عيسن خان ابڙو
هڪ اڻ وسرندڙ ڪردار
انور ڏنگڙائي
هڪ
اهڙو وڏيرو، جنهن کي وڏيرو چوڻ تي دل ئي نه ٿي چوي. ڇو ته اسان جا سنڌي وڏيرا جنهن
سوچ جا، جنهن ڪردار جا، جن عادتن جا رهيا آهن، جن پنهنجي اهڙي سڃاڻ ٺاهي ڇڏي آ، جيڪا
انهن کي ئي سونهين ٿي. انهن منجھان جيڪڏهن ڪو ماڻهپي وارو ماڻهو پيدا ٿي پوي ته ان
کي وڏيرو چوندي هچڪ محسوس ٿيندي آهي. ائين لڳندو آهي ته ”وڏيرو“ لفظ هن جي شخصيت تي
داغ آهي. ان داغ کان پاڪ صاف شخصيت عيسن خان ابڙي جي آهي. جنهن جو جنم مهين جي دڙي
کان ٽي ڪلوميٽر کن اولهه طرف بگي ڳوٺ ۾ ٿيو. گهڻي ڳولا جي باوجود به هن جي جنم ۽ وفات
جي تاريخ معلوم نه ٿي سگهي آهي نه ئي وري هن جي ڪا تصوير ملي سگهي آهي. بس ايترو معلوم
ٿي سگهيو آهي ته انگريزن جي پڇاڙيءَ واري دور ۾ هن جو اوج هو، هونئن مٿئين طبقي جي
ماڻهوءَ جو اوج اڪثر اهو ليکيو ويندو آهي جو هن جو دٻدٻو هجي. رعب تاب هجي. پر نه،
هن جيڪو اوج ماڻيو اهو پيار ۽ محبت ورهائڻ سان ماڻيو. ماڻهن کي محبتون ڏنائين ۽ ماڻهن
کان محبتون ورتائين.
حالانڪ
جيڪي ماڻهن جا لٽا لهرائي، انهن جي اگهاڙي بدن تي ڍير چهبڪن جو ڀڃندا هئا، ماڻهن کي
گڏهه جي لڏ کارائيندا هئا، ماڻهن کي ٻوريءَ ۾ بند ڪري ڪُتا بڇائيندا هئا ته ڪلاڪن جا
ڪلاڪ ٻوريءَ ۾ بند جيئري ماڻهوءَ کي ڪتا چڪيندا ۽ گهليندا رهندا هئا. اهي وڏيرا ان
عمل ۾ ئي پنهنجو رعب. پنهنجو دٻدٻو ۽ پنهنجو اوج سمجھندا هئا. نه صرف ايترو پر ماڻهن
کي عذابن ڏيڻ جا نوان نوان طريقا ايجاد ڪري. پنهنجي انفراديت مڃائڻ جي ڪوشش به ڪندا
هئا، اهڙي ماحول ۾ اهڙي طبقي ۾ پيدا ٿيندڙ عيسن خان پشم جهڙي دل ۽ ميڻ جهڙو جسم کڻي
پيدا ٿيو. جيڪو ٻئي جي ڏک سور تي به رِجي پوندو هو. ڪڏهن به ڪنهن سان پاڻ ته سختي نه ڪيائين. پر ڪنهن تي سختي ٿيڻ به نه ڏنائين.
ڪڏهن به ڪنهن هاريءَ يا راڄ واري ماڻهوءَ کي ڪو مفت جو ڪم، ڇيڙ، بيگريا وانگار نه ورتائين.
ان وقت وڏيرن جي ڇيڙ تي جيڪي ماڻهو ويندا هئا، اهي رات اتي وڃي ٿيندا هئا. صبح جو سوير
زمين جو ڪم شروع ڪري ڏيندا هئا ته وري سج لٿي جو انهن مان هٿ نڪرندا هئا ۽ اوندهه
۾ ٿاٻڙبا ٿاٻڙبا، اڌ رات جو وڃي گهر پهچندا هئا، سڄو ڏينهن ڪمدار جو لڪڻ ۽ زبان سانت
۾ نه هوندا هئا. ڪنهن کي گار جو ڦهڪو ته ڪنهن کي لڪڻ جو سٽڪو. وڏا ڳالهيون ڪندا هئا
ته؛ ”اڻ ڇنڊيل چاورن جو ڏارو، ڇُڙيي (واهه جي) پاڻيءَ ۾ رڌل ڀت جڏهن کائيندا هئاسين
ته ڏندن ۾ واريءَ جي ڪرچڪ ڪرچڪ پاڻ ئي ٻڌندا هئاسون“.
عيسن
خان کي ڪوئي مشورو ڏيندو هو ته راڄ وارا مفت ۾ ڪم ڪندا آهن، انهن کان مفت ۾ ڪم وٺ ته
ان کي پنهنجي مخصوص انداز ۾ کلي، هلڪي ڦلڪي گار ڏئي، ڳالهه کي نٽائي ڇڏيندو هو. اها
هلڪي ڦلڪي گار هن جو تڪيو ڪلام هو. هن جو ٻيو تڪيو ڪلام اهو هو ته ڪنهن جي به ڪا ڳالهه
وڻندي هئس ته ان کي چوندو هو؛ ”ڀيڻهان تون ته مون کان به سيبتو آهين!“.
وڏيرا
هڪ ٻئي کان به ڇيڙ لاءِ ماڻهو وٺندا هئا. هڪڙو وڏيرو پنهنجي راڄ جا ماڻهو ٻئي وڏيري
ڏي موڪليندو هو، جيڪي ائين ٿي وڃي وهي ايندا هئا. هڪ دفعي هڪ وڏيرو، جيڪو ماڻهن جي
خاطر تواضح گڏهه جي لِڏِ سان ڪندو هو ۽ ٻوريءَ ۾ بند ڪري ڪتن کان چڪرائي سلامي ڏيندو
هو، سو عيسن خان وٽ ڇيڙ لاءِ ماڻهو وٺڻ آيو. عيسن خان چيس؛ ”ويهه ماڻهو اچن ته چوانِ
ٿو“، ماڻهو ايندا ويا. جيڪو ماڻهو اچي پيو تنهن کي عيسن خان چوي پيو؛ ”ابا وڃ گهران
کٽ ته کڻي اچ“. ٻيو ماڻهو اچي پيو ته ان کي رلي و هاڻو کڻي اچڻ لاءِ پيو چوي. ٽيون
ماڻهو آيو ته ان کي وڄڻا کڻي اچڻ لاءِ چيائين. کٽون رکندا سڀ کٽن ويهندا ويا. تنهن
تي ان وڏيري چيس؛ ”وڏيرا هي سڀ راڄ وارا ماڻهو کٽن تي ويهندا ٿا وڃن، هي تو سان همسري
ڇو ٿا ڪن؟“ عيسن خان جواب ڏنس؛ ”راڄ وارا هجن ته هيٺ ويهن نه؟ منهنجا ته ڀائر آهن.
اهي ته مونسان گڏ ويهندا نه؟ تون ڏسين نه ٿو ته سڀ منهنجي گهر ٿا وڃن. گهر ۾ ڪنهن کي
موڪلبو آ، ڀاءُ کي يا ڌاريي کي؟“ ان وڏيري چيس؛ ”پوءِ باقي مون کي ڇيڙ لاءِ ڪهڙا ماڻهو
ڏيندين، اهي اڃا پوئتي آهن ڇا؟“ عيسن خان جواب ڏنس ته؛ ”مون عرض ڪيو ته ڇيڙ جي لاءِ
راڄ وارا ماڻھو ڏبا آهن. هي سڀ منهنجا ڀائر آهن. مان پنهنجن ڀائرن کي اهڙي ڪمن تي ڪيئن
موڪليندس جتي سڄو ڏينهن ڪمدارن جون گاريون سهن، لڪڻ جھلين ۽ واريءَ گڏيل ڀت کائين؟“
جنهن کانپوءِ اهو وڏيرو اٿيو هليو ويو.
هن
جي اوطاق ڄڻ ته سڄي ڳوٺ جي پنهنجي اوطاق هوندي هئي، ماڻهو رونبي ۾ هجي يا لاباري ۾،
جيئن ئي ٻنيءَ مان نڪرندو هو ته ڌوهن جي اوطاق ۾. کوهه تان پاڻيءَ جون ٻه بالٽيون ڀري،
وهنجي سهنجي وڃي کٽ تي آرام ڪندو ته ڪو وري راند تي ويهي رهندو هو. تاس جا پتا ۽ ڪوڏيون
ان وقت جون مقبول رانديون هونديون هيون. ڪڏهن ڪڏهن پاڻ به هڪ ٻه راند ڪري وٺندو هو.
عيسن خان ڪڏهن به ڪنهن سواليءَ کي در تان خالي نه موٽايو. هن جي زمين جو پٽو ڏوڪري
تعلقي جي هڪ ڇيڙي کان شروع ٿي ٻئي ڇيڙي تائين هو پر اڃا اڳتي وارهه تعلقي جي حدن ۾
به هن جون ڪافي زمينون هيون. هو جڏهن وارهه تعلقي جي ڳوٺ ”مرزا“ ۾ پنهنجي اوطاق تي
وڃي ويهندو هو (هن وقت مرزاڳوٺ تعلقي نصيرآباد ۾ آهي) تڏهن به ماني هن تائين گهر جي
ئي پهچندي هئي. هن تائين ما ني پهچڻ جو طريقو به عجيب ۽ نرالو هو. ڳوٺان ماني نڪرندي
هئي ته هڪ هاري ٻئي تائين پهچائيندو هو، ٻيو ٽئين تائين. ائين ماني اوستائين پهچي ويندي
هئي. ان وچ ۾ ڪجهه ماڻهو اهڙا به اچي ويندا هئا جيڪي يا ته ٻين جا هاري هوندا هئا يا
ته پنهنجي زمين وارا هوندا هئا ته اهي ماني شوق سان اڳتي وڌائيندا هئا، ڇو ته اها ماني
عيسن خان جي هوندي هئي.
هن
پنهنجي سموري زمين آهستي آهستي ڪري، ضرورت مندن ۾ ورهائي ڇڏي. ڪو سوالي هن وٽان خالي
موٽي وڃي، اها اڻ ٿيڻي ڳالهه هئي. اسان تائين ته هن جون کڻي ٿوريون ڳالهيون پهتيون
آهن، جيڪي سينا به سينا هلنديون ٿيون اچن پر مون ٻه ماڻهو اهڙا ڏٺا جيڪي عيسن خان جي
صحبت ۾ تمام گهڻو وقت گذاري چڪا هئا، هڪڙو هو فقير محمد ابڙو جيڪو پنهنجي دور جو وڏو
ملهه ٿي گذريو آهي. هو عسين خان سان گڏ ميلي
ملاکڙي ۽ اوطاق جي ڪچهرين جي اهڙي ته پيرائتي ڳالهه ٻڌائيندو هو جو ٻڌندڙ ان سڄي منظر
جي وچ ۾ پاڻ کي بيٺل محسوس ڪندو هو. ٻيو آهي گل فقير مڱڻهار جيڪو هاڻي آخري پساهن
۾ آهي، اهو به تفصيلي ڳالهه ٻڌائڻ جو ماهر هو. هو ٻڌائيندا هئا ته عيسن خان کي ڌڻ مينهن
جو ۽ ڌڻ ٻڪرين جو هوندو هو. جيڪو جڏهن جھنگ مان چري موٽندو هو ته سواءِ هڪ مينهن جي،
جيڪا هو گهر ۾ ڏهندا هئا، باقي سموريون مينهون ۽ ٻڪريون ڳوٺ وار ڏُهي کير کڻي ويندا
هئا. هڪ دفعي عيد نماز لاءِ تيار ٿي پهريو سهريو ويٺو هو ته هڪ فقير سامهون بيهي چيس؛
”سائين اها ڊريس پارايو جيڪا پاتل اٿوَ“. صرف انگوڇو هيٺ تي ٻڌي. سموري ڊريس لاهي فقير
کي ڏنائين. قميص ۾ سون جا ٻيڙا به وڌل هئا. فقير اهي سونا ٻيڙا ڪڍي واپس ڪندي چيس؛
”هي توهان کي ئي ٿا سونهن، اهي توهان وٽ ئي هجن“. جڏهن فقير کي اهي به کڻي وڃڻ لاءِ
چيائين تڏهن فقير چيس؛ ”سائين مان ٻاهر وڃي سڄي
پوشاڪ پنجين رپين ۾ وڪڻي ڇڏيندس. اجائي توکان به ويندا ته مون کان به“.
هڪ
دفعي جمعي نالي ڪنهن ڳوٺائيءَ کي. عيد جو گوشت وٺي اچڻ لاءِ پنج رپيا ڏنائين. عيد جو
ڏينهن ٿيو. نماز پڙهي موٽي آيو ماڻهو عيد مبارڪ ڏيڻ بهاني ماني کائڻ لاءِ اچي ڪٺي ٿيا،
مانيءَ لاءِ ماڻهو موڪليائين ته گهر ۾ ڪجهه به ڪو نه هو. جمعي کي گهرايائين. جمعو ڏوهه
جي احساس وچان ٿيڙ کائيندو اچي هن جي اڳيان بيٺو. عيسيٰ خان هڪ دفعو پڇيس، جواب نه
ڏنائين. ٻيو دفعو پڇيائين ته روئي ويهي رهيو. روئڻ جو سبب پڇيائينس، جمعي چيو؛ ”سائين
ننڍڙا ٻچڙا روزانو چوندا هئا ’بابا عيد جا لٽا. بابا عيد جا لٽا‘، ڪالهه شهر ويس گوشت
وٺڻ پر ڪنن ۾ ٻچڙن جا آواز گونجي رهيا هئا. تنهنجو گوشت مون کي ياد ئي نه پيو. لٽا
وٺي، ويهي سبرائي، کڻي اچي ٻچڙن کي پارايم. هاڻي جيڪا سزا ڏين قبول آ“. عيسن خان چيس؛
”وهڙي وا، ڀيڻهان تون ته ڪو مون کان به سيبتو آهين، وڃ وڃي ٻچڙن کي وٺي اچ ته مان به
ڏسان“. هو ويو پنهنجن ٻارن کي وٺي آيو جن کي ڏسي عيدن خان ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ٻيا پنج رپيا به خرچي ڏئي کين روانو ڪيائين.
ٻڌائين ٿا ته هڪ دفعي ڪنهن سهڻو اڳٺ ٺاهي کڻي آڻي ڏنس. جنهن کي جريب زمين جو ڏئي ڇڏيائين.
ملهه
۽ راڳ جو ايترو ته ذوق رکندڙ هو جو سنڌ جو ڪو به ميلو ملاکڙو نه گسائيندو هو. راڳ
۽ ملهه ۾ پيسن جون مٺيون ڀري اڇلائيندو هو. ان ڪري سنڌ جا سڀ ڳائڻا، ڳائڻيون ۽ ملهه
پهلواڻ نه صرف هن کي سڃاڻيندا هئا پر هن جو وڏو ادب ۽ احترام به ڪندا هئا. ملاکڙو ته
تيستائين شروع ئي نه ٿيندو هو، جيستائين عيسن خان نه پهچي. جيڪڏهن منتظم ملاکڙي شروع
ڪرڻ جو اعلان ڪندا هئا ۽ عيسن خان پهتل نه هوندو هو ته ملهه پهلوان نابري واريون ويٺا
هوندا هئا. عيسن خان پهچندو هو ته دهلن جا ٽاهو به شروع ٿي ويندا هئا ته ملهه پهلواڻ
به زمين تي آڱر هڻي، آڱر نڪ تي رکي، ڪن جي
پاپڙي پڪڙي ڪُڏڻ ۾ شروع ٿي ويندا هئا.
ڳوٺ
ڄام صاحب ضلعي سانگهڙ ۾ ميلو هو. هي به اتي وڃي نڪتو. ملاکڙو شروع ٿيو ته هن پنهنجي
مخصوص انداز ۾ گهوڙيءَ تي ويٺي ويٺي، پئسن جون مٺيون ڀري ملهن ڏانهن اڇلڻ شروع ڪيون.
اتان جي وڏيري ڄام ڪانڀو خان هن کي جوائين پئسا ڏيندي ڏٺو ته هن جي وڏيرڪي انا جاڳي
پئي ۽ عزت جو مسئلو سمجھي هن به عيسن خان، جي اسٽائيل ۾ پئسا اڇلائڻ شروع ڪيا. ڪجهه
وقت پئسا اڇلائڻ کانپوءِ عيسن خان ڏانهن نياپو ڪيائين؛ ”منهنجو گهر ويجھو آ، منهنجا
پئسا کٽندا ته کڻي وٺندس، تنهنجا پئسا کٽندا ته ڪاٿئون آڻيندين؟“ عيسن خان جواب ڏياري
موڪليس ته؛ ”شام تائين جي پورت ته کڻي آيو آهيان نه. شام کانپوءِ ته ميلو به ختم ٿي
ويندو. باقي سڀاڻي جا ڀاڳ سڀاڻي سان“. اڌ وچ ۾ سڄي ميلي ۾ چئون پچئون ٿي وئي ته ڪانڀو
خان ۽ عيسن خان جو مقابلو لڳي ويو آهي. خبر ملڻ شرط سڄي ميلي جا ڳائڻا ۽ ڳائڻيون پهچي
ويا، جيڪي عيسن خان جي گهوڙيءَ جي چوڌاري بيهي، عيسن خان کي چوڻ لڳا؛ ”سائين حڪم آ
تنهنجو، اسان جا سڀ پئسا تنهنجا آهن، متان ڪا ڳڻتي ڪرين.“ ملهه پهلوان ته ميدان ۾ موجود
هئا، اهي به کيس بار بار يقين ڏياري رهيا هئا. آخر ڪانڀو خان کي هار مڃڻي پئي ۽ عيسن
خان ڏي دوستيءَ جو نياپو موڪلي کيس مانيءَ جي دعوت ڏنائين جيڪا هن قبول ڪئي.
منهنجو
سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ وڃڻ ٿيو آهي. جتي به ڪو جھونو ملهه ڏٺو اٿم ان کان عيسن خان
جو ضرور پڇيو اٿم. هر ڪنهن عيسن خان جو ذڪر اهڙيءَ طرح ڪيو آهي جهڙوڪه هو عيسن جو پاڙيسري
هجي ۽ کيس چڱيءَ طرح سڃاڻندو هجي. هاڻي ته اهو پهاڪو به آهستي آهستي ختم ٿيندو پيو
وڃي جيڪو اڳ ٻڌڻ ۾ ايندو هو ته؛ ”تون ڪهڙو عيسن خان آهين“.
مان
ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته جن ڏهن ڏاتارن کي ڀٽائيءَ ڳايو آهي، ڇا انهن جي ملڪيت عيسن خان کان گهڻي هوندي؟ جيئن عيسن خان پنهنجي
سموري ملڪيت غريبن ۾ ورهائي ڇڏي، ائين انهن ڏاتارن به پنهنجي سموري ملڪيت غريبن ۾ ورهائي
ڇڏي هوندي يا پنهنجي لاءِ ڪجهه بچايو هوندائون. جيڪڏهن عيسيٰ خان ۽ انهن ۾ ڪي هڪ جهڙايون
آهن ته پوءِ اهي ته تاريخ جي ورقن ۾ امر بڻجي ويا ڇو ته کين ڀٽائيءَ جهڙو تاريخدان
ملي ويو پر عيسيٰ خان تاريخي شخصيت ڇو نه بڻجي سگهيو آهي؟ ان جو جواب اهو ئي آهي ته
هن کي ڪو ڀٽائي نه ملي سگهيو. هي به اڳئين دور جو هُجي ها يا ڀٽائيءَ جي دور جو هجي
ها ته يقينن هن کي به ڀٽائي ائين ڳائي ها جيئن هن ڏهن ڏاتارن کي ڳايو آهي.
اهو
عيسن خان جنهن سڄي سنڌ ۾ سخاوت جا واڄٽ وڄائي ڇڏيا. جنهن پنهنجي لاءِ ڪجهه به پاڇي
نه بچايو. جنهن کي وفات کانپوءِ دفنايو ته جمن شاهه جي قبرستان ۾ ويو. جيڪو تعلقي ڏوڪريءَ
۾ منهنجي ڳوٺ ڏنگڙيي ۽ ڳوٺ بگيءَ جي وچ تي. دادو ڪئنال جي اولهه ۾، الهندي ناري جي
ڪپ تي آهي پر هاڻي هن جي قبر جو نالو نشان به نه رهيو آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا