جوڻيجي، امداد حسيني، ستيه پال
سنتوش ڪامراڻي، الهڏتو وگهيي، نياز پنهور، قيس عالم ابڙي، ماٺيڻو اوٺي، ڊاڪٽر
پرويز پٺاڻ، نصير مرزا جي سٿ ۾ رهيو. سائينداد ساند کي طارق عالم ابڙو جڏهن ياد
ايندو آهي ته هُن جي لطيفن جون ڪهاڻيون مٺي ۾ دوستن کي ٻڌائي پاڻ کي سرچائيندو
آهي. ۽ ماٺيڻو به سائينداد جي من تان ڪيئن اتري سگهي ٿو. جنهن جي وڇوڙي تي هن اکيون
ابر جيان وسايون هيون.
۲۲ سيپٽمپبر
۱۸۸۶ع تي ڊگري ڪاليج مٺي سنڌي جي
مضمون جو ليڪچرار ٿي آيو.مٺي ڪاليج ۾ رهي هن ترقي ماڻي ليڪچرار مان پروفيسر جي
عهدي تي پهچي مٺي ڪاليج جو پرنسيپال پڻ بڻيو. ڊگري ڪاليج مٺي جو نالو نامور راڳي
صادق فقير جي نالي منسوب هن جي ايامڪاري دوران ٿيو. سائين سائينداد فيبروري ۲۰۱۷ع ۾ ڊگري ڪاليج ڏيپلو مان سرڪاري نوڪري تان رٽائر ڪيائين، پر هڪ استاد جي
حثيت ۾ اڄ به شاگرد ساٿين جو غير رسمي ڪلاس وٺي علم ونڊي رهيو آهي.
پروفيسر سائينداد ساند شعر چوڻ
جي شروعات انٽر ۾ پڙهڻ دوران ڪئي هئي. ڪيترن سالن تائين شعر لکي پوءِ ٽوڙي ڇڏيندو
هو. پر زندگي جو پهريون غزل هن کي پهرين پيار جيان ياد رهجي ويو؛
يادون
جاڳيون، سپنا جاڳيا،
اکين
اندر ڳوڙها جاڳيا.
‘ڳوڙهن ڳالهايو’ هن جي شاعري جو
پهريون مجموعو آهي. جنهن ۾ اهو غزل شامل آهي.هن غزل کي پهرين ڪريم فقير ڳايو. پوءِ
ٻين راڳين ڳايو. پر ڪريم پاري ننگر جي پوري اداسي ميڙي اهڙي پُر سوز آلاپ ۾ ڳايو
آهي جو ٻڌڻ سان محسوس ٿيندو آهي ته جين مندر ۾ سڏونت سارنگا ساري ڳائي رهيو آهي.
سائينداد ساند جهڙي طرح پهرين ڪتاب
‘ڳوڙهن ڳالهايو’ جي ڇپائي جي لاءِ راضي نه هو. پر دوستن دليپ ڪوٺاري ۽ ٻين جي گهڻي
اسرار آڏو ڪڇي نه سگهيو. اهڙي طرح ٻي شاعري جي مجموعي ‘دل جي تاريخ’ جي لاءِ پڙ ڪڍي
بيهي رهيو هو. پوءِ دليپ دوشي لوهاڻو ۽ آئون ڪنهن ريت هن کي راضي ڪري ويا هئاسين.
شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت تي هن روئي روئي بيت لکيا هئا. جيڪي سندس مجموعي ‘سنڌ ڪرو
کيتر جيان’ ۾ شامل آهن. صرف اهو ڪتاب ڇپرائڻ جي لاءِ شاعر پاڻ آماده هو، اميشا
پبليڪشن پاران دوست واشديو جاني ڇپرايو آهي. ‘دل جي تاريخ’۽ ‘سنڌ، ڪرو کيتر جيان’ جا
مهاڳ مون لکيا آهن. ‘سنڌ ڪرو کيتر جيان’ مجموعي ۾ پنجاهه کن بيت، هڪ وائي ۽ شهيد راڻي
جي يادگار تصويرن تي مشتمل آهي. آئون هن ڪتاب جو مهاڳ لکندي وڏي ڪرڀ مان گذريو
هوس.
ڌرتي
جي دامن ۾، سُتي منهنجي ڀيڻ،
دنيا بڻجي
نيڻ، روئي تنهن کي روز ٿي.
_
راڻي تنهنجي
رت مان، جُڙيا جيالا،
ڀالا
ئي ڀالا، سنڌ ڪُروکيتر جيان.
سائينداد ساند ڪلهه ڪاليج جي
هاسٽل جي ڪمري ۾ تنهائي سان ڳالهيون ڪندي سگريٽ تي سگريٽ دکائي رات آڌي ڌاري شاعري
سرجندو هو. هاڻي گدام ڪالوني جي ڀر سان پنهنجي ڀرئي گهر ۾ سج اڀرڻ جي پهرين لالاڻ
تي شعر لکي ٿو. پر اندر جون اڪيلايون، زماني جون تلخيون، ڳوڙها ۽ غم ساڳي ريت ساٿ
آهن. هن ڪڏهن اهو الڪو نه ڪيو آهي ته ڪير نقاد بڻجي شاعري کي فٽ پٽي سان ماپي رهيو
آهي ته ڪير نظرياتي نقطه نظر سان بال پين کڻي شاعري جي سٽن کي انڊر لائين ڪري رهيو
آهي. هن پنهنجي جذبن جو فطري ۽ بي ساخته اظهار ڪيو آهي. هن جي زندگي جي پوري سچائي
شاعري ۾ آهي.
