محسن ڪڪڙائي
وڏي فڪر ۽ فن جو
سائين
آزاد انور ڪانڌڙو/ميهڙ
ڪي شخصيتون ڪنهن شهر جي حوالي سان سڃاتيون وينديون آهن ۽ ڪي شهر وري ڪن شخصيتن جي حوالي سان سڃاتا ويندا آهن. سنڌ جو برک شاعر محسن ڪڪڙائي به ڪڪڙ شهر جي سڃاڻپ بڻيل رهيو. سائين محسن ڪڪڙائي اهڙن انسانن مان هو، جيڪو جسماني طور ۲ اپريل ۲۰۰۵ع تي اسان کان جدا ٿي ويو آهي، پر هو پنهنجي شاهڪار ۽ اڻ وسرندڙ تخليقن ذريعي هميشه زندهه رهندو. اهڙن انسانن کي موت ڪڏهن به مات نٿو ڪري سگهي. سائين محسن ڪڪڙائيءَ جو جنم ۴ جولاءِ ۱۹۳۷ع تي ڪڪڙ ۾ سيد احمد شاهه تراب لڪياريءَ جي گهر ۾ ٿيو. سندس اصل نالو نياز علي شاهه هو. ايم اي، بي ايڊ، اديب سنڌي، اديب فاضل ۽ اديب عالم پاس محسن ڪڪڙائي رٽائرڊ هاءِ اسڪول ٽيچر هو. ۱۹۵۱ع کان لکڻ جي شروعات ڪندڙ محسن ڪڪڙائيءَ کي ۱۹۶۸ع ۾ قومي نغمن واري مقابلي ۾ سنڌي زبان ۾ بهترين نظم لکڻ تي پهريون نمبر انعام مليو. ۱۹۶۴ع ۾ ريڊيو حيدرآباد تي سندس ڪلام نشر ٿيندو رهيو.
سندس پهريون شعري مجموعو
”اُمنگون“ ۱۹۶۲ع ۾ ڇپيو. سال ۲۰۰۵ع ۾ سندس شعري مجموعو ”سونهن جي ساڃهه“ ڇپيو، سندس ٻين ڇپيل ڪتابن ۾
”ليلا جا خط“ ۽ ”سوريءَ چڙهيو سچ“ آهن. جڏهن ته، سندس اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ مجنون جي ڊائري،
انار ڪلي، ڪنهن جي ڳالهه ڳراٺڙي، مقبوليت، ڏک سکن جي سونهن، روحاني رهبر، تذڪراءِ اولياءِ
سنڌي، اربيلا عشاق، زينت الادب، شاهه نجف، ديوانِ محسن ۽ ٻيا شامل آهن. محسن ڪڪڙائي
بنيادي طور پيار، محبت ۽ سونهن جو شاعر هو. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ حسن ۽ پيار جا گيت
ڳايا. سندس شاعريءَ ۾ پيار، محبت ۽ سونهن جا مختلف رنگ آهن ۽ اهي سمورا محرڪ سندس شاعريءَ
۾ موجود آهن، جيڪي هڪ سٺي شاعر وٽ هجڻ گهرجن، فني لحاظ کان به محسن ڪڪڙائي پختو ۽ پڪو
شاعر هو. هن کي پنهنجي انفراديت، سڃاڻپ ۽ شاعرانه سونهن هئي. هن ادب ۾ هڪ اهڙي دور
۾ قدم رکيا يا ائين کڻي چئجي ته سنڌ جي اهڙي تاريخي دور جي پيداوار هو، جنهن دور ۾
شاعرن جي وڏي سٿ ۾ پاڻ مڃرائڻ وڏو مسئلو بڻيل هو، ان دور ۾ محسن ڪڪڙائي پنهنجي خوبصورت
تخليقن ذريعي پنهنجو نالو روشن ڪيو. نه رڳو پنهنجو نالو روشن ڪيو، پر پنهنجي جنم ڀومي،
ڪڪڙ کي به علمي ادبي حلقي ۾ شهرت ڏياري. سندس شاعري پڙهبي ته، جديد شاعر هجي يا قديم
شاعر، اهو داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نه سگهندو. سندس نثر پڙهبو ته، ائين محسوس ٿيندو ته
محسن هن دور جو بهترين ۽ سگهارو نثر نويس نظر ايندو. ۶۸ سالا اسان جو جوان جذبن وارو شاعر محسن ڪڪڙائي، پنهنجي شاهڪار تخليقن
باوجود بيماريءَ دوران مسيحا جي نالي ۾ موجود جلادن ۽ انسانيت جي دشمنن جي نامناسب
رويي ڪري زندگيءَ جي جنگ هارائي ويٺو. اڄ محسن ڪڪڙائي اسان وٽ جسماني طور ته موجود
نه آهي، پر سندس فن ۽ فڪر شاهڪار تخليقن جي صورت ۾ اسان وٽ موجود آهن. هن راتين جون
راتيون جاڳي اوجاڳا ڪري شاعريءَ جا ديپ جلائي پنهنجي تخليقن سان جديد سنڌي شاعريءَ
کي روشن ڪيو. سندس شاعري مستقبل ۾ هميشه لاءِ چمڪندي، ٻرندي ۽ روشني پکيڙيندي رهندي.
هڪڙو هو وڏي فڪر ۽ فن جو سائين،
ٻيو، ڌن جو ڌڻي هوندي به من جو سائين،
قدرت کان مليون سنڌ کي هستيون ٻه امر،
هڪ ڀٽ جو ڌڻي ۽ ٻيو سن جو سائين.
