سهيل سانگي
نامور صحافي ۽ ليکڪ
ڀارومل امراڻي
سنڌ جي نامور ليکڪ
اعجاز منگي پنهنجي هڪ ليک ۾ لکيو آهي ته: “سهيل سانگي جنهن به هنڌ هوندو آهي، ٿر
جون ڀٽون ۽ انهن تي چونئرا هڻي رهندڙ ٿري هن جي آس پاس رهندا آهن.”
اها حقيقت آهي ته
سهيل سانگي جي اندر مان ٿر ڪڏهن ٻاهر نڪتو به نه آهي. ٿر هن جي روح ۾ وسي ٿو. ٿر
جي لاءِ هن سندر سپنا ڏٺا آهن. جن جي ساڀيا جي لاءِ سياست کان صحافت تائين هن وڏو
پنڌ ڪيو آهي. پيڙائون برداشت ڪيون آهن. مون هن شخص کي ٿر جي لاءِ سوچيندي ڪڏهن
مايوس ۽ اداس نه ڏٺو آهي. هر گهڙي نئين اتساهه ۾ ٿر جي لاءِ اڳتي وڌيو آهي.
وسڪاري جا وڻندڙ ڪڪر
جڏهن ٿر جي سيمن کي سائو ويس پهرائيندا آهن، جڏهن پلر جي بوند موتي مثل محسوس ٿيندي
آهي. تڏهن سهيل سانگي ڪٿي به هجي، ٿر ڏانهن موٽي ايندو آهي. هڪ ڏينهن مٺي ۾ رهي
ننگرپارڪر هليو ويندو آهي يا عمرڪوٽ ۾ رات رهي اباڻي ڳوٺ جنجهي ڏانهن سفر ڪندو آهي.
جنجهي جي ڳوٺ ۾ چونئري واري اڳڻ تي لالٽين جي روشني ۾ هن کي ٿر گوتم ٻڌ جي گيان جي
پستڪ جهڙو لڳندو آهي. ٻڪري جي کير واري چانهه جي ڍڪ تي ياد ايندو آهي ته هن ڳوٺ ۾
رات جي پڄاڻي ۽ روشني جي شروعات جو سلسلو ڪيئن شروع ٿيو هو.پوءِ ڳوٺ جي نوجوانن کي
گڏ ويهاري ٻاروتڻ جي ساروڻين ۾ ٻڌائيندو آهي ته؛ ڪيئن ڏاڏي الهڏني ۽ ٻين ڪوششون وٺي
۱۹۳۶ع جي زماني ۾ ان وقت جي لوڪل بورڊ جي ميمبر ڳوٺ لوڻيون سما جي رهواسي
عبدالغفور سمي جي مدد سان پنهنجي هن ڳوٺ جنجهي ۾ پرائمري اسڪول کولايو هو. نئين
کليل اسڪول ۾ مبارڪ رند جي استادن سائين شير محمد ۽ گل محمد علم کي عام ڪرڻ ۾
پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪيو هيو.
مون جڏهن پرائمري ۾
داخلا ورتي هئي. تڏهن ٿر جي پنجاهه ڳوٺن ۾ اسڪول هوندا هئا. ڪانڪيو جي ڳوٺ جي اسڪول
به پراڻي آهي. سائين ساهو مينگهواڙ، سترام داس ۽ محمد ماکن راهمي جهڙ استاد ڪيئن ٿا
وسري سگهن. سائين سترام داس چاچي سچل کي به پڙهايو هو. چاچو سچل پنهنجي استادن جي
وڏي عزت ڪندو هو. پرائمري ۾ پڙهڻ دوران مون سائين سچل جي تياري هيٺ اسڪالرشپ جو
امتحان پاس ڪري نمبر کنيو هو تڏهن منهنجي خوشي جي ڪيفيت ڪهڙي هئي، ڇا ٻڌايان!؟ ڳوٺ
ڪيڏي غربت هئي پر ماڻهن وٽ ميٺ، محبت ۽ ماڻهپو هو. ميلن ۽ ملاکڙن جو عروج هيو. حيات
هاليپوٽو ۾ لڳندڙ جڙيل شاهه جي ميلي تي اسين اڪثر ويندا هئاسين. ڪڏهن ڪڏهن هيرار
جي ميلي ۾ پنڌ پهچي وڃبو هو. امان الله بانسري ۽ چنگ وڄائڻ جو ڄاڻو هو. دين محمد
اپلاڻي اٺ تي بيهي اٺ کي ڊوڙائيندو هو. لوڪ ڏاهپ واري هن فن تي ماڻهو حيرت ۾ ڏسندا
هئا. ڏاڏو حافظ ميگهه ۽ سندس پٽ سائين حاجي الهداد جنجهي تمام وڏا سگهڙ هئا. لطيف
سائين گهڻو ياد هوندو هو. ڪرنور جي ساهڙ ٿيٻي جي اچڻ سان سگهڙن جي ڪچهري مچي ويندي
هئي. ‘سر منڊل’ جي راند سان گڏ ‘ڪوڏي ڪوڏي،’ ‘گابڙي،’ ‘ونجهه وٽي،’ ‘نوکڻي’ ۽
‘شينهن ٻڪري’ جهڙيون رانديون ٿينديون هيون. سائين مگهن پري جڏهن پنهنجي ڳوٺ استاد ٿي
آيو هو تڏهن والي بال راند جي شروعات ڪرائي هئي، سينڌل، نعمت الله، مٿراداس، آئون
۽ ٻيا ساٿي گڏجي شام جو والي بال راند ڪندا هئاسين. سائين مگهن پُري کي انگريزي پڙهائڻ
جو وڏو شوق هوندو هو. هن اسان کي انگريزي گرامر تمام آسان نموني سيکاري هئي. سائين
سچل جي ڪوششن سان ڳوٺ ۾ نياڻين جي اسڪول کلي. سائين سچل جي جستجو سان انگريزي
پهريون ڪلاس شروع ٿيو هو. پوءِ مڊل اسڪول جو درجو مليو.ان اسڪول کي آباد ڪرڻ ۾
سائين سچل جنجهي ڪيڏي جستجو ڪئي هئي. اسڪول جي عمارت جي مرمت به چاچو سچل پاڻ ڪندو
هو. چاچي سچل ڪيئن ٻين ڳوٺن ۾ علم بابت آگاهي جي مهم هلائي هئي. ٻين ڳوٺن جا ٻار
مائٽن کي منٿ ميڙ ڪري وٺي اچي اسڪول ۾ داخل ڪرايا هئا. استادن ۽ ٻارن جي رهائش ۽
کاڌي پيتي جي لاءِ چاچي سائين سچل ڳوٺ ۾ مفت هاسٽل قائم ڪئي هئي.
