; سنڌي شخصيتون: ڪموڊور، اقبال، ميمڻ، سنڌ، مايه ناز، فرزند، آفتاب،
Showing posts with label ڪموڊور، اقبال، ميمڻ، سنڌ، مايه ناز، فرزند، آفتاب،. Show all posts
Showing posts with label ڪموڊور، اقبال، ميمڻ، سنڌ، مايه ناز، فرزند، آفتاب،. Show all posts

29 November, 2015

ڪموڊور اقبال ميمڻ - آفتاب ميمڻ

ڪموڊور اقبال ميمڻ
سنڌ جو مايه ناز فرزند
آفتاب ميمڻ
سنڌ ڌرتيءَ انيڪ اَمُلهه ماڻڪ موتي پيدا ڪيا آهن. ڪراچي ۾. ڪارونجهر جي ڪَور ۾. ڀٽن ۾. ميدانن ۾. هيءَ ڌرتي ڏاڍي زرخيز مٽيءَ واري ڌرتي آهي. وقت جي بي رحم ڌارا ۽ پنهنجن جي بي حسيءَ ۽ بي رحمي به سنڌ ڌرتيءَ جي ڪُکَ کي سُنڍَ ڪري ڪونه سگهي آهي. جي ڏيساور وڃن ٿا ‘علامه عبدالعزيز الميمني’ جهڙا صاحبِ علم ۽ حيثيت وارا ٿين ٿا جن جي عربي ٻوليءَ تي دسترس، قرآن ڪريم ۽ لفظن جي بُڻ بنياد جي ڇنڊڇاڻ کي جڳ مشهور علمي درسگاه الازهر به مستند مڃيندي هئي. جڏهين دنياءِ عرب ۾ ڪنهن عربي لفظ جي معنيٰ، اشتقاق، بُڻ بنياد ۽ ماهيت تي تڪرار ٿيندو هيو ته الازهر يونيورسٽي علامه عبدالعزيز ميمڻ ڏي رجوع ڪندي هئي. علامه صاحب جو ڏنل ڇيد سڀن لاءِ مانَ ڀريو هوندو هيو ۽ حرفِ آخر ڪري ليکيو ويندو هيو.