محسن ڪڪڙائي
محبت جهڙو محسن
ظفر منگي
محسن ڪڪڙائي منهنجو استاد هو،
جيڪو اڄ اسان جي وچ ۾ موجود نه آهي، پر سندس ڏسيل اخلاقي قدر ۽ انسانيت سان پيار
جو پيغام مون جهڙن سوين شاگردن جي لاءِ
مشعل راهه آهي. محسن نه صرف هڪ شاعر پر بهترين استاد ۽ شفيق انسان هو ۽ پنهنجي شهر
جي ماڻهن جي مسئلن ۾ هميشه رهنمائي ڪندو هو. استاد بخاري جو هم عصر محسن رئيس محمد صالح ٽڳي صاحب جي صحبت شروع ڪئي ۽
پنهنجي شاعري ۾ سونهن ۽ حسن کي ڳايو.
محسن جي سڄي زندگي سونهن جي ساڃاهه
۾ گذري، ڄڻ ته هن پنهنجي شاعري سونهن لاءِ وقف ڪري ڇڏي هجي، سندس شاعري جو لفظ لفظ
حسن ۽ سونهن جي تعريف جي موتين سان اهڙو ته جڙيل آهي جو پڙهڻ سان دل جي دڙڪن وڌڻ لڳندي
آهي. محسن پنهنجي معاشري جي اصلاح به ڪئي ته ڪٿي وري پيار ۽ محبت کي ڳايو. هن جي
شاعري ۾ ترنم به آهي ته ڪٿي وري خوشي جا ڏولا به آهن ته ڪٿي وري محبوب کي ڀر ۾
ويهاري عشق جو اظهار ڪرڻ به آهي. مطلب ته محسن شاعري ۾ هر ان ڪيفيت کي ڇٽيو آهي،
جيڪا انسان اندر اٿي ٿي ۽ کيس سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي. محسن جو ڪلام نهايت پختو، سلاست
۽ بلاغت سان ڀرپور پڻ آهي، هن جي شاعري ۾ اهي سڀ خوبيون موجود آهن، جيڪي شاعري ۾
هجڻ گهرجن.
ڪيترو ٺوس
۽ ڪيڏو نه نرالو آهي،
حسن
مون لاءِ ڀٽائي جو رسالو آهي.
سنڌ جي هن اربيلي شاعر جي اڄ ۱۲
هين ورسي آهي، محسن جيڪو شاعري جي انهن بلندين تائين پهتو، جيڪي قسمت سان ملنديون
آهن، پر هن درويش انسان آجزي ۽ نماڻائي وارو رويو نه ڇڏيو ۽ هر شخص سان محبت ڪئي،
اهو ئي سبب آهي جو اڄ ادبي حلقو ته ڇا پر هر عام ماڻهو محسن کي دلين ۾ جايون ڏئي ٿو
۽ کيس ياد ڪري ٿو. انسان پنهنجي ڪردار ۽ اخلاق سان معاشري ۾ پنهنجو مقام حاصل ڪندو
آهي، جڏهن انسان هن فاني دنيا مان هليو ويندو آهي ته پوءِ سندس ڪردار ۽ اخلاق ئي
زنده رهندو آهي، محسن پنهنجي زندگي ۾ ڪنهن سان ڪڏهن به تيز لهجي ۾ نه ڳالهايو ۽
هميشه ماڻهن کي پاڻ ۾ هڪ ٿي رهڻ جي صلاح ڏني. محسن ڪو به ڏاڍ يا تڪليف پنهنجو پاڻ
تي برداشت ڪندو، پر ڪڏهن ڪنهن ٻئي کي ڏک نه ڏيندو هو نه ئي ڪنهن جي تڪليف کائنس
برداشت ٿيندي هئي. هو غريبن جو همدرد ۽ مظلومن جو هڏ ڏوکي به هو ته هو جبر ۽ ظلم
خلاف آواز اٿارڻ جي همٿ رکندڙ به هو. پنهنجي ڳوٺ جي سڌاري ۽ تعليم وڌائڻ لاءِ
سدائين ڪوشان رهيو ۽ ماڻهن کي تعليم ڏانهن ڌيان ڏيڻ جي تلقين به ڪندو رهندو هو.
محسن شفيق انسان هو، وٽس ڄاڻ جو خزانو هو، جيڪو هلي وڃي ٻه گهڻيون گڏ گذاريندو هو،
اهو ڄاڻ جا انبار کڻي ايندو هو، محسن چاهيندو هو ته هو وڌ کان وڌ ماڻهن کي تعليم ۽
ڄاڻ فراهم ڪري ته جيئن آسپاس ۾ رهندڙ فرد باشعور بڻجي ۽ دنيا جي لاهن چاڙهن کي
منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي.
محسن ڪڪڙائي جي شاعري کي اڳتي آڻڻ
۽ نئين نسل تائين پهچائڻ وقت جي ضرورت بڻجي وئي آهي، جنهن سان هڪ شاعر کي پذيرائي
ته ملندي، پر نوجوان نسل کي به پنهنجي ماضي جي ڏاهن ۽ اديبن جي پورهئي بابت ڄاڻ به
ملندي.
محسن ڪڪڙائي
برک شاعر - ھاءِ جيئرو
جاڳندو محسن ويو
پروفيسر جاويد
محسن ڪڪڙائي
اڄ ۲ اپريل جي ڏينھن تي سنڌ جي برک شاعر محسن ڪڪڙائي
جي ۱۵ هين ورسي ملھائي ويندي، محسن ڪڪڙائي ھڪ اھڙي درسگاھه ھئي جنھن مان تمام
وڏا شاعر نه رڳو سنڌي غزل جا وڏا شاعر بڻيا پر انھن ھن ڌرتيءَ سان وچن ڪيو ته اھي
ھن ڌرتيءَ لاءِ امر ٿي ويندا، وفا ناٿن شاھي، آثم ناٿن شاھي، مارو جمالي، وقار ناٿن
شاھي، ۽ ٻين ڪافي ھن مسڪين جي سايي ھيٺ علم ۽ ادب، ماڻڪ ۽ موتي ميڙيا، محسن سنڌي
غزل جو بي تاج بادشاھه ھو، ھن سنڌي غزل کي جيئرو ڪيو ۽ نئون روح ڦوڪيو ان ۾ ھن کان
پھريان جيڪي غزل لکيا پئي ويا انھن ۾ جدت، سونھن ۽ فڪر جي ڪمي ھئي پر محسن ڪڪڙائي بيباڪ
ٿي چوي ٿو.
جيڪو ڀي سونھن جو، ادب نه ڪري،
حشر ۾ ان کي، پنھنجو رب نه ڪري.
سونھن، سچ ۽ ڌرتيءَ سان محبت ڪو محسن کان سکي؛
ترسجو مان حسن، کي چاھي وٺان،
زندگيءَ جو قرض آ لاھي وٺان.
دنيا ۾ اھڙو ڪھڙو
شاعر ھوندو جيڪو سونھن آڏو پنھنجا سڀ ھٿيار اڇلائي ڇڏي، اھا فطرت ۽ انسان جي ئي سونھن
ھوندي آھي. جيڪا ھڪ شاعر جي شاعري ۾ رنگ ڀريندي آھي. محسن ته سونھن ڏسي ڇرڪي پوندو
ھو، چپن تي سبحان الله جا ورد جاري ٿي ويندا ھئا. محسن ڪڪڙائي ھڪ حساس طبيعت جو مالڪ
ھو ۽ ٿوري گھڻي ڳالھه تي لڙڪ لاڙي ويھندو ھيو، پراوا زخم به پنھنجي دل ۾ سنڀالي رکندو
ھيو، ڪنھن تي به ظلم ٿيو ڄڻ محسن تي ٿيو، سندس اکيون سارنگ بڻجي وينديون ھيون.
بيدردن سان رھندي محسن
پنھنجو رت سڪائڻ آھي.
دنيا ۾ ڪٿي به ۽ ڪھڙو
به شاعر ھجي، اھو فطرت ۽ سوچ ۾ الڳ نظر ايندو. شاعر اڪثر ڪري تنھائي پسند ھوندا آھن،
محسن کي به تنھائي سان پيار ھو ۽ تنھائي ۾ پنھنجي خدا کي ياد ڪندو ھو ۽ ان جي ثنا
جي تعريف پڻ، ان سان گڏ ھميشه انسانيت جي ڀلائي جا خواب ڏٺا انھن، ھي دنيا ڏاڍي بيرحم
آھي، جتي وک وک تي شڪاري ڄار وڇائي ويھن، جتي حوا جي ڌيءُ محفوظ نه ھجي اتي محسن جھڙا
شاعر چون ٿا.
ھر ڪنھن کي لڳايو، تو کڻي ڇاتيءَ سان،
پر ڪنھن به ڪيو نه قرب، نه تو آتي سان.
اي سنڌ تو فرزند نپايا اھڙا،
جن توکي ڪٺو مڏي ڪاتي سان.
محسن ڪڪڙائي لاءِ
ھي دنيا ڌوڪي مثل ھئي تنھنڪري پنھنجي حقيقي رب سان ملڻ لاءِ دعائون گھرندو رھندو
ھيو. ھي ھڪ انوکو مثال آھي ته محسن پنھنجي وفات کان اڳ ئي پنھنجي لاءِ قل بخشي ڇڏيا.
ھاءِ جيئرو جاڳندو محسن ويو
چار قل اي دوستو، چار قل اي دوستو.
(ڏھاڙي عوامي آواز،
منجھ ۲ اپريل ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)
محسن ڪڪڙائي
ھاءِ جيئرو جاڳندو محسن
ويو
پروفيسر سعيد
احمد ابڙو
اڄ ۲ اپريل جي ڏينھن تي سنڌ جي برک شاعر محسن ڪڪڙائي جي ۱۶ھين ورسي سنڌ ادبي سنگت شاخ ڪڪڙ طرفان ملھائي ويندي.
محسن سنڌي غزل جو بي تاج بادشاھ
ھيو،ھن سنڌي غزل کي جيئرو ڪيو ۽ نئون روح ڦوڪيو ان ۾، ھن کان پھريان جيڪي غزل لکيا
پئي ويا، انھن ۾ جدت، سونھن ۽ فڪر جي ڪمي ھئي، پر محسن ڪڪڙائي بيباڪ ٿي چوي ٿو؛
جيڪو ڀي
سونھن جو، ادب نه ڪري،
حشر ۾
ان کي، پنھنجو رب نه ڪري۔
محسن ڪڪڙائي ھڪ اھڙي درسگاھ ھئي
جنھن مان تمام وڏا شاعر نه رڳو سنڌي غزل جا وڏا شاعر بڻيا، پر انھن ھن ڌرتيءَ سان
وچن ڪيو ته اھي ھن ڌرتيءَ لاءِ امر ٿي ويندا، وفا ناٿن شاھي، آثم ناٿن شاھي، مارو جمالي، وقار
ناٿن شاھي، ۽ ٻين ڪافي ھن مسڪين جي سائي ھيٺ علم ۽ ادب ماڻڪ ۽ موتي ميڙيا؛
سونھن، سچ ۽ ڌرتيءَ سان محبت ڪو محسن کان سکي؛
ترسجو
مان حسن، کي چاھي وٺان،
زندگيءَ
جو قرض آ لاھي وٺان۔
دنيا ۾ اھڙو ڪھڙو شاعر ھوندو جيڪو
سونھن آڏو پنھنجا سڀ ھٿيار اڇلائي ڇڏي، اھا فطرت ۽ انسان جي ئي سونھن ھوندي آھي۔
جيڪا ھڪ شاعر جي شاعري ۾ رنگ ڀريندي آھي۔ محسن ته سونھن ڏسي ڇرڪي پوندو ھو، چپن تي
سبحان الله جا ورد جاري ٿي ويندا ھئا۔
محسن ڪڪڙائي ھڪ حساس طبيعت جو
مالڪ ھيو، ۽ ٿوري گھڻي ڳالھه تي لڙڪ لاڙي ويھندو ھيو، پراوا زخم به پنھنجي دل ۾ سنڀالي
رکندو ھيو، ڪنھن تي به ظلم ٿيو ڄڻ محسن تي ٿيو، سندس اکيون سارنگ بڻجي وينديون
ھيون۔
بيدردن
سان رھندي محسن،
پنھنجو
رت سڪائڻ آھي.
دنيا ۾ ڪٿي به ۽ ڪھڙو به شاعر
ھجي، اھو فطرت ۽ سوچ ۾ الڳ نظر ايندو۔
شاعر اڪثر ڪري تنھائي پسند
ھوندا آھن، محسن کي به تنھائي سان پيار ھو ۽ تنھائي ۾ پنھنجي خدا کي ياد ڪندو ھو ۽
ان جي ثنا جي تعريف پڻ، ان سان گڏ ھميشه انسانيت جي ڀلائي جا خواب ڏٺا انھن۔
ھي دنيا ڏاڍي بيرحم آھي، جتي وک
وک تي شڪاري ڄار وڇائي ويھن، جتي
حوا جي ڌيءَ محفوظ نه ھجي اتي محسن جھڙا شاعر چون ٿا؛
ھر ڪنھن
کي لڳايو، تو کڻي ڇاتيءَ سان،
پر ڪنھن
به ڪيو نه قرب، نه تو
آتي سان.
اي سنڌ
تو فرزند نپايا اھڙا،
جن
توکي ڪٺو مڏي ڪاتي سان.
محسن ڪڪڙائي لاءِ ھيءَ دنيا ڌوڪي
مثل ھئي تنھنڪري پنھنجي حقيقي رب سان ملڻ لاءِ
دعائون گھرندو رھندو ھيو. ھي ھڪ انوکو مثال آھي ته محسن پنھنجي وفات کان اڳ ئي پنھنجي لاءِ قل بخشي ڇڏيا.
ھاءِ
جيئرو جاڳندو محسن ويو،
چار قل
اي دوستو، چار قل اي دوستو.
(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲ اپريل ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
محسن ڪڪڙائي
سونهن پرست ۽ پختو شاعر
ڊاڪٽر قربان
جهتيال
پنج سال اڳ ڪڪڙ شهر ۾ ۲ اپريل تي اداسي ڇانيل هئي. غزل جو هڪ وڏو شاعر هڪ محبتي ماڻهو وقت جو ڪامياب
استاد ۽ علم ادب جو روشن ستارو محسن ڪڪڙائي اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو هو. هن
جي تڏي تي ويهندي هن سان گهاريل سڀ گهڙيون هڪ ڪئمرا جي رول جيان اکين اڳيان ڦرڻ لڳيون.
محسن پنهنجي ذات ۾ هڪ انجمن هڪ ادارو هو. هن خطي ۾ شعر ۽ سخن کي پرکڻ وارا انيڪ
ستارا ڦٽي نروار ٿيا، جن علم ۽ ادب جي وڏي آبياري ڪئي. ڳوٺ چوکنڊي ۾ نياز علي شاهه
جي نالي سان ڄمڻ وارو هي ٻار اڳتي هلي محسن ڪڪڙائي بڻجي ويو، جنهن پنهنجي سڄي
زندگي مثالي گذاري، سنڌي ۽ انگريزي علم جو وڏو ماهر هو. هن تعليم جي ميدان ۾
هزارين شاگردن کي علم جو فيض ڏنو. هن ادب ۽ ٻولي کي وڏي سگهه ڏني. شاعري جي حوالي
سان هن هڪ سکيا گهر جو روپ ڌاري ورتو. ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيائين جن ۾ آثم ناٿن
شاهي، وفا ناٿن شاهي، وقار ناٿن شاهي ۽ ٻيا معتبر نالا آهن. سنڌي ادبي سنگت جي
وابستگي سبب سائين محسن سان تعلق جڙيو ۽ هن شاعر جي محبتن جو محور وسيع هو. منهنجو
شاعري ۾ استاد بنيو. هن انسان ذات سان پيار ڪرڻ سيکاريو. علم ۽ ادب جي سکيا ڏنائين.
محسن ڪڪڙائي مسلسل لکيو ۽ مطالعي جو تمام وڏو شوق رکندڙ هو. پنهنجي همعصرن استاد
بخاري، نشتر ناٿن شاهي، اسحاق راهي، احمد خان مدهوش، الهنواز رڪڻائي، وفا ناٿن
شاهي سان گڏجي شاعري جي فن فڪر ۽ علم عروض کي پنهنجو ڪري ادبي مورچي کي مضبوط ڪري
ورتو. ڪڪڙ شهر ۾ ادبي لاڙا وڌايا ۽ سڄي سنڌ جي سڄاڻ ماڻهن هن شاعر وٽ ايندي وڏيون
محبتون ماڻيون.هن جا ۳ ڪتاب
امنگون، ليليٰ جا خط ۽ سونهن جي ساڃهه ڇپيا. هن جون ادبي محفلون ۽ شعر تاريخ ۽
ثقافت جو ورثو هئا. هن ٻولي سان پيار ڪيو آهي. سونهن کي پوڄيو آهي. منهنجي استاد
منهنجي محسن جون منهنجي ذات مٿان وڏيون عنايتون رهيون. ادبي سنگت جي سرگرمين ۾ شوق
سان شرڪت ڪري اسان کي همٿايائين. مون کي ”لڪي بواءِ“ جو خطاب ڏنائين. پنهنجي علمي ڏات
۽ ڏانءَ تي ناز هيس. هو لکڻ کان ڪڏهن به نه ٿڪو. اولاد کي وڏي تعليم ڏياريائين ۽
سندس فرزند ميرٽ تي وڏن عهدن تي فائز آهن. محسن ڪڪڙائي سچ کي سيني سان لاتو.
خوشامد کان پري رهيو. اڪثر ملاقاتن ۾ چوندو هو ته سٺو ادب پنهنجي جاءِ پاڻ والاري ٿو.
محسن ايڊيٽرن ۽ پروڊيوسرن جي ڪڏهن به پويان نه لڳو. هن نثر ۾ به جام لکيو. شاعري ۾
رباعيون، چوسٽا، آزاد نظم به لکيا پر غزل پسند جي صنف هئس. ٻوليءَ ۾ وڏي روانگي
رکي ٿو.
اڄ اچڻ جو هن ڪيو انجام آ، مان
به ٿورو پاڻ کي ٺاهي وٺان
تنهنجون سڀ فرمائشون پوريون ڪبيون،
بس رڳو هن ٻار کي ڳاهي وٺان،
مون گهري نيرن ته هن مرڪي چيو،
ترس من بس کير سانباهي وٺان.
تيستائين هن ٻٻر هيٺان ٿي ويهه،
جيستائين جاٽ هي ڪاهي وٺان.
چند گهڙيون ويهه ”محسن“ مان
اجهو، گهر جو ڪم منٽن ۾ ٿي لاهي وٺان.
محسن ڪڪڙائي مشاعرن ۾ جان وڌي ۽
ڪافي انعام اڪرام به ماڻيائين، ڪافي ايوارڊ به مليس. هن جي سموري شاعري سونهن ۽
پيار جي پيوند ۾ جڪڙيل هئي. هن شاعر سان هڪ دفعو ملڻ وارو کين وساري نه سگهندو. هن
جي ذاتي زندگي ادبي پورهيو ۽ تعليمي پورهيو سونهن ۽ ڏاهپ لاءِ ارپيل رهيو. ڪچهرين
۾ به سونهن جي تعريف ڪندي به ڊاپندو ڪو نه هو، هن جي نقطن ۾ حسن جي خوشبو رچيل
هئي. هن سونهن کي مڃتا ڏئي عبادت سمجهيو هو.
سونهن ڏسندي سرور ملندو آ، ڄڻ
ته انڌي کي نور ملندو آ.
انتهائي خلوص جو بدلو، ڪنهن نه ڪنهن
کي ضرور ملندو آ.
جنهن سان جنهن سان به ويهه چار
گهڙيون، سو ته زخمن کان چور ملندو آ.
احترامن اسان سلام ڪيون.
انتقامن حضور ملندو آ.
ڪنهن کي ڪنهن کي ميار ڏيون
ويهي، جنهن کي ڏس بي قصور ملندو آ.
دوستي حسن ۽ ڪتابن مان، مون کي
سچ جو شعور ملندو آ.
اڌ مئو ٿو ڪري وجهي ”محسن“ جيڪو
سڄڻن کان سور ملندو آ.
محسن ڪڪڙائي کي شعر پڙهڻ جو به
وڏو انداز هوندو هو. جڏهن اسٽيج تي ايندو هو ته شينهن وانگر گنجندو هو. تلفظ تمام
چٽو هوندو هيس. محسن جو سمورو ڪلام فن ۽ فڪري لحاظ کان تمام وزنائتو آهي. هن جي
دنيا پنهنجي دنيا آهي. خودداري ۾ حياتي گذاري ويو پر پنهنجي سادگي ضمير ۽ سوچ جو
سودو نه ڪيائين. هن جو حرف حدف مثالي رهيو آهي. محسن پنهنجي شعرن وسيلي سنڌي ٻولي
۽ ادب کي وسعت ڏني آهي. سنڌي سلوڻي ٻوليءَ جا محاورا رنگ روپ هن شاعر جي تخليق ۾ چٽا
۽ گهرا آهن. سکڻ وارن لاءِ هن عظيم شاعر جو ڪلام وڏو درجو رکي ٿو. محسن جي هر شعر
۾ ڪو نه ڪو پيغام ضرور سمايل آهي. کيس چوکنڊي جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو
ويو. اڄ هن جي ورسي تي هن ٻهڳڻي شاعر کي ڀيٽا ڏيندي علمي ادبي ادارن کي اڳتي اچڻ
گهرجي ۽ محسن ڪڪڙائي جو اڻ ڇپيل مواد ڪتابي صورت ۾ڇپائڻ گهرجي. محسن جا شعر صدين
تائين شعور جي پيغام جو وسيلو بڻيل رهندو
(سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تان ورتل)
محسن ڪڪڙائي
سليم چنا
سيد نياز علي شاهه ولد سيد احمد
شاهه ”تراب“ لڪياري ولد حافظ ابراهيم شاهه ۴ جولاءِ ۱۹۳۷ع تي ڪڪڙ- دادو ۾ جنم وٺي، سنڌ
۽ هنڌ ۾ شاعر ’محسن ڪڪڙائي‘ جي نالي سان سڃاڻپ ۽ مشهوري ماڻي.
پاڻ پرائمري تعليم کان پوءِ
اديب سنڌي، اديب عالم- اديب فاضل، بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جا امتحان پاس ڪيائون ۽ ۴۰ سال تعليم کاتي ۾ هڪ اُستاد ۽ منتظم جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنائين.
ادبي ۽ فني سفر ۾ ڪيترين ئي
اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن ۾ ڇپجڻ، ريڊيو ۽ ٽي.وي تي شاعري پڙهڻ، کان پوءِ به پاڻ اِهو
اعتراف ڪيائين ته:
اڌ صدي کان لکي پيو محسن،
ڪجهه اڃا ڀي سکي پيو محسن.
ادبي سفر ۾ ڪيترائي اعزاز ۽
اوارڊ ماڻڻ سان گڏ پاڻ ”اداره فلاح وبهبود“ جو باني هو ۽ ڪيترين ئي ادبي ۽ سماجي
تنظيمن جو عهديدار به رهيو.
”امنگون“ نالي ڪتاب سندن شاعري
جو ڇپيل آهي. سندس اڻڇپيل ڪتابن جو تفصيل هن ريت آهي.
۱. تذڪره
اولياء سنڌ، حافظ احسن چنا سان گڏ لکيل.
۲.
روحاني رهبر، حافظ احسن چنا سان گڏ لکيل.
۳.
زينتِ ادب- آصف مصراڻيءَ سان گڏ لکيل.
۴. شاهه
نجف- ڪلياتِ محسن.
محسن ڪڪڙائي جو والد صاحب پوليس
۾ سپاهي هو، چار درجا سنڌي جا پڙهيل هو، چار ٻارا زمين جا به هئس پر عشق ۾ نوڪري
به ويس ته ڇوڪري به محسن جو ڏاڏو ”اهل
الله“ بزرگ هو. پر نه پيري مريدي جو پاڻ قائل رهيو نه ٻين کي اِها صلاح ڏنائين.
مريد ٿيڻ لاءِ ڪو ايندو هوس ته ان کي چوندو هو:
”ابا دل صاف رکو ۽ چڱا ڪم ڪريو.“
سندس پيءُ نوجوانيءَ ۾ عشق جي چوٽ
کائڻ کانپوءِ راڳي ۽ ويراڳي ئي دنيا وسائي، پر سڪ جا سُور ساٽائي دل کي مليل ڌڪ
پچائي درزڪو ڪم سکي، ماهر درزي ٿي ويو ۽ جنهن دور ۾ مرزا قليچ بيگ ڪڪڙ جو هيڊ منشي
هو، ان دور ۾ کيس مرزا صاحب جا ڪپڙا سبڻ جو اعزاز به حاصل هو، محسن جو پيءُ دنيا
جا ڌڪا ڌوڻا کائي ’تراب‘ جي تخلص سان شاعري به ڪندو هو. تراب کي پهريون پٽ محسن ڄائو.
بقول خود محسن جي ته: ”بابا هڪ فقير منش هو... نهايت ئي صابرين شخص هو، امان اوڏي
ئي طبعيت جي تيز ۽ تکي هئي.“ محسن ۱۹۵۲ع کان
شاعري شروع ڪئي. سندس پهرئين لکڻي غزل جي صورت ۾ هئي، جنهن جو هڪ بند آهي:
”نه آهي ڪو غريبن جو، غم خوار
اي موليٰ،
غريبن کان رهي هر ڪوئي ٿو،
بيزار اي موليٰ...
سندس اِهو غزل دادو مان نڪرندڙ رسالي ”اسان جي منزل“ ۾ ڇپيو هو، غزل لکڻ وقت
محسن جي عمر ۱۴ يا ۱۵ سال هئي. محسن ۱۹۵۲ع ۾ سنڌي
فائنل پاس ڪئي ۽ ۱۹۵۴ع ۾ اِن ڪري اُستادي پيشي سان
اچي سلهاڙيو جو سنڌي چوٿون درجو پڙهندي پاڻ پنهنجي اُستاد خوبچند جي شخصيت ۽ علميت
کان متاثر ٿي سوچيو هو ته پاڻ به استاد ٿيندو.
محسن کي شاعري ۽ موسيقيءَ سان
ننڍي لاڪون ئي لڳاءُ هو ڇو ته سندس پيءُ به ڪلام جهونگاريندو رهندو هو. محسن ڪڪڙائي
سٺ ۽ ستر واري ڏهاڪي ۾ تمام گهڻو ڇپيو ۽ کيس وڏي شهرت ۽ داد مليو.
محسن ۱۹۷۴ع ۾ ڪيڊر تبديل ڪرائي انگريزيءَ جو استاد ٿيو ۽ ۱۳
ڊسمبر ۱۹۹۳ع ۾
گريڊ ۱۷ ۾ اچي رٽائرڊ ٿيو. شروعاتي دور
۾ کيس ۵۳- ۱۹۵۲ع ڌاري رئيس محمد صالح ٽڳي جي دوستيءَ ۾ ڪتاب پڙهڻ لڳو، پر سندس مطالعي هيٺ
گهڻي ڀاڱي ابن صفي جا جاسوسي ناول آيا جيڪي سندس دوست محمد صالح ٽڳو پڙهندو هو.
اُتان ئي کيس به پڙهڻ جي لونءَ لڳي وئي. ننڍي هوندي پاڙي جي هندن جي ٽڪاڻي ۾ صبح
ساجهر ڳائڻ وڄائڻ ٿيندو هو ته هي به ننڊ مان جاڳي ٽڪاڻي ۾ وڃي، ڀڳوان جي مورتي آڏو
هندن سان گڏ ڳائيندو هو. انهن ئي ڏينهن جي هڪ ڪافي هِن کي ڏاڍو متاثر ڪيو هو.
”غافل بندا! ڪيئن ٿو گذارين؟
هِي اٿئي گذاري جو مڪان!“
اڳتي هلي محسن پنهنجي ڳوٺ جي
رازي بخشل کان موسيقيءَ جي ڄاڻ حاصل ڪئي. انهيءَ بخشل وري خان صاحب بيبا خان ۽
اُستاد امير علي خان جي صحبتن مان موسيقيءَ جا سبق حاصل ڪيا هئا. محسن جڏهن ۱۹۶۳ع ۾ محترم م.ن محزون سان مليو ته سندس دوستي اُستادي ۽ شاگرديءَ ۾ اچي وئي.
اهڙي ريت سندس فڪري اوسر ۾ جيڪو واڌارو آيو، ان ۾ ڊاڪٽر عندليپ شاداني جو شاعري جي
فن تي ڪتاب ۽ ساحر لڌيانوي جي شاعريءَ جو مطالعو به شامل آهي.
محسن وقت به وقت پنهنجي مطالعي
کي وسيع ڪندو رهيو. هُن برٽرينڊ رسل، ول ڊيورنٽ، رابسن کي انگريزيءَ ۾ پڙهيو.
خوشونت سنگهه، عصمت چغتائي، قرت العين حيدر، قدرت الله شهاب، بانو قدسيه، اشفاق احمد
سندس وڻندڙ ليکڪ هئا. شاعريءَ ۾ هُن غالب، مير، ساحر، فيض احمد فيض، احمد نديم
قاسمي، احمد فراز کي پڙهيو، پروين شاڪر به سندس پسند جي شاعره هئي.
محسن سنڌي ڪتابن ۾ محمد ابراهيم
جويو جو ڪتاب ”فڪر جي آزادي“، غلام محمد گراميءَ جو ”مشرقي شاعري جا فني قدر ۽
رجحانات“ پير علي محمد راشدي جو ”اهي ڏينهن اهي شينهن“، اَهم ۽ مَن پسند سمجهندو
هو. رسول بخش پليجو، غلام رباني آگرو، جمال ابڙو، امر جليل، نسيم کرل، حميد سنڌي،
عبدالقادر جوڻيجو، عبدالواحد آريسر، انعام شيخ، جامي چانڊئي جو نثر به هُن کي موهي
وجهندو هو. حمل فقير، ميرعبدالحسين سانگي، عبدالڪريم پلي، طالب الموليٰ، وفا ناٿن
شاهي، آثم ناٿن شاهي، وفا پلي، طالب لغاري، (سرائڪي شاعري وارو) نوجوان شاعرن مان
هُن کي مارو جمالي، ابل اداس ٻٻر، گلزار، ساحر ٿهيم، ذوالفقار گاڏهي، مئڪش سومرو
جي شاعري پسند هئي.
محسن جنهن شاعريءَ جي هر صنف تي
ڀرپور انداز سان لکيو، سندس هيٺيان پابند نظم سندس فني ۽ خيالي پختگيءَ جي گواهي ڏين
ٿا. جهڙوڪ: الزام، حسين دڪاندار، ثقافت، ٽيڪسي، سمجهه جو ڦيرو، فيصلو، مرڪو ته
سهي، ٻچڙو، ڪارخاني جي زندگي، ڪاڇي ۾ انتظار، جاڳرتا ۽ گونگي، سندس مشهور آزاد نظم
هِنن عنوانن سان آهن: امن جي نالي، سيخ، درس، سوال، چري، فرض، ناسور، جواب ۽ ٻيا
سندس غزل رنگ منچ مان ڪي دِل ڇهندڙ بند:
ڪيڏي ڇوري ڇني لڳي ٿي دِل،
مون اهو هُن کان پوءِ ڄاتو هو.
**
اچ ته ڪپڙن سميت وهنجون ٻئي،
گهر ۾ هيڏو تلاءَ پنهنجو آ.
**
پارسي پاڻ ڀل نه سمجهون پر،
اک جي ٻولي ضرور سمجهون ٿا.
**
محسن، غالب جي هِن مشهور سِٽ:
”کہتے ہیں جسے عشق خلل کے دماغ کا.“
کي رد ڪندي لکيو ته:
عشق بي سود سهي، عشق خلل ئي ليڪن،
اڄ به انسان محبت جو متوالو
آهي.
محسن ڪڪڙائي خوددار ۽ باهمت
شاعر هو. هُو چئي ويو آهي ۽ لکي ويو آهي:
”جي مستحق هجان ته ڀلاين جو شڪريو،
همدردوين جي بيک سڄڻ ڪا نه ٿي
کپي.“
محسن پنهنجي زندگيءَ ۾ قديم ۽
جديد روايتن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ خوبصورت انداز سان پيش ڪري ويو آهي.
ڪيترو ٺوس ۽ ڪيڏو نه نرالو آهي،
حُسن مون لاءِ ڀٽائي جو رسالو
آهي.
ڪوئي منهنجي دنيا ۾ ڪچڪول کڻي
آيو،
جنت جو سڄو اُن ۾ ماحول کڻي
آيو.
اهڙي طرح محسن جمالياتي شاعريءَ
۾ انڊلٺ رنگ ڀريا آهن.
ڪُلين کي مسڪراهٽون، گلن کي ٽهڪڙا
ڏيون،
اچو ته ڪائنات کي ڪا سونهن سوڀيا
ڏيون.
سندس هڪ شعر ۾ عالمي انساني
جذبو هِن ريت سمايل آهي.
مون کي پنهنجو ئي غم هجي ته ٺهيو،
مون کي هر ڪنهن جي غم جو غم
آهي.
سندس غزل جي دنيا جا چند چونڊ
بند هِتي پيش ڪريان ٿو:
حُسن کي پٺ ڏئي هلي ”محسن“،
هن جي مذهب جي برخلاف هيو.
**
اوڙو پاڙو به واسجي ويندو،
پيار پنهنجو ته مَن کٿوري آ.
**
هُن جي ڪمري ۾ ايتري خوشبو،
هن جي گهر عطر جي هوا ٿي لڳي.
**
سندس تجرباتي ۽ مشاهداتي اک
زماني ساز ماڻهن کي هِن ريت به پرکي ورتو هو.
زندگيءَ جي حمام خاني ۾،
جنهن کي جنهن کي ڏٺم اگهاڙو هو.
هاڻي وري اچون ٿا محسن جي حُسن
مجازي تي.
اُف قيامت وري ڪٿان آئي،
جهنگ ۾ هيءَ پري ڪٿان آئي،
هوءَ ته راڻي ٿيڻ جي لائق هئي،
هُن جي سِر تي ڀَري ڪٿان آئي.
**
نانگ هو- نانگ جو ولوٽو هو،
چيلهه تائين جو هُن جو چوٽو هو.
هتي سندس بيتن مان به ڪي مثال
پيش ڪريان ٿو:
ڪنهن کي مِليو ڪيترو، ڏاتر!
تنهنجو ڏانءُ،
آدم ۽ انسان، آهي ساڳيو سور ۾.
**
اچي ذات ڪُذات اڙي آ انسان ۾،
سمجهي سگهيا ڪينڪي ڀورا ڪنهن جي
بات،
ڏاتر! تنهنجي ذات، ڏکي آهي ڏيهه
۾.
**
مون ۾ آئي ”مون“ ته ”مون“ ئي
مون کي ماريو،
مون جو”مون“کي ماريو ته”مون“مان
ٿي پئين ”تون“.
تون ئي آهين تون، محسن ناهي ڪو ٻيو.
سندس نظم ”مرڪو ته سهي!“ مان هڪ
بند عرض آهي:
”مُرڪو ته اُٿن جُلهه ڪري
تدبيرون،
مرڪو ته اسان سان ٺهن تقديرون،
مُرڪو ته ستمگر جون اُڏايون ڌڄيون،
مُرڪو ته وطن لاءِ کڻون
شمشيرون،
مرڪو ته سهي....
آخر ۾ هيءُ سندس ”ٽي شعر“ هِن
ريت مڻيادار محبت جي عڪاسي ڪن ٿا:
آءٌ ته جيءَ ۾ جاءِ ڏيانءِ،
اڻ ڳالهايل ڳالهين وانگي،
ماڻهو، خواهه مرون، سڀني لئي،
ڇانوَ ڏنيسين ٽالهين وانگي،
خوشبو پنهنجي پوکيل آهي،
”محسنِ“ پارن مالهين وانگي.
سندس آزاد نظم ”فرض“ جون آخري
چار سٽون:
ڪجهه مِلي يا نه مِلي، اُن سان
نه آهي مطلب،
منهنجو فرض آهي ته هوريان ڏاڍيان،
وقت جي اَهم بُتن کي به جهنجهوڙي
ڇڏيان،
جي جهنجهوڙي نه سگهان ٿو ته
پوءِ ٽوڙي ڇڏيان.
سندس رباعين مان هڪ مثال هيءُ
آهي:
ڪمزور ۽ مجبور ڏسي مُرڪين ٿو،
مظلوم جي زخمن تي نمڪ ٻُرڪين ٿو،
جنهن وقت ٿو مظلوم گهُري حق
پنهنجو،
اُن وقت ڇو سرڪار! ڀلا ڪُرڪين ٿو!؟
(ٽه-ماھي مھراڻ، سنڌي ادبي بورڊ
حيدرآباد / ڄام شورو، ۲-۳/۲۰۱۷ع تان ٿورن
سان کنيل)
No comments:
راءِ ڏيندا