ارجن لال سوٽهڙ،
عبدالصمد سنگراسي، بختاور سنگهه، محمد سليمان، آنٻارام کتري، ڌرمداس، محمد وارث
سنگراسي، پرڀو لال، پريم شيواڻي به هن اسڪول جا استاد ٿي رهيا. مڊل اسڪول کان هاءِ
اسڪول ٿيڻ تائين وڏو تاريخي سفر آهي. جنهن تي پي ايڇ ڊي ڪري سگهجي ٿي. اسان ٽن ڀائرن
محمد عرس، محمد اڪبر ۽ مون اٺون گڏجي پاس ڪيو هو، ان وقت هاءِ اسڪول نه هئي. بابا
سائين وٽ ٽن پٽن جي پڙهائي جو خرچو برداشت ڪرڻ جي توفيق نه هئي. اٺون پاس ڪرڻ کان
پوءِ هڪ سال آئون ڳوٺ ويٺو رهيس. واندڪائي ۾ ڄام ساقي جا آندل ڪتاب پڙهندو
هوس.تنقدي اڀياس لکڻ سان گڏ شاعري سرجڻ شروع ڪئي هئي، ڀٽائي ۽ شيخ اياز کي پڙهيو.
شيخ اياز جي وائي ‘عشق اسان وٽ آيو آرائين جيئن جهول ڀري’ ۾ ٿر جي پسمنظر ۾ڏنل
تشبيهن تي تنقيدي جائزو ‘نئين زندگي’ رسالي ۾ لکيو هو.
پوءِ ٻن ڀائرن
منهنجي لاءِ قرباني ڏني ته، پهرين تون پڙهه اسان بابا سائين سان گڏجي تنهنجي پڙهائي
جي خرچن جو بندوبست ڪنداسين. جنجهي کان ڇاڇرو پنڌ وڃڻو پوندو هو. ڇاڇري ۾ اتم چند،
تلجارام، پونم چند، چندن لال ۽ ٻيا استاد هوندا هئا. احمد علي ميمڻ هيڊ ماستر
هوندو هو. مون کي اها ڳالهه سدائين ستائيندي رهندي هئي ته پئسي نه هجڻ ڪري منهنجا ٻه
ڀائر پڙهي نٿا سگهن. مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ آئون وري ڳوٺ اچي رهيس. مون پڙهڻ تي چاهيو
پر غربت جي گهاڻي اها آس ٽوڙي رکي هئي. ڳوٺ ۾ ڪو ڌنڌو ڌاڙي نه هو. امان پريشان
رهندي هئي ته منهنجو پڙهيل پٽ هاڻي ڇا ڪندو، ڪا نوڪري نه ملي رهي هئي، جيڪا ان وقت
مئٽرڪ پاس ڪندڙن جو وڏو مقصد هوندي هئي.
ان وقت ڄام ساقي
حيدرآباد ۾ رهندو هو. اتي پڙهائي سان گڏ سياست ڪندو هو. هڪ ڏينهن امان ڄام ساقي کي
منهنجي نالي چيو ته هن کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃ، هي پڙهڻ چاهي ٿو. اتي پڙهائينس، ڄام
امان کي ورندي ڏيندي چيائين ته ڇوڪرو مون کي ڏئين ٿي ته وري مون کان واپس نه وٺجان،
نه ئي هن مان پئسن جي اميد رکجو پاڻهي پڙهي وڏو ماڻهو ٿي ويندو. پوءِ آئون ڄام سان
گڏجي حيدرآباد ويس.
ڳالهين جي گهير ۾
اوچتو ڪنهن جي روپ سروپ جي سار ڇرڪائيندي آهي ته، ٿڌو ساهه ڀري ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي
چوندو آهي ته، مون کي ٿر جي ٽاڪ منجهند وڻندي آهي. سڀاڻي منجهند ٽاڻي رهيل ڳالهه
کي اڳتي کڻنداسين. ’
محبت جي تصور ۾ لڙي
آيل لڙڪ هن جي ڳل تي منڊي جي هيري جيان چمڪندا آهن. لوڪ کان لڪي لڙڪ اگهي آسمان ڏانهن
نهاريندو آهي ته، ڳوٺ مٿان حسن جي پراسرار جلووي وارو چنڊ آريائي دور جي مقدس آڳ
وانگر لڳندو آهي. سوچن جي وڏي ٽٻي کان پوءِ چپن تي ڀڻڪو آڻيندو آهي ته، ‘ڇا هي چنڊ
رات جي پوئين پهر اچڻ تي لهي ويندو؟ جڏهن مون ڇاڇرو جي شهر ۾ سرنگهو تي چانڊوڪيءَ
نڇاور ٿيندي ڏٺي هئي، تڏهن مون کي ڌرتي تي چاهتن جي اهڙي چنڊ چندن جي ڪاٺ جيان
چيري منهنجي من کي مهڪايو هو. ڇا اڄ آئون شيخ اياز جي ٻولن ۾ پراڻي پريت کي نئين
ريت ۾ پڪاري سگهان ٿو ته؛
اچ اچ گهوري گهاءِ،
تو بن چين نه آئيو.
آڌي رات اڱار تي، منهنجا
انگ نچاءِ،
تو بن چين نه
آئيو.’
ماٺيڻي مرڪ وارو
شخص سيئنل يا سئنيو مان سهيل ڪڏهن ٿيو خبر نه آهي؟ پر سانگيءَ جو تخلص هن ان وقت
رکيو هو، جڏهن داخلي ۽ خارخي ڪيفيتن جي ٿيندڙ ڀڃ ڊاهه کان پوءِ پيدا ٿيندڙ احساسن
جي اظهار لاءِ هن ڪوتا ديوي جو پانڌ پڪڙيو هو.
هن وٽ سک هئا ئي ڪونه،
جو گهوري نڪري، هن وٽ نسلن کان ڏکڙا هئا. جن کي ڏونرن جي پسي ۽ ڳاڳين جي مٺاس جهڙي
ڏٿ بڻائي پنهنجي ڏات پالي. ورثي ۾ مليل لوڪ ڏاهپ ۽ ڪلا کيتر جي سنگم سان هن کي پتو
پيو ته ڪهڙن ويڻن تي اکڙين ۾ سرمو ۽ مانگ ۾ مگرا سڪي ويندا آهن! جهڙ ۾ جهيڻي باهه
جيان ڪُوڪر ڪونج ڇو ڪندي آهي؟ رڻ ۾ روجهه ڇوهه ڇلانگ ڏيئي ڇو ڇپي ويندا آهن! ڳاڙهيون
لونگيون ڪلهن مٿي رکي مارو ڪيئن هلندا آهن.
ٿر جي لوڪ گيتن ۾
هن نه صرف سانجهه جي جانجهه کي مرڪندي ٻڌو پر سونهن، سرت، چاهه، چانڊوڪي، خوشبوءِ،
خوشيءَ، اڃ اساٽ، دک، درد، آدرش ۽ اتساهه جا اهڃاڻ گونجندي ٻڌا. هن ان وهيءَ ۾
پختو ويچار ڪيو ته حالتن جي ڪاڪ محل جا سڀئي طلسماتي امتحان اُڪري پانڌ پسائڻ بنان
منزل جي مومل ماڻڻي آهي. انهي جي لاءِ هن پاڻ ۾ اهو ڳڻ پيدا ڪيو ته انسان ذات جي گڏيل
خوابن يعنيٰ بک ۽ بدحالي جي خاتمي، پيار جي پالوٽ، انصاف جي خاطري، آجپي جي
خوشخالي تائين عام ماڻهو سان گڏ رات جي اونداهي ۾ اڳيان، اڳيان ۽ ڏينهن جي سوجهري
۾ پويان پويان همسفر ٿي هلڻو آهي.
سهيل سانگي عمر جو
وڏو حصو سچ ۽ روشني جي عزت ڪرائڻ ۾ گذاريو آهي. سماج ۾ انهي ڳالهه کي عام ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي آهي. ته دنيا ۾ جهالت ۽ بي علمي سڀ کان وڏيون برايون آهن. جا ڳالهه اسان
پنهنجي لاءِ پسند ڪريون ٿا، اها ٻين لاءِ به پسند ڪريون.
آڪٽوبر ۱۹۵۰ع ۾ سچل جنجهي جي ڀاءَ محمد رمضان جي گهر ۾
جنم وٺندڙ سهيل سانگي ڄام ساقي جي سهڪار سان ۱۹۶۸ع تي حيدرآباد وٺي اچي ان وقت جي مشهور ڪتاب
گهر‘ قومي ڪتاب گهر’ تي سيلز مين طورلڳايو. ڪتاب گهر تي ڪم ڪرڻ سان گڏ هن مسلم ڪاليج
۾ فرسٽ جي داخلا پڻ ورتي.ائين پڙهائي جو به سلسلو جاري ٿي پيو. انٽر ڪرڻ پوءِ هن
سنڌ يونيورسٽي مان انگريزي ادب ۾ ايم اي ڪئي. ڪاليج ۾ سهيل جي داخلا ٿيڻ کان پوءِ ٻن
مهينن تي ڄام ساقي سهيل کي پروفيسر جمال نقوي سان ملايو. پروفيسر جمال الدين هن کي
مارڪسزم پڙهائڻ شروع ڪيو. هن جي ذهني تربيت تي ڄام ساقي، ڇگن لال چارڻ، قاسم پٿر،
باقر سنائي ۽ نثار حسيني جو اثر رهيو. ٿر جي ڳوٺ مٺڙيو چارڻ جي ڇگن لال هن جي تمام
گهڻي رهنمائي ڪئي، سياست ۾ سرگرم ٿيڻ سان گڏ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ به تحرڪ
سان حصو ورتو. حيدرآباد جي قومي ڪتاب گهر جي حيثيت اها هوندي هئي جو ان کي ماڻڪ سنڌ
يونيورسٽي کان پوءِ ٻي يونيورسٽي سڏيندو هو. روز دانشورن، اديبن، صحافين ۽
سياستدانن جو ڪتاب گهر تي اچڻ ٿيندو هو.
۱۹۷۰ع ۾ ڄام عام چونڊن ۾ حصو ورتو ته ڄام جي چونڊ مهم کي مجموعي طور تي نگراني
وسيم عثماني کي ڏني ويئي. سهيل کي ڇاڇرو چونڊ آفيس جو انچارج ڪري موڪليو ويو.
مقامي هجڻ جي ڪري سهيل ننگر جي چونڊ آفيس کي به مدد ڪئي. مسڪين جهان خان کوسو،
عالم چند ڪولهي، گهمن سنگهه ڀيل، سنڀو هميراڻي سميت مختلف تبديلي پسند اڳواڻن ڄام
جي سوڀ جي لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪيا. سوجي جي تڙ جي هڪ ميگهواڙ دوست تيجن چونڊ مهم جي
هڪ ڪارنر گڏجاڻي ۾ سهيل سانگي جو تعارف ڪرائيندي فخر سان چيو هو ته سهيل حيدرآباد
۾ ڪتاب گهر تي ڪم ڪري ٿو.
حيدرآباد اچڻ کان اڳ
۾ اڪثر ٿرين جيان ريل گاڏي به نه ڏٺي هئي. نذير عباسي چرچي طور چوندو هو ته،‘اهو
ماڻهو اسان کي سياست ۾ رهنمائي ٿو ڪري، جنهن ريل گاڏي به مئٽرڪ کان پوءِ ڏٺي آهي.’
شايد نظير عباسي کي اها خبر نه هئي ته هن ٿرئي کي پهريون ڀيرو جڏهن سائين سچل نارنگي
آڻڻي ڏني هئي ته کلن سُوڌي کائڻ شروع ڪئي هئي.
کاٻي ڌر جي سياست ۾
هن جي ذهانت هن کي جلد گهڻواڳتي وٺي آئي.سياسي سرگرمين جي رپورٽن ۽ ترقي پسند ادب
کي عام ڪرڻ جي لاءِ نڪرندڙ رسالي ‘پرهه ڦٽي’ جي ادارتي ٽيم ۾ سهيل سانگي جي اهم
ذميواري ڏني ويئي. پارٽي جي پريس رليز ٺاهڻ ۽ ٿر جي ڏڪارن ۾ ٿر جي صورتحال بابت
اخبار وارن آگاهه ڪرڻ جي جستجو هن کي ميڊيا جي ويجهو آڻي ڇڏيو. هن پنهنجي دوست ڊاڪٽر
جيوت سان گڏجي ٿري شاگردن جي گڏجاڻي ڪوٺائي ٿر جي ڏڪار ۽ ٻين مسئلن کي اجاڳر ڪرڻ جي
لاءِ مهم شروع ڪري مسڪين جهان خان کوسي جي ڪم ۾ هٿ ونڊايو. هن روزاني عبرت اخبار
جي ٽيم ۾ شامل ٿي ڪالمن ۾ ٿر جي ڏکن ڏاکڙن جي اظهار سان گڏ ٿري سماج جي ذهني،
شعوري ۽ نفسياتي عڪس کي اکرن ۾ آندو.
ايم اي انگلش ڪرڻ
کان پوءِ هن نوڪري جي ڳولها شروع ڪئي. هڪ دفعي ڪراچي ۾ ڪاليج جي ليڪچرار جي پوسٽ
جي لاءِ انٽرويو ڏيئي سهيل سانگي پنهنجي دوست ڪامريڊ سليم قاضي جي جاءِ تي ويو.
واپسي جي لاءِ سنڀريو ته قاضي چيو ته، آئون به حيدرآباد هلان ٿو، تون مون سان گڏ
هل. رستي ۾قاضي چيو ته ڪامريڊ تون نوڪري کي ڇا ڪندين !؟ آئون ‘سنڌ نيوز’ نالي
اخبار ڪڍان ٿو، اها جوائن ڪر. اخبار جون تياريون شروع ٿيون، شيخ عزيز ايڊيٽر هو، ٻي
نمبر تي اختيار سهيل کي ڏنا ويا، ٻنهي ڄڻن گڏجي پوري سنڌ جو دورو ڪيو. نمائندا چونڊيا.
ائين سهيل باقائده صحافت جو حصو بڻجي ويو. جيترو سياست ۾ سچائي جي ساک ٿي رهيو،
اوترو ئي هي صحافت جي پيشي ۾ پيشوراڻا روين جي سڃاڻپ بڻجي اڀريو.
۱۹۸۰ع ڌاري سياست جي سرڪشي ۾ هلندي ڪراچي مان پنهنجي دوست ڪمال وارثي سان گڏ
گرفتار ٿيو. ڄام ساقي اڳ ۾ ترم ۾ واڙيل هو. رهيل ساٿين مان نّذير عباسي، پروفيسر
جمال نقوي، شبير شر ۽ امر لال تائين سرگرم ساٿي سوگها ٿي چڪا هئا. جيل ۾ ڀٽائي جو
سر مارئي هر ويلي هن کي ويساهه ڏيندو هو ته، زنجير ٽٽڻ جي لاءِ هوندا آهن.جيل جي
ديوار کي دهل جي ٿاپ جيان وڄائي راڻليو لوڪ گيت ڳائي قيد جا ڪرڀ وساري ڇڏيندو هو. اياز
جي نظمن سان دوستن کي به آٿت ڏيندا هو ته:
نيٺ ته ٺرندا، ڪيسين
ٻرندا، ڏينهڙا!
پر ان وقت هن جو ڏيل
آڳ جيان ٻرندي محسوس ٿيو هو، جڏهن نذير عباسي جي وڇوڙي جي وارتا هن جي ڪنن تي پئي
هئي.
سهيل سورهن مهينا
قيد تنهائي جا ڪٽيا. مٿس ڪيس هلي پورو ٿيو، تڏهن ضمانت لاءِ شيخ علي محمد اهم ڪردار
ادا ڪرڻ سان گڏ، جيل مان ٻاهر نڪرڻ سان ئي، کيس ’سفير‘ اخبار ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏيئي،
روزگار جو بندوبست ڪري ڏنو.
سهيل جي شادي
حيدرآباد ۾ سياسي ڪارڪن ڪلثوم سان ٿي. سهيل جي ڃڃ به هڪ ٽانگي ۾ پهتي هئي.چاچي ڪلثوم
سهيل سانگي سان هر طرح نڀايو. سهيل جي ڏکين ڏينهن ۾ ٻارن جي پرورش کان وٺي ٿر مان
ايندڙ مهمانن جي ميزباني ڪرڻ تائين چاچي ڪلثوم پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. سهيل جي جيل
۾ هجڻ وارن ڏينهن ۾ ٿر ۾ ڏڪاار هو، چاچي ڪلثوم انجمن ترقي پسند خواتين جي پليٽ
فارم تان چندو ڪري ٿر ۾ کاڌي پيتي جو سامان ورهايو. ٿر جي ڪيترن نوجوانن سهيل جي
گهر رهي اعليٰ تعليم پرائي آهي. چاچي ڪلثوم گهر ۾ رهندڙ ٿري نوجوانن کي پنهنجي
اولاد جيان رکيو.
ٿورو کائڻ ۽ گهڻو
لکڻ، ٿورو سمهڻ ۽ گهڻو سوچڻ واري هن شخص جي سياست ۾ تربيت ڪئي ويئي، پر صحافت ۾ هن
ٻين جي تربيت ڪئي آهي. سنڌي صحافت ۾ مزاحمتي صحافت جو بنياد وجهڻ جي لاءِ تاريخ هن
جي ڪلهن تي وزن رکيو. هن جي صحافتي صلاحتن جي نکار شهرتن جي آڀي کي تڏهن رسي جڏهن سهيل
سانگي عوامي آواز اخبار جو چيف ايگزيڪٽو ايڊيٽر بڻيو. هن عوامي آواز جي نمائندگي
جي لاءِ ڪوشش ڪئي ته کاٻي ڌر جي ڪارڪنن انهن ساٿين کي موقعي ڏيئي صحافت ۾ آڻجي. جن
۾ مزاحمت جي سگهه وڌيڪ آهي.هن چونڊ ڪيل ساٿين جي صحافت جي لاءِ پيشوراڻا تربيت ڪئي.
ان وقت ف م لاشاري
۽ علي قاضي به سنڌي صحافت ۾ روزاني جاڳو ۽ روزاني ڪاوش جي پليٽ فارم تان جدت جي
جوت جلائڻ شروع ڪئي هئي. سهيل سانگي جي ميدان مچائڻ کان پوءِ صحافت جي ان ٽمورتي
سنڌي صحافت ۾ ائين سگهه ڦوڪڻ جي جستجو ڪئي، جيئن شينهن پنهنجي نئين ڄاول ٻچي ۾
سگهه ڦوڪيندو آهي. پر بدقسمتي سان اها ٽمورتي جلد ٽٽي پئي. ف م لاشاري روڊ حادثي ۾
گذاري ويو. سهيل سانگي به اخبار جي انتظامي معاملن ۾ اڻ وڻت جي ڪري روزاني عوامي
آواز ڇڏي آيو.
سهيل سانگي ‘عوامي
آواز’ ڇڏڻ کان پوءِ ڪراچي مان پهريون سنڌي نيوز مئگزين شايع ڪيو. جنهن جو نالو
رکيو‘آرسي’. آرسي جا عڪس صحافت جي نواڻ جا تسلسل لڳا. وڏي مقبوليت ملي. مئگزين جي ٽيم
۾ خدا بخش ابڙو، عاجز جمالي، رحيم بخش برق ۽ زاهد ميراڻي شامل هئا. هن مئگزين ۾ ڇپجندڙ
رپورٽ ۽ مضمون تي ليکڪ کي معاوضو ڏنو. سنڌي صحافت ۾ معاوضي ڏيڻ جي روايت آرسي وڌي.
آرسي ۾ ڇپيل ايڊيٽوريل اهم حيثيت رکن ٿا. ‘آرسي’ کي هلڻ نه ڏنو ويو. مختصر سفر ۾
آرسي پنهنجو نالو ڇڏي بند ٿي ويو.
اسان جو روشن خيال
صحافي ۽ اسڪالر صحافت جي فيلڊ ۾ مختلف هنڌن تي رمندي روزاني ڪاوش ۾ به گهڻو وقت
رهيو. ڪاوش جو اسلام آباد جي لاءِ بيورو چيف ٿي پهتو ته اتي پاٻوهر جو دين محمد اڊيجو
ٿر جون خبرون ڪرڻ جي لاءِ ملي ويو. دين محمد کي چوندو هو ته: “مون موکئي جي رڻ وٽان
گذرندي پڪ ڪئي ته اوچا ڊڀ چنڊ جي چهري کي ڪڏهن رهڙون نٿا ڏيئي سگهن. دامن ڪوهه جي
روپ رتل راتين کان ڪارونجهر جي ڪور تي سونهن جي ساک کڻي گذاريل راتيون حسين آهن.
سارنگا جي هٿن جي اتاريل آرتي اڄ به اکين اڳيان ڦري ٿي.
هن جي حافظي ۾ ٿر
جا وڻندڙ دور آهن ته تلخ تجربن جا به داستان چٽا آهن.سهيل سان ڳالهائيندي محسوس ٿيندو
آهي ته ٿر سان گفتگو ڪري رهيا آهيون. هن آندري مالرو جو ناول ‘آس جا ڏينهن’ پڙهيو
آهي الائي نه، پر ڄام ساقي جي ناول ‘کاهوڙي کڄن’ محمد حيات عاجز جي ڪهاڻين جي مجموعي
‘ڀٽون ڀرجي آئيون’ جي سٽ سٽ هن کي ياد آهي. جڏهن ٿر جي ڀڳتن جا دوهاچپ ڪري هن جي
چپن وٽ اچي بيهي رهندا آهن، تڏهن تصور ۾ ميران ٻائي روئي پوندي آهي. سماجي مت ڀيد
۽ ڇات ڇوت کان آجي انسانيت ۾ ويساهه رکندڙ هن شخص کي دلت ادب جي شاعر نامديو ڌاسل
نظم جي سٽ ياد ايندي آهي ته؛ ‘منهنجو پاڇو صرف منهنجا پير ڍڪي سگهي ٿو.”
سهيل ڪڏهن ڪوڙ جي ڪوٽ
۽ منافقي جي ترار کان ڊنو نه آهي.هن سدائين سچ لکيو آهي، سچ چيو آهي. سچ جي لاءِ
سختيون سٺيون آهن. هن ڪڏهن مصحلتن ۽ هٿ ٺوڪن ٺاهن تي پاڻ کي هيرايو نه آهي. سهيل
سانگي ڪڏهن انڌيرن جي آجيان نه ڪئي آهي. سنڌ جي نوجوان سان ملي پهريون سوال ڪندو
آهي ته:
حالتن کان فرار ڇا
جي لاءِ، سج سورج مکي جي آڏو جهل،
هي انڌيرن سان پيار
ڇا جي لاءِ
سنڌ ۾ سياست، صحافت
۽ ادب جي سفر ۾ پنڌ ڪندي هن کي گهاڙوء ۾ رڻ جهڙي راتڙي به پئي. پر هن ڪڏهن قلم جي ڪرهي
کي ڪُڏڻ جو نه چيو آهي. هن کي پتو آهي ته ڪير ڪير ڌوڻين ڌڱ ڇڏي ويا. ڪهڙن اوتارن ۾
ڌمالن تي ڌوڙ چڙهي ويئي. ڪهڙن اوطارن ۾ مڙني کي ماٺ اچي ويئي. ڪهڙن اوطارن ۾ اڄ به
وائي گونجي ٿي. سرخ سياست جي تقريرن کان وٺي اخبار جي سرخين ۽ ٽي وي شو جي تجزياتي
تبصرن تائين سهيل سانگي ڪڏهن جذباتي نه ٿيو آهي. ڪهڙي به ڳالهه ڪرڻي هوندي آهي، ڪڏهن
جذباتي نه ٿيندو آهي. پنهنجي پوري سڪون سان چوندوآهي ته، آئون سمجهان ٿو ته ائين ٿيندو
يا آئون سمجهان ٿو ائين ممڪن نه آهي. جيڪڏهن ڪنهن جو اڃان اختلاف جاري آهي ته،
چوندو آهي ڏسي وٺ! مون کي ائين نٿو لڳي.
مون سائين سچل نه ڏٺو
هو، پر ڄام ساقي ۽ سهيل سانگي سان ڪيتريون ئي ڪچهريون ڪيون آهن. آئون سهيل سانگي
کي چاچو چوندو آهيان. سهيل سانگي پنهنجن پٽن جيان ڀائيندو آهي. سهيل سانگي جڏهن
روزاني سنڌ جو ايڊيٽر ٿي آيو، تڏهن مون ڪجهه ڏينهن سهيل جي ادارت ۾ سب ايڊيٽر طور ڪم
ڪيو. ڪنهن غلطي تي سهيل گرم ٿيڻ جي بدران ٿڌن مزاحن سان اهڙي ڪلاس وٺندو هو، جو ٻيهر
غلطي جي ڪا گنجائش نه رهندي هئي.
سهيل سانگي هڪ محب
وطن ۽ ذهين استاد جي حيثيت ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ماس ڪميونيڪيشن جي شعبي ۾ هڪ وزيٽر
پروفيسر جي حيثيت ۾ صحافت پڙهائي ٿو. شاگردن کان عملي ڪرائيندو آهي. شايد سنڌ جو ڪو
ورلي ماڳ، مڪان ۽ شخصيت رهي هجي جنهن تي سهيل جي شاگردن اسٽوري ۽ انٽرويو نه ڪيو
هجي. هن جي ڪوشش آهي ته سندس شاگرد ڪڏهن مهڻي هاب صحافت جو حصو نه ٿين. صحافت جي
ميدان ۾ ڪيترائي سهيل جا شاگرد ڪاميابي سان اڳتي وڌي رهيا آهن.
آءِ اي رچرڊس
پنهنجي شاگردن کي مختلف شاعرن جي شاعري جا پنا ڏيئي تنقيدي اڀياس لکي اچڻ جو چيو
هو، شاگردن جيڪي نوٽ لکيا تن کي ميڙي رچرڊس هڪ تفصيلي مهاڳ لکيو هو. اهو ڪتاب ادب
جي دنيا ۾ تنقيدي اڀياس جو اهم ڪتاب آهي. سهيل سانگي رچرڊس وانگر شاگردن کي صحافتي
هوم ورڪ ڏيئي رهيو آهي. سنڌ سنڌي صحافت جي ميدان ۾ سهيل سانگي کان اهڙي ڪتاب جي
اميد رکي ٿي.
شيڪسپيئر پنهنجي هڪ
ڊرامي ‘ڪنگ ليئر’ جي هڪ ڊائلاگ ۾ چيو آهي؛ ‘ڪنهن نانگ کان ڪيترا تکا ڏند آهن، هڪ
احسان فراموش ٻار کي.’ سهيل سانگيءَ کي به اهڙا احسان فراموش ساٿي ۽ شاگرد مليا
آهن پر هن وٽ سهپ جو مادو تمام وڏو آهي.
سهيل سانگي جڏهن ٿر
۾ ارٽ اٻاڻڪا ڏٺا آهن، تڏهن اکيون ڀرجي آيون آهن. هن ڪڏهن واريءَ ۾ پنهنجا پيرا وڃايا
نه آهن. پر جڏهن اجري صبح جي پار پتن مارو ماڻهن کي ڀٽن ۾ ڀٽڪايو آهي تڏهن لوڪ کي
ميار ڏيڻ جي بدران ڀالوا جي ڀٽ تي پهچي اياز جي وائي ڳائي آهي ته:
تُون ئي نانهه
ملير، آئون اُها ئي مارئي.
آهه اڃايل اڳ جيان،
منهنجو ساهه سرير،
آئون اُها ئي مارئي
اڄ به پنهنجي تبديل
ٿيندڙ ٿر جي نئين سر ڳولا ڪري ٿو. جڏهن هن کان ڪو ئي سوال ڪندو آهي ته ٿر جي
واريءَ ۾ ڇا رکيل آهي؟ تڏهن هن کي سيد نديم سعيد جي ڊرامي آخري گيت جا ڊائلاگ ياد
ايندا آهن.
سنڌي اخبارن ۽
رسالن جي مضمونن ۽ روزاني ڊان جي صفحن تي انگريزي ۾ لکيل ڪالمن کان وٺي اردو اخبارن
۾ ‘ميري دل ميري مسافر’، ‘هاٿ سلامت رهي جب تڪ’ جي سري سان لکيل آرٽيڪلن تائين هر
لکڻي ۾ صحرا جا سڏ پڙاڏا آهن. سموري سنڌ کي پنهنجي سوچ ۾ سيهڙي رکندڙ هن ڪامريڊ
سياستدان ۽ صحافي جي اندر ۾ مايوسي جو منڊ جڙڻ جي بدران سدائين آس جا موتي مهڪن ٿا
ته:
نيٺ ته ايندو فصل
بهاران،
نيٺ ته ايندو.
ٿر جا مور جڏهن سندس
من ۾ ٽهوڪا ڪندا آهن، تڏهن تعلقي ڇاڇري جي راڳي حيدر رند جو ڳايل گيت بي اختيار جهونگاريندو
آهي:
موريا ري موريا ميٺو
تون ٻوليو
گڙتي رات نون...
سھيل سانگي
ھڪ اڻٿڪ جاکوڙي ڪردار
زيب النساءِ
ڊاهيندا رهون ڊوھ، اهو
ڏوھ ته ناهي
ڏوهن کي سڏيون ڏوھ،
اهو ڏوھ ته ناهي
جنهن جاءِ تي انصاف
کي انڌير دٻائي
ان جاءِ تي انبوھ، اهو
ڏوھ ته ناهي
جي سوچ اٿئون سون، ته
ڪس سون کي ڪهڙي
جي لڱ ڪريون لوھ، اهو
ڏوھ ته ناهي (استاد)
۲۰ آڪٽوبر ۱۹۵۳ع ۾ ٿر جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ جنجهي ۾ هاري رمضان جي گهر ننڍڙي ٻار جنم ورتو، محمد
سهيل. اهو محمد سهيل ۴ سالن جي ڄمار تائين صرف امان، بابا ۽ ماني چوڻ جي ٻيو ڪجھ ڳالهائي نه
سگهندو هو، مٿان وري مدي جو بخار ٿيو، ان دور ۾ صحت جون سهولتون ٿر ۾ ايئن ميسر نه
هيون، ان لاءِ سندس مامي پينسلين جي انجيڪشن لڳائي، جنهن جي ري ايڪشن سبب هو وڌيڪ
ڪمزور ٿي ويو، ڀرٽن جي ٻج جي ماني جو شوقين ۽ ٿر جي ڪاڙينگ (ڇانهين) جو به حد کان وڌيڪ
شوقين، تنهن ڪري سندس ماءُ سيهاڙ ڪري سڏيندي هئي. محمد سهيل عرف سهيل سانگي شروع کان
ئي جاکوڙي ڪردار رهيو، جڏهن سائين سچل اسڪول جو بنياد رکيو ته پاڻ ٻارن جي فوج ۾
شامل رهيو.
پنهنجي ماءُ ۽ ناني
جي ويجهو هجڻ ڪري شروعاتي عرصي ۾ قرآن جو پابند هو، پاڻ سائين سچل جي وڻندڙ ۽ ذهين
شاگردن مان هڪ هو، ان وقت چوٿين ڪلاس ۾ ٿيندڙ اسڪالرشپ جو امتحان پاس ڪيو، اهو امتحان
ڏيڻ لاءِ اٺ تي ويو. ان دور ۾ چوٿين ڪلاس کان پوءِ هڪ سال انگريزي پڙهائي ويندي هئي.
بختاور سنگھ ٺڪر، جيڪو ان وقت ماستر هو، ان کان پڙهيو. فائنل جي امتحان ۾ ٻيو نمبر
آيو. ۱۹۶۷ع ۾ مئٽرڪ سائنس گروپ ۾ ڪيو، سهيل سانگي (بابا سائين) کي ڊاڪٽر ٿيڻ جو تمام
گھڻو شوق هو سندس والد تمام غريب هو ۽ سندس ٽنهي پٽن گڏ مئٽرڪ پاس ڪيو پر مالي وسيلا
نه هئڻ ڪري هڪ سال اهو سوچيندي گذريو ته ڪنهن کي اڳتي پڙهائجي، نيٺ فيصلو اهو ٿيو
ته سهيل هوشيار ۽ ننڍو آهي ان ڪري کيس پڙهڻ لاءِ موڪلجي، ۱۹۶۷ع انٽر آرٽس ۾ پاس ڪيو.
ڪتاب پڙهڻ جو تمام گهڻو
شوق هوندو هو، هن پنهنجي اسڪولي زندگي ۾ ڳوٺ ۾ ٿيندڙ اسٽيج ڊراما به ڪيا، ۱۴ آگسٽ ۱۹۵۹ع پهريون ڀيرو ڳوٺ جنجهي ۾ يوم آزادي جو
پروگرام ٿيو، لوڻڪي ڀٽ، جيڪا ٿر جي وڏين ڀٽن مان هڪ آهي ان تي جهنڊو ڦڙڪايو ويو. ان
پروگرام ۾ هن ماهرو مل ماستر جو لکيل نغمو پڙهيو. انٽر کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي ۾
انگريزي شعبي ۾ داخلا ورتي ۽ سياسي سفر جي به شروعات ڪيائين، سندس مائٽ غريب هئا ۽
پرديس ۾ پيٽ گذران ڪرڻ لاءِ قومي ڪتاب گهر تي ڪم به ڪندو هو.
۱۹۷۷۱ع ۾ قلندر بخش ۽ رحيم بخش برق جي ڀيڻ سان پسند جي شادي
ڪئي. اها شادي به عجيب هئي. جنهن ۾ گهوٽ پنهنجن ۴ ماڻهن سان ٽانگي ۾ ڄڃ وٺي آيو.
۱۹۷۱ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ليڪچرار جي انٽرويو لاءِ ويو، جتي سندس دوست سليم قاضي صاحب صلاح
ڏني ته آئون اخبار ڪڍان پيو تون اها جوائن ڪر. ايئن سندس صحافتي زندگي جو سفر شروع
ٿيو.
جولاءِ ۱۹۸۰ع ۾ ڪراچي مان ڄام ساقي بغاوت ڪيس ۾ گرفتار ڪيو
ويو. ۸ مهينا ساٿين سوڌو ٽاچر سيل ۾ ٽارچر ڪيو ويو، ان عرصي ۾ نظير
عباسي شهيد ٿي ويو. ان کان پوءِ باقي گرفتار ٿيلن کي ظاهر ڪيو ويو. ۵ سال ڪيس هلندو رهيو، جنهن ۾ محترمه بينظير
ڀٽو سميت ڪيئي اهم شخصيتن جا بيان ريڪارڊ ڪيا ويا.
۱۹۸۵ع ۾ سهيل سانگي کي ضمانت تي آزادي ملي. پاڻ جڏهن واپس آيو کيس ته شيخ علي
محمد آفتاب اخبار ۾ نوڪري ڏني، ايئن ٻيهر صحافتي دنيا ۾ واپسي ٿي ان کان پوءِ ان کانپوءِ
مختلف سنڌي اخبارن ۽ انگريزي اخبار “ڊان” ۾ ڪم ڪيو.
پهرين ڪمپيوٽرائز
سنڌي اخبار عوامي آواز جو باني ايڊيٽر به پاڻ آهي، جيڪڏهن ايئن چئجي ته هن موجوده سنڌي
صحافت کي نئون لاڙو ڏنو ته غلط نه ٿيندو. بيشڪ پاڻ بهترين سياستدان، دوست ۽ استاد
آهن، هن وقت تائين سنڌ يونيورسٽي جي ماس ڪميونيڪيشن ۾ پڙهائين پيا.
چوندا آهن ته ڪجھ حاصل
ڪرڻ لاءِ ڪجھ وڃائڻو پوندو آهي. اسان بابا کان سکيو زندگي ۾ پئسو سڀ ڪجھ نه آهي. پنهنجي
نظرئي تي بيهڻ، عزت ۽ مقام حاصل ڪرڻ زندگي آهي. قيد مان واپس اچي سياست کان ڪنارا
ڪشي ڪرڻ جو اهم سبب اهي پنج سال هئا، جيڪي سندس خاندان مشڪلاتن ۾ گذارايا. معصوم
ٻارن ۳-۳ ڏينهن لنگهڻ تي گذاريو، ڪوبه پوئيواري ڪرڻ وارو نه هو.
هڪ پروگرام ۾ چيو ويو
ته ڪامريڊ ڄام ساقي جي ٻارن ڏکيايون ڏٺيون. پر انهن وٽ سار سنڀال ۽ ضرورتون پوريون
ڪرڻ لاءِ ڏاڏو، ڏاڏي هئا، پر اسان پنج سال ماني کان ويندي ڪپڙو، ڪتاب، لائيٽ، هئي
شئي کان سڪياسين. ڏک ٿئي ٿو ماڻهن جي سوچ تي، انهن کان قربانيون وسري وڃن ٿيون. مون
کي ياد آهي جڏهن رياض بلور کڻي ايندو هو، ان لاءِ ته جيئن اهي وڪڻي اٽو وٺون. يا لغڙ
کڻر ايندو هو ته جيئن اسان جا ننڍا ڀاءُ ماني کائي سگهن. ڏک ٿئي ٿو ته بابا کي ايتري
قرباني، سچائي جي باوجود دوکا مليا، ڪڏهن دوستن پٺيءَ ۾ خنجر هنيو، جڏهن ڪميونيسٽ
پارٽي جي پروگرام ۾ ماڻهن جون قربانيون ۽ واھ واھ ڏسان ٿي ته اسان جو ننڍپڻ ۽ بابا
جون قربانيون ياد اچي وينديون آهن.
No comments:
راءِ ڏيندا