منهنجي هڪ دوست شاعري تي ڳالهائيندي
مون کان سوال ڪيو ته؛ ڇا شاعري شاعر جي آتم ڪٿا هوندي آهي ؟مون بي اختياري سائين
سائينداد ساند جي شاعري مان ڪجهه شعر ٻڌائيندي چيو ته، سائين سائينداد زندگي جا
راز ائين سليا آهن. دل جي درري کولي نيڻ نهار کان وٺي تصورن جي ترورن تائين
خوبصورتي جي تلاش ڪندي جيڪي رومانوي رنگ پسيا آهن. سوچ ۽ لوچ ۾ فڪر ۽ نفسيات جا جيڪي
نوان نقطا نوٽ ڪيا آهن. تن کي شاعري ۾ پيش ڪيو آهي.
۸۰۽ ۸۰ جي وچ وارو عرصو صادق فقير ۽ ڪريم فقير جي اڀرڻ جو وقت هو، سائينداد ساند
جي شاعري کي پهرين انهن راڳين ڳايو آهي، پوءِ پوري سنڌ جي گلوڪارن جي ڳلي مان هن
جي شاعري گونجي آهي. فوزيه سومرو جي آلاپن ۾ سائينداد ساند جي شاعري ڏاڍي مقبول
رهي آهي؛ خاص طور ‘ڪنهن هٿ هلايا ته ڳوڙها ڳڙي پيا’ ‘ڪوته اهڙو هجي، ڳوڙها منهنجا
اگهي’، ‘مرڪندي مرڪندي جي تون مون سان ملين غم منهنجا خوشي ۾ بدلجي وڃن’، ‘وڇڙي وڃين
ٿو تون پر ياد ڪندين ڏاڍو’ جي ڪلامن جا ٻول آهن. صادق فقير جيان سائينداد ساند جي انهن
ٻولن ‘ ٽوليءَ مان ئي ٽاريو ٿا، دل پٿر جي ڌاريو ٿا،’ ‘دل کي ڌوڏيندڙ هي گهڙي آهي’
کي ڪير ڳائي نه سگهيو آهي. صادق فقير سائينداد ساند جي غزل ‘ جڏهن گهيري وڃي غم ڪو،
تڏهن مون ڏي هلي اچجان’ جي هڪ بند ۾ ‘ منهنجي مٺي جانان’ جا لفظ اهڙي مٺڙي آلاپ ۾ آلاپيندو
هو، جو ٻڌڻ سان اهي لفظ ڪوئل جي ڪوڪ وانگر من ۾ پيهي ويندا هئا. پيارو رجب فقير به
سائينداد ساند کي روح سان ڳائي رهيو آهي.
سائينداد ساند کي استاد حسين
فقير پڻ غضب جو ڳائيندو هو.سائين سائينداد استاد حسين فقير کان راڳ ۽ موسيقي سکڻ
جي لاءِ نئين هارمونيم ورتي. استاد هاسٽل جي روم تي سيکارڻ جو عمل شروع ڪيو هو،
پوءِ اهو سلسلو ڪيترا ڏينهن هليو؟سائين راڳ ۽ موسيقي جي مانڊاڻ کي ڪيترو سکي سگهيو
؟انهي ڳالهه جو مون کي پتو نه آهي پر مون سُر ۽ ساز سان هن جي پُراڻي پريت کي
ويراوير وڌ ڀيرا ڏٺو آهي.
منهنجي سائين سائينداد ساند سان
پهرين ملاقات ڪڏهن ٿي؟ چٽي طرح ياد نه آهي.پر اها ڳالهه ياد آهي ته ۱۸۸۷ع ۾ صادق فقير ۽ ڪجهه ٻين ساٿين پاران مٺي جي سراڻ ڪالوني ۾ جڏهن ‘وسڪاري
جي آجيان’جو ڏهاڙو ملهايو ويو هو، تڏهن ان پروگرام ۾ مون هڪ ‘وائي’ پڙهي هئي ان تي
سائين وڏو داد ڏيئي اتساهيو هو. ڪاليج ۾ داخلا جي پهرين ڏينهن تي سائين سائينداد ڪلاس
۾ اچي شاهه لطيف بابت اسان کان سوال پڇيا هئا. صحيح جواب ڏيندڙن ۾ آئون به شامل
هوس. ڪاليج جي پڙهائي دوران ڪلاس روم کان سائين سائينداد جي هاسٽل جي ڪمري تائين
علم، ادب، شاعري، ۽ زندگي جي مختلف قدرن تي روز ڪچهريون ٿينديون رهيون.ڪڏهن ڪڏهن آڌي
اسر جو پتو نه پوندو هو. هڪ سرد سياري ۾ ڪچهري ڪري سائين جي ڪمري مان اٿياسين مون
وٽ ڪوٽ نه جرسي. سائين سائينداد ساند پنهنجي اجرڪ ڏني، اوڍي گهر آيس. اجرڪ ڀلي
هئي. اهڙي اجرڪ ان وقت خريد ڪرڻ منهنجي وس ۾ نه هئي. ٻي ڏينهن شام جو سائين کي اجرڪ
واپس ڏيڻ کان اڳ ۾ اجرڪ ڪلهن ۾ وجهي شهر مان ٻه چار چڪر لڳايا هئا.
سائين سان جڏهن به ملبو آهي، ساڳيو
مان مرتبو، عزت احترام، ساڳي حجت ڀريو انداز رهندو آهي.سائين تمام گهڻي حساس طبيعت
جو مالڪ آهي.زماني سازي جي دستور وڌيڪ دل جي چوڻ تي هلندو آهي. پنهنجي شاگردن جو خاص
خيال رکندو آهي. سائين سائينداد ساند چوندو آهي ته ماڻهو ‘ڊي ڪلاس’ رهي سگهي ٿو پر
‘ڊي گريڊ’ ٿي ڪڏهن نه، ان ڪري سائيداد ساند ‘انسلٽ’ ڪڏهن برداشت نه ڪندو آهي.هن وٽ
فنڪارانه انا آهي.
ڪاليج ۾ ان وقت جو پرنسيپال
سائين ريجهو ڪرشناڻي هوندو هو. ڇا ڳالهه ڪجي سائي ڪرشناڻي صاحب جي! گريٽ ماڻهو هو.
منهنجو تمام گهڻو خيال رکندو هو. اسان ڪجهه شاگرد دوستن سائين ڪرشناڻي صاحب کي ڪارونجهر
جو سير ڪرائڻ جو عرض ڪيو. سائين سائينداد اسان جي مڪمل طرفداري ڪئي. اسان سان گڏ
هليو. پارڪر جو پورو پٽ گهمياسين.
مون سائين جي لائبريري جا اڪثر ڪتاب
پڙهيا آهن. سائين جي ويجهڙائپ جي ڪري ڪاليج جي زماني ۾ ڪاليج جي لائبريري جا ڪتاب
پڙهڻ جو وڏو موقعو مليو. ٿر ۾ جديد ادب ۽ ترقي پسند فڪر جو وڏو ترجمان رهيو آهي.
‘ٿر سيمنار’ کان پوءِ ترت مٺي ۾
سائين سائينداد ساند سان رهاڻ جو وڏو پروگرام ٿيو. اهو پروگرام سائين جي شاگردن ڊاڪٽر
لال لهاڻي، ڊاڪٽر سريش مکي، ڊاڪٽر ڪشور کتري، واشديو جاني ۽ ٻين رکيو هو. اهو
فوزيه سومرو جي عروج جو زمانو هو.ان پروگرام جي رڪارڊنگ پپو ڪوٽڪ وٽ سنڀالي رکيل
آهي.
سائينداد نثر تمام ٿورو لکيو
آهي پر خوبصورت لکيو آهي. ڪتاب ‘خيالن جا پکي’ سائينداد ريڊيو اسڪرپٽ، تقريرن ۽ انٽريوز
جو مجموعو آهي. سائينداد جو ريڊيو پروگرام مشهور ۽ مقبول رهيو. سائينداد ساند جو لکيل
هڪ ڪتاب’ ٿر جي ادبي تاريخ’ اڻ ڇپيل آهي. سائين سائينداد هڪ روزاني اخبار ۾ ڪالم لکڻ
جو سلسلو شروع ڪيو هو پر ڪجهه ڪالمن کان پوءِ ڇڏي ڏنائين.
سائينداد ساند جڏهن ڪاليج جو
پرنسيپل ٿيو ته مون پنهنجن ساٿين شهاب نهڙيو ۽ ناشاد سمون سان گڏجي آجياڻي جو مٺي
پريس ۾ پروگرام ڪرايو. سائين سائينداد پروگرام جي لاءِ راضي نه هو پر پنهنجي شاگرد
۽ دوست جي هجت کي جواب ڏيئي نه سگهيو.
سائين جو ڀاءُ امام بخش راڄ
نيتي جو رڄ مڙس هو. امام بخش جڏهن مٺي سائينداد ساند سان ملڻ ايندو هو ته سٺي ڪچهري
ٿي پوندي هئي. راڄ ڀاڳ جا قصا، ڪهاڻيون، ٿر جي سماجي معاشي صورتحال تي تذڪرو ٿيندو
هو. ڳجهارتن ۽ بيتن جي ڏي وٺ به ڪڏهن ڪڏهن سرس ٿي پوندي هئي.
مون لکڻ هاءِ اسڪول ۾ پڙهائي
دوران لکڻ شروع ڪيو هو. پر شاعري جي بحروزن بابت سکيا سائينداد ساند ورتي.ان کان اڳ
۾ تاج جويي جي ڪتاب ‘سنڌي گيت’ کي پڙهي ڇند وڌيا تي شعر سرجڻ جي جستجو ڪندو هوس.پر
آئون ڏڏ جو نه بحر وزن کي ڀرپ ۾ ڀري سگهيس نه ڇند وڌيا کي.
منهنجي نامور ڪهاڻيڪار ۽ ناول
نويس علي بابا سائين پهرين ملاقات سائينداد ساند جي وليمي دعوت ۾ ٿي هئي. سهڻي
شاعرحسن درس، نصير مرزا، ساغر سميجي ۽ بخشڻ مهراڻوي سان به سائينداد ساند ملايو.
سائين سائينداد ساند بلبل کورواهي جو تمام وڏو احترام ڪندو آهي. بلبل کورواهي جي
شاعري هن کي پنهنجي شاعري جيان ياد آهي. بلبل سان مکا ميلو به سائين سائينداد جي
طفيل ٿيو . حيدرآباد جي هڪ اخباري دفتر ۾ ڪم ڪرڻ دوران جڏهن مهان ڏاهي ابراهيم جو
انٽرويو ڪرڻ جو موقعو مليو. تڏهن جويي صاحب خوش خيريت کان پوءِ پهرين سائين
سائينداد ساند جي شاعري بابت ڳالهه ڪئي هئي. آئون ايم اي سنڌي جي زباني امتحان ۾
مون کان گهڻو سائينداد ساند جي شاعري ۽ شخصيت متلعق پڇيو ويو.
سائين سائينداد منهنجو تمام گهڻو
خيال رکندو آهي. سائين مون سان ملهايل شام جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو ته، ‘آئون
پنهنجي زندگي جي چئن ڪرڻن مان هڪ ڪرڻو ڀارو دوستي جو سمجهندو آهي.’ سچ ته اها
سائين جي وڏائي آهي. آئون ته ايترو لهان نٿو. ڏک سک ۾ اسين هڪ ٻي جي هڪ هڪل تي گڏ ٿيا
آهيون، مرڻي پرڻي جي ريتن رسمن ۾ ڀائرن جيان شرڪت ڪئي آهي.
مون جڏهن هفتوار ٿر نيوز اخبار ڪڍي
تڏهن به سائين سائينداد جو مڪمل ساٿ رهيو. مسلسل پنج سال ‘ ٿر نيوز جي سفر ۾ سائين
اسان جي رهنمائي ڪئي.
‘ماٿاري ماٿي موريڙو ٻولي،
مانرو هينئڙو هچڪولي’ جهڙي شاهڪار لوڪ گيت جو سرجڻهار پروفيسر سائينداد ساند ٿر ۾
گهري نگاهه ۽ اعليٰ حوصلي سان زندگي جا قدر طئه ڪري رهيو آهي. سائين سائينداد ڄامشوري
جي دور کان وٺي سنڌي ادبي سنگت جو سرگرم ڪارڪن رهيو آهي. مٺي ۾ ڪيتري وقت تائين مٺي
شاخ جي گڏجاڻي سائين جي هاسٽل واري روم تي ٿيندي رهي. سائين شاخ جو مختلف وقتن تي
سيڪريٽري پڻ رهيو آهي.
سائين سائينداد ساند کي ڏسي مون
کي سدائين غالب جو شعر ياد ايندو آهي ته؛
نه
جانوُ نيڪ هون يا بد هون، پر صحبت مخالف هي!
جو گل
هون تو هون صحرا مين، جو خس هون تو هون گلشن مين.
صحرا جي دامن ۾ ٽڙيل گل جهڙو
شاعر خوشبوءِ جيان اڪيلو آهي. پنهنجي مٽي تي منفرد آهي.هن لڙڪن جو عرق لفظن ۾ آڻي ڪوتا
کي پياري رهيوآهي. ۱۸۸۸ع جي
زماني ۾ سائين جي شاعري جو مسودو هاسٽل جي
ڪمري مان چوري ٿي ويو. جنهن جو ارمان هن کي اڄ به آهي.
آخري حصو؛ مون سائين سائينداد
ساند جي شاعري تي اڳ ۾ ڪافي لکيو آهي. خيالن جا پکي ۾ نثر جو جائزو پيش ڪري چڪو
آهيان. هن خاڪي ۾ سائين جي شخصيت ۽ شاعري تي لکندي دهراءٌ کان بچڻ جي ڪوشش ڪئي
آهي. هن خاڪي سان ڪيترو نڀائي سگهيو آهيان اهو پڙهندڙ فيصلو ڪري سگهن ٿا. مون
سائين جي شاعري ۽ شخصيت کي جيئن محسوس ڪيو آهي. ائين لکيو آهي. ڪافي ڳالهيون رهن ٿيون.
انهن جو تذڪرو ڪنهن ٻي ڀيري ڪبو . ڪنهن دور ۾ سائينداد ساند پنهنجو هي غزل بار بار
ٻڌندو هو.
رات
گذري وڃي ته ڏاڍو سٺو،
ياد
وسري ته ڏاڍو سٺو.
اڄڪلهه نجي ڪچهري ۾ پنهنجي دوست
خالق درس کي حسن درس جا ٻول ترنم ۾ ٻڌائڻ جي بار بار فرمائش ڪندو آهي.
هڪ ڏيک
يادگيري هڪ شام جو تصور،
کڙندڙ
گلاب آهي هڪ نام جو تصور.
(ڀارومل امراڻي جي ڪتاب ٿر ٿر
اندر ٿاڪ ۾ ڇپيل)
سائينداد ساند
۽ دروازو بند ٿي ويو!
خليل ڪنڀار
کليا
هوندا کليا هوندا سدا دروازا هن دل جا،
جڏهن
مون ۾ پوي ڪم ڪو، تڏهن مون ڏي هلي اچجان!
جڏھن سائينداد ساند مٺيءَ جي ڳلين
کي ڇلي جيئن پاتل هوندو هو، تڏھن اسين هن جي خوبصورت غزلن جي خوبصورت ڪردارن کي ڏٺي
سڃاڻندا هئاسين. اڄ به جڏھن آئون سندس غزل
ڪنهن هٿ
هلايا ته ڳوڙھا ڳڙي پيا
اوهين
ياد آيا ته ڳوڙھا ڳڙي پيا
ٻڌندو آھيان ته مون کي دُور ديس
کان مٺي بدلي ٿي آيل ٽيليفون آپريٽر جي اُھا بي انتها حسين ڌيءَ ياد ايندي آھي،
جنهن مٺيءَ مان وڃڻ ويل ايس آر ٽي سي بس جي دريءَ مان پنهنجي ڳوري ٻانهن ڪڍي لوڏي
هئي ۽ سائينداد ساند ٻارن وانگي ڍاڍون ڏيئي رُنو هو. اهو حادثو سائينداد کي سُڃاڻندڙ
سڀني ماڻھُن جي مٿان ريل جيان گذريو هو ۽ سائين سائينداد ان منظر کي پنهنجي غزل ۾
چٽيو هو:
کڻي
آئي برسات يادُون اوهان جون
کنوڻ
رنگ لايا ته ڳوڙھا ڳڙي پيا
هن جي مشھوري جو اهو عالم هو جو
مٺي جا ننڍڙا ٻار ۽ جوان مايون سائينداد ساند کي سڃاڻنديون هيون. هو مٺي شھر جو
شاعر هيرو هو.
سائينداد کي ماڻھُن کان، ڪچهرين
کان، محفلن کان ۽ هجومن کان ڊپ ٿيندو هو. هُو انتهائي تنهائي پسند ماڻھو هو. پاڻ
سان ملهائجندڙ شام واري ڏينهن ڪاليج جي هاسٽل واري ڪمري کي تالو هڻي گم ٿي ويندو
هو ۽ ماڻھو سندس غير موجودگي ۾ پيا سندس شاعري تي ڳالهائيندا هئا. هن جي شاعري جا
پهريان سامعين اسين هوندا هئاسين. صادق فقير جي صدارت ۾ ڪاڪي جهامن جي هوٽل جي کٽن
تي روز شام جو محفل سجندي هئي. صادق فقير اسان کان وڇڙي ويو. ان کانپوءِ اسين سڀ هڪٻئي
کان وڇڙي وياسين ۽ مٺي جو شھر اُردو جي هن شعر جيئن ٿي ويو ته،
ڪون
ديک ڀال ڪري اس گهر ڪي
روز اڪ
چيز ٽُوٽ جاتي هي
اسين جيڪي هڪٻئي جي اکين ۾
پرويا پيا هئاسين، اهي هڪٻئي کي ڏسڻ لاءِ سِڪي وياسين. هڪ ٻئي جي ڏُکن سُکن کان اڻ
ڄاڻ بي خبر ڪير ڪنهن جو حال ڀائي نه رهيو. آئون ۽ پيارو شواڻي هن جي شاعري جي ڪڏھن
ڪڏھن پئروڊي به ٺاهيندا هئاسين. ٻه چار ڏينهن جي رُسامي کانپوءِ پيرن تي هٿ رکي
پرچائيندا هئاسين.
تنهنجي
در تان جو به اُڏاڻو
پنڇي
پر ۾ ويٺاسين هئاسين
تون جي
ڳولين ها ته پرين
وارن
ور ۾ ويٺا هئاسين
انهيءَ غزل جي پئروڊي لکي کيس ٻڌائي
سين:
پوڙھا ڪنوارا،
مٿان سيارا
انهيءَ
عمر ۾ ويٺا هئاسين
سائين اسان کان رُسي ويو. هُو هڪڙو
رُسڻو ماڻھُو ۽ معصوم رُوح هو. هن کي رُسي پرچڻ ۾ قرار ملندو هو. سائينداد ڪڏھن، ڪٿي،
ڪيئن ۽ ڇو رسندو، ان جي ڪا به خبر نه هوندي هئي. ملڻ ۾ وڏو وقت لڳي وڃي ته سمجهبو
هو ته سائين ناراض آھي. هن پنهنجي سڄي حياتي ۾ سليقي سان صرف شاعري ڪئي، باقي هر
لحاظ کان بي ترتيب ئي رهيو.
ڪنهن ڏنا
غم ۽ ڪنهن ڏنيون خوشيون
هاڻ
وسري وڃي ته ڏاڍو سُٺو
هڪڙي ڀيري آئون ۽ کاٽائو جاني ٿر
ڪتاب گهر جي بئنچ تي ويٺا هئاسين. سائين سائينداد آيو. اسان کي اورانگهي ڪشور کان
سامان وٺي واپسي ۾ به بغير نهارڻ جي هليو ويو. کاٽائو مشڪيو. مون کاٽائو کان پڇيو
ته سائينءَ ايئن ڇو ڪيو؟ ته کاٽائو چيو ته، ايئن ڪرڻ سبب ئي پاڻ کيس ڀانيون ٿا. جي
ايئن نه ڪري ته هو سائينداد مان هڪڙو عام ماڻھو ٿي وڃي. اها ادا ئي هن کي منفرد بڻائي
ٿي. هن مون کي سدائين دعائون ڏنيون ۽ منهنجي لاءِ سدائين دعائون لکيون.
خليل
شال خوش ھوئين، ڪومائين نه ڪُنڀار
توسان
منهنجو پيار، ٻُڌائڻ کان ٻيڻو ٿيو
سائين سائينداد ساند اگهو ٿي
پيو آھي ته سنڌي غزل جي اڱڻ تي چوڙيلي ٻانهن واري لوڏ سان هلندڙ من موهيندڙ غزلن
جي تخليقڪار لاءِ مٺي جو سڄو شھر دُعا پيو هو پر هو اسان جي هٿن مان ڪري پيل دعا
بنجي ويو.
اکيون
انتظارن ۾ آھن، اجهو ڄڻ اچين پئي اچين پئي
وڌل ڦول
وارن ۾ آھن، اجهو ڄڻ اچين پئي اچين پئي
نه ڪا دعوا، نه ڪي لشڪر. نه ڪي
نعرا، نه ڪي تڪرار. هُن بس پنهنجي شاعري وسيلي ئي زنده رهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ھو
پنهنجي ڏات جي ڪرشمي سان هر اسٽيج، هر محفل ۽ هر رهاڻ ۾ پڙھيو، جهونگاريو ۽ ڳايو
ويو. سندس غزل زبان زد عام رهيا. ڌنارن جي بانسرين ۾ وڄندا رهيا،ٻانهارين جي جهرمٽ
ڳايا ويا ۽ ڳائڻن جي صدا ۾ گونجندا رهيا ۽ هر پيار ڪندڙ ماڻھُو جي اظھار جو حيلو
وسيلو بڻيا.
هن ڪڏھن به شاعر ٿيڻ جي سازش ۾ ڪنهن
کي ٺونٺ ڪو نه هنئي، ڪنهن کان مدد ڪو نه طلبي، ڪنهن تي اُلر به ڪانه ڪيائين. هن بس
غزل لکيا ۽ ڇا ته غزل لکيا:
ولي ٿيندي
ٿيندي ٿي شاعر وياسين
ڪري ڀي
ڪرامت ڪري تو نه ڄاتي
اسين خوش نصيب آھيون جو اسان کي
هن جي دعائن جي اوٽ ۾ رهڻ جو موقعو مليو. اسان هن جي شاعري جا پهريان سامعين
رهياسين. اسان هن جي شاعري جي هڪڙي هڪڙي سٽ جي پويان موجود واردات جا واقف ڪار
آھيون. اسين هن جي خوبصورت شاعري ۾ موجود خوبصورت پَرين جي روپهري ٻانهن ۾ پاتل ڪنگڻن
جي واڄي کي ٻڌي سگهڻ وارا خوشنصيب آھيون.
اسين ڇورا
ڇنا، گهر گهاٽ بنا
ڄڻ ڪي
هُلندڙ ھوائون
اسان
جون مائون نه محبوبائون
سائينداد ساند پنهنجي سڀاءُ،
زندگي گذارڻ جي طور طريقن ۽ پنهنجي حسين غزلن ۾ هر لحاظ کان، هر زاويي کان بس شاعر
رهيو، جيئن شاعر هوندا آھن تڪرار کڙا ڪري شاعر ٿيندڙ زماني ۾. هن صرف ۽ صرف شاعري
لکي.
ايڏو
رُوئندو نه ڪري ايڏو رلندو نه ڪر
ڪوئي
مون کي چوي ڪو ته اهڙو هجي
اڄ مٺي هڪڙي حسين شاعر کان
محروم ٿي وئي. هن پنهنجي زندگي کي ڀرپور گذاريو، حسين شاعري لکي. مٺي جو گيتن ڀريو
تعارف بڻيو ۽ اڄ گذاري ويو. پنهنجي آسپاس موجود وڏن ماڻھُن سان ننڍڙا ننڍڙا حساب
نه ڪندا ڪريو. توهان نٿا ڄاڻو ته اُهي جڏھن هليا ٿا وڃن ته ڌرتي جي جهولي خالي ٿي ٿي
وڃي.
خدا حافظ سائينداد ساند!
(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۲ فيبروري ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)
سائينداد ساند
اڃان ياد آهن، گهڻيون
تنهنجون ڳالهيون
مشتاق ٽانوري
جيئن دنيا جو تخليقي تصور، عورت
جي موجودگي کانسواءِ اڻپورو آهي. بلڪل ايئن علم ۽ ادب جي دنيا، شاعريءَ جي تصور
کانسواءِ اڻپوري آهي. شاعري جي جھان ۾ سنڌي شاعري لطيف سائين، شيخ اياز، نارائڻ
شيام، استاد بخاري، تاجل بيوس ۽ ٻين ڏات ڌڻين جي تخليقي سگھه سبب ڪنڌ کڻي بيٺل
آھي. سنڌي شاعريءَ ۾ اهڙيون کوڙ ساريون نيون صنفون متعارف ٿيون آهن، جيڪي سنڌي ٻوليءَ
۾ سنڌي شاعريءَ جي روپ طور ضم ٿيون آهن. انهن ۾ غزل واري صنف پڻ شامل آهي. غزل کي
جيتوڻيڪ فارسي ادب جو مک محرڪ سمجهيو وڃي ٿو، پر حسن جي سورن ماڻ، ماپن سان سرجندڙ
غزل واري هن صنف سنڌي شاعريءَ ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن. غزل جهڙي نازڪ ادبي صنف
جو ذڪر، ٿر جي وارياسين ڀٽن سان تعلق رکندڙ سائينداد ساند جي ذڪر کانسواءِ اڌورو
آھي.
جديد سنڌي شاعري ۾ غزل جو سھڻو
شاعر ۽ استاد، سائينداد ساند ۱۸۶۰ع ۾ ٿرپارڪر
ضلعي جي مٺي تعلقي جي ڳوٺ متاري ساند ۾ محمد حسن ساند جي گهر ۾ جنم ورتو. شروعاتي
تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ بعد مئٽرڪ نئون ڪوٽ هاءِ اسڪول مان ۱۸۷۶ع ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين ۽ ۱۸۸۵ع ۾
ايم. اي (سنڌي ادب) فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان حاصل ڪري،
عملي زندگيءَ جو آغاز ليڪچـرار طـور ۱۸۸۶ع ۾ ڪـيـائيـن.سائينداد
ساند ٻه دفعا گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مٺي جو پرنسپال ۽ هڪ دفعو ڊگري ڪاليج ڏيپلو جي
پرنسيپال جي عهدي تي رهي چڪو آهي ۽ هن مختلف وقتن تي تعليم ۽ تدريس جي عمل ۾ ڪاليج
جي هزارين شاگردن کي علم سان روشناس ڪرائي ۲۸ فيبروري ۲۰۱۷ع تي رٽائرمينٽ ورتي.
سائينداد ساند غزل سميت شاعريءَ
جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي. سندس شاعري مختلف اخبارن توڙي علمي ۽ ادبي رسالن ۾ ڇپجي
چڪي آهي. سندس شاعريءَ ۾ عوامي رنگ وڌيڪ نمايان آهي، اهوئي سبب آهي، جو هن جي
شاعري ڪيترن فنڪارن ۽ فنڪارائن ڳائي خوب داد حاصل ڪيو آهي. سائينداد ساند جا گيت ۽
غزل عوام جي دلين جي ترجماني ڪن ٿا. پنهنجي مزاج ۾ انتھائي گھڻو نفيس ۽ حساس طبعيت
رکندڙ ھي اھو شخص آهي جنهن جي شاعري عام لوڪن جا ماڻهو به فوزيا سومرو، صادق فقير،
الھڏنو جوڻيجو، ڪريم فقير، رجب فقير، رفيق فقير ۽ ٻين جي آواز ۾ وڏي دلچسپي سان ٻڌن
ٿا ۽ سنڌ جو پڙھيل لکيل طبقو پڻ ھن جي شاعري جو مداح رھيو آهي. سائينداد سنڌ جي
علمي ادبي لڏي ۾ ھڪ غير تڪراري ماڻھو رھيو. ھو پنھنجي شخصيت جي جوھر ۾ ھڪ خوددار
شاعر من موجي ماڻھو ھو. ھن جي شاعري ۾ ھڪ وسيع انسپائيريشن ھئي. ھو سنڌي ٻوليءَ جو
پختو شاعر ھو، کيس شاعري جي ھر صنف تي چڱو خاصو دسترس حاصل ھو. ھڪ نقاد جي حيثيت
سان سنڌي شاعري جي ھر صنف تي خوبصورتي سان ڳالهائي سگهي پيو. کيس خبر ھئي ته سنڌي
شاعري جي جدت جا رنگ ڪھڙا آهن ۽ ھن وقت سنڌي شاعري جو معيار ڪھڙي موڙ تي بيٺل آهي.
سائينداد ساند جي شاعري جا اڪثر گيت ۽ غزل موسيقي جي رڌم جي تسلسل ۾ آهن اهو ئي
سبب آهي جو سندس گيتن کي سرن جي آلاپ ۾ سموئڻ ڪنهن فنڪار لاءِ ايترو مشڪل ڪونهي.سائينداد
ساند سنڌي ٻولي جو سگهارو شاعر ھو.
سندس شاعريءَ جا ٽي مجموعا “ڳوڙهن
ڳالهـايــو” “سنڌ ڪُروکيتر جيان” “دل جي تاريخ” ڇپجي پڌرا ٿيا آهن. ان کان سواءِ
سندس نثري خيالن ۽ انٽرويوئن تي مشتمل ڪتاب “خيالن جا پکي” پڻ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي.
ٿر واسي پروفيسر سائينداد ساند
کي آنڊي جي تڪليف سبب ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي آنڊي جي آپريشن
بعد سندس طبيعت وڌيڪ خراب ٿي وئي. ماءُ ٻولين جي عالمي ڏھاڙي ۲۱ فيبروري ۲۰۲۴ع تي سنڌي ٻوليءَ جو سٻاجهو
شاعر سائينداد ساند ڪراچيءَ جي خانگي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
الائي ڇو
اسان کي وڻيون تنهنجون ڳالهيون
جتي ڀي
وياسين ڳڻيون تنهنجون ڳالهيون
اڃان
زندگي مان ٿڪا ڪونه آهيون
اڃان
ياد آهن، گهڻيون تنهنجون ڳالهيون
(ڏھاڙي ھمسري حيدرآباد آنلائين
۾ ۲۴ فيبروري ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)
سائينداد ساند
ڳوڙھن ۽ ٽھڪن جو شاعر وڇڙي
ويو!
ديال صحرائي
زندگي ۾ سڀ کان پھرين جيڪو ڪلام
ياد ڪيو ۽ دل سان ننڍپڻ ۾ ڪچھرين ۾ ڳايو اھو ھو “اوھين ياد آيا ته ڳوڙھا ڳڙي
پيا..” ھي ڪلام اھڙو مشھور ٿيو جو جيڪو به ڇوڪرو نئون سکندو ھو ته ھي ڪلام سولائي
سان ڳائي سگھندو ھو. فوزيه سومرو جا ڪلام ھونئن ئي ٿر جي ڳوٺن ۾ اڻپڙھيل ماڻھن کي
به ياد ٿي ويندا آھن. ھڪ ته شاعري سادي سَولي، ٻيو ٻولي عوامي ھوندي آھي، موضوع به
عوامي سطح جا ھوندا آھن ۽ وري ڌنون پڻ سَوليون ۽ وڻندڙ ھونديون آھن! سائينداد ساند
جو اھو مشھور ڪلام اسان وٽ جڏھن ننڍپڻ ۾ سجاڳ ٻار تحريڪ جون گڏجاڻيون ٿينديون
ھيون تڏھن سڀني ٻارن جي اھا خواھش ھوندي
ھئي ته پھرين منھنجو وارو اچي ته اِھو ڪلام ڳائي وٺان، متان ٻيو ڪير ڳائي نه وڃي!
سادي ٻولي اھڙو وڻندڙ ڪلام لکندڙ شاعر وڇڙي ويو! ھو ھروڀرو ڏکيا لفظ ٽُنبڻ واري
بيماري کان بچيل تخليقڪار ھو. سادي ۽ وڻندڙ ٻولي ۾ نوان ۽ نرالا خيال پروئيندو ھو.
سائين سائينداد ساند، صادق فقير
سان گڏ ٿر ڪتاب گھر تي بيٺو ھو آئون ڪو ڪتاب وٺڻ ويس، سائين سان ھٿ ملايو تڏھن
سائين صادق سائينداد ساند کان منھنجي باري ۾ پڇيو ته ھن کي سڃاڻين؟ سائين چيو نه ادا،
تڏھن سائين صادق منھنجو تعارف ڪرايو ته ھي پنھنجو پاڻ کي الائي ڇا ٿو ڏسڻ چاھي پر
آئون ديال صحرائي کي ھڪ آرٽسٽ ئي ڏسڻ
چاھيان ٿو! آئون تڏھن سنڌ يونيورسٽي جي
جيئالاجي شعبي ۾ پڙھائي ڪري رھيو ھئس. تڏھن سائين سائينداد وري ھٿ ڏنو ۽ چيائين ته
اسان جون اھڙيون ئي نيڪ تمنائون اوھان سان گڏ آھن! پوء سائين جتي به ملندو ھو،
انھي ياد کي تازي ڪندا ھئاسين!
ھن سڄي خطي جي ماڻھن کي تاريخ وڏا
ڏنڀ ڏنا آھن. ماڻھن جي پاڻي لاء اُڪير، تڙپ
۽ اُڃ جا قصا ته سڄي تاريخ جو پيٽ ڀري ويٺا آھن. اڃ انھن جو اڄ بي پيڇو نٿي ڇڏي.
اربين روپين جا آر او پلانٽ به ھاڻوڪن واڳ ڌڻين جي لَڇڻن جي ڪري ٿر جي ماڻھن جي اُڃ
گھٽائي ناھن سگھيا. ورھاڱي وارو تازو وڍ ته جيترو ھن وارياسي کي ڏنگي ٿو ايترو ڪنھن
به علائقي کي نٿو ڏنڀي. ھن بارڊر جي ڀرپاسي وارن ماڻھن کي ھر شعبي جي ماڻھن زھر جا
ڍُڪ آڇيا آھن. صحرا جي اينٿراپالاجي ۾ درد پرويا پيا آھن. اڪثر صحرائي ماڻھن جا
ھينئان پرڻ ٿيل ھوندا آھن! انھي صحرائي علائقي جي دردن جو سائين
وڏو ترجمان رھيو! ڪيترين ئي دلين جي احساسن کي منظوم ٻولي ڏني! جدائي،
رشتا، لڙڪ، محبت، نڀاءُ ۽ بي وفائي جھڙن احساسن جي وڪالت ڪندڙ لفظن کي پنھنجي غزلن
جي گود بخشي!
ھن پنھنجي زندگي کي خوب ملھايو.
ھن جي شاعري اڻپڙھيل کي به سمجھ ۾ ايندي ھئي ۽ ٻڌي دل سان واھ واھ ڪندو ھو ته وري
ادب تي پي ايڇ ڊي ڪندڙ شخص به ھن جي شاعري ياد ڪرڻ تي مجبور ٿيندو ھو! ھن جي غزلن
کي صادق جي آواز ۾ ٻڌڻ واري خواھش چانڊوڪي رات ۾ ٿر جي ڀٽ تي ويھي اُڀ ۾ چنڊ سان
مقابلو ڪندڙ تارو تَڪَڻ واري تمنا جھڙي ئي
خوبصورت لڳندي آھي! ھر شاعر غزل جو شاعر نٿو ٿي سگھي. سھڻا غزل لکڻ واري ڏات رياضت
سان سنڀالڻ ايئن ڏکيو آھي جيئن ٿر جي واري کي مُٺ ۾ سنڀالڻ ڏکي آھي! سٺو غزل باذوق
ماڻھو جي موڊ کي نيراڻي آرس موڙڻ کان وڌيڪ
چس ڏيندو آھي! سائينداد ساند جھڙا غزل سنڌي شاعري جا چند نالا ئي لکي سگھيا
آھن! پنھنجي علائقي جو ساءُ شاعري ۾ رچائڻ
۽ زندھ رکڻ جو ڏانءُ ھن وٽ ھو، ھن جا غزل ٿر جي مال جي اڃاري گھوري کي ٻني م پيل ڪوري
گھڙي جي ٿڌي پاڻي جھڙي تاسير ڏيندا آھن!
وڻن جي ٿڙھن تي لکيا پاڻ نالا
اھي ڪنھن مٽايا ته ڳوڙا گڙھي
پيا!
سادگي ھن شخصيت جو سينگار ھئي. ٻولي
کان وٺي شاعري پڙھڻ ۽ لفظن جي ادائگي تائين سائين جي شخصيت مان نوڙت، پنھنجائپ ۽ سچائي
بَکندي پيئي ھئي. سائينداد ساند کي ڪيترن ئي بھترين راڳين ڳايو. انھن. سڀني ڪلامن
مان جڏھن وحيد علي خان، “ڳاڙھو جوڙو پاتل ھوندو” ڳائيندو ھو ته ٻڌندڙن کي ڄڻ ته ساھ
کڻڻ وسري ويندو ھو. موسيقي سان پيار چَئوڻ
تي وڌي ويندو ھو، ڍولڪ جي تِيائي ۽ ٺيڪن تي آئيڊيئنس کي رقص ڪرائيندو ھو.
راڳي کي شاعري وڻندي آھي تڏھن
انھي کي ٺھڪندڙ ڌُن ترتيب ڏيئي سگھندو آھي. شاعري جڏھن پابند ھوندي آھي تڏھن
موسيقي ۾ رچاءُ ايندو آھي.صادق فقير سميت جن به ڳايو آھي عوام انھي کي پنھنجي دل ۾
جاء ڏني آھي. اھو ئي سبب آھي جو سائينداد ساند جي وڇوڙي تي ادب ۽ فن سان تعلق رکندڙ
ھر ماڻھو پنھنجي دل ۾ تڏو وڇائي ويٺو آھي ۽ ڏک جي اظھار ۾ سائين ۽ سندس پونئيرن
سان پنھنجائپ جا ڀاڪر آڇي پيو
(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۸ فيبروري ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا