; سنڌي شخصيتون: در محمد ڪمال سولنگي

08 April, 2017

در محمد ڪمال سولنگي

در محمد ڪمال سولنگي


نالو؛ در محمد

تخلص؛ ڪمال

پيءُ جو نالو: محمد موسيٰ

ذات؛ سولنگي

ڄمڻ جي تاريخ؛ ۰۸-۰۷-۱۹۴۷ع

تعليم؛ ماسٽرس (‏‏‏M.A) جنرلزم

ادبي استاد؛ محمد ابراهيم مائل سولنگي (سندس ڀاءُ)

شايع ٿيل ڪتاب؛ سمن سرڪار (سوانح حيات)، ڪرامتون

مليل ايوارڊ؛ لاڙ جو لال (۱۹۷۹ع) ڀٽائي ايوارڊ (۲۰۰۲ع)

پيشو؛ اطلاعات کاتي جو ريجنل ڊائريڪٽر ٿي رٽائرڊ (۲۰۰۷ع)

وفات؛  ۲۷ فيبروري ۲۰۱۷ع

ڌنڌو؛ زمينداري

هنڌ؛ ڳوٺ ٺٺ سولنگي لڳ دليپوٽا ضلعو نوشهرو فيروز، سنڌ

 

کنوڻ جو ڏهس بيت

چاها، چِيهي، چَچُورَکي، مُحب ڪرائي مات

بَرق، بَجلي، بِيجڙي، سِمڻه آئي سانت

مُرڪ مَٿي ملهار ڳڙهه کان، نڪي چِمڪَت جي چمڪات

دامني چمڪي دنگ ڪيو، آيو ڪامل جڏهن ڪائنات

دَشن کولي دلبر، ڪئي روشن ڪاري رات

جانب آيو جهان ۾، پرهه ڦُٽي پرڀات

شب روز راضي رهبر سان، بهتر بڻي بات

“درمحمد” درود پڙهون، نرمل مٿان نعت

ٿي صلوات وائي وات، جڏهن سڄڻ آيو “سولنگي” چئي

 


 

در محمد ڪمال سولنگي

گهڻ رخي شخصيت

محمد امين سولنگي

هيءُ لطيف جو عاشق ۽ جاکوڙي انسان ۸ جولاءِ ۱۹۴۷ع ۾ نوشهري فيروز جي مشهور ڳوٺ ڪوڙي جا ڀاڻ، تعلقي نوشهري فيروز (ان وقت جي ضلعي نوابشاھ) ۾ پيدا ٿيو، ۱۹۷۲ع ۾ بي اي ۽ ۱۹۷۴ع ۾وڪالت جو امتحان پاس ڪيائين. صحافت جو آغاز هن نواءِ سنڌ حيدرآباد کان ڪيو، بعد ۾ روزاني الوحيد جو سب ايڊيٽر ٿيو، ۱۹۷۳ع ۾ روزاني آفتاب ۾ ڪم شروع ڪيو ۽ ڪافي وقت ان سان وابسته رهيو. ان دوران ”اديون“ رسالي جي پڻ ايڊيٽنگ ڪندو رهيو. ان بعد روزاني عبرت جو سب ايڊيٽر پڻ رهيو. سيد سردار علي شاھ سان محبت ۽ عقيدت سبب روزاني مهراڻ ۾ شامل ٿيو ۽ آخر تائين ان سان واڳيل رهيو. در محمد ڪمال سولنگي اپريل ۱۹۷۶ع ۾ ڪميشن پاس ڪري اطلاعات کاتي ۾ انفارميشن آفيسر مقرر ٿيو ۽ سندس پهرين مقرري ضلعي انفارميشن آفيسر طور نوابشاھ ۾ ٿي، ۽ ان نموني سان سرڪاري ملازمت جي شروعات ڪيائين، ۱۹۷۹ع ۾ جڏهن مولانا وصي مظهر ندوي حيدرآباد جو ميئر ٿيو ته ميئر جي گھر تي در محمد ڪمال  سولنگيءَ کي ڊيپوٽيشن تي ميئرجو پبلڪ رليشن آفيسر ( پي، آر، او) مقرر ڪيو ويو.ان بعد ۱۹۸۱ع ۾کيس بدلي ڪري ڊسٽرڪٽ ڪائونسل بدين جي چيئرمين جو ( پي آر او) مقرر ڪيو ويو، جتي هن مُتحرڪ ٿي تمام گھڻي محنت ۽ لڳن سان ڪم ڪيو، ان دوران لاڙ تي مضمونن لکڻ جي مقابلي جو اعلان ٿيو، جنهن ۾ لاڙ جي ڪيترن ئي اديبن ۽ مضمون نويسن لاڙ خطي جي رهڻي ڪهڻي، ثقافت، ريتن رسمن ۽ ٻولي تي پنهنجا مضمون لکيا، جنهن ۾ در محمد ڪمال سولنگي پڻ ڀرپور حصو وٺي سڀ کان وڌيڪ ۱۳۷ معياري ۽ معلوماتي مضمون لکي، اهو مقابلو کٽي (لاڙ جو لال) جو ايوارڊ حاصل ڪيو. پ پ جي پهرين حڪومتي دور ۾ مير عطا حسين ٽالپر جيڪو ان وقت روڊس کاتي جو وزير هيو، جو پي آر او مقرر ٿيو. ان بعد ۱۹۸۶ع ۾ پروموشن ڏئي کيس اسسٽنٽ ڊائريڪٽر انفارميشن بدين مقرر ڪيو ويو. ۽ ۱۹۸۹ع ۾ پروموشن ڏئي کيس ڊائريڪٽر انفارميشن حيدرآباد مقرر ڪيو ويو. ۱۹۹۵ع ۾ در محمد ڪمال سولنگيءَ کي ميرپورخاص جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. ۱۹۹۷ع ۾ ٻيهر کيس حيدرآباد جو ڊائريڪٽر انفارميشن مقرر ڪيو ويو. ۲۰۰۳ع ۾ کيس ڪراچي بدلي ڪيو ويو ۽ پوءِ جلد ئي کيس واپس حيدرآباد ۾ مقرر ڪيو ويو، جتان لطيف جي عاشق، مُتحرڪ ۽ هن ثقافتي ماڻهوءَ سال ۲۰۰۷ع ۾ سرڪاري نوڪري تان رٽائر ڪيو. هيءَ هڪ اهڙي انوکي ۽ اڻ لڀ روايت هئي جيڪا اڄ تائين ڪنهن به برادري کي شايد نصيب ٿي هجي. سندس ئي ڪوشش سان هڪ اعليٰ تعليم يافتا شخصيت ڊاڪٽر حسن علي خان سولنگي آف پير جو ڳوٺ، کي سڄي سنڌ جو صدر چونڊيو ويو، جنهن صاحب پنهنجي ايام ڪاري ۾ سڄيءَ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جو دورو ڪري هر ضلعي ۽ تعلقي ۾ عهديدار چونڊي مقرر ڪيا، جنهن ڪري سولنگي برادري پستيءَ مان نڪري بلنديءَ ڏانهن روان دوان ٿي، ۽ سولنگي برادري ۾ تعليم، تهذيب، عزت نفس، ڀائيچاري ۽ برابري سان برادر قومن سان گڏ رهڻ جو سليقو ۽ سبق مليو. در محمد ڪمال سولنگيءَ کي تقرير ڪرڻ جو ايڏو ته ڍنگ ۽ طريقو هيو جو ڪنهن ڪچهريءَ، ميڙ يا ڪنهن جلسي ۾ تقرير ڪندو هيو، ته اهڙي سليقي، سڪون، سگھڙائپ ۽ روانيءَ سان مقصد ۽ مفهوم کي نظر ۾ رکندي، شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ، سچل سرمست ۽ ٻين شاعرن جا بيت وڏيءَ فصاحت ۽ بلاغت سان پنهنجي تقرير ۾ ڳنڍيندو ويندو هيو جو ٻڌندڙن جي دل به واهه واهه جي آوازن ۽ اقرارن سان گونجي اٿندا هئا. سندن تحرير هجي يا تقرير ٻنهين ۾ ميٺاج ۽ مزو مصريءَ ۽ ماکيءَ جھڙو هوندو هيو. در محمد ڪمال سولنگيءَ جي سماجي پهلوءَ جي نمايان نشاني انجمن الفلاح ”ٺٽ ڳوراهو“ آهي ۽ جڏهن ان فلاحي تنظيم ”انجمن الفلاح ٺٽ ڳوراهو“، جو بنياد وڌو ويو ته ان ۾ يار محمد مشوري،  عبدالرزاق مشوري، ۽ در محمد ڪمال سولنگيءَ جو مرڪزي ڪردار هيو. ۽ ان فلاحي تنظيم جون برانچون، مٺياڻي، ابڙان، سهڙا، ٺوڙها، ڪوڙي جا ڀاڻ ۽ ٻين ڪيترن ئي شهرن ۾ کوليون ويون، پر سڀني برانچن ۾ نمايان ۽ فعال ڪم ڪندڙ برانچ ”ڪوڙي جا ڀاڻ“ هئي.

جنهن پنهنجي عوام لاءِ صدر منشي محمد خان سولنگي جي سربراهيءَ هيٺ در محمد ڪمال سولنگيءَ جي همٿ ۽ مدد سان ٻه سرڪاري بسون چالو ڪرايون، جن مان هڪ حيدرآباد ۽ هڪ سکر، روزانو اينديون ۽ وينديون هيون. ڪوڙي جي ڀاڻن تي مٺياڻي کان ٽيليفون لڳي، ڪمال صاحب جي ڪوشش سان ”ٺٽ ڳوراهو“ کان ”ڪوڙي جا ڀاڻ“ تائين ان وقت جي سکر جي ڪمشنر  نثار احمد صديقيءَ جي حڪم سان پڪو روڊ مليو، جنهن سان هڪ طرف علائقي جي عوام کي بهتر سفري سهولت ملي ته ٻئي طرف علائقي ۾ ترقي جو نئون دور شروع ٿيو. عوام جي تفريح لاءِ جدا جدا وقتن تي انجمن الفلاح ڪوڙي جا ڀاڻ ۾ ڪيترا دفعا ڊراما ٿيا جي ڏاڍا ڪامياب ويا. جن سان تمام گھڻي تفريح فراهم ٿي. پاڻ ڀلوڙ شاعر به هيو، سندن هڪ ڪافي (سولنگي تاريخ) جي ڪتاب جي پوئين پاٺي تي ڇپيل آهي. پاڻ ملھه ۽ ملاکڙن جو وڏو شوقين هيو، هن سنڌ ۾ ملھه ۽ ملاکڙن جي واڌ ويجھه لاءِ وڏو ڪم ۽ ڪردار ادا ڪيو هن ملهن کي سنڌ اندر منظم ڪرڻ لاءِ سنڌ ملھه ايسوسيئيشن ٺاهي، جنهن جو هو سرپرست اعليٰ پڻ هيو ۽ سندس ئي ڪوشش سان ملھه ايسوسيئيشن کي ضلعي ۽ تعلقي سطح تائين کڻي کين وڌيڪ منظم ڪيو .در محمد ڪمال نه رڳو آفيسر هيو پر پاڻ ڇاڪاڻ ته اطلاعات کاتي سان واڳيل هيو ان ڪري اعليٰ پايي جو شاھ عبدالطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جو پرجھيندڙ، پڙهندڙ ۽ پارکو ۽ ان جو شيدائي به هيو ۽ ان سان گڏ پاڻ ڪمال درجي جو سگھڙ پڻ هيو، شاھ عبدالطيف ڀٽائي تي هر سال ڪنهن نه ڪنهن سُر تي ڇپايل نئين ڪتاب جي مهورت به پاڻ ڪرائيندو هيو، سنڌ سگھڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) جو سال ۲۰۰۷ کان وٺي سندس فوت ٿيڻ تائين (۱۰ سال) سرپرست اعليٰ رهيو ۽ شاھ، سچل ۽ قلندر جي ميلن ۾ هن جي ئي ڪوشش سان سرڪاري سطح تي سگھڙ ڪچهريون شروع ٿيون، جيڪي اڃا تائين جاري آهن جتي سگهڙ پنهنجو فن پيش ڪري ”لوڪ ادب“ جي خدمت ڪري رهيا آهن ۽ جتان عالمي سطح تي سگھڙن کي مڃتا ملي.سنڌ جو هيءُ سپوت ۽ سچو سپاهي، ۲۶ فيبروري ۲۰۱۷ع بروز سومر تي ڪراچيءَ جي مقامي اسپتال ۾ شگر، سائي ۽ گڙدن جي فيل ٿي وڃڻ ڪري اسان کان هميشه هميشه لاءِ موڪلائي ويو.


 

در محمد ڪمال

لاڙ جي لال جو وڇوڙو

نور سنڌي

اطلاعات کاتي جو اڳوڻو ڊائريڪٽر، مشهور سگهڙ، سنڌ جي ثقافت جو امين، سنڌ جي قومي راند ملاکڙو ۽ ٻين ديسي راندين جي سرپرستي ڪندڙ در محمد ڪمال سولنگي ڪجهه وقت بيمار رهڻ بعد ۲۷ فيبروري ۲۰۱۷ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. سندس وڇوڙي جي ان خبر تي يقين ئي نه پيو اچي.

در محمد ڪمال هڪ پيارو انسان هو، جنهن سڄي حياتي ادب، فن، ثقافت جي واڌاري لاءِ هر طرح سان ڪوششون ڪيون. پاڻ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اطلاعات جي حيثيت سان بدين، حيدرآباد، ٺٽي ۽ ٻين ضلعن ۾ ڊائريڪٽر اطلاعات جي حيثيت سان لاڙڪاڻو، ميرپورخاص، ڪراچي، سکر ۽ حيدرآباد ۾ رهيو. سڀ کان وڌيڪ وقت حيدرآباد ۾ رهيو، جڏهن ته وزير اعليٰ سنڌ جو پريس سيڪريٽري به رهيو. سندس شمار سنڌ جي چند مثالي ڊائريڪٽر اطلاعات ۾ ٿئي ٿو. صحافين سان سندس ويجها ۽ بهتر لاڳاپا رهيا. صحافين جي مسئلن کي حل ڪرائڻ، سچ لکڻ جي ڏوهه ۾ صحافين تي ٿيندڙ حملن، ڪوڙن ڪيسن جي حوالي سان صحافين کي انصاف ڏياڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو هو. پاڻ دودو سومرو ڪانفرنس به ڪرائي. پاڻ سنڌ صوفي سنگت جو سرپرست هو. ان پليٽ فارم تان سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن، ڳوٺن ۾ صوفياڻا شاندار پروگرام ڪرايا. پاڻ مشهور شاعر، ليکڪ، صحافي پروانو ڀٽي سان گڏجي سنڌ ڪلچرل ڪائونسل نالي تنظيم جو بنياد وڌو ۽ ان پليٽ فارم تان سڄي سنڌ ۾ ادبي، ثقافتي، شاهه لطيف جي شناسي جا پروگرام ڪرايا. پاڻ لطيف سرڪار جو وڏو عقيدتمند ۽ لطيف شناس هو. ڪنهن پروگرام يا ڪچهري ۾ ڪير لطيف سائين جو ڪلام غلط پڙهندو هو ته پاڻ هڪل ڪندو هو ته بيت هيئن نه پر هونئن آهي.

پٽڪا ته هر ماڻهو ٻڌي وڃي ٿو پر پٽڪي ٻڌڻ جو فن آهي. سنڌ ۾ تمام گهٽ ماڻهو وڃي بچيا آهن، جن کي خوبصورت انداز ۾ پٽڪي ٻڌڻ جو فن آهي. در محمد ڪمال جو اهو به وڏو ڪارنامو رهيو ته سندس ڪوشش سان شاهه لطيف جي عرس مبارڪ ۾ سگهڙ ڪانفرنس شروع ٿي، جيڪا هر سال شاندار انداز ۾ ٿئي ٿي. ڪيترائي سال سگهڙ ڪانفرنس سندس حوالي رهي، ڪمپيئرنگ به پاڻ ڪندو هو. ڪيترائي سال لطيف سائين جي عرس ۾ پٽڪا ٻڌڻ ۽ ڪوڏر جا لپا هڻڻ وارا مقابلا سندس تجويز تي ثقافت کاتي پاران شروع ڪرايا ويا. ڪجهه سال لطيف جي ميلي ۾ ميلي جي تقريبن جي ڪوريج جي حوالي سان مقابلو به در محمد ڪمال جي تجويز تي شروع ڪرايو ويو، جيڪو ۵ سال کن جاري رهيو پر ان مقابلي ۾ صحافين جي جانبداري جي شڪايتن بعد اهو سلسلو بند ڪيو ويو. ان بعد ڪجهه سال ميلي جي ڪوريج لاءِ محنت ڪندڙ حيدرآباد، ڀٽ شاهه، مٽياري ۽ هالا جي صحافين کي ثقافت کاتي پاران روڪ رقم انعام طور به ڏياري. کيس ملاکڙن جو ڏاڍو شوقين هو. ملهه راند جي هر انگ کان واقف هو. ننڍي هوندي شاگردي واري دور ۾ شوقيه طور ملهه به وڙهي. پاڻ سنڌي راندين ڪٻڊي، ونجهه وٽي، ٻلهاڙو ۽ ٻين راندين ۾ به وڏي ڄاڻ رکندو هو. شاگردي واري دور ۾ هن خود به اهي رانديون شوق سان کيڏيون. راڳ سان جنوني حد تائين شوقين رهيو. پاڻ راڳ جو به وڏو ڄاڻو هو. ڪيترائي ڀيرا نجي ڪچهرين ۾ کيس گنگنائيندي ٻڌو. سندس آواز ڏاڍو سريلو هو. اها شايد گهٽ ماڻهن کي خبر هوندي ته در محمد ڪمال سولنگي سٺو شاعر به هو. پاڻ غزل، ڪافيون، بيت، وايون لکيون، هڪ بهترين سگهڙ جي حيثيت سان سندس ڪيترائي ڏور بيت، ڳجهارتون، هنر سنڌ جا سگهڙ، سگهڙ ڪچهرين ۾ ٻڌائيندا آهن. پاڻ هر دلعزيز يار ويس، محبتي ماڻهو هو. سندس دوستن جو وسيع حلقو آهي. سڄي سنڌ جا سگهڙ، شاعر، اديب، فنڪار، ملهه پهلوان، صحافي، ثقافت سان دلچسپي رکندڙ ماڻهو سندس دوست آهن. هو مٽ مائٽ، يار دوست، اڻ ڄاڻ هر هڪ سان پيار ۽ محبت سان مرڪندي ملندو هو. پاڻ بهترين ليکڪ به هو. سرڪاري آفيسر هئڻ جي باوجود ڪرنٽ اشوز، عوامي مسئلن، معاشرتي برائين ۽ ٻين حساس اشوز تي آرٽيڪل لکندو هو. سندس مضمون تقريبن سنڌي اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهيا، جن جو تعداد هزارن ۾ هوندو. ماضيءَ ۾ حيدرآباد جي هڪ اخبار پاران لاڙ جو لال نالي هڪ منفرد سلسلو شروع ڪيو ويو، جنهن ۾ سڀني ليکڪن، صحافين لاڙ جي ولين سگهڙ، شاعرن، اديبن، سخي مردن، اوطاقن، فنڪارن تي مضمون موڪليا، جنهن جا به مضمون وڌيڪ ۽ بهتر انداز ۾ لکيل هوندا هئا، ان کي لاڙ جي لال جو لقب ڏئي هڪ تقريب ۾ پٽڪو ٻڌايو ويندو. هڪ سال کان وڌيڪ وقت هلندڙ هن مقابلي ۾ در محمد ڪمال سڀني کان وڌيڪ ۽ بهتر انداز ۾ مضمون لکي لاڙ جو لال وارو لقب حاصل ڪيو. اطلاعات کاتي ۾ اچڻ کان اڳ پاڻ مختلف اخبارن ۾ حيدرآباد ۾ اسٽاف رپورٽر به رهيو. ڪيترائي اخباري ادارن ۾ سب ايڊيٽر طور ڪم ڪيو، جن ۾ ٻين کانسواءِ عبرت، آفتاب، مهراڻ، بادل رسالو به شامل آهن. ڪيترائي سال ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڏاڏو فتح خان جي ڪچهري ۾ به سندس ٻانهن ٻيلي بڻيل هو. قلندر لال شهباز، ماروي جي ميلي ۾ به ادبي ثقافتي پروگرام ڪرائڻ جي حوالي سان سندس ثقافت کاتي سان شاندار ڪردار رهيو. ثقافت کاتي جو اڳوڻو سيڪريٽري حميد آخوند، ڊي جي ممتاز مرزا سان محبت هئي. بدين ۾ مشهور اديبن، سگهڙن محمد سومار شيخ، محمد موسيٰ جوکيو، محمد رفيق جعفري، علي بهادر شاهه ۽ ٻين سان گڏجي بدين ضلعي ۾ ادبي ثقافتي ميلا مچايا. مختلف ولين جا ميلا لڳرايا. جن ۾ مشهور شاعر لطف الله قادري جو ميلو ۽ شاندار ادبي ثقافتي ڪانفرنس به ڪرائي، اهڙو سلسلو ڪافي سالن تائين جاري رکيو.

در محمد ڪمال ۸ جولاءِ ۱۹۴۷ع ۾ نوشهروفيروز ۾ محمد عيسيٰ سولنگي جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم ڪوڙي جا ڀاڻ ۾ مئٽرڪ، مدرسا هاءِ اسڪول نوشهروفيروز ۾ ايم اي صحافت سنڌ يونيورسٽي مان ايل ايل بي جي ڊگري لا ڪاليج حيدرآباد مان حاصل ڪئي. پاڻ بهترين حڪيم به هو. ۱۹۷۶ع ڌاري ڪميشن جو امتحان پاس ڪري اطلاعات کاتي ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ٿيو. ان حيثيت سان سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ رهيو بعد ۾ ڊائريڪٽر اطلاعات جي حيثيت سان به سنڌ جي تقريبن سڀني ڊويزنن ۾ رهيو. گهڻو وقت حيدرآباد ۾ رهيو. پاڻ ۴۶ سال سروس ڪري ۲۰۰۷ع ۾ رٽائر ٿيو. جنهن بعد گهر ۾ آرام ڪرڻ بجاءِ سنڌ اندر ٿيندڙ علمي، ادبي، ثقافتي پروگرامن ۾ شريڪ ٿيندو رهيو. پاڻ پنهنجي ڳوٺ ۾ به مچ ڪچهريون ثقافتي پروگرام ڪرائيندو رهيو. ڪجهه سالن کان بيمار رهڻ جي باوجود پنهنجون علمي، ادبي، ثقافتي سرگرميون جاري رکيون. ڳوٺ ۾ پاڻ گهريلو پراڻين شين جو هڪ شاندار ميوزم به قائم ڪيو. ڪجهه ڏينهن کان سندس طبيعت وڌيڪ خراب رهي، شگر ۽ گڙدن جي تڪليف ڪري ڪراچي جي هڪ اسپتال ۾ داخل هو، جتي سندس ساهه جو سڳو ٽٽي پيو ۽ سندن روح پرواز ڪري مالڪ حقيقي سان وڃي مليو. کيس ڪوڙي جاaa ڀاڻ ۾ ڌرتي ماءُ جي هنج حوالي ڪيو ويو. سندس وصال تي نه صرف سندس اولاد، بيواهه، مٽ مائٽ يار دوست پر سنڌ جو ادبي، ثقافتي ۽ صحافتي حلقو سوڳوار آهي.


در محمد ڪمال

۸ جولاءِ جنم ڏينهن

مير محمد سھتو

ڀريا سٽي : ساهتي ءَ جو مشهور صحافي در محمد ڪمال ولد حاجي محمد عيسيٰ سولنگي، ۸ جولاءِ ۱۹۴۷ع تي ڳوٺ ڪوڙي جا ڀاڻ، تعلقي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان ورتائين، ميٽرڪ ۱۹۶۲ع ۾ مدرسہ هاءِ اسڪول نوشهري فيروز مان ڪيائين. بي اي ۱۹۷۲ع ۾ ڪيائين ۽ ايل. ايل. بي ۱۹۷۴ع ۾ ڪيائين. ان کان سواءِ سنڌ طبيہ ڪاليج حيدرآباد مان بي. يو. ايم. ايس جو سرٽيفڪيٽ ۱۹۶۹ع ۾ ورتائين، جنهن ۾ هن اولھ پاڪستان ۾ پهرين پوزيشن ماڻي.

در محمد ڪمال ملازمت جو آغاز ۱۹۶۳ع ۾ سيڪينڊري اسڪول ٽيچر جي حيثيت ۾ حيدرآباد مان ڪيو. نورالدين مڊل اسڪول حيدرآباد جو هيڊ ماستر بہ ٿيو. ساڳئي عرصي ۾ صحافت جو آغاز ڪندي '’نواءِ سنڌ’ اخبار سان وابستہ رهيو. بعد ۾ '’الوحيد’ جي ٻئي دؤر ۾ اخبار جو سب ايڊيٽر ٿيو. ۱۹۷۴ع ۾ '’آفتاب’ اخبار جو پهريون پرچو بہ در محمد ڪمال ئي ايڊٽ ڪيو، جڏهن تہ ان ئي عرصي دوران '’اديون’ رسالي جي ايڊيٽنگ بہ ڪيائين. سيد سردار علي شاھ جي ادارت ۾ نڪرندڙ اخبار روزاني ‘مهراڻ’ ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ سان گڏ روزاني '’خادم وطن’ ۾ بہ ڪم ڪيائين. ۱۹۷۴ع ۾ روزاني ‘عبرت’ ۾ سب ايڊيٽر ٿيو. اپريل ۱۹۷۶ع ۾ ڪميشن جو امتحان پاس ڪري اطلاعات کاتي ۾ انفرميشن آفيسر مقرر ٿيو. ۱۹۷۹ع ۾ جڏهن مولانا وسيع مظهر ندوي حيدرآباد جو ميئر هو، تڏهن هي ڊيپوٽيشن تي ميونسپل ڪارپوريشن ۾ پي. آر. او مقرر ڪيو ويو.

۱۹۷۹ع ۾ واپس اطلاعات کاتي ۾ آيو. ۱۹۸۱ع ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل بدين ۾ پي آر او مقرر ڪيو ويو. انهيءَ عرصي دوران لاڙ بابت تحقيقي مضمونن جي مقابلي ۾ حصو وٺي ‘لاڙ جو لعل’ ايوارڊ حاصل ڪيائين. اهو مقابلو سنڌي ادبي سوسائٽيءَ پاران شيخ محمد سومار جي اڳواڻيءَ ۾ ٿيو هو. ۱۹۸۶ع ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر انفرميشن بدين مقرر ٿيو. ۱۹۸۹ع ۾ ڊائريڪٽر انفرميشن حيدرآباد جي اضافي چارج بہ کيس ملي. ۱۹۹۰ع ۾ باقاعدي کيس ڊائريڪٽر انفرميشن حيدرآباد مقرر ڪيو ويو. ۱۹۹۵ع ۾ کيس انفرميشن آفيس ميرپور خاص بدلي ڪيو ويو. ۱۹۹۷ع ۾ ٻيهر حيدرآباد ۾ ڊائريڪٽر انفرميشن جو عهدو سنڀاليائين. ۲۰۰۱ع ۾ وزير اعليٰ سنڌ جو پريس سيڪريٽري رهيو. ۲۰۰۳ع ۾ ڪراچي ۾ اطلاعات کاتي جو ڊائريڪٽر ٿيو. ان کانپوءِ حيدرآباد بدلي ٿي آيو. ۲۰۰۷ع ۾ رٽائرمنٽ ورتائين.

در محمد ڪمال ڪيتري عرصي کان شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي تي بہ ڪم ڪيو. سندس لوڪ ادب سان خاص دلچسپي رهي. هن جي ئي ڪوششن سان شاھ لطيف جي سالياني عرس تي ۱۹۹۵ع کان سگھڙن جي ڪچهريءَ جو سلسلو شروع ٿيو. هن '’پنهنجو گهر’ جي نالي سان ميوزم بہ ٺاهيو هيو، جنهن ۾ گھريلو استعمال ۽ ثقافتي پس منظر جا سوين ائٽم موجود هئا. بعد ۾ اهو سمورو سامان سنڌ ميوزيم حيدرآباد کي ڏنائين.

در محمد ڪمال '’سنڌي لوڪ ادب تنظيم’ (سلات) جي ڪنوينر جي حيثيت ۾ سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪيتريون سگهڙ ڪچهريون ڪرايون ۽ اهو سلسلو اڃا تائين هلندڙ آهي. سنڌ جي ثقافت، تاريخ ۽ جاگرافيءَ تي لکيل سندس لاتعداد مضمون روزاني عبرت، آفتاب ۽ ٻين اخبارن ۾ ڇپيا. هن ۱۹۸۳ع ۾ ‘سولنگي تاريخ‘' نالي ڪتاب لکيو. ان کانسواءِ وٽس مختلف موضوعن تي ڪافي ڪتاب ترتيب ڏنل آهن. سنڌ جو هي ٻهڳڻو شخص ۲۷ فيبروري ۲۰۱۷ع تي اسان کان هميشہ لاءِ وڇڙي ويو.

 

(مير محمد سھتو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۸ جولاءِ ۲۰۲۱ع تي کنيل)


 

 

در محمد ڪمال

ڪمال جو ماڻهو

عبدالطيف سولنگي

اڄ سنڌ جي ان سلڇڻي ۽ سڄاڻ ليکڪ، صحافي ۽ شخص جو جنم ڏينهن آهي جنهن سنڌ جي ثقافت کي هڪ کان وڌيڪ حوالن ۾ خدمت ڪئي، سندس زندگي ۾ ايترا ڪم شامل آهن جن جو ڳاڻيٽو نه آهي، هي اهو پهريون شخص هُئو جنهن شاهه سائين جي ڪانفرنس ۾ سنڌ جي سونهن سگهڙ پائي کي شامل ڪرايو. سندس خدمتن کي انسائيڪليو پيڊيا سنڌيانا ۾ هيئن اظهاريو ويو آهي.

مشهور صحافي در محمد ڪمال ولد حاجي محمد عيسيٰ سولنگي، ۸ جولاءِ ۱۹۴۷ع تي ڳوٺ ڪوڙي جا ڀاڻ، تعلقي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان ورتائين، ميٽرڪ ۱۹۶۲ع ۾ مدرسه هاءِ اسڪول نوشهري فيروز مان ڪيائين. بي اي ۱۹۷۲ع ۾ ڪيائين ۽ ايل ايل بي ۱۹۷۴ع ۾ ڪيائين. ان کان سواءِ سنڌ طبيه ڪاليج حيدرآباد مان بي يو ايم ايس جو سرٽيفڪيٽ ۱۹۶۹ع ۾ ورتائين، جنهن ۾ هن اولھ پاڪستان ۾ پهرين پوزيشن ماڻي.

در محمد ڪمال ملازمت جو آغاز ۱۹۶۳ع ۾ سيڪينڊري اسڪول ٽيچر جي حيثيت ۾ حيدرآباد مان ڪيو. نورالدين مڊل اسڪول حيدرآباد جو هيڊ ماستر  به ٿيو. ساڳئي عرصي ۾ صحافت جو آغاز ڪندي ”نواءِ سنڌ اخبار سان جڙيل رهيو. بعد ۾ ”الوحيد“ جي ٻئي دؤر ۾ اخبار جو سب ايڊيٽر ٿيو. ۱۹۷۴ع ۾ ”آفتاب“ اخبار جو پهريون پرچو به در محمد ڪمال ئي ايڊٽ ڪيو، جڏهن ته ان ئي عرصي دوران ”اديون“ رسالي جي ايڊيٽنگ به ڪيائين. سيد سردار علي شاھ جي ادارت ۾ نڪرندڙ اخبار روزاني ”مهراڻ ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ سان گڏ روزاني ”خادم وطن“ ۾ به ڪم ڪيائين. ۱۹۷۴ع ۾ روزاني ”عبرت“ ۾ سب ايڊيٽر ٿيو. اپريل ۱۹۷۶ع ۾ ڪميشن جو امتحان پاس ڪري اطلاعات کاتي ۾ انفرميشن آفيسر مقرر ٿيو. ۱۹۷۹ع ۾ جڏهن مولانا وسيع مظهر ندوي حيدرآباد جو ميئر هو، تڏهن هي ڊيپوٽيشن تي ميونسپل ڪارپوريشن ۾ پي آر او مقرر ڪيو ويو. ۱۹۷۹ع ۾ئي واپس اطلاعات کاتي ۾ آيو. ۱۹۸۱ع ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل بدين ۾ پي. آر. او مقرر ڪيو ويو. انهيءَ عرصي دوران لاڙ بابت تحقيقي مضمونن جي مقابلي ۾ حصو وٺي ’’لاڙ جو لعل’‘ ايوارڊ حاصل ڪيائين. اهو مقابلو سنڌي ادبي سوسائٽيءَ پاران شيخ محمد سومار جي اڳواڻيءَ ۾ ٿيو هو. ۱۹۸۶ع ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر انفرميشن بدين مقرر ٿيو. ۱۹۸۹ع ۾ ڊائريڪٽر انفرميشن حيدرآباد جي اضافي چارج به کيس ملي. ۱۹۹۰ع ۾ باقاعدي کيس ڊائريڪٽر انفرميشن حيدرآباد مقرر ڪيو ويو. ۱۹۹۵ع ۾ کيس انفرميشن آفيس ميرپور خاص بدلي ڪيو ويو. ۱۹۹۷ع ۾ ٻيهر حيدرآباد ۾ ڊائريڪٽر انفرميشن جو عهدو سنڀاليائين. ۲۰۰۱ع ۾ وزير اعليٰ سنڌ جو پريس سيڪريٽري رهيو. ۲۰۰۳ع ۾ ڪراچي ۾ اطلاعات کاتي جو ڊائريڪٽر ٿيو. ان کانپوءِ حيدرآباد بدلي ٿي آيو. ۲۰۰۷ع ۾ رٽائرمنٽ ورتائين.

در محمد ڪمال ڪيتري عرصي کان شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي تي به ڪم ڪيو. سندس لوڪ ادب سان خاص دلچسپي رهي. هن جي ئي ڪوششن سان شاھ لطيف جي سالياني عرس تي ۱۹۹۵ع کان سگھڙن جي ڪچهريءَ جو سلسلو شروع ٿيو. هن ‘’پنهنجو گهر’‘ جي نالي سان ميوزم به ٺاهيو هيو، جنهن ۾ گھريلو استعمال ۽ ثقافتي پس منظر جا سوين ائٽم موجود هئا. بعد ۾ اهو سمورو سامان سنڌ ميوزيم حيدرآباد کي ڏنائين.

در محمد ڪمال ”سنڌي لوڪ ادب تنظيم“ (سلات) جي ڪنوينر جي حيثيت ۾ سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪيتريون سگهڙ ڪچهريون ڪرايون ۽ اهو سلسلو اڃا تائين هلندڙ آهي. سنڌ جي ثقافت، تاريخ ۽ جاگرافيءَ تي لکيل سندس لاتعداد مضمون روزاني عبرت، آفتاب ۽ ٻين اخبارن ۾ ڇپيا. هن ۱۹۸۳ع ۾ ”سولنگي تاريخ“ نالي ڪتاب لکيو. ان کانسواءِ وٽس مختلف موضوعن تي ڪافي ڪتاب ترتيب ڏنل آهن. سنڌ جو هي ٻهڳڻو شخص ۲۷ فيبروري ۲۰۱۷ع تي اسان کان سدائين لاءِ وڇڙي ويو. اڄ سندس جنم ڏينهن آهي، سندس ادبي ۽ صحافتي خدمتن کي ياد ڪري صحافت کي ياد ڪريون ٿا جيڪا اڄ اها نه راهي آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا