; سنڌي شخصيتون: ڪموڊور اقبال ميمڻ - آفتاب ميمڻ

29 November, 2015

ڪموڊور اقبال ميمڻ - آفتاب ميمڻ

ڪموڊور اقبال ميمڻ
سنڌ جو مايه ناز فرزند
آفتاب ميمڻ
سنڌ ڌرتيءَ انيڪ اَمُلهه ماڻڪ موتي پيدا ڪيا آهن. ڪراچي ۾. ڪارونجهر جي ڪَور ۾. ڀٽن ۾. ميدانن ۾. هيءَ ڌرتي ڏاڍي زرخيز مٽيءَ واري ڌرتي آهي. وقت جي بي رحم ڌارا ۽ پنهنجن جي بي حسيءَ ۽ بي رحمي به سنڌ ڌرتيءَ جي ڪُکَ کي سُنڍَ ڪري ڪونه سگهي آهي. جي ڏيساور وڃن ٿا ‘علامه عبدالعزيز الميمني’ جهڙا صاحبِ علم ۽ حيثيت وارا ٿين ٿا جن جي عربي ٻوليءَ تي دسترس، قرآن ڪريم ۽ لفظن جي بُڻ بنياد جي ڇنڊڇاڻ کي جڳ مشهور علمي درسگاه الازهر به مستند مڃيندي هئي. جڏهين دنياءِ عرب ۾ ڪنهن عربي لفظ جي معنيٰ، اشتقاق، بُڻ بنياد ۽ ماهيت تي تڪرار ٿيندو هيو ته الازهر يونيورسٽي علامه عبدالعزيز ميمڻ ڏي رجوع ڪندي هئي. علامه صاحب جو ڏنل ڇيد سڀن لاءِ مانَ ڀريو هوندو هيو ۽ حرفِ آخر ڪري ليکيو ويندو هيو.


ائين ئي پنهنجي پيشي ۽ مهارت ۾ ”ڪموڊور اقبال ميمڻ“ تمغه امتياز (ملٽري) هيو. اقبال ميمڻ ٿر جي وارياسن ڀٽن ۾ وسندڙ هڪ ننڍڙي ڳوٺ ’ڏيپلي‘ ۾ 10 اپريل 1954ع ۾ ڄائو. هُو اُن ديش جو واسي هيو، جنهن لاءِ اياز شيخ چيو آهي:
جِت لُڪ لڳي جت اَڪَ تپن
سو ديس مسافر منهنجو ڙي...
پرائمري تعليم ڏيپلي ۾ حاصل ڪيائين. ستين ڪلاس ۾ پيٽاري ڪيڊٽ ڪاليج ۾ داخل ٿيو. ڏيپلي ۾ پڙهيل، کڻي هوشيار ٻار ليکبو هجي پر ٻاهرين دنيا سان رابطو صرف ’عبرت‘ اخبار هيو، جا به ٻي ڏينهن ملندي هئي. 5-7 خريدار هئا. صبح کان وٺي اِهي پنج-ست ڪاپيون سڄي ڳوٺ ۾ هڪ هڪ ڪري ماڻهوءَ کي ميسر ايندي هئي. پر اقبال جو گهر توڙي ڏيپلي جا ميمڻ علم و ادب جا شيدائي هوندا هئا. الله ڀلو ڪري سائين ماستر محمد قاسم جو، جنهن جي گهر ۾ هڪ چڱو خاصو ڪمرو ڪتابن جي ذخيري کي پاڻ ۾ سموئي ويٺو هيو. مرزا قليچ بيگ کان وٺي محمد عثمان ڏيپلائي، ممتاز دمساز، الف ليليٰ، عثمان علي انصاري، اسماعيل عرساڻي صاحب، عمر خيام جون رباعيون، شيڪسپيئر جا ڊراما ۽ انهن جا منظوم ترجما. علم جو هڪ ذخيرو هيو. وري جنت ۾ جاءِ ملي سائين ماستر ڀليڏني کي، جنهن وٽ خاص طور انگريزي ادب جو منتخب ذخيرو هيو. اقبال ننڍي عمر ۾ ئي اهي ڪتاب اڏوهيءَ جيان چٽي ڇڏيا. سندس انهيءَ شوق جو وڏو ڪارڻ سندس خاندان ۾ تعليم جو شوق هيو. سندس وڏو چاچو خانصاحب محمد سومار علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ جو 40-1939ع جي اولين سنڌي مسلمان گريوجوئيٽس مان هڪ هيو. لاڙ جي سنڌي مسلمان گهرن مان پهريون ڊپٽي ڪمشنر ٿيو ۽ مغربي پاڪستان حڪومت مان 1960ع ۾ ڊائريڪٽري جنرل خوراڪ ۽ زراعت ٿي رٽائر ٿيو. اقبال جو وڏو ڀاءُ ڏيپلي جو پهريون ڊي ايم جي آفيسر ٿيو ۽ سنڌ حڪومت جي اٺن کاتن ۾ سيڪريٽري ٿي رهيو. سندس ڀيڻ ڊاڪٽر پروين موسيٰ قاسماڻي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم اي (سنڌيءَ) ۾ گولڊ ميڊلسٽ ٿي ته وري پي ايڇ ڊي ڪيائين ۽ اٺن (8) تحقيقي ڪتابن ۽ 125 تحقيقي مقالن ۽ مضمونن جي ليکڪا آهي. ڊاڪٽر پروين موسيٰ جا ڪتاب هائر ايجوڪيشن ڪميشن طرفان سي ايس ايس نصاب لاءِ نامزد ٿيا.
جنهن جاءِ تي نه بجلي، نه روڊ، نه رستا. گاسليٽ تي هلندڙ هٿ بتيءَ. انهن رنڊڪن جي پرواهه نه ڪندڙ ۽ محنت کي اولين ۽ آخير اصول بنائيندڙ ئي اڳيان وڌن ٿا. پنهنجي خاندان، قوم ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪن ٿا. اقبال 1971ع ۾ پاڪستان نيوي ۾ شموليت اختيار ڪئي. هونئن ته هڪ طريقي سان هو ڪيڊٽ ڪاليج ۾ ئي ميٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ نيوي جي ”نيول ڪيڊٽ“ اسڪيم ۾ کڄاڻو، جنهن ڪري سندس تعليم جو خرچ پاڪستان نيوي ڀريندي هئي. پيٽاري ۾ جيتوڻيڪ سندس ڪلاسي ۽ روم ميٽ زميندارن جا ٻار جيئن آصف علي زرداري، مير عنايت ٽالپر، سيد عنايت علي شاهه هئا پر اقبال پنهنجي سنگت جي نيازمنديءَ کانسواءِ صرف پڙهائيءَ تي ڌيان رکيو. پاڪستان نيوي ۾ اقبال سدائين اڳڀرو رهيو. نيول اڪيڊمي ۾ هو ڪيڊٽ ڪيپٽن مقرر ٿيو، جو اعزاز گهٽ سنڌي آفيسرن کي نصيب ٿيندو آهي. نيوي ۾ اقبال ڪنسٽرڪشن برانچ منتخب ڪئي. اُن وقت پاڪستان جي بحري فوج جا جهاز ٻاهر کان گهرايل پراڻن جنگي جهازين تي مشتمل هوندا هئا، جن ۾ ڪي ته ٻي جنگ عظيم جي دور جا هئا. پنهنجي محنت، لگن ۽ اورچائي جي ڪري ايندڙ ڪجهه سالن ۾ اقبال ميمڻ بي ايس سي (فنونِ حرب)، بي اي (ميڪنيڪل)، ايم ايس سي جهاز راني (يونيورسٽي آف لنڊن)، ٽن سالن جو ائڊوانسڊ جهاز رانيءَ جو ڪورس (A.C.N.C) برطانيه، اٽلي، ڪوريا، فرانس ۽ ترڪيءَ مان ڪيئي تربيتي ڪورس ۽ سرٽيفڪيٽ ڪورس ڪري آيو. 85-1981ع دوران اقبال ميمڻ نيول ڊاڪ يارڊ ڪراچي تي آفيسر انچارج مقرر ڪيو ويو، جتي هُن ڪيترن ئي جهازن جي مرمت ڪئي ۽ ننڍن وڏن جهازن کي ٺاهڻ جي منصوبي تي ڪم ڪيو. ائين هو ڪيپٽن جي عهدي تي پهتو ته کيس اسٽاف ڪورس لاءِ موڪليو ويو، جتي هُن پهرين پوزيشن حاصل ڪئي ۽ کيس امتيازي ايوارڊ مليو. 94-1992ع دوران کيس ٻيهر نيول ڊاڪ يارڊ ۾ مقرر ڪيو ويو. جتي هُن ٻن اهم پروجيڪٽس تي ڪم شروع ڪيو، جنهن ۾ هڪ هئي خالص پاڪستان ۾ ٺهندڙ ”مِگٽ ڪلاس“ آبدوز، جا تيز رفتار ۽ دشمن جي جنگي جهازن کي تباهه ڪرڻ جي قوت واري هئي ۽ ٻيو پروجيڪٽ هيو ”پيٽرول گن بوٽ“ يا گشتي گن بوٽ، جنهن ۾ ميزائل سان ليس هئڻ جي صلاحيت پڻ هئي. هلڪي ۽ تيز رفتار تباهه ڪُن. پي اين ايس لاڙڪاڻا. سندس صلاحيتن کي مڃتا ڏيندي صدرِ پاڪستان کيس 1994ع ۾ تمغه امتياز (ملٽري) جي اعزاز سان نوازيو. هِن ننڍڙي ڳوٺ ڏيپلي مان هي پهريون مايه ناز فرزند پيدا ٿيو، جنهن کي صدارتي ايوارڊ مليو. ڏيپلي مان ٻيو صدارتي ايوارڊ براءِ ادب بزرگوارم محمد عثمان ڏيپلائي کي ”پرائيڊ آف پرفارمنس“ جي صورت ۾ مليو. ته اقبال جي ڀاڻيجي نيول ڪمانڊر ذوالفقار نذير پنهنجي مامي جي نقشِ قدم تي هلندي پنج ڇهه سال اڳ بطور ليفٽيننٽ ڪمانڊر تمغه امتياز (ملٽري) ماڻيو ۽ خاندان جي ريت کي روشن رکيو.
جڏهين 1996-1995ع ڌاري حڪومتِ پاڪستان فرانس کان ايٽمي آبدوز اگسوٽا-90 گهرائڻ جو معاهدو ڪيو ته اقبال جي فني مهارت ۾ يڪتا هئڻ ڪري کيس اِنهيءَ پروجيڪٽ جو نگران مقرر ڪيو ويو. پاڪستان ايندڙ پهرين ايٽمي آبدوز، اقبال ميمڻ جي نگرانيءَ ۾ فرانس ۾ ٺهي راس ٿي. ائين ڪموڊور اقبال ميمڻ جي فني مهارت بين الاقوامي سطح تي مڃجڻ لڳي ۽ کيس برطانيه جي رائيل انسٽيٽيوٽ آف نيول آرڪيٽيڪٽس جو ميمبر چونڊيو ويو.
6-2005 ڌاري، جڏهين حڪومت ابوظهبي فرانس سان اگسوٽا آبدوزن جي خريداري ۽ فني مهارت جي منتقلي جو معاهدو ڪيو ته هنن دنيا جي ڪنڊڪڙڇ مان پنج ماهر چونڊيا،جن مان هڪ کي ابوظهبي حڪومت کي پنهنجو فني صلاحڪار  مقرر ڪرڻو هيو. نظرِ انتخاب اقبال تي پيئي. هُن پاڪستان نيوي مان ڪموڊور جي حيثيت سان رٽائرمينٽ وٺي ابوظهبي حڪومت ۾ شموليت اختيار ڪئي. ابوظهبي حڪومت سندس ڪانٽريڪٽ ختم ٿيڻ تي به کيس ڇڏڻ لاءِ تيار ڪونه هئي ۽ مدو وڌائيندي ويئي. هڪ وقت تي نيٺ کيس ابوظهبي نيول ڊاڪ يارڊ ۾ ڊائريڪٽر ڪري کنيو ويو. هو پهريون ۽ واحد غير ملڪي هيو،جنهن کي اِهو اعزاز حاصل ٿيو.
جنوري 2015ع ۾ کيس ڪينسر جي موذي مرض اچي وڪوڙيو. ڪجهه ئي مهينن ۾ نوڪريءَ تان استعيفا ڏنائين. ابوظهبي ۾ علاج ڪرايو. پاڪستان ۾ علاج ڪرايو. انگلينڊ ويو پر جولاءِ جي آخر ۾ انگلستان جي ڊاڪٽرن کيس جواب ڏنو ته هاڻ ڪينسر جسم جي اندروني عضون ۽ هڏن ۾ اچي ويئي آهي. سيپٽمبر جي وچ ڌاري اچي ڪراچيءَ جي آغا خان اسپتال ۾ داخل ٿيو. قريب ڏيڍ مهينو. بالآخر 17 آڪٽوبر 2015ع تي منجهند ٽي وڳي هُن پساهه پورا ڪيا ۽ خالقِ حقيقي سان وڃي مليو.

منهنجو ننڍو ڀاءُ هيو. پر اُن کان وڌيڪ هو هڪ محبت ڪندڙ محب وطن سچو پاڪستاني هيو. رب پاڪ کيس جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏي. سنڌ جو هڪ مايه ناز فرزند اکين کان اوجهل ٿي ويو.

No comments:

راءِ ڏيندا