; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر هرچند راءِ

04 March, 2019

ڊاڪٽر هرچند راءِ


ڊاڪٽر هرچند راءِ
جنهن کي ثقافتي خدمتن تي صدارتي ايوارڊ مليو
ڀارو مل امراڻي

هو انهن انگ ڌڙنگ انسانن مان هو، جن پنهنجي پورهئي جي پگهر ۽ غير معمولي ذهانت سان انساني تاريخ کي نوان موڙ ڏنا آهن. جڏهن ٿر ۾ ثقافتي رنگ روپ ۽ سائنسي سوچ جي سنگم سان انساني سونهن جاڳرتا جي جلوي ۾ جرڪندي، جڏهن ملير جي مٽي تي عام ماڻهو معاشي طور مضبوط ٿي جوڀن رُت ۾ گل جيان ٽڙندو، تڏهن هن شخص کي ضرور ياد ڪيو ويندو.


ٿر ۾ انساني سگهه، حوصلي، بي پناهه قوت ۽ پختي ارادي جي علامت رهندڙ ڊاڪٽر هرچندراءِ هڪ ئي وقت مسيحا، سماجي اڳواڻ، سياستدان ۽ محقق هجڻ سان گڏ ثقافتي رنگن روپن جو رکوالو هو. هن جي گهڻ رخي شخصيت هڪ اداري، هڪ تحريڪ، هڪ جدوجهد جو نالو آهي.هن شخص نه صرف ڇاڇري کان عمرڪوٽ ۽ عمرڪوٽ کان مٺي ڏانهن پنڌ ڪيو هو. پر سانگهڙ کان ننگرپارڪر تائين پوري خطي جون واهڻ وستيون، ڍنڍون، ڍورا، مڙها ۽ ڏهر پنهنجي پيرن هيٺ لتاڙيا هئا.هن زندگي ۾ ڏک ڏولاوا ڏسي بيمار انسانن جو علاج ڪيو هو. سخت پورهيو ڪري هيڻن کي حوصلو ڏنو هو. رڃن ۾ رابيل پوکي وطن جا ويڙها وسايا هئا. هن مارو ماڻهن جي ويڙهن ۽ جهوپڙن کي قلعن، ڪوٽن ۽ محلن کان مٿانهون پيش ڪيو هو. هن جي اندر جي تمنا هئي ته مارو ماڻهو عزت ۽ آبرو سان ثقافتي رنگ روپ ميڙي برن ۾ بازارون قائم ڪن. هن تهذيب ۽ تاريخ جي ٽٽل سلسلن کي جوڙڻ جي لاءِ پنهنجي گهر ۾ ميوزم جو بنياد رکيو. هن سياست ۾ عام ماڻهو جي داخلا جي لاءِ ڏاڍ جا ڏونگر ڪٽڻ جي لاءِ گهاڙو گهڙيو. هن عام ماڻهو جي زبان تان پهرو لاهڻ جي لاءِ پتوڙيو. قلم جي آزادي جي لاءِ جستجو ڪئي.


هن تعليم جي تير سان ظالم وڏيرن جي وجود کي پروڻ ڪرڻ جي لاءِ مسڪين شاگردن جي پڙهائي ۾ هڙان وڙان مدد ڪئي. هن وٽ راشد مورائي جي نظم “اچو نئون سماج ڪو، نئون جهان جوڙجي!” جهڙو نعرو هو. ٿر جي ڀٽن ۾ هن جو روح ڪڏهن اداس نه ٿيو. هن جي اکين ۾ سدائين پختن ارادن جون ريکائون نمايان هونديون هيون.
ڊاڪٽر هرچندراءِ جا وڏا گڊڙي ۾ به رهيا. ڊاڪٽر صاحب جو ڏاڏو ڌنجي مل پنهنجي دور ۾ راڄ ڀاڳ جو وڏو رکوالو هو. ڊاڪٽر هرچند راءِ جو جنم تعلقي ڇاڇري جي ڳوٺ ڪيتا ۾ سندس مامي هرناٿ جي گهر ۱۵ سيپٽمبر ۱۹۱۵ع ڌاري ٿيو. ڊاڪٽر هرچند جو والد صاحب سائين گرڌاري لال پنهنجي دور جو مهان استاد هو. هن پنهنجي پٽ کي پرائمري جي تعليم نيو ڇور مان مڪمل ڪرائڻ کان پوءِ فائينل پاس ڪرائي استاد طور ڏسڻ ٿي چاهيو پر عمرڪوٽ ۾ رهندڙ هالاڻي جي رهاڪو ڊاڪٽر جندارام عيدناڻي سائين گرڌاري لال جي سوچ ۾ ڦيرو آندو. سائين گرڌاري لال کي آماده ڪيو ته، “هو پنهنجي پٽن کي ڊاڪٽري پڙهائي جيئن هتان جي غريب مريضن جي مدد ٿي سگهي.” ڊاڪٽر جندارام جي چوڻ تي سائين گرڌاري لال هرچند راءِ کي “سنسڪرت وڌيا شالا” ۾ انگريزي پڙهڻ جي لاءِ داخل ڪرايو. ۱۹۳۴ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد مان مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ ۱۹۴۰ع ۾ هن بمبئي جي فزيشن اينڊ سرجن ڪاليج مان ايل سي پي ۽ ايس جي ڊگري حاصل ڪري هن خزان جي موسم ۾ ميڊيڪل آفيسر بطور “اينٽي مليريا” پنهنجون خدمتون شروع ڪيون. فيبروري ۱۹۴۱ع کان عمرڪوٽ ۾ پرائيويٽ مشق لاءِ به وقت مخصوص ڪيو. انهي زماني ۾ ڊاڪٽر هرچند راءِ جي ڀاءُ ڊاڪٽر کيت به ايل سي پي ڪري اسلام ڪوٽ ۾ پرائيويٽ پرئڪٽس شروع ڪئي هئي.
ڊاڪٽر هرچند راءِ جو مسيحائي پيشي ۾ ڊاڪٽر جندارام “آئيڊيل” هوندو هو. سائين گرڌاري لال جڏهن عمرڪوٽ ۾ هيڊماستر هو. تڏهن ڊاڪٽر جندارام کي مريض ڏيکارڻ جي لاءِ ماڻهو سائين گرڌاري وٽ ايندا هئا يا بزرگ جڳو مل کي چوندا هئا. ڊاڪٽر مريض ڏسي دوائون لکي ڏيندو هو. مريض جا عزيز ڊاڪٽر کي چوندا هئا ته سائين شام جو ٻيهر مريض ڏيکارڻ جي لاءِ وٺڻ اچون، ورندي ۾ چوندو هو ته، نه ضرورت ڪونهي، پر پاڻ پنهنجي ليکي شام جو پهچي ويندو هو، مريض نهاريندو هو. مريض جو عزيز في جي آڇ ڪندو هو ته جواب ڏيئي چوندو هو ته توهان مون کي وٺڻ ٿورو ئي آيا هئا. آئون سائين گرڌاري لال هيڊماستر وٽ ويس پئي، سوچيم مريض کي نهاريندو وڃان.
ڊاڪٽر هرچند راءِ ڊاڪٽر جندارام جيان مريض کي تپاسي ڪڏهن در تي بيهي في نه گهري. نه ڪڏهن علاج پوري ٿيڻ کان پوءِ بل مريض کي ڏنو. بل ڏيڻ کي به گهرڻ جو هڪ نمونو سمجهندو هو.
ميرپورخاص جو مشهور مسيحا ڊاڪٽر ڊرائگو ڊاڪٽر هرچند راءِ جو بمبئي ڪاليج ۾ ڪلاسي هو. ويجهي دوست هئڻ ناتي ٻنهي هڪ ٻي سان نڀايو. ڊاڪٽر ڊرئگي ۽ ڊاڪٽر هرچند راءِ گڏجي ملڪ جي آزادي وقت لڏپلاڻ ڪري ايندڙ قافلن ۾ بيمار ۽ زخمي ماڻهن جو کوکراپار، ميرپورخاص سميت مختلف هنڌن تي ڪئمپون قائم ڪري علاج ڪيو.
ڊسمبر ۱۹۴۸ع ۾ ڊاڪٽر هرچند راءِ تعلقه اسپتال عمرڪوٽ ۾ ميڊيڪل آفيسر طور جوائن ڪيو. مختلف وقتن تي سانگهڙ، سامارو، سڪرنڊ ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ نوڪري ڪئي. سرڪاري نوڪري دوران ڊاڪٽر صاحب صبح اسپتال ۾ اچي ويهندو هو، رات دير تائين مريض پيو ڏسندو هو. ميڊيڪو ليگل ڪيسن جا ڌڪيل ڏسي ڌڪ ڦٽ نوٽ ڪري اسپتال ۾ داخل ڪرائي علاج ڪرائيندو هو. عمرڪوٽ ۾ پوسٽ مارٽم جون رپورٽون ٺاهيندو هو ته ڪڏهن ڪڏهن ڇاڇري مان تار ايندي هئي ته لاش اڳتي کڻڻ جيان نه آهي، هتي اچي پوسٽ مارٽم ڪري ڏيو. پوءِ رات جو اٺ تي چڙهي روانو ٿيندو هو، هُتي پهچي پوسٽ مارٽم ڪري اسپتال ۾ آيل مريضن کي تپاسي علاج ڏيئي رات جو ٿوري دير ننڊ جو جهوٽو کائي صبح سج اڀرڻ کان اڳ ۾ نڪرندو هو. علاج دوران مريض کي جيستائين سڪون نه ايندو هو، تيستائين هُن وٽ ويٺو هوندو هو.
ناليواري ليکڪ ارباب نيڪ محمد پنهنجي هڪ ليک ۾ لکيو آهي ته “شهيد بختاور جو پوسٽ مارٽم ڊاڪٽر هرچند راءِ ڪيو هو.” رپورٽ ڦيرڻ جي لاءِ هن تي وڏو دٻاءُ وڌو ويو پر اڳيان گرڌاري لال جو ڄايل ڊاڪٽر هرچند راءِ هو. اپريل ۱۹۵۹ع تي ٽنڊي محمد خان ۾ ڊيوٽي دوران هن سرڪاري نوڪري تان استعيفيٰ ڏني. ٽنڊي محمد خان جي ميمڻ سيٺ مرحوم عبدالخالق اتي ئي پرائيويٽ اسپتال قائم ڪرڻ جي لاءِ زور ڀريو. هُن اسپتال جي لاءِ جاءِ ڏيڻ جي به آڇ ڪئي. پر هن ڪو نه مڃيو. ڊاڪٽر چيو ته، “مون تي پهريون حق منهنجي عزيزن جو آهي، پوءِ پاڙي وارن، پوءِ ڳوٺ وارن جو، پوءِ ٿر وارن جو آهي” هن ٻيهر عمرڪوٽ ۾ سينٽر کوليو. پنهنجي اسپتال جو نالو “ٿر ڪيوئر ڪلينڪ” رکيو. ساڳي سال ۾ نومبر ۱۹۵۹ع تي ڪنري ۾ به اسپتال قائم ڪئي. ڪجهه وقت اتي ڏيڻ شروع ڪيو. ڪنري واري اسپتال ۱۹۶۲ع تائين رهي.
ڊاڪٽر صاحب جي ڪوششن سان ۱۹۶۶ع ڌاري عمرڪوٽ ۾ ٽي بي سينٽر قائم ٿيو. سينٽر جي قائم ٿيڻ جي ڏينهن کان وٺي پنهنجي اڌ ڏينهن جي ڪمائي ٽي بي سينٽر کي ادا ڪندو رهيو. ٽي بي ايسوسيئيشن، فئميلي پلاننگ ايسوسيئيشن ۽ ڪلچرل ڪاميٽي جو عهديدار رهيو. حلال احمر ضلعي عمرڪوٽ جو کيس تاحيات ميمبر بڻايو ويو. روٽري ڪلب جي لاءِ به هن پنهنجون خدمتون آڇيون. مختلف هنڌن تي ڪئمپن ۾ ڊاڪٽر صاحب اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو. ٿر جي سماجي ورڪر نندن لال نندن جي سماجي ڪمن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ڊاڪٽر صاحب خاص دلچسپي وٺي نندلال نندن چئرٽيبل فائونڊيشن قائم ڪئي. ڏڪار جي وقت ۾ هن اداري جي پليٽ فارم تان مخير ساٿين کي ميڙي غريب ماڻهن جي مدد ڪئي. ڊاڪٽر صاحب گپت دان (لڪيل خيرات) جو به گهڻو قائل هو. ڪيترن ئي خاندانن جي انهي جذبي تحت پرگهور لڌي. ان سهڪار کي ڪڏهن پڌرو ٿيڻ نه ڏنو.
۱۹۶۸ع ۽ ۱۹۶۹ع جي زماني ۾ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو صاحب عمرڪوٽ آيو. تڏهن ڀٽي صاحب کي قلعي کان جلسي گاهه تائين ڊاڪٽر هرچند راءِ جي گاڏي ۾ آندو ويو هو. ڀٽي صاحب ڊاڪٽر هرچند راءِ جي ان گاڏي جي ڊرائيور جمال مکراني کي ڏهه ايڪڙ زمين تحفي طور ڏني هئي. ڊاڪٽر صاحب جو ڪامريڊ روچيرام وڪيل سان تمام گهاٽو سٻنڌ هو. ۱۹۵۹ع ۾ بنيادي جمهوريت جي چونڊن ۾ بيٺو ته ڊاڪٽر صاحب روچيرام کي ووٽ ڏيڻ جي لاءِ مٺي ۾ رهندڙ واسطيدارن کي خط لکيا. ۱۹۶۵ع ۾ هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ ڊاڪٽر صاحب کي جيل ياترا به ملي. روچيرام وڪيل پنهنجي هڪ خط ۾ لکيو آهي ته، “ڊاڪٽر صاحب جيل ۾ هو، ته پويان سندس ٻني تي سيد صالح محمد شاهه ڦڏو ڪيو. ڪيس ڪورٽ ۾ هو. راجا غني سرزمين تي مدد ۾ هو ۽ آئون هن سان گڏ سول جج جي ڪورٽ ۾ هوس.
۱۹۷۰ع جي چونڊن ۾ راڻي چندر سنگهه جي سامهون ڊاڪٽر هرچند راءِ صوبائي اسيمبلي جي تڪ تي چونڊ لڙيو. وڪيل مراد علي ڊاڪٽر هرچند راءِ جي حق ۾ هٿ کنيو. ان چونڊ ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي به حصو ورتو هو. وڏو دنگل متو هو. ڊاڪٽر هرچند راءِ جي ورڪن ۾ مامو جمن دربدر به سرگرم هوندو هو. جلسي جي ڪمپئرنگ وغيره مامي جمن جي حوالي هئي. جنهن ڳوٺ ۾ جلسو رکيل هوندو هو. ان ڳوٺ ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ مامي جمن وارا اطلاع ڏيندا هئا. ماڻهو ڊاڪٽر هرچند جو نالو ٻڌي مريض وٺي اچي گڏ ٿيندا هئا. ڊاڪٽر سياسي تقرير مختصر ڪري مريض نهاريندو هو. نيٺ مامي جمن ڊاڪٽر صاحب کي چيو ته، توهان سياسي سرگرمي کي وقت گهٽ ڏيئي رهيا آهيو. ماڻهو توهان کي وري مريضن ۾ قابو ڪري ٿا ڇڏين. ائين پاڻ هارائي وينداسين. ڊاڪٽر صاحب موٽ ۾ پنهنجي روايتي انداز سان مرڪندي جمن کي ورندي ڏنائين ته، “جمن آئون به سمجهان پيو، هارائي ويندس پر آئون اها روايت وجهڻ ٿو چاهيان ته وڏي ماڻهو جي سامهون غريب ماڻهو چونڊ لڙي سگهي ٿو. جن غريب جاتين جي لاءِ اوڇا لفظ ادا ڪيا پيا وڃن، انهن جي ووٽ جو قدر ٿئي. پنهنجي انهي جستجو سان جاگيردارن ۽ وڏيرن کي انهن عام ماڻهن وٽ ووٽ جي لاءِ منٿون ڪرڻيون پونديون.”
۱۹۷۰ع ۾ هار باوجود هن وٽ وڏو حوصلو هو. ڄام ساقي سان گڏجي ڇاڇري ۾ عام ماڻهن جا ٿورا مڃڻ جي لاءِ هن ريلي ڪڍي.
۱۹۸۵ع جي غير جماعتي چونڊن ۾ ڀڏيلي جي سوڍي جيتمال سنگهه قومي اسيمبلي جي سيٽ تي فارم ڀرايو ته ڊاڪٽر هرچند راءِ به صوبائي سيٽ تي حصو ورتو. ۱۹۸۵ع ۾ ڌار ووٽ جو سرشتو هجڻ جي ڪري اقليتي ميمبر جي لاءِ پورو صوبو حلقو هوندو هو. آساني سان هيرا ڦيري جا موقعا موجود هئا. ڊاڪٽر صاحب ان موقعي ڪافي ووٽ کنيا پر “مايا جي ڇايا” جي بنياد تي ڊاڪٽر صاحب کي هارايو ويو. ڊاڪٽر صاحب جي ويجهن دوستن ڊاڪٽر صاحب تي “ڏيتي ليتي جي زماني سازي” ڪرڻ جي لاءِ زور ڀريو پر هن اڏول انسان وٽ “نه ته نه هو. مکي نهال چند ۽ مير حيات ڊاڪٽر صاحب جي ڪاميابي جي لاءِ پنهنجي طرفان وڏيون ڪوششون ورتيون پر سيٺين “ڏنو پٽ ڇٽي جو” جي آڌار وارو وڄائي ورتو. ۱۹۹۳ع ۾ ڊاڪٽر هرچندراءِ جي فرزند مهندر ديو پ پ پ جي ٽڪيٽ تي صوبائي سيٽ تي چونڊن ۾ حصو ورتو. مهندر به سخت مقابلو ڪيو. پهرين ڏينهن شروعاتي چونڊ نتيجن ۾ مهندر ديو کي ڪامياب قرار ڏنو ويو. پر پوءِ هيرا ڦيري جي “هنرمندي” ۾ ڪيرايو ويو. مهندر ديو ٽربيونل ۾ ويو. ٻه سال ڪيس هليو. پر ڪيس جو فيصلو اچڻ وارن ڏينهن م اسيمبليون معطل ٿي ويون.
عمرڪوٽ شهر جي ووٽن ۾ ڊاڪٽر هرچندراءِ “ڪنگ ميڪر” جي حيثيت رکندو هو. سيٺ ٽيڪم سا ڊاڪٽر هرچند راءِ جو وڏو حمايتي هوندو هو. ڊاڪٽر هر چندراءِ ۱۹۶۶ع، ۱۹۷۹ع، ۽ ۱۹۸۳ع ۾ ٽائون ڪاميٽي عمرڪوٽ جو ميمبر ٿيو. ۱۹۸۳ع ۾ ٽائون ڪاميٽي عمرڪوٽ جو چيئرمين چونڊيو ويو. ڊاڪٽر هرچند راءِ جي ٽائون جي چيئرمين شپ دوران ڪيترائي ڪم ٿيا. جن ۾ صوفي شاعر روحل فقير جي نالي سان منسوب روحل بس اسٽينڊ عمرڪوٽ، پبلڪ پارڪ ۽ شهر جي مختلف ڳلين جا رستا شامل آهن.
۱۹۷۳ع ۾ وڏيرن ۽ جاگيردارن جي مخالفت ڪرڻ جي ڪري ڊي سي ٿرپارڪر سيد نور احمد شاهه تي دٻاءُ پيو ته “پبلڪ سيفٽي يا ٻي ڪنهن نموني جي ڪيس ۾ ڊاڪٽر هرچند ۽ سندس ساٿين کي گرفتار ڪيو وڃي.” ڊي سي صاحب انڪوائري ڪري لکيو ته، “هي ماڻهو صاف سٿرا عزت وارا آهن. آئون انهن کي گرفتار نٿو ڪري سگهان. جيڪڏهن انهن کي گرفتار ڪرڻ ضروري آهي ته مون کي بدلي ڪرائي ٻي ڊي سي کان اهو ڪم ورتو وڃي.” ائين ڊاڪٽر ۽ سندس ساٿين کي ٻڌڻ وارو اهو معاملو ٽري ويو.
۱۹۷۴ع ۾ سنڌ حڪومت پاران “سنڌ صدين کان” جي عنوان سان پروگرام رٿيو ويو. ڊي سي ٿرپارڪر ۽ لوڪل بورڊ ٿرپارڪر جي صدر هڪ مرڪزي ڪاميٽي جوڙڻ سان گڏ تعلقن جون سب ڪاميٽيون ٺاهيون. عمرڪوٽ جي ڪاميٽي ۾ ڊاڪٽر هرچند راءِ کي ميمبر طور کنيو ويو. سب ڪاميٽي جي گڏجاڻي ۾ ڊاڪٽر هرچند راءِ خاموش ويٺو رهيو، آخر ۾ ڪنهن ميمبر چيو ته ڊاڪٽر صاحب توهان ڳالهايو نه ٿا، پنهنجي راءِ ڏيو. ڊاڪٽر ٺهه پهه وراڻيائين ته “ڳالهين جي لاءِ توهان موجود آهيو، مون کي ڇڏيو ته آئون ڪم ڪري ڏيکاريان.” پوءِ ثقافتي شين کي ميڙڻ جي ڪم سان لڳي ويو. مختلف قسمن جا زيور، هنا پاکڙا، ارٽ، سڪا، ڀرت جا نمونا، رليون، ويس وڳا، برتن وغيره ڪٺا ڪيائين. جڏهن ميرپورخاص ۾ پروگرام ٿيو ته ڊاڪٽر صاحب اتي ثقافتي شين جو شاندار اسٽال لڳايو. ڊاڪٽر صاحب جو اسٽال تمام گهڻو توجهه جو مرڪز رهيو. سائين غلام مصطفيٰ شاهه ۽ ان وقت جي ثقافتي وزير پيار علي الانا تمام گهڻو ساراهيو.
ساڳي سال ۾ اهڙو ثقافتي ڏهاڙو صوبائي سطح تي ڪراچي ۾ ملهايو ويو. ضلع ٿرپارڪر مان ڊاڪٽر هرچندراءِ کي ثقافتي اسٽال لڳائڻ جي لاءِ چيو ويو. انهي اسٽال ۾ ڊاڪٽر هرچند راءِ ميرپورخاص واري اسٽال کان وڌيڪ سامان رکيو. هنرمندن جون تيار ڪيل شيون ۽ انهن کي گهربل سامان ۽ ثقافتي شيءِ جڙڻ جو سارو عمل بيان ڪري رکيو. ان وقت جي وفاقي وزير مولانا ڪوثر نيازي به نمائش جو دورو ڪري ڊاڪٽر صاحب کي جس ڏنو هو.
ڊاڪٽر هرچند راءِ ذاتي طور تي ڪوششون وٺي مختلف وقتن تي ثقافتي ميڙ به ڪوٺايا. ٿر جي تاريخ تهذيب، ٻولي ۽ ثقافت جو انسائيڪلو پيڊيا هو. ۱۹۸۶ع ۾ ان وقت جي وزيراعظم محمد خان جوڻيجي جي خاص دلچسپي تي هن ميرپورخاص جي پوليس لائين جي گرائونڊ تي هڪ ماڊل ٿري گهر ٺهرايو. جنهن ۾ ٿر جي روزمره جي زندگي ۾ ڪم ايندڙ شيون رکيون ويون. وزيراعظم محمد خان جوڻيجي دنيا جي مختلف ملڪن جي سفيرن کي ماڊل ٿري گهر جو دورو ڪرايو. ڊاڪٽر هرچند راءِ سنڌالاجي جهڙي اداري جي خريدي ڪاميٽي جو ميمبر رهيو. ٿر مان ثقافتي شيون خريد ڪرڻ ۾ هن وڏو سهڪار ڪيو. اهڙي طرح سنڌ ميوزم ۽ شمش العلماءَ عمر بن دائود پوٽا لائبريري جي سار سنڀال ڪاميٽي جو به ڊاڪٽر صاحب کي ميمبر بڻايو ويو. جتي به هن پنهنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪيو.
ڊاڪٽر صاحب سنڌي، اردو، انگريزي، هندي ۽ سنسڪرت ٻولين جو ڄاڻو هو. ڍاٽڪي هن جي روح جو حصو هئي. هن ڍاٽڪي ٻولي ۽ ثقافتي شين نالن جي ڊڪشنري به تيار ڪئي پر اها اڻ ڇپي رهجي ويئي. هن پنهنجي آتم ڪهاڻي به لکي. ڊاڪٽر صاحب جا خط به تاريخ جو اهم حصو آهن. مختلف ڪتابن تي ٽيڪاٽپڻي ڪندي اڀياس به لکيا. پر اهي سڀ شيون اڻ ڇپيل آهن.
ڊاڪٽر هرچند راءِ کي زندگي ۾ سندس خدمتن جي مڃتا ۾ صدارتي ايوارڊ سميت مختلف ايوارڊ مليا. جن ۾ ايگريڪلچر اينڊ انڊسٽيريل ايگزيبيشن (۱۹۸۵ع) ٿرپارڪر ميلو ايوارڊ (۱۹۸۵ع) قائداعظم خدمت خلق ايوارڊ (۱۹۹۴ع) نشان لطيف ايوارڊ، ٻانهن ٻيلي ايوارڊ (۱۹۹۸ع) انٽرنيشنل والينٽري ڊي ايوارڊ (۷-۲۰۰۶-۸) سامي ايوارڊ (۱۹۹۴ع) پي ايس اي گولڊ ميڊل، ايجوڪيشن اينڊ ڪلچرل افيئر ايوارڊ (۱۹۹۸ع) روٽري ڪلب سگنيفڪشن اچيومينٽ ايوارڊ شامل آهن. صداري ايوارڊ ۲۰۰۷ع ۾ مليو.
ٿر جي ڳوٺ گوڌيار ۾ جوڌو جي مڪڙ کي ڊاڪٽر هرچند جي ماسي پرڻايل هئي، ماسي جي وفات تي ڊاڪٽر صاحب جو والد صاحب سائين گرڌاري ۽ امڙ تعزيت جي لاءِ جوڌو جي مڪڙ جي گهر ويا. سائين گرڌاري جو اڃان ڪو اولاد نه هو. اتي واپسيءَ ۾ سائين گرڌاري لال وندر جي لاءِ جوڌو جي کان پٽ گهريو. جوڌي جي پنهنجو وڏو پٽ ڪيشو لال سائين گرڌاري لال جي حوالي ڪيو. گرڌاري لال ڪيشو لال کي پڙهايو. نوڪري وٺي ڏني، شادي ڪرائي. ڊاڪٽر هرچند راءِ ۽ سندس ڀائرن ڪيشو لال کي سدائين پنهنجو وڏو ڀاءُ سمجهيو. سائين ڪيشو لال مٺڙيو ڀٽي ۽ ڀرپاسي جي تپن ۾ تعليم عام ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
۱۹۲۰ع جي زماني ۾ عمرڪوٽ ۾ هڪ پيٽ جي بيماري منهن ڪڍيو جنهن کي مقامي ٻولي ۾ ٻرهل سڏيو ويندو هو. ان بيماري سبب عمرڪوٽ مان ماڻهن جي وڏي پيماني تي لڏپلاڻ ٿي. سائين گرڌاري لال به عمرڪوٽ مان لڏي نيوڇور ۾ رهائش اختيار ڪئي. ڪجهه سالن کان پوءِ وري واپس عمرڪوٽ آيا. نيوڇور وارو گهر گهڻي وقت تائين سلامت رهيو. ان گهر جي ڀر سان اسڪول هوندي هئي. جنهن ۾ ڊاڪٽر هرچند راءِ پڙهيو هو. ان اسڪول کي جڏهن وڌيڪ پلاٽ جي ضرورت محسوس ٿي ته ڊاڪٽر صاحب پنهنجي پراڻي گهر جو پلاٽ اسڪول کي ڊونيٽ ڪيو.
سائين گرڌاري لال نه صرف مثالي استاد هو پر با اصول بيٽ آفيسر پڻ ٿيو. اسڪول جي وزٽ توڙي امتحانن ۾ ڪڏهن استاد ۽ ڳوٺاڻي تي وزن نه وڌو. پنهنجي کاڌي پيتي جو سامان گهوڙي تي گڏ هوندو هو. گهوڙي کي به ڪک ڪانا توڙي داڻو پاڻي پنهنجن پئسن جو خريد ڪري ڏيندو هو.
ڊاڪٽر صاحب جڏهن سرڪاري نوڪري شروع ڪئي، تڏهن سندس والد صاحب گرڌاري لال گرهستي جيون ڇڏي سنياس ڌارڻ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ڊاڪٽر صاحب جي ڀيڻ لڪشمي ٻائي جي ڄڃ آيل هجي، ٻائي لڪشمي جي پارڻيت جي ٻي ڏينهن رهاڻ ۾ سائين گرڌاري اٿي بيهي چيو ته، آئون اوهان سڀني کي پرڻام ڪري پنهنجي زندگي بابت هڪ اهم اعلان ڪرڻ چاهيان ٿو. هاڻي منهنجا گرهست (گهرو) فرض پورا ٿي چڪا آهن. هرچند راءِ روزگار لڳي ويو آهي. پنهنجن ڀائرن کي اڳتي پڙهائڻ توڙي ڀيڻن کي ساهرن مان ڪوٺڻ ۽ موڪلڻ جي سگهه رکي ٿو. گهر جي سرپرستي اڄ ڏينهن کان پوءِ ڊاڪٽر هرچندراءِ جي حوالي آهي. آئون سنياس ڌارڻ ڪريان ٿو. ڊاڪٽر هرچند راءِ پنهنجي والد صاحب جو اهڙو اعلان ٻڌي پهرين ته ڏاڍو پريشان ٿي ويو. پر پوءِ دل جهلي اٿي بيهي هٿ جوڙي والد صاحب جون ڏنل ذميواريون قبول ڪيائين.سائين گرڌاري لال سنياس جي زندگي ۾ پرلوڪ پڌارڻ جو اطلاع ڏيندي امراڻي جي معزز شخصيت سوڍي آئيڏان سنگهه چيو ته، ”ڊاڪٽر صاحب منهنجو روحاني پتا پرلوڪ پڌاري ويو.“ اهو چوڻ سان سوڍي جون اکيون بڊي جي بادل جيان برسي پيون.
ڊاڪٽر هرچند راءِ جي سيني ۾ دلير دل ڌڙڪندي هئي. هن جي ٻانهن ۾ رڻ کيتر جي سپاهين جهڙو ٻل هو. ۹۸ سالن جي عمر به هن کي هيڻو نه ڪري سگهي. هن آخري گهڙي تائين پاڻ کي ڪڏهن نٻل، ويچارو ۽ ويڳاڻو محسوس نه ڪيو. هن کي ڏسي سائين راشد مورائي جون سٽون ياد اينديون هيون.
ڪي ڪي ڦوهه جوانيءَ ۾ ئي ذهني طور لڳن ٿا پوڙها
ڪي جهور جهان ۾ آهن، جن جا جذبا جوان لڳن ٿا.
ڊاڪٽر صاحب کي مارئي جي ڪردار سان پنهنجائپ ۽ اڪير هئي ته عمر جي انصاف جو قدر هو. عمر بادشاهه هجڻ باوجود مارئي تي ڏاڍ نه ڪيائين. مارئي جو ست سلامت رهيو. هن علي احمد بروهي کي گهرائي عمرڪوٽ ۾ هڪ پروگرام ڪرايو، جنهن جو موضوع هو، “مارئي پئي ملڪن ۾ ڳائجي، عمر ڇو نه!”
ڊاڪٽر صاحب علي احمد بروهي وانگر سچ چئي ڏيندو هو. ڊاڪٽر صاحب جا سچ گوگفتا ڳوٺن ۾ مشهور آهن. هڪ دفعي سياسي اختلافن تان ڊاڪٽر صاحب کي موتمار ڌمڪيون مليون ته، ڊاڪٽر صاحب مرڪي ڌمڪي ڏيندڙ کي چيائين ته اڳ ۾ آئون ڪمري ۾ سمهندو آهيان، هاڻي ٻاهر گھٽي جي ٿلهي تي سمهندس. ڊاڪٽر صاحب جو هڪ دوست ۷۰ جي ڏهاڪي ۾ لک جي قريب پئسا اڌارا وٺي ويو، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اڌارا پئسا وٺي ويندڙ دوست جي دل ڦري، پئسا ڦٻائڻ جي لاءِ ڊاڪٽر صاحب ڏانهن وڃڻ ڇڏي ڏنائين. ڪجهه وقت گذرڻ کانپوءِ هن پنهنجي دوست کي ملڻ جي لاءِ نياپو ڪيو، نه چاهيندي به دوست کي نياپي تي اچڻو پئجي ويو. پئسا به گڏ آندائين. ڊاڪٽر صاحب پئسا وٺڻ جي بدران دوست کي چيائين ته تو انهن پئسن جي ڪري مون سان ملڻ جو تعلق ختم ڪري ڇڏيو. آئون انهن پئسن کي ڇا ڪريان! ؟ اهي پئسا جن جي ڪري دوست جو من ڦري وڃي پوءِ پئسن جي دستي روپيو روپيو ٿي ويئي پر هن اڏول انسان انهن پئسن کي هٿ نه لاٿو.
سڀ ۾ پرين پسڻ واري ڊاڪٽرهرچنداراءِ جو عقيدو ويدانتي پنٿ سان هو. هو پنهنجي ڌرمي عقيدي موجب صبح جو اٿي ويدن جا منتر پڙهندو هو پوءِ يگيه ۽ هون ڪندو هو. ڊاڪٽر صاحب سان منهنجي پهرين ڪچهري الياس ٿري سان گڏ ٿي هئي ڪافي موضوع کليا هئا. پر اي بي آريسر ۽ مون ڊاڪٽر صاحب سان هڪ دفعي دنيا جي مختلف ڌرمن تي ڀرپور ڪچهري ڪئي. هُو ڌرمي فلاسافر جيان هر سوال جو جواب ڏيئي رهيو هو. مون کي ائين لڳو ته، آريائي دور جو رشي نئين روپ ۾ صحرا جي ڀٽ تي اچي پهتو آهي. آڳاٽن رشين جيان سنڌ هن جي روح ۾ سمايل هئي. سنڌ هن جي رڳن ۾ رت جو روپ هئي. هن ڪڏهن سنڌو ماتا کان منهن نه موڙيو؛
ماتا تو کان منهنڙو موڙي، ڪيئن رهندس آنءُ
سنڌڙي، مان ته سڃاپان ئي تنهنجيءَ نسبت ساڻ !
ڊاڪٽر صاحب پنهنجي والد صاحب جيان عمر جي آخري حصي ۾ سنياس وٺڻ ٿي چاهيو، پر شهر جي چاهيندڙن ائين ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. پر پوءِ به هن پنهنجي گھر کي رين بسيرا، جي جاءِ وانگر ڏٺو؛
ماٽي چن چن ڪي محل بڻايا، مورک ڪهي گھر ميرا
ناهي گھر ميرا، ناهي گھر تيرا، ديا جهنگل ۾ هي ديرا
پيرسائين پاڳاري شاهه مردان شاهه راشدي صاحب سان ڊاڪٽر هرچند راءِ جي دلي عقيدت هئي. ۱۹۸۹ع ۾ ڊاڪٽر هرچند راءِ کي جڏهن ڌاڙيلن اغوا ڪيو تڏهن پيرسائين پاڳاري صاحب ڊاڪٽر جي بازيابي لاءِ خاص طور دلچسپي ورتي هئي. ڊاڪٽر صاحب جي بازيابي لاءِ ٿرپارڪر جي ان وقت جي ڊي سي نثار احمد صديقي صاحب جون انتظامي سطح تي ورتل ڪوششون ساراهه لائق آهن. عوامي دٻاءُ پڻ وڏو اٿيو هو.
تعلقي عمرڪوٽ جي هر سياسي سماجي خاندان سان ڊاڪٽر هرچند راءِ جو پنهنجائپ جو تعلق رهيو. سڀ ڊاڪٽر هر چندراءِ جو مان رکندا هئا. عمرڪوٽ شهر جا ماڻهو کيس “ٻاء” سڏيندا هئا. راڻي چندر سنگھه سان سياسي لاڳاپن جي لاهن چاڙهن باوجود سماجي طور تي ڊاڪٽر صاحب جو گھاٽو تعلق جڙيل رهيو. ٻنهي خاندانن پاڻ ۾ “ڌرميلي” جو دستور پوري ريت نڀايو. راڻي چندر سنگهه جي پرلوڪ پڌراڻ کان پوءِ راڻي همير سنگھه سدائين ڊاڪٽر صاحب جي مان مرياده رکي. ڪنور ڪرڻي سنگھه ڊاڪٽر صاحب جي وڇوڙي تي آخري سفر ۾ “پيرين اڀراڻو” شامل ٿي پيڙهين جي تعلق کي اجاري اڇو ڪيو.
کاروڙي ۽ کيجراڙي جي ساڌاتن، ۽ ناري جي نواب پلي ڀائرن ۽ ٽالپرن جي ڊاڪٽر صاحب سان پريم ڀاونا مثالي رهي. نواب يوسف ٽالپر وقت به وقتن ڊاڪٽر صاحب سان رهاڻيون رچائيندو رهيو. مٺي جي ملاڻي خاندان ۽ پروفيسر شيام داس جوشي سان ڊاڪٽر هر چند راءِ جيءُ جو رشتو جوڙي رکيو هو. جڏهن به ڊاڪٽر صاحب جو مٺي اچڻ ٿيندو هو ته شيام داس سان ضرور ملندو هو. ڊاڪٽر صاحب جنهن به ڪردار ۾ اعليٰ انساني ڪردار ڏسندو يا ٻڌندو هو، هن کي اتساهيندو هو. مٺي جي منفرد ڪردار حاجي محمد دل جو پروفائيل اخبار ۾ پڙهڻ سان ڊاڪٽر صاحب مٺي ملڻ آيو هو.
ڪراچي جو اڳوڻو سٽي ناظم مولانا نعمت الله صاحب ڪراچي کان جڏهن عمرڪوٽ ايندو هو ته ڊاڪٽر صاحب سان ضرور ملندو هو. سپر اسٽار بيسٽ مين سعيد انور عمرڪوٽ آيو ته فروٽ ۽ مٺائي جو تحفو کڻي ڊاڪٽر صاحب هُن سان ملڻ ويو.
ڊاڪٽر صاحب جي مولانا عبدالرحمان جمالي صاحب سان وڏي نيازي مندي هوندي هئي. جمالي صاحب ۽ ڊاڪٽر صاحب جون پاڻ ۾ ڪچهريون ٻڌڻ جھڙيون هونديون هيون. ڊاڪٽر صاحب جي پر لوڪ پڌارڻ کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب جي پهرين ورسي جي صدارت مولانا جمالي صاحب ڪئي. ان موقعي تي مولانا صاحب آفاقي دعا گھري هئي.
ڊاڪٽر هرچند راءِ جي لاءِ مشهور آهي ته هُو مزاج ۾ سخت هوندو هو. مريضن کي ڏنل دڙڪن ۽ لطيفن جو وڏو داستان آهي. پر ويجھڙائپ ۾ رهندڙ ساٿين جو چوڻ آهي ته هُو من جو ملائم پڻ هو. سماجي روين جي ڪڙاڻ کي هن ڏاڍو برداشت ڪيو. درد مند دل جي قرار جي واسطي بي قرار رهندو هو. هن خزان نصيب زندگي جي لاءِ بهار ڳوليو هو. هن پنهنجي هستي مات ڪري ٻين کي مسرور بڻايو هو. ڊاڪٽر هرچند راءِ ڪيترن ئي شاگردن کي پڙهائي ۾ معاشي مدد ڪرڻ سان گڏ حوصلو ڏنو. ڪيترن ئي نوجوانن کي روزگار وٺي ڏنو. ڪيترن ئي نوجوانن جي تربيت ڪئي.
سنڌ جي نامور اديب سائين وليرام ولڀ ڊاڪٽر هر چند راءِ کي “ڀيشم پتامهه”، سڏيو آهي. وليرام ولڀ کي جڏهن صدارتي ايوارڊ مليو ته ڊاڪٽر صاحب نه صرف هلي وڃي کيس مبارڪباد ڏني پر وليرام جي مان ۾ عمرڪوٽ ۾ هڪ پروگرام پڻ رکيو.
ڊاڪٽر صاحب سوٽهڙ قبيلي ۾ جادم ونس جي راجا تنو ڀاٽي جي اولاد مڪر عرف مڪڙ/ماڪڙ جي نک سان تعلق رکندڙ هو. پر هن ”جانگڙ براهمڻ جي متي کي به گھڻو پڙهيو هو. ننڍي کنڊ جي هن هنرمند جاتيءُ جي ڀلائي ۽ بهتري جي لاءِ ڊاڪٽر هر چند راءِ هر طرح واهر ۽ وسيلو ٿي بيٺو. هن علائقي سان گڏ پنهنجي ڪميونٽي ۾ به سياسي سگھه پيدا ڪرڻ جي لاءِ وڏا جتن ڪيا.
ڊاڪٽر صاحب منهنجو مربي ۽ محسن هو. جڏهن به ڊاڪٽر صاحب سان منهنجو ملڻ ٿيندو ته مون کي ڳل ڳراٽڙي پائي پنهنجن ٻاجھارن هٿن سان آسيس ڏيندو هو. چيلهار مان ڪو مريض ويندو هو يا ڪوئي عزيز ڊاڪٽر منهنجو ضرور پڇندو هو. ڊاڪٽر صاحب مختلف وقتن تي مون ڏانهن خط به لکندو هو. سچ اهو آهي ته ڊاڪٽر صاحب جھڙو نيڪ شخص ٻين ۾ نيڪين جي تلاش ڪندو هو.
ڊاڪٽر صاحب منهنجي هڪ لوڪ ادب واري ڪتاب،گيت سانوڻ من ڀانوڻ جا” جو تفصيلي تنقيدي اڀياس لکيو.
عمر جي آخري ڏينهن ۾ ڊاڪٽر صاحب مون تي اهو ڪم رکيو هو ته، ٿر ۾ ڳائجندڙ همرچي جا قسم گڏ ڪري موڪل، ڊاڪٽر صاحب کي ۹۸ سال جي عمر ۾ به همرچي جي تانگھه هئي.
مون ڊاڪٽر صاحب جي لاءِ همرچي جا مختلف رنگ ميڙيا پر روايت سستي سبب موڪلي نه سگھيس. ۽ ڊاڪٽر صاحب ۴ مارچ ۲۰۱۳ع تي هن فاني دنيا مان موڪلائي ويو.آخري سفر ۾ ٿر ۽ عمرڪوٽ جا هزارين ماڻهو شريڪ ٿيا پر آئون رولاڪ شخص شامل نه ٿي سگھيس.
چو طرف سُڃ خزان ٿي، نيڻن نهار تائين.
افسوس هُو نه آيو، راشد مزار تائين
منهنجي اکين ۾ اڄ به ڊاڪٽر هر چند راءِ جو متحرڪ روپ آهي. تصور ۾ اڄ به هُڙڪ هرچند راءِ آهي. جيڪو هُڙڪ هلڻ جو سڏ ڏيئي رهيو آهي.
هڙڪ هلو، ڌيما هلو،
پنڌ پري هو،
ڪير ڪري هو،
واٽ اواٽي،
ڏيل ڏري هو،
پو به پرينءِ جو پنڌ ڀلو هو،
هڙڪ هلو، ڌيما هلو. (شيخ اياز)



ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاني
ناميارو سماج سڌارڪ
ڀڳوانداس کتري عمرڪوٽ
عالمي سطح تي سماجي خدمتن عيوض مڃتا ايوارڊ ماڻيندڙ ناميارو سماج سڌارڪ ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاني (۹۸) ورهين جي ڄمار ۾ ديهانت ڪري ويو. (۲۲) ڏينهن تائين حياتي سان جنگ جوٽيندڙ ڊاڪٽر هرچند راءِ جو، ۱۴ مارچ ۲۰۱۳ع تي شام ساڍي ڇهين وڳي، ساهه جو سڳو ٽٽي پيو. ڊاڪٽر هرچند راءِ جي ديهانت جو ٻڌي، سوين شهري سندس گهر پهچي ويا، جڏهن ته سڄو شهر سوڳ ۾ بند رکيو وي آهي. ڊاڪٽر هرچند راءِ جي ۱۲ فيبروري تي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي، جنهن بعد نيم بيهوشي واري حالت ۾ بستري داخل  ٿيو.
سال ۱۹۱۵ع ۾ پرائمري استاد گرڌاري لال جي گهر ۾ جنم وٺندڙ هرچند راءِ لکاني ۱۹۴۰ع ۾ بمبئي مان (ايل سي پي اين ايس) ڊاڪٽري جي ڊگري حاصل ڪئي. سال ۱۹۴۲ع ۾ عمرڪوٽ شهر اندر، پنهنجي خانگي اسپتال قائم ڪئي ۽ ۱۹۴۴ع ۾ سرڪاري نوڪري مليس.
ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاني ۱۹۴۴ع کان ۱۹۵۹ع تائين عمرڪوٽ، سانگهڙ، سامارو، سڪرنڊ ۽ ٽنڊو محمد خان سرڪاري اسپتالن ۾ سب ميڊيڪل آفيسر طور فرائض سرانجام ڏنا.
سال ۱۹۵۹ع ڌاري سرڪاري نوڪري ڇڏي، عوام جي خدمت شروع ڪئي. اڌ صدي کان وڌيڪ غريب ۽ بي سهارا ماڻهن جي خدمت ڪرڻ عيوض ڪيترا ئي ايوارڊ مليا. ڊاڪٽر هرچند راءِ نامياري سماج سڌارڪ سان گڏ ايشيا جو ماهر ڊاڪٽر پڻ هو. اڳوڻي صدر جنرل پرويز مشرف ۲۰۰۷ع ۾، سماجي خدمتن عيوض، تمغه امتياز سان نوازيو.
ڊاڪٽر هرچند راءِ عمرڪوٽ ٽائون ڪميٽي جو پنج سال چيئرمين پڻ رهيو ۽ سندس دور ۾ عمرڪوٽ شهر اندر رڪارڊ ترقياتي ڪم ٿيا. ڊاڪٽر هرچند راءِ ۱۹۸۵ع جي غير جماعتي بينادن تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ اقليتن جي سيٽن تان چونڊ وڙهي. ڊاڪٽر هرچند راءِ وٽ ملڪ جي ڏورانهن علائقن مان مريض علاج لاءِ ايندا هئا. ڊاڪٽر هرچند راءِ پاران مريضن کان ملندڙ فيس، عمرڪوٽ ۾ فلاحي اداري پاران هلندڙ ٽي بي سينٽر کي ڏني ويندي هئي.
سرڳواسي ڊاڪٽر هرچند راءِ پنهنجي زندگي ۾ ڪنهن ننڍي توڙي وڏي کي ويهي هٿ نه ڏنو. ڊاڪٽر هرچند راءِ سوڳوارن ۾ (۳) پٽ شهديو، مهاديو ڀارت ۾ رهائش پذير آهن. جڏهن ته سندس هڪ نوجوان پٽ جئه ديو ديهانت ڪري ويو ۽ هڪ ننڍو پٽ مهندر ديو عمرڪوٽ ۾ رهي ٿو، کيس پنج نياڻيون پڻ آهن.



ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي
حقيقي عوام دوست ڪردار
حاجي گل حسن آريسر
اڄ هتي هڪ اهڙي حقيقي انسانيت جي خدمت ڪندڙ، سچ جي علمبردار ۽ سماج سڌارڪ سرڳواسي ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي جو ذڪر ڪريان ٿو، جيڪو سياست ۽ سماج ۾ تبديلين لاءِ جدوجهد ڪندڙ ۽ سماج جي بهتري لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ انسان هو. ساڳي وقت ڊاڪٽري مسيحا پيشي سان لاڳاپيل هجڻ باوجود پنهنجي پيشي سان ثابت قدم رهيو، اڄ جي ڊاڪٽرن وانگر نه جيڪي مفادن خاطر انساني حياتين سان کيڏيندي دير نٿا ڪن. ڊاڪٽر هرچند راءِ وٽ ائين نه هو. سرڪاري اسپتالن ۾ مريضن جو مفت علاج ڪندو هو ۽ سندس پرائيويٽ اسپتال ۾ ايندڙ مريضن جو سستو ۽ درست علاج ٿيندو هو. ۵ پئسن واري گوري ۾ فائدو سمجھندو هو ته ان کي ۵ روپين واري دوا لکي نه ڏيندو هو. وڏي ڳالهه ته بيماري کي سڃاڻڻ وارو جڏهن هتان جا مريض حيدرآباد ڪراچي وڃي نامور اسپيشلسٽ کي ڳريون فيون ڀري ڏيکاريندا هئا ته اهي ماهر سرجن جو مريض کان پهريون سوال اهو هوندو ته عمرڪوٽ کان آيو آهين اتي ته ڊاڪٽر هرچند راءِ ويٺو آهي ڇا ان کي ڪو نه ڏيکاريو آهي. ڊاڪٽر هرچند راءِ جا شاگرد ڪم ڪندڙ بعد ۾ ڊاڪٽر تي نالو به ڪمايو ۽ خوب پئسو به حيدرآباد جي ناليواري ڊاڪٽر بيکارام ۽ ٻيا وغيره وغيره ٿر جي ڀٽن وچ ۾ هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڪيتا ۾ سن ۱۹۱۵ع ۾ جنم وٺندڙ ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي ڊاڪٽري پاس ڪري ڊاڪٽر ٿيڻ کانپوءِ هن هن عمرڪوٽ کي آخري رهائش گاهه بڻايو ان گهر کي به مسافرخانو ”رين بسيرا“ چوندو هو. ڊاڪٽر صاحب جي پڇاڙي واري دور يعني تقريبن ۶-۷ سال رڳو مون ڊاڪٽر هرچند راءِ جي ڪردار بابت هن جي پٽ مهيندر ديو کان ڄاڻ وٺي عمرڪوٽ ۾ ٽي بي جي مريضن لاءِ ٽي بي اسپتال عمرڪوٽ کي هر سال ۱۰ هزار روپين جو فنڊ ڏيڻ جو ڊاڪٽر صاحب بابت لکيل ۽ شايع ڪرايل ڪالم ۾ ذڪر ڪيو، ڇاڪاڻ جو ڪجھ سال اڳ ۾ واقعي ڊاڪٽر هرچند راءِ ٽي بي اسپتال کي ۱۰ هزار روپيه جو فنڊ ڏيندو هو پر هن وقت ڪو نه ڏيندو هو مون ته پٽ مهيندر ديو جي چوڻ موجب ذڪر ڪري ڇڏيو. بس هُن ڪالم کي پڙهڻ بعد ڊاڪٽر  ناراض ٿي ويو ناراضگي جي حد نه رهي بس هاڻي نوجوان ته توهان جي پٽ مهيندر ديو ڄاڻ ڏني ته مهيندر ديو جو خير نه هو، انڊيا موڪلي هان مون پاڻ تي رهايو، اڳيان حوالا ڏنا مانس هاڻي ٻڌايو ته ان کان وڌيڪ سچو ماڻهو ڪهڙو ٿيندو؟ اڄ ڪلهه ته سستي شهرت وارا گند مان گل ڪند بنائڻ وارا هڙان وڙان خرچ ڪري ميڊيا ۾ پاڻ کي تيس مار ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن جيڪي ڪجھ به ڪو نه هوندا آهن ماءُ جو واکاڻ وارو پٽ سپوت نه هوندو آهي، جنهن کي جڳ واکاڻي اهو هوندو.
سو اڄ ڪلهه ميڊيا جا دوست ذاتي مفادن سبب ميڊيا ۾ خرابي کي گل قند بنائيندا رهن ٿا سرڳواسي حياتي جون ۹۸ بهارون ماڻيو پر ان هوندي به صحتمند زندگي گذاري. هر ادبي سماجي سياسي ميڙاڪي وغيره ۾ دعوت ملندي هيس ته پڇاڙي جو پاڻ کڻائي به اتي پهچندو هو. سنڌ جي ثقافت جو ماڻڪ موتي ثقافتي تقريبن ۾ چاهي عمرڪوٽ جي قلعي ۾ هجي يا ٻئي ڪنهن ثقافتي هنڌ تي ڊاڪٽر هرچند راءِ جو ثقافتي اسٽال ضرور لڳل هوندو هو، خصوصي طور ٿر جون نشانيون اٺن ۽ گهوڙن جا سنج، پاکڙا رليون، ٿر جون لويون ۽ ٻيون بيشمار ٿري کٿا ۽ انمول شيون اسٽال جون سينگار هونديون هيون. اڄ سرڳواسي ڊاڪٽر هرچند راءِ جي ياد ان ڪري اچي ٿي ته سنڌ سان پيار ڪندڙ شهيد راڻي جو پٽ بلاول ڀٽو سنڌي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ موئن دڙي کان سنڌ فيسٽيول ملهائڻ جي ابتدا ڪئي ته ڊاڪٽر هرچند راءِ زنده هجي ها ته هو سرڳواسي اهي ثقافتي سوکڙيون کڻي موئن جي دڙي ضرور پهچي ها. سنڌ جي محبت جو هڪ ٻيو ثبوت هي آهي ته سرڳواسي کي اڻ خبري ۾ سرمائيدار سمجھي سفيد پوشي سبب ڌاڙيلن اغوا ڪيو جڏهن ڌاڙيلن کي خبر پئي ته ڊاڪٽر هرچند راءِ اهو آهي ته ڌاڙيلن چيو چاچا اوهان جي اسان کي ضرورت آهي. اوهين فقط غريب اسان ماڻهن جو علاج ڪجان بس. ڊاڪٽر ڌاڙيلن کي چيو ته مون کي ٻڌايو ته توهان سنڌي آهيو ته پوءِ سنڌي ماڻهن کي اغوا ڪري ڦرلٽ ڪريو ٿا، ڌاڙيلن مڃيو. واقع سچ ٿا چئو پر اسان جي مجبوري آهي. سماج ۾ تبديلي لاءِ پاڻ جاکوڙيو آهي. اهڙي طرح ڊاڪٽر هرچند راءِ جنهن کي ”ڇوڏو“ چوندا هئا، مڙڻ وارو نه هو سو ڊاڪٽر سياست ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ ڪافي دفعا قومي صوبائي اسميبلين ۽ لوڪل باڊيز جي چونڊن ۾ حصو ورتو. عمرڪوٽ ٽائون ڪميٽي جو چيئرمين به ٿيو. ترقياتي ڪم ڪرايا ۽ مدو پورو ڪرڻ وقت ٽائون ڪميٽي عمرڪوٽ جو خزانو لکين روپين سان ڀريل ڇڏيو، ڪا به عوامي بجيٽ جي پئسي ۾ هيرا ڦيري نه ڪئي. ڳالهه اڄ به ڳائجي پئي ملڪ جي معروف قانوندان علي احمد بروهي ۽ اڳوڻي سيشن جج ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۽ ٻين اعليٰ شخصيتن سان گهرو واسطو به هوندو هو.


ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي

ٿر ۽ عمرڪوٽ جو مسيحائي ڪردار

مير نادر علي ابڙو
آئون سنڌ جي ڪهڙي به ڪنڊ ڪڙڇ شهر ۾ هجان پر هر وقت اُنهيءَ شهر ۾ پلجندڙ تاريخ ساز انسانن جي ڳولا ۾ هوندو آهيان ۽ انهن ساڻ پنهنجي روح جا لاڳاپا جوڙي ڪچهرين کي اوليت ڏيندو رهيو آهيان. انهن انسانن مان هميشه مون ڪجهه پرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهي انسان اسان جي سنڌ جو لازوال خزانو آهن. جن کي ڳولهي لهڻ انهن جي سهائتا ڪرڻ اسان تي فرض ٿو ٿئي، جڏهن آئون بطور سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن جي شهدادڪوٽ کان بدلي ٿي عمرڪوٽ پهتس ته اتي مون کي اهڙو ئي ٿر ڄائو مسيحائي انسان نظر آيو، جنهن جو نالو عمرڪوٽ سميت سموري ٿر ۾ تمام وڏي احترام  سان ورتو ٿو وڃي. اهو پاڻ ۾ هزارين داستان سانڍي ويٺو آهي. پر ڪڏهن ڪنهن پير ۽ مير جي حاضري ناهي ڀريندو. اهو ميسحائي انسان ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي جن آهن، جن جو تعلق سنڌ جي امر ڪردار ماروي جي ديس عمرڪوٽ سان آهي، پاڻ لازوال بي مثال خصوصيتن جا مالڪ آهن. عمرڪوٽ کان ويندي ٿر تائين سندن جو وڏو نانءُ آهي. خاص طور تي هتي جي ريتن رسمن ڪلچر جي حوالي سان تما م  وڏي ناليج اٿس. وڏي ڪوشش بعد ساڻس ملاقات ٿي، پاڻ انتهائي حسرت ڀريل نگاهن سان منهنجو آڌر ڀاءُ ڪيو هئائين. اهو ان لاءِ نه ته ڪو آئون اينٽي ڪرپشن جو سرڪل آفيسر هئس پر ان لاءِ جو آئون ڪامريڊ تاج محمد ابڙي مرحوم جو فرزند هئس. ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي کان پهرين قرب ڀري ڪچهري کان پوءِ نه ڄاڻ ايئن محسوس ٿيو ته هي اهو ئي انسان آهي جنهن جي منهنجي روح کي سالن کان تلاش هئي. دل چاهيو هو ته هن جي احترام ۾ ايترو ڪجهه ڪري وڃان ۽ ماڻهن کي اهو احساس ڏياريان ته پنهنجي وڏن جو احترام ڪيو ۽ انهن کي سڃاڻو. ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي سان پهرين ملاقات بعد هن سان منهنجو گهريلو ناتو جڙي ويو. هن مون کي عزت ڏيندي پنهنجي پٽ جي حيثيت ڏني، جيڪا مون لاءِ انتهائي فخر جهڙي ڳالهه آهي. عمرڪوٽ جڏهن به وڃڻ ٿئي ٿو، تڏهن پهريائين حاضري ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي جن جي ڀربي آهي. تنهن بعد ٻئي سنگت.
ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي عمرڪوٽ جي هر گهر کي پنهنجو سمجهندو آهي ۽ شهر جي هر ماڻهوءَ کي ايئن سڃاڻي جهڙو هو هن جي گهر جو فرد هجي پراڻا شهري سندن کي جيءَ ۾ جايون ڏين ٿا، پاڻ عمرڪوٽ ٽائون ڪميٽي جا چيئرمين به رهيا ۽ انهيءَ زماني جا ڪيل سندن ڪم اڄ به عمرڪوٽ جي عوام جي دلين تي ڇانيل آهن. پاڻ عمرڪوٽ ۾ ٽائون ڪميٽي جا چيئرمين رهڻ دوران سنڌ جي امر ڪردار روحل فقير جي نانءُ پويان جرنل بس اسٽينڊ تعمير ڪرايو ۽ گڏوگڏ شهرين جي تفريح جي ضرورتن کي مدِ نظر رکندي پبلڪ پارڪ عمرڪوٽ به تعمير ڪرايائين ۽ ان دؤر ۾ پاڻ عمر ڪوٽ شهر ۾ روڊن جو ڄار وڇايو ۽ هر ڪم ۾ اڳ ڀرا نظر آيا. اهو ئي نه پر ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي جن ٿر جي ثقافت کي ٻاهرين ملڪن ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ عمرڪوٽ جي تاريخي قلعي ۾ هڪ ملڪي سطح جو ميلو به لڳايو، جنهن ۾ ٿر جي هنر کان ويندي هر ڪا تاريخي شيءِ ڏسڻ جهڙي هئي ۽ هن ۾ ملڪي ۽ غير ملڪي سفيرن ۽ سياحن شرڪت ڪئي هئي، انهيءَ کان علاوه پاڻ کي سماجي خدمتن  عيوض لاتعداد ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن، پر هي ماڻهو ڪڏهن به ٿڪو ناهي هر وقت چست چوبن ۽ ڪم جي لاءِ تيار آهي. سمهندي مهل به هن جو ذهن جاڳندو آهي. هي هر وقت پنهنجي علائقي جي غريب ٿري ماروئڙن لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ خاطر سوچي ٿو. سندس گهر ۾ ٿري هنر جا لاتعداد نمونا ۽ ثقافتي رنگ پيل آهن. جيڪي هن کان آرڪيالاجي کاتي عمرڪوٽ وارن به عمرڪوٽ جي قلعي واري ميوزيم ۾ رکڻ لاءِ گهريا هئا پر پاڻ اهو  چئي جواب ڏنو هو ته اوهان وٽ انهن شين جي حفاظت ناهي.
پاڻ انسانيت سان تمام وڏي همدردي رکي ٿو ۽ بغير ڊگري هجڻ جي به سنڌ جي چند وڏن ڊاڪٽرن ۾ سندن شمار ڪيو ٿو وڃي. اڄ به جڏهن ڪو مريض لاعلاج ٿيندو آهي ته آخري گهڙين ۾ اهو ئي انسان انهيءَ جي جيون دان جو وسيلو بڻبو آهي ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي هيل تائين هي انسان موت جي مُنهن مان ڪڍي چڪو آهي. سندن جي اسپتال مان جيڪا ڪمائي ٿئي ٿي اهو پاڻ رکڻ بجاءِ ٽي بي اسپتال عمرڪوٽ کي ڏيندو آهي، جنهن ۾ عمرڪوٽ ۽ ٿر جي ٽي بي ۾ ورتل مريضن جو مفت ۾ علاج ڪيو ٿو وڃي ۽ پاڻ ٽائيم جا انتهائي پابند آهن. ادبي پروگرام هجي يا سماجي پر ٽائيم تي پهچڻ هن جي ڪمزوري آهي. جڏهن سندن گهر واري لاڏاڻو ڪري وئي، تڏهن به پاڻ مريضن کي ڏسڻ ۾ مشغول هئا ۽ جڏهن مون کيس چيو هو ته ڊاڪٽر صاحب هلي تڏي تي ويهو. تڏهن پاڻ ورندي ۾ چيائين ته “مرڻ واري مري وئي پر آئون ڪجهه جيئرن لاءِ ڪرڻ ٿو چاهيان.”
پاڻ واقعي به بي مثال لاجواب امراڻي جا وڏي دل رکندڙ امر انسان آهن. جي عمرڪوٽ مان سياسي حوالي سان سيد مظفر حسين شاهه ۽ سماجي حوالي سان ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي جو نالو ڪڍيو وڃي ته باقي ڪجهه نه رهندو، بابا مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جڏهن سيشن جج اڳوڻي ٿر پارڪر ضلعي جا هئا ته مون کي اڪثر ڪچهرين ۾ چوندا هئا ته سنڌ جي اصل ثقافت جا رنگ ٿر ۾ سمايل آهن، جيڪا ڳالهه اڄ سمجهي چڪو آهيان. ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي تي سندن جيون ۾ ڪجهه لکڻ جي تمنا هئي، سا اڄ پوري ٿي آهي ۽ آئون دعاگو آهيان ته شل الله پاڪ ٿر جي هن لاڏلي مهان ماڻهو ۽ ميسحائي انسان کي اڃا به وڏو جيون عطا فرمائي ۽ ايئن ئي هن جي دم سان ٿر ۽ امراڻي جون رونقون تاحيات قائم دائم ۽ زنده رهن.

(عوامي آواز، عبرت، سڪار، هلال پاڪستان، خبرون، سنڌو ڊائجسٽ، هلچل، سوڀ)



ڊاڪٽر هرچند راءِ
عوامي خدمتگار
مير نادر علي ابڙو
هن ڌرتي تي اهڙن مهان انسانن جنم ورتو جن جو اعتراف ڪندي وفاقي حڪومت اهو تحرير ڪيو آهي ته ڊاڪٽر هرچند راءُ لکاڻي سنڌ جي علائقي ٿر جي نامور سماجي شخصيت آهي. انهن صحت ۽ ثقافت جي شعبي ۾ تمام گهڻو جاکوڙيو آهي. سنڌ جي مختلف علائقن ۾ بطور ميڊيڪل آفيسر بڻجي مفت ميڊيڪل ڪئمپون لڳايون. ريٽائرمينٽ بعد به اهو ڪم جاري رکيو. تنهن کانپوءِ ناياب ثقافتي شيون، گڏ ڪرڻ انهن کي محفوظ بڻائڻ، نمائشون لڳائڻ سان گڏ پراڻي دور جون ناياب شيون. انهي زماني جا زيور، هٿ جي هنر ۽ ٻيا کوڙ سارا ثقافتي رنگ وٽن سهيڙيل آهن. پاڻ پنهنجي پاڻ تحت انهن شين جي نمائش جا اسٽال به مختلف شهرن ۾ لڳائيندو رهيو آهي ۽ هاڻ انهن ناياب شين تي تحقيق ڪري پيو جيڪي هينئر زوال پذير آهن. سماجي ميدان ۾ خدمتن جي نمايان مقام رکڻ تي انهي جي اعتراف ۾ مڃتا طور صدر اسلامي جمهوريه پاڪستان ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي کي تمغه امتياز جو اعزاز ڏنو.
هي اهي لفظ آهن جيڪي سندن جي شخصيت لاءِ وفاقي گورنمينٽ تحرير ڪيا. جيڪي حقيقي طور تي تمام وڏي اهميت جا حامل آهن. سندن نالو ٿر ۾ تمام وڏي احترام سان ورتو وڃي ٿو. پاڻ پنهنجي پاڻ ۾ هزارين داستانون سانڍي ويٺو آهي. سندن تعلقه سنڌ جي امر ڪردار مارئي جي ديس امرڪوٽ سان آهي. سندن جي شخصيت ۾ بي پناهه صلاحيتون شامل آهن. سندن نالو خاص طور تي ٿر ۾ وڏي احترام کان ورتو ٿو وڃي. وٽس هتي جي ريتن رسمن ڪلچر جي حوالي سان وڏي ڄاڻ اٿس. سندن پهرين ڪچهري ۾ مون اهو محسوس ڪيو ته منهنجي روح کي سالن کان هن انسان جي تلاش هئي. دل ڪجهه پل لاءِ اهو چاهيو ته هن جي احترام ۾ ايترو ڪجهه ڪري وڃان جو ماڻهو مثال ڏين. ساڻس پهرين ملاقات بعد منهنجو ساڻس گهريلو ناتو جڙي ويو ۽ مون جهڙي انسان کي انهن پٽ جي حيثيت ڏني جيڪا مون لاءِ باعث فخر آهي. اڄ به جڏهن سندن وٽ وڃڻ ٿئي ٿو ته اهو ئي قرب اڳي وارو ملي ٿو. سندن اها وڏي خصوصيت آهي ته عمرڪوٽ جو هر شهري سندس پنهنجي گهر جي ڀاتين وانگر سڃاڻي ۽ کيس جيءَ ۾ جايون ڏين ٿا.
ڊاڪٽر هرچند راءِ لاکاڻي، عمرڪوٽ ٽائون ڪميٽي جو چيئرمين به رهيو. سندن هن دور ۾ ڪيل ڪم جا اڄ به ماڻهو مثال ڏين ٿا. پاڻ هن دور ۾ روحل فقير جي نالي پويان جنرل بس اسٽاپ تعمير ڪرايو. شهرين جي تفريح کي منظر رکندي پبلڪ پارڪ عمرڪوٽ ۾ تعمير ڪرايائين ۽ شهر ۾ روڊن تي ڄار وڇايائين. هو هر ڪم ۾ اڳڀرو نظر ٿر جي ثقافت کي ٻين ملڪن ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ عمرڪوٽ جي تاريخي قلعي ۾ ملڪي سطح جو ميلو به مچايو جنهن ۾ ٿر کان ويندي راجسٿاني ڪلچر جا سمورا رنگ پسڻ جهڙا هئا. هن ميلي ۾ ملڪي ۽ غير ملڪي سياحن شرڪت ڪئي هئي. ڊاڪٽر صاحب کي سماجي خدمتن عيوض لاتعداد ايوارڊ ۽ سرٽيفيڪيٽ هيل تائين ملي چڪا آهن پر هي ڪڏهن به ٿڪو ناهي. هر وقت چست چوبند ۽ ڪم جي لاءِ تيار آهي. سمهندي مهل به سندن ذهن جاڳ ۾ هوندو آهي. هر وقت پنهنجي پٺتي پيل علائقي جي غريب ماروئڙن کي خوش ڪرڻ خاطر سوچي ٿو. سندن گهر ۾ ٿري هنر جا لاتعداد نمونا ۽ ثقافتي رنگ چٽيل آهن. جيڪي هن عمرڪوٽ جي آرڪيالاجي کاتي وارن عمرڪوٽ جي قلعي ۾ موجود ميوزيم ۾ رکڻ لاءِ گهريا پر پاڻ اهو ئي چئي جواب ڏنو ته اوهان وٽ انهن شين جي حفاظت ناهي. سندن وٽ انسانيت جي تمام وڏي قدر آهي هو سنڌ جي چند وڏن ڊاڪٽرن ۾ شمار ڪيو ٿو وڃي. اڄ به  ڪو مريض جڏهن لاعلاج ٿيندو آهي ته آخري گهڙين ۾ اهو ئي انسان انهي جي جيوندان جو وسيلو بڻبو آهي ۽ هيل تائين ڪيترن ئي ماڻهن کي هي موت جي منهن مان ڪڍي چڪو آهي. سندن اسپتال مان جيڪا ڪمائي ٿئي ٿي اها پاڻ رکڻ بجاءِ عمرڪوٽ جي ٽي بي اسپتال کي ڏيندو آهي. جنهن ۾ ٿر ۽ عمرڪوٽ ۾ ٽي بي ۾ ورتل مريضن جو مفت علاج ڪيو ٿو وڃي. پاڻ وقت جو انتهائي پابند ڏسجڻ ۾ آيو آهي. وقت تي پهچڻ سندن سڀ کان وڏي ڪمزروي آهي. پاڻ هر پل جستجو واري جيون مان گذرندو نظر اچي ٿو. جيڪر عمرڪوٽ مان سماجي حوالي سان ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي جو نالو ڪڍجي ته باقي ڪجهه به نه رهندو. بابا مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جڏهن سيشن جج ٿرپارڪر هو ته مون کي اهو چوندو هو ته سنڌ جي ثقافت جا اصل رنگ ٿر جي علائقي ۾ ڏسجڻ ۾ ملن ٿا.  ڊاڪٽر هرچند راءِ سان ملي مون کي اهي لفظ سچ سمجهه ۾ آيا.

No comments:

راءِ ڏيندا