عيسن خان ابڙو
هڪ اڻ وسرندڙ ڪردار
انور ڏنگڙائي
هڪ
اهڙو وڏيرو، جنهن کي وڏيرو چوڻ تي دل ئي نه ٿي چوي. ڇو ته اسان جا سنڌي وڏيرا جنهن
سوچ جا، جنهن ڪردار جا، جن عادتن جا رهيا آهن، جن پنهنجي اهڙي سڃاڻ ٺاهي ڇڏي آ، جيڪا
انهن کي ئي سونهين ٿي. انهن منجھان جيڪڏهن ڪو ماڻهپي وارو ماڻهو پيدا ٿي پوي ته ان
کي وڏيرو چوندي هچڪ محسوس ٿيندي آهي. ائين لڳندو آهي ته ”وڏيرو“ لفظ هن جي شخصيت تي
داغ آهي. ان داغ کان پاڪ صاف شخصيت عيسن خان ابڙي جي آهي. جنهن جو جنم مهين جي دڙي
کان ٽي ڪلوميٽر کن اولهه طرف بگي ڳوٺ ۾ ٿيو. گهڻي ڳولا جي باوجود به هن جي جنم ۽ وفات
جي تاريخ معلوم نه ٿي سگهي آهي نه ئي وري هن جي ڪا تصوير ملي سگهي آهي. بس ايترو معلوم
ٿي سگهيو آهي ته انگريزن جي پڇاڙيءَ واري دور ۾ هن جو اوج هو، هونئن مٿئين طبقي جي
ماڻهوءَ جو اوج اڪثر اهو ليکيو ويندو آهي جو هن جو دٻدٻو هجي. رعب تاب هجي. پر نه،
هن جيڪو اوج ماڻيو اهو پيار ۽ محبت ورهائڻ سان ماڻيو. ماڻهن کي محبتون ڏنائين ۽ ماڻهن
کان محبتون ورتائين.